آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون ايندڙ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري.
Title Cover of book زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

تاريخ، سچ ۽ هڪ راڻو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ جستجو جو نالو آهي، جيڪا سڄي جستجو هڪ تاريخ جوڙي ٿي، جيڪا تاريخ سچ، ساڃهه ۽ سُرت جا پيچرا ڏسي ٿي.مشڪلاتن کي منهن ڪئين ڏجي، ڀوڳنائن سان مهاڏو ڪيئن اٽڪائجي، سورن لاءِ ڪهڙي سُتي وٺجي؟ معاشري کي پاڻ وهيڻو ۽ صحت مند ڪئين بڻائي سگهجي ٿو؟ جيئن معاشرو، امن، شائستگي، سرت ۽ ساڃهه جو گهوار بنجي وڃي، انهي لاءِ غور و فڪر جا گس ڊاڪٽر راڻا جي زندگي جي سفر مان ڳولي سگهجن ٿا، ڪنهن به شخصيت کي پرکڻ لاءِ ان جي سموري پٽ کوهه جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو، جنهن کي مختصر، سادي ۽ سلوڻي نموني سان پيش ڪيو آهي، پر ان جو جديد سائنسي بنيادن تي پرکي مطالعو ڪرڻ سان ڪيتريون ئي اهڙيون هڙون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي سنڌ جي تاريخ کي جديد بنيادن تي جوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، يا خواهشمند آهن، مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر راڻا جي زندگي جيڪا جستجو آهي، اُها روايتي ۽ لکيل تاريخ کان هٽيل آهي، ڪنهن درٻاري جي تاريخ ناهي، هي ڪنهن عام رواجي واقعن جو مجموعو ناهي، هي هڪ پورهيت جي پٽ جي اُها آتم ڪٿا آهي، جيڪا سماج کي ڌوڏڻ، ڏاڍ ۽ جبر کي لوڻ وارن نسخن مان ڪارائتو نسخو آهي، جيڪو صرف جياپي لاءِ ناهي پر جياپي کي جٽادار بڻائڻ، ٻين ۾ حوصلو ۽ همت پيدا ڪرڻ وارو هڪ نادر نسخو آهي، اها سٽ ته هو هتان جي ميگهواڙ جاتي مان پهريون ڊاڪٽر (ايم بي بي ايس) آهي، لکڻ، چوڻ ۽ مان ڪرڻ ۾ هڪ عام فهم سادو ۽ سولو جملو آهي، پر تاريخ جي پاڙهوئن لاءِ هڪ وڏي اهميت ۽ افاديت جو حامل آهي، جيڪي سنڌ ۽ خاص طور تي ميگهواڙ جاتي جي تاريخ کان واقف آهن.
ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ اهڙي ماحول ۾ اک پٽي ٿو، جتي سندس ڪڙم، قبيلي، جاتي کي زندگي جي هر موڙ تي ڌڪاريو وڃي ٿو، انهن جي احساسن، امنگن، خدمتن کي جنم ڏيڻ به نٿو ڏنو وڃي، هو ڏسي ٿو ته سندس آسپاس سندن جاتي انساني اڻ برابري واري اڏي تي لڇندي رهي ٿر پر هي شخص ڪاتي هيٺيان ڪنڌ، پوءِ به نعراءِ نينهن جا هڻي ميدان عمل ۾ نڪري ٿو. هن جو حوصلو هن جي همت، هن جا جذبا ڀالا ۽ ترڇيون بڻجي ميدان ماريندي مورچا سر ڪندي پنهنجي منزل طرف روان ۽ دوان رهي ٿو. هو ڪئين پڙهيو ۽ ڪڙهيو. هن ڪئين ڪشالا ڪڍيا، هن مسيحا بڻجڻ کانپوءِ ڇا ڇا ڀوڳيون. اهائي ته اسان جي تاريخ آهي، جيڪا درٻاري تاريخ جون ڌڄيون اڏائي ٿي سگهي. راڻي مينڌري جي مومل ته دل برداشته ٿي، غلط فهمين جي ٻلي ٿي چڙهي پر هن راڻي جي مومل ته حوصلي ۽ همت سان جيئندي رات جي اونداهي ۾ بزدل ۽ پنهنجن قاتلن جي هٿن گولين جو کاڄ بڻجي پر هي راڻو ڪنهن جو درٻاري ٿيڻ بدران وري ساڳي حوصلي ۽ همت سان کيرپاڪ پٽ سميت باقي معصوم پٽرن کي پتا واري شفقت سان گڏ ماتا واري ممتا سان پالي نپائي علم جي زيور سان آراسته ڪري پنهنجي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پيچرا ٺاهي ڏي ٿو. وار وار نمسڪار آهي، ان عظيم انسان کي جنهن ماڻهپي کي مان ڏنو، جيڪو بي سهارن لاءِ سهارو بڻيو، جيڪو درد مندن جو درمان بڻيو، جنهن اسان کي اهو سبق سيکاريو ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ارپڻو ٿو پوي. هن اهو سولي سمجهايو ته علم کانسواءِ انسان جهالت جي جهنگ ۾ جانورن جو کاڄ ٿو بڻجي۔

معصوم ٿري، جهڏو