ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي جو تعليم سنوار
اسپتال ۾ ايندڙ جنهن به اگهي سان مليو ته ان کي پنهنجو گرو ديو بنائي ڇڏيائين. پاڻ سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعي ۾ الائي ڪڏهن سول سرجن رهيو، پر اتان جا ماڻهو اڄ به علاج لاءِ ڊاڪٽر راڻو راڻو ڪندا وٽس ميرپورخاص مومل ميڊيڪل سينٽر سيٽلائيٽ ٽائون پهچن ٿا. سڄو ڏينهن مريضن جي وچ ۾ رهڻ جي باوجود پاڻ سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، سارڪ ملڪن جو سير سفر ڪرڻ ۽ انهن يادن کي به ڊائري ۾ محفوظ ڪرڻ جيڪو اعليٰ ذوق آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ميڊيڪل آفيسر ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ڊگهڙي، لاڙڪاڻو، بلوچستان جي شهر ٻيلا ۽ گهڻو وقت سول سرجن سانگهڙ ۽ ٺٽو رهيو ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ 20- هين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.
ڪبيرا جب سنسار ۾ آئي، جڳ هنسي تم روئي
ايسي ڪرني ڪر چلو، تم هنسو جڳ روئي (ڪبير ڀڳت)
ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي پڙهائي خود ٿر جي شاگردن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، هن پسماندهه برادرين ۾ تعليم وڌائڻ لاءِ ايجوڪيشنل سوسائٽيون ٺاهيون، ٿر ۾ دورا ڪري پرچار ڪيو. هينئر به 84 سالن جي ڄمار ۾ سجاڳي جي سڏن ۾ شموليت، فلاحي ڪمن ۾ سهائتا ۽ سرواڻي ڪندو رهي ٿو. هن بافضليت ۽ باڪردار انسان جو وجود هن ڌرتي تي باعث ڀلائي آهي. آرين هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ شرط رنگ ۽ نسل جو بنياد وڌو، پر ميگهواڙ قبيلو آرين کان اڳ سنڌو تهذيب جو رکوالو آهي. شاهان گجر ۾ ايس صادق علوي، رقم طراز آهي ته هي اصل راجپوتانا جا آهن، جو پوءِ گجرات ۽ ڪڇ کان ٿر تائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويٺا. هينئر جيڪي سنڌ ۾ ميگهواڙ زياده رهن ٿا. انهن جي ٽن نسلن تيزي سان علم حاصل ڪري پاڻ کي تعليم جي حسن سان قابل احترام ڪيو آهي. هن ڪميونٽي ۾ ايڏيون ته مهان شخصيتون موجود آهن، جن کي آئيڊيل وٺي سندن برادرين نسل سڌارڻ شروع ڪيا، جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ڊاڪٽر سونو مل کنگهاراڻي، استاد ساجن داس، وڪيل ارجن داس (پنو عاقل)، سگالچند (ننگرپارڪر) ٻيجل مل لنجار (رڻ ڪڇ) ڊاڪٽر جوڌو مل (عمرڪوٽ) صحافت ۾ معصوم ٿري (جهڏو) ڊاڪٽر جئه مل ڌناڻي سياستڪارن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ (جيڪو ميگهواڙ ڪميونٽي لاءِ نيلسن منڊيلا ثابت ٿيو آهي)، سينيٽر انجنيئر گيانچند (ڏيپلو) موسيقار استاد تاراچند (ڀٽ شاهه) ڊاڪٽر چيلارام (ڇور ٽيڀري) ڪستور چند چيلاڻي (راجوڙو) مهراڻ مل بانبنيا (عمرڪوٽ) رتنا ٻائي (ٽنڊو محمد خان) ۽ ٻيا هر فيلڊ ۾ موجود آهن جن کي ڪميونٽي جو هر فرد قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ڪن محققن جي راءِ آهي ته ميگهواڙن جي هڪ نک مان وطن جي محبت جي علامت مارئي هئي ۽ حوالي طور لطيف جو بيت ته ”ماڙيچي ماڙين ۾ مورئون ڪيم رهي“ ۽ اهڙيون ٻيون سٽون به گواهي طور پيش ڪن ٿا ته مارئي، ميگهواڙن جي ماڙيچا نک مان هئي. اهڙي طرح انڊيا جي شهر مليار ۾ مينگو انٽرنيشنل نمائش لڳي ان ۾ هڪ ميگهواڙ آبادگار هڪ انب جي جنس تي پنهنجي ڌرم پتني جي ياد ۾ نالو ”سندري“ رکيو، جنهن انب جا قلم ۽ پتا بعد ۾ سنڌ ۾ ميرپورخاص هارٽيڪلچر سينٽر پهتا، جن جي پيوندڪاري ڪري چڪيون تيار ڪري زميندارن کي ڏنيون ويون. خان صاحب دين محمد جوڻيجي اهي چڪيون لڳائي جيڪي انب تيار ڪيا، انهن تي نالو پنهنجي ڳوٺ سنڌڙي جي نسبت سان رکيائين، اهڙو حوالو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ موجود آهي. ”سولنگي قبيلي جي تاريخ کان علاوه آئينه قديم سنڌ، دائره معارف اسلام، ميگهه ونس اتهاس، جنت السنڌ ۽ هندو ڌرم جي ٻين ويدن ۾ پڻ ميگهواڙن بابت حوالا موجود آهن. ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ راٺوڙن جي تيرهن شاخن جو شمار راجپوتن جي ڇٽيهه خاندانن ۾ ٿئي ٿو، راجا قنوج راٺوڙ جنهن ”قنوج“ جو شهر ٻڌايو هو. سورج ونسي ڪل ۽ سام بن نوح جي هڪ پٽ ”ٻڌا“ جي نک دراوڙ جيڪي اڳ هنگلاج بت خان جي ديوي جا پوڄاري به هئا. تڏهن دراوڙن لس ٻيلي، لاڙ ۽ ٿر ۾ به حڪومت ڪئي ۽ باقاعده راٺوڙ ڊائنا سٽي سڏبي هئي، پراچين زماني کان راٺوڙ مان ”جوڳو“ ونس آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جوڳو ذات جو آهي. سندس وڏا ڪن حالتن جي ڪري اتر قنوج مان لڏپلاڻ ڪري جيسلمير کان سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ عمرڪوٽ تائين پهتا. جتان پوءِ هريار ٿر ۾ ڪجهه وقت رهڻ لڳا ۽ هتي اچي مالهڻ ديوي جا پوڄاري ٿيا. اٽڪل 16- هين صدي ۾ جاڳن جو ڪو خون ٿيو، جنهن بعد اتان لڏي عيسب فقير جي درگاهه (ڇور) ۾ پناهه ورتائون ۽ سندس اولاد عيسب فقير جو به مريد ٿيو، شجري ۽ نکن موجب ڪيترائي ڳوٺ ٺهيا، جن ۾ کيمي جو پار، چاڙهيار، ڀاڏاسندا، ڀاڏاري، کينسر، ڊپٻوڙي، کياڙو، ڏانڀاريو، پاٻوويرو، جوڳلار ۽ ٻيا مشهور آهن. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جو ڏاڏو هيمون ۽ پڙ ڏاڏو ڪيسو راٺوڙ ڳوٺ چاڙهيار ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪافي راج 1965ع ۽ پوءِ 1971ع جي جنگ کانپوءِ هندستان هليا ويا. ڊاڪٽر راڻا صاحب جو جنم 10- مئي 1934ع ۾ ٿيو، پاڻ 5 ڀائرن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي. سندس اسڪول ۾ داخلا 1940ع ۾ ٿي، ليڪن اسڪول پري هئڻ ڪري 2- سال پڙهائي کان محروم رهيو ۽ ٻيهر 1945ع ۾ ڊبل پروموشن ڪري پڙهيو ۽ ايئن 27- ڪلو ميٽر پري اسڪول گڊڙو سٽي ۾ پڙهڻ لڳو ۽ مڊل ڇاڇرو اسڪول مان 1950ع ڌاري پاس ڪيائين. علم جو سفر جاري رکندي 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1953ع جي بئنچ ۾ مئٽرڪ ۽ ڊي جي ڪاليج مان انٽر فرسٽ ڪلاس پاس ڪري پوءِ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1961ع ڌاري پاس ڪري ملازمت ۾ آيو ۽ عمر جا 60 سال پورا ڪري 20- هين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر راڻا ولد چانپارام راٺوڙ جنهن جي ماءُ شريمتي باري ٻائي جي ذات ڪڏيچا ۽ نک پرمار آهي، ڊاڪٽر راڻا کي 5 پٽ جن ۾ وڏو ڊاڪٽر سرجن جواهر لال، ڊاڪٽر گوهر راٺوڙ، ڊاڪٽر سردار راٺوڙ، انجنيئر نريندر راٺوڙ ۽ فنانس آفيسر جتندر راٺوڙ آهن. اهو به اهم نڪتو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر واري جي ڏکوئيندڙ سانحي کان پوءِ ٻي شادي نه ڪئي.
پاڻ 1952ع کان خوشيرام هريجن ٽرسٽ سان به وابسته رهي سيٺ هوندراج آوتراءِ راجپال سان سڄي سنڌ ۾ خاص طور ٿر ۾ اسڪالرشپ ورهائي ٿو. ٿرديپ جهڙي مصروف اين جي او ۾ جنرل باڊي جو ميمبر پڻ آهي. ان کانسواءِ نوڪري دوران 20 سال مختلف ضلعن ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو صدر رهيو ۽ ڪيتريون ئي ميڊڪل ڪئمپون لڳايون. هندو ميٿالاجي موجب 50 کان 75 سالن تائين ماڻهوءَ کي برهم چاري ٿي رهڻو آهي، جنهن ۾ خير خيراتون، ست سنگ، پوڄا پاٽ، رياضتون ڪرڻ وغيره. ان کانپوءِ کيس سنياس ۾ وڃڻو آهي، پر ڊاڪٽر راڻا صاحب پاڻ کي پوڙهو سمجهي ئي نٿو. پاڻ خوش پوشاڪ، خوش اخلاق، خوش طبيعت ۽ توڪل تي ڀاڙيندڙ انسان آهي، پنهنجي مسيحائي پيشي سان ناتو نڀائيندي اڄ به ميرپورخاص سيٽلائيٽ ٽائون ۾ سندس ”مومل ميڊيڪل سينٽر“ غريبن لاءِ هڪ سهارو آهي. سچ پچ ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي لاءِ هڪ تعليم سنوار آهي.
قائم سولنگي، ميرپورخاص
030773343200