باب پهريون: هالاڪنڊي جي تاريخ
مقامي طور اهو چيو وڃي ٿو ته هيءُ هالا پراڻا، ماضيءَ جي هڪ قديم، تاريخي ۽ نامي گرامي شهر هالا ڪنڊيءَ جو هڪ تسلسل آهي. ڇا واقعي ائين آهي يا هالا ڪنڊي توڙي هالا پراڻا هڪ وقت موجود رهيا آهن؟ انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن جي جواب لاءِ اسان کي هالا ڪنڊي جي تاريخ معلوم ڪرڻي پوندي. تنهن ڪري مناسب رهندو ته پهريائين هالا ڪنڊي جي تاريخ تي نظر وجهون.
[b]هالا ڪنڊي جو بنياد:
[/b]هالا ڪنڊي جي قدامت جي حوالي سان نامور مؤرخ رحميداد مولائي شيدائي لکيو آهي ته ”سنڌڙي سونهاريءَ جي جھونن شهرن مان موئن جي دڙي کان پوءِ ٻيون نمبر جھونو شهر هالا يا هالا ڪنڊي آهي. هي شهر مهاڀارت جي زماني ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن سنڌ جي ٻن قومن جاٽن ۽ ميدن پاڻ ۾ صلح ڪري هستناپور جي حڪومت کي منظور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو وچولو حصو نهايت سرسبز ۽ شاداب هو. برهمڻ آباد، پٽالا، نيزون ڪافري، منصوره، بانيه، ٿري، اگھاماڻو، احمد آباد، شاهپور، جوڻ، فتح باغ، نصرپور، خداآباد ، هالا ڪنڊي، خدا آباد اهي تختگاهه شهر وچولي پرڳڻي ۾ هئا. هالا ڪنڊي ۽ هالا (هالار) هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن.“
(سنائي، 2009، ص37)
شيدائي صاحب کان پوءِ هالا ڪنڊي جي قدامت جو قائل هڪ ٻيو مورخ ۽ ليکڪ محترم منور ارباب هالو صاحب آهي. ان صاحب پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب Halakandi and Halas in Historical Perspective ۾،جنهن جا ڪجهه صفحا گوگل بڪس تي پيل آهن، هالن جي ابتدا واري باب ۾ هالا ڪنڊي جي امڪاني قدامت تي مختلف رايا پيش ڪيا آهن.
سندس هڪڙو خيال اهو آهي ته ممڪن آهي ته حضرت عيسيٰؑ جي زماني ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هجي، جتي بادشاهه هال جا ماڻهو رهندا هجن ۽ پاڻ کي هال، هالار يا هالا سڏائين هجن. (ص 15) اڳتي هلي صفحي 38 تي لکيل آهي ته 69 عيسوي ۾ هال نالي سان هڪ حاڪم آندرا ونش ۾ هو. چيو وڃي ٿو ته کيس مرڪزي سنڌ جو علائقو پسند هو، تنهن ڪري هن اتي هالا ڪنڊي ٺهرايو. سندس پونيرن واري سلطنت کي هالار سڏيو ويو، جنهن ۾ بنگال، ڪرناٽڪا (جتي اڃان توڻي هالا ڪنڊي نالي سان وستي آهي)، ڪشمير، گجرات ۽ سنڌ شامل هئا. هالي صاحب جو اندازو آهي ته شايد هال جي ماڻهن سنڌو درياءَ جي ڪنڌي تي اهو شهر وسايو هجي، جنهن کي هالا ڪنڊي سڏيو ويو ۽ انهن ماڻهن پاڻ کي يا ٻين پاران کين هالا چوڻ شروع ڪيو هجي. (هالو، 2014، ص 38)
سندس ٻيو خيال اهو آهي ته جڏهن محمد بن قاسم هتي آيو ته ان زماني ۾ هالا قبيلي جي هڪ نک جات يا جت سان لاڳاپيل حڪمران چندر رام سوستان يا سيستان (هاڻوڪي سيوهڻ) جو حاڪم هو. سندس رياست کي هالا ڪنڊي سڏيو ٿي ويو، جيڪا هن محمد بن قاسم هٿان وڃائي ڇڏي. ان بعد هو ڪجهه عرصو رلندو رهيو. وري هو سيوهڻ تي حملا آور ٿيو ۽ ان تي قبضو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم کي خبر پئي ته هن ٻه هزار پيادا ۽ هزار سوار فوجي اماڻيا. هن دليري سان مقابلو ڪيو پر مارجي ويو.
(هالو، 2016، ص 15)
سندس ٽيون خيال اهو آهي ته هالا ڪنڊي جو وجود ڇهين صدي هجري يعني1203ع ڌاري هو. (هالو، 2014، ص 42)
بهرحال سومرن جي دؤر ۾ هن وستي يا علائقي جي وجود ۾ هئڻ جا اڻ سڌا حوالا تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا. مثال طور سنڌ جو هڪ ٻيو مورخ محترم ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh ۾ سومرن واري باب ۾ لکيو آهي ته جڏهن سال 1092ع بمطابق 485 هجري ۾ دودو پهريون گذاري ويو ته هن جي ڀيڻ تاري پنهنجي صغير ڀاءُ سنگهار جي جاءِ تي حڪمران ٿي. هن ٻارهن سالن کان پوءِ 491 هجري يعني 1097ع ۾ اقتدار پنهنجي ڀاءُ سنگهار جي حوالي ڪيو. هي پڻ پنهنجي والد وانگيان بهادر حاڪم هو. هن پنهنجي حڪومت جو دائرو تاريخي معصومي موجب هالا ڪنڊي تائين وڌايو. (پنهور، 1983، ص 229 ۽ 230)
ياد رهي ته سنگهار جي حڪمراني جو دؤر 1098ع کان 1106/07ع تائين رهيو. تنهڪري اسان اهو سمجهون ٿا ته ان دؤر ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”هڪ روايت تحت اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنگهار نالي هڪ سما سردار هالا ڪنڊي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين پنهنجي حڪمرانيءَ جو دائرو وڌايو. اگر اها روايت درست آهي ته پوءِ هالا ڪنڊي، ٺٽي جي سما ڄامن جي اقتدار ۾ اچڻ (750 هجري) کان به اڳ اٺين صدي عيسوي ۾ مکيه وستي هئي. سنگهار يقينن انهن کان اڳ جو هو، ڇو ته هو ٺٽي جي ڄامن مان نه هو.“ (بلوچ، 2012، ص 245)
پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب An Ilusstrated Historical Atlas of Sommra Kindom of Sindh جي باب 13 ۾ هن طرح بيان ٿو ڪري ته ٺٽي کي فتح ڪرڻ کان اڳ ئي محمد تغلق سونڊا ۾ امڪاني طور زهر وگهي گذاري ويو.... سندس پونير حڪمران فيروز شاهه تغلق کي سونڊا کان ٽنڊو محمد خان، نيرون ڪوٽ، نصرپور، هالا ڪنڊي، سيوهڻ وارو زميني رستو وٺي دهلي ورڻو پيو. (پنهور، 2003، ص 89)
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هو، پر پنهور صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي نقشا ڏنا آهن، انهن ۾ هو چوڏهين صدي جي شهرن ۾ هالا ڪنڊي جو ذڪر نٿو ڪري. البت باب 22 بعنوان Religion and Mysticism during Soomra Rule ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته اوليائن جو هڪ وڏو تعداد اندرون سنڌ جي مکيه جاين جهڙوڪ بوبڪ، نورائي، بڪيرا، نوتيار ۽ هالا ۾ موڪليو ۽ ورسايو ويو. (پنهور، 2003، ص187)
ان ساڳئي باب ۾ قديم وقت کان وٺي سنڌ اندر مکيه برادرين جي عام مذهبي مرڪزن واري فهرست ۾ هالا ڪنڊي جو اندراج 63 نمبر تي آهي. ان فهرست ۾ ڏنل اندراج موجب هن مرڪز ۾ نه صرف مسلمان اوليائن جا مقبرا آهن، پر ساڳئي وقت اهو تجارتي مرڪز به آهي. (پنهور، 2003، ص 194)
نامور مؤرخ ۽ عالم جناب ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سيلاني“ ڀاڱو پهريون (صفحو 144) ۾ لکيو آهي ته: هيءُ شهر سمن جي صاحبي ۾ 1422ع ڌاري ٻڌايو ويو. پر اسان اڳيان ڏٺو ته هي وستي ان کان به اڳ ۾ قائم هئي.
محترم غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ (صفحو 77) ۾ سمن جي دؤر ۾ جيڪي اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز ڄاڻايا آهن، تن ۾ هالا ڪنڊي کي به شامل ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ پنهور صاحب چوڏهين صدي ۾ موجود شهرن ۾ هالا ڪنڊي نٿو ڳڻي، پر جيڪي سندس جيڪي ٻيا حوالا مٿي پيش ڪيا آهن، تن مان ظاهر آهي ته ان زماني ۾ هن شهر يا وستي جو وجود ضرور هو، پر ائين کڻي چئجي ته ان زماني ۾ هي ايترو معروف نه ٿيو.
منهنجي ذاتي خيال ۾ هن واهڻ يا وستي جو وجود ڪافي عرصو اڳ کان هو، پر هن کي ناموري سمن جي دؤر ۾ حاصل ٿي، ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ سمن جي دؤر (1522ع - 1351ع) کان هن شهر جو ڪافي ذڪر ملي ٿو. هن جو اوج ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر ۾ ٿيو. ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ هي شهر دريا جي حوالي ٿي ويو.
[b]هالا ڪنڊي تي اهو نالو ڪيئن پيو:
[/b]هالا ڪنڊي تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان سلسلي ۾ مختلف ماڻهن مختلف رايا پئي ڏنا آهن. هڪڙو سادو رايو اهو آهي ته جيئن ته هن علائقي ۾ ڪنڊي جا وڻ گهڻا هئا، جيڪي هالا اربابن جي ٻنين ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري ان ڪري هي ماڳ هالا ڪنڊي سڏيو ويو.
محترم منور ارباب هالو صاحب پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ نالي جي حوالي سان امڪاني لفظن ڪنڊي توڙي ڪنڌي جي حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن. انهن مان هڪ موجب قديم وقت ۾ ويندي ويجھي ماضي تائين هن علائقي ۾ گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، جن ۾ ڪنڊي جا وڻ گهڻا هوندا هئا. جن کي شايد بادشاهه هال جي پويان هال جون ڪنڊيون سڏيو ويندو هو. ائين پوءِ اهو ماڳ هالا ڪنڊي بنيو هجي.
هالي صاحب جو ٻيو رايواهو آهي ته اهو لفظ ڪنڌي يعني دريا جو ڪنارو ٿي سگهي ٿو. سندس خيال ۾ هالا قبيلي هي شهر درياءَ جي ڪنڌي تي اڏيو آهي، تنهن ڪري اهو هالا ڪنڌي اڳتي هلي هالا ڪنڊي ٿيو هجي.
(هالو، 2016، ص 16)
پر پاڻ ڪهڙي راءِ جي حق ۾ آهي، اهو ظاهر نٿو ٿئي.
هڪ ٻيو مورخ محترم عبدالله ورياهه نالي جي اصليت تي بحث ڪندي لکي ٿو ته ”هالن پراڻن جي رهاڪو قاضي غلام محمد قريشي صاحب جن جو چوڻ آهي ته ڪند قديم مشرقي ايراني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳوٺ. روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند نالن جھڙا ڪافي شهر آهن، هالا ڪنڊي جو آخري لفظ ڪنڊي اصل ڪند تان ورتل آهي.“
وري اڳتي لکي ٿو ته ”سنڌ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي هالي سمي جو ڳوٺ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ هوندو هو جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو هالڪنڊي پئجي ويو.“
هڪ پاسي پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هيءَ آبادي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ٿي، جڏهن ته اهو واضح آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ انهن جو ڳوٺ به قائم هو، ان ڪري کين ڪنڌيءَ وارا هالا ڪري سڏيندا هجن ۽ اهوئي نالو هالا ڪنڌيءَ مان ڦرندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. بهرحال هن باري ۾ ڪا ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگھجي ته ڪهڙي راءِ صحيح آهي. البته هن تي سڀ متفق آهي ته هالا نالو هالا ذات تان پيو آهي، جن جي هتي زمينداري هوندي هئي.
وري ٻي پاسي ائين لکي ٿو ته ”هالا ڪنڊي بابت ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ ڪا ڳالهه واضح نه آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. پر عام طرح ماڻهن ۾ اهو مشهور آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ گھڻا هوندا هئا ان ڪري هن ڳوٺ تي هالا ڪنڊي نالو پيو.“
”مٿي جيڪي ٻه رايا هئا، ڪنڌي وارا هالا ڦري هالا ڪنڌي وري هالا ڪنڊي ٿيڻ، ۽ فارسي ۾ شهر کي ڪند چوڻ واري روايت، تن تي سوچي ويچاري ڪا حتمي راءِ ڏيئي سگهجي ٿي.“ (سنائي، 2009، ص 70 ۽ 71)
سوز هالائي صاحب هالا ڪنڊي جي نالي تي پنهنجي راءِ اها ٿو ڏئي ته ” .... منهنجي تحقيق موجب ڪنڊ سنڌي ٻولي جي ڪوهستاني لهجي وارو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي علائقو، ڳڙهه، جوءِ، ۽ تر وغيره... ڪوهستان ۽ لاڳيتو جابلو علائقي ۾ ڪنڊ جي نالي سان ڪيترائي ڳوٺ مشهور آهن. جن ۾ مهان راڳي استاد محمد جمن جو اباڻو ڏاڏاڻو ڳوٺ ڪنڊ جهنگ شامل آهي، جيئن ته شاهه محمد هالي جي هالا ڪنڊي وارو علائقو ڪوهستان سان لاڳيتو هو، سو ممڪن آهي ته ڪنڊ لفظ به هالار مان هجرت ڪري هالا آيو هجي ۽ هالڪنڊي بنجي ويو هجي.“ (سوز هالائي، 2008، ص 30)
منهنجي پنهنجي ذاتي خيال ۾ هالا ڪنڊي ۾ لفظ هالا هتي جي رهواسين هالا برادري جي حوالي سان آهي، باقي رهيو ٻيو لفظ ڪنڊي، ته منهنجي خيال ۾ فارسي جو ڪند يا بلوچي جو ڪنڊ وارو نڪتو صحيح ٿو لڳي. باقي ڪنڊي جي وڻ وارو مفروضو درست نه آهي. البت ڪنڌي واري نڪتي تي به وڌيڪ بحث مباحثو ڪري سگهجي ٿو.
[b]هالا اربابن جي اولين وستي:
[/b]مٿي اسان اڳ ۾ ئي لکي چڪا آهيون ته هالا ڪنڊي ۾ لفظ هالا هتي جي هڪ برادري هالا جي نمائندگي ڪري ٿو. هالا اڄ ڪلهه ارباب سڏيا وڃن ٿا. ان حساب سان هي هالا اربابن جي اولين وستي آهي. محترم منور هالو ارباب جي خيال ۾ هالن جا وڏڙا هالا جبل سان هيٺ لهي اچي هالا ڪنڊي ۾ ورسڻ لڳا. جڏهن اهو ٻڏي ويو ته اهي هالا پراڻا يا خانوٺ لڏي آيا. انهن کي خانوٺي هالا سڏجي ٿو ۽ اهي ئي شاهه محمد هالي جا اصلي پونير آهن. انهن مان ڪي وري هالا نوان ۾ وڃي ويٺا. ڪي ماڻهو وري پاڻ کي خالص هالا سڏائڻ جي بجاءِ، پنهنجي مکيه اڳواڻ يا علائقي جا حوالي سان پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا.
جيڪي ڳوٺ ڀين ۾ ويا ته انهن کي پاڻ ڀيان هالا سڏايو. جيڪي سالارو ۾ ويا سي سالاريا ٿيا، جيڪي ڀاڻوٺ ۾ ويا، سي ڀاڻوٺي سڏيا ويا، جيڪي ڳاهوٺ ۾ ويٺا، سي ڳاهوٺي ٿيا، جيڪي جراريا ڳوٺ ۾ ويا، سي جراريا هالا ٿيا. پر هاڻي جراريا ڳوٺ نه آهي، تنهن ڪري اهي جراريا هالا هالا نوان ۾ رهن ٿا. (هالو، 2014، ص 44)
هن جي خيال ۾ جراريا هالا هالن جي برادري جا اصل اڳواڻ هئا ۽ کين سمن سلطانن پاران ارباب جو لقب مليل هو. پر پنجاه واري ڏهاڪي کان پوءِ هر هڪ پاڻ کي ارباب سڏائي ٿو.
ٻي پاسي اربابن جي نکن جي حوالي سان سوز صاحب لکيو آهي ته شاهه محمد هالي کي پنج پٽ هئا، جن جا نالا هئا، 1. خانو، 2. سالار، 3. ڳاهو، 4. ڀاڻو، ۽ 5. ڀيئن. انهن سڀني کي هن صاحب پنهنجي ايامڪاري ۾ علائقا ورهائي ڏنا. ان ورڇ جي حساب سان خانو کي جيڪو علائقو مليو تنهن کي خانوٺ سڏيو ويو. سالار کي جيڪو علائقو مليو، تنهن کي سالاريو سڏيو ويو. اهو علائقو هن وقت درياهه جو ڪچو آهي. ڳاهو کي جيڪو علائقو مليو، تنهن کي ڳاهوٺ چيو ويو ۽ ڀاڻو واري علائقي کي ڀاڻوٺ سڏيو ويو، ڀيئن کي مليل علائقي کي ڀيئن سڏيو ويو. پاڻ شاهه محمد هالي وچ وارو علائقو يعني هالا ڪنڊي ديهه جهرڪي پاڻ وٽ رکيو. (سوز هالائي، 2008، ص 29)
[b]متعلوي سادات جو اولين مسڪن:
[/b]ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي بيتن واري ڪتاب ۾ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطيف جي حوالي سان لکيل ڪتابن ۾ متعلوي ساداتن جي جد امجد سيد مير علي شاهه جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته سيد علي هراتي وڏي اثر رسوخ وارو شخص هو. جڏهن ايران ۽ مرڪزي ايشيا جو ترڪ ۽ منگول حڪمران امير تيمور(1336-1405) (جنهن کي تيمور لنگ به سڏيو وڃي ٿو) هرات ۾ 2 لک 62 هزار 3 سؤ 12 تعداد واري لشڪر سان وارد ٿيو، تڏهن سيد مير علي شاهه هراتي سندس خدمت ۾ مهماني طور لشڪر جي تعداد برابر رقم پيش ڪئي. امير تيمور انهيءَ مهمان نوازي تي خوش ٿيو ۽ ان جي فرزندن کي چڱن عهدن تي مقرر ڪيائين.
چيو وڃي ٿو ته جڏهن امير تيمور چڙهائي ڪري محرم جي مهيني، سال 801 هجري (سيپٽمبر 1398ع) ۾ هندستان فتح ڪيو، تڏهن سيد مير علي ۽ هن جا پٽ به ساڻس گڏ هئا. انهن مان سيد حيدر پنهنجي پيءُ کان موڪلائي سير سفر ڪندي اچي هالا ڪنڊي پهتو.
ان زماني ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪمراني هئي ۽ انهن پاران ميران محمد نالي سان هالا ڪنڊي جي علائقي جو حاڪم هو. جنهن هالا قبيلي وارن تي ڪنهن مامري جي ڪري ڪو ڳرو ڏنڊ وڌو. سيد حيدر هراتي هنن جي پاران اهو ڏنڊ ڀري ڏنو. انهي احسان جي ڪري هالا قبيلي جي سربراهه شاهه محمد هالي ولد دريا خان هالي پنهنجي نياڻي فاطمه کي سيد حيدر سان پرڻايو. جيئن ته سيد حيدر جي والده جو نالو به ساڳيو هو، سو هن پنهنجي گهرواري جو نالو بدلائي بي بي سلطان رکيو.
جڏهن کيس هالا ڪنڊي ۾ رهندي سترهن کن مهينا ٿيا، تڏهن هن کي پنهنجي والد جي وفات جي خبر پهتي. سندس گهر ۾ اميدواري هئي. هالا ڪنڊي مان روانگي مهل وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي تي مٿس ڏاڏس جو نالو مير علي رکيو وڃي. پنهنجي منڊي، جڙدار خنجر ۽ هراتي ٻانهي نشاني طور ڇڏي پاڻ هرات روانو ٿيو ۽ پيءُ جي وفات سببان اتي ئي رهي پيو، تان جو ٽن سالن ستاويهن ڏينهن بعد وفات ڪيائين.
پويان هالا ڪنڊي ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو وصيت موجب نالو سيد مير علي شاهه رکيو ويو. هي جڏهن وڏو ٿيو ته هرات ويو، جتي پاڻ کي سيد حيدر جو پٽ تسليم ڪرائي پنهنجي چاچي شرف الدين کي وٺي، واپس هالا ڪنڊي آيو. اڳتي هلي مير علي شاهه سنڌي هتي شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ سيد شرف الدين شاهه ۽ احمد شاهه جي نالي ٿيا. سيد شرف الدين جو اولاد شرف پوٽا سيد ٿو سڏجي ۽ احمد شاهه جو اولاد ميرڻ پوٽا سيد ٿو سڏجي. هنن جا پونير مٽياري ۾ لڏي وڃي ويٺا.
سيد مير علي شاهه لاءِ ڪن جو خيال آهي ته هالا ڪنڊي ۾ فوت ٿيو ۽ ڪي وري ان جو وصال مٽياري ۾ ٻڌاين ٿا. ائين سندس مقبري لاءِ به مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته سندس آخري آرامگاهه مٽياري ۾ آهي، پر هالا پراڻا جا ڪجهه رهواسي ان خيال جا آهن ته هن جو مدفن هالا پراڻا ۾ آهي. موجوده شهيد محمد اسلم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي پويان جيڪو مقبرو آهي، سو هن ڏانهن منسوب ڪيو ٿو وڃي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ متعلوي ساداتن جي شجري جو ڇيد ڪندي سيد حيدر شاهه هراتي جي امير تيمور لنگ سان گڏجي اچڻ واري روايت کي ضعيف ٿو قرار ڏئي ۽ سندس خيال ۾ اهو صاحب امير تيمور جي حملي کان اڳ آيو هوندو. (بلوچ، 2000، ص 8)
بهرحال اهو طئيِ آهي ته هو هتي آيو، پرڻيو، سندس اولاد وڌيو ويجهيو. ان ڪري اسان هالاڪنڊي کي متعلوي ساداتن جو اولين مسڪن سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون.
سيد حيدر سنائي، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سائين جي ايم سيد، نامور سياستدان شاهه محمد شاهه، سابق وزير ۽ سينيٽر ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ، انگريزي ٻولي جي ناول نگار بينا شاهه انهي متعلوي ڪٽنب جا اهم شخص آهن.
[b]مخدومان هالا جو قديم مسڪن:
[/b]مخدومان هالا به جڏهن هرات مان لڏي هندستان ۾ آيا ته پهريائين پنجاب جي ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهيا. وري انهن مان ڪو اچي بوبڪن ۾ رهيو. بوبڪن مان مخدوم فخرالدين صغير سير سفر ڪندي ڪجهه عرصي لاءِ هالا ڪنڊي ۾ رهيو. روايتن ۾ آهي ته جڏهن هو هتان واپس ورڻ لڳو ته هتي جي رهواسين کيس هتي مستقل رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي. تنهن بعد هو هتي رهي پيو.
مخدوم فخرالدين صغير جي حوالي سان مير علي شير قانع لکي ٿو ته هي شيخ ابو نجيب سهروردي جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو هو.
(قانع، 1989، ص 382)
ان حوالي سان مخدوم جميل الزمان پنهنجي ڪتاب ”تذڪره مخدومان هالا“ (1790ع¬-1944ع) ۾ لکيو آهي ته مخدومان هالا جو موسس اعليٰ مخدوم فخرالدين صغير بوبڪن مان هجرت ڪري اچي هالا ڪنڊي ۾ ساڪن ٿيو، بعد ۾ سندس اولاد هالا ڪنڊي جي ڀرسان ٽوڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. مخدوم جميل الزمان جي خيال ۾ انهي زماني ۾ مٿي ذڪر ڪيل سيد حيدر شاهه هراتي به اچي هتي ورسيو هو. (مخدوم جميل، 2001ع، ص 66 ۽ 67)
ان نامور خاندان ۾ ڏهين صدي جو مجتهد ۽ وقت جو امام حضرت مخدوم نوح سرور پيدا ٿيو، جنهن هڪ پاسي قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير فارسي ۾ تحرير ڪيو ۽ ٻئي پاسي لکين ماڻهن کي پنهنجي روحانيت سان منور ڪيو. هن صاحب جو تفصيلي احوال اڳتي ايندو.
مخدوم نوح ۽ ان جا پونير ڪافي عرصي تائين هالا ڪنڊي يا ان جي ڀرپاسي ۾ قائم ڳوٺ ٽوڙي (قاضي غلام محمد قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب تاريخ درگاهه شريف هالا ۾ ان جي جاءِ وقوع جي حوالي سان لکي ٿو ته اهو موجوده هالا پراڻا کان اٽڪل ٽي ميل پرتي الهندي طرف دريا سنڌو تي واقع هو) ۽ پوءِ وري اسلام آباد (هالا پراڻا جو پراڻو نالو) ۾ رهيا آهن.
(قريشي، 2006، ص 3)
قريشي صاحب جي خيال ۾ مخدوم نوح جي سموري خاندان جي سڪونت هالاڪندي ۾ 1010 هجري بمطابق 1601-2ع تائين رهي. ۽ پوءِ لڳي ٿو ته هو اسلام آباد يا موجوده هالا پراڻا ۾ اچي رهيا. جتان اهي 181 سالن بعد 1191هجري يعني 1777-78ع ۾ موجوده هالا نوان ۾ وڃي ويٺا.
(قريشي، 2006، ص 32)
ياد رهي ته ان وقت جي اٺين سجاده نشين مخدوم مير محمد جن 3 ڊسمبر 1777ع تي مرتضي آباد (اڄوڪي هالا نوان) جو بنياد وجهي چڪا هئا. (مخدوم، 2010، ص 446)
هن صاحب ئي مخدوم سرور نوح ۽ ٻين بزرگن جا اجساد مطهرات به هتان کڻائي وڃي هاڻوڪي درگاهه مخدوم نوح ۾ دفن ڪيا.
(قريشي، 2006، ص 32)
[b]مخدوم ڀٽي بزرگن جو پراڻو اجھو:
[/b]هالا ڪنڊي جا ڀٽي بزرگ به هرهنڌ ڄاتا وڃن ٿا. انهن جو جد اعليٰ مخدوم عبدالله هو. هن صاحب جو اصل نالو ارجن بن وريه هو. پاڻ جيسلمير جو راجا هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي خيال ۾ هن صاحب جو نسب سورج ونسي راجپوت خاندان ۾ شري رامچندر سان ملي ٿو. (الانا، 1977، ص 154)
ڊاڪٽر بلوچ رهاڻ هيرڻ کاڻ جي جلد اٺين ۾ ڀٽي بزرگن جو احوال ڏيندي ٻڌايو آهي ته راجا ارجن نامور بزرگ بهاءُ الدين ذڪريا (وفات 1258ع يا 1262ع بمطابق 661 هجري) کي پنهنجي علائقي ۾ ان عذر تي اچڻ کان روڪيو، ته سندس اچڻ جي ڪري هن علائقي ۾ برسات نٿي پوي. بهاءُالدين ذڪريا بندش جي باوجود به جيسليمر پهتو. راجا کيس واپس ورائڻ لاءِ نڪتو ته اچي زبردست مينهن پيو. انهيءَ کانپوءِ راجا ارجن مخدوم زڪريا جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ راجائي ترڪ ڪري ملتان پهتو. جتي سندس تربيت ڪئي وئي. (بلوچ، 2008، ص 48)
هڪ مقامي مورخ ۽ استاد سائين عطا محمد صدر جي اڻڇپيل اردو مقالي ميرا سوهنا ديس هالا پرانا ۾ لکيل آهي ته مخدوم عبدالله کي مٽي جو لوٽو ڏئي چيو ويو ته هو سنڌ ڏي وڃي ۽ جتي اهو لوٽو ڀُري پوي، اتي ئي هو رهي پوي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هو جڏهن سنڌ ۾ ڀاڻوٺ جي ڀرسان ڳاهوٺ ڳوٺ ۾ آيو ته اهو لوٽو ڀري پيو. تنهن ڪري هي بزرگ اتي ئي ترسي پيو.
(صدر، 1997، ص 9)
سائين عطا محمد صدر موجب اهو واقعو 625 هجري (يعني 1227/28ع) ۾ ٿيو. اتي ئي سندس ٽن پٽن وفات ڪئي. سندس پڙ پوٽو مخدوم اسحاق ولد مخدوم محمد عمر اتان لڏي هالا ڪنڊي ۾ اچي رهيو. ڊاڪٽر بلوچ مطابق هو هالا ڪنڊي جي لڳ پنهنجو علحده پاڙو ٽوري جي نالي سان آباد ڪري ويٺو. کيس ٽي فرزند ٿيا: مخدوم احمد، مخدوم محمد ۽ مخدوم صدرالدين. (بلوچ، 2008، ص 49)
مخدوم احمد، مخدوم محمد، درويش ذڪريا بن مخدوم صدرالدين، مخدوم ابراهيم، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ ڪجهه ٻين ڀٽي بزرگن جو علحده احوال بزرگن ۽ مشاهيرن جي ڀاڱي ۾ ڏنو ويو آهي. بهرحال انهن کان علاوه هن خاندان ٻيا به ڪيترائي اهل الله ۽ ڪامل ولي پيدا ڪيا آهن، جن جو نالا آهن: مخدوم فتح الله ولد مخدوم احمد، مخدوم احمد ثاني ولد مخدوم فتح الله، مخدوم عبدالحميد بن مخدوم احمد ثاني، مخدوم عمر بن مخدوم عبدالحميد، مخدوم ابراهيم ولد مخدوم عمر، مخدوم فتح الله ثاني ولد مخدوم ابراهيم، مخدوم عبدالحميد ثاني ولد مخدوم فتح الله ثاني، مخدوم رحمت الله ولد مخدوم عبدالحميد ثاني، مخدوم نعمت الله ولد عبدالحميد ثاني، حاجي دين محمد ولد عبدالحميد ثاني، مخدوم محمد يوسف، مخدوم صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب ڀٽي.
مير علي شير قانع انهن سڀني جو مختصر ذڪر پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ ڪيو آهي، جنهن موجب اهي سڀ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا عارف هئا.
[b]ٻيا قديم رهواسي:
[/b]هالا ڪنڊي جي چند قديم ذاتين جو احوال اڳيان آيو. انهن کان علاوه قاضي قريشي، آخوند ملان سانوڻي يعني عقيلي قريشي، آخوند صاحبان ۽ ميمڻ وغيره به هالا ڪنڊي جا قديم رهواسي سمجهيا وڃن ٿا.
قاضي قريشين جا اڪابر روايت ڪن ٿا ته انهن جو هڪ وڏو مخدوم صاحبن جي خاندان سان گڏ هالا ڪنڊي پهتو. انهي خاندان وري هنن ساڻ اچي هالا پراڻا ۾ رهائش اختيار ڪئي.
آخوند ملان سانوڻي يعني عقيلي قريشي به هتان جا قديمي رهائشي آهن. انهن جو حسب نسب حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ڀاءُ حضرت عقيل رضه تائين رسي ٿو. (مولوي ۽ قاضي، ص 3)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻئين (2010ع) جي ضميمي ۾ شامل آخوند سانوڻي واري مضمون موجب انهي خاندان جي پهرئين فرد جو نالو حاجي متين الدين لکيل آهي. ان کان علاوه مغل امير نواب سيف الله خان کي جڏهن ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن هن آخوند عبدالغفور سانوڻي هالائيءَ جي ڀاءُ آخوند عبدالسميع هالائيءَ کي پنهنجو نائب ڪري مقرر ڪيو، جنهن ٻن سالن تائين (1135-1137هه) تائين ڏکڻ سنڌ جو ڪاروهنوار هلايو، بعد ۾ رضي محمد خان پاران ٺٽي جي نوابي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ تي نواب سيف الله خان پاڻ اچي ٺٽي جي حڪومت کي سنڀاليو. نواب سيف الله خان جي وفات 9 ذوالقعد 1143هه تائين آخوند عبدالسميع سندس خاص اميرن ۾ شامل رهيو. (جلد ٻيو، ضميمو، ص 584)
هالا پراڻا جا عقيلي قريشي آخوند عبدالغفور جو اولاد آهن. جڏهن ته آخوند عبدالسميع جو اولاد ٺٽي ۾ عقيلي سڏجي ٿو. انهن مان الهه بخش سرشار عقيلي، ايوب دؤر جو وزير ايم اين عقيلي، ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عقيلي، مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي، سنڌ گورنمينٽ جو سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، ۽ ڪمشنر انڪم ٽئڪس عبدالواحد عقيلي نامور آهن.
هن خاندان جي ڪافي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر اڳيان شامل ڪيو ويوآهي.
[b]ولين ۽ سهروردي بزرگن جو قديم مرڪز:
[/b]ان کان علاوه ٻين به ڪافي بزرگن کي هالا ڪنڊي پنهنجي هنج ۾ تاتيو آهي. جن ۾ اهم ترين مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم شعيب لاخيال آهن. انهن بزرگن جو تفصيلي احوال مشاهيرن واري حصي ۾ ڏنل آهي.
مير علي شير قانع ٺٽوي به هالا ڪنڊيءَ کي هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرام گاهه سڏيو آهي.
فرانسيسي مورخ مشل بوون پنهنجي هڪ مقالي بعنوان Shivate Cults and Sufi Centres ۾ ارغونن ۽ سهروري بزرگن جي حوالي سان لکيو آهي ته چيو وڃي ٿو ته سهروردي اڳواڻن ارغونن خلاف مقامي آبادي جو ساٿ ڏٺو. تنهنڪري سزا طور ڪن سهروردي بزرگن کي سنڌ ڇڏي گجرات ۽ برهانپور وڃڻو پيو، جتي هو مستقل رهي پيا. ان دوران هالا جو ننڍڙو شهر، سهروردين جو مکيه مرڪز ٿي ويو. اهو صرف مخدوم نوح جهڙي عظيم صوفي پيداڪندڙ نامور خاندان باعث ٿيو. (بوون، 2008، ص 31)
پر هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو ته هالا ڪنڊي ان کان اڳ ئي سهروردي بزرگن جو مکيه مرڪز هو. ان حوالي سان محترمه ساره ڊي انصاري پنهنجي ڪتاب Sufi saints and State Power ۾ لکيو آهي ته ”چوڏهين صدي کان پوءِ صوفين جي هڪ لهر سنڌ ۾ وارد ٿي.... هالاڪنڊي سهروردي سلسلي جي سرگرمين جو مهندار مرڪز ٿيو.“ (ص 40)
[b]انتظامي هيڊڪوارٽر:
[/b]بهرحال هن وستيءَ جي اهميت رڳو عالمن ۽ الله وارن جي موجودگي باعث ڪونه هئي، پر هڪ ته هي علائقو درياءَ جي ويجهو هئڻ ڪرڻ ڪري زرعي طور زرخير رهيو آهي. ٻيو ته ان زماني ۾ منهنجي ذاتي راءِ موجب هن وستيءَ جي اهميت هتي قائم پتڻ جي ڪري به هئي، انهيءَ وقت اڄوڪي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ ڏانهن يا اُتر سنڌ مان ڏکڻ سنڌ اچڻ لاءِ هي پتڻ اورانگھڻو پوندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن ڄام فيروز سان وڙهي بکر ويو هو ته هتان اچي ٽپيو هو. ان کان علاوه خسرو خان چرڪس به جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ هتان درياءُ اڪرڻ لاءِ هتي پهتو هو، تڏهن کيس خبر ملي ته سندس ويري مرزا غازي بيگ فوت ٿي ويو آهي.
تحفة الطاهرين ۾ لکيل آهي ته مرزا شاهه ارغون جي وفات کان پوءِ سنڌ ٻن اميرن ۾ ورهائجي ويئي. سمنڊ کان هالا ڪنڊي تائين مرزا عيسي ترخان ۽ سيوستان کان بکر تائين سلطان محمود خان جي قبضي ۾ آيو.
(شيخ، 1990، ص 105)
اڳتي هلي هالا ڪنڊي خاص ڪري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر کان وٺي پرڳڻي يا ضلعي جي هيڊڪوارٽر طور حيثيت ماڻي. انهي دؤر جي ڪجهه اهم واقعن جو مختصر ذڪر اجايو نه ٿيندو.
[b]متفرق واقعا:
[/b]جڏهن همايون بادشاهه، شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ ڀٽڪي رهيو هو، تڏهن امداد واسطي پنهنجا سفير شاهه حسن ارغون جي دربار ۾ اماڻيائين. شاهه حسن ارغون سفيرن کي مان ڏيندي چيو ته جڏهن بادشاهه سڳورو هتي ايندو ته هن جي خرچ پکي لاءِ هالا ڪنڊي کان بٺوري تائين درياءُ جي هن ڪنڌي واريون زمينون هنن جي بلي هونديون. پر ارغونن پنهنجا علائقا هٿ سان اجاڙي ڇڏيا، ته جيئن همايون پريشان ٿي هتان هليو وڃي. واقعي به هو پريشان ٿي هتان هليو ويو.
تاريخ مظهر شاهجهاني، جيڪو ايم. ايڇ. پنهور جي خيال ۾ سنڌ جي سترهين صدي جي شروعاتي دؤر جو ڄڻڪ هڪ گزيٽيئر آهي، سو يوسف ميرڪ سال 1044 هجري / 1634ع ۾ لکيو هو. ان ۾ لکيو ويو آهي ته مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان ثانيءَ (وفات 1038 هجري/ 1628ع) کي جڏهن سيوهڻ سرڪار جي واڳ ڏني ويئي ته هن مقامي ماڻهن سان تعديون ڪرڻ شروع ڪيون. مغل عملدارن جي ظالمانه پاليسين جي ڪري سيوهڻ ۽ هالا ڪنڊي جي ڀرپاسي رهندڙ ڪجهه قبيلا خاص ڪري سميجا انڙ مغلن سان جهيڙڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ هن پرڳڻي جو نه صرف امن امان خراب ٿيو پر اقتصادي ابتري به ٿي. يوسف ميرڪ جي خيال ۾ هي پرڳڻو جنهن جي پيداوار ويهه لک دام ٿيندي هئي، تنهن کي تباهه ڪيو آهي. ان پرڳڻي مظفر خان معموريءَ جي زماني ۾اناج جا يارهن هزار خرار محصول ۾ ڏنا هئا.
هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو، جنهن هتي پهچي هالن جي لڳ ٺٽيءَ (يا ٽوڙي؟) جي ڳوٺ ۾ داٻو ڪيو، جو هالن (هالا ڪنڊي) کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو، جو خود هالا ڪنڊي سان ڪلهو ٿي هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ اتاولي مان هالا ڪنڊي جي ٿاڻيدار موسيٰ خان افغان سان هڪ جٿو گڏي کيس سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. هوڏانهن سميجن کي اڳواٽ ئي اها خبر پئجي چڪي هئي ته اجهو ٿو لشڪر حملو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ تاڙ ۾ هئا. جڏهن سڄي فوج انهن جي اجل لاءِ مينهن واءُ هڪ ڪندي رواني ٿي، ته هنن پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، ان جو انتظار ڪيو ۽ گس وٺي ويهي رهيا. جيئن ئي فوج سميجن جي وسندين کي ويران ڏسي پوئتي موٽ کاڌي ته سميجن هڪدم ان جي مٿان حملو ڪري ڪافي سپاهن کي ماري ڇڏيو. بهرحال ان ۽ ٻين واقعن کان پوءِ صمصام الدوله هالا ڪنڊي ۽ سماوتي پرڳڻن جي اربابن کي قيد ڪري پنهنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ جڏهن ڏٺائون ته هو ڏنڊ ڀري ڏيڻ جهڙا نه آهن، ته کانئن شرعي ظابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيائين. اهي مير ابوالبقا جي زماني تائين انهن ظابطن ۾ اڙيا رهيا، ليڪن پورا نه ٿي پئجي سگهيا.
هوڏانهن هن جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٺٽيءَ (يا ٽوڙي) جي ڳوٺ) تي سميجن وري راتاهو هنيو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. جيڪي بچيا، تن ڀڄي وڃي هالا ڪنڊي ۾ پناه ورتي. يوسف ميرڪ جي لکت واري زماني تائين انهيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پيئي واڪا ڪندي هئي۽ بقول ميرڪ جي ته ماڻهن جا جهڳا ڀينگ ڏسي هيانءُ پڄرڻ لڳي ٿو.
اڳتي هلي ڪري مير ابوالبقا جي ڪوشش سان هي پرڳڻو وري آباد ٿيڻ لڳو، جو هن سميجن انڙن تي ڪاهي، انهن جي ڪن پرين مڙسن کي مارائي، وينجهڙي ڳوٺ ۾ ترسي اتان قلعي جو گهيرو ڪري ... باقي فوج کي پنهنجي وچين پٽ ابوالقاسم جي سربراهي ۾ هالن تي مقرر ڪيائين.... پڇاڙي ۾ هتي هالا ڪنڊي ۾ ٽي هزار سوار ۽ ڏيڍ سو توبچي ۽ تيرانداز ٿاڻي طور رهايا ويا.“ (ميرڪ، 1994، ص ص 139 کان 142)
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب Sindh: Studies Historical جي مضمون The Tarikh Tahiri: The author and his work ۾ لکيو آهي ته مرزا غازي بيگ جو ٺٽي ۾ منتظم خسرو خان چرڪس آزادانه نموني ڪم ڪرڻ لڳو هو ۽ محصولن ۾ خرد برد ڪرڻ لڳو. هن انتطامي عهدن تي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي رکڻ شروع ڪيو. جن جو انصاف سان چاهه نه هو. نتيجي ۾ سندس مخالفت وڌي ويئي. ان ڪري مرزا غازي بيگ سائينڏني هندو خان کي ٺٽي جو مک مقرر ڪيو ۽ خسروخان کي قندار گهرايو. امڪاني طور سائينڏنو 1020 هجري (1611ع) ۾ نصرپور پهتو، جتي حالتون سڌاري هو ٺٽي ويو. ان بعد خسرو خان پٽن سميت قندار وڃڻ لاءِ هالا ڪنڊي پهتو، جتي کيس مرزا غازي بيگ جي موت جي خبر ملي. (بلوچ، 2002، ص 203)
سيوهڻ جي حوالي سان لکيل تفصيلي باب ۾ يوسف ميرڪ دوست ۽ دشمن قبيلن ۽ برادرين متعلق لکندي هو هالا ڪنڊي جي هالا برادري کي شاهي رعيت قرار ڏئي ٿو.
هن باب ۾ به سميجا انڙن سان مهاڏن جو ذڪر آهي. اهڙي ڪنهن مهاڏي جو احوال ڏيندي هو لکي ٿو ته مير ابوالبقا (يوسف ميرڪ جو ڀاءُ) سميجن جي پٺ وٺي کين هالا ڪنڊي تائين هڪليندو ويو. ٻي مهم ۾ هو سيوهڻ کان سميجن جي پويان لڳو. ٻي ڏينهن منجهند جو هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺن ۾ پهچي منگواڻن جي مٿان وڃي پيو.
”هڪ ڀيري ڪي سوداگر هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا جڏهن هالا ڪنڊي ۾ آيا ته کين دريا اڪري سيوهڻ ڏانهن وڃڻ ۾ دشواري نظر آئي، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پرئين پاسي سميجن جو راڄ هو ۽ اورئين پاسي کين جبل جيڏو پنڌ جهاڳڻو ٿي پيو. لاچار ڪن سميجن کي ساڻ ڪري.... اڃان سميجن جي ديهه ۾ پير پاتائون ته هو سوداگرن سان ڪيل سڀ اقرار پٺي پويان اڇلائي مٿن ڪاهي آيا ۽ ڌاڙو هڻي سندن اٺ ڪڍي ويا. ٻي ڀيري ٺٽي جا سوداگر اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جون ٻيڙيون ڀري درياهه مان ٿي آيا، ته ساڳيا سميجا ويچارن سوداگرن جي ڪيترن ماڻهن کي ماري، سڄو سامان ڦري ويا.“ (ميرڪ، 1994، ص 216 ۽ 217)
”درياهي رستي جي به اها حالت آهي جو سوداگر سيوهڻ واري گهٽ تائين پهچي ڪي ڏهاڙا اتي ترسي ٿا پون، جتي سڄو محصول سيوهڻ جي جاگيردار ۽ چوڪيدارن کي ڀري ٿا ڏين. اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين اچن ٿا. جتي وري محصول ڀري، ٻي چوڪي ساڻ ڪري هالا ڪنڊي تائين ٿا پهچن. ايڏي احتياط هوندي به اڪثر ٻيڙيون تاراج ٿين ٿيون ۽ سوداگرن جو قتل ٿي وڃي ٿو.“ (ص 273)
حالتون سڌارڻ لاءِ يوسف ميرڪ صلاحي ٿو ته ٺٽي مان سپاهي گهرائي هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺ ابڙيچن ۾ ٿمائجن، هالا ڪنڊي واريون سميجن جون ٻنيون هالا قوم جي حوالي ڪجن.
”هالا ڪنڊيءَ وارو ٿاڻو هميشه ٺٽي جي صوبيدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ٿيندو آيو آهي، اهو ٿاڻو وري ٻه سو سوارن ۽ هڪ سو توبچين سان ساڳئي پرڳڻي جي ابڙيجن واري قلعي ۾ قائم ڪرڻ گهرجي.“ (ص 278)
ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾ هينري بارنفورڊ جي حوالي سان لکيو آهي ته انهي صاحب سال 1639ع ۾ آگري کان ٺٽي تائين تجارتي حالتن جي جائزي لاءِ سفر ڪيو. تنهن به سيوهڻ کان هالا پراڻا وچ ۾ رهندڙ سميجن کي، جيڪي ان وقت جي مغل عملدارن سان جهيڙي ۾ هئا، واپارين لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. (ص 42)
ڊاڪٽر بلوچ ٽالپرن جي آخري حڪمران تي لکيل مضمون ۾ ڇهن سندن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل هيون. اهي سڀ مير شهداد خان جي حق ۾ جاري ٿيل آهن. ياد رهي ته مير شهداد خان مغل بادشاهه اورنگزيب جي زماني ۾ هالا ڪنڊي پرڳڻي جو هڪ زميندار هو. انهن سندن ۾ ڍلن ۾ ڇوٽ سان گڏ کيس هالا ڪنڊي پرڳڻي جي مختلف تپن ۾ ٻنيون ڏيڻ جا فرمان آهن. (بلوچ، 2002، صفحا 315 کان 322 تائين)
[b]هالا ڪنڊي جي بربادي جا سبب:
[/b]هالا ڪنڊي ۽ ٽوڙي جي بربادي جو مکيه سبب اهو آهي ته اهي وستيون درياءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿيون آهن.
ٽوڙي جي ٻڏي وڃڻ جي حوالي سان محترم قاضي غلام محمد قريشي صاحب لکيو آهي ته سال 1010 هجري (1601-02ع) ڌاري دريا خوردي جي ڪري پاڻي مقبرن ۽ مسجد شريف تائين پهچي ويو. ان ڪري سجاده نمبر 2 حضرت مخدوم ميان امين محمد جن جي زير اهتمام نعش مبارڪ منتقل ڪري، بمقام سرنار ڦاٽڪ، ملان سانوڻي ڀرسان اوريون دڪو، جتي ڊيهن آهن، يعني موجوده هالا پراڻا جي اتر اولهه ڪنڊ تي آندا ويا ۽ ان هنڌ جو نالو اسلام آباد رکيو ويو. اهو اسلام آباد اڄوڪو هالا پراڻا آهي.
(قريشي، 2006، ص 30)
مٿي اسان تاريخ مظهر شاهجهاني مان ڪجهه ٽڪرا ڏنا آهن. انهن ۾ هالا ڪنڊي جي ڀر واري ڳوٺ ٺٽي جو ذڪر آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ ٽوڙي هوندو. اهو ٽوڙي ڀلي کڻي دريابردي جو شڪار ٿيو هجي پر مٿين احوال مان ظاهر آهي ته مغلن عملدارن ۽ مقامي ماڻهن ۾ جهيڙي جي ڪري به اهو شهر برباد ٿيو، جيئن يوسف ميرڪ لکيو آهي ته اتي ڀنيگ ڏسي هنيان ٿو جهري. تنهن ڪري ان زماني ۾ ئي مخدوم صاحبن جي پهرئين لڏپلاڻ ٿي آهي، ۽ قاضي غلام محمد موجب اهي هالا پراڻا جي ڀر ۾ اسلام آباد ۾ اچي رهيا آهن.
هالا ڪنڊي ته دريا جي دڳ مٽ جو شڪار ٿيو آهي. سنڌو دريا جي دڳ مٽ جي حوالي سان ايڇ ٽي لئمبرڪ ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ۾ لکي ٿو ته ”هونئن ته ميجر ريورٽي اهو ڏيکارڻ لاءِ سڄو سارو نقشو چٽيو آهي ته اتر اولهه هندستان جا وڏا درياهه پوين هڪ هزار ورهين جي مختلف زمانن ۾ ڪٿان ڪٿان وهندا هئا ۽ سندن رخن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڦيرا ڪيئن ۽ ڇو آيا هئا، پر هي عجيب ڳالهه آهي ته هو سنڌو جي سنڌ اندر هڪ تمام نرالي ۽ وڏي دڳ مٽ رهائي ويو آهي، حالانڪه ان جو تاريخي رڪارڊ به موجود آهي. هي دڳ مٽ 1758-59ع ڌاري ٿي هئي، ۽ جنهن هنڌ درياهه پنهنجو پيٽ ڇڏيو هو، سو هنڌ لڳ ڀڳ 25 ڊگريون 40 منٽ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 28 ڊگريون 31 منٽ ڊگهائي ڦاڪ اندر، پراڻي هالا کان ٿورو هيٺ ڀرو هو. اتان درياء امالڪ وڪڙ کاڌو هو ۽ اڃا تائين کائي ٿو. ڇڏيل پيٽ ڏکڻ جي ٿورو اوڀر ۾ هلي ٿو. پراڻو پيٽ واري جي وڏن وڏن دڙن جي آڌار تي سولائي سان سڃاڻي سگهجي ٿو، توڻي جو انهن دڙن جي ڪري ترائي ذري گهٽ ميسارجي چڪي آهي، پراڻو پيٽ نصرپور ٽپي حيدرآباد کان اٽڪل پندرهن ميل اوڀر ۾، ويندي شيخ ڀرڪئي تائين سڃاڻڻ ۾ اچي ٿو. پر ان کان هيٺ اهو ايترو چٽو نه آهي. “ (لئمبرڪ، 1982، ص 337)
ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Six Thousand Years of Histoy of Irrigation in Sindh ۾ ان حوالي سان لکي ٿو ته ”ڪلهوڙا دؤر ۾ آبپاشي واري زراعت جي گهٽ ۾ گهٽ ايراضي سال 1758ع ۾ 2.1 ملين ايڪڙن تي پهتي، پر ان عرصي ۾ وڏي هائڊرالاجيڪل تبديلي به اچڻ شروع ٿي. ننڍي برفاني جڳ کان پوءِ واري گرم موسم جي ڪري دريائن جي وهڪرن ۾ واڌ آئي، جنهن جي ڪري 1755-56ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ تبديلي اچڻ لڳي. درياءَ پنهنجو نئون وهڪرو هالا کان حيدرآباد جي اولهه ۾ ٺاهيو ۽ پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان اڏيرولال، نصرپور، شيخ ڀرڪيو، جوڻ، پراڻي بدين ۽ رهڪي کان ڪوري ڪريڪ ويندو هو، سو ترڪ ڪيو. ان تبديلي جي ڪري 500 کن ڪئنال هالا کان مٿي شروع ٿيا ته وري هيٺ ڏي ايترا بند ٿيا. ٻي پاسي آبپاشي واري ايراضي 2.1 ايڪڙن مان گهٽجي 1.1 ملين ايڪڙ ٿي.
(پنهور، 2011، ص 211)
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب Sindh: Studies Historical جي مقالي بعنوان A Farman of Abu al-Baqa Amirkhan, Emperor Shah Jehan’s governor of Thatta ۾ چاڪر هالا سرڪار جي ايراضي جي گھٽجڻ جو هڪ سبب اهو به ڄاڻايو آهي ته درياه آهستي اولهائي پاسي ڏي وڌي وڌي نيٺ 1172 هجري/ 1758ع ۾ دريا هالا جي ڏکڻ اولهائي واري وهڪري کي ڇڏي هاڻوڪي وهڪري يعني حيدرآباد جي اوڀر پاسي واري کي اختيار ڪيو. (بلوچ، 2002، ص243)
محترم بدر ابڙي جي لکت موجب ”... هو 1758-59ع جو جاگرافيائي واقعو هو، جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو. انهي کان اڳ درياهه، هالا کان نصرپور طرف وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغلن، پٺاڻن، ۽ ايرانين به ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌوءَ ڪيو هوندو. هو پنهنجي دؤر ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون بدلائيندا پئي رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن 1758ع ڌاري درياهه پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سر ڏکڻ ڏانهن سفر شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌوءَ جو وهڪرو گدو بندر وٽان جاري ٿيو ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليليءَ جي صورت ۾ حيدرآباد جي اتر کان ڦُٽي هليو.
”....اهڙي ريت 1758-59ع ۾ نصرپور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر پئي وهيو، سو سڪي ويو. اهو ستر ميل وهڪرو هو، سنڌوءَ آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي مسلسل وهڪرا بدلايا هئا.“ (سنائي، 2009، ص 131)
ان حوالي سان سوز هالائي جو خيال آهي ته تن ڏينهين سنڌو دريا هالا جي اوڀر کان وهندو هو ۽ هالڪنڊي وارو علائقو درياءَ جي پرين پار هو. ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي حڪمران ميان غلام محمد شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سنڌو درياءَ جو رخ ڦيرايو ويو، ته هالڪنڊي جو وڏو حصو درياءَ جي اورئين ڀر اچي ويو، البت خانوٺ ۽ ڀيئن جا ڪجهه حصا پرئين ڀر رهجي ويا.
(سوز هالائي، 2008، ص 29)
سوز صاحب هالا جي جاگرافي جي حوالي سان لکيو آهي ته هالا جي پسگردائي ۾ ساڱرو واه وهندو هو، جيڪو شاهپور، نصرپور کان وهي اڳتي ويندو هو. اهو ساڱرو ڦاٽ شهدادپور جي سهڻي ڍوري کان تقريبن باقر جي موري وٽان ڦاٽي اڏيرولعل، شاهپور نصرپور کان اڳتي وهي ويندو هو. ساڱرو کان سواءِ سنڌو درياءَ مان مارک واهه به ڦاٽي نڪتو هو، جيڪو زير پير کان وهي سعيد آباد ۽ هالڪنڊي جو علائقو آباد ڪندو هو ۽ غالبن مارک واهه جي اٿل سبب ئي هالڪنڊي جو لهوارو ۽ هيٺاهون علائقو سيلاب کان متاثر ٿيندو هو ۽ مٿيون علائقو محفوظ رهندو هو. (سوز هالائي، 2008، ص 30)
هالا ڪنڊي جي دريا حوالي ٿيڻ کان پوءِ اتان جا رهواسي لڏي اچي موجوده هالا پراڻا ۾ ويٺا. ان هالا پراڻا جي ذڪر کان پهرئين مناسب رهندو ته هالا ڪنڊي جي اهم مشاهيرن جو احوال پيش ڪجي.