ضميمو ٻيو: هالا پراڻا جي پسگردائي ۾ موجوده شهر ۽ وستيون
[b]هالا نوان:
[/b]هن وقت هالا نوان سڀني کان وڏو شهر آهي، ۽ هالا تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر به آهي. هن شهر جو بنياد 3 ڊسمبر 1777ع (2 ذي القعد، 1191هجري) ۾ مخدوم سرور نوح جي اٺين نمبر سجاده مخدوم مير محمد ثاني المعروف مير پير (1738-1789) وڌو. ان وقت ان وستي جو نالو هن پنهنجي فرزند مخدوم غلام مرتضيٰ (مخدوم محمد زمان سوئم) جي نالي سان مرتضيٰ آباد رکيو. پر اڳتي هلي ڪري هيءُ شهر هالا نوان طور مشهور ٿيو. (مخدوم جميل، 2010، ص 446)
ياد رهي ته اهو مذڪوره مخدوم مير محمد صاحب هالا پراڻا ۾ 10 جون 1738ع ۾ ڄائو هو. سال 1770ع ۾ پنهنجي والد بزرگوار کان پوءِ مخدوم نوح جي مسند جو اٺون سجاده ٿيو. کانئس پوءِ نائون سجاده ميان محمد زمان ثالث ٿيو، جيڪو به هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. مخدوم نوح جو يارهون سجاده مخدوم امين محمد ثاني (1790-1836) پهريون سجاده هو جيڪو هالا نوان ۾ پيدا ٿيو. (مخدوم جميل، 2001، ص 86)
ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي لکي ٿو ته ان هنڌ تي اڳئي مخدوم حامد بن مخدوم نوح مدفون هو. (ڊاڪٽر قريشي، 2010، ص 20)
انهيءَ سجاده نشين ئي مخدوم نوح ۽ ٻين صاحبن جا نعش مبارڪ هالا پراڻا مان کڻي وڃي هالا نوان ۾ دفن ڪيا. اتي اها مسجد به جوڙائي.
هالا نوان انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ يعني ضلعي هالا توڙي تعلقي هالا جو هيڊڪوارٽر هو. ياد رهي ته انهي هالا ضلعي يا ڊپٽي ڪيلڪٽوريٽ ۾ 4 تعلقه هئا، جن نالا هئا، تعلقو هالا، تعلقو ٽنڊو الهيار، تعلقو شهدادپور ۽ تعلقو مير پور خاص. (گزييٽيئر، 1876، ص 198)
وقت جي ستم ظريفي چئجي يا اقتدار ڌڻين جي نااهلي، جو ان ضلعي جا ذڪر ڪيل تعلقا اڳتي هلي ضلعا ٿيا، پر پاڻ هالا ضلعي جي حيثيت وڃائي، هڪڙو ننڍو تعلقو ٿي ويو آهي.
ورهاڱي کان ٿورو اڳ مخدوم غلام حيدر قريشي صاحب هتي هڪ رهائشي هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو، جيڪو اڳتي هلي مخدوم غلام حيدر قريشي هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور ٿيو.
مخدوم غلام حيدر قريشي مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي مدد سان پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هالا نوان ۾ سروري اسلاميه ڪاليج کوليو، جتي پڻ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيو ويو.
انهن ٻنهي ادارن ۾ نه صرف هالا جا پر سڄي سنڌ جي پرانهن علائقن مان هزارين شاگرد پڙهيا آهن. بقول ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ته اسان ڪورين جا پٽ انهن ادارن جي باعث پڙهي سگهياسون.
ورهاڱي کان پوءِ هالا نوان هڪ اهم ادبي مرڪز ٿي ويو، جتي ڪيترائي علمي ادبي رسالا جھڙوڪ فردوس، شاعر وغيره ۽ اخبارون جھڙوڪ همدرد جاري ٿيون. سالن تائين هر هفتي نه صرف مشاعره ٿيا ۽ ٻيون ادبي بيٺڪون به ٿيون.
هن شهر پنهنجي قيام کان وٺي هيسيتائين لاتعداد عالم، اديب، ڪامورا، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مختلف پروفيشنل پيد اڪيا آهن.
[b]خانوٺ يا کاڻوٺ:
[/b]هالا پراڻا جي ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جيڪو ڳوٺ آهي، سو خانوٽ طور ڄاتو وڃي ٿو. ويجهڙائي ۾ اتان جي ڪجهه رهواسين پاران ان کي مسڪين شاهه خانوٺ جو نالو به ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته انهيءَ ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ دريا جي پرئين ڀر ۾ ضلعي ڄامشوري ۾ به آهي. تاريخ جي ڪن ڪتابن ۾ جنهن خانوٺ جو ذڪر آهي، سو خبر نه آهي ته ڪهڙو خانوٺ آهي، ڇو ته هالا ڪنڊي ذري گهٽ ٻنهي کان ساڳئي مفاصلي تي هئي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته هن پاسي واري خانوٺ جو ذڪر آهي.
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات بيان العارفين (جيڪو فارسي ۾ 1038هجري 1629ع ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغا گهر ٺٽوي لکيو، ۽ ان جو مڪمل ترجمو ۽ تشريح محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڪيو آهي) ۾ هڪ روايت آهي ”وقت جي قطب ۽ خدا جي پسنديده ٻانهي مخدوم نوح جو هڪ خاص مريد هو، جيڪو خانوٺ ۾ رهندو، تنهن کي حبس دم جي ايڏي پڪاوت هئي جو جڏهن خانوٽ کان نڪرندو هو ته اچي هالڪنڊي ۾ دم کوليندو هو. اهڙي طرح جڏهن هالڪنڊي مان روانو ٿيندو هو ته حبس دم ڪندو هو، جيڪو وڃي خانوٽ ۾ کوليندو هو. حالانڪ انهي ٻنهي شهرن ۾ اڌ پهر (ڏيڍ ڪلاڪ) جو پنڌ هو.“ (ص 274)
انگريز دؤر ۾ منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پاران سال 1292هجري/ 1876ع فارسي ۾ هڪ ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ لکيو. ان ۾ لکيو ويو آهي ته ميان غلام شاهه جڏهن 1172هه/ 1759ع ۾ بادشاهه ٿيو ته هن سال 1760ع ڌاري هالا ڪنڊي جي ڀرسان نئون ڳوٺ کاڻوٺ اڏرايو. (حيدرآبادي، ص 108)
ميجر جنرل ايم آر هيگ پنهنجي ڪتاب دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ به اهڙو ذڪر ڪيو آهي ته غلام شاهه 1759-60ع ۾ خانوٺ جوڙايو ۽ پوءِ ٻوڏ جي خطري ڪري ان کي ڇڏي سال 1762-63ع ۾ شاهپور جوڙايو، جيڪو هن جي خيال ۾ نصرپور کان چار ميل پرتي اوڀر ۾ وسندڙ شهر آهي.
(هيگ، 1894، ص، 120)
رحيمداد مولائي شيدائي به ان کي غلام شاهه جو تخت گاهه سمجهي ٿو. (سنائي 2009، حوالو پهريون ص 42)
پر ڊاڪٽر لاکو پنهنجي ڪتاب ڪلهوڙا دؤر حڪومت ۾ ان عرصي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پاران شاهپور اول جي قيام جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڇهه سال کن تختگاهه رهيو. (لاکو، 2004ع، ص 210) انهيءَ شهر جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته اهو شهر موجوده وقت ۾ شاهپور درپور جي نالي سان سڏجي ٿو.
منشي ٽوپڻ مل پنهنجي ڪتاب ۾ اڳتي هلي وري اهو لکيو آهي ته سال 1178هجري/1765ع جي بهار ۾ ميان غلام شاهه خاڻوٺ کي ڇڏي، هاله ڪنڊي جي ويجهو شاهه پور نالي شهر اڏايو. (ص 113) پر ڊاڪٽر لاکو صاحب ان ساڳئي عرصي ۾ شاهپور دوئم جي قيام جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته هي شهر تختگاه طور سال 1768ع تائين ڪم ڪندو رهيو. لاکي صاحب جي لکت موجب موجوده دؤر ۾ هن شهر بابت ڪجهه به معلوم ڪونهي. پر اشتياق انصاري لکي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ ان کي شاهپور اول جي ڀر ۾ ٻڌائي ٿو ۽ خداداخان ۽ غلام رسول مهر جي خيال ۾ اهو سڪرنڊ جي ڀر ۾ ننڍي واهڻ جي صورت ۾ موجود آهي. (انصاري، 2011، ص 192)
مير علي شير قانع به خانوٺ کي هالا ڪنڊي جي پرڳڻي جو مشهور ڳوٺ قرار ڏيندي لکي ٿو ته اتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن. هن صرف هڪ بزرگ چاندو شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو سندس لکڻي موجب ”هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاهه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو.“
(قانع، 1989، ص 387)
هي بزرگ خانوٺ جي اتر اوڀر ۾ قائم قبرستان ۾ مدفون آهي، جيڪو سندس ئي نالي سان چاند شاهه جو قبرستان طور مشهور آهي. اتي قبر تي لڳل ڪتبي ۾ لکيل سال مان هڪ انگ ڊهي ويو. 11 کان ڊٺل انگ ۽ پوءِ 5 آهي. امڪاني طور تي اهو سال 1185 هجري/ 1771ع لڳي ٿو.
هر سال هتي سيد عبدالقادرشاهه جيلاني جي وڏي يارهين ملهائيندي ويندي آهي.
محترم ساقي هالائي پنهنجي ڀاءُ غلام هالائي تي لکيل مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته ابڙن جو جد امجد ميون عيسو هالائي، جيڪو پريالوءِ خيرپور ۾ رهندو هو، سو حرمين شريف مان واپسي بعد ڪجهه عرصي لاءِ اچي خانوٺ ۾ ترسيو ته ان وقت درگاهه مخدوم نوح جي سجاده ساڻس اچي مليو ۽ کيس هالا ۾ رهڻ جي گذارش ڪئي. تنهن ڪري اهو صاحب اچي هالا ۾ رهيو. (سهيل ابڙو، 2014، ص، 42 ۽ 43)
خانوٺ جي انهي سيد خاندان جو هڪ ٻيو شخص مسڪين شاهه جي نالي سان انگريز دؤر ۾ ڪافي مشهور ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ سوز صاحب کي اتي جي رهواسي محمد ابراهيم چنا، ٻانهي خان شيخ جي حوالي سان ٻڌايو هو ته ارنيسٽ ٽرمپ واري شاهه جي رسالي جو مسودو مسڪين شاهه تيار ڪيو هو. (سوز هالائي، ص 55)
هن صاحب جو اصل نالو روشن علي شاهه هو ۽ هو نه رڳو شاعر هو، پر هڪ جراح حڪيم به هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪنهن انگريز عملدار جي نياڻي، جنهن جو علاج انگلنڊ ۾ به نه ٿيو، ان کي هن ئي پنهنجي علاج سان چاڪ ڪيو.
مقامي روايتن موجب هن صاحب جو اثر رسوخ توڙي مال ملڪيت هن تر جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ هو. تنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته هنکي هتان جي ڪنهن طاقتور ڌر زهر ڏياري مارايو.
هن صاحب کي ملتان جي پيرن به هڪ بگي موڪلي، جيڪا سندس بنگلي تي رکيل هوندي هئي. پر هن وقت اها ڀري چڪي آهي.
خانوٺ مقامي روايتن موجب انگريزن جي دؤر ۾ وڏي آبادي وارو ڳوٺ هو. هتي انگريز حڪومت پاران هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول به قائم ڪيو ويو هيو.
اسان آخوند ولي محمد صاحب جي ذڪر ۾ لکي چڪا آهيون ته هو پڙهائي کان پوءِ پنهنجي مامي جي مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو، جيڪو خانوٺ ۾ موجود هو. اهو مدرسو به قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري جي تعليم به ڏيندو هو.
سوين سالن تائين هي ڳوٺ جنڊي جي ڪم ڪري به مشهور هو. ايڇ ٽي سورلي جي مرتب ڪيل گزيٽيئر آف ويسٽ پاڪستان ۾ هن واهڻ کي جنڊي جو مرڪز ڄاڻايو آهي. چاليهارو سال کن اڳ تائين هي جنڊي جي ڪاريگرن جو اهم مرڪز رهيو، پر پوءِ هن جي اها حيثيت نه رهي، ڇو ته انهن ڪاريگرن جي اڪثريت هاڻي ڀٽ شاهه آرٽيزان ڪالوني ۾ رهي ٿي. هن وقت هن ڳوٺ جي آبادي پنج هزار کن ٿيندي. سرڪاري اسپتال سان گڏ هتي ٻه سرڪاري پرائمري اسڪول قائم آهن. هي ڳوٺ اڃا تائين سوئي گئس کان محروم آهي.
هتي قائم مندر جا اوسا پاسا ته قبضي هيٺ آهن ۽ ان ۾ وڃڻ لاءِ ڪنهن جي گهر مان لنگهڻو ٿو پوي. پر ڪجهه عرصو اڳ شهدادپور جي هندو پنچائت وارن سرڪار جي مدد سان ان جي مرمت ڪئي هئي.
[b]خدا آباد:
[/b]هالا پراڻا جي اتر اولهه ۾ قائم هن شهر کي اڪثر تاريخدان خدا آباد نئين يا ثاني چون ٿا، پر پروفيسر محبوب علي چنا صاحب ان کي خدا آباد ثالث قرار ڏنو هو.
اشتياق انصاري هن شهر جي قيام جي حوالي سان ڪافي رايا پيش ڪيا آهن. انهن مان هڪڙو اهو آهي ته علي محمد سيال عطر خان ولد ميان نور محمد جي ڪتاب ۾ اهو ٽڪرو لکيو آهي، جنهن موجب شيخ نجيب الدين ڪبير هن جي والد کي حڪم ڪيو ته هو هاله ڪنڊي ڀرسان وڃي خدا آباد کي اڏي. انصاري صاحب مولوي دين محمد وفائي جو اهو رايو به لکي ٿو، جنهن مطابق هن شهر کي ميان نور محمد (1718-1755) اڏايو. وري پنهور صاحب جي حوالي سان لکي ٿو ته جڏهن ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي، تڏهن ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ ڪئي... (تنهن ڪري) نوان شهر اسريا، جن ۾ خدا آباد به هو.
(انصاري، 2011، ص 195، 196)
بهرحال ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو خيال آهي ته خدا آباد ثاني ميان سرفرازخان تعمير ڪرايو هو. هن جي والد ميان غلام شاهه جڏهن 13 جمادي الاول 1186هه/ 12 آگسٽ 1772ع تي وفات ڪئي، تڏهن هيءُ سندس جانشين بنجي ويٺو. هن شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع تائين، حيدرآباد ۾ رهي حڪومت ڪئي. ان کان بعد ڪامياب مهمن کان پوءِ واپس موٽندي پارڪر جو رستو ڏئي، ميان سرفراز نئين تختگاهه يعني ”خدا آباد ثاني“ ۾ داخل ٿيو. ان سلسلي ۾ لاکو صاحب همعصر مورخ مير علي شير قانع جي هڪ فارسي عبارت نقل ڪري ٿو: ”سر انجام، اوايل ماه شوال بخيريت و نصرت روبرو بشهر نو، الموسوم به - خدا آباد - تشريف ارزاني داشته اند“ .
ڊاڪٽر لاکي صاحب جي خيال ۾ تختگاهه جي حيثيت ۾ هن شهر امن امان جو صرف هڪ سال ڏٺو. ”سرڪاري ۽ سياسي گڏجاڻين کان علاوه، ان هڪ سال ۾ هتي ادبي بيٺڪون به ٿيون، ته مذهبي مباحثا به ٿي گذريا. ڊاڪٽر دائود پوٽي هن شهر ۾ ميين عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻين مذهبي عالمن ۾، ٿيل هڪ مذهبي بحث جو ذڪر ڪيو آهي.“ (سنائي، 2009، ص 90)
ان زماني جو حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙو پاڻ به هڪ اديب ۽ سنڌي توڙي فارسي ٻولين جو سٺو شاعر هو. ڊاڪٽر لاکي صاحب هڪ ادبي گڏجاڻي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ مير علي شير قانع پاڻ کي شيوڪ رام عطارد کان بهتر شاعر ثابت ڪرڻ واسطي، پنهنجي سرپرست ۽ وقت جي حاڪم ميان سرفراز جي شان ۾ هڪ قصيدو پڙهيو هو.
هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو ته سيد حسام الدين راشدي قانع جي سوانح ۾ لکيو آهي ته قانع کي ميان غلام شاهه سندس خاندان جي تاريخ نثر توڙي نظم ۾ فردوسي جي طرز تي لکڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ هو مقرري کان پوءِ خدا آباد آيو. (قانع، 189، ص 32)
ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ هتي هڪ وڏو تاريخي مذهبي مناظرو شيخ عبدالرحيم گروهڙي ۽ ٻين عالمن جي وچ ۾ ٿيو هو. گروهڙي صاحب جي سخت گير خيالن جي ڪري هن جي مخالفت وڌي ويئي هئي. تنهن ڪري هن کي خدا آباد ۾ مخالف عالمن سان مناظري لاءِ سڏيو ويو هو. ان مناظري ۾ 240 عالم شريڪ ٿيا هئا. ان مناظري جو امين يا منصف سيد جمال شاهه گهوٽڪي وارو ٿيو هو. لکيو ويو آهي ته اهو مناظري گروهڙي صاحب کٽيو.
ڊاڪٽر لاکي صاحب جي خيال ۾ ڪلهوڙا حڪمران خاندان لاءِ هيءُ تختگاهه نڀاڳو ثابت ٿيو. هن شهر جي قيام کان صرف هڪ سال پوءِ، درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. ان وقت جي ٻن با اثر قبيلن ليکي ۽ ميرن ٽالپرن ۾ ويڙهه جو آغاز ٿي ويو. راڄو ليکيءَ جي ڀڙڪائڻ تي آخرڪار جمادي الثاني 1189هه/ آگسٽ 1775ع ۾، مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار ڪورٽ ۾ مارجي ويو. ٽالپرن موٽ ۾ محلات تي حملو ڪيو ۽ ميان سرفراز ڀڄي اچي حيدرآباد کان نڪتو. سندس ننڍي ڀاءُ محمود کي حاڪم بنايو ويو. پر ٿوري عرصي کان پوءِ محمود کي هٽائي ميان غلام نبيءَ کي سنڌ جو حاڪم بنايو ويو. جيڪو پنهنجي سپاهين هٿان مارجي ويو. هي واقعو 1190هه/ 1776ع ۾ ٿي گذريو.
لاکي صاحب لکيو آهي ته ان کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ جي چرچ تي حيدرآباد جي قلعي ۾، چار ٻيا شهزادا به قتل ڪيا ويا. انهن ۾ ميان سرفراز، سندس پٽ محمد خان، هن جي ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جا نالا اچن ٿا. هي قتل عام 1191هه/1777ع ۾ ٿي گذريو. هن حاڪم بنجڻ بعد سن 1194هه/ 1780ع تائين امن امان سان حڪومت ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ وري درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. هاڻي مير بجار کي قتل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو وري انهي ڪلهوڙا حاڪم کي خدا آباد مان ڀڄڻو پيو.
هو پوءِ افغانستان ويو، اتان پاڻ سان مدد خان پٺاڻ کي وٺي آيو. جنهن اچي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري هن علائقي ۾ جيڪي ظلم ڪيا، تن جو ٿورو احوال ڪجهه اڳيان ڏئي چڪا آهيون.
ڊاڪٽر لاکي صاحب جي لکت موجب ٽالپرن جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٿيو، جنهن سن 1204هه/ 1789ع تائين هن شهر کي تختگاه طور قائم رکيو.
انصاري صاحب مرزا عباس بيگ جي حوالي سان لکي ٿو ته جڏهن خدا آباد ميان سرفراز جو تختگاه هو، ته شهر ستن ميلن ۾ پکڙيل هو ۽ ٺٽي کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر هو. اڳتي هلي 1814ع ۾ مڪمل اجڙي ويو.
(انصاري، 2011، ص 198)
ڪئپٽن ووڊ موجب سال 1835-1836ع ۾ اهي کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ هئا. پر هاڻي هڪ ميل کان به گھٽ ايراضي ۾ هوندا.
ڊاڪٽر لاکي صاحب جي لفظن ۾ هتي موجود اڪيلو ۽ نمايان مقبرو مير فتح علي خان ٽالپر جو آهي. مير صاحب 1217هه/ 1802ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. هن جو پٽ مير صوبيدار خان (وفات: 1262هه/ 1846ع) ۽ مير محمد علي ٽالپر (ولد مير صوبيدار خان)، جنهن 1278هه/ 1862ع ۾ وفات ڪئي، اهي پڻ هن مقبري ۾ پوريل آهن. ٽالپر خاندان جو ٻيو حڪمران مير غلام علي ٽالپر (وفات: 1227هه/ 1811ع) به هن قبي ۾ دفن آهي. هن مقبري ۾ موجوده پنجين قبر بابت خاطري ڪانهي. معلوم ٿئي ٿو ته اها قبر هڪ عورت جي آهي. جنهن سن 1264هه/1848ع ۾ وفات ڪئي هئي.
”مقبري جي اوڀر ۾ ٽي چوڪنڊيون آهي. جن ۾ گھڻيون قبرون ڏسجن ٿين، انهن ۾ ٻه قبرون مير بهرام (وفات:1242هه/1826ع) ۽ مير بجار (وفات: 1220هه/1805ع) جون آهن.
”چوڪنڊين جي اتر ۾ هڪ وڏي تجر اڄ به ڏسڻ جھڙي آهي. گھڻي خاطري آهي ته هي تجر مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي ٽالپر جي والده هئي.
”مقبري جي اولهه-ڏکڻ ۾ ڪجهه وکن تي، سنڌي تعمير جو هڪ عمدو نمونو، اڄ به مسجد جي صورت ۾ موجود آهي. هي مسجد هالاڻي شهر ۾ قائم مسجد محراب وانگر ٺهيل آهي. روايت آهي ته خدا آباد جي هي مسجد، مائي خيريءَ جي هدايت تحت سن 1244هه/1799ع ۾ تعمير ٿي هئي.
”مسجد جي اتر-اولهه ۾ ڪجهه مکيه ماڻهو دفن ٿيل آهن. اصفهان جو سيد عبدالهادي ابتدا ۾ مدارس ويو ۽ پوءِ ميان نور محمد جي دؤر ۾ سنڌ پهتو. پاڻ سن 1193هه/1779ع ۾ وفات ٿيو ۽ هتي دفن ٿيو. سندس پٽ ابراهيم شاهه به هن جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيل آهي.
”مسجد جي اولهه ۾ هڪ چوڪنڊي آهي. جنهن ۾ مير تاج محمد دفن ٿيل آهي. جيڪو غالبن 1212هه/1797ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ساڳي ايراضيءَ ۾ ٻه وڌيڪ چوڪنڊيون آهن. انهن مان هڪ چوڪنڊيءَ ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبيدار ابدي ننڍ ستل آهن؛ جن کي ميان سرفراز جي درٻار ۾ سن 1189هه/1775ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. هتي هڪ قبر مير بجار جي آهي، جنهن کي هن شهر ۾ ميان عبدالنبيءَ جي دؤر ۾، سن 1194هه/1780ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. مقامي روايتن موجب هنن آثارن کان اتر طرف، ڪجهه وکن تي ڪنهن وقت ۾ مائي گلان ۽ ميان سرفراز جون ماڙيون موجود هيون.“ (سنائي، 2009، ص 92 ۽ 93)
مائي گلان ميان غلام شاهه جي والده هئي. هن جي حوالي سان اهو قصو مشهور آهي ته هو پيٽ گذر لاءِ ڳائيندي هئي. اشتياق انصاري مولانا دين محمد وفائي جي حوالي سان لکي ٿو ته ”هڪ ڀيري گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري ڳائيندڙ عورت، شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ آئي ته هن جي پڇاڙي خير سان گذري. چون ٿا ته هڪ مجلس ۾ هن اهڙي دردناڪ انداز ۾ ڳاتو جو شاهه صاحب ۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته هن ڌنڌي کان بچي پوان، حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودگيءَ ۽ آرام ۾ گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته: تنهنجي سنڌ جي باد شاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پيٽان به بادشاهه ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو. ڪن چغلن وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته هي ڏسو جو شاهه عبداللطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي، هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا، ڀلارن صوفين ۽ فيض واري فقيرن جا اهڙا پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان نور محمد حڪم ڏنو ته هڪدم وڃي حالتون معلوم ڪريو. هڪ پاسي کان ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ۽ ٻئي طرف گلان، حضرت شاهه صاحب کي موڪل وٺي موٽڻ جي ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه ڌيرج ۽ دير ڪر، پوءِ ڀلي هلي وڃ. ائين گفتگو ٿي رهي هئي، ته ميان صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي نور محمد جي ڪچهريءَ ۾ کڙو ڪيائون. ٿيو ڇا جو ميان صاحب پهرينءَ نظر جو شڪار ٿي ويو. هن گلفام نازڪ اندام جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهرن کيس ڪهي رکيو. آخر گلان کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجين راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. جنهن جهڙو عادل ۽ سخي ۽ خوش بخت باد شاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي، ان ڪري هن ڀٽ جي ويجهو ئي پنهنجي رهائش لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.“
(انصاري، 2011، ص 202 ۽ 203)
ڪافي سال اڳ ڊاڪٽر لاکو صاحب هي آثار ڏٺا هئا، تنهن لکيو آهي ته ”تازو مون خدا آباد وڃي هنن آثارن کي ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو. هتي موجود اڪيلو مقبرو، هڪ تجر، هڪ مسجد ۽ ڪجهه چوڪنڊيون - اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ساک ڀري رهيون آهن. گھڻو ڪري هي سڀ آثار ختم ٿي چڪا آهن. انهن تي لڳل ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون ڀڄي ڀُري پيون آهن، پڪيون تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويون آهن ۽ مکيه مقبري وارو ڪوٽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو آهي، جيڪڏهن هي صورتحال ڪجهه وقت به جاري رهي، ته پوءِ ڪوبه تاريخي اهڃاڻ سلامت نه رهندو!“
(سنائي، 2009، ص 93)
اسان وٽ لوڪ روايت اها آهي ته خدا آباد جي اوج واري زماني ۾ هالا پراڻا کان وٺي خدا آباد تائين لڳاتار بازار هوندي هئي.
[b]ڀاڻوٺ ۽ ڳاهوٺ:
[/b]ڀاڻوٺ ۽ ڳاهوٺ ٻئي گڏيل علائقا آهن. ڀٽي بزرگن جو جدامجد مخدوم عبدالله ڳاهوٽ جي ڳوٺ ماڙي محمد خان وٽ اچي رهيو هو، ۽ پنهنجي فيض سان هن علائقي کي منور ڪيو. اڳتي هلي ان جو پڙپوٽو مخدوم اسحاق لڏي اچي هالا ڪنڊي ۾ رهيو.
ڀاڻوٺ هالا پراڻا جي اتر الهه ۾ پندرهن کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي قائم وستي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب هي 400 سال پراڻو ڳوٺ آهي.
سمن جي دؤر ۾ هتي هڪ بزرگ حسن ٻانگو ڀاڻوٺي، جنهن کي پير بلاولي به ڪوٺيو وڃي ٿو، رهندو هو. سيد حيدرشاهه سنائي جي وفات کانپوءِ سندس تعلق مخدوم نوح سان جڙيو. وفائي صاحب لکيو آهي ته درويش حسن جي گھر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو، جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هئا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجھه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا، تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کان پوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجهه کاڌائون.
هن صاحب جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سئا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو، پوءِ کڻي هڪ سؤ هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڄي ۽ کير جو چڪو ڏيندو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي ويندا هئا.
ڀاڻوٺ متعلوي سيدن جي سنائي شاخ جي سيدن جو قديم مسڪن آهي. انهن مان سائين جي. ايم. سيد 1908ع ۾ شادي ڪئي. سندس پٽ سيد امداد محمد شاهه پڻ هتان ڀاڻوٺ مان سيد شاهه محمد شاهه جي ڀيڻ سان شادي ڪئي.
هن وقت انهي ڳوٺ جو سيد شاهه محمد شاهه سنڌ جو نامور سياسي اڳواڻ آهي. شاهه صاحب هن وقت مسلم ليگ نون سان لاڳاپيل آهي.
[b]گھوٽاڻا:
[/b]هي ڳوٺ اندازو آهي ته سال 1956ع ڌاري ٻڏي ويو ته ان جا رهواسي اتان لڏي ويا. ڪافي ته هالا نوان ۾ ورسيا. بهرحال هن جو اڳوڻو اوج ته ورهاڱي کان پوءِ ختم ٿي ويو هو، جڏهن اتي رهندڙ هندو واپاري هندستان هليا ويا.
هيوز جي گزيٽيئر موجب ”گهوٽاڻا، هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جيڪو گهارا محمود واهه لڳ ۽ هالا کان ڏکڻ ۾ رڳو چئن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي هالا ۽ ٽنڊو آدم سان رستن وسيلي ڳنڍيل آهي. هتي ڪو به مکيه سرڪاري آفيسر نٿو رهي، ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا سرڪاري جڳهه آهي، پوءِ به هتي پوليس لانڍي سميت هڪڙو ڌرم شالا پڻ آهي، جيڪو 1872ع ۾ جوڙايو ويو هو. ڳوٺ ۾ ميونسپالٽي آهي، جيڪا ڊسمبر 1860ع ۾ ٺهي هئي. هن علائقي مان 1873-74ع ۾ وصول ٿيندڙ محصول 1465 رپيا هو. ماڻهن جي آبادي 953 ڄڻن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 553 مسلمان ۽ 341 هندو شامل آهن. شهر سنڌو درياهه کان رڳو ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، اتي هڪڙو گودام آهي، جتي شڪارپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار وغيره شهرن کان پتڻ وسيلي ايندڙ اناج، ڪپهه، تيل، ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيون وينديون آهن.