لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

هالا ڪنڊي کان هالا پراڻا تائين

هن ڪتاب ۾ هڪ پاسي هالا ڪنڊي جي تاريخ ۽ ان ۾ رهندڙن بزرگن ۽ مشاهيرن جو احوال آهي، ته ٻئي پاسي هالاڪنڊي جي نئين روپ يا ان کانپوءِ مشهور ٿيل وستي هالاپراڻا جي تاريخ، عالمن، اديبن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ڏئي، موجوده وقت جي اهم شخصيتن کان وٺي اڪثر پڙهيل لکيل شخصن جو مختصر ذڪر به قلمبند ڪيو ويو آهي. ضميمن ۾ هڪ پاسي هالا پراڻا جي پسگردائي وارن شهرن ۽ واهڻن، هالا نوان، خداآباد، خانوٺ، ڀاڻوٽ، ڳاهوٺ وغيره جو مختصر تذڪرو آهي. ٻي پاسي ڀٽائي صاحب ۽ هالا پراڻا جي عنوان هيٺ ڀٽائي جي سهيوڳي بزرگن سان تعلق کان علاوه شاهه جي رسالي جي سهيڙيندڙن يا ڪاتبن توڙي راڳين جو احوال ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2281
  • 429
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا ڪنڊي کان هالا پراڻا تائين

ضميمو چوٿون: هالا پراڻا جي ويجهي دؤر جا نيارا ۽ منفرد شخص

[b] محمد عمر ۽ حاجن جي جوڙي:
[/b]اسان جي ننڍپڻ ۾ يعني چاليهه سال کن اڳ اسان جي گهرن ۾ ته ٽي وي ڪانه هوندي هئي پر ان وقت ڳوٺ جي اڪثر گهرن ۾ ٽي وي ڪانه هوندي هئي. اسانجي سانڀر ۾ پهرئين ٽي وي شايد محمد اسماعيل رناڻي ميمڻ (رضا محمد رناڻي جي چاچي) پنهنجي هوٽل تي آندي، جيڪو محمد عمر رناڻي جو سئوٽ هو.
ڳوٺ جا سڀ پڙهيل ڳڙهيل ننڍا وڏا ان زماني ۾ ان هوٽل تي شام ڌاري ايندا هئاسين، جڏهن سنڌي نشريات پي ٽي وي تي ايندي هئي. اٺين لڳي ڪنهن ڊراما سيرئيل يا سيريز جي ڪا قسط ايندي هئي، گهڻو ڪري نائين جي خبرن کان پوءِ اسان گهر ويندا هئاسين. پر ڪي ڊراما خاص ڪري اور ڊرامي جي نالي سان نشر ٿيندڙ وري نائين بجي جي خبرن کان پوءِ هلندا هئا، سي به ڪافي دلچسپ هوندا هئا. انهن ڊرامن جي ڪردارن يا ڊائيلاگن تي محمد عمر ميمڻ ۽ حاجن ميمڻ جي جوڙي جي خيال آرائي ڪافي دلچسپ هوندي هئي. هو انهن ڊرامن کي ان وقت جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ ڏسندا هئا ۽ اسان ان وقت سياسي سوجهه ٻوجهه کان عاري هئاسين، تنهن ڪري انهن جي خيال آرائي کي صحيح نموني سمجهي نه سگهندا هياسين.
مون کي ياد آهي ته ان زماني ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيا جا ڊراما هلندا هئا، جن کي هي صاحب وڏي شوق سان ڏسندا هئا، پنهنجي پر ۾ انهن تي ٽيڪاٽپڻي ۽ خيال آرائي ڪندا رهندا هئا.
اسان جي عمر جيئن پئي وڌي، تيئن سياست ۽ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ان زماني ۾ امن اخبار هر هوٽل تي ايندي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ان ۾ نامياري اديب احمد سليم جا ٽي وي ڊرامن تي تبصرا ڇپبا هئا، تن کي پڙهڻ کان پتو پيو ته اشفاق احمد ۽ سندس گهرواري بانو قدسيه ضيا جي حڪومت جا ٻولڙيا آهن، ۽ اهي ان حڪومت کي پاڪ پوتي بنائڻ ۾ قلم جو زور لڳائي رهيا آهن. بهرحال اهو ضرور هو ته هو غضب جا ڊراما نويس هئا.
سوز صاحب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن بيروزگار هو، تڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ درزي جو دڪان، اڄوڪي عاشق پپو عمراڻي جي دڪان ۾ هو، اتي شام ڌاري ڪچهري مچندي هئي، جتي اخبارن کان علاوه امر جليل جون ڪهاڻيون به پڙهيون وينديون هيون. اهي اڪثر محمد عمر پنهنجي دلچسپ انداز ۾ پڙهندو هو.
حاجن ۽ عمر جي وري سنگت هڪ ٻئي شخص غلام حسين ميمڻ دوداڻي سان هوندي هئي، جيڪو ڪافي سالن تائين حيدرآباد جي شيزان هوٽل ۾ مئنيجر ٿي رهيو ۽ اتي ڪميونسٽ اڳواڻن سان لهه وچڙ آيو. پر ڳوٺ ۾ اچي گذر بسر لاءِ هڪ اٽي جي چڪي کوليائين. لڳي ٿو ته هن انهن جي سياسي تربيت ڪئي هئي.
حاجن جو پيءُ حاجي فيض محمد عرف حاجي فجو ميمڻ جو کلن جو وڏو ڪاروبارو هئو. پر حاجن توڙي سندس ننڍو ڀاءُ محمد صادق (جنهن کي ڊپٽي ڪري ڪوٺيندا هئا)، سي پئسن جو ڍءُ نه جهلي سگهيا، ۽ اجاين علتن ۾ پئجي ويا، ۽ آخر ڪار ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. حاجن جو والد حاجي فجو به دلچسپ شخص هو. حاجن لاءِ هو چوندو ته حاجن معنيٰ حاج نه.
حاجي فجو سٺو مولود پڙهندڙ هو. اسان کيس پوڙهپڻ ۾ اڪثر جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي ڏٺو. سندس دلچسپ فقرا اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ ”اسان جا ڏند اهڙا ته مضبوط آهن، جو کيچا ڀوريو ڇڏين“. هالا ويندي، هالن کان ٿورو اورتي گهوڙي گاڏي واري کي چوندو هو ته ”روڪ روڪ، اسان پنڌ جا مڙس ماڻهو آهيون“. يا حاجن يا صادق جي لاءِ چوندو هو ته ماڻهو الائي ڇا ڇاکايو وڃن، منهنجا پٽ هَوَ آفيم جي کائين ٿا ته ان تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو.“
ان جي ڀيٽ ۾ عمر ميمڻ وري رناڻي محلي جو هو، جيتوڻيڪ هو هلڪو ڦلڪو نشو ڪندو هو، پر هو آخر وقت تائين پورهيت رهيو، ۽ پنهنجي اولاد کي مناسب تعليم ڏياريائين. اڪثر ڪري ڀرپاسي جي مال پڙين ۾ رڌيل چانور کپائيندو هو. ننڍي هوندي، جڏهن کنڊ ڪوٽا تي ملندي هئي، اسان هر مهيني کائنس کنڊ وٺندا هئاسون. کيس ٻه ٽي پٽ گونگا آهن، پر پاڻ انهن کي پورهئي تي هيرايائين. الحمد الله سندس سڀ پٽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. سندس وڏو پٽ عرفان احمد پ ٽ الف جو اڳواڻ به رهيو. هاڻي هو هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. ٻيو نمبر ڪامران پوليس کاتي ۾ آهي. عمر صاحب سال ڏيڍ اڳ گذاري ويو آهي.
هي صاحب پيپلز پارٽي جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو.

[b]ميوو واڍو:
[/b]جڏهن منهنجي ڏيٺ ويٺ سوز صاحب سان ٿي ته ان زماني ۾ سندس رات جي ويهڪ جو ٺڪاڻو مخدوم محمد اشرف ڀٽي جي ڪلينڪ هوندي هئي، جتي سوز صاحب کان علاوه عاشق هالائي، مشتاق ڀٽي، سائين گل محمد ڪوٽار ميمڻ ۽ استاد ميوو واڍو به انهن ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
استاد ميوي واڍي کي ڳائڻ جو شوق هوندو هو ۽ پنهنجي پر ۾ هو پاڻ کي سريلو گائڪ به سمجهندو هو. پر هڪ ته هن ۾ مستقل مزاجي نه هئي ۽ ٻيو ته سخت پورهئي کان به ڀڄندو هو. نتيجي ۾ نه هو سٺو واڍو ٿي سگهيو ۽ نه سريلو ڳائڻو. سندس رڳو اهو ٺڪاڻو نه هو. ڏينهن جو ڪڏهن هڪ جاءِ تي ته ڪڏهن ٻي هوٽيل تي يا ڪنهن ٽئين دڪان تي.
عاشق هالائي سندس ۽ سوز صاحب جو ڪلام هن جي آواز ۾ ڳارائي ڪنهن ڪيسيٽ ۾ رڪارڊ ڪيو هو، ممڪن آهي ته وٽس هجي. بهرحال بازار ۾ جتي ڪچهري جا ٺڪاڻا هوندا، تن ۾ ميوي جي موجودگي ضرور هوندي هئي. سندس وفات به هلندي کلندي ٿي. هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو.

[b]عبدالزراق ميدو:
[/b]21 جون 2014ع جي ٻپهري جي شروعات هڪ خراب خبر سان ٿي ته اسان جو هڪ ڳوٺائي ميدو ميمڻ راهه رباني اختيار ڪئي آهي. هو ان ڏينهن ئي قلندر جي ميلي تان موٽيو هو، جتي هو هڪ دڪان تي ڪمائڻ ويو هو. لڳي ٿو ته هي به قلندر جي ميلي جي گرمي جو شڪار ٿيو هو. تنوير سوز ڊاڪٽر عطاءُالله صدر جي حوالي سان ٻڌايو ته هن جڏهن ميدو جو بخار چيڪ ڪيو ته اهو 108 کان وڌيڪ لڳو. تنهن ڪري هن مائٽن کي جلد از جلد وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. چيو وڃي ٿو ته هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا ته رستي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. انا لله و انا اليه راجعون. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
ميدو ڪجهه سال اڳ تائين هالا پراڻا ۾ صبح جو چانور ۽ شام جو ڇولا کپائيندو هو. ان شين جو ذائقو ته چڱو هو، پر سندس وڪري جو انداز ۽ سجاوٽ به دلڪش هوندي هئي. خانداني طرح ڀوڳائي هو. سندس وڏي ڀاءُ محمد صديق مانر لاءِ ته چون ٿا ته هن جو محمد مشڪري سان مقابلو ٿيو هو. ڪو وقت ميدو ۽ مانر پاڻ ۾ چرچن جو مقابلو بازار ۾ شيون وڪڻندي پيا ڪندا هئا. پر ميدو ڀوڳائي کان وڌيڪ چڱيرڙو گائڪ به هو. جيڪر هو هن شعبي کي سنجيدگي سان اختيار ڪري ها ته هوند هن جو نالو سٺن گائڪن ۾ شامل هجي ها. پر همراهه ۾ مستقل مزاجي گهٽ ٿي لڳي.
ان کانپوءِ سندس سماجي ۽ خانداني ڪردار تي ڪي ماڻهو سوال ڪن ٿا. سندس پٽ ڪافي وقت کان ذهني مريض هو، پر هو چوندو هو ته منهنجي گهر واري هن جو علاج ڪرڻ نٿي ڏئي. پر اها ڇهه ست مهينا اڳ گذاري ويئي هئي، پر پوءِ به هن پٽ جي علاج جي سلسلي ۾ ڪو عمل نه ڪيو.
پر جيئن ته هو ڳوٺ جي منفرد شخصن مان هڪ هو تنهن ڪري آئون کيس هن لکڻي جي صورت ۾ تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
وڏيرو مينهل ارباب:
اربابن جي مڱياڻي نک مان هي شخص به پنهنجي سڀاءُ ۽ اٿ ويهه جي خيال کان هالا پراڻا جو هڪ منفرد شخص آهي. الحمدالله اڃان حال حيات آهي. هو ڏاڏا حاجي عارب جو دوست آهي.
اڳي هالا پراڻا ۾ ڪافي اوطاقون هيون، جتي ڪچهريون مچنديون هيون. هاڻي ته آهستي آهستي اوطاقي ڪلچر ختم ٿي رهيو آهي. پر ماضي ۾ اهو هالا پراڻا ۾ اوج تي هوندو هو. هي صاحب نه صرف مختلف اوطاقن (حاجي منظور ميمڻ، رئيس غلام مهدي، قاضي اعجاز وغيره) پر مخدوم هائوس تي ٿيندڙ ڪچهرين جو به مور رهيو آهي.
جيتوڻيڪ هو اڻپڙهيل آهي، پر ڳالهين کي پيش ڪرڻ جو ڍنگ يا ڳالهه ٻولهه دوران هن جا نقطا ڪافي دل لڀائيندڙ رهيا آهن. انهي ڪري نه صرف هالا پراڻا جا چڱا مڙس، پر هالا جا مخدومان صاحبان به هن جي ڪچهري مان لطف اندوز ٿيندا هئا.
منهنجو هڪ مائٽ هن جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته هڪ فيصلي ۾ رئيس غلام مهدي هن تي وڏي چٽي وڌي. تنهن تي هن جو فوري ردعمل اهو هو ته رئيس فيصلو اٽل آهي، پر رقم وڏي آهي.
هو جڏهن به ڪچهرين ۾ ويندو آهي ته بوسڪي جو پٽڪو ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهري ايندو آهي.