ضميمو پهريون : شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ هالا ڪنڊي
ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب هالا ڪنڊي يا هالا پراڻا ۾ ڪافي ڀيرا آيو هوندو.
شاهه صاحب جي زندگي ۽ احوال تي جيڪي اوائلي ڪتاب آهن، تن مان هڪ ڪتاب لطائف لطيفي آهي، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي صاحب فارسي ۾ لکيو. سانگي صاحب جي انهي ڪتاب جو ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي. سانگي صاحب ان ڪتاب ۾ هڪ پاسي مير علي شير قانع جي ڪتابن تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان مان استفادو ڪيو آهي ته ٻي پاسي مقامي روايتن کي بنان چون چران جي قبولي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
ياد رهي ته مير عبدالحسين سانگي جو هڪ استاد آخوند احمد ولد عبدالعليم جو تعلق هالا پراڻا جي ملان سانوڻي خاندان سان هو. پنهنجي ان ڪتاب ۾ ڪافي حڪايتون انهي صاحب کان ٻڌل ڄاڻايون اٿس.
سانگي صاحب ڀٽائي صاحب جو تعلق هالا ڪنڊي سان ائين ٿو جوڙي، ته هو هڪ پاسي هالا ڪنڊي کي شاهه صاحب جي وڏڙن جو وطن ڄاڻائي ٿو ته ٻئي سندس والده محترمه کي هو مخدوم عربي ديانه جي اولاد مان ڄاڻائي ٿو. پر ان تعلق کي ٻيا عالم رد ڪن ٿا.
سانگي صاحب ڪوٽڙي واري ڳوٺ کي هالا ڪنڊي جي ويجھو ڄاڻائي ٿو، جتي مغل رهندڙ هئا ۽ جتان ڀٽائي صاحب شادي ڪئي.سانگي صاحب جي استاد جي پڙڏاڏي حاجي متين الدين کي ڀٽائي صاحب پنهنجي گودڙي ڏني هئي. ان جو رنگ ميرانجهڙو خاڪ جھڙو آهي. سانگي جي وقت تائين اها تبرڪ طور رکيل هئي.
”چون ٿا ته پراڻن هالن ۾ هڪ زاهد ظاهري علم سان سينگاريل هو، مگر مفلس ۽ نادار هو هو، نه شام جو سامان موجود نه صبح جو. رزق جي ڪشادگي واسطي اولياء صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آيو. اولياءَ صاحب حجري ۾ هئا. پاڻ ٻاهر آيا. زاهد کان پڇيائون، مون ٻڌو آهي ته حضور جن جون چاليهه حديثون ياد ڪرڻ ضروري آهن. ان ڪري مون چار ياد ڪيون آهن. جيڪڏهن غلط هجن ته اصلاح ڪريو. زاهد ٻڌڻ لاءِ انتظار ڪرڻ لڳو. حضرت اوليا صاحب هڪ حديث بيان فرمائي. زاهد ان جي معنيٰ ۽ مطلب ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ دنيا جي مال گهرڻ جي خواهش جو ارادو ڇڏي ڏنائين. اولياء صاحب جي اڪسير جھڙي محبت تي اڪتفا ڪيائين.“
(سانگي، 1986، ص 123)
”هڪ بزرگ ڀٽي قوم جو، ظاهري علم سان سينگاريل پراڻن هالن جو رهاڪو، سهروردي طريقي جو معتقد هو. هر سومر جو بلاناغي سوئي ڪندر جي اولياءَ جي زيارت تي ويندو هو. جو اتي شاهه لطيف جي ٻن ڀائرن جون قبرون آهن. ٻنهي جا نالا اولياءِ صاحب جا همنام هئا. ان واٽ تي لطيفي حجرو هو، جو اڃا تائين ڀٽ جي دامن ۾ اتر طرف ٺهيل آهي. اهو ڀٽي عالم ان گس کان لنگهندو هو، ان کي سندس شاگردن چيو ته هتي اوليا صاحب آهي، جو ڪمال جو صاحب آهي، سندس خيالي عنقا هڪ پرواز سان عالم مثال کان راز بي نياز جي ڪنگري تي پهچي ٿو. ان ڪري جڳائي ته ان جي خدمت ۾ هلي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪجي. جڏهن ته اهو عالم غرور وارو ۽ معرفت کان دور هو. چيائين ته اڃا اها معنيٰ مونتي نه کلي آهي ته هي سيد حقيقي محبت ٿو رکي يا دنياوي سينگار جو طالبو آهي. ائين چئي سوئي ڪندر روانو ٿيو.
”انهن (استاد ۽ شاگردن) جي اها گفتگو اولياء صاحب کي معلوم ٿي ۽ پاڻ ڪن ماڻهن کي موڪليائون ته جڏهن اهو عالم واپس ٿئي ته مونکي خبر ڏين. انهن ماڻهن ائين ڪيو. جڏهن اولياء صاحب ان جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته گس تي اچي بيٺا. جڏهن اهو بزرگ ويجهو آيو، تڏهن شاگردن اوليا صاحب کي ڏسي ان عالم کي ٻڌايو. ڀٽي بزرگ گهوڙي تان لهي قدمبوسي جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳو ۽ اولياء صاحب انهن ڏانهن اڳتي وڌيا ۽ ان کي فرمايائون ته جيڪا وک توڏانهن ٿو وڌايان، اها وک وڏي ثواب ۾ ڳڻجي ٿي ۽ تون جيڪو به قدم مون ڏانهن وڌائين ٿو اهو ڪفر جو سبب ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي مليا ۽ حجري ۾ ڪچهري ڪيائون.
”ڀٽي بزرگ عرض ڪيو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اوهان ڏانهن منهنجي وک کڻڻ گناهه ۾ شامل پي ٿي ۽ اوهان جي هرقدم تي ثواب پي مليو. هن مشڪل سوال جو حل کولي ٻڌايو.
”اولياء صاحب فرمايو ته اوهان مون کي خوف ۽ اميد جي وچ تي تصور ڪري چيو ته خبر ڪانهي ته هي سيد حقيقي عاشق آهي يا مجازي؟ جڏهن توهان هتان سوئي ڪندر ويا ۽ وري جلدي واپس آيا ته هن ٿوڙي وقت ۾ اوهان تي اهو مسئلو نه کليو هوندو ته منهنجو احوال ڪهڙو آهي. ان ڪري مون ڏانهن اچڻ جو اهو سلوڪ خوشامد ليکبو ۽ مون اوهان کي عالم سمجهي وک وڌائي ــ ڀٽي بزرگ سر جهڪائي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ هي مصرعه زبان تي آندائين:
مقصود من آن ست که مقصود تو باشد
”مطلب ته منهنجو مقصد به اهوئي آهي، جيڪو تنهنجو مقصود آهي. ان کانپوءِ اهو ڀٽي بزرگ اولياءِ صاحب جي معتقدن جي سنگت ۾ داخل ٿي ويو.“ (سانگي، 1986، ص 132 ۽ 133)
تاريخ قديم هالا (ص 143) ۾ سيد جلال شاهه جي ذڪر ۾ اها روايت به ڏني ويئي آهي ته هي صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو وڏو ڀاءُ هو ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سندس مزار وٽ اچي ويهندو هو ۽ سماع جو اهتمام ڪندو هو.
بهرحال اها روايت وڌيڪ تحقيق جي متقاضي آهي. ڇو ته سندن وڏو ڀاءُ ته شاهه عبدالڪريم جي حياتي ۾ مٽياري ۾ وفات ڪري ويو هو.
[b]شاهه صاحب جي رسالي جا سهيڙيندڙ يا ڪاتب:
[/b]استاد لغاري صاحب پنهنجي مضمون شاهه جي رسالن جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي شاهه جي رسالي جي ڪجهه قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جا سهيڙيندڙ يا ڪاتب هالا پراڻا سان تعلق رکن ٿا. انهن جو احوال هيٺ پيش ڪجي ٿو.
(مهراڻ، 2011ع، شمارو 1-2، ص 84)
[b]خير محمد فقير هالائي وارو قلمي نسخو: (1267 هه/ 1850ع)
[/b]هن نسخي ۾ 35 سر، 2921 بيت ۽ 211 وايون آهن. هن جي شروعات ڪلياڻ سان ٿئي ٿئي. سر بسنت شامل نه آهي. سر کي سرود ڪري لکيو ويو آهي.
[b]حاجي هدايت الله هالائي جو قلمي نسخو: (1270هجري/ 1853ع)
[/b]هن ۾ 34 سر آهن. بيتن جو تعداد 3247 ۽ واين جو تعداد 226 آهي. شروعات سر ڪلياڻ سان ڪيل آهي. نصرپور جي مشهور حڪيم ۽ فارسي دان ديوان ٺارومل اجورو ڏئي هي نسخو لکرايو.
[b]محمد صالح مجاور ولد حافظ ربڏنو مجاور وارو قلمي نسخو:
[/b](1277هجري/ 1860ع)
هن ۾ 35 سر، 3030 بيت ۽ 215 وايون شامل آهن. شروعات ڪلياڻ سان ڪيل آهي، هن ۾ به بسنت سر نه آهي. اهو رسالو 14 ريبع الثاني، 1277 هجري يعني 30 آڪٽوبر 1860ع تي لکي پورو ڪيو ويو.
[b]عبدالحق هالائي جو دستخطي نسخو: (1282هجري/ 1865ع)
[/b]هن ۾ 36 سر، 3402 بيت ۽ 246 وايون شامل آهن. شروعات ڪلياڻ سان ٿيل آهي، آخر ۾ سسئي جي ٽيهه اکري آهي. هن نسخي کي 29 ربيع الاول سن 1282 هجري يعني 22 آگسٽ، 1865ع تي لکي پورو ڪيو ويو. هي نسخو مير عبدالحسين سانگي جي ملڪيت رهيو. هن کي ڊاڪٽر هوتچند مولچندگربخشاڻي بلڙي واري نسخي سان ڀيٽيو هو. عبدالحق صاحب هن رسالي جو رڳو ڪاتب هو.
[b]حاجي ميان خير محمد حڪيم ملان سانوڻي: (راڳي ۽ سهيڙيندڙ)
[/b]هي صاحب شاهه صاحب جو راڳي هو ۽ شاهه جي رسالي جو ڪو نسخو تيار ڪيو هو. انهي نسخي جي آڌار تي بمبئي وارو ڇاپو تيار ڪيو ويو، جيڪو 1292هجري يعني 1876ع ۾ ليٿو تي شايع ٿيو. هن ۾ 36 سر، 4076 بيت ۽ 237 وايون آهن. شروعات ڪلياڻ سان ٿيل آهي ۽ آخر ۾ سسئي جي ٽيهه اکري آهي.
[b]فقير خير محمد ملاح: (راڳي)
[/b]هن شاهه جي راڳي جو احوال انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ڏهين (2016ع) جي صفحي 126 تي ڏنو ويو آهي، جنهن موجب هن خانوٽ ڄائو فقير 1982ع ۾ گلو فقير چنڊ کان شاهه جي راڳ ۽ دنبوري جي وڄت ۾ مهارت حاصل ڪئي. کيس سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر سهڻي، ۽ سر مارئي کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو فن آهي. هو اڱاري ۽ اربعا ۾ راڳ ڳائيندو آهي.
هن مون کي ٻڌايو ته هو ڄائو ته خانوٽ ۾ آهي، پر ننڍپڻ جو ڪجهه عرصو مٽياري ۾ گذاري اچي هالا پراڻا ۾ رهيو آهي، جيڪو سندن اباڻو ڳوٺ هو. کيس سال اڌ کان ٻوڙاڻ جي بيماري ٿي پئي آهي. سندس چواڻي ته سندس ڏاڏو جيئڻ به شاهه جو راڳائي هو.