باب چوٿون: هالا پراڻا جا اهم مشاهير، عالم ۽ اديب
[/b]مخدوم نعمت الله جي ولادت 29 محرم رات خميس سنه 1142هه / 24 آگسٽ، 1729ع تي هالا ڪنڊي ۾ ٿي. جڏهن هالا ڪنڊي کي دريا پائڻ لڳو ته هي ڀٽي بزرگن جي مسند جو اڳواڻ هو. هن پنهنجي اڳوڻن بزرگن جا نعش مبارڪ لڏائي، مسجدن ۽ گهرن جو سامان کڻائي، 25 ربيع الثاني 1178هه/ 22 آڪٽوبر 1764ع تي اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو.
هن هالا پراڻا ۾ جيڪا مسجد ٺهرائي، اها اڄ ڪلهه جامع مسجد ڀٽي بزرگان سڏجي ٿي. ان مسجد جو پهريون بنياد 7 محرم سن 1182 هه/ 24 مئي، 1768ع تي وڌو ويو. قربين ٻن سو سالن کان پوءِ ان جو هاڻوڪو يعني ٻيو بنياد مخدوم محمود بن مخدوم دين محمد تاريخ 27 رجب سن 1380 هجري/ 1 جنوري 1961ع تي وڌو.
انهي مسجد جي حوالي سان ڪتاب تاريخ قديم هالا ۾ لکيو ويو آهي ته ”هڪ ڀيري جڏهن مخدوم نعمت الله مسجد جي تيار ٿيڻ بعد، ٿوري عرصي کانپوءِ اشراق نماز ۽ مراقبه مان واندو ٿيو ته ڏسي ته مسجد جي وچ تي ٻن ٿنڀن جي وچ ۾ حضورﷺجن نماز پڙهي رهيا آهن. ان وقت کانپوءِ مخدوم نعمت الله صاحب ادب خاطر ماڻهن جي اچ وڃ کي روڪڻ خاطر انهن ٻنهين ٿنڀن جي وچ ۾، جتي حضورﷺ جن نماز پڙهي رهيا هئا، رسو ٻڌائي ڇڏيو ته جيئن ماڻهو اتان نه لنگهن.
”جڏهن مرحوم مخدوم ميان محمود مسجد جي تبديل جو بنياد ٻيو وڌو ۽ ٿنڀا ڪاٺ جا ڪڍارائي. ان جي جاءِ تي ونگن سان مسجد جو ڪم تيار ڪرايو. ان ڏينهن کان رسو نڪري ويو. ۽ ماڻهن جي آمدرفت جاري ٿي ويئي. اها آمدرفت اڄ تائين هلندي اچي.
انهي ڪتاب ۾ مدد خان پٺاڻ جي حوالي سان هڪ دلچسپ روايت لکيل آهي ته ”عبدالنبي ڪلهوڙي جي زمانه ۾ مدد خان بادشاهه ظلم ڪندو شهر ڦريندو ماڻهو مارائيندو. هالن پراڻن ۾ اچي پهتو شهر جا ماڻهو ڊوڙي مخدوم نعمت الله وٽ آيا. مخدوم سڄي شهر هالن پراڻن کي علم جي ذريعه ڪوٽ ڦيرائي ڇڏيو. ۽ مدد خان پٺاڻ بادشاهه کي شهر ۾ اچڻ جي ڪٿان به جاءِ نه ملي سگهي.
”مخدوم نعمت الله اتان ڪاني هنيس جو مدد خان جي وهڪ واري اگهاڙ جي جاءِ جي اندر لنگهي ويئي. اتي مدد خان ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مخدوم نعمت الله صاحب کي چورائي موڪليائين ته آئون بد اراده سان نه آيو آهيان مون کي معافي ملي ۽ اندر اچڻ جي اجازت ملي ان تي مخدوم صاحب ڪوٽ لاهي ڇڏيو. ۽ مدد خان اچي مسجد جي نم جي هڪ ڏار ۾ گھوڙ و ٻڌو ته اهو ڏار مدد خان جي ظلمن سبب سڪي ويو.
”جڏهن مرحوم مخدوم محمود ان مسجد جي نئين تعمير جو بنياد وڌو ته اها نم پڻ وڍارائي مسجد جي بنياد کي ويڪرو ڪرايو. مدد خان مخدوم نعمت الله بزرگ کان معافي وٺي واپس ويو. “ (مولوي ۽ قاضي، ص 106، 107)
ياد رهي ته 1781ع ڌاري مدد خان پٺاڻ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي سان گڏجي کيس اقتدار ڏيارڻ لاءِ هتي آيو. هو جڏهن بهاولپور پهتو ته هن واعدي ڪيل رقم جو اڌ گهريو. جنهن تي کيس چيو ويوته سموري رقم قلعي ۾ پوريل آهي، في الحال ڦرلٽ تي گذارو ڪيو وڃي. جڏهن اهي ٻئي خدا آباد پهتا ته مدد خان کيس خزاني ڏيکارڻ جو چيو. عبدالنبي پنهنجي ماڻهن کي ڊوڙايو ته آس پاس جي ڳوٺن کي ڦريو ۽ جيڪي ڪجهه هٿ اچي، کڻي اچو ته پٺاڻ جو پيٽ ڀريون. هن افراتفري ۾ خلق خدا وڏي آزار ۽ مصيبت ۾ اچي ويئي.
(لاکو، 2004، ص 179 ۽ 180)
هالاپراڻا، خانوٽ، هالانوان، گهوٽاڻا، کيبر، ڳاهوٺ ۽ ڀاڻوٺ وغيره خدا آباد جي پسگردائي ۾ هئا، تنهنڪري اتان جا رهواسي ڪلهوڙن جي ڪارندن توڙي مدد خان جي سپاهين جي ڦرلٽ ۽ آزار جو شڪار ٿيا.
هن جي وفات پهرين ربيع الثاني سن 1197هه/ 6 مارچ، 1783ع تي هالا پراڻا ۾ ٿي. سندس تربت کڏي کٿوري جي مقام ۾ حجري کان ٻاهر آهي.
[b]حڪيم محمد فاضل هالائي:
[/b]29 نومبر 2016ع تي اداري سنڌيالاجي ڄامشوري پاران پراڻن ڪتابن، مسودن واري نمائش ۾ هڪ پراڻو مسودو بعنوان بياض محمد فاضل هالائي نظر آيو، جنهن جو مولف محمد فاضل هالائي هو، جنهن هي بياض 1206 هجري يعني 1791 يا 1792ع ۾ فارسي ۾ لکيو.
انهي مسودي جي تعارف ۾ لکيل هو ته هي جامع مخطوطو سنڌ جي هڪ محقق حڪيم محمد فاضل هالائي جن جو آهي، جنهن هن جي نرالي ترتيب رکي آهي. پهريائين دوائون ۽ انهن جي ٺاهڻ جا مختلف طريقا ۽ فائدا ٻڌايل آهن ۽ مناسبت سان ٻيا نسخا به درج ٿيل آهن ۽ حاشيه تي بيماريون ۽ ان جي علاج جا اصول ٻڌايل آهن. ڪتاب جي سائيز وڏي ۽ ڪافي ضخيم لڳي ٿو.
انگريزي وضاحت ۾ هن کي هالا پراڻا جو حڪيم ڄاڻايو ويو آهي. پر هو ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن فوت ٿيو ۽ سندس ڪهڙي خاندان سان تعلق آهي. سي رخ اڃان اڄاتا آهن.
تازو (آخري هفتو آڪٽوبر، 2017ع) سنڌيالاجي وڃڻ ٿيو ته جيئن ان ڪتاب کي ڏسجي ۽ ڪا وڌيڪ معلومات هٿ ڪجي، پر اڃا توڻي اهو نمائش ۾ رکيل هو ۽ چاٻين وارو همراه موڪل تي هو.
[b]آخوند محمود قريشي: (وصال 1172 هجري/ 1758ع)
[/b]تاريخ قديم هالا موجب هي صاحب هڪ بزرگ ۽ عالم هو ۽ سندس تنصنيفات گهڻيون هيون، پر پونيرن جي لاپرواهي سبب اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويون.
”مرحوم آخوند محمود جا هٿ لکيا ڪتاب اساس المصلي در صفت ايمان و احڪام الصلوٰت تي لکيل (آخوند محمود 6 شعبان سن1172هجري) پوين ۾ مولوي آخوند محمود سندس مسڪيني حالت جي هئڻ ڪري سندس وڏي پُٽ محمد حيات جي بيماري ۾ اُهي ڪتاب فروخت ڪري ڇڏيا، مگر مولوي محمود اهڙا نوٽ پاڻ وٽ لکي ڇڏيا، جنهن مان ڪجهه احوال سندس خاندان جو ملي سگهيو آهي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 69 ۽ 70)
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي موجب هي صاحب جيد عالم ۽ نصرپور ۾ مدرس هو. سندس پٽ آخوند محمد قاسم صاحب ديوان فارسي واري وٽس ئي تعليم پرائي. قاسمي صاحب هن جي وفات جو سال 1172هجري/ 1758ع لکيو آهي. هن کي اتي نصرپور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. (علامه قاسمي، 2012ع، ص 147)
[b]آخوند محمد قاسم ولد محمود سانوڻي هالائي:
[/b](وصال 1248 هجري/ 1832ع)
جيئن ته آخوند محمد قاسم سانوڻي جي نالي سان ٻه شاعر ٿيا آهن، ڪن ليکڪن ان کي هڪ ڪري سمجهيو آهي. تنهن ڪري مقامي مورخ مولوي محمود قريشي پنهنجي اڻ ڇپيل مضمون ۾ هن کي آخوند محمد قاسم صاحب ديوان پارسي سڏي ٿو ۽ ٻي کي صاحب ديوان سنڌي لکي ٿو. (جنهن جو احوال اڳيان آهي)
هن آخوند محمد قاسم بن محمود جي ولادت جي تاريخ ته معلوم ڪونهي، پر سائين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن هن جي وصال جو سال 1248 هجري بمطابق 1832ع ڄاڻايو آهي. (علامه قاسمي، 2012، ص 147)
آءِ. ايڇ. سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب Persion Poets of Sindh ۾ هن جو ذڪر ٽالپر دؤر واري باب ۾ ڪيو آهي، ۽ هن کي مير ڪرم علي خان ٽالپر (وصال 1244 هجري / 1828ع) جو همعصر ڪري ڄاڻايو آهي.
سدارنگاڻي جي لکئي موجب هي صاحب ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۽ اوڻهين صدي جي شروع ۾ شاعريءَ جي افق تي اڀريو. هن جي ديوان جي مسودي جي ڪاپي تي نائين شوال، 1240هه / 27 مئي 1825ع) لکيل آهي، جنهن مان اندازو ڪجي ٿو ته شاعر پنهنجي لکت ان تاريخ کان اڳ پوري ڪئي هوندي. سدارنگاڻي وڌيڪ لکي ٿو ته هن جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ گهڻو معلوم نه آهي. (سدارنگاڻي، 1987، ص 199)
هن پنهنجي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي، جيڪو هڪ جيد عالم هو ۽ نصرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. مولوي محمود قريشي، جيڪو پاڻ کي هن جو پڙ پوٽو قرار ڏئي ٿو، ان لکيو آهي ته پيءُ جي وفات بعد نصرپور ۾ پيءُ جي جاءِ تي پڙهائڻ لڳو. پر پوءِ وري ٽنڊو ڄام ۾ لڏي آيو، جتي هن مير ڄام خان جي اولاد توڙي ٻين شهرين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. پڇاڙي جي عمر ۾ ضعيف الحال هئڻ سبب پنهنجي پٽ آخوند نورمحمد کي تعليم ڏيڻ واسطي ٽنڊو ڄام ۾ رهائي، پاڻ هالا پراڻه ۾ سڪونت اخيار ڪئي، جتي سندن وفات ٿي.
مولوي محمود جي لکت موجب هن جي تدفين هالاپراڻن ۾ هالن جي رستي تي شيخ صاحب (سيد عبدالطيف حسيني يا قادري يا حسني) واري مقام ۾ شيخ صاحب جي مرقد مبارڪ کان اتر طرف 20 کان 25 قدمن تي ٿي.
مولوي محمود موجب هن جي شادي خاندان مان ئي ٿي ۽ کيس ٽي پٽ ٿيا: آخوند نور محمد (جو آخوند گل محمد جو نياڻو ٿيو)، ٻيو محمد حيات، جنهن شادي نه ڪئي ۽ ٽيون محمود جو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، جيئن مٿي ان جي وفات تي سندس شعر به ڏنل آهي.
ديوان قاسم کان علاوه مولوي محمود سندس هڪ ٻي تصنيف دو وايه يعني پارسي ۽ ان جي سنڌي جو ذڪر ڪري ٿو. هي ڪتاب پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد دائم کي پڙهائيندي تيار ڪيو. پر اهو ڪتاب توڙي ٻيون تصنيفون ناياب آهن.
قاضي غلام محمد قريشي پنهنجي ايم اي فارسي لاءِ آخوند محمد قاسم بن محمود تي انگريزي ۾ مونوگراف لکيو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ۾ آخوند قاسم جي ديوان فارسي جو جائزو، هن جي حياتي ۽ تصنيفات جي تذڪري کان علاوه غزلن جو انگريزي ۾ ترجمو به آهي. مون کي اهو مونوگراف يا ڪتاب ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي.
محترم عبدالله ورياه پنهنجي مضمون هالاڪنڊي ۾ هن جو هالا ڪنڊي جي تعريف ۾ لکيل فارسي شعر سنڌي ترجمي سان (جيڪو ترجمو شايد قاضي غلام محمد قريشي صاحب ڪيو آهي) گڏ ڏنو آهي، سو پيش ڪجي ٿو.
يا ربّ شگفته باده، گلزار هاله ڪندي
آباد رکجان سائين گلزار هاله ڪنڊي
سر سبز و سايه گست را شجار هاله ڪندي
ساوا هجن سدائين اشجار هاله ڪنڊي
پروردگار عالم از لطف بي نهايت
ساري جھان جا مالڪ ڪر ٻاجهه تون مڙن تي
رونق پذير گرده هر ڪار هاله ڪندي
سولا ڪجاءِ سڀ ڪم ۽ ڪار هاله ڪنڊي
با حرمت محمد و اصحاب آل پاکش
نالي نبيءَ جي ۽ صدقي سندن صحابن
فضل خدا ست هردم معمار هاله ڪندي
رب جو فضل آ هردم معمار هاله ڪنڊي
چون گل شگفته هر دم، باد از نسيم فرحت
گل وانگي آ ٽڙيل ۽ ٿڌڙي هتي هوائون
يا رب ز فضل عامت خوشدار هاله ڪندي
قادر جي آ ڪرم سان خوشدار هاله ڪنڊي
هريکـ بعلم نامي، هريکـ بفضل سامي
مشهور آ ملڪن هر ڪو هتي جو عالم
هر يڪ عديل جامي، ابرار هاله ڪندي
هر هڪ آ جامي جھڙو ابرار هاله ڪنڊي
از بس که بي مثال است، اندر بلاد گيتي
بازار بي مثل آ ناهي سا ڪنهن شــهر ۾
ورد زمان علام، اذڪار هالـه ڪندي
دنيا جي آ زبان تي اذ ڪار هاله ڪنڊي
هر ڪوچه چون گلستان هر خانه کاخ جنت
هرجاءِ ڄڻ گلستان هر گھر هتي جو جنت
از روضه ارمبه بازار هاله ڪندي
آهي ڀلي ارم کان بازار هاله ڪنڊي
مرغول مهو شانش هر ڪس کة ديد گفتــا
سهڻن جا پيچ پائڻ هر هڪ ڏسي چيو ٿــي
از چين و شام بهتر صد بار هاله ڪندي
آ چين شام کان مٿ سئو بار هاله ڪنڊي
کر جا ڪني بجنت هر دم ز شوق گوئـــي
هر وقت شوق مان جي جنت ۾ جاءِ ڳولهين
با شد که باز بينم ديدار هاله ڪندي
ات ڀي ڪريا سڌون مان ديدار هاله ڪنڊي
در ديده سڪندر منشان طبع روشن
روشن دماغ ماڻهن ۽ سوچن ۾ سڪندر
آئينه هسته ري کـــدي وار هاله ڪندي
چمڪي جتي ٿي هر هڪ ديوار هاله ڪنڊي
قا حشر غم نه بيندز آفات ” قاسما “ او
ڪوسو ڪو واءُ ڪڏهين ”قاسم“ لڳي نه ڪڏهين
مخدوم نوح باشد، دار هاله ڪندي
مخدوم نوح ٿيو آ سردار هاله ڪنڊي.
[b]خليفو گل محمد گل هالائي: (1784-1858)
[/b]سنڌي زبان ۾ پهريان موزون غزل لکندڙ يا غزلن جو پهريون ديوان لکندڙ طور مشهوري ماڻيندڙ خليفو گل محمد گل هالائي هالا پراڻا ۾ سال 1784ع ڌاري ڄائو. مولوي محمود قريشي جي لکئي موجب هن پنهنجي سموري تعليم عربي، پارسي پنهنجي والد مرحوم مولوي حافظ ولي محمد وٽ ورتي.
مولوي محمود لکيو آهي ته آخوند گل محمد سدائين رياضت ۽ فقيري ۾ گذاريو. کيس ننڍپڻ کان ئي صوفياڻي طريقي جو شوق هوندو هو ۽ ننڍپڻ کان ئي شعر گوئي جو شوق گهڻو هوندو هو.
هو پير گوهر علي شاهه اصغر جو مريد ٿيو ۽ اتان ئي کيس خلافت جو درجو حاصل ٿيو. هن ڪافي عرصو پنهنجي مرشدن وٽ گذاريو.
ڪن محققن جو اهو رايو آهي ته آخوند گل محمد سنڌي غزل کي هڪ نئون روپ ڏنو ۽ الف بي وار هڪ ديوان تيار ڪيو. ان حساب سان کيس سنڌي غزل جو مؤجد به چيو وڃي ٿو. هيءَ صاحب ساڳئي وقت فارسي، عربي جو ماهر پڻ هو.
هو ڪافي وقت کنڊو يا کيبر ۾ رهيو، جتي بقول ڊاڪٽر مخمور بخاري جي هن کي مجازي عشق ٿي ويو. جڏهن سندس عشق ظاهر ٿيو ته معشوق جي مائٽن کيس مارڻ ٿي گهريو. تنهن ڪري هو ڪافي سال گم رهيو. ڊاڪٽر صاحب جي خيال ۾ هو اهو عرصو ڪنگري يا پيرڳوٺ ۾ وڃي رهيو. ان وقت جو گادي ڌڻي پير پاڳارو به شاعر هو. ڪن جو خيال آهي ته آخوند گل شاعري ۾ هن جي رهنمائي ڪئي آهي. پر اها ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي.
آخري عمر ۾ کيس حج جو شوق جاڳيو، حج جي راونگي کان اڳ هو بمبئي ويو، جتي پنهنجو ديوان پاڻ 1275هجري بمطابق 1858ع ۾ ڇپايائين. پوءِ هو حج تي روانو ٿيو، جتي وفات ڪيائين.
[b]آخوند گل جو ديوان:
[/b]سندس ديوان جو اهم حصو 12 صفحن تي ڦهليل سندس مهاڳ هو، جيڪو پهرئين ڇاپي کان پوءِ ٻين ڇاپن ۾ شايع نه ڪيو ويو آهي. ان مهاڳ ۾ هن صاحب سنڌي صورتخطي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب اهو مهاڳ يارهن ننڍن ننڍن بابن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ باب کي هن واٽ سڏيو آهي.
پهرئين واٽ ۾ هن سنڌي صورتخطي تي بحث ڪيو آهي. ان کانپوءِ واٽ ٻي، ٽين، چوٿين، پنجين ڇهين، ستين ۽ اٺين ۾ سنڌي، عربي، فارسي اکرن تي بحث ڪري ۽ انهن جا جدا جدا چارٽ ڏيئي، واٽ نائين ۾ پنهنجي ديوان لاءِ ٺاهيل الف بي جو چارٽ ڏنو اٿس، جو 55 اکرن تي مشتمل آهي. ڏهين واٽ ۾ عربي اکرن جو ابجد جي حساب موجب چارٽ آهي ۽ يارهين ۾ سندس ٺهرايل سنڌي جي پنجونهاهه اکرن جو ابجد جي حساب سان چارٽ آهي. اتي چٽائي يعني مهاڳ پورو ٿئي ٿو. سندس ديوان به انهي صورتخطي ۾ آهي. (ميمڻ سنڌي، ص 262، 263، 272)
ڪتاب جو مهاڳ اهو ظاهر ٿو ڪري ته هو ماهر لسانيات به هو.
[b]ديوان گل جا ڇاپا:
[/b]پهرئين ڇاپو ته پاڻ بمبئي ۾ ليٿو تي ڇپايائين. ان جي هڪ اضافي خوبي اها آهي ته هن ٺيٺ سنڌي لفظن جي فارسي معنيٰ حاشيه ۾ ڏني آهي. ان کانپوءِ قريبن چار ڇاپا مارڪيٽ ۾ آيا. ٻيو ڇاپو سال 1915ع تي ليٿو تي هريسنگهه ڪتب فروش ڪراچي مان ڇاپيو. ان ۾ فارسي ۽ هندي قطعه نه ڏنا ويا آهن. ٽيون ڇاپو 1919ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي شايع ڪيو. ان ڇاپي ۾ بقول ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جي ايتريون ته غلطيون رهجي ويون، جو ويهن صفحن تي ڀلنامو شايع ٿيو.
آخري ڇاپو 1933ع ۾ مسلم ادبي سوسائٽي نئين نموني سنواري ۽ سڌاري شايع ڪيو ويو. هن ڇاپي جي خوبي اها آهي ته ڏکين لفظن جي معنيٰ حاشيي ۾ ڏني ويئي. قاضي عبدالغفور هالائي انهي ديوان جو مرتب ۽ شارح هو. ياد رهي ته ان ڇاپي ۾ آخوند گل وارو مهاڳ شايع نه ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي هن ڇاپي تي به اعتراض واري ٿو. بهرحال افسوس ته باوجود هن حقيقت جي، ته سندس ديوان سنڌي جي نصاب تي رکيل آهي، پر ان جو نئون ڇاپو 80 سالن کان مارڪيٽ ۾ ڪونهي. مون به ان جا ڪجهه ڇاپا محترم ڊاڪٽر مخمور بخاري وٽ ڏٺا آهن، جنهن کي ڪجهه عرصو اڳ ڪنهن اداري ديوان گل کي سوڌ سنوار لاءِ زباني چيو هو، پر اهو ڪم اڳتي نه وڌيو.
ديوان گل جي اهميت جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي رقمطراز آهي ته ”جيتوڻيڪ هن (آخوند گل) فارسي وزن ۽ هيئت کي قبول ڪيو، تڏهن به فارسي شعر جي اثر ۽ روايتن کي مڪمل نموني اختيار نه ڪيو. ان کان سواءِ هن زور ڪري عربي ۽ فارسي لفظ ڪتب ڪونه آندا آهن، پر تمام گهڻا سنڌي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿس. گل مرحوم گهڻو قدر سنڌي ماحول موجب تشبيهون آنديون آهن، ۽ ترڪيبون، استعارا ۽ محاورا به ٺيٺ سنڌي آندائين. هن ايران جي ماحول جي نه پر سنڌ جي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. ... گل جي غزل ۾ به تصوف جا نڪتا، اخلاقي هدايتون، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا اهڙي رنگين نموني ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جو غزل جو روح فنا نٿو ٿئي.“ (ص 276، 277)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن جي ديوان جو تجزيو ڪندي لکيو ته ديوان ۾ خدا پرستي کان وٺي مجازي عشق تائين سڀ ڳالهيون بحث هيٺ آيل آهن ۽ دنيا جي دستور بابت به ڪيترا اشارا آهن. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ ڪٿي مفهوم جي منجهه آهي ته ڪٿي مفهوم تمام سادو ۽ نظم به سليس آهي. پوين شاعرن جي اڳيان ته گل جو مثال هو پر گل جي اڳيان ٻيو ڪوبه سنڌي ديوان نه هو. انهي حالت ۾ گل کان ڪي فروگذاشتون ٿي ويون آهن. جن ۾ مفهوم جو مبهم هجڻ به اچي وڃي ٿو. سادگي سندس ڪلام ۾ گهڻي آهي ۽ ڪٿي به لفظن جي کيڏ نه لڀندي. انڪري قافيي جي تقاضا خاطر غلط قافيا به آندا اٿس. آخوند گل جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي ڪمي بيشڪ آهي، پر گل جا ڪي ڪي خيال نهايت بليغ شعر جي صورت وٺن ٿا. (جوڻيجو، 2000، ص 238)
نامور مورخ ۽ محقق ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب هن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”ديوان گل معنيٰ خليفي گل محمد جي شعر جو ڪتاب، پر ديوان لفظ خاص طرح انهي شعر جي ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ سمورو شعر الف بي وار ڏنل هجي. پارسي بحر وزن تي ڪجهه شعر سچل فقير درازن واري جوڙيو هو، پر خليفو گل محمد پهريون ئي سنڌي شاعر هو، جنهن پنهنجا سڀ غزل پارسي بحر ۽ وزن تي الف بي واري بيهاري، ديوان تيار ڪيو.
”ديوان گل ۾ جيڪو شعر آهي، تنهن کي مضمون جي مد نظر تي جدا جدا طبقن ۾ وراهي سگهجي ٿو.
”ديوان گل ۾ خوبيون به آهن ته خاميون به آهن.منجهس ڪل 172 غزل آهن، جي جدا جدا وقتن تي جڙيل آهن. ڪي اعليٰ درجي جا آهن ته ڪٿي ته رڳو قافيه بيهارڻ لاءِ ڇٻ ڇٻ ۽ ٿٻ ٿٻ لڳي پئي آهي.“
(رسالو سنڌو ڊسمبر 1938)
سنڌي ٻولي کان علاوه هن صرف فارسي ۾ شاعري ڪئي آهي، پر فارسي ۾ چند ڪتاب نثر ۾ تحرير ڪيا اٿس، جيڪي هن وقت نٿا ملن. هن جي هڪ فارسي ڪتاب توفيق الطالبين جو سنڌي ترجمو ڪنوز المعرفت انٽرنيٽ تي ميسر آهي. اهو ڪتاب خليفه محمود نظاماڻي جي ملفوظات جو مجموعو آهي، جيڪو پاڻ تحرير ڪيو اٿن.
سندن وصال مدينه منوره سال 1858ع ڌاري ٿيو.
ملان سانوڻي محلا ۾ هڪ مسجد هن جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي ڇت عام رواج واري نه پر پاسائين يا gable آهي.
سائين طلعت جيلاني قريشي ٻڌايو ته هن جي ڏاڍي سٺي بيٺڪ هوندي هئي. چند سال اڳ برطانيه جي ڪنهن چينل آخوند گل محمد تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاهي هئي، جنهن ۾ سائين انهن کي هي بيٺڪ، مسجد توڙي ان جو گهر ڏيکاريوهو. انهن ٽنهي شين جي ريڪارڊنگ ڪئي هئي.
آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي: (وصال 1855ع)
وفائي صاحب جي لکت موجب هي صاحب نه صرف فارسي جو هڪ پختو شاعر هو، پر ساڳي وقت عامل، رمل جعفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو آهي. هي خليفه گل محمد هالائي جو مائٽ ۽ همعصر هو.
وفائي صاحب سندس دستخط سان هڪ ڪتاب ڏٺو هو، جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224هجري يعني 6 مئي 1809ع لکيل هو.
آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272هجري/ 4 آڪٽوبر 1855ع تي رحلت فرمائي.
[b]حافظ نصرالله سانوڻي هالائي:
[/b]وفائي صاحب هن کي به خليفي گل محمد جو همعصر قرار ڏئي ٿو، پر هن جي ڄم يا وفات جي تاريخ نٿو ڄاڻائي. وفائي صاحب جي احوال موجب هي صاحب قاري، عالم ۽ شاعر هو. هن جي والد جو نالو حافظ بلال بن حافظ هارون سانوڻي هو.
تاريخ قديم هالا جي لفظن ۾ سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. جيتوڻيڪ سندس وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 صدي هجري جي رجالن مان ۽ آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 45)
[b]آخوند نور محمد سانوڻي هالائي: (وصال 1865ع)
[/b]وفائي صاحب موجب هي صاحب هڪ پاسي علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو، ته ٻئي پاسي. فارسي زبان جو پڻ چـڱو شاعر هو.
وفائي صاحب هڪ پاسي لکيو آهي ته آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 هجري/ 28 اپريل 1865ع تي رحلت فرمائي، پر ٻئي پاسي جيڪو قطعه تاريخ ڏنو آهي، ان موجب اهو سال 1287هه آهي.
[b]دينو فقير: وصال 1873ع
[/b]تاريخ قديم هالا موجب هي بزرگ هالا پراڻا جي پينار برادري سان تعلق رکندڙ هو. پينارن جي اصل ذات مولوي محمود موجب ذات چنا آهي، پر جيئن ته اهي تڏا ۽ ڦيسون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا، تنهن کي انهن کي پينار سڏيو ويو.
”هن بزرگ جو خاندان سيوهڻ جو رهاڪو هو. پوءِ صدين کان هن بزرگ جو اصل وڏو سيوهڻ کان لڏي اچي هالن پراڻن ۾ سڪونت پذير ٿيو.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 180، 181)
سائين عطا محمد جي خيال ۾ هو تيرهين صدي هجري جو بزرگ آهي. هن وٽ ڪتن جو هجوم رهندو هو ۽ سڀني کي هو ماني کارائيندو هو. چون ٿا ته هر ڪتي جو نالو رکيل هو، جنهن جو نالو پڪاريندو هو ته اهو ڪتو ايندو هو. سندس وفات 27 محرم الحرام 1290هجري/ 27 مارچ 1873ع تي ٿي.
تاريخ قديم هالا ۾ موجب هن جي وفات وقت عمر 105 ورهيه هئي، تنهنڪري اندازو آهي ته هن جي ولادت سال 1185 هجري/1771ع ۾ ٿي هوندي.
پهريائين سندس مزار دريا جي اندر هئي پر پوءِ دريا جي ٻوڏ سبب سندن نعش مبارڪ کڻي بچاءَ بند جي ڀر ۾ آندو ويو. اهو مزار سيد فيض محمد شاهه جي مزار کان ٿورو اڳتي اتر طرف بند جي ڀرسان آهي.
[b]آخوند اميد علي سها سانوڻي هالائي: (وفات 1881ع)
[/b]وفائي صاحب لکيو آهي ته هي عالم فاضل، عامل، شاعر ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي هو. هن جو تخلص سها هو. هو فارسي جو نهايت عمدو شاعر هو ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو. هن قصيده برده جي فارسي ۾ شرح نه صرف نظم ۾ پر نثر ۾ به ڪئي آهي. قاسمي صاحب کيس وقت جو عمدو شاعر قرار ڏئي ٿو ۽ لکي ٿو ته هو خوش نويس ۽ خطاط به هڪ هو. (علامه قاسمي، 2012، ص 151)
هي صاحب پنهنجو گھڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو، جيڪي سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هئا. ياد رهي ته آخوند صاحب بقول وفائي صاحب جي علم جعفر، عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد جو وڏو ماهر هو. وفائي صاحب سندس انهيءَ فن تي لکيل رسالو به ڏٺو هو. وفائي صاحب موجب هن رسالي ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ جي لکئي موجب هي صاحب عبدالحسين سانگي جو وڏو همعصر ۽ صحبتي هو.
هن صاحب جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: (1) ديوان (2) انشاء (3) سفرنامو ڪلڪته (4) رساله در علم تڪثير 5. قدسياته قيومه 6. قصيده برده جو فارسي ترجمو.
هن جو وصال اڱاري جي ڏينهن، 15 ربيع الاول سن 1298هه/ 15 فيبروري 1881ع تي ٿيو.
[b]حافظ غلام محمد سانوڻي هالائي: (وفات 1298هجري / 1881ع)
[/b]هن صاحب جو مختصر احوال علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪيو آهي، جنهن موجب هي مشهور شاعر ۽ عالم آخوند احمد سانوڻي جو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ کان اڳ جواني ۾ گذاري ويو. هي عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو، شعر سان گڏ نثر نويسي ۾ ته کيس وڏي مهارت حاصل هئي. وڏو فصيح ۽ بليغ اديب هو. پر هن جي تنصيفات جي نالن جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. هن جي وفات تي آخوند محمد قاسم عربي ۾ مرثيو لکيو آهي، جنهن جي آخري مصرع ”محمد قاسم جنان مثواه“ مان تاريخ وفات ڪڍي ويئي. (علامه قاسمي، 2012ع، ص 149)
[b]آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله قريشي: (1881ع - 1806ع)
[/b]هي ٻيو آخوند قاسم آهي، جنهن جو تعلق به هالا پراڻا جي ملان سانوڻي عقيلي قريشين سان آهي. مولوي محمود قريشي هن جي علحده سڃاڻپ لاءِ کيس صاحب ديوان قاسم سنڌي لکي ٿو.
هن عربي پارسي جي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. شاعر سان گڏ هو، بقول مولوي محمود جي، بهترين خوش نويس به هو. ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد ۾ رهائش دوران هن پنهنجي خوش نويسي کي روزگار جو ذريعو به بنايو هو.
آءِ. ايڇ. سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ انگريز دؤر جي فارسي شاعرن ۾ هن جو احوال لکيو آهي. هو لکي ٿو ”جواني ۾ هو پائونڊ منشي ٿي رهيو، پوءِ هو تپيدار به ٿي رهيو. هو شاعري جو شوقين هو. هي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ انهن محفلن ۾ هو پنهنجي کليل ۽ ظريف شعرن سان رنگيني وجهندو هو.
”فارسي کان علاوه هو عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو هو. ان وقت جي رسالي مفرح القلوب ۾ مستقل سندس شعر ڇپبا هئا. تنهن ڪري کيس ملڪ جي مختلف جڳهين تان داد پيو ملندو هو.“
(سدارنگاڻي، 1987ع، ص 255)
ڊاڪٽر جوڻيجي لکيو آهي ته علم عروض جي ڄاڻ هن کي خليفي گل جي نسبت وڌيڪ هئي. سندس ڪتاب ديوان قاسم پهريون ڀيرو 1875ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڀيرو ان کي مرزا قليچ بيگ ترتيب ڏئي، ان ۾ هر غزل ۾ ڪم آيل وزن ڄاڻائي، شرح به لکي. (جوڻيجو، 2000ع، ص 238)
روزگار سانگي هو حيدرآباد ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. حيدرآباد ۾ ئي پنهنجي دوست شاعر فاضل شاهه جي تحرڪ تي هن سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين (2009ع) موجب ھو انھن سنڌي شاعرن مان ھڪ آھي، جن پھريان رباعي لکڻ شروع ڪئي. ھن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به لکي. ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا بيت ۽ ڪافيون به لکيون.
(ص 38)
مولوي محمود هن جي ولادت توڙي وصال جون ٻه مختلف تاريخون لکي ٿو. هڪ پاسي هن جي ولادت 1221 هجري/ 1806ع ڄاڻائي ٿو ته وري اڳيان 1201 هجري / 1786ع لکي ٿو. ساڳي طرح وصال جو هڪ جاءِ تي سال 1298 هجري / 1881ع لکي ٿو ته ٻي جاءِ تي سال 1309 هجري / 1891ع لکيو آهي. مٿئين تذڪري ۾ اسان پڙهيو ته هن حافظ غلام محمد جي وفات تي، جيڪا 1881ع ۾ ٿي، عربي ۾ مرثيو لکيو آهي. ان حساب سان لڳي ٿو ته هن جي وفات 1891ع ۾ ٿي هوندي. پر سدارنگاڻي امام بخش خادم پاران هن جي وفات تي لکيل ڇهه سٽو ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو تنهن ۾ سال 1881ع آهي:
ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏنهن بقا
رب عطا ان کي ڪري خلد و جنان
جنوري جي اڙهينءَ منگل جي وار
سال ارڙهن سو اڪاس هو روان
عيسوي ايهو ٿيو، هجري به ٻڌ
ورهه ٻارهن سو اٺانوي ٿو چوان.
(ص 255)
[b]رانجهو فقير: (وصال 1883ع)
[/b]هن صاحب جي مزار عيد گاهه جي قريب بچاءُ بند جي ڀر ۾ آهي. سائين عطا محمد صدر، احمد فقير جي روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته هن، جنهن اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي، کيس ٻڌايو هو ته رانجهو فقير، دينو فقير کان پوءِ آيو هو ۽ موجوده جاءِ جيڪا دينو فقير جي مزار وٽ آهي، آستانو ٺاهيو ۽ وصيت ڪئي ته کيس اتي ئي دفن ڪيو وڃي.
هن جي حوالي سان اها روايت عام آهي ته هو ڀرپاسي ۾ رات جو نار هلڻ برداشت نه ڪندو هو. سائين عطا محمد جي خيال ۾ هن جي وفات 1300 هجري/ 1883ع ۾ ٿي آهي.
[b]آخوند احمد سانوڻي هالائي: (وصال 1899ع)
[/b]وفائي صاحب موجب هي عالم، فاضل، شاعر قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر جي مريدن مان هو. هن پنهنجي سموري زندگي تعليم ڏيڻ ۽ شاعري ڪرڻ ۾ بسر ڪئي.
ٻڌايو وڃي ٿو ته حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي. ميرن جي ڪيترن صاحبزادن جي ڄمڻ جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هي به تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن جو مڃيل ماهر هو.
وفائي صاحب موجب هن جو پنهنجي همعصرن مان آخوند اميد علي سها هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهندو هو. عربي، فارسي، ۽ سنڌي زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿائين.
پنهنجي همعصر دوست آخوند اميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. علم جعفر، وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻو ۽ وڏي ڪماليت وارو بزرگ 1317هه/ 1899ع ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو.
هي صاحب به مير عبدالحسين سانگي جو سهيوڳي ۽ صحبتي هو.
خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي:
وفائي صاحب موجب لطف الله بن حاجي حافظ نصر الله سانوڻي، هڪ عالم، شاعر، مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام سنڌي ۽ فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي.
”آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي درس تدرس ڏيندو رهيو.
هن جي وفات جي تز تاريخ معلوم ڪونهي البت چيو وڃي ٿو ته هن 13 صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي هئي.
وفائي صاحب هن جي ڪنهن طويل قصيدي جي حوالي سان لکيو آهي ته چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر جي سامهون پڙهيو هوائين.
[b]آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي: (متوفي 1887ع)
[/b]مولانا وفائي جي لکئي موجب آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چـڱو شاعر هو. ڪجهه فارسي، ڪجھه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت ۾ گھڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. اتان ريٽائرٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو.
آخوند صاحب 15 جمادي الثاني 1304هه/ 11 مارچ 1887ع جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.
[b]فقير گدا علي بن غلام:
[/b]روايتن موجب هي صاحب پڻ هڪ وڏو بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.ڪن راوين جو چوڻ آهي ته مرحوم فقير گدا علي مرحوم فقير احسان لانگاهه جي اولاد مان آهي.
سندس ولادت توڙي وفات هالن پراڻن ۾ ٿي. تاريخ قديم هالا موجب سندس تربت شاهه ديانه جي مقام يا قبرستان ۾ ڏکڻ ۽ الهندي جي ڪنڊ تي آهي. هن سان گڏ ٻين قبر يوسف فقير جي ۽ ٽين موليڏنه فقير جي آهي. اهي ٽيئي فقير جناب حضرت سيّد شيخ عبداللطيف جي خانقاه جا فقير، ذاڪري ۽ بيت ڏيندا هئا.
”مرحوم فقير گدا علي پنهنجي خاندان مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ پٽ بخش علي ٿيو جو لا اولاد گذاري ويو. ۽ ٽي نياڻيون ٿيون، جيڪي ٽيئي پرڻائي ڏنائين. جنهن جو اولاد نمبر پهرين نياڻيءَ مان غلام شاهه ٺوڙهن وارو، نمبر ٻي نياڻيءَ مان جڙيل شاهه شاهه جھانيه پوٽه وارو، نمبر ٽي نياڻيءَ مان صوفن شاهه جھوڪ شريف شاهه عنايت وارو، جن جو اولاد اڄ تائين موجود آهي.
”فقير گدا علي جا ٻه شاگرد هڪ عثمان فقير. ٻيو مهرعلي، سي فقير آچر عمراڻي جي والد فقير عبدالله سان گڏ خدا آباد وارن ميرن وٽ ڳائيندا هوا. مرحوم فقير گدا علي اهل الله دعا پٽ جھڙو هو. مرحوم فقير گدا علي، فقير ڀليڏنه ابن ابوبڪر جو شاگرد هو.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 203، 204)
[b]سائين ولايت راءِ: (1825-1887ع)
[/b]سائين حڪيم ليکراج کتري جي پوٽي آڪاش آسواڻي (جيڪو پاڻ قائد عوام يونيورسٽي ۾ بي ايس آءِ ٽي ڪري رهيو آهي) 128 صفحن تي مشتمل هڪڙو ڪتاب ”ڪٿا سائين والايت راءِ جي“ فوٽو اسٽيٽ حالت ۾ ڏنو، جنهن ۾ هالا پراڻا جي رهواسي سائين ولايت راءِ جو احوال ڏنل آهي.
ان ڪتاب موجب هالا پراڻا جي منشي ڪراڙ مل جي پٽ منشي پرتابراءِ کي 1825ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهنجو نالو ولايت راءِ رکيو ويو. ولايت جڏهن پنجن ورهين جو ٿيو ته اسڪول موڪليو ويو، جتي ماستر قاضي مسلمان هوندا هئا.
”ولايت راءِ جا وڏا عامل ڪامورا هوندا هئا ... هو ميرن جا منشي هئا ... منشي ڪوٺائڻ ۾ هاڻي ته اهم (عيب) ٿو لڳي، پر اڳي ميرن جي ڏينهن ۾ منشي رياستن جو سٺو ڪاروبار هلائيندا هئا.“
ڪتاب موجب هي صاحب ننڍي هوندي کان ذهين هو. پنهنجي قاضي استادن جي نظرداري ۽ سنڀال هيٺ عربي، سنڌي، پارسي سکي، پنجون درجو پارسي پاس ڪري پڙهڻ بند ڪيائين. جلدي ۾ سندس شادي ٿي.
سترهن سالن جي عمر ۾ بوبڪن ۾ هن کي ڪنهن مير وٽ ڪارداريءَ جي ڪم تي رکيو ويو. پر ميرن جي راڄ جي خاتمي سان اها نوڪري ختم ٿي. انگريزن جي دؤر ۾ هي لاڙڪاڻي ۽ ميروخان تعلقي ۾ تپيدار رهيو. ان دؤر ۾ سندس حساب ڪتاب ۾ ڪمي پيشي جي ڪري کيس ڇهه مهينا جيل جي سزا آئي.
ڪتاب ۾ لکيل آهي ته انهي جيل واري عرصي ۾ هن خواب ڏٺو، جنهن ۾ هن کي چيو ويو ته تون هن جُڳ ۾ انهي ڪم لاءِ نه آيو آهين، سو ان مان جان آجي ڪراءِ. بهرحال سندس ڪيس جي نئين سر جانچ ۾ هي بي ڏوهي ثابت ٿيو ۽ آزاد ٿيو.
جيل مان نڪري هو هالا پراڻا آيو ۽ ڪتاب جي لکت موجب هو ڪرامت جو ڌڻي ٿي پيو يا ٻين لفظن ۾ هو هندن جو مهاپرش بنجي پيو. ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ هو سنڌ جي سفر تي نڪتو ته جيئن وري ڪو روزگار حاصل ڪري سگهي. هلندي گهمندي هو قمبر ۾ آيو جتي پهرئين هو پٽواري يعني زمين ماپيندڙ ٿيو ۽ پوءِ وري تپيدار ٿيو.
اتي سندس پؤلڳن جو حلقو وڌندو رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مختيارڪار جي رويي کان تنگ ٿي استيعفا ڏنائين، ۽ پوءِ ڪل وقتي بزرگي جو لبادو اوڍيائين. سندس آخري پساءَ قمبر ۾ پورا ٿيا ۽ اتي ئي سندس سماڌي جوڙي ويئي.
هن جو تقريبن ساڳيو احوال انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ستين (2013ع) جي صفحي 110 تي ڏنل آهي. پر اتي هن صاحب جو نالو سائين ولايترام لکيو ويو آهي.
[b]قاضي يار محمد قريشي: (متوفي 8 جنوري 1899ع)
[/b]سروري ٽوڙ ۾ جن شاعرن جا ڏهر شامل آهن، تن ۾ هالا پراڻا جو قاضي يار محمد قريشي به هو. ان صاحب جو جيڪو مختصر احوال پروفيسر محبوب علي چنا قاضي غلام محمد قريشي جي حوالي سان ڪليات امين جي مقدمي ڏنو آهي، سو هتي پيش ڪجي ٿو.
”قاضي غلام قريشي موجب هن جي تاريخ ولادت معلوم نه آهي. هن جي والد جو نالو قاضي محمد روشن هو. پاڻ لاولد 25 شعبان المعظم 1316 بمطابق 8 جنوري 1899ع تي گذاري ويا.
”هو هالا پراڻا جي هڪ ٻي اديب ۽ شاعر قاضي ابوالمعالي جو ويجهو عزير هو ۽ هن سان علمي ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئس.
”پاڻ مخدم امين محمد امين عرف پکن ڌڻي جي حلقه احباب ۾ شامل هو. پاڻ جيڪو سائين پکن ڌڻي جي شان ۾ سنڌي ڪلام چيو اٿس، سو سروري ٽوڙ ۾ ڏهر قاضي يار محمد جي نالي سان مشهور آهي.
(چنا، 1990ع، ص 61 کان 63)
[b]قاضي ابوالمعالي قريشي:
[/b]هن صاحب جومختصر ذڪر اسان قاضي يارمحمد قريشي ۾ پڙهيو ته هو هالا پراڻا جو اديب ۽ شاعر هو ۽ قاضي يار محمد جو سهيوڳي هو. باقي وڌيڪ احوال نه مليو آهي.
[b]قاضي عبدالقوي شريف: (1810-1875ع)
[/b]ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب هن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”پير اڃان مون پنڌ ۾“ لکيو آهي ته ”محمد ابراهيم خليل ٺٽوي (19صدي) پنهنجي ڪتاب تڪمله مقالات شعرا ۾ قاضي ميان عبدالقوي شريف ساڪن هالا ڪنڊي ڪهنه جو احوال هن جي شاعري سميت ڏنو آهي.
”بابا جو پڙ ڏاڏو قاضي عبدالقوي شريف جيڪو 19صديءَ جي شروعات ۾ ميرن جي دؤر ۾ ڪاردار رهيو، جنهن جو عهدو مختيارڪار جي برابر هوندو هو. هو اعليٰ پائي جو شاعر هو ۽ محمد ابراهيم خليل ٺٽوي جھڙو محقق ۽ عالم سندن دوست هو جيڪو ساڻن ملڻ هالا پراڻا ايندو هو.“
(ڊاڪٽر قاضي، 2012ع، ص 383، 384)
پنهنجي ٻئي ڪتاب اندر روح رهيام (يادگيريون) (2011ع) ۾ ڪتاب تڪمله مقالات شعره جي واسطيدار پني جو عڪس ڏنو ويو آهي. (ص 175)
فارسي زبان جو هي شاعر ۽ نثر نويس، پهريائين ملتجي تخلص استعمال ڪندو هو، پر پوءِ آخر ۾ شريف جو تخلص اختيار ڪيائين.
چاند شاهه خانوٺ واري قبرستان ۾ مسڪين شاهه جي ڀرسان مسڪين شاهه جي والد پير سيد علي حسين شاهه جي قبر تي فارسي ۾ ڪتبو هن صاحب جو لکيل آهي، جيڪو تازو ڪنهن اهڙي شخص لکيو آهي، جو پورو سمجهه ۾ نٿو اچي.
[b]آخوند مولوي فتح محمد سانوڻي صاحب: (1910ع-1854ع)
[/b]تاريخ قديم هالا موجب هيءُ صاحب عالم هو ۽ سال 1854ع ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي علم جو گهڻو شوق هوندو هو، ٿوري وقت ۾ قرآن، فارسي ۽ عربيءَ جو علم حاصل ڪري دستار بنديءَ جي رسم ادا ڪيائين.
”ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان هڪ ڪتاب ڪاشف الغموض يعني سنڌي لغت تصنيف ڪيل آهي، جيڪا ڇپيل پڻ آهي. هن بزرگ جو وڏو ڪتبخانه هو، مگر هن پنهنجو توڙي ابن ڏاڏن جي ڪتابن جو ذخيرو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پير جهنڊي وارن کي ڏيئي ڇڏيو. پوءِ پاڻ جلد ئي گذاري ويو. ياد رهي ته هي پير جهنڊي وارن جو مريد هو.
هن صاحب سال 1910ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت مقام مخدوم لاخيال ۾ قطب شاھ جي تربت کان اُتر طرف پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ آهي.
(مولوي ۽ قاضي، ص 49 ۽ 50)
[b]مخدوم محمد ابراهيم صوفي ڀٽي: (1865ع 1913-ع)
[/b]¬¬¬هي بزرگ مخدوم محمد صالح ڀٽي جو والد محترم هو. هن جي تاريخ ولادت 15 ذوالحج 1281هه بمطابق 11 مئي 1865ع آهي. هيءُ سنڌي توڙي فارسي زبان جو سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن جا شعر، مداحون ۽ ڪافيون تمام گھڻي انداز ۾ چيل آهن، جي اڻ ڇپيل آهن.
ھن صاحب هڪ ناول ”نيڪيءَ جو نتيجو ۽ بدي جو ڦل“ اوڻهين صدي جي آخر ڌاري ترجمو ڪيو هو، جنهن لاءِ ڪي شخص ان راءِ جا آهن، ته اهو سنڌي ۾ ڪنهن ناول جو پهريون ترجمو آهي. اهو ناول قلمي صورت ۾ ٻن ڀاڱن ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي جي هٿ اکرن ۾ مخدوم آفتاب ڀٽي وٽ رکيل آهي.
وفائي صاحب هن صاحب جي تذڪري ۾ ناول جو نالو نشتر ڏنو آهي. ”اردو ۾ هڪ ”نشتر“ نالي ناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي، جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ اُن وقت جي سنڌي دانن کيس کي داد ڏنو.“
وفائي صاحب لکيو آهي ته مرحوم سيد اسدالله ٽکڙائي، قاضي هدايت متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شاعري يا مشاعرا، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
هن صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب گلستان ولايت به قلمي صورت ۾ آهي. اهو ڪتاب هن 13 شوال 1318 هجري بمطابق 3 فيبروي 1901ع تي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي حوالي سان پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”آئون هن ڪتاب جو نالو گلستان ولايت رکان ٿو ۽ انکي پنجن چمنن تي مترتب ڪئو اٿم ۽ هر هڪ چمن کي چئن چئن گلن تي وراهيان ٿو ۽ ان جي آخري ۾ ضروري فهمائشون وڌايان ٿو.“ هن ڪتاب ۾ مخدوم بهاءُ الدين زڪريا، مخدوم رڪن الدين ۽ صدرالدين جو احوال شامل آهي.
هن جو وصال 4 ربيع الاول 1331هه/ 11 فيبروري، 1913ع تي ٿيو.
[b]فقير خالقڏنه:
[/b]تاريخ قديم هالا موجب هيءُ صاحب تمام ڪامل بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس پهرئين تدفين هالا ڪنڊي لڳ ڊيهن ڳوٺ ۾ ٿي. جڏهن اهو ٻڏڻ لڳو ته سندس مرقد کي وري وگھاملن جي اصل ڳوٺ ۽ مياڻيءَ جي ڳوٺ جي وچ تي قائم قبرستان ۾ دفنايو ويو. جيڪو پوءِ سندس نالي (يعني خالقڏنه جي مقام) سان مشهور ٿيو. اهو علائقو وري سال 1952ع ۾ ٻڏي ويو. ڪتاب موجب ميربحرن سندس مرقد مان ايندڙ آواز ٻڌا ته کيس هتان ڪڍي مٿانهين جاءِ تي رکيو وڃي. ان کان پوءِ سندس نعش اتان ڪڍي هالا پراڻا ۾ رکيو ويو آهي.
”مرحوم فقير خالقڏنه بزرگ جي اُٺَنِ سان گھڻي محبت هوندي هئي. هيءُ بزرگ قبر کي اصل ٺهڻ پسند نه ڪندو هو. ڪو به جيڪڏهن قبر ٺهرائيندوهو ته اٺ اچي ان کي لتاڙي ڊاهي ڇڏيندا هوا. ۽ قبر جو نشان ئي ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. اڪثر ماڻهون اٺن کي اتي ڏسندا هوا ته اٺ ان قبر تي پيا ليٽندا هوا.
”هيءُ بزرگ خالقڏنه قديم زمانه جو آهي، هن جي اصلي نسب ۽ ولادت ۽ مماتي ۽ اولاد جي خبر نه ملي سگهي آهي“. (مولوي ۽ قاضي، ص 177، 178)
[b]سيد فقير علي شاهه ابن فتح محمد شاهه:
[/b]هن صاحب جا وڏا سيوهڻ مان لڏي هتي اچي ورسيا هئا. هي صاحب سيد مسڪين شاهه جو همصر هو ۽ سيد مصري شاهه صاحب سان به سندس تعلق هو.
تاريخ قديم هالا موجب هن سيّدن کي کاٻروٽي (يعني سبز وارا) سيّد ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. سندن اصل آباءُ اجداد جي جاين ڀرسان سيوهڻ ۾ هڪ وڏو کٻڙ هوندو هو. ان کٻڙ هيٺ ڪچهري وغيره ڪندا هوا. جنهن ڪري عام چوندا هوا، ”کٻڙ وارا سيّد“. انکانپوءِ عام مروج ۾ کاٻروٽي سيّد ڪوٺجڻ لڳا. جو اڄ تائين انهئ نالي سان مشهور آهن.“ پر مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ کاٻروٽي جو سيوهڻ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي نالي طور ذڪر ڪيو آهي. (ص 352)
تاريخ قديم هالا موجب ”سندس شجره حضرت امـام جعفــر عليه السـلام سان ملي ٿو. هن بزرگ سيّد فقير علي شاهه جا وڏا قديم زمانه کان هالن پراڻن ۾ لڏي اچي ويٺا. مرحوم سيّد فقير علي شاهه عالم ۽ حافظ القرآن ۽ تمام قابل حڪيم هو. مرحوم شاهه صاحب قابل حڪيم هوندو هو. فقط جيڪڏهن ڪنهن کي ڪوبه ڏس ڏيڻو هوندو هو ته شفاع ٿي ويندي هئي. سندس دعائي ڪافي هوندي هئي. وٽس ماڻهون دوا ۽ دعا لاءِ ايندا هوا.
سندس صحبت ۽ خذمت ۾ ٻه نامور قابل حڪيم مرحوم آخوند حبيب الله آخوند سانوڻي، 2. ٻيو صوفي آسومل کتري سدائين رهندا هئا. جن پڻ حڪمت جو ڪم وٽائنس حاصل ڪري پنهنجو شفا خانو کوليو.
(مولوي ۽ قاضي، ص 186)
هن صاحب جي حوالي سان سائين عطا محمد لکيو آهي ته سندس دعا سان مخدوم محمد زمان سرڪار (1861-1913ع) کي مليل سزا معاف ٿي هئي. (صدر، ص 14)
هن خاندان جو آخري مرد سيد مڱيلندو شاهه هو، جيڪو چند سال اڳ وفات ڪري ويو آهي، ان جو علحده ذڪر هن ڪتاب ۾ آهي.
[b]آخوند محمد بچل قريشي:
[/b]تاريخ قديم هالا موجب هيءُ فارسي جو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ”هي صاحب انگريز حڪومت جي زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ماستر هو. مرحوم آخوند صاحب ئي اوائلي شروعات ۾ انگي حساب تيار ڪيو هو. جنهن جو هڪ نسخو يعني ڪتاب مرحوم محمد صالح ڀٽي جي ڪتبخانه ۾ ڪنهن زماني ۾ موجود هو.“ (ص 80)
تازو 28 آڪٽوبر 2017ع تي مخدوم محمد صالح جي پوٽي مخدوم آفتاب مون کي چند قلمي ڪتاب ڏيکاريا، انهن ۾ هڪ ڪتاب بعنوان ”ليکي جو حساب ڀاڱو ٻيو اڻپورا انگ“ ڏاڍي دلپذير لکت ۾ نظر آيو. ان ڪتاب جي آخري صفحي تي فارسي ۾ اهو لکيل آهي ته هذا ڪتاب الحساب از يد حقير پر تقصير فقير بچل سانوني خلف مرحوم مغفور امين محمد عفي الله متوطن قصبه هالڪندي ڪهنه.... تاريخ 10 جمادي الثاني 1280هجري مطابق 23 نومبر 1863ع.“ جيئن ته هو خوشنويس هو، تنهنڪري اهي هٿ اکر هن جا آهن، البت ڪتاب جي تنصيف وارو نڪتو تحقيق جو متقاضي آهي. ياد رهي ته تاريخ قديم هالا ۾ هن جي ولديت محمد اشرف لکيل آهي، جيڪا ظاهر آهي ته سهو آهي.
هن صاحب جو ڪتابت ڪيل هڪ ٻيو قلمي ڪتاب حڪايت الصالحين جي نالي سان به ڏسڻ جو موقعو مليو هو. ممڪن آهي ته آخوند صاحب ئي هن ڪتاب جو مولف پاڻ هجي. اصل ۾ ان مسودي جا پهريان ڇهه صفحا غائب آهن. ڪتاب جي سائيز نوٽبڪ جيتري آهي، ڪل صفحا 581 آهن. صفحي 580 تي فارسي ۾ لکيل آهي ته ”تمام شد ڪتاب حڪايت الصالحين سنڌي بروز پنجشنبه وقت ظهر تاريخ دويم ماه ذيقعده 1276 هجري مدم مطابق مؤرخ ست چهارم ماهه مئي 1860عيسوي.“ ان کان پوءِ رڳو ڪاتب طور سندس نالو درج آهي.
اهو ڪتاب پراڻي سنڌي يعني نظاماڻي نموني تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ بزرگن جون ٻه سو کن حڪايتون درج آهن. پهرئين حڪايت صفحي اٺين کان شروع ٿئي ٿي. ان کان اڳ صفحي ستين جي لکت مان ظاهر آهي ته ليکڪ يا مولف شروعاتي صفحن ۾ هن ڪتاب جو تعارف لکيو آهي، جنهن ۾ هن بابن جو تفصيل ڏنو آهي. صفحي ستين تي باب چوڏهين کان باب ويهين جي موضوعن جو مختصر تعارف آهي.
آخوند بچل صاحب جي حوالي سان تاريخ قديم هالا ۾ هڪ واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن جو اختصار اهو آهي ته آخوند محمد حيات پنهنجي پٽ نورمحمد کي هڪ ڪتاب انشاء فارسي سڄو بي نقطه قلمي (جو پڻ خاندان آخوند سانوڻي جي هڪ فرد جو ٺاهيل هو) هٿ ۾ ڏيئي چيو ته وڃي شهر ۾ جناب مولوي محمد وٽ پڙهه. پر مولوي محمد جن چيو ته اسين هيءُ ڪتاب پڙهائي ڪونه سگهنداسون.
”هو جڏهن واپس وريو ته کترين جي بازار مان هندو عاملن جي محلي وٽان لنگھيو ته هڪ هندو عامل وٽس ڪتاب ڏسي انجي پڇا ڪئي. جنهن تي هن سڄي حقيقت ان کي ٻڌائي. عامل اهو ڪتاب ڏسي چيو ته اوهان اسان جا استادي گھر آهيو، نه ته آئون ئي کڻي اوهان کي اهو ڪتاب کڻي پڙهايان. آخر ۾ هو محمد بچل وٽ ويو، جنهن چيو ته ابا آئون نظر کان ويهي رهيو آهيان. هاڻي اُن ڪتاب جا اکر هوبهو منهنجي هٿ تي لکندو وڃ، ته آهستي آهستي اهو ڪتاب پڙهائي پورو ڪريان، نه ته منهنجي حالت ڏسين پيو. (مولوي ۽ قاضي، ص 80، 81)
هن جي ڄم توڙي وصال جي درست تاريخ معلوم ڪونهي پر تاريخ قديم هالا ۾ لکيل آهي ته شايد هي تيرهين صدي هجري جي اوائل ۾ ڄائو ۽ چوڏهين صدي جي اوائل وفات ڪري ويو. تيرهين صدي جي آخرين چوٿين ۾ سندس ڪتابت ڪيل نسخن جو احوال اڳيان ڏنو اٿئون.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي صاحب مون سان فون تي ڳالهائيندي هن کي ميان جي ڪوٺيو ۽ پنهنجو وڏو ڏاڏو قرار ڏنو.
[b]آخوند محمد حسن بن حافظ نور محمد:
[/b]تاريخ قديم هالا ۾ آيل احوال موجب هي صاحب هڪ وڏو عالم، ۽ فارسي جو شاعر هو.
هن پنهنجي والد جي اڻپوري تصنيف مخمس ڪريما کي مڪمل ڪيو. ”مگر افسوس جي ڳالهه آهي، جو اهڙن بزرگن جون تصنيفون ۽ سندس دستخط پوين کان ضايع ٿي ويا. سندن غفلت کان اهڙو ناياب ذخيرو قُوت به اُڏوهي ٿي ويو، ۽ باقي جيڪو ڪجهه ذخيرو ۽ سندن دستخط هئا، سي سڀ ڦلن جي مُٺ تي فروخت ڪري ڇڏيائون.مرحوم آخوند صاحب جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ نه ملي سگھي آهي. سندس تربت مخدوم لاخيال جي مقام ۾ ڏکڻ طرف آهي. هن صاحب جي تصنيف گھڻي آهي، جن مان احسن الفوائد ڪتاب مشهور آهي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 84، 85)
[b]مجذوب فقير رمضان ڪوري: (وصال 1937ع)
[/b]سائين عطامحمد موجب هي مجذوب ۽ صاحب ڪرامت هو. هي ڪپڙا اڻندو هو تنهن ڪري ڪوري ٿو سڏجي. ياد رهي ته هالا پراڻا ۾ پنجاهه سال اڳ تائين ڪورين جو وڏو پاڙو هو. پر هن وقت صرف چند گهر رهيا آهن. باقي اڪثر هالا ۾ رهن ٿا.
هو شروع ۾ ڪنهن سيٺ پهلراج جو ڪمدار هو. هڪ ڀيري ڏياري جي موقعي تي ڳائڻن جو ٽولو آيو ته هو ڪنهن ڳائڻي تي فدا ٿي ويو ۽ ٻه ڏينهن هو اتي بيٺو رهيو. جڏهن کيس ڪنهن چيو ته ڳائڻ وارا ته ويا هليا ته هن هائو ڪئي ۽ اچي فقير علي شاهه جي مزار تي ويٺو. جتي سائين عطامحمد جي لکت موجب کيس اشارو ٿيو ته هو کڏي کٿوري هليو وڃي. جتي هو اولهه واري ڀت وٽ ويٺو رهيو، اتي کيس امانت ملي ۽ مجذوب ٿي ويو. اتان پوءِ دينو فقير جي مزار تي اچي ويٺو.
سائين عطا محمد صدر صاحب مولوي محمود قريشي جي حوالي سان هڪ روايت لکي آهي ته هو ۽ ٻيا رئيس شير محمد قريشي جي اوطاق تي ويٺا هئا. اهو زمانو 1926ع جو آهي. ان وقت پير پاڳارو تي برطانيه حڪومت جو مقدمو هلي رهيو هو. رئيس شير محمد فقير کي چيو ته دعا ڪريو ته پير صاحب پاڳارو مقدمي مان بري ٿئي. تنهن تي فقير وراڻيو ته سائين کيس 7 سال قيد جي سزا ايندي. ۽ پوءِ واقعي به کيس 7 سالن جي قيد سزا ۾ جهونا ڳڙهه اماڻيو ويو.
سائين عطامحمد جي لکت موجب مخدوم غلام حيدر قريشي و صديقي هن جو وڏو مداح هو. (صدر، ص 17)
هن جي وفات سائين عطامحمد موجب 1927ع يا 1928ع، ۽ تاريخ قديم هالا موجب سال 1937ع ۾ ٿي.
کيس دينو فقير واري قبرستان ۾ رکيو ويو. جيڪو دريا ۾ ٻڏي ويو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن سندس نعش مبارڪ کڻڻ لاءِ قبر کي کوٽيو ويو ته اها خالي هئي ۽ هڪ دري هئي، جنهن مان پريان کيس ويندي ڏٺو ويو. (صدر، ص 17)
[b]قابل جيئندو رناڻي ميـمڻ:
[/b]تاريخ قديم هالا موجب مرحوم قابل به ننڍپڻ کان ئي مجذوب ۽ مستانه هوندو هو. ۽ سدائين اگھاڙو هلندو هو. ڪوبه ماڻهو هن کي سٿر ٺهرائي ڏيندو هو ته ان کي ڦاڙي ڏيندو هو.
”جيڪڏهن ماني ملندي هيس ته کائيندو هو نه ته ڀلي ڏينهن گذري وڃن. وقتي بازار ۾ نڪرندو هو ته ڪنهن سان به ڪونه ڳالهائيندو هو ۽ سدائين ماٺ ۾ هوندو هو. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو سوالي وٽس سوال لاءِ ايندو هو ته انکي جيڪڏهن خيال اچي ويس ته بروقت چوندو هو ته اهو ڪم ٿيندو يا ڪونه ٿيندو. بعضي سوالي پنهنجو سوال دل ۾ رکي ان مستانه فقير وٽ اڃا اچي وهندو هو ته انکي چوندو هو ته تون فلاڻي ڪم لاءِ آيو آهين. پوءِ جيڪڏهن راضي ۽ خوش هوندو هو ته سوالي کي سندس مقصد جو جواب بخوبي ڏيندو هو.
مرحوم قابل مستانه چوڏهين صدي جي اوائل ۾ گذاري ويو. سندس قبر کڏي کستوري مقام ۾ کڏئ جو چـــؤديواري کان 20-25 قدم اڀرندي طرف آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 221 ۽ 222)
[b]مولوي الحاج محمد قريشي هالائي: (1918ع-1860ع)
[/b]هن بزرگ جو تعلق هالا پراڻا جي مولوي قريشي خاندان سان آهي. وفائي صاحب موجب هن جي وڏڙن جو تعلق شهر بوبڪ ضلع دادو سان هو، جتي هو بوبڪائي آخوند سڏبا هئا. ڪافي عرصو اڳ هي هالا پراڻا ۾ اچي رهيا.
مولانا مرحوم جي ولادت هالن پراڻن ۾ تاريخ 27 رمضان المبارڪ شب قدر 1276هه/ 18 اپريل، 1860ع تي ٿي. هن صاحب عربي نصاب جا ابتدائي سبق خليفي عبدالطيف وٽ پڙهيا. ان کان پوءِ هو مولانا مرحوم حسن الله صاحب پاٽائي وٽ تعليم وٺڻ لاءِ روانا ٿيا، جتي ٿورو وقت تعليم وٺي، وري حيدرآباد ۾ مولانا محمد حسن صاحب جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. اتي سمورا درسي ڪتاب پڙهي نصاب ختم ڪيائون ۽ اتي ئي سندن دستاربندي ٿي.
ان کان بعد پنهنجي شفيق استاد جي اجازت سان حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊي مير نور محمد خان ۾ جدا مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيندا رهيا. ٻن ٽن سالن بعد والد صاحب جي حڪم تي هالا پراڻا آيا ۽ هتي مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيڻ لڳا. سنڌ جي مختلف علائقن مان ڪيترا پرديسي مسافر طالب به سندن درس علم ۾ اچي داخل ٿيا.
والد صاحب جي وفات کان پوءِ والد جي ملڪيت مان جيڪو کيس حصو مليو، سو وڪرو ڪري سڀ پئسا پاڻ سان کڻي حج جي ارادي سان ربيع الاول 1309هه ۾ حجاز شريف روانا ٿيا. اتي پورو هڪ سال حضرت مولانا عبدالحق صاحب بن شيخ شاهه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر اله آبادي جي خدمت ۾ رهي، علم حديث جو مطالعو ڪيائون ۽ اوليات احاديث جا پڙهي کانئن حديث ۽ اصول حديث ۽ ٻين علمن جا اجازت ناما حاصل ڪيائون. اهي اجازت ناما اڃا تائين سندن ڪتبخانه ۾ موجود آهن. باقي بچيل پئسن مان عربي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو مڪي مڪرمه مان خريد ڪري پاڻ سان کڻي اچي پنهنجي وطن ۾ پهتا. اتي دستور موجب وري به تعليم جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا.
پاڻ ڪافي سارا ڪتاب ۽ رسالا لکيائون. جن مان ٻه ضخيم ڪتاب فتوائن تي مبني آهن. انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. فتاويٰ محمدي: عربي ۽ فارسي ۾ ٻن ضخيم جلدن ۾.
2. فتاويٰ احمدي:سنڌي زبان ۾.
3. شرح احاديث،
4. مسائل اربعين سنڌي،
5. حقوق الزوجين،
6. المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته،
7. تمام العنايته ترجمه بدايته الهدايته،
8. حلال ترڪيب منطق،
9. دووايو عربي و سنڌي،
10. ڪشف الجان سنڌي،
11. خلاصته الاصول عربي،
12. عشرين مسائل فارسي وغيره وغيره .
پاڻ مورخه 4 ماه ربيع الاخر 1336 هه/ 18 جنوري 1918ع تي جمعي ڏينهن هي جهان ڇڏي ويا.
[b]صوفي آسو رام: (1941ع-1854ع)
[/b]هيءُ صوفي شاعر سال 1854ع ڌاري هالا پراڻا ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم به هتي ٿي. هن سال 1871ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. اتان ٽن سالن جو ڪورس پاس ڪري اچي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو.
ان کان علاوه پاڻ خانگي طرح حڪمت سيد فقير علي شاهه وٽ سکيو. چيو وڃي ٿو ته ننڍي لاڪون ئي کيس شاعري جو شوق هو، تنهنڪري هو شعر يا ڀڄن پيو جوڙيندو هو.
نوڪري لاءِ سندس پهرئين مقرري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٿي، پوءِ وري جوهي ۾ ماستر ٿيو. آخري وقت ۾ هالا پراڻا ۾ هيڊ ماسٽر ٿي آيو. جتي 1909ع ۾ 55 ورهين کانپوءِ پينشن تي لٿو.
ڪن جي خيال ۾ نوڪري دوران سندس لاڙو تصوف ۽ ويدانيت ڏي ٿيو. ڪن جي خيال ۾ تصوف ڏانهن سندس لاڙو سيد فقيرعلي شاهه جي صحبت کان وڌيو. ان کان پوءِ هن جو تعلق مصري شاهه سان به ٿيو ته جهوڪ پاسي هن جو وڃڻ ٿيو. تصوف جي اثر ۾ رهي ڪري پاڻ ڪافي ساري شاعري ڪيائون. سندس هڪڙي مناجات نبي سڳورن ﷺ جي بارگاهه ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب مداحون ۽ مناجاتون (2006ع) ۾ ڏني آهي. (ص 337، 338)
هن جي شاعري جي پهرئين مجموعي جو نالو هو ”ديوان آسو“، جيڪو 1897ع ڌاري لاڙڪاڻي جي هڪ پبلشر ڇپايو. ان کان علاوه به سندس ڪافي ڪتاب لکيل آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. پريم غنچا 2. رساله آسو. انهن کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ هڪ ٻي قلمي مسودي جو ذڪر ڪري ٿو.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب سال 1946ع ڌاري Encylopedia of Literature واسطي لکيل مختصر ليک ۾ شاهه کان پوءِ ٻين اهم صوفي شاعرن ۾ هن جو نالو به ڄاڻايو آهي.
هن جو وصال 15 فيبروري، 1941ع تي ٿيو. ڳالهه ٿا ڪن ته چکيا ڏيڻ بعد جڏهن هاٺي چونڊڻ ويا ته هڏيءَ مان ثابت وار نڪتو جو هڪ پهتل شخص جي نشاني آهي ۽ اهو وار ۽ ٻيون سندس ڪم آڻڻ واريون شيون سندس اولاد وٽ رکيل آهن.
حڪيم ليکراج، سوز صاحب جو دوست ٿانورداس سندس پڙ پوٽا آهن. آڪاش آسواڻي جيڪو حڪيم ليکراج جو پوٽو ٿئي ۽ آسومل جو تڙ پوٽو ٿيندو، تنهن هن جي ڪلام کي باقاعده ڪمپوز ڪيو آهي. پر وٽس ايترا مالي ذريعا نه آهن، جو اهو ڇپجي سگهي.
[b]مخدوم عبداللطيف ڀٽي: (1857-1918)
[/b]هن صاحب جي حوالي سان سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ الرحمة جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. سال 1274هه/ 1857ع ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.
”ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جماد الثاني بروز اربع 1337هه مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.“ (سيد، 2004، ص 599)
[b]مخدوم محمد صالح ڀٽي: (1887-1953)
[/b]مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب 25 سيپٽيمبر 1887ع مطابق 7 محرم الحرام 1305هه تي ڄائو. مخدوم صاحب جن جو والد محترم محمد ابراهيم صوفي ڀٽي (1865-1913) به هڪ بلند پايه عالم ۽ اديب هو. مطلب ته مخدوم صاحب جنهن خاندان ۾ اک کولي، انهيءَ اندر علم ۽ ادب جو روايتون اڳيئي پڪيون پختيون هيون.
مخدوم صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ حاصل ڪئي، ان بعد هو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان هن سال 1909ع ڌاري ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. سال 1910ع ۾ هڪ پاسي کين پوني جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي ته ٻي پاسي کين سنڌ مدرسي جي پرنسپل محترم ٽي ايڇ وائنس، ٽيچر جي نوڪري جي آڇ ڪئي. پاڻ ٽيچر ٿيڻ واري آڇ قبولي، مدرسي ۾ درس وتدريس ۾ مشغول ٿيا. اڳتي هلي تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي مقرر ٿيا. سال 1944ع ۾ پاڻ نوڪري تان ريٽائر ٿيا.
پاڻ شاگرديءَ جي زماني کان ئي لکڻ پڙهڻ جي ڪرت اختيار ڪيائون. جڏهن پاڻ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيا، تڏهن کان مدرسي جي رسالي الاسلام جا ايڊيٽر به بنجي ويا. ان عرصي ۾ هو ڪافي ادبي ۽ تعليمي ڪميٽين ۾ مقرر ٿيا ۽ سرگرم رهيا. محترم ڊاڪٽر ممتاز بخاري پاران هن تي لکيل مضمون ۾ آيل فهرست مان اهو اندازو لڳائجي ٿو ته هن صاحب تقريبن چاليهارو ڪتاب لکيا يا سهيڙيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن: 1. سيدة النساء 2. صديق اڪبر 3. منهاج المومنين 4. بيبي رابع بصري 5. عروس ڪربلا 6. سقراط 7. اخلاقي جواهر 8. منصور حلاج 9. فاروق اعظم 10. واندڪائيءَ جي وندر 11. فتوحات اسلام 12. اسان جو پيارو آقا 13. المرتضيٰ 14. حيات سعدي 15. ڪلام مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي 16. سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت 17. احسان فقير جو ڪيڏارو 18. ڪلام مخدوم عبدالرؤف ڀٽي. 19. مضامين متفرقه.
ان کان علاوه سندس ڪافي ڪتاب قلمي صورت ۾ ۽ اڻڇپيل آهن، جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: 1. فقه شريف 2. گلستان فارسي 3. حضرت عالمگير اورنگزيب 4. اسلامي تاريخ (ڇهن جلدن ۾) 5. نسب اولاد مخدوم حضرت عبدالله ڀٽي 6. ابيات مختلف 7. انگي حساب 8. ڪلام صالح 9. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جو ناول 10. حڪايت الصالحين 11. نماز 12. مخدوم محمد صالح جا ذاتي خط 13. يوسف زليخا 14. سنڌي شاعري 15. ڪلام مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي.
مخدوم صاحب رڳو نثر نويس نه هو پر هو هڪ شاعر به هو. هن حمد، نعتون، غزل، مسدسون وغيره ڪافي تعداد ۾ لکيون آهن. شاعريءَ ۾ سندن استاد محمد صديق مسافر صاحب هو. ٻي اهم ڳالهه منهنجي نظر ۾ اها آهي ته هو وڏو پڙهاڪو شخص هو. سندس ذاتي لائبرري هزارين ڪتابن تي مشتمل هئي. سنڌي، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ ڇپيل ڪتاب انهيءَ لائبرري ۾ هئا. انهيءَ لائبرري جي ڪتابن جو ٿورو حصو سنڌيالاجي جي حوالي ٿيو، پر ان کان اڳ ڪافي ڪتاب هن جي ڪجهه وڃائي ڇڏيا. هن وقت تمام ٿورڙا ڪتاب سندس پوٽي مخدوم آفتاب احمد ڀٽي صاحب وٽ محفوظ آهن، جيڪو به مخدوم صاحب وانگيان ڪتابن جو شوقين آهي. ياد رهي ته سنڌيالاجي ۾ مخدوم صاحب جو ڪارنر قائم ڪرائڻ کان وٺي ڳوٺ جي گرلز هاءِ اسڪول تي مخدوم محمد صالح ڀٽي جو نالو رکائڻ ۾ هن دوست ڪافي پاڻ پتوڙيو آهي.
اسانجو هيءُ پيارو استاد، عالم ۽ اديب بتاريخ 27 ڊسمبر 1953ع مطابق 19 ربيع الثاني 1373 هجري تي طبعي طور اسان کان ڌار ٿي راهه رباني ورتي. پر لکيتن جي صورت ۾ سندس واس اسان کي واسيندو رهندو.
[b]مولانا احمد قريشي هالائي: (1896-1956)
[/b]هن صاحب جي ولادت، شهر هالا پراڻا ۾ تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ / 13 نومبر 1896ع تي ٿي. سندن والد جو نالو الحاج مولوي محمد قريشي هالائي (1860-1918) هو.
ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسي جو سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪاً، حضرت مولانا خواجه حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سرهندي جن کان ڪرائي ويئي هئي.
مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ، پنهنجي والد محترم وانگيان تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گھڻي انداز ۾ڪندا هئا. سندن فتويٰ واري فن توڙي تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي. وفائي صاحب به ڪڏهن ڪڏهن کانئس فقهي تحقيقون ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو - ۽ هميشه کين انهي فن ۾ داد ڏيندو هو.
مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ بسر ڪئي، پر پوءِ به سندن صحبت ان وقت جي چڱن چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا محمد صادق صاحب کــڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني، مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحُوم مولانا عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله ڪبرائي، ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
مولانا مرحوم جن، 15محرم الحرام سن 1376 هجريءَ/ 22 آگسٽ 1956ع ۾، هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.
[b]مولوي عبدالله قريشي:
[/b]هي صاحب مولوي احمد قريشي جو وڏو فرزند هو، ۽ وٽس ئي پڙهيو هو. کانئس پوءِ مدرسي جو مدرس ٿيو. ان کان علاوه هو سالن تائين ڀٽي بزرگن واري جامع مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو. زندگي جا آخري سال ناگهاني بيماري باعث هن بستري تي گذاريا. ڊاڪٽر عبدالحليم، عبدالرشيد ۽ عبدالرحمان سندس فرزندان گرامي آهن.
[b]مولوي محمد دوئم قريشي:
[/b]هي صاحب به مولوي احمد قريشي صاحب جو ٻيو پٽ هو. هن جي تعليم به مدرسه محمديه ۾ والد وٽ ٿي. اسان جڏهن ان مدرسي ۾ پرائمري پڙهندا هئاسون ته سائين ان جو منتظم هوندو هو. سائين کي ننڍا توڙي وڏا ڀائو محمد ڪري سڏيندا هئا. مولوي سراج احمد، سائين ظهور احمد، مولوي احمد، مولوي مسعود قريشي سندس پٽ آهن.
[b]آخوند حاجي ولي محمد: (2002ع - 1902ع)
[/b]هي صاحب هالا پراڻا جي ويجهي دؤر جو اهم ترين بزرگ آهي. هن جو تعلق آخوند خاندان سان آهي، جنهن جو جد امجد پهرئين غير مسلم هو ۽ سيوهڻ ۾ رهندو هو. اهو مخدوم نوح جي خدمت ۾ هالا ڪنڊي ۾ حاضر ٿيو ۽ مسلمان ٿيو. سندس نالو شفيع محمد رکيو ويو. هو صاحب مخدوم نوح جي خدمت ۾ رهيو. مخدوم صاحب پنهنجي مريدن مان، جيڪا ٻانگا طور مشهور هئا، سندس شادي ڪرائي ۽ کيس آخوند جو لقب عطا فرمايو. تنهن ڪري اڄ تائين اهو خاندان آخوند طور مشهور آهي.
آخوند ولي محمد جي ولادت بروز جمع، 1320 هجري بمطابق 19 نومبر، 1902ع تي ٿي. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي مدرسي ۾ ٿي، جيڪو آخوند يارمحمد جو مدرسو سڏبو هو، ۽ هالا پراڻا ۾ ڪافي وقت کان هلندڙ هو. ان مدرسي ۾ قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري جا چار درجا به پڙهايا ويندا هئا.
ان مدرسي مان تعليم پرائڻ کانپوءِ آخوند صاحب عربي فارسي وغيره مدرسه محمديه هالا پراڻا ۾ مولوي احمد قريشي صاحب وٽ پڙهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مامي ۽ سهري آخوند عبدالمجيد جي خانوٽ ۾ قائم مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. ان مدرسي ۾ به قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري تعليم ڏني ويندي هئي.
آخوند يارمحمد (آخوند ولي محمد جو وڏو ڀائيٽو) آخوند عباس (آخوند ولي محمد جو پڙ پوٽو) کي ٻڌايو ته ان مدرسي جي استاد کي في پاس ٿيل شاگرد جي حساب سان ان وقت جي سرڪار معاوضو ادا ڪندي هئي. پهرئين درجي پاس ٿيل جا 25 روپيه، ٻي درجي واري جا 20، ٽئين درجي واري جا 15 ۽ چوٿين درجي واري جا 10 روپيه ڏنا ويندا هئا. هڪڙي سال انهي مدرسي جي امتحان وٺڻ لاءِ مخدوم محمد صالح ڀٽي آيو، جيڪو آخوند يار محمد جي مدرسي ۾ پڙهيو هو. ان سڀ ٻار پاس ڪيا، تنهنڪري آخوند ولي محمد صاحب کي 450 روپيه معاوضو مليو. ان زماني ۾ حج 500 روپين ۾ ٿيندو هو. سو آخوند ولي محمد صاحب پنجاهه روپيه ڪٿان هٿ ڪري، وڃي حج جي سعادت حاصل ڪئي. غالبن اهو سال 1936ع هو.
پنهنجي ڀاءُ آخوند الياس جي وفات کان پوءِ پاڻ هالا پراڻا ۾ اچي ويٺو ۽ مدرسه محمديه ۾ استاد طور ڪم ڪرڻ لڳو. گڏوگڏ هوپيراڻي محلي جي مسجد جو پيش امام طور به ڪم ڪرڻ لڳو.
سيد عبدالطيف حسني جي خانقاه ۾ ٿيندڙ ذڪر اذڪار ۾ سندس خاندان صدين کان ئي اڳواڻي ڪندڙ هو. سائين آخوند ولي محمد آخري وقت تائين وڏي يارهين تي آخري دعا پڙهندو هو. ڊاڪٽر بلوچ ساڻس احسان فقير جي ڪيڏاري جي تحقيق جي سلسلي ۾ 14 آگسٽ 1994ع تي مليو هو، تنهن لکيو آهي ته ”ان هلندڙ سلسلي بابت سڀ کان آڳاٽي خبر راقم کي 14 آگسٽ 1994ع تي هالن پراڻن جي بزرگ آخوند ولي محمد بن آخوند عبدالطيف (عمر چورانوي سال) کان ملي، جيڪو وڏي يارهين تي حضرت سيد عبدالطيف جي مقام ۽ مزار تي دعا گهرندو آهي. چيائين ته اڳ وڏا فقير جڏهن سماع ۾ بيت پڙهندا هئا ته اسماعيل فقير جي ڪن بيتن ۾ امتي اسماعيل چئي نالو ايندو هو ۽ گداعلي فقير جي بيتن ۾ گدا چئي نالو ايندو هو.“ (بلوچ، 1996ع، ص 32)
آخوند ولي محمد جو مامو آخوند عبدالحميد سنڌ جي هڪ مشهور بزرگ غلام محمد ملڪاڻي جو مريد هو ۽ هرسال وٽس ويندو هو. آخوند ولي محمد جڏهن 17 سالن جو ٿيو ته کيس وٺي ويو. پنهنجي مرشد کي آخوند صاحب جي لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. تنهن تي بزرگ ملڪاڻي دعا ڪندي فرمايو ته هي اوهان جو ڀاڻيجو ولي الله ٿيندو. واقعي به هو اڳتي هلي ولي الله بنيو. روزانو سوين ماڻهو وٽس دعا واسطي ايندا هئا، جيئن سائين عطا محمد ذڪر ڪيو آهي. هي راقم به ننڍپڻ ۾ وٽس دعا لاءِ ويندو هو.
نامور سياستڪار ۽ صحافي غازي صلاح الدين به هن صاحب جو معتقد هو ۽ وٽس حاضر ٿي دعا وٺندو هو. تنهن پنهنجي هڪ اردو ليک (روزانه جرات، 24 مارچ، 2002ع) ۾ لکيو آهي ته اوچتو حج تي وڃڻ ٿيو. سائين عطا محمد صدر جي معرفت آخوند ولي محمد کي خبر پئي ته هن چورايو ته ڀلي پار ۾ هن لاءِ دعا ڪئي وڃي. مون کي اهو پيغام مليو. مون سائين واسطي ڪعبت الله جي سامهون دعا پئي گهري ته اوچتو ڏسان ته سائين ولي محمد پاڻ اتي نظر آيو ۽ آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ هو منهنجي سامهون اچي لنگهيو ته هن جي ننڍي بيگ تي به ولي محمد لکيل نظر آيو. منهنجي حالت خراب ٿي ويئي. مون حرم مان واپس اچي پنهنجي گهر فون ڪئي ۽ اهو قصو ٻڌايو ۽ چيو ته اهو سائين عطا محمد کي ٻڌايو وڃي. پر گهر وارن کي ذهن ۾ نه رهيو. جڏهن حج بعد هالا پراڻا ويس ته آخوند صاحب جي حاضري ۾ اها ڳالهه ڪيم. پاڻ اهو ٻڌي مسڪرايا ۽ شهادت آڱر آسمان ڏي ڪري ڪو اشارو ڪيائون. چند ڏينهن کان پوءِ هي جهان مٽي ويا. “
سندس ڀائيٽو آخوند يار محمد سندس هڪ ڪرامت اها ٻڌائي ٿو ته جڏهن گهر يا خاندان ۾ ڪو فرد فوت ٿيڻ وارو هوندو هو ته سندن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو هو ۽ ان مان کيس پتو پئجي ويندو هو ته ڪو فرد راهه رباني وٺڻ وارو آهي.
اسان فيض محمد شاهه جي احوال ۾ لکي چڪا آهيون ته اهو 1956ع واري ٻوڏ ۾ سندن خواب ۾ آيو هو ۽ پاڻي هٽڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي.
سندس ٻين لکڻين جو پتو ڪونهي پر سندس پڙ پوٽي آخوند عباس سندس ڪجهه مولود ۽ مناجات سندس قلمي مسودن مان هٿ ڪيو آهن. هڪ مناجات دعا هيٺ ڏجي ٿي.
مناجات
الاهي عاصين مستغفر الله،
توئي فرياد رس الحمد الله.
گهرين جيڪي ڪرين منهنجي جان سان تون،
لڏايي هن هنڌان ايمان سان تون.
خدا اسلام کي رونق گهڻي ڏي،
بشارت مومنن کي ايمان جي ڏي.
الاهي قبر جي سختي نه ڏي مون،
جوابن تن سندي طاقت ملي مون.
الاهي واسطي حضرت نبي جي،
ابابڪر و عمر عثمان علي جي.
الاهي واسطي خير النساءَ جي،
شهيد حسين ۽ ڪربلا جي.
الاهي واسطي خير الوراء جي،
... اقضاب ابن مصطفيٰ جي.
الاهي دور ڪر دشمن جو ڪينو،
جو نابينو هجي تنهن کي ڪج بينو.
بروز حشر حضرت پيغمبر،
پيارين مومن کي جام ڪوثر.
عزيزو خاتمون آهي هن دعا تي،
پڙهي ڪلمون محمد مصطفيٰ تي.
سندس وفات جي تاريخ 25 ذوالحج 1422 هجري بمطابق 10 مارچ، 2002ع بزور آچر تي ظهر نماز کان پوءِ ٿي.
[b]حاجي الله بچايو صدر: (1989ع - 1905ع)
[/b]ويجهي ڇڪ ۾ هالا پراڻا ۾ جيڪي يگانه شخص پيدا ٿيا آهن، انهن مان هڪ هيءُ محترم حاجي الله بچايو صدر صاحب هو. سندن ولادت هالا پراڻا ۾ سال 1905ع ڌاري ٿي ۽ وصال 5 فيبروري 1989ع تي ٿيو.
هالا پراڻا ۾ هن جي ناموري جا سبب سندن خوش اخلاقي ۽ پنهنجي خاندان جي انوکي تربيت ۽ ورتاءَ جي ڪري هئي. اڄ به پوڙها پڪا هن جي ان هلت ۽ روش جي ساراهه ڪندي، ان کي ورتائڻ جون صلاحون ڏين ٿا.
سندس تعليم فائينل تائين هئي. گذر سفر لاءِ هو پسارڪو دڪان هلائيندا هو، پر پنهنجي پر ۾ سٺو عالم ۽ اديب به هو. عربي ۽ فارسي زبان جو سٺو ڄاڻو هو. سندس پونير هن جي ٻن تصنيفات ”شهيد محبت“ ۽ ”هالا کان حرم پاڪ تائين“ جو ذڪر ڪن ٿا. پويون ڪتاب هڪ رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيو آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ سندس پويون ڪتاب سنڌي ٻولي جي ابتدائي سفرنامن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
هي جامع مسجد ڀٽي بزرگان جو خدمت گار، ٻانگو ۽ خطيب هو. اسان جي سانڀر ۾ سندس جاءِ تي سندس فرزند سائين عطا محمد جمعي تي خطيب جا فرائض ادا ڪرڻ لڳو. سائين عطا محمد لکيل پندرهن ويهه خطبا پيو پڙهندو هو، جيڪي مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته حاجي الله بچائي صدر جا لکيل آهن. ياد رهي ته اهي ننڍا واعظ بيحد آسان ۽ معلوماتي هوندا هئا. پر هاڻي سائين عطا محمد جي جاءِ تي هن جو ڀائيٽو حافظ مولوي صبغت الله في البديع خطبو پڙهندو آهي.
[b]مخدوم رحمت الله ڀٽي: (1981ع - 1907ع)
[/b]هن صاحب جي بنيادي ناموري اعليٰ پائي جي حڪيم طور آهي. بقول مولوي محمود قريشي صاحب جن جي ته ”وٽس ٻاهران پري پري جا ماڻهون علاج لاءِ ايندا هئا ۽ شفاياب ٿي ويندا هئا. هي صاحب مريض کي دوا سان گڏ دعا به ڪندو هو. سندس دعا به قابل قبول هوندي هئي. پاڻ حليم طبع جو، درويش ۽ حسن خُلق انسان هو.“ پر ساڳئي وقت هو اهل الله ۽ ليکڪ ۽ مترجم پڻ هو.
پاڻ سنڌي تعليم مدرسه محمديه هالا پراڻه ۾ مرحوم مولوي احمد وٽ حاصل ڪيائين، ۽ عربي فارسي ڪجھه پنهنجي وڏي ڀاءَ دين محمد ۽ ڪجھه مدرسه اشرفيه هالا پراڻه ۾ مرحوم مولوي عبدالرؤف بختيار پوريءَ وٽ ورتائين. پاڻ حڪمت جي شروعاتي تعليم حڪيم اجمل وٽ ۽ آخري تعليم حڪيم شمس الدين حيدرآباد وٽ حاصل ڪيائين.
روايتن موجب هي صاحب علم جعفر ۽ نجوم ۾ به بلڪل ماهر ۽ قابل هو. پاڻ حڪمت جا به ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. ان کان علاوه هيٺيان ڪتاب عربيءَ ۽ فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪيا اٿن.
1. عنايت المطلوب عربي جو سنڌي ترجمو
2. شرح اسرار الوحي پارسيءَ جو سنڌي ترجمو
3. شرح حڪم الاهي پارسيءَ جو سنڌي ترجمو
سندس ولادت جي تاريخ 1 ربيع الاول 1325هه بمطابق 15 اپريل، 1907ع ڏينهن سومر آهي. سندن وصال جي تاريخ 6 شوال 1401هه بمطابق 7 آگسٽ 1981ع هئي.
[b]فقير عبدالله عرف عبدي عمراڻي:
[/b]تاريخ قديم هالا موجب مرحوم فقير عبدالله جناب حضرت شيخ سيّد عبداللطيف حسني جي خانقاهه جو ذاڪري ۽ بيت ڏيندڙ هو. هو پاڻ به شاعر هو.
”مرحوم فقير عبدالله هميشه ۽ سڀ ڪنهن مهيني جي يارهين تاريخ رات جو پاڻ پنهنجن پُٽن فقير محمد يعقوب ۽ فقير غلام محمد سميت گڏ ذڪر ڪندو هو ۽ بيت ڏيندو هو. سندس زبان ۾ ته اهڙو ته ميٺاج هوندو هو جو هزارين ماڻهون مٿس عاشق هوندا هوا، ۽ سندس ڪلام دل سان ٻڌاندا هوا.
فقير عبدالله نوي (90) ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.
(مولوي ۽ قاضي، ص 191، 192)
[b]محمد عيسى ”عاجـز“: (1985ع - 1908ع)
[/b]محمد عيسيٰ ”عاجز“ صاحب جي اسان وٽ ناموري مرثيه نگار طور آهي. هي صاحب سال 1908ع ڌاري هالا تعلقي جي ڳوٺ سليم راهو ۾ پيدا ٿيو. پر ترت سندس وڏا هالا پراڻا ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
تاريخ قديم هالا موجب عاجز صاحب کي سال1935ع ڌاري شاعري جو شوق پيدا ٿيو. ڪنهن به ڄاڻوءَ ۽ ماهر کان ڪو نڪتو پڇڻ ۾ عار ڪونه ڪندو هو. اڪثر ڪري سندس نظم مذمت نفس ۽ مدح اهل بيت ۾ چيل آهن. هن جي پسند جا شاعر مرزا دبير لکنوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هئا.
سندس روزگار جو ذريعو جنڊيءَ جو ڪم هو ۽ ان حساب سان هو اعليٰ درجي جا ڪاريگر پڻ هئا.
سندس ڪلام هيٺين ڪتابن تي مشتمل آهي.
1. ڪليات عـاجز 2. ڪشڪـول عـاجز
عاجز صاحب لسانيت تي به هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن جو نالو هو ”تجنيس اللغات“.
سال 1985ع ڌاري سندس وصال ٿيو.
[b]مولوي محمود قريشي: (1990ع - 1912ع)
[/b]سنڌ ۾ ڪجھه اهڙا اديب ۽ عالم پيدا ٿيا آهن، جن کي نڪو جيئري، نڪو مئي مناسب پذيرائي نصيب ٿي آهي. اسانجو هي صاحب به انهن عالمن ۽ اديبن ۾ شمارجي ٿو.
هن صاحب هڪ پاسي اسلامي علمن جي حوالي سان ڪجھه ڪتاب تحرير يا ترجمو ڪيا آهن ته ٻئي پاسي هالا پراڻا جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي ڪافي لکيو آهي. ان کان علاوه هن سنڌي توڙي فارسي ۾ شاعري به ڪئي آهي.ڪجھه عرصو اڳ محترم قاضي شوڪت علي قريشي صاحب جن وٽ مونکي هن صاحب جا چند قلمي ڪتابَ ڏسڻ جو موقعو مليو.
هن جي تصنيفات جا نالا آهن: (1) طراط مستقيم (ڪتاب احاديث)، (2) تعبير نامه، (3) رساله ايمان، (4) رساله جنازه، (5) ڪتاب تعويذات ۽ نجومات ۽ جعفريات، (6) ڪتاب طب، (7) غنچه بي نظير (فقه)، ۽ (8) غنچه سانوڻي( شعر).
هن صاحب هالا پراڻا جي تاريخ ۽ شخصيتن تي جيڪو ڪتاب لکيو آهي، سو هن وقت قاضي شوڪت صاحب وٽ آهي، جيڪو ان کي سڌاري ۽ وڌائي رهيو آهي. مون کي ڪافي عرصي کان پوءِ عزيزم مولوي حاجي احمد سنائي جي وسيلي ان جي سافٽ ڪاپي تاريخ قديم هالا جي نالي سان ملي آهي. پر انهي حالت ۾ اهو ڪتاب اڻپورو ٿو لڳي.
چند سال اڳ سندس پاڙي جي هڪ نوجوان مولوي خاور قريشي صاحب (سائين طلعت قريشي جو فرزند) مون کي مرحوم جي ڪنهن ڪتاب جا آخري صفحا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏنا هئا، جن ۾ هن پنهنجو مختصر احوال لکيو آهي. ان موجب مولوي صاحب پهرئين ٽنڊي ڄام جي مدرسي ۾، پوءِ بدين جي مدرسي ۾ (جنهن ۾ ان وقت مولوي احمد ملاح به پڙهائيندو هو)، وري جڏهن اهو مدرسو مولوي احمد ملاح ۽ مولوي سعيد جي وچ ۾ فروعي مسئلن جي ڪري ڦٽو ته نصرپور ۽ هالا پراڻا جي مدرسن ۾ پڙهيو آهي. ان کان علاوه هن صاحب حڪمت ۾ سرڪاري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. پاڻ لکيو اٿس ته هو سڄي زندگي فقيرتن رهيو آهي ۽ اولاد لاءِ سواءِ اباڻي جاءِ ۽ پنهنجي قلمي ڪتابن جي، ٻي ملڪيت نه پيو ڇڏيو وڃي.
مون هن کي ڪجهه ڀيرا حڪيم محمد اشرف ڀٽي وٽ ڏٺو. چيو وڃي ته هو حڪيم رحمت الله ڀٽي صاحب جي حڪمت خاتي تي به ڪم ڪندو هو. منهنجي مامي ٻڌايو هو ته کين مدرسي محمديه ۾ هن صاحب قرآن شريف جا ابتدائي سبق سيکاريا هئا.
سندن وفات 20 شعبان 1410 هجري بمطابق 18 مارچ 1990ع تي هالا پراڻا ۾ ٿي.
[b]پروفيسر محمد امين ڀٽي: (1999ع - 1914ع)
[/b]هي صاحب هڪ ٻئي ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مخدوم محمد صالح ڀٽي جو پٽ آهي. هيءُ هالا پراڻا ۾ تاريخ 1 آڪٽوبر 1914ع تي ڄائو. سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. مئٽرڪ کان پوءِ هن صاحب کي پوني جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اماڻيو ويو. جتان ڊگري وٺي هتي آيو.
هي صاحب ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج جو، جيڪو هاڻي سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي بنجي ويو آهي، جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. هن صاحب جو ان اداري جي واڌ ويجهه ۾ ڀرپور حصو رهيو آهي.
ڀٽي صاحب پنهنجي شعبي جي حوالي سان مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سنڌي زبان ۾ ڪپهه جي ڪهاڻي جي نالي سان هڪ ڪتابچو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن ڪافي عرصو اڳ شايع ڪيو هو. هن پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد اشرف سان گڏجي مخدوم محمد صالح ڀٽي جا ڪافي ڪتاب ڇپرايا هئا، جن ۾ احسان فقير جو ڪيڏارو اهم ترين آهي. مخدوم آفتاب ڀٽي ٻڌايو ته مخدوم امين ڀٽي جي نياڻي طاهره علم و ادب جي ميدان ۾ بطور شاعره پير رکيو، پر شايد شادي بعد اها مشغولي جاري نه رکي سگهي.
هن جو وصال تاريخ 2 نومبر 1990ع تي ٽنڊو ڄام ۾ ٿيو.
[b]مخدوم حڪيم محمد اشرف ڀٽي: (1988ع - 1920ع)
[/b]15 جنوري 1920ع تي جنم وٺندڙ هن صاحب جي هالا پراڻا ۾ مشهوري بحيثيت هڪ جراح حڪيم جي آهي. لاشڪ هي پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم هو، جنهن جو مکيه مقصد مريض جي شفايابي هوندو هو. وٽس پهتل مريض کي پنهنجي صحت جو ايترو اونو نه هوندو، جيتري ڀٽي صاحب ۾ هن کي صحتياب ڪرڻ جي اڻ تڻ هوندي هئي. پنهنجي حڪمت جي آڌار تي جيڪر هو چاهي ها ته سٺي ملڪيت جوڙي وٺي ها، پر هن صاحب پئسي جي لالچ نه رکي. جيڪو ڪمايائين سو پنهنجي ۽ ڀينرن جي اولاد تي دل سان خرچ ڪري ڇڏيائين.
هن پنهنجي والد مخدوم محمد صالح ڀٽي جي علمي ادبي وارثي به ڪئي. جڏهن پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هتي سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي، تڏهن هو قاضي محمد عالم سان گڏ علمي ۽ ادبي محاذ تي سرگرم رهيو. قاضي صاحب هتي ڪافي وڏا پروگرام ڪرايا، سي مخدوم صاحب جي اوطاق ۾ ئي ٿيندا هئا. هو سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو مهندار رهيو. سال 1970ع ڌاري به هو سنڌي ادبي سنگت ساخ هالا پراڻا جو سيڪريٽري هو.
هن پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد امين سان گڏجي پنهنجي والد مخدوم محمد صالح ڀٽي جا ڪجهه اڻڇپيل ڪتاب جھڙوڪ احسان فقير جو ڪيڏارو ۽ مخدوم عبدالرئوف جا مولود شريف ڇپرايا.
ان کان علاوه سندس حڪمت خانو سالن تائين شام جو سوز هالائي ۽ ان جي ساٿين جو ٺڪاڻو رهيو، جتي گوڙ گهمسان به ٿيندا هئا. پر پاڻ ڪڏهن به ان تي ارهو نه ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ گرم مزاج طور مشهور هو. سندس وفات 4 ڊسمبر 1988ع بمطابق 30 جمادي الآخر 1409 هجري تي ٿي.
قاضي محمد حفيظ قريشي: (1997ع - 1920ع)
هالا پراڻا ويجھي ماضي ۾ هڪ اهڙو شخص پيدا ڪيو آهي، جيڪو جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ بيهندو هو ته مانڊاڻ کي منڊي ڇڏيندو هو. ڀلي پيو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي، پر ماڻهو ساڳي سرجوشي سان هن جو خطاب پيا ٻڌندا هئا.
چون ٿا ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جو ابوالڪلام ڪوٺيندو هو. ها اهو شخص حفيظ قريشي صاحب آهي، جيڪو هالا پراڻا جي زميندار گهراڻي ۾ تاريخ 26 جولاءِ 1920ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا پراڻا مان پرايائين. اڳتي هلي اعليٰ تعليم واسطي علي ڳڙهه ويو، جتي هو خاڪسار تحريڪ سان جڙي ويو. جيسيتائين خاڪسار تحريڪ قائم رهي، هو ان سان ئي جڙيل رهيو. جڏهن علامه مشرقي صاحب 1947ع ۾ ان تحريڪ کي ختم ڪيو ته سنڌ جا پراڻا خاڪسار جهڙوڪ حفيظ قريشي، مير علي احمد ٽالپر، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ شاهه سميت 300 کن خاڪسار ڪراچي ۾ گڏيا. اتي وٽن ميان افتخار الدين اچڻو هو، پر ان اچڻ ۾ دير ڪئي، سو بقول قريشي صاحب جي ته اتي هڪ ماستر سائين جي ايم سيد جو ڪو خطبو پڙهيو، ان خطبي کيس ايترو ته متاثر ڪيو، جو ان اتي ئي لبيڪ ثم لبيڪ چيو.
پاڻ حفيظ صاحب ڪنهن انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن اتي تقرير ۾ حاضرين کي سائين جي ايم سيد وٽ وڃڻ جي صلاح ڏني. بهر حال اهي سائين وٽ ويا. ائين خاڪسار تحريڪ جو ڪارڪن قريشي صاحب، سائين جي. ايم. سيد جي سٿ جو ساٿي ٿي ويو.
ان کان پوءِ اڳتي هلي ڪري جيئي سنڌ تحريڪ جا جلسا يا سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه وارا پروگرام حفيظ قريشي جي تقرير کان سواءِ اڻپورا هوندا هئا.
سابق وزير، نامياري وڪيل ۽ ڪالم نگار عبدالوحيد ڪٽپر حفيظ صاحب جي حوالي سان لکيو آهي ته 1946ع ۾ جڏهن هو لاڪاليج ۾ ليڪچر ٻڌي رهيا هئا ته انهن بمن جا ڌماڪا ٻڌا، جيڪي ڪياماڙي پاسي ٿيا هئا. اهي شايد نيوي وارن ڪيا هئا، جن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي هئي. ٻي ڏهاڙي هڙتال ٿي، شاگردن جلوس ڪڍيو. ان جلوس ۾ سڀني مقررن جوشيليون تقريرون ڪيون. ڪٽپر صاحب لکيو آهي ته هڪڙو ڳاڙهو ڳاڙهو سهڻو ۽ قدا ور شخص جڏهن تقرير لاءِ اٿيو، تڏهن سڀني ماڻهن خاموشي اختيار ڪئي. همراهه جا ڳٽا ايترا ته ڳاڙها هئا، جو ننهه هڻوس ته جيڪر رت نڪري پوين.
”حفيظ قريشي صاحب مٺ ڀڪوڙي جوش وڃان چيو ته انگريز اسان جي ڪا ماءُ يا امڙ ناهي جو اسان روئي روئي کائنس پنهنجي ملڪ جي آزادي گهرون. اسان پنهنجي آزادي انگريزن کان زوريءَ ڇني وٺنداسين.“
(قاضي آزاد، 2001ع، ص 28)
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي جلد چوٿين ۾ هن جي حوالي سان اهو لکيو آهي ته ”حفيظ قريشي جو پنهنجو مخصوص مزاج هو. هو ماڻهو کي منهن تي چئي ڏيندو هو.“ ان کان پوءِ هن پير علي احمد راشدي سان ملاقات وارو واقعو لکيو آهي، جنهن ۾ قريشي صاحب ان کي چيو هو ته سنڌ ۾ پنج پليت ٿيا آهن، تن مان هڪ اوهان آهيو.
اهو واقعو رشيد ڀٽي صاحب پنهنجي جيل ڊائري ۾ به درج ڪيو آهي. ان ساڳئي واقعي کي اياز پنهنجي ٻي ڪتاب ساهيوال جيل ڊائري ۾ ائين درج ڪيو آهي ته ”ٿوري دير کان پوءِ حفيظ صاحب اسان کان موڪلائڻ چاهيو، پر مسز راشدي، جا هڪ شفيق ميزبان آهي، هن کي زور ڪيو ته ماني کائي وڃي. .... ڳالهيون ڪندي راشدي صاحب نهايت ذهانت سان ون يونٽ کان اڳ ۽ ون يونٽ کان پوءِ جي حالات جو تجزيو ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي ڪردار جي وضاحت ڪندي چيو ته ڪائي اخلاقي ٽربيونل ٺاهي، مون تي مقدمو هلايو، گهٽ ۾ گھٽ مون کي بچاءَ جو پورو موقعو ته ڏيو ته پوءِ ڀلي فيصلو ڪيو ته مون جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو تاريخي طور لازمي هيو يا نه“
”فتويٰ اڳ ئي ملي چڪي آهي، رڳو سزا ڏيڻي آهي“ حفيظ صاحب چيو ۽ پوءِ پورو ڪلاڪ سنڌ جي موجوده ۽ گذشته دؤر تي تقرير ڪيائين.“ (ص، 82، 83)
”ٻي ڀيري مان، پليجو ۽ حفيظ بدين پئي وياسون.... پليجي صاحب مائو جي سرخ ڪتاب جا اٺ ڀيرا حوالا ڏنا ۽ چيو پئي ته مائو هيئن چيو ۽ هونئن چيو. ان تي حفيظ صاحب چيس ته جي مائو ائين نه چئي ها ته اها ڳالهه اعتبار جوڳي نه هجي ها ڇا؟“ پليجو اهو ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، پر منهنجي موجودگي ۾ ماٺ رهيو.
”حفيظ قريشي ڳالهين ۾ جنهن طريقي سان حوالا ڏيندو هو ۽ انهن جي تشريح ڪندو هو، سو به هن جو خاص ڍنگ هو. هڪ ڀيري هن منهنجو غزل پڙهيو:
هي هرکر رين بسيرن جي،
ٿي ويندي ساک سويرن جي.
پوءِ هن چيو ته هر لفظ منڊيءَ تي جواهر وانگر جڙيل آهي ۽ اوهان جي اکين اڳيان اڄوڪي سنڌ اڀري ٿي ــ هرکر، رين بسيرا، ساک، سويرا انهن لفظن تي سوچي ڏسو. ڇا ته موتي اسان جي شاعر پوتا آهن. اهو شعر پروپيگنڊا به آهي، نه به آهي، پوءِ اڳتي ٻيو شعر پڙهيائين:
مون مرڪي پنهنجو پاند ڏنو،
رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
پوءِ سامعين کان سوال پڇيائين: اوهان کي خبر آهي ته بسنت ۾ ڪهڙو وڻ ڦلاربو آهي؟ بسنت ۾ ٻير اڳ ۾ ڦلاربي آهي ۽ جيئن وقت گذرندو آهي ته ان جا ٻير ڳاڙها ٿيندا ويندا آهن. اهو آهي شاعر جو مشاهدو.“
(اياز، 2010ع، ص 921، 922)
جمال ابڙو قريشي صاحب سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ رهيو. ان پنهنجي آتم ڪٿا جي جلدن ۾ حفيظ صاحب جي حوالي سان لکيو آهي. هڪ جاءِ تي هن لکيو آهي ته قريشي صاحب کي سٺا ۽ سهڻا جملا ڳالهائڻ جي ڏات آهي يا سندس سچو ۽ پرخلوص جذبو آهي جو کائنس اهڙي جملا چورائي ٿو. جهونا ڳڙهه ۾ پڙهندا هئاسون ته ڪارلائيل جو ڪتاب هيروز آف پرافٽس پڙهيوسين. جنهن ۾ حضور ﷺ جن جي شان ۾ تعريف بيان ڪيل آهي. هڪ دوست اها ڳالهه ڪئي. حفيظ صاحب هڪدم چيس ته مهربان رسول الله ﷺ جي ذات کي ڪارلائيل جي سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ڪانهي، البت ڪارلائيل کي اهڙي ڳالهه چوڻ تي چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهجي ٿو. (اونهي ڳالهه اسرار جي، ص 156)
ڊاڪٽر قاضي خادم جيڪو قريشي صاحب جو ويجھو مائٽ آهي، تنهن ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي سان لکيو آهي ته ان کيس ٻڌايو ته حفيظ قريشي وٽس علي ڳڙهه ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي هن سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. تنهن تي هن کيس سنڌ کي سمجهڻ لاءِ شاهه عبداللطيف کي پڙهڻ جي صلاح ڏني. قاضي خادم هن جي شاهه شناسي جي تعريف ڪري ٿو. سوز هالائي صاحب به هالا جي شاهه شناسن ۾ کيس شمار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر قاضي خادم حفيظ صاحب جو پنهنجي يادگيرين وارن ڪتابن ۾ بار بار ذڪر ڪيو آهي. اندر روح رهيام ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ”حفيظ قريشي هونئن ته هڪ بهادر شخص هو. سياست ۾ به ۽ عام زندگيءَ ۾ به وڏا معرڪا ڪيائين. محنت ۽ جدوجهد سان پاڻ کي ٺاهيائين. اباڻي ملڪيت وڏي ڀاءُ وٽ هئڻ جي ڪري کيس ان جي زندگي ۾ کيس ڪجھه به نه مليو. پهرين ماستري ڪيائين پوءِ ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿيو. ڪراچي ۾ ڪم شروع ڪيائين. اتي بندر روڊ تي آرام باغ (اڳوڻو رام باغ) تي آفندي بلڊنگ ۾ گرائونڊ فلور تي هڪ فليٽ هوندو هيس، جتي پاڻ رهندو هو. سندس گهر واري بابا جي ماروٽ هئي ته پاڻ بابا جو سوٽ به هو ته ماسات جو پٽ به هو. تنهن ڪري ڄڻ اسانجو هڪ ئي گهر هو. اتي پوءِ منهنجو وڏو ڀاءُ مشتاق به پڙهائي لاءِ وڃي رهيو ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. نه صرف اهو پر ٻيا ايندڙ به هن وٽ رهيا پيا هوندا هئا.
”وڪالت لاءِ هو ڪراچي کان ٻاهر ٺٽي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهدادپور وغيره به پيو ويندو هو. جڏهن ته ان کان اڳ خاڪسار تحريڪ ۾سڄو ملڪ ڀيٽي چڪو هو. ... ڏکيا سکيا ڏينهن ائين گذاري ڇڏيائين. ڪڏهن خاڪسار ته ڪڏهن جي ايم سيد جي هر تحريڪ ۾ هن جو ساٿي بڻيو رهيو. ليڪن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي مرڻ پڄاڻان پاڻ هالا پراڻا ۾ اچي ديرو ڄمايائين ۽ مال ملڪيت جي سار سنڀال لهڻ شروع ڪيائين. سندس وڏو ڀاءُ چاچا فتح الله بغير اولاد جي ئي گذاري ويو هو.“
(قاضي خادم، 2011ع، ص 59، 60)
”حفيظ قريشي صاحب سان سنڌ جي ثقافت تي بحث مباحثو ٿيندو هو. اسين جواني جي جوش ۾ چوندا هياسين ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي بهترين ثقافتن ۾ هڪ آهي. تنهڪري اسان کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ گهرجي. ڪورين جي اڻيل آڏاڻي جي کاڌي استعمال ڪرڻ گهرجي ...... ان تي حفيظ قريشي چوندو هو ته ابو، ياد رک ثقافت به هڪ سنڀالڻ جي شئي آهي. بلڪل ائين جيئن ڪو سهڻو خنجر چيلهه ۾ ٻڌل هجي، ليڪن خنجر مياڻ ۾ ٺهي ٿو، جي پيٽ ۾ هڻبو ته ماري وجهندو، تنهن ڪري ثقافت بيشڪ سنڀالجي. پر ان ۾ مناسب تبديلون آڻڻ گهرجن، ڇو ته جيڪڏهن جديد دنيا سان قدم قدم سان ملائي نه هلبو ته اها ثقافت به پاڻمرادو بي معنيٰ ٿي ويندي. اسان کي اقتصادي ميدان ۾ هر فيلڊ ۾ حصو وٺڻو آهي. باقي سنڌو جي ڪپ تي اجرڪ پائي ٺلهيون ڳالهيون ڪرڻ مان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو.“ (قاضي خادم، 2011ع، ص 160)
نامياري شاعر ۽ ڪالمسٽ اعجاز منگي سائين جي ايم سيد جي چاليهي جي موقعي تي حفيظ صاحب جي هڪ تقرير مان اهو حوالو ٿو پيش ڪري، جنهن ۾ قوم جي وصف ڪئي آهي: ”قوم لفظ قيام مان نڪتو آهي، قوم اها جيڪا اٿي بيهي ۽ جيڪا لڳي بيهي، هينئن ستل ۽ ڪريل ماڻهن جو انبوه قوم نه هوندو آهي.“ (آزاد قاضي،2001ع، ص 32)
نامور شاعر، صحافي حسن مجتبيٰ قريشي صاحب جي حوالي سان لکيو آهي ته ”علامه مشرقي ۽ جي ايم سيد جو مداح حفيظ قريشي سنڌ جو اهو ايماندار وڪيل هو، جيڪو سنڌ جو ڪيس وڙهندي پاڻ جيلن ۾ رهيو. هو سنڌ ۾ آڱرين تي مس ڳڻجڻ ۾ اچڻ وارن انهن ماڻهن مان هو، جن کي سچو پچو دانشور چئي سگهجي ٿو، پر هو هڪ عوامي قسم جو دانشور هو، هو سياسي مجرن جو ماڻهو ڪونه هو، جن ۾ سياستدان نه فقط نچندا آهن، پر ماڻهن کي نچائيندا پڻ آهن. اوهين هن کي سنڌ جي سياست جو وتايو فقير چئي سگهو ٿا.
”هو جيڪڏهن پنهنجو سمورو وقت پئسي ميڙڻ ۽ وڪالت تي خرچ ڪري ها ته اي ڪي بروهي ۽ خالد اسحاق جھڙي پايي وارن وڪيلن جي قطار ۾ مڃيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻو ۽ قابل وڪيل هو.
”هن جا چيل ڪيترا جملا ۽ ڳالهيون اڄوڪي سنڌ جي ڄڻ ته هاڻوڪي لوڪ ادب ۽ لوڪ سياست جو حصو بڻيل آهن.
”جيڪڏهن ڀٽي سان هڪڙي کٽ تي گڏ سمهندڙ حفيظ قريشي چاهي ها ته هو به پنهنجي ڪن پراڻن يارن جيان حڪمرانن سان انڊر ڊيل ڪري ڪروڙين روپيا پيو ڪمائي ها ۽ سنڌ جي ٺيڪيداري به پيو ڪندو اچي ها. پر هن ائين نه ڪيو. هن جا دوست جڏهن حڪمران بنيا، حفيط قريشي سندن قيدي بڻيو.“ (آزاد قاضي، 2001ع، ص 36، 37)
سنڌ جي هڪ متحرڪ سياسي جماعت عوامي تحريڪ کي ڊزائين ڪرڻ توڙي ٺاهڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار هو. پر پوءِ پليجي سان اختلافن ڪري هي صاحب ان جماعت کان ڌار ٿي ويو. ياد رهي ته پليجو صاحب آخري وقت تائين ساڻس صلاح مشوري لاءِ ايندو رهيو.
حفيظ قريشي صاحب 29 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪئي. کيس شاهه ديواني واري قبرستان ۾ سندس ٻني جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
[b]قاضي غلام محمد قريشي: (1991ع – 1924ع)
[/b]محترم قاضي غلام محمد قريشي صاحب جن جو جنم هالا پراڻا ۾ 14 فيبروي 1924ع (18 جمادي الثاني 1341 هجري) تي ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان 1955ع ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون.
اڳتي هلي 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي. فارسي به فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون. 1964ع ۾ ايم. اي. عربي پاس ڪيائون ۽ ساڳئي سال ايل ايل بي به پاس ڪيائون.
قاضي صاحب سروري اسلاميه ڪاليج جا 1953ع کان وٺي 1970ع تائين نه صرف اعزازي سيڪريٽري رهيا، پر جمعي جي ڏينهن سيرت تي ليڪچر به ڏيندا رهيا.
سندس شاعري تمام ٿورڙي آهي. البت نثر ۾ سندس تحريرون ڪافي آهن. هيل تائين سندس ٽي تصنيفات ”سيرت نبيﷺ“، ”نماز“، ۽ ”تاريخ درگاه شريف هالا“ شايع ٿي چڪيون آهن.
سندس اهم تنصنيف ”ديوان آخوند محمد قاسم“، فارسي زبان ۾ تصحيح ٿيل، انگريزي مقدمي ۽ ترجمي سان قلمي صورت ۾ اڻڇپيل آهي.انهي سميت اڃان ڇهه کن اڻڇپيل آهن، جن مان هڪ انگريزي ۽ هڪ عربي ۾ آهي. ياد رهي قاضي صاحب مخدوم طالب الموليٰ جي ديوان طالب الموليٰ جو مقدمو انگريزي ۾ لکيو هو.
قاضي صاحب جن جي علم پروري جي اهم نشاني اها هئي ته سندن دسترخوان تي سڄي پاڪستان جا عالم، اديب ۽ شاعر رونق افروز ٿيندا رهيا. اهڙي هڪ محفل جو ذڪر غلام نبي آگري صاحب ڊاڪٽر محڪري تي لکيل مضمون ۾ ڪيو آهي.
نه صرف عالمن اديبن سان پر ڪامورن توڙي جج صاحبان سان سندس سٺا تعلقات رهيا. سرڳواسي راڻا ڀڳوانداس، ريٽائر چيف جسٽس سپريم آف پاڪستان آخري وقت تائين قاضي صاحب ۽ ان جي خاندان سان محبت جو ناتو نڀائيندو رهيو.
قاضي صاحب جن 21 نومبر 1991ع تي رحلت فرمائي.
[b]لعل محمد لعل: (1961ع - 1926ع)
[/b]مولوي محمود قريشي هن جي حوالي سان لکيو آهي ته ”محترم لعل محمد ”لعل“ ڀنڀرو هالن پراڻن ۾ سال 1926ع ڌاري ڄائو ۽ 5 جون 1961ع تي وفات ڪري ويو. مولوي محمود جي لکت موجب هن جي تعليم صرف چار درجا هئي. پر هو نهايت ئي وڏو علم رکندو هو.
”سنڌي ادب سان کيس بي حد چاهه هوندو هو. روايتن موجب کيس سائين لطيف جو ڪلام ڪافي تعداد ۾ ياد هو، جيڪو اڪثر ڪچهرين ۾ ٻڌائيندوهو. کيس ادب سان گڏ موسيقي سان به لڳاءُ هو، ۽ خاصي ڄاڻپ رکندو هو. شاعري جو فن سيد نور محمد شاهه ۽ عاجز هالائي جي صحبت جي اثر هيٺ کيس حاصل ٿيو. اول مجاز جي مهميز به کاڌائين. پوءِ فقير حاجي احمد متقي هالائي جي صوفياڻي صحبت ۾ رهيو. اڃان حقيقت ڏانهن مس قدم رکيائين ته موت کيس مهلت نه ڏني. سندس ڪلام ۾ صوفيانه رنگ نمايان آهي.
اچي پئي اوچتو مٿي نانگ نظر،
هيڻاتن جا هڏ ٿيا، کاڌا جي کپر،
کاجڻ مهل خير، لڳيس ڪين ”لال“ چوي.
[b]پروفيسر ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ: (ولادت 25 اپريل 1933ع)
[/b]25 اپريل 1933ع تي جنم وٺندڙ هن صاحب لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي هالا پراڻا ۾ ئي ڄائو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خاندان مٽياري لڏي ويو.
بقول محترم منير احمد شيخ صاحب جي هن نوڪري جي شروعات بطور ڪلارڪ ڪئي. پر هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي. اڳتي هلي ڪري هن صاحب اسلاميات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ تعليم کاتي مان بطور پروفيسر/ پرنسپال طور ريٽائر ٿيو. انهي وچ ۾ هو ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز به رهيو ته وفاقي تعليم کاتي ۾ ڀٽو صاحب جي زماني ۾ شايد 1973ع ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري به رهيو، جتي هن اسلاميات جي مربوط نصاب جوڙڻ جي نگراني ڪئي. جڏهن هو واپس پئي وريو ته کيس ليٽرل انٽري ذريعي وفاقي سيڪريٽري طور رکيو پئي ويو، پر هن صاحب اها پوسٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏيندو رهيو.
هو ماهر تعليم سان گڏ ليکڪ به هو. ڪافي مضمون توڙي ڪتاب لکيائين. سندس هڪ انگريزي ڪتاب Maulana Ubaid Ullah Sindi: A Revolutionary Scholar نيشنل انسٽيٽوٽ آف هسٽري ائنڊ ڪلچرل ريسرچ، اسلام آباد پاران شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه ٽي ڊبليو آرنولڊ جي ڪتاب Preaching of Islam جو ترجمو 1955ع ۾ ڪيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران اسلام جي تبليغ يعني اسلام جي اشاعت جي تاريخ جي نالي سان سال 1984ع ۾ شايع ڪيو. ياد رهي ته اهو ترجمو هن پنهنجي ايم اي جي تڪميل جي سلسلي ۾ ڪيو هو. ان علاوه قاضي مقصود احمد جي لکت موجب هن جو ٽيون ڪتاب اسلام جي تبليغ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
هو جواني ۾ ئي تبليغي جماعت سان واڳجي ويو ۽ آخري وقت تائين تبليغي جماعت جو حيدرآباد ۾ روح روان هو.
هن صاحب پنهنجي توڙي ڀائرن جي اولاد کي بهترين تعليم ڏياري. سندس هڪ ڀائيٽو ڊاڪٽر محمد حسن شيخ ميڊيسن شعبي جو پروفيسر ٿيو ۽ ٻيا ڀائيٽا انجنيئر محمدعلي شيخ، ۽ امدادالله شيخ نامور بينڪر ٿيا. سندس هڪ پٽ ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ نامور آرٿو پيڊيڪ ڊاڪٽر آهي. ان کان علاوه سندس هڪ پٽ ڊاڪٽر روشن شيخ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ ننڍو پٽ انجنيئر ڊاڪٽر زبير احمد شيخ هن وقت محمدعلي جناح يونيورسٽي، ڪراچي جو پريزيڊنٽ يعني وائيس چانسلر آهي، جيڪو بقول منير احمد شيخ جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جو پهريون پريزيڊنٽ هئڻ جو رڪارڊ آهي. سندن ٻه نياڻيون مشهور گائناڪالاجسٽ آهن.
[b]قاضي محمد عالم معصوم هالائي: (1991ع - 1935ع)
[/b]21 جولاءِ، 1991ع، هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي اسان کان اهڙو شخص هميشه لاءِ موڪلائي ويو، جنهن هميشه علمي ۽ ادبي ادارن جي قيام ۽ سارسنڀال ۾ پاڻ پتوڙيو. پر افسوس ته کيس جيئري توڙي هاڻي مرڻ بعد اها مڃتا نه ملي آهي، جيڪا پنهنجي ڪاوشن جي سلسلي ۾، هو اسان کان لهڻي. انهيءَ شخص جو نالو آهي قاضي معصوم هالائي.
8 مارچ 1935ع تي هالا پراڻا جي قاضي قريشي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هي پيارو انسان، ساري زندگي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن، لائبرريون قائم ڪرڻ، ۽ ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ لڳو رهيو.
تعليمي لحاظ کان هن سنڌي فائينل پاس ڪري، زراعت ۽ باغباني ڪورس ۾ داخلا ورتي، پر ان ڪورس ڪرڻ بعد هن اچي ريڊيو جي انائونسري ڪئي، جيڪا کيس راس نه آئي. 1954ع ڌاري نوڪريءَ جي سلسلي ۾ وڃي نوابشاهه وسايائين. انهيءَ وچ ۾ سندس علم و ادب سان پيچ پئجي چڪو هئو. ورهاڱي بعد سنڌي ادبي سنگت جي قيام جي سلسي ۾ جن شخصن ڪوششون ورتيون آهن، انهن مان هڪ قاضي معصوم هالائي به هو. ان ڪري کيس سنگت جي بانيڪارن ۾ به شماريو وڃي ٿو. نواب شاهه ۾ ميونسپل ۾ نوڪريءَ سان گڏ ڪا پريس قائم ڪيائين ۽ اتي موجود ان وقت جي ادبي لڏي جهڙوڪ قمر شهباز، امرجليل، عبدالحڪيم ارشد ۽ ٻين سان ويجھو ٿيو. اتي ان دؤر ۾ هڪ رسالو ”ادا“ نالي نڪتو، جنهن ۾ پاڻ سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين.
بهرحال روزگار سانگي کيس سانگهڙ ڏي اچڻو پيو. جتي جھول شهر ۾ سندس ڪوشش سان، ون يونٽ جهڙي قهري دؤر ۾ ڪيترائي سنڌ سطح جا ادبي ميڙاڪا ٿيا. اتي سندس ڪوششن سان سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي ويئي، جنهن جو پاڻ ڪيترا سال سيڪريٽري ٿي رهيو. گڏوگڏ مقامي ادب دوست ساٿين جي ڪوششن سان جھول ۾ هڪ لائبرري به قائم ڪرايائين، جا اڄ به علمي اڃايلن جي اساٽ پئي اجھائي. ان دؤر کي ياد ڪندي نامور شاعر الهورايو بهڻ پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جهول ڪجهه يادگيريون“ ۾ لکي ٿو ته ”سنگت جي مذڪوره ڪارڪنن ۾ هڪ ٻيو نوجوان جيڪو سڀني کان وڌيڪ نمايان ۽ نرالو ٿي لڳو. ديدار خواه پوشاڪ ۾ مهذب ۽ جاذب نظر ۽ سهڻو پئي ڏسڻ ۾ آيو. تنهن بابت پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو نوجوان قاضي محمد عالم معصوم هالائي آهي ۽ هيءُ ئي همراهه سنڌي ادبي سنگت جو روح روان آهي، جنهن هتي اچي سنگت کي ڪٺو ڪيو آهي.
”قاضي معصوم هالائي جو معمول هوندو هو ته صبح جو اٺين وڳي اچي لائبرري کوليندو هو. پاڻ جيئن ته قاضي ڪاٽن فيڪٽري ۾ ملازم هو ۽ اتي سنگت لاءِ وقت ڪڍڻ لاءِ رات جو ڊيوٽي ڪندو هو. تنهن ڪري صبوح جو اچڻ شرط هڪ چانهن ۽ کارو بسڪيٽ گهرائي کائيندو هو ۽ پوءِ اخبار جي مطالعي ۾ مصروف ٿي ويندو هو.
”قاضي محمد عالم سنڌي ادبي سنگت جو ڪم ڪار حساب ڪتاب ڪچهرين جو رپورٽون وغيره اهڙي ته باقاعدگيءَ سان لکندو ۽ رکندو آيو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هرمهيني سنگت جي آمدني ۽ خرچ جو بلن سميت آنن، پيسن ۽ پائين سميت حساب ڪتاب ماهواري ڪاروباري ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ٿي. ڪتابن جا هفتا ملهائي لائبرري لاءِ ڪتاب جمع ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڃوتي لاءِ سموري ضلعي جي مشاهير کان دستخط وٺڻ، ادب ۽ موسيقي بابت ڪانفرنسون ڪرائڻ ۽ انهن ڪانفرنسن لاءِ وڏا چندا جمع ڪرڻ ۽ انهن جو خرچ جو حساب ڪتاب پيش ڪرڻ سندس ئي ڪمال هو. “
(ملوڪاڻي، 2016، ص 155، 156)
بهڻ صاحب لکيو آهي ته ايوب خان جي ڏهه سالا دؤر تي ضلعي سانگهڙ ۾ صرف اردو مشاعرو رکيو ويو. پر قاضي صاحب جي تحرڪ تي صنعتي نمائش ۾ موسيقي جي پروگرام کان اڳ سنڌي مشاعرو به ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ان جي ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن جا حوصلا بلند ٿيا. (ملوڪاڻي، 2016، ص 160)
بهڻ صاحب توڙي علي مردان ملوڪاڻي جي مضمونن مان جهول سنگت پاران سالياني ڪانفرنسن جو احوال ملي ٿو. جن جي ڪري جهول سنگت سڄي سنڌ ۾ نالو ٿيو. انهن ڪانفرنسن جو روح روان قاضي محمد عالم معصوم ئي هو.
پنهنجي اصلي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ به قاضي صاحب پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمي جاري رکندو آيو، جتي نه رڳو سنڌ سطح جون ڪانفرنسون ڪوٺايائين پر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ 50 واري ڏهاڪي ۾ قائم ڪرايائين. طالب الموليٰ لائبرري ۽ ريڊنگ روم جي قيام ۾ نه صرف حصو ورتائين، پر مرڻ گهڙي تائين ان جا انچارج رهيا.
قلمي پورهئي جي لحاظ کان هو هڪ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به هو، مختلف موضوعن تي ننڍا وڏا مضمون به لکيائين. پر افسوس ته اڄ سندس ڪافي لکڻيون دستياب نه آهن. قاضي صاحب هڪ پبلشر به هو. هن وطن پبليڪيشن هالا پراڻا جو بنياد وجھي ٻه ڪتاب ”حسرتناڪ زندگي“ ۽ ”دادلي“ شايع ڪرايا.
مطلب ته هن پنهنجي سڄي حياتي علمي ادبي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ ۾ گذاري ڇڏي.
[b]سيد نور محمد شاهه ”نور الموليٰ“:
[/b]سيد نور محمد شاهه نور هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. پر اڳتي هلي هو پهرئين ديهه پينگارو جي ڳوٺ پيرو ڪاڪا ۾ وڃي رهيو. پوءِ وري حيدرآباد جي ڀرسان ڳوٺ لالولاشاري ۾ ۾ وڃي رهيو.
شاهه صاحب فائينل تائين تعليم هالا ۾ ئي پرائي. ۽ ڪجهه وقت تعليم کاتي ۾ استاد به ٿي رهيو.
بقول مولوي محمود قريشي جي سيد نور محمد شاهه ننڍپڻ کان ئي شعر، سخن ۾ طبع آزامائي ڪندو هو. اڳتي هلي بيت، مرثيه، نوحه، غزل، رباعيون، منقبتون وغيره تحرير فرمايا.
سندس ڪلامن جو هڪ مجموعو ”گلدسته نوراني حصه اول“ جي نالي سان سندن هڪ معتقد مرحوم مولا بخش ولد خير محمد حسين آباد واري ڪافي سال اڳ ڇپارايو هو. ان کان علاوه سندن ٻئي مجموعي جو نالو ”گلشن نوراني“ ٻڌايو ويو آهي.
لطيف ڏي لائيٽ، دل ۾ درد عشق جي،
نور محمد نورسين ناس ٿئي نائيٽ،
راز تنهنجا رائيٽ پڙهي ڪريان پڌرا.
سندس ڪافي مرثيا هالا جي مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. چند سال اڳ سندن وصال ٿيو ۽ کين لالو لاشاري ڳوٺ، لڳ حيدرآباد ۾ دفنايو ويو.
[b]پروفيسر انجنيئر اختر خالد ڀٽي: (ولادت 1937ع)
[/b]محترم اختر خالد ڀٽي پنهجي سر ڄائو ۽ نپنو ته حيدرآباد ۾ آهي، پر جيئن ته ان جو والد ۽ ٻيا وڏڙا هالا پراڻا ۾ رهيا آهن، تنهن ڪري هن صاحب کي اسان هالن جو ڪري ڳڻيون ٿا.
ڀٽي صاحب جي خاندان کي هالا پراڻا ۾ خليفه ڀٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. ڀٽي صاحب مهراڻ يونيورسٽي ۾ سول انجيئرنگ استاد طور ڪم ڪيو جتان پروفيسر طور ريٽائر ٿيو.
منهنجي عزيز فتح محمد سنائي کي وٽس پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. هو سدائين سندس پڙهائي ۽ ڄاڻ جي تعريف ڪندو آهي. ڪافي سال اڳ فتح محمد مون کي سائين جا ماحوليات ۽ روڊ سيفٽي جي حوالي سان لکيل ڪجھه مضمون پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا.
ڀٽي صاحب پنهنجي شعبي جي حوالي سان اڻ ڳڻيا مقالا تحرير ڪيا آهن، جيڪي ملڪي توڙي غير ملڪي رسالن ۾ شايع ٿيا. ان کان علاوه هن صاحب پنهنجي گهرواري محترمه ڊاڪٽر گل جنت جي سهڪار سان قرآن جي حوالي سان مختلف موضوعن جهڙوڪ قرآن ۽ انساني حق وغيره تي اٺ کن ڪتاب لکيا آهن، جيڪي شايع ٿيا آهن. انهن ڪتابن کي عالمي پذيرائي به ملي آهي.
سندس گهر واري جي به پي ايڇ ڊي ڪيل آهي. اها به رشتي ۾ سندس سوٽ يا ماسات آهي. ائين ان جو به تعلق هالا پراڻا سان آهي.
ڀٽي صاحب جن اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.
هن جو هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر ڪمال مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن هو، جيڪو چند سال اڳ لنڊن ۾ گذاري ويو.
[b]مظفر صادق ڀٽي: (ولادت 24 آگسٽ 1947ع)
[/b]هي صاحب جيڪو انجنيئر پروفيسر اختر خالد جو ننڍو ڀاءُ آهي، سو هڪ پاسي سنڌ جو ناميارو وڪيل رهيو آهي ته ٻي پاسي سنڌ جي سياسي ميدان تي به سرگرم رهيو آهي. ايم آرڊي تحريڪ دوران هي صاحب جيل ۾ رهيو. هي صاحب سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد رکندڙ ۽ اهم ترين اڳواڻ رهيو آهي. جڏهن ممتاز ڀٽو صاحب کي نگران وزير اعليٰ ڪيو ويو ته هو ان جي ڪابينه ۾ قانون جو وزير مقرر ڪيو ويو هو. ان کان علاوه ڀٽي صاحب سياسي مسئلن تي لاتعداد مضمون لکيا آهن، جيڪي سنڌ جي نامور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
[b]سوز هالائي: (ولادت 5 ڊسمبر 1937ع)
[/b]سوز هالائي 5 ڊسمبر 1937ع تي علمي ۽ تهذيبي طرح بيحد خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو آهي. سوز صاحب جي والده ماجده کي ڀٽائي جو پورو رسالو ياد هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ فن موسيقيءَ جو ماهر هو.
اهڙي تهذيبي ماحول ۾ جناب سوز اک کولي ۽ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ موسيقي جو فن وراثت ۾ مليو. نتيجي ۾ پاڻ شاعر ٿي ويو. سندس موسيقي شناسيءَ جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ انهن چند شخصن ۾ شمارجي ٿو، جن کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي مڙني باريڪين، سر ۽ تال تي دسترس حاصل آهي. سندس پنهنجي شاعري سر ۽ ردم جو انوکو امتزاج آهي، تنهن ڪري ان کي آسانيءَ سان ڳائي سگھجي ٿو.
سوز پنهنجي خاندان جو پهريون شخص آهي، جنهن پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڻ سنڌي فائينل امتيازي نموني پاس ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ جي سگهه نه هئي، سو نوڪري لاءِ هٿ پير هنيائين. مگر ناڪام رهيو. سو پيٽ گذر لاءِ هن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. بهرحال هن پڙهائيءَ جو ڪم جاري رکيو. محترم ٿانورداس ۽ ٻين دوستن جي مدد سان هن انگريزي سکي، ۽ ائين خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ امتحان ڏيندو رهيو. ۽ آخر ۾ ايم. اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. ان دوران کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويئي. جتان پاڻ ڏهاڪو سال اڳ ريٽائر ڪيو اٿائين. ڪجهه عرصو وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. پر هاڻي بيماري جي باعث گهر ۾ رهي ٿو.
پاڻ پهريون شعر ان وقت لکيائون، جڏهن سندن عمر ٻارهن سال هئي. باقاعده شاعري ويهين صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ۾ شروع ڪيائين. ائين هڪ وڏي عرصي کان هو شعرن جي گلن سان فضا کي معطر ڪري رهيو آهي. سال 1981ع ڌاري سندس پهريون شعري ڳٽڪو ”رنگ رتا پيچرا“ شايع ٿيو. ٻيو مجموعو ”درشن ڌارو ڌار“ سال 1992ع ۾ مارڪيٽ ۾ پهتو. ڪافي سالن کان هن جو ٽيون شعري مجموعو من اندر جي موسم تيار آهي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ پيل آهي. ان کان علاوه هو پنهنجي لکيل حمدن نعتن ۽ نوحن تي مشتمل پنهنجو مجموعو به سهيڙي رهيو آهي.
سوز صاحب پاڻ کي رڳو شاعري تائين محدود نه ڪيو آهي. هو نثر ۾ به پنهنجون ڪاوشون ڪندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ سندس نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ سوز صاحب استاد محمد جمن جي شخصيت، فن، همعصرن ۽ دؤر تي لکيو آهي. يقينن اهو ڪتاب موسيقيءَ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ اهم دستاويز آهي. استاد جمن جي حوالي سان سوز هڪ ٻيو ڪتاب يار ڏاڍي عشق آتش لائي جي نالي سان مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ استاد جا انٽرويو ۽ استاد تي ٻين ليکڪن جا ليک شامل آهن. اهو ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ منظور ڪيو آهي. سال ٻن کان ان جي مارڪيٽ ۾ اچڻ جو آسرو آهي.
ان کان علاوه هن ايف ايم ريڊيو، ڀٽ شاهه لاءِ مختلف گائڪن، سازندن وغيره تي سوانحي خاڪا لکيا، جيڪي ريڊيو تان نشر ڪيا ويا. سال کن اڳ انهن کي ڪتابي صورت ڏئي، ساز ۽ آواز نالي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري انسٽيٽوٽ آو سنڌيالاجي جي حوالي ڪيا. تازو انهن اهو ڪتاب شايع ڪيو آهي. آهن. اهو ڪتاب سنڌ جي ڪلچرل تاريخ لکڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو.
سوز صاحب جي پنهنجي آتم ڪٿا يا يادگيرين جو پهريون جلد ڪوي جي ڪٿا جي نالي سان چند سال اڳ مارڪيٽ ۾ نروار ٿيو.
سوز صاحب نه صرف سنڌي ۾ پر اردو ۾ به ڪافي لکيو آهي، ڪافي غزل ۽ گيت اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ جو دروازو هميشه کليو رکيو آهي.
هاڻي هن جي اڱڻ تي ٻه گلاب جا گل ٽڙيل آهي، جيڪي ڪوثر ۽ جاويد جي روپ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيا آهن. سندس وڏو پٽ امتياز سٺو استاد ۽ مرثيه ۽ نوحا خوان آهي ۽ ننڍو پٽ تنوير سوز به سٺو علم دوست آهي، ۽ هن وقت سوز صاحب جي تيماداري ڪري ٿو.
[b]محمد رحيم مسرور دايو: (2008ع – 1940ع)
[/b]مستقبل جي معمارن يعني شاگردن جي زندگي ٺاهڻ يا ڦٽائڻ ۾ استاد جو وڏو رول رهي ٿو. جيڪر استاد قابل ۽ ماهر آهي، تڏهن ڏڏ شاگرد به ڪجهه نه ڪجهه هينئين هنڊائين ٿا، جيڪو اڳتي هلي کين ڪم اچي ٿو. پر جي ڪو استاد بخيل يا اذيت پسند ملي وڃي ته سٺا ذهين ٻار به رستو ڀٽڪيو وڃن. شاگردي دوران ڪافي سٺا استاد نصيب ٿيا، جن جي تاديب اسان جي زندگي کي روشن رکيو اچي. سائين محمد رحيم مسرور به هڪ اهڙو اعليٰ استاد ۽ شاعر هو.
سائين محمد رحيم ”مسرور“ جن هالا پراڻا ۾ 7 جون 1940ع تي ڄاوا. سندن فائينل تائين تعليم هالا پراڻا ۾ ئي ٿي. ان کان پوءِ هو مدرسه محمديه اسڪول ۾ استاد ٿيا، جتي ريٽائرمينٽ تائين پڙهائيندا رهيا. نوڪري دوران ئي هن مئٽرڪ ڪئي، جنهن ۾ بقول سوز هالائي جي ته سندس جيان ٿانورداس سهائتا ڪئي.
سائين مسرور انتهائي بهترين ۽ محنتي استاد رهيو آهي، جنهن وٽ نه رڳو آئون، پر منهنجا سڀ ڀائر توڙي ٻيا مائٽ پڙهيا آهن، جيڪي هينئر مختلف ادارن ۾ سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ذاتي طرح مون تي سندس هڪ وڌيڪ مهرباني اها به آهي ته آئون جڏهن چوٿين درجي ۾ پهتو هوس، تڏهن منهنجي ذهانت ڏسي ڪري، مٿين آفيسرن سان ڳالهائي منهنجو ڊبل پروموشن ڪرايائين. هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه رهندو ته مون کي ٻاراڻي درجي ۾ ٻه سال کن رکيو ويو هو. ياد اٿم ته ڊبل پروموشن واسطي انٽرويو هالا جي ارباب محلا اسڪول ۾ ٿيو هو، سائين مون کي پاڻ سان وٺي ويا هئا. رستي تي به پڙهائيندا ۽ سيکاريندا رهيا.
آئون وٽن پنجون درجو پڙهيو آهيان. سائين ورهين کان پنجين درجي وارن شاگردن کي اسڪالرشپ جي امتحان جي تياري ڪرائڻ لاءِ رات جو دير تائين پڙهائيندو هو ۽ ان لاءِ ڪو اجورو به نه وٺندو هو. سندس ان محنت جي نتيجي ۾ ڪافي شاگرد هڪ پاسي اسڪالرشپ حاصل ڪندا هئا، ته ٻئي پاسي اها محنت کين اڳتي واري پڙهائي جي مرحلي ۾ مددگار ٿيندي هئي.
پنهنجي وڏي عيال جي پورائي واسطي وري رات جو دير تائين ٻيڙيون ٻڌندو هو. جيتوڻيڪ هو چاهي ها ته ٽيوشن ڏيئي ڪافي پئسا ڪمائي سگهي ها، پر هن صاحب تعليم کي تجارت نه بنايو.
سائين نه رڳو سٺو استاد هو، پر سٺو شاعر، نعت خوان ۽ نوحه خوان به هو. پاڻ سنڌي ٻولي جي گرامر جو ماهر هو.
سندن شاعري تصوف جي اثر هيٺ آهي. کين شعر جو شوق ۽ ذوق صوفي بزرگن جي ڪتابن ۽ ڪلام جي مطالعو ڪندي جاڳيو. سندن وفات کان اڳ سائين کان پڇيم ته سندس شاعري ڪٿي آهي ته ٻڌايائين ته سندس بيماري ۾ گھروارن گم ڪري ڇڏي ۽ کيس هاڻي ياد به نه رهي آهي. تنهن ڪري هن وقت ٿوريون ڪي شيون بچيون آهن.
سخت پورهين جي ڪري، سندس صحت تي اثر پيو ۽ هو ڪافي عرصو بيمار به رهيو. سائين مسرور صاحب اسان کان نائين سيپٽمبر 2008ع تي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
[b]ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي: (2015ع - 1942ع)
[/b]ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي صاحب جو تعلق هالا پراڻا جي هڪ علمي گھراڻي مولوي قريشن سان آهي. سندن ولادت هالا پراڻا ۾ تاريخ 16 مئي 1942ع تي ٿي. انٽر تائين هالا ۾ پڙهيا. اڳتي هلي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائون. ان کان علاوه آرمڊ فورسز ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي مان ايم ايس سي جي ڊگري به ورتائون.
پاڻ صحت کاتي ۾ ڪافي انتظامي عهدن تي رهيا. جهڙوڪ پاڻ حيدرآباد سول اسپتال جا سپرنٽنڊينٽ به رهيا ۽ هليٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري به ٿي رهيا. ريٽائرمينٽ وقت هو نفسياتي مرضن جي اسپتال، ڪائوسجي اسپتال حسين آباد جا سربراهه هئا.
سندس يادگيرن تي مبني ڪتاب ”ياد ايام“ سنڌي ادبي بورڊ وارن سال 2006ع ڌاري ڇپايو آهي.
پاڻ 16 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين 17 جنوري تي هالا پراڻا جي مشهور قبرستان کڏي کٿوري ۾ ٿي.
[b]پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم حسين قريشي:
[/b](ولادت 21 نومبر، 1945ع)
سنڌ جو هيءُ نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نگار، محقق ۽ استاد جيتوڻيڪ ڄائو الهداد چنڊ ۾ آهي، پر هالا پراڻا جو سندس نيپاج ۾ حصو رهيو آهي. اصل ۾ هن جي والدين ۽ ٻين عزيزن جو تعلق هالا پراڻا سان آهي، جنهن جو اظهار پنهنجي ساروڻين وارن ڪتابن، جهڙوڪ دل جي دفتر سان، ساروڻيون ۽ اندر روح رهيام وغيره ۾ بار بار ڪيو اٿس.
قاضي صاحب جن سنڌي توڙي انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. ان علاوه هنن سنڌي ۾ داستان گوئي تي به پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ قاضي صاحب صوبائي توڙي وفاقي سول سروس جا امتحان پاس ڪيا، پر پاڻ استاد بنجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏنائون. پهرين هو حيدرآباد جي مسلم ڪاليج ۾ استاد ٿيا، پوءِ وري سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيا، جتي ريٽائرمينٽ تائين پڙهائيندا رهيا. آخري وقت ۾ ستن سالن تائين پاڻ آرٽس فئڪلٽي جي ڊين طور ڪم ڪندا رهيا.
هن وقت جيتوڻيڪ هو ريٽائر آهن، پر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جا اعزازي سربراه پڻ آهن. ياد رهي ته ان چيئر تمام ٿورڙي عرصي ۾ ڪافي سارا علمي ڪتاب شايع ڪيا آهن.
سائين جي ٽهي وارا ليکڪ اڪثر خاموش آهن، ۽ پنهنجي ماضي وارين ڪوششن جي ڪمائي پيا کائين، پر قاضي صاحب اڃان به بي بها تخليقون اسان کي آڇي، اسان جي تهذيبي ۽ روحاني آسودگي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.
سائين لکڻ جي شروعات اردو ۾ ڪئي، ۽ سندس پهريون اردو ناول شمع هر رنگ مين جلتي هين ”سحر هوني تڪ“ 1962ع ۾ شايع ٿيو. پر پوءِ سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. ”پيار ۽ سپنا“ (1997ع)”درد جي خوشبو“ (1981ع) سندس طبعزاد ناول آهن. ان کان علاوه قاضي صاحب جن پنج ناول ترجما ڪيا آهن.
سندن ڪاوشن جي سلسلو اتي ختم نٿو ٿئي، پر اڃان اڳتي وڌي ٿو: سندن هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ”سمنڊ ۽ اپسمنڊ“ (1983ع)، ڊرامن جو مجموعو ”لڙڪ لڙڪ زنجير“ ۽ مضمونن جو مجموعو ”ادب ۽ روايتون“ پڻ شايع ٿيا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ هن جو انگريزي زبان ۾ هڪ اعليٰ ڪتابThe Glorious Past به شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن صاحب سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو جائزو ۽ تت پيش ڪيو آهي. انکان علاوه هن صاحب 200 کان وڌيڪ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما لکيا آهن.
هن وقت تائين سائين جا ٻن درجن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا آهن.
[b]نور محمد ولد مهر علي ڀٽو:
[/b]تاريخ قديم هالا ۾ هن جو ذڪر شاعر ۽ گائڪ طور ڪيو ويو آهي. هنن جا وڏڙا ڪچي ۾ قائم هڪ ڳوٺ، جيڪو وگھاملن جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو، ۾ رهندا هئا، سال 1956ع ۾ درياءَ خوردي سبب اچي هالا پراڻا ۾ ويٺا ۽ پنهنجو اباڻو ڪم جنڊي ڪندا رهيا.
هن صاحب جي ڪچي واري ۾ ڳوٺ ۾ هن جا پاڙيسري ۽ دوست صوفي دين محمد شيخ ۽ ٻيا ويراڳي فقير پڻ هئا، جن جو هن تي ڪافي اثر رهيو. هن به راڳ ويراڳ واري واٽ اختيار ڪئي. (مولوي ۽ قاضي، ص 216، 217)
[b]سيّد مڱيلڌو شاهه سبزواري ”مڱيل“: (2004ع - 1946ع)
[/b]سيد مڱيلڌو شاهه سبزواري ”مـڱيل“ 23 جولاءِ 1946ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا پراڻا مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ تپيداري جو ڪورس ڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار مقرر ٿيو. پر ڪجهه سالن بعد اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. وري ڪجهه عرصو پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ به نوڪري ڪيائين، پر اها به ڇڏي ڏنائين.
سيد مڱيل شاهه صاحب غزل، مداحون، سلام، نوحه ۽ مرثيه ڪافي تعداد ۾ لکيا آهن. کيس پينٽنگ وغيره جو به شوق رهيو.
سندن وصال 29 فيبروري 2004ع تي ٿيو.
[b]احمد ڪوري: (2008ع – 1946ع)
[/b]هالا رڳو غزل گو شاعر نه پيدا ڪيا آهن، پر هن ٻين صنفن جا بي مثال شاعر به پنهنجي هنج ۾ سنڀاليا آهن.
محترم احمد ولد محمد صديق ڪوري صاحب بنيادي طرح مرثيه گو شاعر هو. هن جو جنم هالا پراڻا ۾ سال 1946ع ڌاري ٿيو.
هن صاحب 50 کن مرثيه لکيا. پر مرزا انيس ۽ دبير جا مرثيه به سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. ان کان علاوه سلام، نعتون، منقبتون، نوحه وغيره به ڪافي تعداد ۾ لکيائين. هن جا مرثيه، سلام ۽ نوحا اسان جي تر جي مجلس عزا ۾ پڙهيا ويندا آهن.
سيپٽمبر 2008ع ۾ سندس وفات ٿي.
[b]عطا محمد صدر: (ولادت 1952ع)
[/b]سائين عطا محمد صدر جو جنم هالا پراڻا جي علمي ۽ مذهبي گھراڻي ۾ 12 جنوري 1952ع تي ٿيو آهي. سندن ڪاليج تائين تعليم هالا ۾ ٿي آهي. پاڻ ايم. اي ۽ ايم. ايڊ آهن. تازو هو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر طور ريٽائر ٿيا آهن.
سائين جن سٺا نثر نويس آهن. سندس ڪافي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي توڙي اردو ۾ شايع ٿيا آهن. ”هالا پراڻا جو احوال“، ”هالا کان حرم پاڪ تائين قسط ٻي“ ۽ ”مولانا طارق جميل جا خطبا“ سندس تصنيفات جا نالا آهن. ان کان علاوه هالا پراڻا جي مختلف ذاتين تي ڪجھه مواد لکيو آهي.
سندس هالا پراڻا جي تاريخ تي لکيل مضمون مان ڪافي حوالا هن ڪتاب ۾ استعمال ڪيا ويا آهن.
[b]قاضي شوڪت علي قريشي: (ولادت 6 جون 1953ع)
[/b]هي صاحب پنهنجي والد محترم وانگيان هڪ عالم ۽ اديب آهي. هيءُ اسلامي علوم ۽ تاريخ تي وڏي دسترس رکي ٿو. هيل تائين سندس ٽي تصنيفون ”دنيا جي حقيقت جلد اول“، ”دنيا جي حقيقت جلد ٻيو“ ۽ ”چونڊ ملفوظات حضرت مخدوم نوح “ شايع ٿي چڪيون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر اسرار احمد علوي جو ڪتاب راحت الروح سندن نگراني ۾ لکيو ويو آهي. مخدوم فتح محمد فقير جي ڪتاب رساله فتحيه جو سنڌي ترجمو به هن جي نگراني ۾ ٿيو آهي.
قاضي صاحب ڪافي سالن کان هالا پراڻا جي جامع تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن ڪافي عرصو اڳ مولوي محمود قريشي جي ڪتاب کي ڪمپوز به ڪرايو هو ته جيئن ان جي ايڊيٽنگ ڪري ان ۾ مناسب اضافا ڪيا وڃن.
[b]عقيلي عبدالحفيظ قريشي: (ولادت 8 جولاءِ 1959ع)
[/b]جيتوڻيڪ هي صاحب ڄائو ڪراچي آهي، ۽ پوءِ پليو حيدرآباد ۾ آهي، پر هن جي خاندان جو تعلق هالا پراڻا جو آخوند سانوڻي عقيلي قريشين سان آهي. هن جو ڏاڏو حافظ عبدالحق نيا آباد، ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي خيراڻي مسجد ۾ درس ڏيندو هو ۽ 1914ع کان 1920ع تائين شهر جو قاضي رهيو. هن جو والد قاضي عبدالرحمان برٽش آرمي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ بجيٽ آفيسر ٿي رهيو.
تازو هن صاحب کي سنڌ يونيورسٽي پاران شاهه لطيف جي شاعري جو تاريخي ــ سماجياتي اڀياس جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويئي آهي. هن صاحب ڪافي سارا علمي مقالا، ڪهاڻيون ۽ سياسي مضمون تحرير ڪيا آهن. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ سائنسي مضمونن واري سيڪشن جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري دوران ڪافي ڪتاب ايڊٽ به ڪيا آهن.
هو ليکڪ سان گڏ هڪ سٺو آرٽسٽ به آهي. بحيثيت آرٽسٽ هن سنڌ جي ڪيترن ئي مشاهيرن جهڙوڪ، علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي. ايم. سيد وغيره جا پورٽريٽ ٺاهيا آهن، جن جا نماءَ به ٿيا آهن.
ماضي ۾ هو سياسي فرنٽ تي وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، جنهن جي ڪري هڪ پاسي سال کن جيل ۾ رهيو آهي، ته ٻي پاسي ڪوڙا کائي چڪو آهي. هن پنهنجي ڀيڻ فهميده قريشي سان گڏ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 90-1988ع جي نسلي فسادن جي متاثر سنڌين لاءِ حيدرآباد ۾ سحرش نگر آباد ڪرايو، جنهن لاءِ هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اڃا تائين قانوني جاکوڙ ڪري رهيا آهن.
سنڌي وڪي پيڊيا تي رکيل هن جي پروفائيل موجب هن 1988ع ۾ ٿيل لساني فسادن تي ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي. ٽنڊي بهاول واري مشهور سانحي ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي هڪ ميجر هٿان 10 بيگناهه هارين ۽ پورهيتن جو قتل ٿيو ته هن ۽ سندس ڀيڻ فهميده قريشي ڳوٺاڻن سان گڏجي آواز اُٿاريو ۽ ٽنڊي بهاول کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ايوان صدر- اسلام آباد تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪئي ۽ حڪمرانن پاران انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ تي ٻن ڀينرن حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ جي خودسوزيءَ کانپوءِ قاتل ميجر ارشد جميل منطقي انجام تي پهتو. اهڙي جاکوڙ جي ڪري رياست پاران قومي ساٿ جي سوين ڪارڪن هارين ۽ ٻين ڪارڪنن سوڌو، حفيظ قريشي، فهميده قريشي، مائي جندو ۽ ٻين تي 19 جڙتو ڪيس مڙهيا ويا، جيڪي 1996ع کان 2000ع تائين هلي پورا ٿيا.
هن جي والده محترما هن جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي.
[b]منير احمد شيخ منيرهالائي: (ولادت 1961ع)
[/b]¬¬¬جناب منير احمد شيخ المعروف منير هالائي جو جنم پهرئين جنوري 1961ع تي هالا پراڻا ۾ ٿيو.
پاڻ سال 1981ع ڌاري ’گل پبليڪشين‘ جو بنياد وجهي ”ساهه ڏينداسين سڏ تي“ نالي وارو ڪتاب شايع ڪيائين. ان کان اڳ هو ’صداءِ وطن پبلڪيشن‘ جي رسالي جا معاون ايڊيٽر به رهي چڪا هئا. ياد رهي شيخ صاحب ئي شروعات ۾ عرفان مهدي جي ڪتاب ڇپائي يا ايڊيٽنگ ۾ رهنمائي ڪئي هئي. اها ساڳي مهرباني هن محترم خالد صدر ۽ محترم فضل قادر ميمڻ سان پڻ ڪئي، جن به پنهنجا اشاعتي ادارا انهي ساڳئي عرصي ۾ قائم ڪري ڪتاب ڇپرايا هئا.
انهي ڏهاڪي ۾ هن شاگردن جي رهنمائي حساب ۽ انگريزي سکڻ جا مختصر مدتي ورڪشاپ ڪرايا.
پاڻ شاگردي واري زماني جي شروع ۾ شاعري به ڪندا رهيا ۽ بزم طالب الموليٰ هالا پراڻا شاخ جا باني سيڪريٽري ٿي رهيا.
سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي جي ڊگري ورتائون. ان بعد هن صاحب سنڌ يونيورسٽي مان ايم بي اي به ڪئي آهي.
نوڪري جي سسلي ۾ پهريائين پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر رهيا، پوءِ هڪ سرڪاري بئنڪ ۾ ڪم ڪيائون ۽ اڄ ڪلهه هو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر فنانس آهن.
باوجود سرڪاري مصروفيتن هوندي به هو اڄ تائين ڪافي ادارن جهڙوڪ علامه اقبال يونيورسٽي، آءِ. بي. اي ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي وغيره ۾ وزيٽنگ فئڪلٽي طور ڪم ڪري استادي پيش سان پنهنجو تعلق نڀائيندا اچن.
[b]عاشق حسين عاشق هالائي: (ولادت 29 جولاءِ 1961ع)
[/b]مون کي پوري طرح ياد نه آهي ته محترم عاشق هالائيءَ سان منهنجي پهرئين ملاقات ڪڏهن ٿي. پر اندازو اٿم ته 1981ع ڌاري ساڻس ويجهڙ ٿي. ان وقت ميان محمد اشرف ڀٽي ۽ ميان رحمت الله ڀٽي اسان جي ڳوٺ توڙي پوري تر جا ناميارا حڪيم هئا. ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو انهن کان علاج ڪرائيندا هئا. اسان جو ته حڪيم مخدوم محمد اشرف ڀٽي سان پراڻو خانداني تعلق هو، سو سندس ڪلينڪ تي پيو وڃبو هو. انهيءَ ڪلينڪ تي عاشق، سوز هالائي، ميوو خان واڍو ۽ سائين گل محمد ڪوٽار روزانو رات جو منڊلي مچائيندا هئا. ويڪ اينڊ تي ڊاڪٽر غلام علي ارباب به ان محفل ۾ شرڪت ڪندو هو. اتي ويٺي عاشق صاحب پنهنجي خوبصورت لکائي سان سوز صاحب جي شاعري کي فيئر ڪندو هو. ميوو خان واڍو عاشق ۽ سوز صاحب جي شاعري کي ڳائي ٻڌائيندو هو. ادب سان ناتو جڙڻ کان پوءِ روزانه کڻي نه، پر هفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن آئون به ان منڊلي ۾ شريڪ ٿيندو هوس.جڏهن عاشق صاحب انجنيئرنگ ۾ سليڪٽ ٿيو ته ان منڊلي جا ڪجهه ميمبر بدلجي ويا.
يونيورسٽي واري دؤر ۾ هن ريڊيو پاڪستان جي يونيورسٽي مئگزين ڀرپور حصو ورتو. عاشق صاحب انجنيئرنگ جي پڙهائي ڪري ۽ پوءِ نوڪري جي مصروفيتن جي ڪري شاعري تي توجه گھٽائي ڇڏيو. پر سندس اندر ۾ شاعر زندهه رهيو ۽ ورهين کان پوءِ وري اهو نروار ٿيو ۽ عاشق جي اظهار جي صورت ۾ اسان جي آڏو آيو آهي.
[b]مخدوم آفتاب احمد ڀٽي: (ولادت 23 فيبروري 1963ع)
[/b]مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب جو پوٽو ۽ حڪيم مخدوم محمد اشرف جو پٽ هي صاحب ستين درجي (1977ع) کان ميٽرڪ تائين منهنجو ڪلاس فيلو رهيو. سائين علي محمد ميمڻ جيڪا ٻارڙن جي ٻاري ٺاهي، تنهنجو هي عهديدار ٿيو. ان کان اڳ عزيز مگسي جي تنظيم ٻالڪ ادبي سنگت ۾ به عهديدار رهيو. نائين درجي ۾ اسان جي ڪلاس فيلو خالد صدر روشن تارا ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ته مخدوم آفتاب هن جو مکيه ساٿي بنيو. ميٽرڪ کان پوءِ ترت هو وڃي نوڪري ۾ لڳو، پر وري به ادبي ۽ سياسي ميدان تي سرگرم رهيو.
هو سالن تائين عرفان مهدي جو مکيه ساٿي ٿي رهيو. ٽوڙي ڦاٽڪ توڙي ٻين مامرن ۾ قيد قومپرست اڳواڻن سان جيلن ۾ مستقل ملاقاتي رهيو ۽ انهن جا پيغام توڙي بيان وغيره اخبارن ۾ پهچائڻ هن جي ذمي رهيو. هن ٽوڙي ڦاٽڪ واري ڪيس جي حوالي سان هڪ پورو فائيل به ٺاهيو هو.
گل محمد جکراڻي توڙي بشير قريشي جو هن سان خاص سنٻنڌ رهيو. جيسيتائين عرفان مهدي حيات رهيو ۽ سياسي ميدان تي سرگرم هو، مخدوم آفتاب سندس ڪارائتو ساٿي رهيو.
هالا پراڻا جي علمي، ادبي توڙي سماجي پروگرامن ۾ به هن جو ڀرپور ساٿ هوندو آهي.
ذاتي طرح هن مون سان ڪيترائي ڀال ڀلايا آهن. حيدرآباد مان ڪو ڪتاب يا رسالو يا ڪا دوا درمل گهرائڻي هوندي آهي، ته مخدوم صاحب اسان سان وڙ ڪندو رهندو آهي. الله پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ صحت سلامتي عطا ڪري.
[b]عرفان مهدي: (1991ع - 1966ع)
[/b]اسانوٽ عام طور عرفان مهدي جي سڃاڻپ صرف قومپرست سياستڪار ۽ بي بها مقرر طور آهي. پر آئون سمجھان ٿو ته هو رڳو سياستدان نه هو. ان کان به وڌيڪ هو هڪ ليکڪ ۽ جاکوڙي پبلشر به هو. مون کي ساڻس ڪافي وقت گڏ گذارڻ جو فخر حاصل آهي.
31 جولاءِ 1966ع تي پيدا ٿيل عرفان مهدي 4 آگسٽ 1991ع تي اسان کان ڀرپور جواني ۾ وڇڙي ويو. پنهنجي مختصر زندگي ۾ هن هڪ پاسي سياسي ميدان ۾ سوين في البديهه عاليشان تقريرون هوائن حوالي ڪيون آهن ته ٻئي پاسي ادبي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪافي نظم ۽ غزل، ڪهاڻيون ۽ امرتا پريتم جي هڪ ناول جو بطور هڪ اداس ڇوڪري ترجمو اسان جي لاءِ ڇڏي ويو آهي. ۽ بحيثيت هڪ پبلشر جي، آمر ضيا جي ڪاري دؤر ۾، چوڏهن پندرهن ورهين جي عمر ۾ وک وڌايو پبليڪيشن قائم ڪري، ڪتابي سلسلو جاري ڪيائين ۽ ڇهه کن ڪتاب ڇپايائين. اهي ڪتاب پاڻ کڻي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا، ٽنڊو، سانگهڙ، سڪرنڊ، نواب شاهه، ڄام شورو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان جي اسڪولن ۾ کپايائين.
مون کي ته يقيناً ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايائين، پر ٻي منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته اها عرفان جي صحبت هئي جو منهنجي ڳوٺ جو ڀلوڙ شاعر سوز هالائي محدود طرحي ۽ روايتي ادبي نظام کان ڌار ٿي وسيع ۽ جديد ادبي ميدان تي پاڻ کي پيش ڪيو ۽ جديد ادبي روايتن سان نئين سر ڳانڍاپو قائم ڪيو.
اڄ عرفان کي اسان کان طبعي طور جدا ٿئي ڪافي عرصو گذريو آهي. پر ادبي توڙي سياسي ميراث جي صورت ۾ سندس موجودگي اسان جي لاءِ سرهائيءَ جو سبب رهندي اچي. کيس ۽ اهڙن ٻين عالمن ۽ اديبن کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي، ته هنن جن آدرشن ۽ مقصدن لاءِ پاڻ پتوڙيو، تن کي اڳتي وڌائجي ته جيئن ڪوڙ ۽ ڪدورت، بک ۽ بدحالي کان آجو ۽ امن ۽ آشتي وارو سماج اڏجي پوي.
عرفان پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا پراڻا مان ورتي. سيڪنڊري تعليم لاءِ هو ان وقت جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ هاڻوڪي شهيد اسلم ميمڻ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ ۾ سروري اسلاميه گورنمينٽ ڪاليج مان ڪيائين. دائود انجيئرنگ ڪاليج ۾ سندن داخلا ٿي هئي پر سياسي سرگرمين توڙي جلدي شادي ڪري اها ڊگري حاصل نه ڪري سگهيا.
سندن شادي ڊاڪٽر رومانه هاليپوٽه سان ٿي. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي.
[b]فهميده قريشي:
[/b]هالا پراڻا جي عقيلي قريشي خاندان سان تعلق رکندڙ هي ادي حيدرآباد ۾ ڄائي آهي ۽ اتي ئي پڙهي آهي. هي محترمه پنهنجي ڀاءُ عقيلي حفيظ قريشي سان گڏجي نوي واري ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي ميدان تي ڪافي سرگرم رهي آهي. لساني فسادن جي متاثرين جي آبادڪاري کان وٺي ٽنڊوبهاول جي بي سهارا عورتن جي انصاف حاصل ڪرڻ واري تحريڪ ۾ هن جي ڪردار نامور رهيو آهي.
[b]ڪوثر هالائي: (ولادت 1971ع)
[/b]ڪوثر حسين ڀنڀرو المعروف ”ڪوثر هالائي“ هالا پراڻا ۾ 11 اپريل 1971ع تي نامور شاعر ۽ نثر نويس سوز هالائي صاحب جي گهر ۾ ڄائو.
ڪوثر صاحب جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪئي اٿس ۽ هن وقت لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ملازم آهي.
ڪوثر پنهنجي والد صاحب جي پيروي ڪندي شاعر ضرور ٿيو آهي، پر شاعري ۾ هن جو لهجو پنهنجو آهي. ۽ هن جيتوڻيڪ سڀني صنفن تي لکيو آهي، پر هن جو وڌيڪ رجحان وائي طرف آهي. پاڻ سٺو نثر نگار به آهي. سندس ڪافي مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
ڪجهه عرصو اڳ ٻڌايو هئائين ته هو پنهنجو شعري مجموعو مرتب ڪري رهيو آهي.
[b]مولوي حاجي احمد سنائي: (ولادت 1974ع)
[/b]محترم حاجي احمد سنائي هالا پراڻا ۾ 2 ماچ 1974ع تي پيدا ٿيو. هو مئٽرڪ تائين هالا پراڻا ۾ پڙهيو آهي. ان کانپوءِ دارالعلوم حسينيه شهدادپور ۽ دارالعلوم فاروقيه ڪراچي ۾ پڙهيو، جتان شهادت عالميه جي ڊگري ورتي اٿائين.
هن وقت هو دارالعلوم اسلاميه هالا ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
پاڻ ڪتب بيني ۽ لکپڙهه سان وڌيڪ شوق رکن ٿا. هن وقت تائين سندن چار تصنيفات ”امان فاطمه“ ۽ ”مٺي محمد ﷺجا ماڻڪ موتي“، ”مقام صحابيه“۽ ”شهيد ڪربلا“ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ ٻه ٻيون تصنيفات ڇپائي هيٺ آهن.
ڪجهه عرصو اڳ هنن ڊاڪٽر حميدالله جي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيل تقريرن کي ڪئسٽن تان اتاري، قاضي شوڪت کي ڏنيون، جيڪي هن صاحب پنهنجي اداري پاران شايع ڪيون آهن.
هي صاحب ننڍپڻ کان تبليغ جماعت سان لاڳاپيل آهي ۽ تبليغي سرگرمين ۾ هر وقت مگن رهي ٿو. ان سلسلي ۾ مختلف عرصن وارا ويندي هڪ سال وارا چلا لڳائي چڪو آهي.
[b]جاويد سوز هالائي: (ولادت 1978ع)
[/b]جاويد حسين ڀنڀرو صاحب به محترم سوز هالائي جن جو فرزند آهي. جاويد صاحب هالا پراڻا ۾ 1 مارچ 1978ع تي پيدا ٿيو. هن پڻ والد صاحب جي پيروي ڪندي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پير پاتو آهي. هيءُ نه رڳو شاعر آهي، پر ساڳئي وقت نثر نويس به آهي.
سندس ڪاليج تائين تعليم جو سلسلو هالا ۾ رهيو ان بعد هن سنڌ يونيورسٽي مان سوشيولاجي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.
اڄ ڪلهه هو سنڌ ڪميونٽي ڊولپمينٽ سوسائٽي نالي واري ڪنهن غير سرڪاري تنظيم جي سربراهه طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هو ڪافي ٻين اين جي اوز توڙي اخبارن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت هو اين جي او سيڪٽر جو اهم ترين نالو آهي. فيسبوڪ ۽ اخبارون سندس سرگرمين سان ڀريل هوندا آهن. هن وقت سندس رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.
هيل تائين سندس ٽي شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. جن مان سندس پهريون اردو ۾ نوحن جو مجموعو هو، ان کانپوءِ هن سال برف سي لڙڪي جي نالي سان سندس اردو شاعري جو ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. سندس سنڌي شاعري جو مجموعو جاڳ ازل جي سمبارا پبليڪيشن وارن ڇپايو آهي. هن سنڌي ۾ به مرثيه، نوحا ۽ سلام لکيا آهن، جيڪي سندس ڀائر هالا پراڻا جي عزاداري مجلس ۾ پڙهيا ويندا ويندا آهن.
ان کان علاوه سنڌ جي سماجي اقتصادي صورتحال تي ڪافي مضمون لکي چڪو آهي.
[b]مولوي ظهور احمد ميمڻ:
[/b]هي صاحب ڄائو هالا پراڻا ۾ آهي، پر ننڍپڻ ۾ هالا نوان ۾ لڏي ويو آهي. سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي ناموري آتش فشان مقرر طور آهي، پر هن جا ڪجهه ڪتابچا به شايع ٿيا آهن. شروع ۾ هو دارالعلوم اسلاميه ۾ پڙهائيندو هو. پر هاڻي دارالفيوض جي نالي سان علحده مدرسو قائم ڪيو آهي، جنهن جي هڪ شاخ هالا پراڻا ۾ پڻ ڪم ڪري ٿي.
هن صاحب جو ننڍو ڀاءُ مولوي عبدالله صاحب به فارغ التحصيل مولوي آهي پر سندس وقت تبليغ ۾ گذري ٿو. هن صاحب جي بزرگ طور ناموري آهي. آئون سمجهان ٿو ته هن دعائن جا ڪتابچو ترتيب ڏنو آهي.