باب ٽيون: هالا پراڻا، هالاڪنڊي جو نئون جنم روپ
هالا پراڻا جي قيام جي حوالي سان محترم منور ارباب هالو لکي ٿو ته هي شهر 1397ع ۾ ڪنهن سما شهزادي جوڙايو ۽ اهو هالا ڪنڊي سان گڏ موجود هو. دريا بردي جي ڪري ماڻهو اتي لڏي آيا ۽ هي شهر وڌيو.
(هالو، 2014 ۽ 2016، ص 21)
ڊاڪٽر بلوچ جي خيال ۾ هالا ڪنڊي جي قديم وسندي نائين صدي هجري ۾ درياءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿي ۽ ان جا رهواسي نئين هالا ڪنڊي يعني هالا پراڻا جي وستي ۾ اچي ويٺا. (بلوچ، 2012، ص 246)
اسان شروع ۾ قاضي غلام محمد قريشي جي لکت جو حوالو ڏنو آهي، جنهن موجب سال 1010 هجري بمطابق 1601-2ع ڌاري ٽوڙي (جنهن کي هالا ڪنڊي جو جاڙو واهڻ يا پاڙو چئجي) ٻڏڻ لڳو ته ان وقت جي سجاده نشين مخدوم امين محمد اول پنهنجي وڏڙن جا نعش مبارڪ آڻي سرنار ڦاٽڪ، ملان سانوڻي ڀرسان اوريون دڪو، جتي ڊيهن آهي، يعني موجوده هالا پراڻا جي اتر اولهه ڪنڊ تي اچي دفنايا. ان وستي کي ان زماني ۾ اسلام آباد يا مخدوم جميل الزمان جي لفظن ۾ اسلام پور سڏيو ويو. ان جو مقصد اهو ٿيو ته مخدوم صاحبان يارهين صدي هجري جي شروع يعني يعني سترهين صدي عيسوي جي شروع ۾ ئي هتي لڏي آيا آهن.
مخدوم جميل الزمان اٺين سجاده نشين مخدوم مير محمد عرف مير پير (1738-1789) جي مختصر سوانح ۾ لکيو آهي ته هن صاحب جي ولادت 1738ع ۾ سندس آبائي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ ٿي. (مخدوم جميل، 2001، ص 89)
ان حساب سان ائين کڻي چئجي ته مخدوم صاحبان جو ٻيو سجاده مخدوم امين محمد اول هالا پراڻا ۾ اچي ويٺو. جيتوڻيڪ اٺون سجاده مخدوم مير پير هتان لڏي وڃي مرتضي آباد يعني هالا نوان جو بنياد رکيو. پر نائون ۽ ڏهون سجاده به هتي هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيا.
سائين طلعت جيلاني قريشي مون کي قاضي اميد علي قريشي جي موجودگي ۾ اهو ٻڌايو ته هاڻوڪو هالا پراڻا به ان وقت موجود هو ۽ هالا ڪنڊي جو حصو هو. تنهن ڪري هالا ڪنڊي جو رڳو هڪ حصو دريا جي حوالي ٿيو. قاضي غلام محمد قريشي صاحب واري مذڪوره جاءِ کي ڪافي ويجهو آخوند ملان سانوڻي محلو آهي، جتي بچاءِ بند جي بلڪل ويجهو هڪ مسجد آهي، جيڪا ڪلهوڙا دؤر جي آهي. انهيءَ جو مقصد ته ڪلهوڙا دؤر ۾ به هي علائقو وسيل هو.
ياد رهي ته ان زماني ۾ هالا ڪنڊي به وسيل هو. هن پاڙي ۾ هينئر ته اڪثر عقيلي قريشي رهن ٿا، پر اڳ ۾ اتي شيخ، ميمڻ، شيدي وغيره به رهندا هئا، جيڪي ويهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ اتان لڏي اچي هالا پراڻا جي مرڪز ۾ ويٺا آهن.
اصل ۾ اڳ ۾ مختلف پاڙا هڪ ٻئي کان ٿورو جدا جدا ۽ ڪجهه مفاصلن تي هوندا هئا، سو آئون سمجهان ٿو ته هي ماڳ به هالا ڪنڊي جا هڪ طرح پاڙا هئا. ٻيو ته هالا ڪنڊي هڪ پرڳڻي جو به نالو رهيو آهي، تنهن ڪري انهن کي علحده وستيون به چئجي کڻي، جيڪي ان پرڳڻي جا حصو هئا. آخوند سانوڻي ته لڳي ٿو اڳ ئي هن جوءِ ۾ ويٺل هئا.
مٿين راين جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هالا ڪنڊي جي اوج واري زماني ۾ به موجوده هالا پراڻا جي وستي آباد هئي، پر اها ايترو ڪا نامور وغيره نه هئي. پر جڏهن هالا ڪنڊي ٻڏو ۽ اتان جا رهواسي اچي هتي ويٺا ته هن وستي جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ شروع ٿيو.
ڀٽي بزرگن پاران هتي اچي آباد ٿيڻ جو احوال سائين عطا محمد صدر هيئن بيان ڪري ٿو ته اهو سال 1768ع هو، جڏهن ڀٽي صاحبن ۾ مسند جو صاحب مخدوم نعمت الله ڀٽي هو، جنهن اچي هالا پراڻا جي وچ تي مسجد جوڙائي، ۽ ان جي ڏکڻ ۾ پنهنجا اجها اڏرايا. هالا پراڻا جي اتر ۾ قبرستان قائم ڪري پنهنجي وڏڙن جا نعش مبارڪ آڻي دفن ڪيا.
بهرحال ارڙهين صدي عيسوي جي آخري چوٿائي کان وٺي هالا پراڻا علم و ادب ۽ ثقافت جو مرڪز بنجڻ شروع ٿيو. ڪلهوڙن جي آخري دؤر کان وٺي هيسيتائين هن شهر ڪيترائي مشاهير، عملدار، فارسي ۽ سنڌي جا عالم ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. انهن جو مختصر احوال اڳيان ڏنو ويو آهي.
[b]19 صدي ۾ هالا پراڻا جون سماجي ۽ معاشي حالتون:
[/b]اي ڊبليو هيوز جي گزيٽيئر ۾، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1876ع ۾ شايع ٿيو هو. تنهن ۾ هالا پراڻا جي حوالي سان لکيل آهي ته هي هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو نئين هالا کان اُتر ۾ ٻه ميل پري، وڏي ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي. شهر کي رڳو نئين هالا ۽ کاڻوٺ جو رستو آهي. اُتي تپيدار جو هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن ۽ هڪڙو سرڪاري ورنيڪيولر اسڪول به قائم آهي. شهر جي آبادي - مسلمان توڙي هندو - 2467 ماڻهن تي ٻڌل آهي. آبادي ۾ ميمڻ، گراڻا، سونيزي Saunis ۽ هالا، لوهاڻا، سيهلاس ۽ کتري شامل آهن، جن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت آهي. واپار وڙو تمام گهٽ آهي. شهر جا مکيه ماڻهو قاضي، ملا ۽ عامل آهن.
ڪتاب ڪٿا سائين ولايت راءِ ۾ هن جو ذڪر ڪندي لکيو ويو ته ان زماني هالا پراڻا ۾ روزگار جي ذريعن جي گهٽ هئڻ ڪري اتان جا ماڻهو خاص ڪري هندو صاحبان روزگار سانگي ڏيساور وڃڻ لڳا. (ص 77)
سوز صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ ورڪين جو ذڪر ڪيو آهي. سوز صاحب لکيو آهي ته ”مولوي محمود قريشي سانوڻي پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب ۾ هالا پراڻا جي شهري آباديءَ بابت لکن ٿا: هالا پراڻا شهر جي طوالت جو هڪ وڏو سلسلو هو، جيڪو موجوده شهر حدن کان کتري پاڙي کان ٿيندو، خدا آباد تائين وڃي دنگ ڪندو هو ۽ خدا آباد جو تختگاه به شهر جو حصو هوندو هو. کتري پاڙي جي هڪ گهٽي ماٺارڪي بازار، ٻي گهٽي سونارڪي بازار ۽ لاڳيتو عاليشان شاهي بازار هوندي هئي ۽ اهو سلسلو ملان سانوڻي کان ٿيندو خدا آباد تائين هوندو هو.“
(سوز هالائي 2008، ص 31)
هالا پراڻا جي غير مسلم آبادي:
هن وقت ته هالا پراڻا ۾ غير مسلمن جا صرف چند گهر آهن. هالا پراڻا جو اصلي رهواسي حڪيم ليکراج به وڃي هالا نوان ۾ رهيو آهي. پر ورهاڱي کان اڳ هتي به اسان جا هندو ڀائر ڪافي تعداد ۾ رهندا هئا.
هن وقت وارو مهاجر محلا يا سروري ڪالوني ان زماني ۾ کتري نگر هو، جتي عامل، سنڌ ورڪي ۽ ٻيا ڀائيبند رهندا هئا. سوز صاحب کتري نگر جي حوالي سان لکيو آهي ته ٺاري شاهه جي باغ کان ٿورو اڳتي کتري پاڙو آهي، جيڪو شهر جو خوبصورت حصو آهي. ... شام ٿي آهي، هير گهلي آهي، رستن تي ڇڻڪار ٿيل آهي، هوٽلن تي پيهه پيهان آهي. ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي ۽ ڪنور ڀڳت جا فونن تي رڪارڊ وڄي رهيا آهن... شهر ۾ گئس بتيون ۽ گولا ٻرن ٿا ... ڪجهه دير بعد هاسو مل ساهتيه جي سراءِ ۾ منڊلي مچندي، ڀڳت ڀڳتون ڪندا... رات جي سانت ايڪانت ۾ به اهڙا آلاپ اتر طرف مياڻي ۽ ڪسي وارين ماڇين جي ڳوٺن ۽ ڏکڻ طرف خانوٺ تائين پکڙجي ويندا هئا. ڀڳت جاڙا رام، ڏاهو مل، ڪنور رام ڀڳت، ماسٽر چندر، مهراج مولچند کان سواءِ لاتعداد گائڪن ۽ ڀڳتن ان سراءِ کي راڳ ويراڳ جو شرف بخشيو آهي.... هاسو مل جي سراءِ ۾ مسلمان گائڪ ۽ نچڻ ورا به راڳ جو حاضريون ڀريندا هئا... اهو هالا پراڻا جي اصل وچ شهر کان به وڌيڪ نئون نڪور ۽ خوبصورت شهر هو. عاليشان رنگ رتول عمارتن جو هي ننڍڙو شهر عمارت سازيءَ ۽ نقش نگاري کان به مشهور هو. ... گهر ويڪرا، اڱڻ اجرا، هوادار، روشن ۽ ٻاهرين درين آڏو ڪشادا ٿلها ۽ گلن جا ننڍڙا لان .... اسين ماسترن جي ڪم ڪار سان اڪثر ايڏانهن ويندا هئاسون. هڪڙي گهٽي ۾ تاري سوناري جو گهر هو، جنهن کان مولوي (قريشي) صاحب جن زيور ٺهرائيندا هئا. ماستر محمد عمر (سائين عبدالخالق ميمڻ جو والد) ته تاري سوناري جي ڪاريگريءَ کان ايترو متاثر هو، جو چوندو هو ته ”تارا سونارا! هٿ اٿي سٺو، تڏهن آهيان مٺو.“ ... کتري پاڙي جي رهواسين جو اڪثر ڪاروبار هو واپار، زمينداري، سونارڪو ڪيس يا وري ڇر يا اجرڪ سازي. هن پاڙي ۾ آفيسر گهٽ ۽ تعليمدان زياده هئا. البته جيرامداس مختيارڪار ۽ ڀڳوان داس اسسٽنٽ مختيارڪاري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. .... شهر ۾ پئنچاتي نظام رائج هو ۽ ان وقت مکي هوتچند ۽ چاندو مل سنڌ ورڪي هئا.“ (سوز هالائي 208، ص ص 33، 34، 35)
محترم قاضي اميد علي قريشي پنهنجي پڦاٽ قاضي عزيز اختر (جنهن جو ذڪر سوز صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيو آهي) جي حوالي سان مون کي ته ٻڌايو ته هن کيس ٻڌايو ته هالا پراڻا ۾ جيڪي هندو هئا، تن مان اڪثريت جو سماجي رتبو وڏو هوندو هو، ۽ مسلمان به وٽن پٽن تي ويهندا هئا.
ڏاڏا مرحوم حاجي محمد عارب مون کي هڪ ڀيري ڪنهن مکي صاحب جي حوالي سان ٻڌايو ته هو ايترو ته هوشيار هوندو هو جو بيٺل فصل کي ڏسي ٻڌائيندو هو ته ان مان ان ڪيترو لهندو.
بهرحال هندو صاحبان رڳو ان پاڙي ۾ نه رهندا هئا پر موجوده کيماڻي گهٽي، گمهه گهٽي جي آسپاس وارن پاڙن ۾ جتي ميمڻ رهن ٿا، هندو رهندا هئا. کيماڻي گهٽي ۾ ته چند گهر ستر جي ڏهاڪي تائين رهندا هئا، جن مان تيرٿ داس ۽ هڪ ٻيو ڇوڪرو اسان جا ڇهين ۽ ستين درجي جي شروع ۾ هم ڪلاسي هئا، جيڪي پوءِ هالا لڏي ويا ۽ اتان اجمير پاسي لڏي ويا آهن.
[b]هالا پراڻا شهر جون اهم ذاتيون:
[/b]هتي جا رهواسي ڏهه ٻارنهن ذاتين ۾ ورهايل آهن. بهرحال اڌ کان وڌ آبادي ميمڻ برادري تي مشتمل آهي. مقامي سطح تي وري ميمڻ صاحبان ڪيترن ئي ذيلي ذاتين يا پاڙن ۾ ورڇيل آهن، جيئن ڏناڻي ميمڻ، دوداڻي ميمڻ، خاقواڻي ميمڻ، آگواڻي ميمڻ، ٻنڌاڻي ميمڻ، ٻوراڻي ميمڻ، رناڻي ميمڻ، ڪوٽار ميمڻ، پلهاڻي ۽ باغائي ميمڻ، کلگور ميمڻ، ڦودي ميمڻ، ڀوڳڙي ميمڻ، ڪاٺوڙا ميمڻ، چاڪي ميمڻ، ڪوري ميمڻ، ڪوابي يا ڪاسائي ميمڻ ۽ سنائي ميمڻ وغيره.
انهن ميمڻن جا ڪيترائي خاندان هالا پراڻامان لڏي ويا آهن. ڪي حيدرآباد ۾ ته ڪي هالا نوان ۾ وڃي ويٺا آهن. پر اڃان تائين هالا پراڻا ۾ قبرستان رکيو اچن.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ دواداڻي ميمڻن جي اهم فرد مشهور زميندار ۽ واپاري حاجي عبدالعزيز کي ڌاڙيلن شهيد ڪيو هو. ان کان پوءِ هي خاندان حيدرآباد ڏي لڏي ويو، جتي اڳي ئي هنن جو ڪاروبار وغيره هو. حيدرآباد جي سابقه شيراز هوٽل هن خاندان جي ملڪيت هئي. حيدرآباد ۾ ڪاروبار ۽ مختلف ضلعن ۾ زمينداري کان علاوه هن خاندان جون جننگ فيڪٽريون ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور ۾ آهن.
دوداڻي ميمڻن کان علاوه ٻوراڻي ميمڻ به حيدرآباد ۾ وڃي رهيا آهن. ساڳي طور خاقواڻي ميمڻ جي اڪثريت به حيدرآباد ۾ رهي ٿي. حيدرآباد ۾ ڪجهه گهر ڏناڻي ميمڻ جا به آهن.
ڀوڳڙي، لالواڻي، پلهاڻي ۽ باغائي، ٻنڌاڻي، ڪاٺوڙا، ڪوري ميمڻ جي اڪثريت به هاڻي هالا نوان ۾ رهي ٿي.
[b]ڀٽي:
[/b]ڀٽي بزرگن جي ذات هتان جي اهم ترين ذات آهي. مقامي روايتن موجب ڀٽي صاحبن پاڻ سان شيدي ۽ صدر آندا هئا. ڀٽي خاندان ٻن پاڙن ۾ تقسيم ٿيل آهن. هڪڙن کي خليفا ڀٽي، ته ٻين کي مخدوم ڀٽي سڏيو وڃي ٿو. مخدوم محمد صالح ڀٽي جي مرتب ڪيل شجري موجب خليفا ڀٽين جو سلسله نسب مخدوم اسحاق جي پٽ مخدوم صدرالدين کان شروع ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي مخدوم ڀٽين جو سلسله نسب مخدوم اسحاق جي ٻئي فرزند مخدوم احمد وٽان شروع ٿئي ٿو. ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته اهي پاڻ ۾ ويجها عزيز آهن، سندن جد امجد ساڳيو آهي. تنهن ڪري نئين نسل جي ڪجهه ڀٽين ۾ اهو غلط مغالطو آهي ته هڪڙا مخدوم ڀٽي آهن ته ٻيا هنن جا خليفا.
[b]هالا ارباب:
[/b]هي هتان جي هڪ قديم ترين ذات آهي. هنن جو احوال اڳيان به آيو آهي. اربابن ۾ به ٻه ذيلي ذاتيون سالاريا ۽ ڀينئان آهن.
[b]قريشي:
[/b]هتي رهندڙ قريشي وري ٽن ذيلي ذاتين عقيلي، قاضي ۽ مولوي ۾ ورڇيل آهن.
[b]عقيلي قريشي:
[/b]آخوند ملان سانوڻي پاڙي يا ڳوٺ جا رهواسي پاڻ کي عقيلي قريشي سڏين ٿا ۽ پنهنجو حسب نسب حضرت عقيل بن ابي طالب تائين ڳڻين ٿا. مغل دؤر ۾ آخوند عبدالغفور هالائي هن برادري جو اڳواڻ هو. هالا پراڻا جا عقيلي قريشي ان صاحب جو اولاد آهن. هن جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ٺٽي ۾ مغل نواب پنهنجو نائب مقرر ڪيو. جتي هو ٻه سال حاڪم رهيو. انهي صاحب جو اولاد پاڻ کي صرف عقيلي سڏائي ٿو.
آخوند ملان سانوڻي پاڙي ۾ رهندڙ هي خاندان ڪافي پڙهيل لکيل آهي ۽ اڪثريت نوڪري پيشه آهي ته ڪجهه وري زمينداري وغيره سان لاڳاپيل آهن.
[b]قاضي قريشي:
[/b]قريشين جي هڪ ٻي ذيلي ذات قاضي قريشي صديقين جي آهي. قاضي قريش صديقين ۾ وري ٽي پاڙا آهن. ٻن پاڙن مان هرهڪ جي دعويٰ آهي ته اهي ئي اصلي هراتي آهن ۽ هرات مان آيل هارون سندن جد امجد آهي. ٽئين پاڙي وارا سيوهاڻي قاضي قريشي آهن.
بهرحال اهو طيءِ آهي ته اهي سڀ هرات مان آيل آهن، پوءِ هڪڙا سڌو هالا ڪنڊي اچي رهيا ته ڪي وري پهرئين خيبر ۽ سيوهڻ وغيره ۾ رهي هتي پهتا آهن. هنن مڙني جو سلسله نسب حضرت ابوبڪر رضه سان وڃيو ملي، تنهنڪري اهي پاڻ کي صديقي به سڏين ٿا.
هي خاندان قديم وقت کان ئي خوانده رهيو آهي ۽ ٽالپر حڪومت ۾ قاضي جي منصبن تي رهيو آهي.
[b]مولوي قريشي:
[/b]قريشين جي ٽين شاخ مولوي قريشن جي آهي. هي بوبڪن مان لڏي هتي اچي ويٺا. هن خاندان عالم سڳورا ته پيدا ڪيا آهن پر هنن جي اهم دين مدرسه محمديه جو اجراءُ آهي. جيڪو سال 1927ع ڌاري قائم ٿيو. هن خاندان جي ڪافي فردن جو ذڪر مختلف جاين تي ڪيو ويو آهي. هالاپراڻا ۾ خواندگي وڌائڻ ۾ هن خاندان جو ڀرپور حصو آهي.
[b]صدر[/b]:
هالا پراڻا جي سڀ کان متحرڪ ۽ سماجي تعلقات کي وڌائڻ ويجهائڻ واري ماهر ذات صدرن جي آهي. ياد رهي ته ڪجهه صدر ڪاغذ پٽن ۾ پاڻ کي ميمڻ ئي لکائيندا آهن.
[b]سيد:
[/b]هتي جا سيد سڳورا چئن پاڙن ۾ ورڇيل آهن. پهريون پاڙو سنائي سيدن جو آهي، هي ڪاظمي سيد آهن.
قاضي صاحبن جي ڀر ۾ رهندڙ سيد صاحبان لڪياري سادات آهن. سيد شمس الدين شاهه ويجهي ماضي ۾ هن خاندان جو اهم شخص ٿي گذريو آهي. نامياري شاعر سيد نور علي شاهه نور جو به هن خاندان سان تعلق آهي.
ڪوٽار محلي ۾ رهندڙ جيلاني سيد سيد عبداللطيف حسني قادري جا پونير آهن. تازو ان درگاه جو گادي نشين غلام محمد شاهه جيلاني گذاري ويو، جيڪو فارغ التحصيل مولوي به هو ۽ اورنٽيئل ٽيچر به هو. هن وقت سندس وڏو پٽ گادي تي ويٺل آهي.
سوزڪي اسٽينڊ جي ڀر ۾ رهندڙ شاهه صاحب جرار پوٽا آهن. هن وقت سائين حاڪم شاهه ۽ ٻيا هن خاندان جا اهم فرد آهن.
مخدوم محمد صالح ڀٽي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي سامهون رهندڙ سبز واري شاهه آهن، جيڪي سيوهڻ مان لڏي هتي پهتا. هن خاندان جو آخري مرد سائين سيد مڱيلڌو شاهه تازو وفات ڪري ويو آهي.
[b]سرهندي پير:
[/b]سرهندي پير ملان سانوڻي پاڙي ڀرسان رهندڙ هئا. هاڻي انهن جي گھڻائي ڪراچي منتقل ٿيل آهي. سائين عبدالصمد سرهندي نامور تعليمدان هو.
[b]پير وسو جو ڪٽنب:
[/b]ڳوٺ جي هڪ معتبر شخص پير وسو جو خاندان به پيرن طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ذات جا ڏيرا آهن. هي شاهه ديواني جي درگاهه جا مجاور يا متولي آهن.
پر تاريخ قديم هالا موجب ”هيءُ خاندان اصل پنجاب جو ويٺل هو... (اتان) پيروسو لڏي هالن پراڻن ۾ شاهه ديانه جي مقام ۾ بزرگ جي قبر وٽ مجاور ٿي رهيو. هالن پراڻن ۾ شادي به اتائين ڏيرن فقيرن مان ڪيائين.
”مرحوم پيروسو کي ان شادي مان فقط هڪ پٽ پير جمن نالي ٿيو. مرحوم پيروسو وفات به هالن پراڻن ۾ ڪئي.
”مرحوم پير جمن پڻ صاحب اخلاق ۽ نيڪ انسان هو. انکي اولاد نرينه ٻه فرزند ٿيا.1. پيروسو 2. پيرالهڏنو. پيرالهڏنو لااولاد گذاري ويو. پير وسو کي ٽي فرزند ٿيا. 1. پير جمن، 2. پير الهه بخش، 3. پير الهه ڏنو. انهن ٽنهين کي پڻ اولاد آهي. اهيو خاندان اڄ تائين پير ڪوٺبا اچن ۽ پشت به پشت بزرگ شاهه ديانه جا مجاور ۽ خذمتگار ٿيندا اچن.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 206، 207)
[b]آخوند:
[/b]آخوند صاحبان ڪوٽار محلي جي ڀرسان رهندا آهن.
[b]شيخ:
[/b]هتي رهندڙ شيخ صاحب تعداد ۾ گھٽجي رهيا آهن. ڇو ته هو هتان لڏي حيدرآباد وسائي رهيا آهن. هي ننڍڙو ڪٽنب پنهنجي اثر رسوخ جي لحاظ کان مڃيل آهي. شيخن جو هڪ پاڙو ڀنڀرن جي ڀر ۾ آهي. جنهن جا مکيه فرد ماستر گل محمد، سپاهي عطا محمد شيخ، هيڊ ڪانسٽبل فريد احمد شيخ، برڪت علي شيخ (سائفر اسسٽنٽ، فارين افيئرس) آهن.
[b]ڀنڀرا:
[/b]هن خاندان سوز هالائي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه هن خاندان جو وڏو به آهي. سائين جو هڪ ويجھو عزيز ڪريم ڏنو ڀنڀرو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. سوز صاحب جي پٽن جو علحده احوال شامل آهي.
[b]خاصخيلي:
[/b]خاصخيلن جي اڪثريت ڀٽي محلا ۾ رهندڙ آهي. البت ڪجهه قاضي محلا ۾ رهندڙ هئا. اوستو اوسو خاصخيلي نالي وارو رازو ۽ پينٽر آهي.
شيدي يا قمبراڻي:
شيدين جو ويجهي ڇڪ ۾ اهم شخص سائين پيراڻو شيدي هو، جيڪو رٽائرڊ پرائمري ماستر هو. پاڻ ڪهاڻيون به لکندو هو. جن مان ڪجهه خالد صدر واري ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿيون. هن خاندان ۾ رنگ جا ڀلا ڪاريگر آهن. جن ۾ غلام حسين، اياز شيدي، سليم شيدي وغيره آهن.
[b]سولنگي:
[/b]ڀٽي برزرگن جي پاڙي ۾ رهندڙ سولنگين مان محمد خان تپيدار طور رٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ ڀاءُ خادم حسين پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ريٽائر ٿيو آهي. خادم حسين جو پٽ صدام حسين ڪمپيوٽر سائنس جو گريجوئيٽ آهي ۽ مختلف اين جي اوز سان لاڳاپيل رهيو آهي.
اسٽينڊ جي پاسي ۾ رهندڙن سولنگين ۾ پي پي جو جيالو نياز سولنگي، استاد قادر بخش سولنگي، مسلم ليگ جو اڳواڻ محمد انور سولنگي ۽ زنده دل ۽ هرفن مولا بچو گور سولنگي اهم شخص آهن.
[b]مغل:
[/b]اسٽينڊ جي ڀر ۾ ڪجهه مغلن جا گهر آهن. عرفان مهدي چوڪ جڏهن اڃان غير قانوني قبضن کان پاڪ هو ته اتي مسجد جي ڀانڊن ۾ پوڙهو ۽ خداڏنو مغل هوٽل هلائيندا هئا. پوڙهو مرحوم پنهنجي گهرن پاسي اوطاق ۾ وي سي آر تي انڊين فلمون به ڏيکاريندو هو. ننڍپڻ ۾ اسان به چند فلمون اتي ڏٺيون.
[b]ڀٽا[/b]:
ماضي ۾ هي خاندان جنڊي جي ڪم سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر هاڻوڪي ٽهي نوڪرين ڏانهن راغب آهي. ڄام مٺو ڀٽو، رحمت الله ڀٽو، جهنڊي جا سٺا ڪاريگر رهيا آهن.
[b]ملڪ، مغل ۽ ڪاشميري:
[/b]ڀٽن جي ڀر ۾ پنجابي پناهگير به وڏي انگ ۾ آباد آهن، جيڪي ملڪ، مغل ۽ ڪاشميري ذاتين ۾ ورڇيل آهن. ملڪ ۽ ڪاشميري زراعت سان گڏ ٽرانسپورٽ وغيره ۾ رنڀيل آهن، ۽ مغلن جي اڪثريت لوهارڪي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي. هن پاڙي جا اڪثر نوجوان ڊرائيوري ڪن ٿا ۽ ان کان علاوه هو ڪچي ۾ ڀاڄيون وغيره پوکي نه صرف حيدرآباد پر پنجاب جي منڊين ۾ به موڪلين ٿا.
هالا جي نامور آٽو مڪينڪ استاد الياس، سائين غلام دستگير مغل، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ماستر صابر ملڪ مرحوم، پوليس جو صوبيدار پير بخش، ماستر لياقت ملڪ، سابق ڪائونسلر ملڪ علي احمد ۽ ملڪ يونس، جيڪو ٽائون ڪاميٽي هالا پراڻا جو وائيس چيئرمين به آهي، وغيره هن پاڙي جا اهم شخص آهن.
[b]عمراڻي:
[/b]هالا پراڻا ۾ عمراڻي چئن جاين تي ويٺل آهي. اڪثريت قاضي پاڙي جي ڀرسان رهي ٿي. ان کان پوءِ ڪجهه گهر کيماڻي گهٽي ۾ آهن، ڪجهه بس اسٽينڊ جي پاسي آهي.
بهترين نوحه خوان علي نواز عمراڻي، اقبال عمراڻي، اوستو دين محمد لاهوتي، پوليس انسپيڪٽر شهاب عمراڻي، بينڪر محمد جعفر عمراڻي، محمد پنيل ۽ سندس پٽ عبدالحميد عمراڻي جيڪو اعليٰ استاد طور مشهور آهي ۽ قمرالدين عمراڻي هن خاندان جا اهم شخص آهن.
[b]گبول:
[/b]هي بيحد اشراف خاندان آهي. اڌو اڌ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشه آهن. گبولن جو هڪ پاڙو ٻيو به آهي، جيڪو ڪڏهن هت ته ڪڏهن سڪرنڊ يا سن پاسي رهي ٿو. ٽي وي ڊرامن جي ڊائريڪٽر ادل گبول جو تعلق ان پاڙي سان آهي. ان پاڙي جو صادق گبول رني ڪوٽ جو گائيڊ آهي.
[b]ڪنڀار/ پنهور:
[/b]ڪنڀار/ پنهور، سي به چڱي تعداد ۾ هتي رهندڙ آهن. هڪڙا کڏي کٿوري جي ڀرسان رهن ٿا ته ٻيا وري سنائي سيد مسجد جي پويان رهائش پذير آهن. سندن مکيه ڪرت ٿانو ٺپا ٺاهڻ رهي آهي. پر فرجن ۽ پلاسٽڪ جي سامان هنن جي ڌنڌي کي ڌڪ هنيو آهي، سو نئين ٽهي نوڪرين جي ڳولا ۾ آهي.
[b]مير بحر مهاڻا ۽ ملاح:
[/b]هڪڙا ملاح قاضي محلا ۾ رهن ٿا، ته ٻيا وري آخوند ملان سانوڻي محلي جي ڀر ۾ رهن ٿا.
[b]تلي يا سکپور جا ماڇي:
[/b]اسپتال جي پويان هن وقت جن سولنگي صاحبن جا گهر آهن، سي اصل ۾ سکپور ٻيلي مان لڏي اچي ويٺا آهن. انهن ۾ اهم ترين وڏيرو عبدالواحد آهي. ان کان علاوه سکپور جو اهم شخص وڏيرو يتيم ماڇي آهي.
ڪجهه ڌريون ٺلهو ماڇين طور ڄاتيون وڃن ٿيون. جيئن پنهون ماڇي، جيڪو ٽائون ڪاميٽي جو مالهي آهي ۽ اسان جي لائبرري جو اٽيڊنٽ به رهيو آهي.