مهاڳ
سنڌي ادب ۾ خالص ادبي تنقيد، سا به اڻ ڌُري تقريبن ناپيد آهي، جيتوڻيڪ هن وقت مارڪيٽ ۾ سئو کان مٿي ڪتاب انهيءَ مضمون جا موجود آهن. اُنهن ڪتابن مان گهڻي ڀاڱي ته علمي يا اڪيڊمڪ تنقيد جا ڪتاب آهن، جن ۾ تنقيد ڇا آهي، ان جا ڪهڙا قسم آهن، اها ڪهڙن اُصولن تي ٻڌل آهي، ادبي تنقيد جا معيار ڪهڙا هئڻ گهرجن وغيره وغيره بابت لکيو ويو آهي، يا وري ادبي تنقيد جي تاريخ افلاطون ۽ ارسطوءَ کان سڄي مغرب جي نقادن تائين ورجائي وئي آهي ۽ اُنهن سمورن پئمانن تي سنڌي ادب کي رکي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي، جنهن کي وري عملي تنقيد يا پريڪٽيڪل ڪرٽسزم جي ضمري ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته ادبي تنقيد جي انهيءَ عملي نموني کي بيان ڪيل عالمي معيارن ۽ پئمانن تي پرکجي ته ان تي پوري نٿي لهي. عالمي معيار موجب جيڪا وصف ٺهي ٿي سا اها ته “هڪ ادبي نقاد کي ڪنهن به ادب پاري جي خوبين ۽ خامين کي تمام سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ سان پرکي تخليقڪار جي ٻوليءَ/ ڊڪشن سان گڏ فني ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن، سندس فڪر ۽ خيال جي اُڏام ۽ احساس جي گهرائيءَ جو ڇيد يا تجزيو (Analysis) سائنسي انداز ۾ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو تنقيد به هڪ سائنس ئي آهي، جنهن موجب ڪنهن ليک جي مختلف عنصرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ان جي حُسن ۽ ڪارج کي اجاگر ڪرڻ سان هڪ فنپاري جي حيثيت ۾ ان جو مُلهه ڪَٿي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح ادبي نقاد وٽ تنقيدي شعور سان گڏ ڪنهن تخليق کي سمجهڻ لاءِ تخليقي جوهر جو هئڻ به ضروري آهي”- انهيءَ وصف کي سامهون رکي ان جو ڇيد ڪجي ته سنڌي ادب ۾ عملي تنقيد جي پهرين گهُرج “سچائي ۽ ديانتداري” اسان جي سماج ۾ ممڪن ئي ڪانهي. هتي دوستي ۽ دشمني نڀائڻ کانسواءِ به جيڪڏهن ڪو نقاد ايمانداراڻي راءِ سان ڪنهن ادب پاري جي خوبين ۽ خامين جي پرک ڪندو ته به ليکڪ جا دوست يا هم خيال ماڻهو خامين جي بيان تي چِڙي پوندا ۽ وري جيڪي ساڻس اختلاف رکندڙ يا مختلف سوچ جا ماڻهو هوندا اُهي ليک جي خوبين جي بيان تي ضرور ناراض ٿيندا- ڪي ٻيا وري عقيدتمنديءَ سبب مرڳو ئي بلاسفيمي چوندا. ان ڪري ڪي پنهنجو پَٽڪو بچائڻ لاءِ انهيءَ ميدان ۾ پير ئي ڪونه ڌَرين ۽ جيڪي مانجهي مُڙس ساهس سارين به ته سدائين الزام هيٺ!
جامي چانڊيي جو هيءُ ڪتاب گهڻي ڀاڱي ته علمي ۽ فڪري (Academic) تنقيد جو ڪتاب آهي پر آخر ۾ ڪجهه مضمون عملي (Practical) تنقيد جا به آهن. هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي وصفن، ان جي لاءِ ضروري بنيادي عنصرن ۽ محرڪن وغيره بابت لکڻ کانپوءِ ادب توڙي تنقيد جا فڪري ۽ سماجي محرڪ، سماجي ڪارج، ڪمٽمينٽ جو سوال، تخليقي ۽ تنقيدي شعور جي اهميت، تصورن، خيالن، نظرين توڙي فڪر ۽ فن (آرٽ) جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ڊڪشن جي خوبي وغيره بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. هڪ سُٺو نقاد اهو آهي جيڪو پنهنجي ذهن مان سمورا ذاتي، مذهبي، نظرياتي ۽ فڪري تعصب پاسيرا ڪري صرف ۽ صرف ادبي پرک ڪندو ته يقينن هو صرف فنپاري جي تجزيي (Analysis) تائين محدود رهندو ۽ ان ۾ پنهنجن تصورن، نظرين ۽ فڪري لاڙن جي عڪسن بدران تخليقڪار جي نقطه نظر جي اڻ ڌُري پرک ڪري سگهندو- پر اسان جي ادبي دنيا ۾ فتوائون ڏيڻ جو گهڻو رواج آهي. پاڻ کي صحيح ٻين کي غلط سمجهڻ جو لاڙو پڻ گهڻو آهي. ضد ۽ هَٺُ (Dogmatic) واري نموني پنهنجي ڳالهه کي ڳنڍ ٻَڌي ٻئي جي نقطه نظر کي رد ڪرڻ وارو رويو عام آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪابه ڳالهه سائنسي انداز ۾ ٿيڻ ممڪن نٿو ٿي سگهي ۽ اهو رويو صرف تنقيد نه پر ڪنهن به کيتر ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪي خيال کي جامد ۽ ساڪت ڪري ڇڏيندو آهي. مذهب هجي يا ڪو ٻيو مت، ادب هجي يا آرٽ، انهيءَ رويي سان سماج ۾ تنقيدي شعور جي اوسر ممڪن نٿي رهي. سوال ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ جي عمل کي ناپسند ڪري اظهار تي بندش سان تقليد جي عمل کي هٿي ملي ٿي. جامي چانڊيو ان قسم جي رويي مان پيدا ٿيل هڪ ٻئي نُڪتي کي ڏاڍي وضاحت سان هڪ کان وڌيڪ مصمونن ۾ چِٽو ڪيو آهي ۽ اهو آهي ادب، خاص ڪري تنقيد جي ميدان ۾ عقيدي پرستي. هتي آئون هن ڪتاب ۾ ڏنل شاهه لطيف جي هڪ بيت جي معنيٰ تي پنهنجي ردعمل جو ذڪر ڪرڻ ٿي چاهيان، بيت جيئن جاميءَ ڪنهن رسالي مان لکيو آهي:
وَهي مَنجهين وَڳ، کَٿوريءَ ڏار چَري،
ماءِ! منهنجي ڪَرهي، پَڌر پڳ مَ لڳ،
جڳ سين جيهو جَڳُ، هِنيين سين هُت چَري.
هن بيت مان پهرين سٽ منجهان جاميءَ پنهنجو هڪ نُقطو هن ريت ڪڍيو ته:
“هڪ خاص اُٺ آهي، اديبن جهڙو اُٺ آهي، اهو هلي پنهنجي وَڳَ سان ٿو، پر هو لاڻيون ناهي چَرندو، هو مُشڪ ۽ کٿوري چَرندو آهي، هاڻي هڪ ماڻهو جيڪو چَري کٿوري ٿو، هن جا خيال ۽ احساس اعليٰ آهن، هن جو تخيل اعليٰ آهي، هو خيالن، احساسن ۽ تخيل جون لاڻيون نٿو چَري، هو چَري به کٿوري ۽ مُشڪ ٿو، پر عام ماڻهوءَ سان نه ٿو هلي، اهو لطيف جي خيال کان بيڪار آهي. لطيف چئي ٿو ته هُجو خاص، چَرو کٿوري، پر هلو عام ماڻهوءَ سان گڏ......”
آئون ان بيت ۽ ان جي وضاحت تي اَٽڪي بيهي رهيس، ڀٽائيءَ جهڙو عظيم فنڪار، ڏاهو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار ايئن ڪيئن ٿو چئي سگهي! کٿوري يا مُشڪ ته هرڻ جي دُنَ مان نڪرندي آهي، ان کي “کٿوريءَ ڏار” ڪيئن ٿو چئي سگهي؟ کٿوريءَ جو وڻ يا ڏار ڪيئن ٿيندو؟ جنهن کي اُٺ چَري به سهي. اها ڀٽائيءَ کان مشاهدي جي ايڏي وڏي غلطي ڪيئن ٿي وئي؟ ۽ وري جاميءَ به ان کي انهيءَ معنيٰ ۾ سمجهندي ان مان هڪ نُڪتو اخذ ڪيو.... آئون ڀٽائيءَ سان پِير ۽ ولي الله واري عقيدت نه رکندي به سندس عظيم ۽ بي مثال ڏاهي فنڪار واري رُتبي بابت ضرور عقيدت رکندڙ آهيان..... سو مون کي ان بيت بابت کوجنا ڪرڻي پئي ۽ پوءِ ڏٺم ته اڪثر رسالن ۾ “کٿوري ڏار” لکيل آهي- “کٿوريءَ ڏار” ۾ جيڪو همزو (ءَ) ان ۾ اضافت جو تاثر پيدا ڪري ٿو، سو ڪنهن اضافي وڌو آهي. بنا همزي جي “کٿوري ڏار” جي معنيٰ ٿيندي “خوشبودار ڏار”. اتي بلڪل ايئن تشبيهه ڏني وئي آهي جيئن هن ئي ڪتاب ۾ سعيد ميمڻ جي هڪ سٽ ۾ آهي ته:
جسم آ تنهنجو کٿوري سانورا
هتي سُرهي جسم جو ذڪر آهي. بهرحال جاميءَ کي فون ڪري ان بابت پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪيومانس. (اهو مضمون جيئن ته 2009ع ۾ اڳ ڇپيل آهي، ان ڪري ان ۾ تبديليءَ بدران ڏِنگين يا فُٽ نوٽ ۾ وضاحت ڏئي سگهجي ٿي).
هاڻي سوچيو ته جيڪڏهن آئون ان بابت کوجنا ڪرڻ کانسواءِ ان کي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ مشاهدي جي غلطي لکان ها ته ڪو ٻيو نقاد اهڙي کوجنا ڪري جواب لکي ها يا خود مون تي تنقيد جا ڌوڙيا هجن ها؟ اسان جي ادبي تاريخ ۾ جيڪي به ڪلاسيڪي دور جا شاعر محفوظ رهجي سگهيا آهن اهي پنهنجن مريدن، فقيرن ۽ خدمتگارن جي وڏي انگ کي سندن ڪلام ياد رهجي وڃڻ سبب محفوظ رهيا آهن، ڇاڪاڻ جو اهي يا ته سيد آهن يا وري پيري مريديءَ جو سلسلو نسل در نسل هلندڙ اٿن، ان ڪري انهن جي شاعريءَ کي به الهامي سمجهي تنقيد کان بالاتر سمجهيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ جاميءَ هن ڪتاب ۾ تمام اهم بحث ڪيو آهي. سندس مضمون جو عنوان آهي “سنڌي ادب ۾ عقيده پرستي”. هو لکي ٿو:
“سنڌي سماج جي تاريخي طور اڳتي نه وڌي سگهڻ جا سبب گهڻا آهن، پر اُنهن مان هڪ اسان جي سماج ۾ توهم پرستي ۽ عقيدي پرستي به آهي. عقليت، سائنسيت، حقيقت پسندي ۽ فلسفيانه سوچ اڃا هن سماج ۾ پيرَ نه کوڙي سگهي آهي. اها روِش جتي اسان جي ٻين شعبن تي لاڳو ٿئي ٿي، اُتي سنڌي ادب ۾ به اسان جو حال ٿُلهي ليکي ساڳيو ئي آهي. پسمانده ۽ عقيده پرست سماج نون خيالن، تنقيدي شعورَ، سوالن ۽ شَڪَ کان وَنءُ ويندو آهي.”
انهيءَ تمهيد کانپوءِ هو ڪجهه نُقطن تي بحث ڪندي لکي ٿو:
“شاهه لطيف جي شاعراڻي عظمت اسان جي عقيدي جي محتاج نه آهي، هو بنيادي طور هڪ يگانو ۽ عظيم شاعر، مفڪر ۽ تخليقڪار آهي. جديد دور ۾ هن جي شاعريءَ ۽ فڪر جي روح ۽ فني توڙي لسانياتي ۽ اسلوب جي حُسناڪين کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ اسان کي لطيف سائينءَ سان ٺلهي عقيدت نه، پر هن جي سڀ طرفي سمجهه، پرک ۽ پروڙ هئڻ گهرجي. ٺلهي عقيدت جو ئي سبب آهي، جو انساني تاريخ جو هيءُ يگانو ڏاهو ڏاتار ۽ تخليقڪار دنيا ته ٺهيو پر ٺلهو پنهنجي ٻوليءَ جي سماج ۾ ئي صحيح معنيٰ ۾ متعارف نه ٿي سگهيو آهي ۽ اِهو تيسين ٿي به نه سگهندو، جيسين هن سان ٺلهي عقيدت کي پاسيرو رکي هن جي عظيم فن ۽ بي مثال فڪر جي ڪَٿَ ۽ پروڙ نه ڪبي. عقل ۽ تنقيدي شعور کان وانجهيل ٺلهو تقدس ۽ ادبي پرک گڏ گڏ نه ٿا هلي سگهن. لطيف سائينءَ کي ان روِش کان بچائڻو پوندو.”
اسان وٽ لطيف جي بيتن جي پرک ۽ پروڙ جا پئمانا اهي آهن جو اڄ کان ڪيئي سال اڳ شاهه لطيف چيئر مان مون ٻانهي خان شيخ جو رسالو ڇپايو هو، جنهن ۾ هن گنج ۾ آيل ڪجهه بيت به اهو چئي شامل ڪيا هئا ته ان سلسلي جو هڪ بيت سمورن رسالن ۾ آهي ته باقي ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم وارا بيت ڇو خارج ڪيا ويا آهن، نموني طور هڪ بيت ڏيان ٿي:
تن جيسلميرياڻين جسُ، جي الله ڪارڻ لَنڊيون،
تنين لڳي مَ ڪس، جي ايندن ويندن سنديون.
هيءُ بيت گنج ۾ ۽ ڪجهه ٻين رسالن ۾ آهي پر ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي مستند رسالي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي جا ٻيا ڪي بيت ڏنا اٿس، مثال طور:
ڏينهان ڏاريءَ ويس، راتيان روئي رت ڦُڙا،
لَنڊين جي لَبيس، ڪانڌ ڪميڻيءَ کٽيو.
سُر معذوريءَ جا اهي بيت کڻي تنقيد اها ڪئي وئي ته لطيف جهڙي هڪ بااخلاق ۽ مذهبي ماڻهوءَ سان منسوب ڪري اهي بيت ڏيڻ پٺيان ٻانهي خان شيخ سان گڏ ان رسالي کي ڇاپيندڙ جو آخر ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو؟
لطيف جي هر هڪ بيت جي پٺيان ڪونه ڪو واقعو يا ڪو فڪر هوندو آهي، نه ته شريعت جو پابند، توحيد پرست، صوفي، لاڪوفي ڪيئن ٿو چوي ته:
ڪافر ٿيءُ ته ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
من مشرڪنِ گڏ، ته ويجهو ٿئين وصال کي.
سو سائين ڪيتري به نيڪ نيتيءَ سان ڪا ڳالهه ڪجي، عقيدي جا ماريل ان کي پنهنجي مخصوص عينڪ سان ڏسي تبرا شروع ڪري ڇڏين. ان ڏس ۾ جامي بلڪل واضح موقف رکي ٿو، جنهن کي علمي بنيادن تي قبول ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، هو لکي ٿو:
“علم، ادب ۽ فن ۾ عقيدي لاءِ ڪابه گنجائش نه هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل، تفڪر ۽ فن زندهه ۽ متحرڪ هوندا آهن ۽ عقيدا جمود جي علامت آهن.”
دنيا جي وڏن وڏن ڪلاسيڪي شاعرن هومر، ورجل، شيڪسپيئر، ملٽن، رومي، حافظ، غالب ۽ اقبال بابت ٿيل پرک پروڙ کي پڻ ڪلاسيڪي حيثيت حاصل آهي ۽ انهن تي ٿيل تنقيد مٿان تنقيد ۽ کوجنا سان الائجي ته سندن ڪيترائي نوان نوان پهلو پڌرا ٿيا آهن، ان سان سندن يونيورسل حيثيت وڌيڪ اجاگر ٿي آهي، جنهن کان اسان جا ڪلاسيڪي شاعر محروم آهن.
مٿين پئرا ۾ مون ڄاڻي واڻي انگريزي لفظ “يونيورسل” استعمال ڪيو آهي، جنهن جو مروج متبادل اردو ۽ سنڌي لفظ آفاقي، جاميءَ وٽ ٻي معنيٰ ٿو رکي، جنهن تي هن کان اڳ آئون سندس ڪتاب “سندي جوڳيان ذات” جي مهورت جي موقعي تي ڳالهائي چڪي آهيان.
هن ڪتاب ۾ پڻ هن “ادب ۽ فن ۾ آفاقيت جو غلط تصور ۽ مفروضو” جي سري هيٺ ساڳيو بحث ڪيو آهي، لکي ٿو:
“اهو هڪ وڏو غلط مفروضو آهي ته “هي فلاڻو آفاقي اديب آهي، هي غيرآفاقي آهي، فلاڻو فن آفاقي آهي ۽ فلاڻو غيرآفاقي آهي. آفاق لفظ اُفق جو جمع آهي، اُفق جي معنيٰ آسمان يا اُڀ جو ڪنارو آهي، جتي ڌرتي ۽ اُڀ جي ملڻ جو گُمان ٿيندو آهي. اُفق جي معنيٰ آسمان مان آيل يا ماوراءِ فطرت آهي- اهو غلط مفروضو به شاعرن ۽ اديبن پاڻ ڦهلايو آهي. غالب به چيو آهي:
‘‘آتے ہیں غیب سے مضامین خیال میں٬
غالب صریر خامہ نوائے سروش ہے’’
منهنجي راءِ ۾ مونجهارو صرف لفظ “آفاقي” جي ڪري پيدا ٿيو آهي، نه ته يونيورسل مان جيڪو مفهوم نڪري ٿو، اهو وٺجي ته ڳالهه سُلجهيو وڃي. آفاق (Horizon) کي آسمان سان ڳنڍڻ ۽ آفاقيءَ کي آسماني، يا غيب مان آيل ماورائي فطرت وغيره سمجهڻ ۾ مغالطو آهي. آفاق لفظ جي معنيٰ ڦهلاءُ آهي، ان ڪري ڪو حوالو ڏيڻ لاءِ مون اردو ادب کي ٿورو ڦلهوري ڏٺو ته آخر اتي ان جو مفهوم ڪهڙو ٿا وٺن. وزير آغا پنهنجي هڪ مضمون “ادب ۾ ارضيت ڪا عنصر” ۾ لکي ٿو:
“ڇا ادب ان ڪري ادب آهي جو ان ۾ ڌرتيءَ جي مهڪ ۽ واس موجود آهي، يا ان ڪري جو ان ۾ آفاقيت جو عنصر موجود آهي، جيڪو هڪ عام ادب پاري کي هڪ رواجي ڪاروباري تحرير کان ڌار ٿو ڪري؟ ارضيت ان کي پنهنجي اردگرد جي ماحول سان جوڙي ٿي ۽ آفاقيت ادب کي بلندي عطا ڪري زمان ۽ مڪان جي وسعتن جو احاطو ڪرڻ جي طاقت بخشي ٿي- اها ساڳي ڳالهه وري اُبتي ڪري ڏسو ته چئي سگهجي ٿو ته ادب اهو آهي جيڪو پنهنجو جسم ته ان پنهنجي ڌرتيءَ مان حاصل ڪندو آهي پر پوءِ تخليقي مشين مان لنگهي هوا وانگر تيز رفتار ۽ خوشبوءَ وانگر لطيف ٿي ويندو آهي ۽ اها ئي لطافت ۽ تيز رفتاري، اها ئي مٿي بلنديءَ ڏانهن وڃڻ جي ڪيفيت آفاقيت سڏبي آهي.”
جيتوڻيڪ ڪنهن هڪ نقاد جي ڳالهه کي بنياد بڻائي دليل نٿو ڏئي سگهجي پر آئون پنهنجي اڀياس جي بنياد تي چئي سگهان ٿي ته آفاقيت مٿان نازل ٿيڻ جو نه پر تخليقڪار جي تخليقي جوهر جي مدد سان ڪنهن تخليق جو بلنديءَ تائين پهچڻ، ڪنهن اعليٰ درجي تي رَسڻ جو نالو آهي، جيڪا منجهس اها خوبي پيدا ڪري ٿي ته اهو فنڪار جيڪڏهن سڀ نه ته به ڪن ڳالهين ۾ زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگهي يونيورسل درجو حاصل ڪري ٿو وٺي.
جيڪڏهن لفظي وضاحتن ۾ وڃجي ته اُفق مان نڪتل اُفقي (Horizontal) ۽ عمودي (Vertical) ليڪُن وارو تصور قبول ڪجي. عمودي ته مٿان کان هيٺ يا آسمان ٿي سگهي ٿو، اُفقي ته ڌرتيءَ جي چوڌاري سڌي ليڪ جو تصور رکي ٿو- البت جيڪو آسماني، الهامي، الاهي (Divine) يا نزول وارو تصور آهي، اهو بنهه جدا آهي. باقي جاميءَ جي ان ڳالهه سان آئون پوريءَ طرح سان سهمت آهيان ته: “ماڻهوءَ جو پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ ڏاهپ تي اعتماد سندس شعور جي پختگيءَ سان اچي ٿو. انسان جا سمورا خيال، سمورا احساس، سمورا تصور، سموريون سوچون، سموريون خواهشون، سمورا خواب، سموريون ڪيفيتون هن جي داخليت سان گڏ دراصل سماج جي پيداوار هونديون آهن. سماج کان ٻاهران ڪٿان به نه اينديون آهن ۽ ادب ۽ آرٽ انهن ئي محرڪن جي پيداوار آهي.”
بيشڪ ادب ۽ آرٽ کي الهامي (آفاقي نه) سمجهڻ سان اسين اديب ۽ آرٽسٽ جي پنهنجي ڏاهپ ۽ تخليقي صلاحيتن کان انڪاري ٿيون ٿا، جيڪا روش سندس درجو گهٽائي ٿي ڇڏي.
جامي چانڊيي جا ٻيا ڪي پسنديده موضوع رومانويت ۽ جديديت وارا لاڙا (Trends) به آهن. انگريزي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم رجحان بلڪه تحريڪ طور رومانويت کي نيوڪلاسيڪيت جي مصنوعيت جي رد ۾ بغاوت ڪندي فطرت ڏانهن موٽ (Back to Nature) جو نالو ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ مواد ۽ خيال (Thought) کان وڌيڪ تخيل (Imagination) ۽ احساسن ۽ اُڌمن کي اهميت ملي. ان جي مختلف عنصرن ۾ پيار يا رومان (Romance) جو به وڏو حصو هو. ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي جڳ مشهور مهاڳ Preface to Lyrical Ballads جو سنڌيءَ ۾ تنوير عباسيءَ ترجمو ڪيو هو “سُريلن گيتن جو مهاڳ” جي نالي سان. انهيءَ کي رومانويت (Romanticism) جو منشور به چيو ويندو آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جا اڪثر نقاد انهن ٻن اصطلاحن جي سنڌي يا اردو ترجمي ۾ معنيٰ منجهائي ڇڏيندا آهن. اهي “رومانيت” ۽ “رومانويت” کي ساڳي ڳالهه ڪري سمجهندا آهن. اهن لفظن جو بنياد ساڳيو آهي پر انهن ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته رومانيت ڪنهن فنپاري ۾ محبت ۽ پيار جي عنصر سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته رومانويت هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جيڪا نيوڪلاسيڪي شاعرن جي غيرفطري شاعريءَ جي خلاف ادبي بغاوت ۽ مزاحمت طور شروع ٿي هئي. مون کي لڳي ٿو ته جاميءَ جي ان موضوع تي لکيل مضمون ۾ ان جي وضاحت جي اڃا گنجائش نڪري ٿي.
اڳتي جديد دور جي شاعرن بابت لکندي جامي محبت يا رومان (رومانس) کي هڪ سماجي بغاوت ۽ مزاحمت جو اهڃان چئي ٿو ۽ لکي ٿو:
“محبت کي گناهه جو درجو ڏيندڙ ديس ۾ اها بغاوت ۽ مزاحمت انهن سڀني شاعرن وٽ ملي ٿي.” اتي اها رومانيت چئبي، رومانويت نه!
رياضت ٻُرڙي جي سهيڙيل ۽ ڇپايل ڪتاب “ڏات ڏيا ٻاريا” تي لکندي جاميءَ عملي تنقيد جو اعليٰ نمونو پيش ڪيو آهي ۽ هڪ ئي وقت ڪيترن نوجوان شاعرن جي ڏات ۽ ڏانءَ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر لڳي ايئن ٿو ته هن جو هڪ مقصد انهيءَ نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي همٿائڻ به آهي. سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جي پرک ڪندي سندس هڪ شعر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته:
“سعيد ان (غزل) ۾ پنهنجي اظهار ۽ خيال جي جدت سان پنهنجي هڪ نئين سڃاڻپ پيدا ڪئي، مثال طور چئي ٿو:
زندگيءَ جون ٻيون تقاضائون به هن،
عشق ئي ناهي ضروري سانورا.
اتي الائجي ڇو کيس فيض احمد فيض جو هيءُ شعر ياد ڪونه آيو:
اور بھی غم ہیں زمانے میں محبت کے سِوا٬
راحتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سِوا۔
وري مزي جي ڳالهه ته فيض جو اهو شعر پڙهي يا ٻُڌي مون کي مرزا غالب جي هن شعر جو خيال ايندو آهي:
تیری وفا سے کیا ہو تلافی کی دہر میں٬
تیرے سوا بھی ہم پہ بہت سے ستم ہوئے۔
شايد وزير آغا يا ڪنهن ٻئي نقاد فيض تي تنقيد ڪندي نه صرف مٿيون شعر غالب جي شعر سان ڀيٽيو هو پر سندس هڪ ٻئي مشهور شعر جو خيال به غالب جي خيال تان ورتل ڄاڻايو هو. خاص ڪري ان جي ٻي مصرع ته هوبهو غالب کان ورتل چئي اٿس.
فيض جو شعر:
متاع لوح و قلم چھن گئی تو کیا غم ہے٬
کہ خونِ دل میں ڈبوئی ہیں انگلیاں میں نے۔
غالب جو شعر:
دردِ دل لکھوں کب تک جاؤ ں ان کو دکھلاؤ ں٬
اُنگلیاں فگار اپنی٬ خامہ خونچکاں اپنا۔
ڏسو ته “خونِ دل میں ڈبوئی ہیں انگلیاں “ ۽ ‘‘انگلیان فگار اپنی خامہ خونچکاں اپنا’’ ۾ ڪيتري معنوي هڪ جهڙائي آهي. اردوءَ جا نقاد فيض احمد فيض جهڙي وڏي شاعر جي شاعريءَ بابت اهڙي راءِ ڏئي ٿا سگهن پر اسان وٽ اهڙو ساهس ڪير ساري؟ خود فيض شاهه لطيف وٽان به خيال اُڌارو ورتو آهي پر ڪڏهن ڪنهن نقاد اهڙي ڳالهه ڪانه لکي آهي. مثال طور شاهه جو بيت آهي:
“ڏوريان ڏوران، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.”
فيض هوبهو اهو ئي مفهوم پنهنجي شعر ۾ آندو آهي:
نہیں نگاہ میں منزل تو جستجو ہی سہی٬
نہیں وصال میسر تو آرزو ہی سہی۔
ايئن به ٿيندو آهي ته ٻن مختلف دورن ۽ مڪانن جي شاعرن وٽ ساڳيو خيال ملي، جنهن کي اردو يا سنڌيءَ ۾”توارد” ۽ انگريزيءَ ۾ Coincidence چوندا آهن، پر غالب کان فيض يا شاهه کان فيض جو خيال وٺڻ محض توارد نٿو ٿي سگهي. ساڳي ڳالهه سعيد ميمڻ جي شعر سان به لاڳو ٿئي ٿي. البت اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي اڳين شاعرن جي خيال کان متاثر ٿيا ۽ پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيائون. ساڳي ڳالهه شاهه لطيف جي فارسي شاعرن کان متاثر ٿيڻ بابت به ڪري سگهجي ٿي. فارسيءَ جو هڪ شعر آهي:
درمیان قعر دریا تختہ بندم کردہ ای
باز می گوئی کہ دامن تر مَکن٬ ہشیار باش۔
(درياهه جي سِير ۾ مون کي تختي سان ٻڌي چوين ٿو ته خبردار، هوشيار رهجان، متان دامن تر نه ٿينئي)
شاهه سائينءَ جو بيت آهي:
“مون کي مون پرين، ٻَڌو وڌو ٻار ۾،
اُڀا ايئن چون، متان پاند پُسائين.”
خيال جي ساڳيائپ سان گڏ سڄو منظر بِنهه ساڳيو آهي. اهو هڪ شاعر جو ٻئي شاعر کان متاثر ٿيڻ قبول ڪرڻ ۾ ڪوبه اهم نه هئڻ گهرجي.
اهو مضمون ان ڪري به اهم آهي جو هن ۾ نقادن جي دلپسند شاعرن شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کان هٽي ڪري جاميءَ پنهنجي همعصر دور جي 14 شاعرن جي شاعريءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. سعيد ميمڻ کانپوءِ جواد جعفريءَ جي شاعريءَ ۾ داخليت ۽ رومانويت، اظهار جي سادگي ۽ اوريجنلٽيءَ کي ساراهي ٿو ته مختيار سمي جي سماجي سوچ ۽ سماجي جاڳرتا توڙي رومانس جي امتزاج جي ڳالهه ٿو ڪري، احسان دانش جي تخليقي سگهه،روبينه ابڙو جي شاعريءَ ۾ رومانيت، وطن دوستي، انسان دوستي، فطرت سان پيار ۽ روحاني رنگ به روشني وجهي ٿو ته ڪنهن جي جديد لوڪ گيتن جي طرز ۽ تجربن جو به تجزيو ڪري ٿو- ايئن اها عملي تنقيد هوندي به شاعريءَ جي فني پاسي ڏانهن بالڪل نٿي لڙي. شاعريءَ جي گهاڙيٽن، انهن ۾ موجود بحرن، وزنن يا ٻوليءَ جي خوبين، تشبيهن، استعارن، تجنيسن وغيره جو ڪو ذڪر نٿو ڪيو وڃي- ۽ اها ئي شيءِ آهي، جنهن جي سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي. ڏٺو وڃي ته جيئن شيخ اياز تي امير علي چانڊيي فني حوالي سان تنقيد ڪئي هئي، اهڙو مثال اڃا ناپيد آهي. اعليٰ شاعريءَ ۾ خيال، جذبي ۽ ٻين اهڙن عنصرن سان گڏوگڏ فني گهرجن جو پورو پورو خيال رکڻ، شعر جي سموريءَ اُڻت ۾ تسلسل ۽ خيال جي رواني، ٻولي ۽ ٻيا ڪيترائي بنيادي عنصر اهڙا هوندا آهن، جن جي پرک ۽ پروڙ جي ساهمي اڃا سنڌي نقادن جي هٿ ڪانه آئي آهي. ٻئي طرف غلام نبي مغل جي ناول “اوڙاهه” تي جامي هڪ ڀرپور جائزو لکيو آهي، جنهن ۾ ان ۾ موجود تاريخي شعور سان گڏ ان جي فني پهلوئن ۽ پلاٽ جي اُڻت بابت پڻ پنهنجي راءِ ڏني آهي، شايد ان ڪري جو شاعريءَ جي صنفن جي ڀيٽ ۾ نثر جي اُڻت تي لکڻ سولو آهي.
هن ڪتاب ۾ جاميءَ جو هڪ طويل مضمون “سراج: ٻولي، ادب ۽ تاريخ جو پارکو” جي عنوان سان شامل آهي، جيڪو سراج جي ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو ويو هو. اهو عملي تنقيد جي حوالي سان هڪ اهم حوالاجاتي مضمون چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن سراج جي ادبي شخصيت جا لڳ ڀڳ سمورا انگ ۽ رنگ پرکيا آهن ۽ تمام علمي انداز ۾ شاندار مضمون لکيو آهي.
هن ڪتاب جو هڪ مضمون “ڇا هاڻي ادب جو سماجي ڪارج نه رهيو آهي؟” هڪ تمام دلچسپ ۽ وقتائتو مضمون آهي، جنهن جو محرڪ اعجاز منگيءَ جو هڪ ڪالم آهي، جنهن ۾ شايد هن لکيو هو ته: “هن دور ۾ ادب هڪ بي معنيٰ شيءِ آهي ۽ هي دور مجموعي طور ادب جو نه پر صحافت جو دور آهي ۽ سياست ۽ سائنس جي ترقي ادب جو موت ثابت ٿئي ٿي.” ان حوالي سان جاميءَ ڏاڍا مدلل جواب لکيا آهن ۽ هڪ هنڌ هيئن وضاحت ڪئي آهي:
“صحافت جو بنيادي ڪارج سماج جي هر گهڙي تبديل ٿيندڙ معروضي حالتن ۽ وقوع پذير ٿيندڙ واقعن/ حادثن/ لقائن جي ٺوس ۽ پڪي پختي معلومات پهچائڻ ۽ انهن جي خيالي بنيادن تي نه پر حقيقي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي. جڏهن ته ادب آهي ئي داخليت، خيالن، تصورن، خوابن، خواهشن، پورن، دردن، خوشين ۽ تخيل جو فني ۽ جمالياتي اظهار. ان ڪري انهن ٻنهي شعبن مان ڪنهن به هڪ جي ترقي ٻئي جي بنيادي اهميت کي ختم ڪرڻ يا ان کي بي معنيٰ بڻائڻ جو جواز ڪيئن بڻجي سگهي ٿي؟”
اعجاز منگيءَ جي موقف کي سمجهڻ لاءِ سندس ڪالم ۾ ڪيل ڳالهه جو سياق ۽ سباق (Context) به ضرور سمجهڻ گهرجي، جو هڪ ادبي بحث جو سبب بڻجي ٿو پوي. جاميءَ اعجاز جي ڪالم کي مختلف الف ب وار حصن ۾ ورهائي هر هڪ تي تفصيل سان لکيو آهي، مون کي پڻ (ت) نڪتي تي ذهن ۾ ڪي نالا هُري آيا. هو لکي ٿو:
“ماضيءَ جا ڪامياب اديب اڄ ڪلهه صحافت ۾ ناڪام تجربا ڪري رهيا آهن. شيخ اياز هڪ اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن اياز نوجوان هجي ها ته شايد ڪامياب صحافي ٿي وڃي ها، پر هو صحافت ۾ نه هلي سگهيو. هن جي خواهش هئي ته هو وڏو صحافي ٿئي، پر نه ٿي سگهيو. ساڳيءَ طرح سان اسان جي ماضيءَ جا شاعر ۽ اديب اخبارن ۾ مستقل ڪالم لکي رهيا آهن. اُهي روز ادب جي زوال جا ثبوت ڏئي رهيا آهن. اُن ڪري اِن حقيقت کي تسليم ڪرڻ کپي ته موجوده دؤر ادب جو دؤر آهي ئي ڪونه....”
جاميءَ ان تي سير حاصل بحث ڪيو آهي ۽ صحافت جي معروضيت ۽ ادب جي داخليت جي حوالي سان ٻنهي جي وچ ۾ بنيادي فرق سان گڏ ٻنهي جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ڪيو آهي، آئون ان ۾ صرف ايترو اضافو ڪندس ته ٿي سگهي ٿو ته شيخ اياز سُٺو ايڊيٽر ثابت نه ٿيو هجي پر اهو چوڻ ته “ماضيءَ جا ڪامياب اديب صحافت ۾ ناڪام تجربا ڪري رهيا آهن” سراسر غلط مفروضو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول جو وڏو نالو سراج جڏهن صحافت ۾ آيو ۽ هلال پاڪستان اخبار جي ادارت سنڀاليائين ته اهو هڪ تمام ڪامياب تجربو ثابت ٿيو هو، جنهن جديد سنڌي صحافت جو بنياد وڌو. جنهن کانپوءِ انور پيرزادو، ف.م لاشاري، آغا سليم ۽ يوسف شاهين “عوامي آواز”، “جاڳو” ۽ “برسات” جا ڪامياب ايڊيٽر ثابت ٿيا، جڏهن ته امر جليل ۽ قمر شهباز کانپوءِ به ڪالم نگاريءَ ۾ اديب جو ڪردار بهترين رهيو آهي. جامي پڻ اها ڳالهه دليل طور ڏني آهي. جاميءَ اعجاز جي طرفان پيش ڪيل ٻئي دليل “سياست ۽ سائنس جي ترقي ادب جو موت ثابت ٿئي ٿي” بابت پڻ سُٺا دليل ڏنا آهن- لکي ٿو ته، “جي سياست ۽ سائنس جي ترقي ادب جو موت ثابت ٿئي ها ته پهرين اهڙا سوال آمريڪا، يورپ ۽ ٻين اهڙن سمورن ملڪن ۾ اُڀرڻ گهرجن ها، جتي سياست ۽ سائنس سچ پچ ته گهڻو اڳتي وڌي چڪا آهن.”
ڏٺو وڃي ته اعجاز جيڪي سوال اُٿاريا آهن، اُنهن تي مڪالمو ٿيڻ به ضروري هو، ڇاڪاڻ جو اهڙا سوال اڪثر ماڻهن جي ذهنن ۾ اُٿندا آهن ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن کي اُنهن تي لکڻ جي تحريڪ ملندي آهي. پوءِ ان جو محرڪ ڪوبه ٿي سگهي ٿو. اهڙن سوالن جا جواب اڳ انگريزي شاعر شيلي به پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ ڏنا هئا. اهي سوال سندس هڪ دوست Thomas Love Peacock پنهنجي مضمون Four Ages of Poetry ۾ ڪيا هئا ۽ لکيو هو ته:
“Poetry has become valueless and redundant in the age of science and technology and intelligent people shall not write poetry.”
پوءِ ته اهو سلسلو هلي پيو، ان کانپوءِ برائوننگ وري شيلي تي مضمون لکيو. بهرحال شيلي جو مشعور جملو آهي ته:
“Poets are the unacknowledged legislators of the world….”
هن شاعريءَ جو، خاص ڪري رومانوي شاعريءَ جو سمورو جوهر پڌرو ڪري پنهنجا سگهارا دليل ڏئي شاعريءَ جو بچاءُ ڪيو هو.
سو چئي سگهجي ٿو ته هڪ طرح جاميءَ به سنڌي ادب جي حوالي سان ان جي جوهر کي پڌرو ڪري صحافت جي ڀيٽ ۾ ادب جو بچاءُ ڪيو آهي، بلڪه هن ڪتاب ۾ ڪيترن ادبي اصطلاحن بابت مونجهارن تي روشني وڌي آهي.
سنڌيءَ ۾ تنقيد تي ڪتاب هجي ۽ ان ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز نه هجن، اهو ممڪن ئي ڪونهي. لطيف ته جاميءَ جي ڄڻ رڳ رڳ ۾ سمايل آهي پر شيخ اياز سان به هو گهٽ پيار نه ٿو ڪري. هن ڪتاب ۾ سندس مضمون “فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا” به ڄڻ ته سندس اياز سان حُجت ۽ (Love-hate relationship) جو لقاءُ ٿو پيش ڪري، جيڪو رشتو صرف دل کي اِلاهي ويجهن پيارن ماڻهن سان ٿيندو آهي. جامي شيخ اياز کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نوان ۽ اٿاهه تخليقي موڙ ڏيئي، ادب، فن ۽ سونهن جي عالمي ۽ دائمي قدرن سان سلهاڙيندڙ ٿو سڏي، جيڪو مهان ڪلاڪار ۽ فطرت جو نقاش آهي، ته ساڳئي وقت هن دور جي اعليٰ زندگيءَ کي سونهن ۽ خوشي بخشيندڙ، فني توڙي فڪري قدرن جو سرجڻهار آهي. ٻئي طرف وري فڪري حوالي سان ساڻس صحتمند اختلاف به رکي ٿو ته ان جو بي ڊپائيءَ سان اظهار به ڪري ٿو، حالانڪه ڪجهه خدشن جو شڪار به آهي: “اياز تي تنقيدي نگاهه کان قلم کڻڻ خود هڪ وڏو حساس معاملو آهي”- پر علمي ۽ عقلي بنيادن تي هو پرک ڪندي اياز جي شاعريءَ ۾ آواگون جي فلسفي يا پنرجنم ۾ ويساهه تي تنقيد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو سندس خيال ۾ انساني شعور جي ترقيءَ جي اوج تي اچي اهڙي ڏندڪٿائي ڳالهه ۾ يقين ڪرڻ اياز جهڙي شاعر کي ٺهي ڪونه ٿو- پر آئون ڀانيان ٿي ته اياز جي شاعريءَ ۾ انهن عقيدن ۾ ويساهه بدران هڪ قسم جي سماجي روايت جو ورجاءُ ملي ٿو. اڪثر غيرشعوري طرح اسين اهڙا جملا ڳالهائي ويندا آهيون، جن جو ويساهه سان ڪو تعلق ڪونه هوندو آهي، جيئن چئبو آهي ته “اسان جو ته جنم جنم جو ساٿ آهي”، “جيڪر ٻيو جنم ملي ته پنهنجون سڀ حسرتون پوريون ڪجن”- اسحاق تنيي چواڻي ته “هِن جنم هُن جنم لئه، وچن ٿو ڪريان، مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان”- ڇا اسحاق جنمن ۾ ويساهه ڪندي اهو لکيو هوندو؟ آئون ايئن نٿي ڀانيان، اهو هڪ محبت، وابستگيءَ جي انتها جو اظهار آهي ۽ بس!
هن ڪتاب ۾ جدت ۽ جديديت (Modernity and Modernism) بابت پڻ لکيو ويو آهي. اسان جي نوجوانن کي خاص ڪري ادب جي شاگردن کي انهن اصطلاحن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ کين اها خبر هئڻ کپي ته ادبي اصطلاحن ۾ جديديت Modernism محض نواڻ جو نالو ڪونهي، بلڪه اهو هڪ ادبي لاڙو آهي، جيڪو پڻ پراڻو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ جديديت پڄاڻان يا Post Modernism کي به خدا حافظ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ردعمل ۾ هڪ نئون Meta Modernism جو تصور اچي چڪو آهي، جنهن کي ڪن نقادن Post Post Modernism پڻ سڏيو آهي، معنيٰ جديديت پڄاڻان کان به پوءِ- ان ۾ ڄڻ ته جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي وچ واري ڪا راهه ڳولڻي آهي، جيئن اڄ جو ماڻهو تضادن مان نڪري سگهي.
جاميءَ جهڙي ڏاهي ۽ گهڻ پڙهيي ليکڪ مان اسان کي گهڻيون اُميدون آهن ته هو نه صرف پنهنجي قلم سان، پنهنجي لکڻ جي ڏات ۽ ڏانءُ سان پر پنهنجي فنِ خطابت (Oratory) ۾ مهارت سان به سنڌي سماج ۾ نوجوانن کي نت نون خيالن، فلسفن ۽ فڪرن بابت آگاهه ڪري سندن ذهن روشن/ منور (Enlighten) ڪندو رهندو.
[b]ڊاڪٽر فهميده حسين
[/b]15 مئي 2018ع