خيال، تصور، نظريو ۽ عمل هڪٻئي جي پيداوار آهن!
- رسول بخش پليجو
(سنڌي ادب جي وڏي ادبي نقاد محترم رسول بخش پليجي منهنجي لکيل ڪالم جي پرک ۽ ساراهه ڪندي ان ۾ واڌارو ڪري هيءُ ليک لکيو، جيڪو روزاني عبرت ۾ شايع ٿيو. هڪ لحاظ کان پليجي صاحب منهنجي مضمون ۾ جيڪا منطقي چُڪَ (Logical Error) هئي، اُن کي درست ڪيو. جيئن ته سندس هيءُ ڪالم منهنجي ڪالم جي جواب ۾ لکيل آهي، اُن ڪري مان هتي ان کي شامل ڪري رهيو آهيان – جامي)
13 جون 2001ع واري عبرت جي پرچي ۾ “ادبي دنيا” جو صفحو ڏسي ۽ پڙهي بيحد خوشي ٿي. هن صفحي ۾ هڪڙي ڪهاڻي، ڪجهه شعر، هڪڙو شاندار علمي ادبي مضمون ۽ هڪڙو اهم شعري تبصرو شامل هئا.
جامي چانڊيي جو مضمون “ڇا سنڌ جي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چڪي آهي؟” سنڌي تنقيدي ادب ۾ ڪن زمانن کان پوءِ وجود ۾ آيل هڪڙو مختصر پر نهايت وڏي بنيادي ۽ دائمي اهميت ۽ گهريءَ بصيرت وارو تخليقي واقعو لڳو. ان ۾ پيش ڪيل هيٺيان نتيجا ۽ نُقطا سنڌي ادب جي اؤسر جي هڪ نئين دؤر جي مٿانهين منزل کي رَسڻ لاءِ اُتساهه جا ۽ اُن ڏانهن وٺي ويندڙ راهه جي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ جا سنگ ميل نظر اچن ٿا:
(1) “لفظن جي ڌارَ جسمن نه پر روحن تائين لهي وڃي ٿي. تلوار جي ڌارَ رڳو حال ۾ ڌَڪُ هڻي سگهي ٿي پر لفظن جا گهاوَ صدين تائين ساوا رهن ٿا. تلوار جي ڌارَ فردن سان وڙهي سگهي ٿي پر لفظ ظالم طبقن، گروهن، قومن، ملڪن، عقيدن، نظرين، بلڪه پورن دؤرن سان وڙهي ۽ لڳاتار وڙهي سگهن ٿا...”
(2) “هن عظيم ترين جنگيون لفظن سان، تصورن جي عالمي ميدان تي وڙهيون آهن ۽ اڄ انسان هيءُ جيڪو ترقيءَ جي بلندين تي بيٺو آهي، اهو اُنهن تصورن جي مسلسل ويڙهين ۽ اُن ميدان تي سچ ۽ سونهن جي سوڀَ جو نتيجو آهي. سادن لفظن ۾ انسان اڄ تائين هر قسم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڏاڍ ۽ ذهني ۽ روحاني بڇڙاين خلاف جيڪا صدين کان مزاحمت پئي ڪئي آهي، اُن ۾ سندس وڏي ۾ وڏو شروعاتي هٿيار لفظ، خيال ۽ تصور رهيو آهي....”
(3) “لفظ، تصور ۽ خيال ماڻهوءَ کان وڌيڪ وزندار ۽ جٽادار ٿين ٿا. ماڻهو مري سگهي ٿو، بي معنيٰ ٿي سگهي ٿو، زندگيءَ جي گهاٽي وڻ منجهان پيلي پَنَ جيان ڇڻي سگهي ٿو، دؤر به مري ۽ بي معنيٰ ٿي سگهن ٿا پر سچي قلمڪار جي قلم جي ڪُکَ مان سرجيل لفظ مَري ۽ بي معنيٰ ٿي نه ٿا سگهن. ماڻهو پنهنجو ڪردار ۽ ڪارج وڃائي سگهي ٿو پر اعليٰ تصور ۽ خيال جو ڪردار ڪڏهن به مجروح يا فنا نه ٿو ٿي سگهي.....”
(4) “ ڪڏهن ڪڏهن وڏا اديب هوندا آهن ته اُنهن کي دؤر سُڃا ملندا آهن ۽ ڪڏهن وري دؤر سُڪين ڪاٺين جي ڍيرَ جيان ٻرڻ لاءِ آتا هوندا آهن ته قلم جي باهه نه هوندي آهي ۽ ڀاڳ وارا هوندا آهن اُهي دؤر، جن کي ترجمان قلم نصيب ٿيندا آهن. ساڳئي وقت اُهي قلم به ڀاڳ وارا ٿين ٿا، جن کي ترجمانيءَ ۽ اظهار لاءِ ڀرپور دؤر ملن ٿا. ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ مثال شيخ اياز آهي. شيخ اياز جي تخليقي زندگيءَ جي آخري دؤر کي ڇڏي، هن جيڪو پنهنجو ادبي اؤج ماڻيو، ان ۾ ٻئي عنصر هئا. يعني جيڏو اياز وڏو فنڪار ۽ وڏن تصورن جو ڌڻي هو، هن کي دؤر به اهڙو ڀرپور مليو ۽ پوءِ ماڻهن ڏٺو ته اياز هڪ شاعر ۽ شخص جو نه پر هڪ پوري دؤر جو نالو هو....”
(5) “مزاحمتي ادب کي روايتي ۽ محدود اصطلاحي معنيٰ ۾ وٺڻ نه گهرجي. دنيا جو هر اهو ادب جيڪو وڏن تصورن، قدرن ۽ روين جو ترجمان هجي ٿو، اُهو دراصل مزاحمتي ادب ئي هوندو آهي. رڳو ظلم خلاف سڌو لکڻ مزاحمت نه آهي. حُسن جي ڳالهه ڪرڻ به ڪوجهائپ جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اعليٰ آدرشن جي ڳالهه ڪرڻ خسيس روين ۽ ڇَسن تصورن جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ان ڪري مزاحمتي ادب کي ان جي حقيقي ۽ وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي.....”
(6) “ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺلهي نعري باز، سياسي ادب جي نه پر تخليقي ۽ سگهاري مزاحمتي ادب جي روايت پختي رهي آهي. مان اها ڳالهه بار بار چوندو آهيان ته جيتوڻيڪ هاڻي اسان جي ون يونٽ واري يادگار ادبي لڏي جي “دو نمبري” گهڻائيءَ مان جند نه ٿي ڇُٽي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته اُن دؤر ۾ سنڌ جي اديب جي قلم زماني جي ضمير کي جاڳايو هو ۽ سنڌ ۾ لکيل ۽ ڇپيل لفظ جو رڳو وقار ئي نه پر ان جو پنهنجي دؤر تي زبردست اثر به هو. اُن دؤر جي سنڌ جي ذهني ۽ روحاني سرواڻي سنڌ جي سوچيندڙ ذهن ۽ تخليقي قلم ٿي ڪئي.....”
(7) “ اڄ سنڌ جون حالتون ون يونٽ واري دؤر کان هزار دفعا وڌيڪ خراب ۽ ڏکيون آهن، اڄ سنڌ جي سجاڳ ذهنن وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وسيلا به گهڻا آهن، جديد ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۽ ميڊيا جي طاقتور ڪردار ۾ اُها سگهه به آهي، جيڪا ماڻهن ۾ هڪ نئون اُتساهه پيدا ڪري ۽ هن دؤر تي ڪو وڏو اثر وجهي.....”
(8) “ شاعريءَ جي ميدان تي نوجوان شاعر تمام سُٺي شاعري ڪري رهيا آهن پر ان باوجود سماج تي ان جو اُهو گهربل اثر ناهي. هڪ ته اديب جو مجموعي طور سماج، قوم ۽ عوام ڏانهن اهو اٿاهه وابستگي وارو رويو نه رهيو آهي. انفراديت پسندي اڄوڪي دؤر جو حاوي رجحان آهي. جيترا ادب ۽ فن جا ذهني، احساساتي ۽ فڪري محرڪ وڏا هوندا ۽ جيترو اديب جو ڪردار واضح ۽ بلند هوندو، اوترو هن جي لکيل لفظ ۽ چيل ڳالهه جو به وزن هوندو. اڄوڪي دؤر ۾ قلمڪار جي حوالي سان اهو وڏو الميو آهي ته انهيءَ قلم ۽ لکيل لفظ جا وڏا ذهني، روحاني، احساساتي ۽ فڪري محرڪ نه آهن. سنڌ جو اڄوڪو قلمڪار يا ته گهڻي ڀاڱي سطحي موضوعن ۾ ڦاٿل آهي يا جي اهو سُٺن موضوعن تي لکي به ٿو ته ان جي ذهني، فڪري ۽ احساساتي سطح اُها نه آهي، جيڪا ادب ۾ وڏو ڪارج، حُسن ۽ اثر پيدا ڪندي آهي. ڪالهه هڪ ڪهاڻي سماج جي سوچيندڙ ذهنن کي لوڏي ڇڏيندي هئي، اڄ لکجندڙ ڪهاڻيءَ تي پنج ماڻهو نه ٿا ڳالهائين يا سوچين.....”
(9) “ اڄ سنڌ ۾ قلم به آهي، قلمڪار به آهي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه آهي پر جي ناهي ته اديب جي قلم ۾ پنهنجي دؤر کي لوڏڻ جي سگهه نه آهي.....”
(10) “مون کي ياد نه آهي ته اهو ڪنهن چيو هو پر مون ڪٿي پڙهيو هو ته قومن جون پهريون جنگيون سندن ادب ۽ فن وڙهندو آهي.....”
(11) “جنگ دراصل تصورن، مفادن ۽ روين ۽ قدرن جي جنگ هجي ٿي ۽ جيسين قلمڪار، سماج جو سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ تخليقي فنڪار ۽ قلمڪار ان ۾ واضح ناهي ته پوءِ اُها جنگ کٽي نه ٿي سگهجي....”
(12) “ پنهنجي هم عصر دؤر جي تضادن، پيچيدگين ۽ مفادن جي ڇڪتاڻ ۽ عوام جي محسوسات کان جيڪو اديب ۽ قلم لاتعلق هوندو، اُن جو لکيل لفظ رانديڪي جيان وندر جو اوزار ۽ ذريعو ته ٿي سگهي ٿو پر اُهو ذهنن ۽ ضميرن کي لوڏي نه ٿو سگهي. اهو دؤر ۽ زمانا نه ٿو بدلائي سگهي، اهو تاريخ جون ڌارائون نه ٿو موڙي سگهي....”
(13) “ اڄوڪي سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ، ادب ۽ فن کان سواءِ وڙهي سگهجي ئي نه ٿي، پر الميو اهو اهي ته هن دؤر جي مزاحمتي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چڪي آهي. سنڌ جي وجود جي بقا کان لاتعلق ۽ غير واضح، وائڙو قلم بي اثر ئي نه پر مجرم به آهي ۽ تاريخ ۾ مجرم ئي سڏيو ويندو.....”
جاميءَ جي هن مضمون بابت هڪڙي امڪاني غلط فهميءَ کان بچڻ لاءِ خيال، عمل جي لاڳاپي جي سائنسي نقطي کي سمجهڻ ضروري آهي، نه ته ڪو ماڻهو شايد سمجهندو ته شايد جاميءَ جو مطلب آهي ته سڀ ڪجهه صحيح خيال، سچ، فڪر، فن وغيره آهي. عمل جي ڪابه اهميت ڪانهي يا آهي ته ثانوي. ويهين صديءَ جي عظيم سماجي سائنسدان ۽ داناءَ لينن چيو هو ته، “غلط فهميءَ لاءِ ضروري ناهي ته سڄي جي سڄي ڳالهه غلط ڪيل هجي. ڪنهن به حقيقت جي هڪڙي پاسي کي ڪجهه وڌائجي ۽ ٻئي پاسي کي ڪجهه گهٽائجي ته نتيجو ازخود غلط نڪري ايندو.” ڪنهن زماني ۾ ماڻهو چوندا هئا ته جيڪي تقدير ۾ لکيل هوندو، سو ٿيندو. بندي جي وَسَ ۾ ڪجهه به ناهي. صدين کان پوءِ ان ڳالهه جي ردعمل ۾ چيو ويو ته ماڻهو فعل المُختيار آهي، جيڪي چاهي، سو ڪري سگهي ٿو. اوڻيهين صديءَ جي اڪابر سماجي سائنسدان ڪارل مارڪس چيو ته، “ڊگهي عرصي جي حساب سان انسانن جي قسمتن جو بنيادي فيصلو سندن خواهشون، اُمنگون ۽ ارادا نه پر سندن مادي ۽ اقتتصادي حالتون ڪن ٿيون.” ڪن ماڻهن وري ان ڳالهه کي وڌائي، هڪ طرفو بڻائي، ان منزل تي وڃي رسايو، جو چيائون ته، “ٻيون ڳالهيون سڀ ڇُٽيون، هر ڳالهه جو ڪارڻ آهي، فقط اقتصادي حالتون.” تنهن تي مارڪس جي يگاني داناءَ دوست اينجلس درستگي ڪندي چيو هو ته، “مارڪس کان اڳ سماجي ڄاڻن سماج جي واڌاري بابت ٻيون گهڻيون ڳالهيون سمجهيون ۽ ٻُڌايون ٿي پر اقتصادي حالتن جي اهميت کي ڪنهن به نٿي سمجهيو، تنهن ڪري اسان ٻين ڳالهين بدران زور اقتصادي حالتن جي اهميت تي ڏنو.”
ضيائيءَ دؤر کان وٺي سنڌ اندر سنڌ دشمن، عوام دشمن، رجعت پرست پروپيگنڊا جي طوفان جي زهريلن اثرن سبب صحيح سماجي خيال، سوچ، سمجهه، فڪر، ادب، فن ۽ نظريي جي اهميت کي سمجهي سوچي نظرانداز بلڪه رد ڪيو پيو وڃي. اُن ڪري جاميءَ جي مضمون ۾ سوچ، سمجهه، فڪر، ادب ۽ فن جي اهميت کي جائز طرح پوري پوري اهميت ڏئي اُجاگر ڪيو ويو آهي.
ان سان گڏوگڏ سماجي سائنس جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه فرض ڪري ورتل آهي ته سڀني باشعور ماڻهن کي خبر آهي يا هجڻ گهرجي ته نظريو ۽ عمل، سوچ ۽ لوچ لازم ملزوم آهن. نظريي کان سواءِ عمل اوندهه ۾ هٿوراڙين وانگر آهي ۽ عمل کان سواءِ نظريو خصي ۽ بي حقيقت هوندو آهي. اُن ڪري مضمون ۾ خيال، سوچ، فڪر ۽ فن وغيره جي جتي به جيڪا به ڳالهه ڪيل آهي، اُتي ان ۾ اها ڳالهه ازخود سمايل سمجهڻي آهي ته خيال، فڪر، فن، نظريا وغيره انساني وجود ۽ ان جي عمل مان پيدا ٿيا آهن ۽ ان بعد اُهي سدائين انساني عمل تي اثر وجهن ٿا ۽ سدائين ان کان متاثر ٿيندا رهن ٿا. انساني وجود جا اهي سوچ ۽ عمل وارا ٻئي اُبتڙ پاسا هڪ ٻئي ۾ سمايل آهن. ٻئي انساني واڌاري لاءِ لازم ملزوم آهن. انهن مان ڪنهن کي به نظرانداز ڪرڻو ڪونهي.
روزاني “عبرت” حيدرآباد، 25 جون 2001ع