سنڌ لاءِ خواب اُڻندڙ فڪري پورهيت
نانگن ٻڌي نينهن جي، ڪڇي ڪا ڇوٽي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
يعني اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون جڏهن جهالتن، غلامين ۽ اونداهين جا ڌُنڌ لهندا ۽ آزاديءَ، شعور ۽ روشنين جا پورب پڌرا ٿيندا.
سنڌ ۾ جويي صاحب جو بنيادي ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري استاد ۽ سُونهين واري رهي آهي. سماجن ۽ قومن کي هڪڙي نفسيات ته سندس ڪلچر جي حوالي سان کين ورثي ۾ ملندي آهي، جڏهن ته سندن شعور جي تشڪيل ۽ قومي شخصيت جي تعمير انهن جا حقيقي دانشور ۽ مفڪر ڪندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ يورپ جي گذريل پنج سئو سالن جي تاريخ ئي وڏو مثال آهي. پندرهين صديءَ تائين يورپ دنيا جو هڪڙو پس مانده ترين خِطو هو پر سورهين صديءَ کان وٺي روشن خياليءَ ۽ نئين سجاڳيءَ (Enlightenment and renaissance) جون تاريخ ساز ۽ لڳاتار فڪري تحريڪون ئي هيون، جن يورپ کي ترقيءَ جي اؤج تي رسائي ڇڏيو. ان سڄي عمل ۾ سندن مفڪرن ۽ دانشورن جو بنيادي ڪردار هو. سنڌ پنهنجي ڪلچر جي مزاج جي حوالي سان اڳ ئي هڪ ماٺيڻو ۽ ويڳاڻو سماج رهيو آهي. ٻيو ته سنڌ صدين کان دنيا جي جديد سائنسي شعور جي پاڇي کان به پري رهي آهي. اهڙي پس منظر ۾ سنڌ جي هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي ۽ اهلِ فڪر ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻ سنڌ لاءِ ڪنهن بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه هو. هيءَ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن جي ڳالهه آهي. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ آهستي آهستي سنڌ ۾ به شروع ٿي رهي هئي پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سوال اڃا ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو، خود جناح به ڪانگريس جو رڪن هو. سنڌ ۾ علم ادب جي شعبن کان وٺي پارلياماني سياست تائين سنڌ ۾ قوم جي فقط هڪ حصي يعني هندن جي هڪ هٽي هئي. مسلمانن جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو نسورو جاهل ۽ ڪوتاهه ذهن هو. سنڌي مسلمانن ۾ وچون طبقو اڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. اهڙي ماحول ۽ پس منظر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي شخص جي پيدا ٿيڻ کي مان اهم واقعو سمجهان ٿو. سنڌ سياسي ۽ فڪري رجحان طور ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ طرف ڪانگريس هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ. جيتوڻيڪ اُن زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون ضرور هيون پر بنيادي طور فڪري ۽ سياسي حوالي سان اهي ٻه ڌارائون هيون. هيءُ اهو ئي دؤر آهي، جڏهن سوويت يونين ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي چڪو هو. دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلسٽ تحريڪون تيز ٿي رهيون هيون. هندستان ۾ علم ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز ٿي رهيو هو. فڪري حوالي سان هندستان ۾ ايم اين راءِ "M.N.Roy" جي فڪري لهر به اُڀري رهي هئي. ان سڄي ماحول ۾ ڇاڪاڻ ته راءِ جي فڪري تحريڪ ٻين سمورين تحريڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ريڊيڪل هئي، ان ڪري جويو صاحب ان ۾ شامل ٿيو. مان سمجهان ٿو ته هو شايد سنڌ بلڪه هن خطي جو پهريون ماڻهو هو جيڪو "Royist" ٿيو. رڳو ننڍي کنڊ جي حوالي سان ئي نه پر عالمي حوالي سان به اُن زماني ۾ هو هڪ اهڙي فڪر جو سنڌ ۾ مُهندار هو، جيڪو نه رڳو انسان جي صدين جي فڪري پورهئي جو معروضي ۽ منطقي نتيجو هو پر پنهنجي هم عصر عالمي تاريخي دؤر جو به سڀني کان اڳتي وڌيل، سائنسي، عقليت پسند ۽ عوام دوست فڪر هو. اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سنڌ ۾ سڀ کان اول صدين کان اوهام پرستيءَ ۽ خود فريب روحانيت پرستيءَ جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۾ سائنسي ۽ مادي شعور جو ڦهلاءُ ۽ ان جي ترويج ڪئي. هن ئي سڀ کان اڳ سنڌ ۾ ڪائنات، فطرت ۽ تاريخ جي مادي نظرين يعني “جدلي ماديت” ۽ “سيڪيولرزم” کي متعارف ڪرايو. هن ئي سڀني کان اڳ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رجحان کي هٿي ڏني. ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سائنسي شعور جا بنياد سڀني کان اڳ سائين محمد ابراهيم جويي وڌا. اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري سطح تي پختو شعور آهي، ان جي بنياد وجهڻ ۾ محمد ابراهيم جويي جو به وڏو هٿ آهي. جيئن بنگال ۾ سماجي نشاة الثانيه جا بنياد راجا رام موهن راءِ وڌا هئا. راجا رام موهن راءِ بنگالي سماج ۾ تمام گهڻا ۽ بنيادي سڌارا آندا پر هو فڪري طرح روايتي مذهبي ۽ روحانيت پرست شخص هو، جڏهن ته جويي صاحب سنڌ ۾ جنهن جاڳرتا جا بنياد وڌا، اها روايتي اوهام پرستي نه پر جديد سائنسي سوچ ۽ شعور جي حامل هئي ۽ آهي. مان جويي صاحب کي سنڌي سماج جو محض هڪ فرد نه پر فڪري ادارو سمجهندو ۽ سڏيندو آهيان. جيئن شيخ اياز به منهنجيءَ نظر ۾ رڳو هڪ شاعر نه پر جديد سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ فنامنا هو. جديد يورپ جي تاريخ ۾ يعني پندرهين کان اوڻيهين صديءَ تائين فڪري سطح تي بنيادي راهون روشن ٿيون، جو انسان جي ذهني تاريخ جو روايتي مزاج ۽ رخ ئي ڦيري ڇڏيو ۽ اُهي هيون، يورپي عيسائي سماج ۾ مذهبي سڌارن جي تحريڪ "Reformation"، ارڙهين صديءَ جي آزاد خيال (Liberalism) ۽ عقليت پسنديءَ (Rationalism) جي تحريڪ، اوڻيهين صديءَ ۾ ڊارون جو حياتيءَ ۽ فطرت بابت ارتقائي نظريو ۽ مارڪسزم جو ڪائنات، فطرت ۽ سماجي تاريخ بابت مادي ۽ جدلي نظريو. جويو صاحب بنيادي طور انهن ٽنهي فڪري ڌارائن جي اجتماعي جوهر جي اثر هيٺ هو، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو قومي سماج جنهن پستيءَ ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ آهي، اهو اهڙي ئي فڪر آڌار، پنهنجيءَ موجوده پست حالت مان نڪري، نئون جنم وٺي، اوسر، آجپي ۽ وقار جي اتاهينءَ منزل کي رسي سگهي ٿو.
هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا والهانه وابستگي هجڻ گهرجي ۽ ان جي آئندي جي سلامتيءَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اون ۽ دورانديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ هڪ وڏو مثال سائين محمد ابراهيم جويو به آهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو ۽ مسلم حڪمران طبقن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو ته جويو صاحب پهريون مستقبل بين ۽ دورانديش ماڻهو هو، جنهن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ڇو ته مسلمانن جي جنهن حڪمران طبقي ان ڏس ۾ سرگرم ڪردار ادا ٿي ڪيو، ان جي سياسي تاريخ ۽ مقصد ٻُڌايو ٿي ته سندن نيتون ۽ نگاهون صاف نه هيون. جويي صاحب اُن زماني ۾ “سنڌ بچايو- کنڊ بچايو” "Save Sindh, Save the Continent" نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ تفصيل سان سمجهايو ته سنڌ جي سياسي قيادت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ جويو صاحب شايد واحد سنڌي دانشور هو، جيڪو ان مسئلي تي ايترو واضح هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي قيام کان فقط ٻه ٽي مهينا اڳ جويي صاحب سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کُليل خط لکيو ۽ کين سمجهايو ته ننڍي کنڊ ۾ ايندڙ سياسي تبديلين جو ادراڪ رکي، نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ غير مشروط طور شامل ٿيڻ بدران، هڪ کُليل ۽ باضابطه معاهدي ذريعي پنهنجن قومي مفادن ۽ تحفظ جي تقاضائن پٽاندر، مشروط طور شامل ٿيڻ گهرجي. جويي صاحب پنهنجي ان خط ۾ اهي شرط به واضح ڪيا پر اڄ جيان ان زماني ۾ به سنڌ جي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن ۾ ايترو شعور ۽ قومي فرض شناسي نه هئي. ان حوالي سان مان اها حقيقت به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته جويو صاحب اهو کُليل خط ڇپرائي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ورهائڻ لاءِ پاڻ کڻي ويو، پر اتي ساڻس هتڪ آميز سلوڪ ڪري کيس اهي پمفليٽ ورهائڻ به نه ڏنا ويا. جيتوڻيڪ اڄ ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي ۽ اسين اهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو، ان کان پوءِ به ۽ ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموري تحريڪ ۾ بظاهر پس منظر ۾ هجڻ باوجود به جويي صاحب جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا ابتدائي بنياد وڌا. هو پهريون ماڻهو هو جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار متعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اهو واضح ڪيو ته جيڪو سڄاڻ ماڻهو پنهنجين صلاحيتن کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ عوام ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ جو سوال هجي، ون يونٽ جو نفاذ هجي يا هر اهو موقعو ۽ مسئلو، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي وجود ۽ مستقل تاريخي مفادن کي خطرو درپيش آيو هجي، تڏهن جويو صاحب هڪ دانشور طور سدائين اهڙين تحريڪن جو اُتساهيندڙ رهيو آهي. اڄ به جڏهن جويو صاحب ٽياسي ورهين جو ٿي چڪو آهي، تڏهن به هو فڪري توڙي عملي طرح واضح ۽ بلند آهي. هن جي چهري تي اڄ به علم، شعور ۽ پنهنجيءَ قوم سان اٿاهه وابستگيءَ سبب اورچائيءَ ۽ عزم جا اهڃاڻ عيان آهن. هو اڄ به هن ضعيف العمريءَ ۾ هر موقعي تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. پنهنجيءَ قوم جي نئين نسل کي اوهام پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ بدران سائنسي علم ۽ فلسفيانه شعور جا سبق ڏئي ٿو، کين بدظنيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ اُلجهڻ بدران اتساهه ۽ جدوجهد جون راهون ڏسي ٿو.
سنڌي سماج جي پس حاليءَ جو هڪ بنيادي سبب ان جي علمي غربت به آهي. ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ذهني غربت ئي هر قسم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي غربت ۽ محروميءَ جو سبب هجي ٿي. سنڌي سماج به صدين کان علمي غربت جو شڪار رهيو آهي. هڪ طرف اسين پاڻ ماضيءَ ۾ ڪي غير معمولي عالم ۽ صحيح سائسي سرت جا صاحب پيدا نه ڪري سگهياسين، ته ٻئي طرف ٻاهرينءَ دنيا ۾ جيڪي سماج علمي ۽ فڪري تحريڪن جا ڳڙهه ۽ مرڪز هئا، تن سان به پوري لاڳاپي ۾ نه اچي سگهياسين. نتيجي ۾ هڪ طرف طويل علمي ۽ فڪري ويڳاڻپ جو شڪار رهياسين ته ٻئي طرف اسان ۾ شعور جي اها پختگي پيدا ٿي نه سگهي، جيڪا تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو جوهر هوندي آهي. هلندڙ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اهو جمود ادبي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين مرزا قليچ بيگ ٽوڙيو ۽ اڳتي هلي ابتدائي طرح فڪري ۽ علمي ميدان تي اهو جمود اسان جي هن ڏاهي انسان محمد ابراهيم جويي ٽوڙيو. جيئن مرزا قليچ بيگ کان اڳ شيڪسپيئر، بيڪن ۽ ايڊيسن سنڌ لاءِ اوپرا هئا، تيئن محمد ابراهيم جويي کان اڳ پليو ٽارچ، روسو، جارج پوليزر، پائولو فراري، بلانيٽن، برٽالٽ بريخت، هاورڊ موئر، سٽيفن زويگ، لارڊ بارئن ۽ ايم اين راءِ به اجنبي هئا. جويي صاحب پنهنجي ترجمن ۽ فڪري جاکوڙ ذريعي هڪ طرف سنڌ جي صدين جي علمي ۽ فڪري غربت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ته ٻئي طرف دنيا جي جديد علم ۽ سائنسي توڙي فلسفيانه فڪر کي سنڌي سماج ۾ دخلڪار ڪري، سنڌ کي صدين جي روايتي فڪري ويڳاڻپ مان ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز کان وٺي سراج تائين، حسام الدين راشديءَ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائيءَ تائين، رسول بخش پليجي ۽ الهداد ٻوهيي کان وٺي فقير محمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا هن دؤر جا لڳ ڀڳ سڀ اڪابر جويي صاحب کي ابتدائي طرح پنهنجو فڪري ۽ ادبي استاد سڏيندا رهيا آهن ۽ اهڙو اعزاز قومن جي تاريخ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي.
جويي صاحب جو هيءُ ڪتاب “ادب، ٻولي ۽ تعليم” سندس چونڊ لکڻين جي چئن جلدن تي مشتمل ڪتاب “هوءَ جا ٽمڪي باهڙي” جي سلسلي ۾ ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن جهڙي سُٺي ساک رکندڙ اشاعتي اداري طرفان شايع ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن سلسلي جو پهريون جلد نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ، هٿان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي سنجيده پڙهندڙن وٽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. هن سلسلي جو هيءُ ٻيو ڪتاب “ادب، ٻولي ۽ تعليم” به پنهنجي مواد جي علميت ۽ افاديت، چونڊ ۽ خاص رٿا ۽ ترتيب سبب وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي سموري مواد ۽ موضوعن مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب، ادب، ٻولي ۽ تعليم جي ڪارج بابت جويي صاحب جي ويچارن، روين، نقطهءِ نظر جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
ڪتاب جو پهريون ڀاڱو “ادبي سنگت”، “مهراڻ” ۽ “سنڌو” بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي، رحيمداد مولائي شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن جي آزادانا (دعائيه پيشبنديءَ) کان پوءِ 1-1955ع کان وٺي 4-1956ع تائين “مهراڻ” جي اَٺن اشعاتن ۾ غلام محمد گراميءَ ۽ جويي صاحب جي لکيل ايڊيٽوريلن، ٻارن جي ادبي پرچي “گل ڦل” ۾ غلام ربانيءَ ۽ جويي صاحب جي ادارين ۽ “مهراڻ” ۾ شيخ حفيظ، رسول بخش پليجي، جمال ابڙي، شيخ راز، محترم شمس صديقيءَ، بشير مورياڻيءَ، ثميره زرين ۽ ٻين ادب دوستن جي ادبي خطن ۽ پڙهندڙن جي پيغامن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ “مهراڻ” ۽ “گل ڦل” جا اداريا ۽ انهن ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جا خط ۽ پيغام شامل ڪرڻ جو هڪ خاص مقصد آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته جيئن اها ڳالهه ادبي اتهاس جي رڪارڊ تي رهي ۽ هن دؤر جي نوجوانن کي معلوم به ٿي سگهي ته جويي صاحب اُن زماني ۾، جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ “مهراڻ” جو سرپرست ۽ ايڊيٽر هو، تڏهن هن ڪهڙيءَ سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري ۽ اها عملي طور ڪري به ڏيکاري. محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي اچڻ، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ پس و پيش سنڌي عوام لاءِ ڀاڳ ثابت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، دنيا جي جديد علمن ۽ فڪري سرچشمن جي ڦهلاءَ جي مرڪز ۽ ذريعي طور انيڪ ڪتابي رٿائن، دنيا جي شاهڪار ڪتابن جي سنڌيءَ ۾ ترجمن ۽ مهراڻ ۽ گل ڦل وسيلي دنيا جي جديد فڪري ادب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو مُهندار بڻجي ويو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ان جو آئينه دار آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جي راين، تبصرن ۽ خطن جي مواد مان ئي پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏين نه بلندين تي کڻي ويو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اُڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي بلوغت کي پهتي. مهراڻ جا هي اداريا ۽ پڙهندڙن توڙي اديبن جا تبصرا ۽ خط پڙهي محسوس ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ئي اهو دؤر هو جڏهن جديد سنڌي ادب ۽ شعور جا بنياد پئجي رهيا هئا ۽ ان سڄي سفر جي سرواڻي ٻين سان گڏ سائين محمد ابراهيم جويي پڻ ڪئي. اڄ جڏهن اسان جي ادبي ماحول ۾ سنجيدگي، علميت ۽ فضيلت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، تڏهن مهراڻ ۽ گل ڦل ۾ ڇپيل هيءُ مواد تهائين وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو، جو ان مان پروڙ پوي ٿي ته اُن دؤر ۾ جويي صاحب جهڙا ماڻهو ادب جي شعور ۽ تنقيدي روايت کي ڪيترو نه مٿاهين درجي ۽ سطح تي کڻي ويا هئا. ادب ۾ سنجيده رويا، روايتون ۽ رجحان ئي اعليٰ ۽ معياري ادب جي تخليقن جو سبب بڻيا آهن، ان لحاظ کان اُن زماني کي سنڌي ادب جي معيار ۽ افاديت جي حوالي سان سونهري دؤر چئي ۽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ادب بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي انجمن حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ جا ۽ ٻيا جويي صاحب جا لکيل ادبي پڌرناما، مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ اجتماعن جي موقعي تي سندس پڙهيل صدارتي خطبا ۽ ادب بابت متفرقه مضمون ڏنا ويا آهن. جيتوڻيڪ جويو صاحب پاڻ هڪ دانشور اديب آهي پر ادب بابت هن جو نظريو توڙي رويو عام رواجي قسم جو ۽ سطحي ناهي. جويو صاحب هڪ انسان دوست ۽ وطن دوست دانشور ۽ اديب آهي ۽ ساڳئي وقت هو فلسفي ۽ تاريخ جو شآگرد به آهي، ان ڪري هن جو ادبي نقطهءِ نگاهه ڏاڍو گهرو، وسيع، بيحد ذميوارانه آهي. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، جيڪو ادب بابت آهي، دراصل جويي صاحب جي ادبي شعور ۽ ادراڪ جو آئينه دار آهي. اچو ته ان لاءِ سندس ئي بيان ڪيل بنيادي ڳالهين تي هڪ نظر وجهون.
“ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ انسان جي ذهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي جو پنهنجي آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين ۽ اڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجيءَ زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن.”
“ڪافي وقت کان ويندي هيل تائين سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه اڳ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذمري ۾ پڻ جنهن ۾ شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ ڳڻيا اضافا ٿي نه سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن.....”
“ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حُسن ۽ عشق آهي. سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تتُ آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي اِنهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪُنڊ، ڪنهن پاسي ۾ حُسن پيدا ٿئي، شعر، شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حُسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حُسن جي تلاش عشق آهي، عشق جي منزل حُسن آهي، جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حُسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي ٿي.”
“اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو ۽ رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽ هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُچَسو ٿي پوندو ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ ٻئي ڪڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽ مها ڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون “هڪ رنگيءَ جون” اثرانداز آهن پر اڳتي هلي ادب ۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئنده کي اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ پاسائون ۽ هم گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي.”
“سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته اهو هڪ ڪرندڙ وڏيرا شاهيءَ يڪ پيرو شاهوڪار شاهي، بيٺڪي سماج آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀرو ٿئي ته سندن ادب کي اهو ئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو، يعني هڪ نجات ڏياريندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- نجات ڏيندڙ ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود اعتماد، پرُاُميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن ۽ ايئن خود ان جو پنهنجو آئيندو به انهيءَ ئي انداز ۽ انهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي، بلڪه اهو سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض آهي ته پنهنجي ادب جي انهيءَ علم دوست، فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخ کي مستحڪم ڪن ۽ ان کي انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين، ڇو ته ان جي آئيندي جي راهه اها ئي آهي ۽ ان جو آئيندو نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي انهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اها راهه وڃي ٿي.”
هاڻي اندازو لڳائي ۽ تصور ڪري سگهجي ٿو ته جويي صاحب وٽ ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج جو تصور ڪيڏو نه سنجيده، ذميوارانه، گهڻ- پاسائون، لطيف ۽ بامقصد آهي. دراصل هيءُ ئي ادب جو اهو تصور آهي، جنهن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو اسان جي ماضيءَ ۽ حال جو ترجمان هجي، قومي زندگيءَ جي سمورن تاريخي، سماجي، ثقافتي، سياسي، تخيلاتي، فطري ۽ آدرشي پاسن جي عڪاسي ڪري پر آئيندي لاءِ به شعور، جاڳرتا، حُسناڪيءَ، لطافت ۽ اتساهه جو اهڃاڻ بڻجي. يعني ٿورن لفظن ۾ اهڙو ادب جيڪو لطيفي روايت جو امين هجي. جويي صاحب جي ادب بابت هنن سمورين تحريرن ۽ تقريرن ۾ نه رڳو اسان کي اهڙي ادب جو واضح ۽ وسيع تصور ملي ٿو پر اها رٿابندي به ملي ٿي، جنهن وسيلي سنڌي ادب کي ان گهربل معيار ۽ منزل تي رسائي سگهجي ٿو، خود جويي صاحب جو پنهنجو سمورو ادبي پورهيو ادب جي اهڙي سنجيده تصور ۽ روايت جو پاسبان آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي روشن خيال ۽ ساڃاهه وند ليکڪن تي جويي صاحب جي ادبي فڪر ۽ شعور جو وڏو اثر پيو ۽ پوندو رهيو آهي. جيستائين ادب ۽ ان جي ڪارج جو تصور واضح نٿو ٿئي، تيسين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو ادب پيدا ٿيڻ محال آهي، جيڪو قومن جي شخصيت جي تعمير ڪندو آهي ۽ ڪتاب جي هن ٻئي ڀاڱي ۾ اهو تصور بلڪل چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.
ڪتاب جو ٽيون حصو “ٻوليءَ ۽ تعليم” بابت آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون، ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيون لاڳاپيل موضوعن بابت متفرقه لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن.
ٻولي جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعور توڙي تحت الشعور جي ترجمان ۽ زبان هوندي آهي، ان ڪري جويو صاحب، هڪ اديب ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي ۽ ٻوليءَ بابت هن جي اها حساسيت ئي آهي جنهن سبب هن جي سڄي ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري ۽ صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، ان جي اصلوڪي حيثيت ۽ هيئت جي احياءَ، ويا ڪرڻي ٺاهه- ٺوهه، نج ۽ نباز لفظن جي سنڀال سان گڏ نون لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جي ٺاهڻ ۽ انهن جي سنڌي ٻوليءَ جي صوتي مزاج موجب گهڙ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو دائرو شاعريءَ، افسانن ۽ آکاڻين سان گڏ فلسفي، سائنس ۽ اهڙن ٻين شعبن تائين وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ان قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙڻ ته جيئن اهي شعبا پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ جويي صاحب جو پورهيو بنيادي حيثيت رکي ٿو. جويي صاحب پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن پر جڏهن ٻولي وهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حُسن ۾ هڳاءَ ۽ جوڀن جو رس ڀريندا آهن.” ٻوليءَ جي پختگيءَ، لفظن جي ذميواراڻي استعمال ۽ سٽاءَ، ٻوليءَ جي وياڪرڻي ٺاهه-ٺوهه ۽ صوتي اثرن جي نفاست ڀري نڀاءَ، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، لطافت ۽ هڳاءَ کي نه رڳو برقرار رکڻ پر ان ۾ تخليقي واڌارن جي لحاظ کان جويي صاحب جي ٻولي اسان جي ادب جو اعليٰ علمي نثر آهي. ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ جويي صاحب جو لکيل طبعزاد مواد توڙي سندس نگرانيءَ ۽ نظر هيٺ ايڊٽ ٿيل ۽ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتاب ڏسي ۽ پرکي سگهجن ٿا. سائين جي ايم سيد کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ حسام الدين راشديءَ کان وٺي الهداد ٻوهيي ۽ ايم ايڇ پنهور تائين، جويو صاحب ئي سندن ٻوليءَ جي تصحيح ۽ تاليف ڪندو رهيو آهي ۽ اهو ڪو معمولي اعزاز ناهي. ڪتاب جو هن حصي ۾ جتي جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ان جي خاص مزاج، شاهوڪاريءَ ۽ زرخيزيءَ کي نروار ڪيو آهي، اتي هن موجوده دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي امڪاني خطرن کان پڻ خبردار ڪيو آهي ۽ نيٺ اهي گس به ڏَسيا آهن، جن رستي اسين پنهنجي سدا ملوڪ ۽ سدا حيات ٻوليءَ جو نه رڳو بچاءُ ڪري سگهون ٿا پر ان کي جديد دؤر جي ضرورتن ۽ تقاضائن سان به هم آهنگ ڪري سگهون ٿا.
ٻوليءَ سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ جويي صاحب جا تعليم بابت به ليک شامل آهن، جيڪي تعليم بابت هن جي سوچ، نگاهه ۽ ادراڪ جو احاطو ڪن ٿا. جويو صاحب پيشي ۽ ذهني رجحان سبب پاڻ به سدائين هڪ استاد ۽ معلم رهيو آهي. هڪ اهڙو استاد ۽ معلم جيڪو ساڳئي وقت دانشور، مفڪر ۽ اديب به هجي، پنهنجيءَ قوم، عوام ۽ وطن جي سڌاري، واڌاري ۽ آجپي لاءِ سوچيندو، لوچيندو ۽ ووڙيندو هجي، ان جو تعليم بابت تصور لازمي طور منفرد ۽ وسيع ئي هوندو. جيئن جويو صاحب ادب ۽ ٻوليءَ جي سمورين سرگرمين کي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ پس و پيش سموريءَ انسان ذات لاءِ ذميوار ۽ انهن جي اجتماعي مفادن سان مشروط سمجهي ٿو، تيئن هو تعليم کي به محض روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر قومي اڏاوت جو بنياد تصور ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جويي صاحب پائلو فراريءَ جو جڳ مشهور ڪتاب "Pedagogy for the Oppressed" “علم تدريس- مظوم لاءِ” جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته جيئن سنڌي سماج ۾ تعليم جو روشن خيال ۽ عوام دوست تصور متعارف ٿي سگهي ۽ تعليم رياستي مشنريءَ لاءِ پرزن پيدا ڪرڻ بدران سماج جي قومي تعمير جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهي.
ڪتاب جو چوٿون حصو، جويي صاحب جي مختلف تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ اڀياسي ليکڪن تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد کي وڌايو ۽ ادب ۾ ان بنيادي اهميت جي حامل شعبي ۽ لاڙي کي نه رڳو پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ سان متعارف ڪرايو، پر اهي قدر، معيار ۽ محرڪ به واضح ڪيا، جن کي بنياد بڻائي سنڌي ادب ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا زبردست ۽ بي مثال ادبي نقاد پيدا ٿيا. هن نه رڳو تنقيد لاءِ سنجيده معيار، قدر ۽ محرڪ واضح ڪيا پر پاڻ به انيڪ تنقيدي ليک لکيا، جن مان ڪجهه ڪتاب جي هن چوٿين حصي ۾ ڏنا ويا آهن. جويي صاحب جي پنهنجي شخصيت وانگر هن جي تنقيد جي انداز ۽ لهجي ۾ به شائستگي ۽ فضيلت جا عنصر نمايان آهن. جيئن جويو صاحب ذاتي زندگيءَ، ادب، سياست توڙي هر سماجي وهنوار ۾ اخلاقي قدرن جو قائل آهي، تيئن هو ادب ۽ خاص طور ادبي تنقيد ۾ به اخلاقي قدرن جو بيحد قائل رهيو آهي. جويي صاحب جي تنقيد جو لهجو ۽ ڏانءَ رهنمائي ڪرڻ وارو هوندو آهي، يعني تنقيد ۾ به جويو صاحب هڪ ڄاڻو ۽ وضعدار استاد وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ثابتي هن جون ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ شامل تنقيدي لکڻيون آهن. مثال طور هن حصي جو پهريون مضمون جيڪو 1954ع ۾ مولانا گرامي صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيل ادبي مخزن “شاعر” تي تنقيد آهي، سو ئي جويي صاحب جي ان انداز ۽ ڏانوَ جو مظهر آهي. مضمون ۾ جويي صاحب مولانا گراميءَ سان مخزن جي مواد، ان جي سٽاءَ، ايڊيٽر جي ادارتي ذميوارين ۽ اهڙين ٻين ڳالهين بابت سنجيده اختلاف رکندي، ساڻس پنهنجن تحفظات ۽ اعتراضن جو اظهار ڪيو آهي پر مضمون جي آخر ۾ جنهن دل جي ڪشادگيءَ ۽ مثبت رويي سان بحث کي سهيڙيو آهي، ان جو مثال اسان وٽ تنقيد ۾ گهٽ رهيو آهي، مثال طور هو لکي ٿو:
“گراميءَ صاحب وڏي مرتبي جو شاعر آهي ۽ اهل قلم آهي، سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪَٺن ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، بارسوخ ماڻهن جا رعب تاب سِرَ تي سَهڻا پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي ۽ انهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اوچائيءَ ۽ محنت سان پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾ “شاعر” جي تربيت ڪندو ته هو ان جي موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو.”
اهڙيءَ طرح هن ڀاڱي ۾ جويي صاحب جنهن انداز سان پليجي صاحب جي ڪهاڻي “پسي ڳاڙها گُل” جي پرک ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جي موضوع، ٻوليءَ ۽ اهميت کي تنقيدي شعور سان ساراهيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيءَ سان نڀاءَ جي سلسلي ۾ رهجي ويل ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، ان ۾ به تنقيد جي حوالي سان جويي صاحب جو ساڳيو رويو نظر اچي ٿو. مثال طور هو لکي ٿو:
“هڪ ٻن هنڌ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسعودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن، مثلن افساني جي ثانوي مُک ڪردار، پاروءَ کي هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اوچين ٽارين تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪه ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن جن تي ايئن چڙهي ويهي سگهجي يا پهرئين مُکَ ڪردار، ملوڪان جي ماءُ کي آخر ۾ هڪ ئي وقت جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي ۽ اتي ئي ان کي ملوڪان جي واتان مري ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان نيئرن ۾ قابو ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي ڪري پئي آهي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جمعي جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو.
“اهڙيءَ طرح شايد ڪجهه قدر افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلن ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا جيڪا ان کان اڳ واري پئرا جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اتي ئي ٿيڻ کپندو هو، جڏهن تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي ان سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سور سهڻ کان پوءِ هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: “..... سمهي رهه، ملوڪان ادي سمهي پئو!...”
“اهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ايئن ڪو لوڏو رسي ٿو ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي يا ڪنهن حَسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. انهيءَ خيال کان اهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا، بلڪه ايئن جيئن ڪو ڪارو تر معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي انهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي.
مون مٿي اهي ٽڪرا ان ڪري ڏنا آهن، جيئن تنقيد ۾ جويي صاحب جو اسلوب، ڏانءُ ۽ رويو پوريءَ طرح واضح ٿي سگهي ۽ ايئن ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ شامل سمورين تحريرن، تقريرن ۽ تبصرن ۾ جويي صاحب جو اهو ئي انداز ۽ لهجو اسان کي نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هڪ ادبي استاد کي اهڙو ئي انداز ۽ رويو سونهين ٿو.
ڪتاب جو پنجون حصو- “پيغام ۽ شعر” جي نالي سان جويي صاحب جي مختلف علمي تنظيمن ۽ ادبي مجلسن ڏانهن موڪليل پيغامن ۽ ست فرئنسيس آسيسي، پي بي شيلي (1832-1792)، جي ايم مهڪريءَ، سروجني ديوي ۽ ندي وِرما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندس پنهنجي هڪ طبعزاد اصلوڪي نظم “او سنڌ!” ۽ ٻن مختصر انٽرويوز تي مشتمل آهي. ذهني ۽ فڪري طور هڪ صاف، واضح ۽ ڪميٽيڊ دانشور جي زندگيءَ جي هر سوچ، لوچ، ان جو هر قدم ۽ قلمي پورهيو سندس زندگيءَ جي متعين ڪيل بنيادي محرڪ ۽ مقصد تي ئي مرڪوز هوندو آهي. جويو صاحب به ايئن آهي. هن ڀاڱي ۾ شامل مواد پوءِ پيغام هجن يا دنيا جي مختلف شاعرن جا چونڊ نظم يا سندن انٽرويوز ۾ ڪيل ۽ چيل ڳالهيون هجن. انهن جي پويان محرڪ ۽ مقصد به اهو ئي ساڳيو آهي ۽ اهو آهي زندگيءَ سان ڪمٽمينٽ. سنڌ سان اٿاهه وابستگي، سنڌ جي آزاديءَ ۽ ان جي عوام جي دائمي سلامتي، خوشحالي ۽ شان لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ ان عظيم مقصد ۽ آدرش جي حاصلات جي جدوجهد ۾ سدائين جنبيل رهڻ ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويهڻ. هن ڀاڱي ۾ شامل سندس اصلوڪو نظم “او سنڌ” سندن انهن ئي آدرشن جو آئينه دار آهي. هي چئي ٿو:
او سنڌ!
منهنجي پنهنجي سنڌ!
اڄ ٿو آئون توکان پڇان،
ٻڌاءِ’
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
آئون ڪير آهيان؟
تون ٿي مون کان پڇين؟
.... ماءُ
آئون.... تنهنجو اولاد!
تنهنجي مامتا جي گهراين،
تنهنجي شادابين، سبزين،
تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،
۽ تنهنجي وسعت مان اُٿيل هڪ ٻالڪ!
تنهنجو اولاد....!
تنهنجو آندو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!
منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،
تو مون کي ڄڻيو،
تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،
تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:
تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،
تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،
تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،
تو مون کي ڄڻيو،
تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،
تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:
تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،
تنهنجون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،
تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،
تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،
تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ
هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت
منهنجا ڀائر،
هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،
هي تنهنجي تلائن ۾ ڍنڍ ۾،
ڀانت ڀانت جون مڇيون ۽ ننڍڙا جيت،
هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،
گهمندڙ ڦرندر طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:
هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون:
.... منهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!
هي سڀئي!
هي ۽ آئون ..... اسين سڀئي تنهنجو ئي ته اولاد آهيون!
اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!
اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي
اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ توسان ڳالهائي ٿو،
.... توکان ڪجهه گهري ٿو، توکان ڪجهه طلبي ٿو:
۽ تون،
جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،
سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،
اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشه ڏين!
۽ آئون....
انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،
ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،
۽ ڪجهه ڏيندس
اهو ڪجهه، جو توکان،
تنهنجي وسعتن مان،
تنهنجي شادابين مان،
چورائجي ويو....
ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!
۽ تون هڪ سوال بڻجي وئينءَ،
منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،
ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ
جيجل....!
..... تڏهن ٿو اڄ توکان آئون پڇان!
سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!
منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!
ٻُڌاءِ....
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
۽ ان کان اڳ، جو ڌرتيءَ ماءُ هن کان ڪجهه طلبي ها، هن ڌرتيءَ جي هڪ فرض شناس ڏاهي پُٽ جي ثابتي ڏيندي پنهنجي سموري حياتي ۽ سگهه سندس آجپي، جياپي ۽ اؤسر کي ارپي ڇڏي. ان لحاظ کان جويي صاحب جو هيءُ ڪتاب سندس انهيءَ مقصد حيات جو احاطو ڪري ٿو.
مجموعي طور سائين محمد ابراهيم جويي جو هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو ۽ اسان جي پڙهندڙن لاءِ وڏي وٿ آهي، جنهن ۾ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم بابت عقليت پسند ۽ ترقي پسند فلسفيانه نقطه نگاهه کي نه رڳو واضح ڪيو ويو آهي پر مستقبل لاءِ قومي زندگيءَ جي انهن ٽنهي شعبن جي حوالي سان رٿابندي به ڪئي وئي آهي ۽ اها واٽ به ڏسي وئي آهي، جنهن تي هلي اسين سنڌي سماج کي پستين، جهالتن، اونداهين، غلامين ۽ محرومين جي ڪن مان ڪڍي هر قسم جي آجپي، ذهني توڙي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي آسودگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ زندهه ۽ متحرڪ قوم طور اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ دراصل اهو ئي ته قومن جي حقيقي سونهن ۽ سرجڻهارن جو ڪم ۽ ڪردار هوندو آهي، جيڪو اسان جي ڏاهي ۽ سٻاجهي ڪاتار اسان لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ سڄي ڄمار پئي ڪتيو آهي.
منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه شايد زندگيءَ جي تمام وڏي ذاتي خوشيءَ ۽ فخر جو باعث آهي جو هن سڄيءَ سنڌ جي استاد، مون کي ان قابل سمجهيو ۽ هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو اعزاز بخشيو. مان پاڻ کي هن جو شاگرد سمجهندو آهيان. مون کي اها عزت ڏيئي دراصل هن پنهنجي فڪر جي عظمت جي مڃتا ڪئي آهي. هن پنهنجي شاگرد کان وڌيڪ ڄڻ ته پنهنجيءَ رهبريءَ تي بي پناهه اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي جو هن ڪتاب جو مسودو مهاڳ لاءِ مون وٽ ڪيترن مهينن کان پيو رهيو ۽ هن مهاڳ لکجڻ ۾ گهڻي تاخير ٿي وئي پر اها جويي صاحب جي دل جي ڪشادگي ۽ وضعداري آهي جو هن منهنجي ڪوتاهين کي درگذر ڪيو ۽ ان غير ضروري تاخير لاءِ پاڻ ڪڏهن به برهم نه ٿيا.
مون لاءِ اها وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي جو مون جويي صاحب جهڙي اُتم انسان کي نه رڳو اسان پنهنجيءَ سانڀر ۾ اکين سان ڏٺو پر هن سان زندگيءَ جو ڳچ عرصو گڏ گذارڻ، کيس نهايت ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. جويو صاحب سنڌ مٿان وڏي ٿڌي ڇانوَ آهي، منهنجي دعا آهي ته:
“ڪاش! اهي سنڌ جي صدين جي پيڙائن جون شاهد اکيون سدائين سلامت رهن، اهي اکيون جن سدائين سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏِٺا، اِهي نِمُ ۽ بَڙَ جي گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ سندن عشاق نظرون سدائين سنڌ تي علم ۽ ادراڪ جي ڇانوَ ڪنديون رهن، اهي اکيون جن کي پير ڪري شايد سنڌ اتهاس جي هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي.”
(محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم” جو مهاڳ، 1998)