هڪ اياز جيڪو فاني هو ۽ ٻيو اياز جيڪو دائم رهندو!
اياز جي وفات کانپوءِ هڪ عام راءِ جنهن کي تمام گهڻو ورجايو پيو وڃي، اُها اِها آهي ته اياز هڪڙي بي قدري قوم ۾ ڄائو، هن جو جيئري به گهربل قدر نه ٿيو ۽ مُئي پڄاڻان به قوم اهو ردعمل نه ڏيکاريو، جيڪو ڪنهن قوم کان سندس عظيم شاعر جي کسجي وڃڻ کانپوءِ قوم کي ڏيکارڻ گهرجي ها. قمر شهباز، تاجل بيوس، بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻين ڪيترن دوستن جي ڪالمن، مضمونن ۽ بيانن مان اهڙو تاثر ملي ٿو. مان ذاتي طرح اهڙي راءِ سان اتفاق نٿو ڪريان. سڀ کان پهرين ڳالهه ته منهنجي خيال ۾ جيتري عزت، مانُ ۽ مڃتا مُئي پڄاڻان ته ڇا جيئري ئي اياز صاحب کي ملي، اها اسان وٽ ادبي ميدان ۾ ٻيو ڪنهن کي به نه ملي سگهي آهي. گذريل پنجاهه سالن کان ڪهڙي محفل آهي، جتي اياز نه ڳايو ويو هجي؟ منهنجي خيال ۾ پنجاهه سالن ۾ جيترو اياز تي لکيو ويو آهي يا جيتريون محبتون ۽ مڃتا جون بلنديون اياز کي نصيب ٿيون، اهي تاريخ ۾ ڪنهن ڀاڳ واري تخليقڪار کي ئي نصيب ٿينديون آهن. ٻي ڳالهه ته جي اياز صاحب جهڙي وڏي هستيءَ جي لاڏاڻي وقت متوقع طور ڪي ماڻهن جا هجوم گڏ نه ٿيا ته ان ۾ مون کي ڪو عجب نٿو لڳي. ان جا ڪجهه سبب آهن. سڀ کان پهرين ڳالهه ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جي قوم رڳو شاگردن، اديبن يا سڄاڻ ماڻهن تي مشتمل ڪونهي. قوم جو وڏو اڪثريتي حصو اڃا تائين سماجي ۽ ثقافتي شعور کان وانجهيل، عملي طور هڪڙي گهُٽيل، جهالتن ۽ انيڪ پسماندگين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماحول ۽ سرشتي ۾ رهي ٿو، جتي حقيقي طور پڙهيل ماڻهن جو تناسب پنج سيڪڙو به ناهي. اسان جو عوام جديد تعليم ۽ فڪر ته ٺهيو پر ٺلهي رواجي خواندگيءَ کان به محروم آهي. ان ڪري اهڙي قوم توڙي عوام کان اها توقع ڪرڻ ته اها شيخ اياز جهڙي وڏي ڳوڙهي، تخليقي ۽ مفڪر شاعر جو هڪ شاعر طور قدر ڪندي، يا ته اسان جي ذهني ڀورڙائپ آهي يا خودفريبي ۽ خام خيالي. اياز کي قوم جي اڪثريت يعني عوام حقيقي معنيٰ ۾ سمجهي ۽ ان بنياد تي هن جو قدر ڪري، ان لاءِ ته اڃا زمانا گهرجن. اياز ته هن دؤر جي ڳالهه آهي پر خود لطيف جو، هڪ شاعر، فنڪار ۽ مفڪر طور اڃا عوام ۾ قدر ته پري جي ڳالهه آهي، ٺلهو تعارف به نه ٿي سگهيو آهي. مان نٿو سمجهان ته ڀٽ شاهه تي عقيدت مان ايندڙ هزارين ۽ لکين ماڻهن جو اچڻ ڪو هڪ عظيم شاعر جي مڃتا آهي. عوام ڀٽ شاهه تي اُن ڪري اچي ٿو ۽ ڀٽائيءَ جي مزار تي پَڙَ وجهي ٿو، جو ماڻهو لطيف کي هڪ عظيم شاعر، فنڪار ۽ ڏاهو مفڪر نه پر روحاني پير، مرشد ۽ ولي سمجهن ٿا. هڪ ڀيري اسين ڪجهه دوست ڀٽ شاهه تي هجون، هڪڙو همراهه، ڏسڻو وائسڻو، بظاهر پڙهيل لکيل لطيف جي مزار تي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو. همراهه اصل هٿن مان ٿي ويو. مون کيس جهلي، آٿت ڏئي چُپ ڪرائيندي چيو ته، “لطيف جهڙي وڏي شاعر ۽ فنڪار جي قبر تي هينئن اوڇنگارون ڏيڻ کان بهتر آهي ته اوهان کيس دل جي حضور سان پڙهو ۽ سمجهو.” همراهه ڪاوڙجي پيو، چئي، “تون مرشد جي شان ۾ گستاخي ٿو ڪرين، تون هڪ وليءَ کي ٽَڪي جو شاعر ۽ فنڪار ٿو ڪوٺين.” پوءِ دوستن کانئس منهنجي جند ڇڏائي. مطلب ته خود لطيف کي اڄ تائين اسان جو عوام هن جي اصل سڃاڻپ ۽ مرتبي بدران هڪ روحاني پير ۽ ولي سمجهي ٿو. اُن ڪري هن موقعي تي جذبات جي وهڪري ۾ لُڙهي قوم يا عوام کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا اُنهن کي ميار ڏيڻ ڪو چڱو ۽ حقيقت پسند عقلي (Rational) رويو ناهي. اڄ جيڪڏهن اياز جي مرتيي تي ماڻهن جا هجوم گڏ نه ٿيا ته اُن جو ڪو اهو مطلب ٿوروئي آهي ته اياز جي حياتي ۽ عظيم تخليقي پورهيو اجايو ويو. ايئن هرگز ناهي، قومون پنهنجن اصل هيرن، سورمن ۽ املهه ماڻڪن جو حقيقي قدر تڏهن ڪنديون آهن، جڏهن اُهي ذهني بلوغت کي رسنديون آهن. هر وڏو شاعر، مفڪر، فلسفي ۽ تخليقڪار پنهنجي سيڙپ صدين ۾ ڪندو آهي، ان ڪري ان جي تَڪَ-تورَ جي ماپن کي ايترو محدود ۽ فقط پنهنجي هم عصر دؤرن سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي. اياز قوم جي جنهن باشعور حصي جي محسوسات، فڪر ۽ تصورن جو شاعر آهي، اهي عنصر اُن پيماني تي قوم ۾ اڃا پيدا ئي نه ٿيا آهن. هر وڏي شاعر ۽ مفڪر وانگر اياز به پنهنجيءَ قوم جي نسبت، سان پنهنجي سماج کان گهڻو گهڻو اڳتي سوچيو. عالمي حوالي سان پرکبو ته اياز هن دؤر جو ترجمان شاعر آهي ۽ هو ٽئگور جيان جيئري ئي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي دنيا آڏو متعارف ٿئي ها، ته اڄ سندس قد ۽ قدر گهڻو مختلف هجن ها، پر سنڌي سماج جي نسبت سان هو هن دؤر جو ترجمان شاعر ناهي. هو سنڌ جي مستقبل جو ترجمان شاعر آهي. ان ڪري جلدبازيءَ ۾ جذباتي ٿي عوام کي ميار ڏيڻ نه ته اياز سان انصاف ٿيندو ۽ نه قوم ۽ عوام سان. اهو سمجهڻ ۾ ڪا گهڻي عربي فارسي به ناهي. هر قوم ۽ معاشري جي تاريخ ۾ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهي ٿو. مثال طوي فيض اردو ٻوليءَ جو شاعر آهي، پر مان نٿو سمجهان ته ڪو فيض اُنهن ماڻهن جي سوچ، روين ۽ محسوسات جو ترجمان شاعر آهي، جيڪي اردو ٻولي ڳالهائين ٿا يا اردو ٻوليءَ جي سماج جا فرد آهن. عجب ڳالهه آهي ته فيض پاڪستان ۾ عوام ۽ ترقي پسند حلقن کان وڌيڪ پنجاب جي سِوِل توڙي ملٽري بيوروڪريسيءَ ۾ وڌيڪ مقبول ۽ پسند ڪيو ويندو هو، جڏهن ته هو اُنهن جو ترجمان شاعر نه هو. ان ڪري منهنجي خيال ۾ اياز قوم جي جنهن روشن خيال حصي جو ترجمان شاعر آهي، اهو اڃا سنڌي سماج ۾ ان سطح تي پيدا ئي نه ٿيو آهي. اهو سڀاڻي جي سنڌي سماج ۾ اڃا پيدا ٿيڻو آهي. هاڻي مان اصل ڳالهه تي اچان ٿو. سوال اهو ناهي ته ڪو اياز جي مرتئي تي ماڻهن جا هجوم گڏ نه ٿيا، ته ڪو اياز ننڍو ٿي ويو يا ان سان هن جي اهميت گهٽجي وئي! اياز ته اهو ئي رهڻو آهي، جيڪو هو هيو ۽ آهي. بنيادي ڳالهه جنهن تي اسان کي ويچارڻ گهرجي ۽ اسان لاءِ وڏي سماجي ۽ قومي ذميواريءَ جو سوال آهي ته اسان کي پنهنجيءَ قوم ۽ عوام کي ان قابل بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اُها ذهني طور اُن قابل هجي، جو پنهنجن اياز جهڙن املهه ماڻڪن جو حقيقي قدر ڪري ۽ اُنهن کي سمجهي سگهي. اهو الميو اياز جو ناهي. اهو الميو اسان جو آهي ته اسان جي قوم، جنهن جي “عظمت” جون دعوائون ڪندي اسان ٿڪجئون نٿا، اُها ذهني طور اڃا پٺتي پيل ۽ اعليٰ شعور کان وانجهيل آهي.
اياز جي حوالي سان ٻيو معاملو جنهن تي اڪثر ڳالهايو ۽ لکيو پيو وڃي، ته اياز تي تنقيد ڇو ڪئي ويندي هئي؟ منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان اسان کي حقيقت پسند ۽ عقلي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته ايئن اُٻهرائيءَ وچان اياز جي سمورن نقادن کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ ڪنهن طور به جائز ناهي. هر وڏي ماڻهوءَ جيان اياز به سڄي زندگي تڪراري رهيو. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي فن، فڪر ۽ تخليقي روين سان سماج ۾ پنهنجي شعبي جي حوالي سان موجود Status-Quo کي ٽوڙيندي، ماڻهن جي ذهنن، قدرن، روين ۽ تصورن کي متاثر ڪندو، ته ان تي بحث مباحثا لازمي طور ٿيندا. ان ۾ ڪوبه عجب ناهي ۽ نه ئي سماج ۾ تڪراري ٿيڻ ڪا خراب ڳالهه آهي. سوال ڪنهن جي تڪراري هجڻ جو ناهي، سوال اهو آهي ته ان سڄي تڪرار ۾ ماڻهو پاڻ ڪهڙي پاسي آهي؟ آيا هو پاڻ زندگيءَ جي بهتر، روشن خيال، تخليقي، اڳتي وٺي ويندڙ ۽ ساههَ سُڌير لاڙن جي پاسي آهي يا اُن جي اُبتڙ؟ اياز جڏهن ادب، فن ۽ شاعريءَ جي ميدان تي آيو، ته پاڻ سان نئون تخليقي فن ۽ فڪر کڻي آيو. هو سنڌي سماج ۾ فن ۽ فڪر جي حوالي سان نئين جوت ۽ جاڳرتا جي علامت ٿي اُڀريو. هن ادب ۽ شاعريءَ جي روايتي ۽ صدين کان گٺل ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان لاتعلق ادبي، فني ۽ فڪري رجحانن کي ادبي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ان جي نتيجي ۾ اياز جي اوندهه ۽ تقليد جي علمبردارن طرفان تنقيد اوس ٿيڻي هئي، سا ٿي پر ڇاڪاڻ ته اياز اُن زماني ۾ فن ۽ فڪر جي تخليقي ۽ اڳتي وٺي ويندڙ قدرن، تصورن ۽ روين جو اُڀريل سِجُ هو، اُن ڪري اوندهه هن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهي ۽ هو اڳتي وڌندو ٿي رهيو. ايئن اياز پنهنجي زندگيءَ، فن ۽ فڪر جون منزلون طئي ڪندو ويو ۽ اُن سڄي سفر ۾ ڪيترا اهڙا به هئا، جن ساڙ ۽ حسد وچان اياز کي سَٺو نه ٿي ۽ هن تي ذاتي حوالي سان غير ضروري طور جُلهون ڪندا رهيا ۽ اُهو سلسلو آخر تائين هليو، پر اياز تي زندگيءَ ۾ تنقيد ڪندڙن جو هڪ ٻيو حلقو به هو، جنهن اياز جي فني ۽ شاعراڻي عظمت کي تسليم ڪندي، هن جي وجود تي فخر ڪندي، هن سان پيار ڪندي، هن تي خلوص وچان مختلف مرحلن تي تنقيد به ڪئي، ته جيئن هو پنهنجي ماضيءَ جيان اُوچو ۽ اَڏول ٿي رهي. خاص طور تي مان اياز جي پڇاڙيءَ جي دؤر بابت ٿو چوان. اُن سڄي عرصي دؤران اياز جي فڪر ۾ عجب تبديليون آيون. جيتوڻيڪ هر ماڻهوءَ کي حق پهچي ٿو ته هو جن خيالن کي درست سمجهي ٿو، اُنهن کي قبول ڪري- پر بدقسمتيءَ سان اياز پنهنجي اُن عظيم شاعريءَ جي پاڙن ۾ کُتل فڪر ۽ قدرن کي به رد ۽ Disown ڪري رهيو هو. اهو سڀ ظاهر آهي ته اُنهن ماڻهن کان برداشت ٿيڻ ڏکيو هو، جن اياز شخص کان وڌيڪ اياز جي شاعريءَ، اُن جي قدرن ۽ آدرشن سان پيار ٿي ڪيو. اُنهن ماڻهن اياز تي جائز تنقيد ڪئي ۽ مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو، ته اُهي حق بجانب هئا. هي اُهي ماڻهو هئا، جن اياز سان پيار فقط ٺلهي عقيدت ۽ شخصيت پرستيءَ وچان نٿي ڪيو، پر هنن اياز کي زندگيءَ جو شاعر سمجهيو هو. زندگيءَ جي عظيم قدرن، تصورن، محسوسات ۽ خوابن جو شاعر. کيس پنهنجي سماج ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ سچ ۽ سُونهن جو سِرجڻهار ۽ سُونهون سمجهيو هو ۽ هو واقعي به ايئن هو، پر جڏهن اياز اُنهن جي پاڻ نفي ڪرڻ شروع ڪئي ته هنن پنهنجو فرض سمجهيو ته پنهنجي محبوب شاعر ۽ جينئس سان پورو پورو اختلاف ڪن. اُن ڪري اياز جي سمورن نقادن کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ زيادتي آهي. اياز سان به ته اياز جي شاعريءَ سان به ۽ اُنهيءَ اعليٰ شعور سان به، جنهن تحت اياز سان اُصولي اختلاف ڪيو ٿي ويو. جيڪي ماڻهو ٺلهي عقيدت ۽ درٻاري مزاج وچان اسان جي هڪ بي مثال شاعر کي “ادبي پير ۽ مرشد” بڻائڻ جي چڪر ۾ آهن، اُهي اياز سان ناانصافي ڪن ٿا. هو سنجيدگيءَ سان سوچين ته اياز صاحب پنهنجي بي مثال شاعريءَ سبب جينئس هو يا برسات اخبار ۾ لکيل اُنهن ايڊيٽوريلن، مضمونن، ڪالمن ۽ “دعائن” سبب، جن سان اُنهن ماڻهن به اختلاف ڪيو، جن هميشه اياز جو دفاع ڪيو هو. اياز سان عقيدت ۽ محبت جي تقاضا به اِها آهي، ته هن جي ڪمزور پاسن تي اجايو زور ڏيڻ بجاءِ، هن جي شاندار ۽ بي مثال شاعريءَ، اُن جي فڪر ۽ فن کي اُڀاريو وڃي. هونئن به دنيا جو ڪوبه ماڻهو سڄي حياتي، سمورن حوالن سان عظيم نٿو هجي. اياز جي بهترين ۽ بي مثال شاعري ئي هن جي وڏائيءَ جو بنياد ۽ سبب آهي ۽ اُن کي مڃتا ۽ اهميت ملڻ گهرجي. جي اياز پنهنجي زندگيءَ جي اُن سرمائي کي آخري دؤر ۾ ڪنهن به سبب ڪري Disown ڪرڻ لڳو هو، ته به اياز جي اُها حيثيت گهٽجي نٿي سگهي. مثال طور هڪ سائنسدان پنهنجي سڄي زندگيءَ جي تحقيق جي نتيجي ۾ جيڪي دريافتون ۽ ايجادون ڪري ٿو، جي اُهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن مرحلي تي اُنهن کي قبول نه به ڪري، تڏهن به اُنهن جي حيثيت ۽ اهميت گهٽجي نٿي سگهي، ڇو ته پوءِ اُها هن جي ذاتي وِٿُ نٿي رهي. پوءِ اُها سموري انسان ذات جو وِرثو ۽ وِٿُ بڻجي وڃي ٿي. انسان عجيب شيءِ آهي. اهو پنهنجي اؤسر ۽ تبديليءَ جا انيڪ مرحلا طئي ڪري ٿو ۽ اپار ڏسائن ڏانهن پاڻ کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اُن سڄي سفر ۾ لازمي طور ٿِڙي ۽ ٿاٻِڙجي به ٿو. اُن ٿِڙڻ، ٿاٻِڙجن ۽ غلطيون ڪرڻ جي به پنهنجي اهميت آهي، پر ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي پرک بنيادي طور هن جي بهترين حاصلات ۽ تخليق جي بنياد تي ئي ڪرڻ گهرجي. اُن ڪري سڀ کان پهرين ته اياز جي سمورن نقادن کي هڪ صف ۾ نه بيهارڻ گهرجي. هڪڙا جهالت وچان اياز تي جُلهون ڪندا هئا، ٻين کي هن سان ذاتي حسد ۽ بغض هوندو هو ۽ ٽين اعليٰ ادبي ۽ فڪري شعور تحت هن سان اختلاف رکيو. اُنهن سڀني کي هڪ صف ۾ ڪيئن ٿو بيهاري سگهجي؟ اياز هڪ تخليقڪار هو ۽ هن ڏانهن به تقليدي ۽ عقيدي پرستيءَ وارا نه پر تخليقي رويا اختيار ڪرڻ گهرجن. ٺلهين عقيدتن وچان اياز کي “ادبي پير” بڻائڻ اياز جي تخليقي شاعريءَ جي روح جي نفي آهي، ٻيو ته اياز تي چند عقيده پرستن جو ٺيڪو به نه هجڻ گهرجي. اياز ڪنهن هڪ محدود گروهه جو شاعر نه هو. هو اسان جو قومي شاعر، قومي ورثو ۽ سرمايو آهي. هن سان پيار ڪرڻ، هن کي پڙهڻ، هن تي ڳالهائڻ خود هن تي تنقيد ڪرڻ جو سمورن ماڻهن کي حق آهي ۽ اُصولي طور هجڻ گهرجي.
اُن کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه تي به اُٻهرائيءَ وچان وڏو ممڻ مچايو ويو آهي، ته اياز ڪنهن جي به پيداوار نه هو ۽ هو فقط پنهنجيءَ ذات سبب ايڏو جينئس بڻيو. اُن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪابه فيڪٽري ناهي يا اهڙا ڪي به ذريعا ناهن، جن تحت رٿابنديءَ سان ڪو جينئس ٺاهي سگهجي، پر ايئن به ناهي ته ڪو جينئس فقط پنهنجي داخلي ۽ شخصي سببن ڪري تخليق يا پيدا ٿئي ٿو. هر جينئس جو ٺهڻ هڪڙو همه گير لقاءُ (Phenomenon) هوندو آهي. اياز به رڳو هڪ فرد نه هو، پر هڪ ادبي، فني ۽ فڪري امتزاج جو آرٽسٽڪ فنامينا هو. جي هن جو شڪارپور جو گهڻَ-پاسائون پسمنظر نه هجي ها، فارسي، هندي ۽ اردوءَ تي عبور سبب هو اوڀر جي باڪمال ادب ۽ شاعريءَ جي مزاج ۽ مقام کي نه سمجهي سگهي ها. انگريزي زبان معرفت دنيا جهان جي عظيم ادب ۽ فڪري ڌارائن سان روشناس نه ٿئي ها، ادب جي تاريخ جو ڄاڻو ۽ شاعريءَ جي لطيفي فڪر ۽ روايت جو امين نه هجي ها ۽ هن کي محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سوڀي گيانچنداڻي، فيض احمد فيض، سبط حسن جهڙا عالمي ادب جا ڄاڻو ۽ اسڪالر دوست نه هجن ها. جن کان مختلف نموني هو زبردست متاثر ٿيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته کيس اهڙو تشنه دؤر نه ملي ها ته مان نٿو سمجهان ته اياز جنهن سطح ۽ مرتبي جو شاعر آهي، اُهو ممڪن هجي ها. بنيادي ڏات ۽ صلاحيت ته ظاهر آهي، اُن ماڻهوءَ ۾ هوندي آهي، پر اُهي عوامل به بي حد اهم آهن، جيڪي هن کي متاثر ڪن ٿا. ٽئگور ته ساڳيو هو، پر جڏهن هن کي ازرا پائونڊ جهڙا نقاد مليا ۽ Keats جهڙي باڪمال شاعر هن کي ترجمو ڪري، اولهه ۾ متعارف ڪرايو ته ٽئگور سڄيءَ دنيا ۾ وڏي ڳالهه ٿي ويو. ان جو اهو مطلب ناهي ته Keats ٽئگور کي پيدا ڪيو، پر ٽئگور کي دنيا ۾ ايترو مٿي آڻڻ ۾ ان جو به هٿ هو. خود جيڪڏهن ٽئگور کي بنگالي ادب جو پسمنظر نه ملي ها يا هن کان اڳ بنگالي ادب ۽ فڪر ۾ نشاط الثانيه جا بنياد نه پئجي چڪا هجن ها، ته ٽئگور شايد اهو ساڳيو ٽئگور نه هجي ها. خود اردوءَ ۾ فيض کان اڳ اقبال جهڙو يگانو شاعر پيدا ٿي چڪو هو، پر جڏهن فيض اردو شاعريءَ کي ساڳئي تسلسل ۽ فني توڙي فڪري حوالي سان نوان رخ ۽ نئون مزاج نه ڏئي ها، ته فيض، فيض نه ٿي سگهي ها. مطلب ته هر جينئس جي پيدا ٿيڻ جو هڪڙو خاص پس منظر ۽ ان ۾ ڪيترن داخلي، فڪري، فني، سماجي، سياسي ۽ تاريخي عنصرن جو عمل دخل هجي ٿو. ان ڪري ايئن محدود سوچ سان اُٻهرائيءَ وچان هوائي تبصرا ۽ فيصلا صادر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اياز هاڻي هن دنيا ۾ جسماني طور باقي نه رهيو آهي، البته هڪ وڏي شاعر طور هو اڄ به موجود آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تائين زندهه رهندو. هڪڙو اياز اهو هو، جيڪو هڪ شاعر سان گڏ هڪ انسان به هو، سمورين عظمتون ۽ ڪمزوريون رکندڙ انسان، هڪ انسان طور، هڪ وڪيل ۽ سماج جي هڪ فرد طور هن زندگيءَ جا فرض ڪيئن نڀايا، اهو سوال هاڻي ماضيءَ جو سوال بڻجي چڪو آهي. هر ايندڙ ڏينهن ان سوال کي سرد ڪندو ۽ ان کي بي معنيٰ بڻائيندو. تاريخ جي ڇاڻي اُنهن سمورن سوالن کي ڇاڻي ڇڏيندي. ها باقي جيڪو ٻيو اياز هو، هو ڇا، آهي. اسان جو قومي شاعر- جنهن سنڌي شاعريءَ ۽ ٻوليءَ کي نئين زندگي ڏني، ان کي نئون حُسن ۽ هُڳاءُ ڏنو، اهو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. مستقبل ۾ اياز جي ذات ۽ اُن جي شخصي ڪمزورين جو سوال بي معنيٰ بڻجي ويندو ۽ هن جي شاعري فن ۽ فڪر جو سوال اهم بڻبو ۽ اسان کي به اُن کي ئي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن جي ذات باقي نه رهي، ته اُن سان لاڳاپيل سوال به معنيٰ خيز نه رهيا آهن. البته هن جي شاعري اڄ به زندهه آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اِتهاس سان گڏ زندهه رهندي، نتيجي ۾ سندس شاعريءَ سان لاڳاپيل سوال به تشنه ۽ اهم رهندا ۽ اُنهن کي ئي اهميت ملڻ گهرجي.
(روزاني ڪاوش حيدرآباد –12 جنوري 1998ع)