سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو مزاحمتي ڪردار ڇو نٿو جُڙي؟
اڄوڪي دؤر ۾ جيترو اجتماعي طور وائڙو، مُنجهيل ۽ بي عمليءَ وارو ڪردار سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو آهي، شايد ئي قوم جي ڪنهن ٻئي حصي جو هجي. هڪ ليکڪ طور مون گذريل پندرهن سالن کان پنهنجي ان “لڏي” جو اهو انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار، رويا، سوچن ۽ تصورن جو معيار نهايت ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، پرکيو ۽ محسوس ڪيو آهي. نتيجو اهو آهي ته اديب ۽ دانشور سماج جي گهربل سُونهائپ ڪرڻ کان قاصر آهن. اديب، ليکڪ، شاعر ۽ دانشور پنهنجي سوچ، تصورن، محسوسات، ادب، علم، فن ۽ فڪر جي مختلف رنگن جي ڌاڳن ۽ بلند ڪردار جي سُئيءَ سان گَجَ ڀري ڪڏهن قومن جي وجود کي روحاني ۽ فڪري حُسناڪيءَ جا ويس ڍَڪائيندا آهن ته ڪڏهن ادب، فن ۽ فڪر جي سُرن سان پنهنجي عمل جا ساز ڇيڙي، سُتل قومن کي اگهور ننڊ مان جاڳائيندا آهن.جيئن سُر پِرڀاتيءَ ۾ لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
اِيءُ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِھي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو؟
(شاهه)
حقيقي اديب ۽ دانشور ته ضرورت پوڻ تي ثقافتي، ادبي ۽ فڪري محاذ سنڀالي قلم، سوچ ۽ فڪر جي مزاحمت ۽ جماليات سان پنهنجيءَ قوم جي وجود جي جنگ وڙهندا آهن. اڄ ڪهڙي مصيبت ۽ ڳَٽُ آهي، جيڪو اسان جي ڳچيءَ ۾ نه آهي؟ ڪهڙو ظلم ۽ عذاب آهي جيڪو اسان جي وجود مان تسڪين نه ٿو وٺي. ڪهڙي رُسوائي ۽ ذلت آهي، جنهن جو منهن فارسي شاعر انوريءَ وانگر اسان ڏانهن نه آهي؟ ڪهڙي جاءِ آهي، جتي بي وسيءَ، اويساهيءَ ۽ نڌڻڪائيءَ جو واسينگ ڦڻ ڪڍيو نه بيٺو هجي؟ ۽ ڪير آهي جيڪو ان کان ڏنگيو نه ويو هجي؟ پر ڇا ان سموريءَ صورتحال ۾ اسان جي اديب، عالم ۽ دانشور جو ڪو سَگهارو ڪردار جُڙي نه ٿو سگهي؟ هيءَ قوم جيڪي ذلتون، محروميون ۽ نڌڻڪايون روز ته ڇا هر گهڙيءَ محسوس ڪري ٿي، اهي هن قوم جو اديب، شاعر ۽ دانشور ڇو نه ٿو محسوس ڪري؟ ۽ جي ڪري ٿو ته پوءِ اُها “باهه” ڪٿي آهي، جيڪا انهن ذلتن مان نجات جو ذريعو بڻبي آهي؟ اُهو درد ڪٿي آهي، جيڪو ادب ۽ علم کي قومن جون تقديرون ۽ دؤر تبديل ڪرڻ جي سگهه تخليق ڪندو آهي؟ اُها تِکي ڏات ۽ ڏاهپ ڪِٿي آهي، جيڪا قومن جي چوڌاري بچاءُ جا فڪري ۽ روحاني بَندَ ٻَڌندي آهي؟ ون يونٽ جي زماني ۾ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو هڪڙو ڪردار هو، انهن ادب، علم ۽ ادبي تحريڪ وسيلي سنڌ ۾ وڏي سجاڳي آندي، مزاحمت ڪئي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، پر پوءِ اهو سڄو لڏو سواءِ ڪجهه ماڻهن جي پنهنجي اُبتڙ ڪردار ۾ تبديل ٿي ويو. پوءِ اهو مراعت يافته طبقو بڻجي ويو، جنهن لاءِ ڪَکُ ڀَڃي ٻيڻو ڪرڻ عيب هو. جن جي حيثيت پوءِ بس “قوم جي محسنن” جي هئي. اڄ به ان نسل وٽ گهڻي ڀاڱي رڳو ماضيءَ ۾ پنهنجي ڪيل “عظيم جدوجهد” جا نه کُٽندڙ داستان آهن، سنڌ ۾ هر ماڻهو ٻه ڏينهن فضيلت سان ڪم ڪري، پوءِ سڄي ڄمار ان جو مفت جو کٽيو کائڻ ۽ مراعتون ماڻڻ چاهي ٿو. ان ۾ اسان جي اديبن ۽ دانشورن ته سڀنيءَ کان گوءِ کنئي آهي ۽ بدنام رڳو اجايو سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن آهن.
هر سُٺي يا خراب سماجي لقاءَ جا مخصوص سبب ۽ محرڪ ٿين ٿا. سماجي شعور ۾ سائنسيت، عقليت ۽ معروضيت گهٽ هجڻ ڪري، اسان عام طور رڳو نتيجن تي نگاهه وجهون ٿا پر ان جا سبب معلوم ڪرڻ تي ڌيان نه ٿا ڏيون، جڏهن ته “نتيجن” جون پاڙون “سببن” ۾ هجن ٿيون. جنهن کي فلسفي جي ٻوليءَ ۾ “Cause and Effect” (سبب ۽ نتيجا) چئجي ٿو. سنڌ ۾ اديبن ۽ دانشورن جو اهڙو وائڙو ۽ بي عمليءَ وارو ڪردار ڇو آهي؟ ان جا به لازمي طور هڪ سماجي لقاءُ جي صورت ۾ ڪي نه ڪي ٺوس سبب هوندا. جيستائين اُهي معلوم نه ڪبا، تيسين هيءَ ڳالهه ڳُجهارت ئي رهندي ۽ نه ئي وري اڳتي لاءِ ڪي راهون کُلي سگهنديون. منهنجيءَ نظر ۾ ان جا چار بنيادي سبب آهن، جن تي پوريءَ سنجيدگيءَ سان غور ٿيڻ گهرجي.
(1) اسان جي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ جو لاڳاپو ٿُلهي ليکي وچئين طبقي سان آهي، ان ڪري جيستائين سندن ڪردار کي ان طبقاتي پسمنظر ۾ نه ڏسبو، تيسين اُهو پوريءَ ريت سمجهي به نه سگهبو. منهنجي گهڻي وقت کان اها سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته سنڌي سماج جو اڄوڪو مڊل ڪلاس جيئن ته پيداواري ذريعن ۽ رشتن جي مٽا سٽا ۽ مارڪيٽ جي محرڪن مان نه اُسريو آهي ۽ سماج کان وڌيڪ رياستي ادارن جي پيداوار آهي. ان ڪري اهو پنهنجي مزاج، مفادن ۽ ڪردار ۾ حقيقي مڊل ڪلاس نه آهي. رياستي ادارن جي پيداوار هجڻ سبب هن جا مفاد تبديليءَ بجاءِ اسٽيٽسڪو سان ۽ سماج بجاءِ رياست سان وابسته آهن. دراصل اهي ئي مفاد هن جي سماجي ڪردار جو تعين ڪن ٿا، نتيجي ۾ هڪڙي ڪاغذي مڊل ڪلاس جي ڪُکِ مان اُسريل اديب ۽ دانشور لڏو شعور ته تبديليءَ جو رکي ٿو پر مفاد ان جي اُبتڙ رکي ٿو ۽ اهو تضاد هن جي گهربل فڪري ۽ مزاحمتي ڪردار کي اُڀرڻ نه ٿو ڏئي. جيتوڻيڪ ان لڏي ۾ مثالي ڪردار رکندڙ فرد به هئا ۽ آهن، پر ڳالهه سندن مجموعي ڪردار جي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪو سنڌي اديب ۽ دانشور گهڻي ڀاڱي موقعي پرستيءَ جو شڪار آهي. هو ڪابه قرباني ڏيڻ جي قابل نه آهي. هن جي روين مان ڪمٽمينٽ جو اظهار نه ٿو ٿئي، يعني مجموعي طور اڄوڪي سنڌي مڊل ڪلاس جو جيڪو وائڙو، موقعي پرستيءَ وارو، مُنجهيل ۽ فڪري ڀاڙيائپ وارو ڪردار نظر اچي ٿو، سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي ڪردار تي ان جا چٽا اثر صاف نظر ايندا.
(2) تاريخ ۾ فردن جو غير معمولي ڪردار بنيادي طور ٻه شيون طئي ڪن ٿيون. يعني اڻٽر سماجي مجبوريون يا علمي طور گهرو سماجي ۽ تاريخي شعور. ان حوالي سان جيڪڏهن سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ کي ڏسبو ته سندن علمي ۽ فڪري بنياد نهايت ڪمزور ۽ وچٿرا آهن. سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائي اڃا تائين علمي حوالي سان سادي شعور کان مٿي اُسري تاريخ ۽ سماج توڙي فطرت جي پيچيده ۽ گهري شعور جو پنڌ نه ڪري سگهي آهي. قدر (Values) سدائين سادا ٿين ٿا، پر فڪر (Human Thought) هميشه پيچيده ٿئي ٿو. سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو زور هيستائين فڪر بجاءِ گهڻي ڀاڱي رڳو قدرن جي پرچار ۽ ويساهه تي رهيو آهي. فرانس توڙي سڄي يورپ ۾ جيڪڏهن اديبن ۽ دانشورن جو نشاط الثانيه ۾ ڪردار هو ته ان پٺيان به سندن فڪر هو. خود هندستان ۾ نئين سجاڳيءَ جو دؤر آيو ته راجا رام موهن راءِ ۽ سوامي وويڪانند جي تحريڪ بنيادي طور هڪڙي سماجي ۽ فڪري تحريڪ هئي. ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ زور ورتو ته ان پٺيان به فڪر هو. ان حوالي سان ڏسبو ته سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ جا علمي بنياد نهايت ڪمزور ۽ فڪري لاڙا وائڙا نظر ايندا. تاريخ، سائنس، فلسفي ۽ سماجي سائنسن جا علم اسان وٽ مجموعي طور تمام گهٽ متعارف ٿيل آهن ۽ جي ٿيا آهن ته به نهايت سطحي انداز سان. موجوده دؤر ۾ ته سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ پڙهڻ بلڪل ڇڏي ڏنو آهي. اڄوڪو هم عصر عالمي دؤر علمي ۽ فڪري طور ڪٿي بيٺل آهي؟ اهو ڇا ۽ ڪيئن ٿو سوچي؟ هم عصر عالمي دؤر جا فڪري ۽ تاريخي تضاد ڪهڙا آهن؟ انهن سان اسان جو تعلق ڪيئن آهي؟ هن جديد دؤر ۾ قومن جي بقا، عروج ۽ زوال جا محرڪ ڪهڙا آهن؟ ان سڄي پس منظر ۾ سنڌي سماج ڪٿي بيٺل آهي؟ اهڙا ۽ ٻيا انيڪ بنيادي سوال اسان جي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ جي ايجنڊا تي به نه آهن. ساڳين ساڳين ڳالهين ۽ سطحي لفاظيءَ سان رڳو هڪ ٻئي کي متاثر ڪرڻ جي روايت ڏهاڪن کان هلندي اچي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته علمي ۽ فڪري بنيادن جو ڪمزور هجڻ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ جي وائڙي ڪردار جو بنيادي سبب آهي. جيستائين ان صورتحال ۾ ڦيرو نه ايندو، تيستائين ان جي ڪردار ۾ ڪابه وڏي تبديلي اچڻ ممڪن نه آهي. علمي ۽ فڪري طور ڪمزور ماڻهو نه رڳو گهڻو اڳتي ڏسي نه سگهندو پر ٻه وکون کڻي بيهي رهندو ۽ اسان وٽ ايئن ئي ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو.
(3) ڏاهپ ۽ روحاني سگهه ماڻهوءَ کي يا ته گهرو علم ڏئي ٿي يا لڳاتار عمل ۽ اهي ٻئي ڳالهيون هڪٻئي سان لاڳاپيل به آهن. علم ۽ فڪر ماڻهوءَ کي عمل لاءِ اُتساهي ٿو ۽ عمل ماڻهوءَ کي ادراڪ ڏئي ٿو، جيڪا فڪر جي به اُتاهين منزل آهي. اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائيءَ کي ڏسبو ته اهي نه رڳو علمي ۽ فڪري طور ڪمزور نظر ايندا پر بي عمليءَ جو به شڪار نظر ايندا. اسان جو مٿين سطح تي ويٺل اديب ۽ دانشور گهڻي ڀاڱي پنهنجي عوام کان ڪٽيل آهي، ان ڪري هو ان جو درد به محسوس نه ٿو ڪري سگهي. هو پنهنجي هم عصر سماجي ۽ سياسي تحريڪن کان به ڪٽيل ۽ لاتعلق آهي. عمل جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته سنڌي اديب ۽ دانشور جهنڊا کڻي نعرا هڻندا وتن، پر عوام جي ويجهو رهڻ، سندن درد کي محسوس ڪرڻ، هم عصر دؤر جي سماجي ۽ سياسي لقائن کان ڪٽيل نه هجڻ، زندگيءَ سان گڏ هجڻ، ان کي محسوس ڪرڻ ۽ ان لاءِ ذهني ۽ روحاني زندگيءَ جو سامان تخليق ڪرڻ، پنهنجي دؤر جي تضادن کي سمجهڻ ۽ ان ۾ پنهنجي ڪردار جو تعين ڪرڻ- اهي سڀ ڳالهيون هڪ اديب ۽ دانشور جي تخليقي عمل جو حصو آهن. ڪنهن زماني ۾ علي بابا ۽ امر جليل جي ڪهاڻي ماڻهن جي اندر ۾ وَڍَ وجهي ڇڏيندي هئي. اياز، بخاري ۽ امداد جا گيت ۽ نظم ماڻهن جي زندگيءَ ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندا هئا. لکيل لفظ جو سماج تي ايترو اثر ڇو هو؟ ان ڪري جو اهو اُتساهه عوام مان هو ۽ اهو عوام لاءِ هو. اڄ سنڌ ۾ لکيل لفظ جو اهو تاثر ۽ اثر ڇو نه آهي؟ ان ڪري جو لفظ بي روح ٿي ويا آهن ۽ اسان جي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائي زندگيءَ ۽ تفڪر کان ڪَٽيل آهي. خيال، احساس ۽ ماڻهو ادب ۽ فن جو روح هوندا آهن. اديب ۽ دانشور انهن ٽنهي شين کان پاسيرو ٿي وڃي ته پوءِ اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو اسان وٽ ٿئي ٿو.
(4) جيتوڻيڪ اها راءِ اختلافي به ٿي سگهي ٿي پر منهنجو ان ڳالهه تي پختو ويساهه آهي ته ٽينءَ دنيا جي مخصوص حالتن ۾، جنهن ۾ سموريون قومون مجموعي طور ڪنهن نه ڪنهن طرح غلام آهن، اتي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ پختو سياسي شعور لازمي آهي، نه ته سندن فڪري محرڪ نه رڳو وائڙا هوندا پر عوام تي اثر به ڪونه ڇڏيندا. هونئن ته ارسطوءَ چيو هو ته جيڪو ماڻهو سياسي نه آهي اهو پاڻ کي انسان سڏائي نه ٿو سگهي، پر ٽينءَ دنيا جي مخصوص حالتن ۾ اديبن ۽ دانشورن لاءِ پختو سياسي شعور نهايت لازمي آهي. رڳو 20هين صديءَ جي وڏن شاعرن تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه صاف نظر ايندي.جارج برنارڊشا، پبلو نرودا، محمود درويش، نذرالاسلام، اقبال، فيض، اياز- اهي سڀ شاعر پنهنجي پنهنجي دؤر جو پختو سياسي شعور رکندڙ به هئا. ساڳي صورتحال نثر ۾ به آهي. ان ڪري منهنجيءَ نظر ۾ اڄوڪي دؤر ۾ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي گهربل ڪردار نه جُڙي سگهڻ جو هڪ وڏو سبب منجهن پختي سياسي شعور جي کوٽ به آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ آڪاش ۽ حليم باغيءَ کي ايڏي عوامي مڃتا ڇو ملي؟ ان جو وڏو سبب سندن سياسي شعور به هو. اياز ۽ بخاريءَ جو پُختو سياسي شعور هو، جيڪو سندن شاعريءَ کي بُلندين تي وٺي ويو. نثر ۾ به هر مڃيل ۽ سماج تي اثر رکندڙ اديب جي ادب ۾ سياسي فڪر سندن ادبي مٽيءَ ۾ ڳوهيل هو. اديب، شاعر ۽ دانشور جيڪڏهن سياسي شعور کان وانجهيل هوندو ته هو پنهنجي دؤر جي تضادن کي سمجهي نه سگهندو ۽ جڏهن هو پنهنجي دؤر جي تضادن کي سمجهي نه سگهندو ته هن جي فڪر ۾ اها وسعت ۽ گهرائي نه ايندي، جيڪا لکيل لفظ جون سماج ۽ زندگيءَ ۾ پاڙون هڻندي آهي.
هن سڄيءَ ڳالهه جو مطلب رڳو ڪا مايوس ڪندڙ صورتحال پيش ڪرڻ نه آهي، پر سمجهڻ ۽ اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش آهي ته جيستائين اهي سبب برقرار رهندا، تيسين نتيجن جو اسٽيٽسڪو به برقرار رهندو. فردن، طبقن يا قومن جا ڪردار رڳو ٺلهين خواهشن سان تبديل نه ٿيندا آهن، ان لاءِ اهو ٻيو “فهم” گهرجي، جيڪو پرينءَ کي پسڻ جا پيچرا ٺاهيندو آهي. ڇا سنڌي اديب ۽ دانشور اڄوڪي صورتحال ۾ پنهنجو گهربل فڪري ۽ مزاحمتي ڪردار طئي ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟ اهو سوال مان سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻهن آڏو رکان ٿو ۽ جواب هر ڪنهن کي پاڻ کي ڏيڻو آهي.
لطيف سائينءَ سُر پرڀاتيءَ ۾ چيو آهي ته:
اُٿِيو اَٻوجھاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نه سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوهان جو آهِيان.
(شاهه)
روزاني “ڪاوش” حيدرآباد، 11 جنوري 2003ع