لفظن جو ماتم ۽ شاعر جي دل!!
هڪڙا ماڻهو شاعر هوندا آهن ۽ لڳندا ناهن، ٻيا وري شاعر هوندا ناهن پر پنهنجي سڀاءَ يا ڏيک مان لڳندا آهن، پر تاج شاعر آهي ۽ هو لڳندو به شاعر ئي آهي. بي فڪر ۽ بي ريا ۽ سدائين مست ملنگ، هن جو هڪ شعر آهي:
جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور
تاج ماڻهو عجب ڪو هوندو.
۽ هو سچ پچ به عجيب ماڻهو آهي. ڀلا هيءَ دنيا، هيءُ سماج جتي هر وقت ماڻهوءَ کي ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪرڻا پون ٿا، الائجي ڪيترين ناجائز خواهشن ۽ اجاين مصلحتن آڏو سربسجود ٿيڻو پوي ٿو. اتي تاج سِڌو ۽ کرو، مست ملنگ ۽ ڀير تي ڏؤنڪي جيان ٺهه پهه ۽ اُگهاڙو سچ چئي ڏيڻ وارو. هن کي سچ معصوم ٻارن جي انگن جيان اُگهاڙو ئي وڻندو آهي، اُن ڪري هن ڪڏهن به سچ لاءِ مصلحتن ۽ منافقتن جي لُنڊا بازار مان ڪپڙا وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاج يا ته ماڻهن کي تمام گهڻو وڻندو آهي يا بِنهه نه وڻندو آهي ۽ مان هن جي ان لااُبالي ۽ مست ملنگ سڀاءَ کي پسند به ڪندو آهيان ته انجواءِ به. جي هو شاعر نه به هجي ها، ته به هن لاءِ منهنجيءَ دل ۾ ساڳيا جذبا هجن ها، پر تاج جي شاعري به اهڙي ئي وڻندڙ آهي، جو اُن کي سنڌي ادب جي اتهاس ۾ ڪنهن طور به وساري يا نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. “لفظن جو ماتم” تاج جو ٽيون مجموعو آهي. مون سندس اڳوڻا ٻه ڪتاب “درد جو صحرا” ۽ “خوشبوءِ جو زهر” به پڙهيا هئا ۽ تاج جيان ڪنهن به مصلحت کان پاسو ڪندي مان پنهنجي اها راءِ ضرور رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس، ته سندس تازو ڪتاب “لفظن جو ماتم” فني لحاظ کان “درد جو صحرا” ۽ “خوشبوءِ جو زهر” جي معيار جو ناهي. ان جا سبب ڪجهه به ٿي سگهن ٿا، پر مون ايئن محسوس ڪيو، البته موضوعن ۽ فڪري اعتبار کان سندس هيءُ ڪتاب به نه رڳو ساڳين روايتن جو امين آهي، پر شايد اڃا ٻه وکون اڳتي آهي. اڄ جڏهن فڪري طرح هر طرف وائڙائپ جو دؤر آهي ۽ ٻيو ته ٺهيو پر شيخ اياز جهڙن ماڻهن کي دَڳُ هٿ نه ٿو اچي ۽ اُن فڪري وائڙائپ ۽ بدحواسيءَ سبب هو ڄڻ ته لغڙن جيان هوا ۾ اُڏامي رهيا آهن. تڏهن تاج جي ذهني پختگي، پنهنجن آدشن سان ساڳي ڪمٽمينٽ ۽ اُتساهه ڏسي چئي سگهجي ٿو ته واچوڙا پاڙن کاڌل وڻن کي ته ڪيرائي سگهن ٿا، پر پهاڙن کي چورڻ جو سَتُ ساري نٿا سگهن. اسان جي هڪ ٻئي يار مظهر لغاريءَ چيو آهي:
ڌٻڻ ڌٻڻ تي جتي
پير پير آ پنهنجو،
۽ اُتي سوچجي ٿو ته
ڪير ڪير آ پنهنجو؟
هن دؤر ۾ جتي هر شيءِ وڪامي آهي، جتي هر شيءِ پنهنجا اگهه پاڻ رکيا آهن ۽ جتي خوابن کان ساڀيائن تائين ۽ ضميرن کان انائن تائين هر شيءِ بازار جي جنس ٿي پئي آهي، اُتي ڪي اهڙا به آهن، جن کي اسان اڃا به پنهنجو سڏي سگهون ٿا ۽ تاج جو شمار اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندو، ڇو ته انهن جا شعر اڃا به سلامت آهن ۽ سندن اکيون اڄ به وڏن آدرشن جا خواب نه ڏسڻ جي بي ايماني نٿيون ڪري سگهن. اهڙن ماڻهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، پر مادي شين سان نه، دلين سان، روحن ۽ رشتن سان، محبتن ۽ چڪندڙ چاڪن سان. “لفظن جو ماتم” پڙهڻ سان محسوس ٿيو ته اڄ جڏهن ماڻهن جا جذبا، اُتساهه ۽ آدرش سُسي ۽ سرد ٿي ويا آهن، تڏهن تاج جي اکين ۽ روح ۾ اڃا به زندهه ۽ جوان جذبن جو “جوالا مُکي” دُکي رهيو آهي. هو چئي ٿو:
“اکين ۾ روح دُکندو رهيو
جوالا مُکي!!
ڪنهن به رُت ۾ ڪڏهن
اسان نه اک جهپڪي!!
سدائين ننڊ جي درياءَ ۾
جاڳ هڪليندي
عذاب شهر جا رستا
سمورا جهاڳيندي!!
سياهه رات جي ديوَن سان
جنگ جوٽيندي،
چراغ سارا جلائي ڇڏياسين پلڪن تي
سموري درد جي رستن تي، روشنيون پوکي
۽ قافلن کي سفر جي سڻائي رستن تي
روان ڪري جو ورياسين
اها اونداهي!!
محبتن جون سموريون،
جي موسمون آيون
غريب ٻار جيان
بي ثمر رهياسين اسين!!
فلڪ ۽ ڀونءِ جي وچ ۾
جو درد رشتو هو
دوام ان کي ڏنوسين
۽ پنهنجي قسمت ۾
رهيون اهي ئي اڳوڻيون
تمام دربدريون!!
ٺري ٺري نه ٺريو سو ڪڏهن جوالامُکي.”
تاج جي نظمن جا عنوان ۽ موضوع ٻُڌائين ٿا ته هن جي فطرت جي هر مظهر ۽ زندگيءَ جي سدا وهندڙ درياهه جي هر ڇوليءَ تي گِهري نظر آهي ۽ هو ڪنهن ناکُئي جيان خوابن ۽ تصورن جي ٻيڙين تي چڙهي زندگيءَ جي تجربن جون تخليقون ۽ مشاهدن جو جمال پسندو رهي ٿو. جيئن هن جو سڀاءُ هن جي شاعريءَ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي، تيئن هن جي نظمن جا عنوان سندس نظمن کان به وڌيڪ خوبصورت آهن. “سفاڪ آئينا”، “هاڻ قاتل کي مسيحا لکبو”، “روح گروي نه رکو”، “دردن جو احتساب” ان جا ڪجهه مثال آهن. “سفاڪ آئينا” ته نظم به خوبصورت آهي:
“آئينا،
بيرحم ۽ سفاڪ ڏاڍا آئينا
ڪوجهن هٿن جي،
خوبصورت آرزو،
سونهن جي اظهار خاطر
موهه مان،
بيدرد لهجي ۾
سچائيءَ جو ورد.
ڪيتريون ڦَٽجي پيون
سونهن واريون صورتون.
آئينا،
بيرحم ۽ سفاڪ سارا آئينا.”
هونئن ته تاج شعر جي سخن جي هر صنف تي موهت ٿي پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ غزل ۾ هن جو شاعراڻو جوڀن پنهنجي اُن نهج تي پهچي ٿو، جتي جذبا سچ پچ به شاعري بڻجي ويندا آهن ۽ شاعري به اهڙي جيڪا جذبن کي هڪ فرد جي داخلي دنيا جي قيد کان آزاد ڪري، اُنهن ۾ پکين جي مستي ۽ معصوميت ڀري ڇڏيندي آهي. سندس هن ڪتاب ۾ به مون کي غزل سڀ کان وڌيڪ پسند آيا. هن جا اُهي غزل پڙهي لڳي ٿو ته ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ کَرو ۽ تِکو تاج بلوچ اندر ۾ ته چِيڪيءَ مِٽيءَ جهڙو نرم آهي ۽ مٽي به اُها، جيڪا محبتن جي پاڻيءَ ۾ ڳوهيل هجي. فني اعتبار کان به هو غزل ۾ وڌيڪ پختو شاعر ٿو لڳي. هن جي غزلن جا ڪجهه بند آهن:
زندگيءَ ۾ گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.
بند کڙڪيون مهينن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
شخص ڪو رُسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.
سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.
گفتگو تنهنجيءَ ته موهي تاج کي ماري ڇڏيو،
ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.
*
عڪس باقي نه بچيو اکين ۾،
مَڌُ ۾ پئمانا ڳري ويا آهن.
*
شهر بيرحم سهي پاڻ مگر،
ٽاڪئان خواب کڻي نڪتاسين.
*
گهر جون کڙڪيون تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
پنهنجي پورن ۽ گهٽيءَ مان ڪو ورڻ وارو هو.
*
جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،
تاج ماڻهو به عجب ڪو هوندو.
*
ڪو شناسا نه آهه مقتل ۾،
ڪنڌ رولي ٿڪجي پيا آهيون.
*
هاڻ طوفان ڪو اچي به چڪي!!
ونجهه کولي ٿڪجي پيا آهيون.
رباعي/ چؤسٽو به ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ مقبول صنف آهي ۽ تاج جون رباعيون ان صنف کي شاعريءَ جي جديد دؤر تائين ڏاڍي ڪاميابيءَ سان وٺي آيون آهن. عام طرح رباعين ۾ شاعر نصيحت آموز خيال ئي پيش ڪندا آهن، پر تاج پنهنجين رباعين ۾ موضوع توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏاڍي لطافت ۽ سونهن بخشي آهي. هن جي هڪ رباعي آهي:
خالي نظرون ۽ ريل جون پٽڙيون،
ڏور تائين هلي ويون آهن!!
ڪوئي ڪنهن جي خيال ۾ گم هو،
ساريون گاڏيون ڇُٽي ويون آهن.
بهرحال ذاتي طرح مون تاج جي هن ڪتاب کي خوب انجواءِ ڪيو. هن سان ملڻ کي به ڏينهن ٿي ويا هئا، “لفظن جو ماتم” پڙهي ڄڻ هن سان رتيءَ برابر ئي سهي پر روح رهاڻ ٿي وئي. هيءُ ڪو سندس ڪتاب تي تنقيدي ليک ناهي، جنهن ۾ مون هن جي شاعريءَ جو ڪو اڀياس ڪيو هجي. ڪڏهن اهو به ضرور ڪندس، پر هيءَ دل جي ڳالهين تي دل جي اکين جي هڪ نظر آهي، ٻيو ڪجهه به نه. منهنجي دل چوندي آهي ته ڪڏهن تاج کي چوان ته يار! جڏهن به وڻئي پر پنهنجي آتم ڪٿا ضرور لکج. اسان وٽ اديب لکڻ وقت مصلحتن ۽ مصنوعيت مان ڪم وٺن ٿا. اُن ڪري سندن ڳالهين جو اثر به گهٽ آهي. پر تاج ايڏو کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي، جو مون کي يقين آهي ته جي هن پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين کي قلمبند ڪيو، ته هو سنڌي ادب کي نهايت سُٺو ۽ يادگار ڪتاب ڏئي ويندو. هو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شخصي يادگيرين وسيلي هن دؤر جي ادبي ۽ سياسي تاريخ جون ڪيتريون حقيقتون رڪارڊ تي آڻي سگهي ٿو. اها مون کي پڪ آهي، شرط رڳو اهو آهي ته اُنهن کي قلمبند ڪري. ان تجويز مان منهنجو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ڪو هو هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهي. هو ته جسماني ۽ ذهني طرح سان اسان کان به جوان ۽ زندهه دل آهي، پر مون ڳالهه ٿي ڪئي هن جي صلاحيت ۽ سچائيءَ جي. هن کي مان سندس ئي لفظن جي ڀيٽا ڏيان ٿو:
سدائين مست رهيو محوِ رقص تاج بلوچ،
ڪٿي ڪٿي سو ڪٿي آهه شخص تاج بلوچ.
هو نفرتن جي حوالي صليب تي لڙڪيو،
جو چاهتن جو سراپا عڪس هو تاج بلوچ.
(تاج بلوچ جي ڪتاب “لفظن جو ماتم” تي لکيل ٻه اکر،
پندرنهن روزه “عبرت مئگزين”، 15 مارچ 1995ع)