ڇا سنڌ جي مزاحمتي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چُڪي آهي؟
انسان سوچيندڙ جانور آهي، اُن ڪري اهو ذهني جاکوڙ کان سواءِ اڳتي وڌڻ ته ڇا پر ٺلهو جيئدان به وٺي نه ٿو سگهي. ان ڪري ان جو اهو سفر اَوس جاري رهڻو آهي، پر هر دؤر جي پنهنجي پنهنجي تقاضا ٿئي ٿي. ان جا پنهنجا پنهنجا محرڪ ۽ اُتساهه جا سرچشما ٿين ٿا ۽ ان نسبت سان لفظ، خيال، تصور ۽ قلم جو ڪارج به ٿئي ٿو ۽ ان جو هڪ سماجي ڪردار متعين ٿئي ٿو. لفظ، تصور ۽ خيال ماڻهوءَ کان وڌيڪ وزندار ۽ جٽادار ٿين ٿا. ماڻهو مري سگهي ٿو، بي معنيٰ ٿي سگهي ٿو، زندگيءَ جي گهاٽي وڻ منجهان پيلي پَنَ جيان ڇڻي سگهي ٿو، دؤر به مري ۽ بي معنيٰ ٿي سگهن ٿا پر سچي قلمڪار جي قلم جي ڪُکَ مان سرجيل لفظ مَري ۽ بي معنيٰ ٿي نه ٿا سگهن. ماڻهو پنهنجو ڪردار ۽ ڪارج وڃائي سگهي ٿو پر اعليٰ تصور ۽ خيال جو ڪردار ڪڏهن به مجروح يا فنا نه ٿو ٿي سگهي.
ان حوالي سان سنڌي سماج ۽ سنڌ جي نسبت سان اڄوڪي دؤر ۽ سنڌي ادب جي حالت ڏسجي ٿي ته ڪا گهڻي اُتساهيندڙ تصوير سامهون اُڀري نه ٿي اچي. ڪڏهن ڪڏهن وڏا اديب هوندا آهن ته اُنهن کي دؤر سُڃا ملندا آهن ۽ ڪڏهن وري دؤر سُڪين ڪاٺين جي ڍيرَ جيان ٻرڻ لاءِ آتا هوندا آهن ته قلم جي باهه نه هوندي آهي ۽ ڀاڳ وارا هوندا آهن اُهي دؤر، جن کي ترجمان قلم نصيب ٿيندا آهن. ساڳئي وقت اُهي قلم به ڀاڳ وارا ٿين ٿا، جن کي ترجمانيءَ ۽ اظهار لاءِ ڀرپور دؤر ملن ٿا. ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ مثال شيخ اياز آهي. شيخ اياز جي تخليقي زندگيءَ جي آخري دؤر کي ڇڏي، هن جيڪو پنهنجو ادبي اؤج ماڻيو، ان ۾ ٻئي عنصر هئا. يعني جيڏو اياز وڏو فنڪار ۽ وڏن تصورن جو ڌڻي هو، هن کي دؤر به اهڙو ڀرپور مليو ۽ پوءِ ماڻهن ڏٺو ته اياز هڪ شاعر ۽ شخص جو نه پر هڪ پوري دؤر جو نالو هو. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاحمتي ادب جي ڪُک ڪڏهن به خالي نه رهي آهي. مان سمجهان ٿو ته مزاحمتي ادب کي روايتي ۽ محدود اصطلاحي معنيٰ ۾ وٺڻ نه گهرجي. دنيا جو هر اهو ادب جيڪو وڏن تصورن، قدرن ۽ روين جو ترجمان هجي ٿو، اُهو دراصل مزاحمتي ادب ئي هوندو آهي. رڳو ظلم خلاف سڌو لکڻ مزاحمت نه آهي. حُسن جي ڳالهه ڪرڻ به ڪوجهائپ جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اعليٰ آدرشن جي ڳالهه ڪرڻ خسيس روين ۽ ڇَسن تصورن جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ان ڪري مزاحمتي ادب کي ان جي حقيقي ۽ وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. سنڌ ۾ لفظ ۽ عظيم تصور جي مانَ جي ان کان وڏي ثابتي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ڀٽائي صديون گذرڻ کانپوءِ به ادب، فن ۽ فڪر جي هماليه کان به اُوچو بيٺو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺلهي نعري باز، سياسي ادب جي نه پر تخليقي ۽ سگهاري مزاحمتي ادب جي روايت پختي رهي آهي. مان اها ڳالهه بار بار چوندو آهيان ته جيتوڻيڪ هاڻي اسان جي ون يونٽ واري يادگار ادبي لڏي جي “دو نمبري” گهڻائيءَ مان جند نه ٿي ڇُٽي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته اُن دؤر ۾ سنڌ جي اديب جي قلم زماني جي ضمير کي جاڳايو هو ۽ سنڌ ۾ لکيل ۽ ڇپيل لفظ جو رڳو وقار ئي نه پر ان جو پنهنجي دؤر تي زبردست اثر به هو. اُن دؤر جي سنڌ جي ذهني ۽ روحاني سرواڻي سنڌ جي سوچيندڙ ذهن ۽ تخليقي قلم ٿي ڪئي. شيخ اياز جي شاعري، جي ايم سيد جو سياسي ادب، جمال، جليل، نسيم کرل ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا افسانا، ڏيپلائيءَ جا ڪتاب، رسول بخش پليجي ۽ گراميءَ جي عالماڻي ۽ تخليقي تنقيد، محمد ابراهيم جويي جا ترجما، مهراڻ، روح رهاڻ، سهڻي، تحريڪ، اڳتي قدم ۽ هلال پاڪستان جو مزاحمتي ڪردار- مطلب ته ڇا ڇا نه هو؟ هڪ اهڙو سماج، جنهن جي وڏي اڪثريت ٺلهي خواندهه به نه هجي، اُتي ادب سماج جي ذهني ۽ روحاني سرواڻي ڪري ته اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي پر جڏهن اڄ سنڌ جون حالتون ون يونٽ واري دؤر کان هزار دفعا وڌيڪ خراب ۽ ڏکيون آهن، اڄ سنڌ جي سجاڳ ذهنن وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وسيلا به گهڻا آهن، جديد ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۽ ميڊيا جي طاقتور ڪردار ۾ اُها سگهه به آهي، جيڪا ماڻهن ۾ هڪ نئون اُتساهه پيدا ڪري ۽ هن دؤر تي ڪو وڏو اثر وجهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب جو موجوده دؤر نثر جي حوالي سان ڪو سگهارو يا اُتساهيندڙ دؤر نه آهي پر شاعريءَ جي ميدان تي نوجوان شاعر تمام سُٺي شاعري ڪري رهيا آهن پر ان باوجود سماج تي ان جو اُهو گهربل اثر ناهي. هڪ ته اديب جو مجموعي طور سماج، قوم ۽ عوام ڏانهن اهو اٿاهه وابستگي وارو رويو نه رهيو آهي. انفراديت پسندي اڄوڪي دؤر جو حاوي رجحان آهي. جيترا ادب ۽ فن جا ذهني، احساساتي ۽ فڪري محرڪ وڏا هوندا ۽ جيترو اديب جو ڪردار واضح ۽ بلند هوندو، اوترو هن جي لکيل لفظ ۽ چيل ڳالهه جو به وزن هوندو. اڄوڪي دؤر ۾ قلمڪار جي حوالي سان اهو وڏو الميو آهي ته انهيءَ قلم ۽ لکيل لفظ جا وڏا ذهني، روحاني، احساساتي ۽ فڪري محرڪ نه آهن. سنڌ جو اڄوڪو قلمڪار يا ته گهڻي ڀاڱي Non-issues ۾ ڦاٿل آهي يا جي اهو سُٺن موضوعن تي لکي به ٿو ته ان جي ذهني، فڪري ۽ احساساتي سطح اُها نه آهي، جيڪا ادب ۾ وڏو ڪارج، حُسن ۽ اثر پيدا ڪندي آهي. ڪالهه هڪ ڪهاڻي سماج جي سوچيندڙ ذهنن کي لوڏي ڇڏيندي هئي، اڄ لکجندڙ ڪهاڻيءَ تي پنج ماڻهو نه ٿا ڳالهائين يا سوچين. ڪو وقت هو امر جليل جي هڪ ڪهاڻيءَ “سرد لاش جو سفر” سڄي دؤر کي لوڏي وڌو هو. اياز جي گيتن ۽ نظمن جي سگهه سان سڄو دؤر گونجي اُٿندو هو. ڏيپلائيءَ جي پمفليٽن پِيرن کي سنڌ جي مقدس گادين مان ڦيرائي مشڪرو بڻائي ڇڏيو هو. اڄ سنڌ ۾ قلم به آهي، قلمڪار به آهي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه آهي پر جي ناهي ته اديب جي قلم ۾ پنهنجي دؤر کي لوڏڻ جي سگهه نه آهي. مون کي ياد نه آهي ته اهو ڪنهن چيو هو پر مون ڪٿي پڙهيو هو ته قومن جون پهريون جنگيون سندن ادب ۽ فن وڙهندو آهي. هر وڏي جنگ دراصل تصورن، مفادن ۽ روين ۽ قدرن جي جنگ هجي ٿي ۽ جيسين قلمڪار، سماج جو سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ تخليقي فنڪار ۽ قلمڪار ان ۾ واضح ناهي ته پوءِ اُها جنگ کٽي نه ٿي سگهجي. اديب ۽ قلمڪار جو وجود هوا ۾ نه ٿو هجي. پنهنجي هم عصر دؤر جي تضادن، پيچيدگين ۽ مفادن جي ڇڪتاڻ ۽ عوام جي محسوسات کان جيڪو اديب ۽ قلم لاتعلق هوندو، اُن جو لکيل لفظ رانديڪي جيان وندر جو اوزار ۽ ذريعو ته ٿي سگهي ٿو پر اُهو ذهنن ۽ ضميرن کي لوڏي نه ٿو سگهي. اهو دؤر ۽ زمانا نه ٿو بدلائي سگهي، اهو تاريخ جون ڌارائون نه ٿو موڙي سگهي. منهنجو ايمان آهي ته اڄوڪي سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ، ادب ۽ فن کان سواءِ وڙهي سگهجي ئي نه ٿي، پر الميو اهو اهي ته هن دؤر جي مزاحمتي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چڪي آهي. سنڌ جي وجود جي بقا کان لاتعلق ۽ غير واضح، وائڙو قلم بي اثر ئي نه پر مجرم به آهي ۽ تاريخ ۾ مجرم ئي سڏيو ويندو.
روزاني “عبرت”، 13 جون 2001ع