اوڙاهه (غلام نبي مغل جي ناول تي تنقيدي تبصرو)
اسان جون قومي لحاظ کان جيڪي انيڪ علمي ڪمزوريون ۽ فڪري پسماندگيون آهن، اُنهن مان هڪ خاص ڪمزوري اِها به آهي ته اسان وٽ سنڌ جي تاريخ تي معياري ۽ سائنسي انداز ۾ گهربل ڪم بِنهه گهٽ ٿيو آهي. سنڌي ماڻهن آڏو عالمي تاريخ جي ادراڪ جا دروازا کولڻ ته پري رهيو پر ٺلهو سنڌ جي تاريخ تي به گهربل ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جيسين سنڌ جي خاص طور تي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي ڪم نه ٿو ٿئي، تيسين اسان نه ته پنهنجي قومي نفسيات جو صحيح اڀياس ڪري سگهون ٿا ۽ نه پنهنجي مستقبل جا مضبوط بنياد وجهي سگهون ٿا. عام طرح اسان وٽ قومي رومانس جي جذبي ۾ اچي سنڌ جي تاريخ جي عظمت جون دعوائون ڪيون وينديون آهن ۽ انهن ٺلهين دعوائن جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ اسان جو نوجوان نسل اڻ ڄاڻائي ۽ تاريخ جي سائنسي/ مادي شعور نه رکڻ سبب پنهنجيءَ قومي تاريخ بابت گهڻي خود فريبيءَ جو شڪار آهي. اسان وٽ اڪثر جذباتي انداز ۾ سنڌ جي قومي مظلوميت جا قصا ٻُڌائيندي، اهو چيو ويندو آهي ته سنڌ ۽ سنڌين تي هر دؤر ۾ ظالمن حملا ڪيا آهن، سنڌ سان هيئن ڪيو ويو آهي، سنڌ سان هونئن ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن ڳالهين ۾ به گهڻيءَ حد تائين صداقت آهي پر ڇا سنڌ جي قومي پستيءَ ۽ غلاميءَ جا سبب رڳو خارجي رهيا آهن؟ ڇا ان جا ڪي به ٺوس تاريخي ۽ داخلي سبب نه رهيا آهن؟ ڇا سنڌين جي پنهنجي سماجي بيهڪ ۽ نفسيات جو ان ۾ ڪوبه بنيادي عمل دخل نه رهيو آهي؟ پر جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي ان معيار جو ڪم ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري اسان جي نوجوان نسل تصوير جو فقط هڪ پاسو ڏٺو آهي ۽ ٿلهي ليکي پنهنجي تاريخي قومي پيچيدگين کان واقف ناهي. اسان جي تاريخ جي عالمن ثانوي سطح جا ڪم ته ضرور ڪيا آهن پر هو ان ڏس ۾ ڪو بنيادي ڪم نه ڪري سگهيا آهن. سَٺِ جي ڏهاڪي ۾ ايڇ- ٽي لئمبرڪ سنڌ جي تاريخ تي جيڪو ابتدائي ڪم ڪيو، اسان جا عالم ته ان کي به اڳتي وڌائي نه سگهيا. ڪيول ملڪاڻيءَ سنڌ جي جيڪا مختصر تاريخ “دي سنڌ اسٽوري” لکي ان ۾ جيتوڻيڪ گهڻين حقيقتن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر هو ان ۾ پنهنجي مذهبي جانبداريءَ کان مٿانهون ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري خاص طور تي هن جي ويجهي ماضيءَ جي لکيل تاريخ کي مستند چئي نه ٿو سگهجي.
تازو سنڌي ٻوليءَ جي معتبر ليکڪ غلام نبي مغل “اوڙاهه” نالي هڪ تاريخي ناول لکيو آهي، جنهن ۾ هن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کان وٺي موجوده دؤر تائين سنڌ جي سياسي حالتن جو اِحاطو ۽ ڇيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ادبي حوالي سان هن کان اڳ محترم سراج به ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر تي “پڙاڏو سوئي سڏ” نالي ناول لکيو هو، جنهن پنهجي وقت ۾ چڱي مڃتا ماڻي هئي. جيتوڻيڪ ان ناول ۾ ارغون، ترخان دور ۾ سنڌين جي مزاحمت ڏيکاري وئي آهي پر علامتي طور تي ان جو مقصد موجوده دور ۾ سنڌين ۾ مزاحمتي جذبو جاڳائڻ هو.
غلام نبي مغل جو “اوڙاهه” مون کي ان ڪري به وڌيڪ پسند آيو جو ناول تي ليکڪ جي داخليت جو نه پر ان دؤر جي معروضي حقيقتن ۽ حالتن جو رنگ نظر اچي ٿو. بيانيه انداز ۾ لکيل هن ناول ۾ ڪردارن ۽ واقعن جي اُڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو پڙهندڙ سنڌ جي گذريل اَڌُ هزاري سالن جي تاريخ جي سوڙهين گهٽين مان لنگهندو اچي اڄوڪي دؤر تي پهچي ٿو ۽ هو “اوڙاهه” ۾ سڙندڙ سنڌ جي اِتهاس جي گرمي پنهنجي اندر ۾ به محسوس ڪري ٿو. وڏي ڳالهه ته مغل صاحب رڳو انهن دؤرن جا عڪس ئي نه چِٽيا آهن پر ڪردارن ۽ وارتائن ذريعي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته انهن مختلف دؤرن ۾ اسان جي قومي غلاميءَ جا خارجي، داخلي، سياسي توڙي اقتصادي سبب ڪهڙا هئا؟ ٻين لفظن ۾ هيءُ ناول ارغونن کان وٺي موجوده وقت تائين جي سنڌ جي سياسي- سماجي (Socio-political) تاريخ آهي، جنهن کي هن ڪاميابيءَ سان ۽ اثرائتي نموني نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن ناول جي جنهن شيءِ مون کي ذاتي طور متاثر ڪيو اُهو خود ليکڪ جو پنهنجو تاريخ جو شعور ۽ ادراڪ آهي. اهو سمجهندي به ته سنڌ، جتي ٺلهي جذباتي ۽ خود فريب رومانويت کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. مان غلام نبي مغل کي اهڙو سُٺو ۽ ڪارائتو ناول لکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ کانئس اُميد ڪريان ٿو ته سندس اهو تخليقي سفر انهيءَ معيار ۽ اعليٰ مقصد سان جاري رهندو ۽ سندس قلم جي ڪُکِ هميشه سائي رهندي. البته ناول جي فني پهلوءَ کان منهنجي مٿس تنقيد هيءَ آهي ته ناول ۾ واقعن ۽ ڪردارن جي اُڻت ناول واري ناهي. ان ڪري اوڙاهه ناول بدران طويل ڪهاڻي لڳي ٿو. ڪامياب ناول ۾ پلاٽ جو عنصر تمام ضروري ۽ اثرائتو هجي ٿو. مغل صاحب جيئن ته بنيادي طور ڪهاڻيءَ جو ليکڪ آهي ۽ ناول جو هيءُ سندس پهريون تجربو هو، ان ڪري اوڙاهه تي ناول بدران ڪهاڻيءَ جي مزاج جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو. سنڌي ادب ۾ ناول گهٽ لکيو ويو آهي، ان ڪري ان جو تصور اڃا اسان وٽ ايترو پختو نه ٿيو آهي. جي مغل صاحب “اوڙاهه” جي ٻين واقعاتي ۽ فڪري پهلوئن سان گڏ فني لحاظ کان پلاٽ تي به گهربل محنت ڪري ها ته ڪتاب کي ادبي ۽ فني لحاظ کان اڃا به چار چنڊ لڳي وڃن ها.
هن ناول جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، اُنهن ۾ مکيه هي آهن:
(1) مغل صاحب هن ناول ۾ ارغونن کان وٺي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ واري تاريخ بابت جيڪي ڳالهيون سمجهائڻ چاهيون آهن اُهي هي آهن ته هتي جي مخصوص سماجي ۽ سياسي حالتن سبب انهن جي ڪا غيرمعمولي مزاحمت ٿي نه سگهي. مزاحمت يقينن ٿي آهي پر ان کي غيرمعمولي يا اورچ مزاحمت نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو سبب هيءُ هو ته جاگيرداراڻي سماجي سرشتي سبب سماجي ۽ سياسي اڳواڻيءَ جو ڪردار جن قوتن يا طبقن ادا پئي ڪيو آهي، اهي پنهنجي طبقاتي مزاج ۽ فطرت ۾ ئي وطن دشمن ۽ عوام دشمن هئا. نتيجي ۾ عوامي سگهه ڪنهن به منظم ۽ مربوط طريقي سان ڪا وڏي مزاحمت نه ڪري سگهي.
(2) ناول ۾ هيءُ به ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ تي ڌارين جي مسلسل ڪاهن، خونريزي ۽ ڦُرلٽ سبب سنڌ جي سماجي ترقيءَ جو عمل تيز ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته ڌارين جي ڪاهن جو مرڪز ۽ محور سنڌ جا شهر هئا. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌ جا وڏا شهر ٺٽو، سيوهڻ ۽ نصرپور سياسي، سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان تباهه حال ٿي ويا ۽ ان جو نتيجو هيءُ نڪتو جو سنڌ ۾ وچئين طبقي جي گهربل فطري اؤسر ٿي نه سگهي. وچئين طبقي جو نه اُسرڻ ئي تاريخي طور دراصل سنڌ جي پستيءَ ۽ سماجي پسماندگيءَ جو هڪ بنيادي سبب رهيو آهي.
(3) ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جڏهن سنڌ جا شهر ٺٽو، سيوهڻ ۽ نصرپور هر لحاظ کان تباهه حال ٿي چڪا هئا ۽ ڪلهوڙن سنڌ جو سياسي اقتدار سنڀاليو ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي گنجي ٽڪر تي هڪ نئون شهر اَڏايو، جنهن کي اڄ حيدرآباد چيو وڃي ٿو. ان حوالي سان مغل صاحب هڪ نهايت ڪارائتي ڳالهه هيءَ ڏيکاري آهي ته جڏهن حيدرآباد جو شهر اَڏجي رهيو هو ته ان ڏس ۾ وڏو مسئلو اهو درپيش ٿي آيو ته سنڌ ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن جي افرادي قوت تمام گهٽ هئي ۽ نيٺ ڪلهوڙن کي سڄيءَ سنڌ مان ڪاريگرن ۽ هنرمند ماڻهن کي خاص مراعتون ڏئي حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻو پيو. جي ڏٺو وڃي ته اڄ به سنڌ جي صورتحال ان حوالي سان گهڻي مختلف ناهي. اڄ به اسان وٽ فني ۽ ٽيڪنيڪل شعبن ۾ گهربل افرادي قوت تمام گهٽ آهي.
(4) سنڌ ۾ ڪلهوڙن کان اقتدار ميرن کسيو ۽ ناول ۾ ان جو ڇيد نهايت سُٺو ڪيو ويو آهي. مغل صاحب اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪلهوڙا ان ڪري سياسي طور جٽاءُ ڪري نه سگهيا جو انهن جي سياسي صلاحيت سگهاري نه هئي. ڪلهوڙا بنيادي طور تي مذهبي ماڻهو هئا ۽ ماضيءَ ۾ هنن جو تعلق رياستي يا سياسي معاملن سان نه پر خانقاهن سان رهيو هو. جڏهن ته ميرن وٽ فوجي قوت هئي، ميرن کي رياستي ۽ سياسي معاملن ۾ تجربو به هو، سو جڏهن هنن ڏٺو ته ڪلهوڙن جي اقتدار جي به اصل قوت هو پاڻ ئي آهن ته هنن ڪلهوڙن کان اقتدار کسي ورتو ۽ ايئن اها ڳالهه واضح ٿي ته جيسين سنڌ ۾ مضبوط، منظم ۽ مربوط سياسي قوتون نه هونديون، تيسين اهي تاريخي لحاظ سان جٽاءُ ڪري نه سگهنديون.
(5) ناول ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي جي دؤر جي به عڪاسي سُٺي ڪئي وئي آهي ۽ خاص طور تي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هتي جي مقامي جاگيردارن ۽ وڏيرڪي طبقي ڪيئن نه پنهنجي وطن سان غداري ڪري غاصب ڌارين آڏو پنهنجا ڪنڌ سِرنِگُون ڪيا هئا ۽ اها صورتحال تاريخي طرح بدستور ساڳي آهي. اڄ به اسان جي جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي جو سياسي ۽ سماجي ڪردار اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هو.
(6) پاڪستان جي قيام وقت سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ واري المناڪ تاريخي هاڃي جي به ناول ۾ اثرائتي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه هڪ سازش تحت سنڌ مان هندن کي لڏايو ويو ۽ ايئن سنڌ مان اُهو وچون طبقو هڪ ڌڪ سان هليو ويو، جنهن کي سنڌ ۾ سماجي ۽ اقتصادي اعتبار کان ڪرنگهي واري حيثيت حاصل هئي. اهو خال سنڌ اڄ تائين ڀري نه سگهي آهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هندن کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ وڏيرن ۽ جاگيردارن ان ڪري به بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو جو انهن جي اڪثريت هندو سيٺين جي مقروض هئي ۽ سندن زمينون انهن سيٺين وٽ گروي رکيل هيون. سنڌ جي جاگيردار طبقي پنهنجي مخصوص مفاد ڪري سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي اؤسر کي هڪ اهڙو ڌڪ هنيو، جنهن جو سدباب شايد ڪڏهن به ٿي نه سگهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جي سنڌ سان اِهو هاڃو نه ٿئي ها ته اڄ سنڌ جي شهرن جون حالتون اهڙيون ڏکوئيندڙ نه هجن ها.
(7) ناول جي پڄاڻي ڏاڍي اُميد پسند ۽ اُتساهيندڙ ڪئي وئي آهي. ان ۾ ڏيکايو ويو آهي ته هاڻي هڪ نئين سنڌ جنم وٺي رهي آهي، جنهن ۾ وچئين طبقي جي اؤسر به ٿي رهي آهي، ته سنڌي ماڻهو شهري سماج ۾ به داخل ٿي رهيا آهن. هڪ خاص ذڪر جوڳي ڳالهه اها ته ماضيءَ جي روايت جي اُبتڙ سنڌين پنهنجي شهرن تان بيدخل ٿيڻ بدران اُتي پنهنجي بقا لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ انهن ۾ مزاحمت جو اهو عنصر به پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪمزوريءَ ۽ کوٽ سبب هنن پنهنجي تاريخ جو وڏو عرصو غلاميءَ ۾ گذاريو آهي.
منهنجي خيال ۾ مغل صاحب جي ان ڪارائتي تخليق جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي تاريخ جي انهن پيچيدگين کي علميت ۽ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، جنهن جي اسان جي لائق ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي.
(ٽه ماهي “مهراڻ”، جنوري- مارچ 1995ع)