هڪ ڪامياب استاد ۽ ڪميٽيڊ ليکڪا
ڊاڪٽر تهمينه مفتي هڪ ليکڪا سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي سينيئر استاد پڻ آهي. ادب جي استاد ۽ ليکڪا هجڻ ٻه مختلف شيون آهن. ڇاڪاڻ ته ادب پڙهائڻ ۽ ادب لکڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. وڏا وڏا ادب جا استاد ادب لکي نه سگهندا آهن ۽ ساڳيءَ طرح وڏا وڏا اديب ادب تي ڳالهائي يا ادب پڙهائي ۽ سمجهائي نه سگهندا آهن. اهي ٻئي صلاحيتون گڏوگڏ گهٽ ماڻهن ۾ هونديون آهن ۽ جن ۾ هونديون آهن انهن کي ڀاڳ وارو/واري ئي چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر تهمينه مفتي جيتري هڪ استاد طور پڙهائڻ ۾ سُٺي آهي، اوتري ئي هڪ ليکڪا طور سُٺو لکندي آهي پر هن جي مزاج ۾ ڏيکاءُ ۽ هلڪڙائي ناهي. هوءَ ڪڏهن به پنهنجي پورهئي ۽ صلاحيتن جو ڏيکاءُ ناهي ڪندي. هونئن به ڏيکاءُ اُهي ڪندا آهن، جن کي پنهنجي صلاحيت ۽ پورهيي تي ويساهه ناهي هوندو يا سندن تحت الشعور ۾ ڪا احساسِ ڪمتري هوندي آهي. سَکڻيون ڪُنيون ئي گهڻو اُڀامنديون آهن. هوا ۾ ڪَکَ پَنَ ئي اُڏامندا آهن. مون کيس ڪڏهن به پنهنجي تعريف ڪندي نه ٻُڌو آهي، نه ته اسان وٽ ته ماڻهن جون زبانون سندن عضوا گهٽ اشتهار وڌيڪ لڳنديون آهن. ساڳيءَ طرح مون هن کي ڪڏهن ڪنهن جي غيبت ڪندي به نه ڏٺو آهي. ٻين جي غيبت نه ڪندڙ ماڻهن جي چهري تي سدائين هڪ سڪون نظر ايندو آهي، ان ڪري ئي شايد ڊاڪٽر تهمينه مفتي مون کي هميشه پنهنجي شخصيت ۾ متوازن ۽ پُرسڪون نظر ايندي آهي. اها نيت جي صاف ماڻهن جي نشاني هوندي آهي. اندر جي پليت ماڻهن جو پري کان چهرو پڌرو هوندو آهي. توهان کي اهڙا ماڻهو ڪڏهن به پُرسڪون نظر نه ايندا. ساڙ، ڪِينو، بُغض ۽ تِيسو سندن چهرن جي هر نقشي ۽ تاثر مان پيو بَکندو آهي. ڊاڪٽر تهمينه جهڙي آهي تهڙي آهي. سادي، مهربان، سنجيده، پُرسڪون ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم واري، نه ڪو ڪمتريءَ جو احساس ۽ نه اجائي وڏائي. اديبن جي “سياست” کان بنهه پري ۽ سماجي سياست بابت ويچار روشن خيال ۽ اُميد پسند، نه بي قدريءَ جو پِٽڪو ۽ نه قدردانيءَ جون دعوائون! هوءَ واقعي به سچل جي سِٽَ وانگر “جوئي آهي، سوئي آهي.”
مون ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جا نثري مضمون ۽ مقالا ته پڙهيا هئا پر ٻيو ڀيرو هن مون کي تڏهن حيران ڪيو جڏهن مون سندس ڪجهه ڪهاڻيون پڙهيون. ڪهاڻي ادب جي رڳو هڪ نازڪ ۽ لطيف ئي نه پر هڪ همه گير صنف به آهي، جنهن مان لکندڙ جي احساساتي روين ۾ گهرائيءَ جو ئي نه پر سماجي ويچارن، ثقافتي تصورن ۽ فڪري پختگيءَ جو به اندازو ٿيندو آهي. ماڻهو ڪهاڻين ذريعي جديديت ۽ احساسن جي پيساخته وهڪري جي نالي ۾ هوا ۾ لٺيون به هڻي سگهي ٿو. ڀولڙي وانگي چوڌاري لٺ به ڦيرائي سگهي ٿو پر ٻئي پاسي هڪ ماهر سرجن وانگر سماجي حقيقتن جي چيرَ ڦاڙَ به ڪري سگهي ٿو. هڪ آرٽسٽ وانگر زندگيءَ جي وحشتن جي چهرن تي چاڙهيل ثقافتي نقابن جا پردا به چاڪ ڪري سگهي ٿو، انهن جا عڪس به چِٽي سگهي ٿو. زندگيءَ جي بڇڙاين ۽ وحشتن سان نفرت جا جذبا به اُڀاري سگهي ٿو ته زندگيءَ ۾ حُسناڪيون تخليق ڪرڻ لاءِ اُتساهه به پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ سڄيءَ دنيا ۾ ادب ۾ اهي سڀ رويا موجود هوندا آهن.
ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جون ڪهاڻيون سُٺيون آهن، پڙهڻ وٽان آهن، دل کي ڇُهندڙ آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سماجياتي ۽ احساساتي موضوع گڏ هلن ٿا. ظاهر آهي ته احساسن کي سماج کان ۽ سماج کي احساسن کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ احساس هوندا انفرادي آهن پر انهن جا محرڪ ۽ سبب گهڻيءَ حد تائين سماجي هوندا آهن، سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ ريت. اهڙيءَ طرح سماج به احساسن ۽ ويچارن جي دٻاءَ کان آجا رهي نه ٿا سگهن. ادب ۽ خاص طور تي افسانوي ۽ علامتي ادب اهڙن موضوعن ۽ حقيقتن کي گهڻ پاسائين انداز سان ڏسي به ٿو، محسوس به ڪري ٿو، چِٽي به ٿو، پرکي به ٿو ۽ انهيءَ تي اثرانداز به ٿئي ٿو. ان جو مدار ليکڪ جي فڪري ۽ فني سگهه ۽ ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ تي به آهي. ڊاڪٽر تهمينه ڪهاڻيون گهڻيون ڪونه لکيون آهن پر هن جي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن سماجي ۽ احساساتي موضوع کي هڪ ٻئي جي پس منظر ۾ کڻي ٿي، نه رڳو کڻي ٿي پر روشن خيال روين ۽ سوچن جي زاويي کان کڻي ٿي. ان جي محرڪن کي نفاست ۽ ڪاريگريءَ سان ظاهر ڪري ٿي ۽ جيڪي نقطا ۽ احساس ليکڪا ڪهاڻيءَ مان اُڀارڻ چاهي ٿي، اُهي ڪاميابيءَ سان اُڀاري ٿي. فني حوالي کان ڪامياب ڪهاڻي اُها آهي جيڪا رٿابنديءَ يعني پلاٽ تحت هجي پر پڙهندڙ کي اهو محسوس نه ٿئي. جيتوڻيڪ جديد ڪهاڻيءَ ۾ بنا پلاٽ جي ڪهاڻين جا به تجربا ڪيا ويا پر پلاٽ کانسواءِ ڪهاڻي خود به هڪ پلاٽ آهي، ايئن جيئن ادب ۽ سياست ۾ نظرين جي اهميت کي رد ڪرڻ بذات خود هڪ نظريو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ تي ٻڌل خيال ۽ رٿا جي اهميت بنيادي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اُن کانسواءِ ڪهاڻيءَ جي خيال کي ڪاميابيءَ سان پڙهندڙن تائين پهچائي نه ٿو سگهجي. ڪردارن ۽ واقعن جي خاص رٿا تحت اُڻت کي ئي پلاٽ چئبو آهي. ڪردارن ۽ واقعن توڙي سندن ترجماني ڪندڙ ڊائلاگس جي اُڻت ايئن هجي جيئن ڀرت ڀربو آهي، جنهن ۾ ڪوبه اجايو يا کُٽل کَڻُ ڀرت جي سُونهن کي عيبدار ڪري ڇڏيندو آهي.
ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ کي سُٺين ڪهاڻين لکڻ جو ڏانءُ آهي پر کيس ڪهاڻين جي موضوعن جي وُسعت ۽ فني بندشن تي وڌيڪ مهارت جي گهُرج آهي ۽ مون کي ان لاءِ کانئس اُتساهيندڙ اُميد آهي. ڇاڪاڻ ته افسانوي ادب جي سفر ڏانهن هيءُ ڪتاب سندس پهرين وِکَ آهي، آخري هرگز نه!
مون کي بيحد افسوس آهي ته ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻيءَ جو هيءُ ڪتاب مهاڳ لاءِ مون وٽ گهڻن مهينن کان پيو هو. اها ڪارِ هر ان اديب سان ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجن ڪتابن جي اشاعت کي رُلائڻ لاءِ مهاڳ لاءِ ڪتاب منهنجي حوالي ڪندا آهن. اها ڀوڳنا ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ کان اڳ سائين محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، الطاف شيخ، مولا بخش چانڊيو، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، مير حسن آريسر، آڪاش انصاري، عبدالوحيد جتوئي ۽ راشد دائودپوٽو ڀوڳي چڪا آهن. منهنجي خيال ۾ ڪنهن به ليکڪ لاءِ ٻين جي تجربن جو اهو نياپو ڪافي آهي پر پوءِ به ڊاڪٽر تهمينه جو اهو اسرار هو ته سندس ڪتاب تي ٻه اکر مان لکان. مون کي لکڻ لاءِ هڪ خاص “گهڙي” کپندي آهي ۽ جڏهن اُها ايندي آهي ته پوءِ ٻيلو ٻه ٻرانگهون هوندو آهي.
مان ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ کي سندس ڪهاڻين جي هن پهرين ڪتاب تي مبارڪباد ڏيان ٿو.
(ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪتاب “ڪٿا اُپ ڪٿا” جو مهاڳ – 2007ع)