هڪ شاعر جي دريافت!
هيءُ ڀائو مولا بخش جي هائيڪن جو مجموعو آهي. خبر ناهي هن پنهنجن جذبن ۽ تصورن جي شاعراڻي اظهار لاءِ هائيڪو جي صنف جو انتخاب شعوري طور ڪيو آهي يا اهو محض اتفاق آهي. بهرحال پوءِ به هن جا هائيڪا جديد سنڌي شاعريءَ جي هن صنف کي گهڻو اڳتي وٺي ويا آهن. مان ته جيڪر ايئن چوان ته هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هائيڪو جي صنف کي بلوغت تي رَسايو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هيءَ صنف باقاعده طور سَٺ جي ڏهاڪي ۾ آئي، جڏهن نارائڻ شيام، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ هائيڪا لکڻ شروع ڪيا. ادبي تاريخ جي ڪجهه ڄاڻن جي راءِ آهي ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ هائيڪو پهرين پهرين بنگالي ۽ سنڌي ٻولين ۾ لکيا ويا. جيئن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هر نئين شيءِ پنهنجي قبوليت ۽ مڃتا ڪرائڻ ۾ نه رڳو وڏو وقت وٺي ٿي پر وڏا مرحلا به طئي ڪري ٿي، تيئن سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪا جي صنف به اڄوڪي پختگيءَ ۽ بلوغت کي رَسڻ لاءِ ڊگهو سفر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته مولا بخش چانڊيي جا هي هائيڪا به ان سفر جي هڪ منزل آهن. فن ۽ تفڪر جي دنيا جي ڪابه نهج ۽ خاص حد نه ٿيندي آهي. ان ڪري ئي مان هنن هائيڪن کي ان دلپذير سفر جي هڪ منزل سڏيان ٿو.
هاڻي اچو ته دل جي اکين سان انهن خوبصورت ۽ اڻ وسرندڙ منظرن ۽ تصورن جو جمال پَسيون، جن کي هن وڏيءَ نفاست، نازڪ مزاجيءَ ۽ حُسناڪيءَ سان عڪسبند ڪيو آهي. مولا بخش هڪ بيحد رومانوي سڀاوَ وارو شخص آهي. هو جڏهن سياست جي دنيا ۾ آيو ته انقلاب جا خواب ۽ آدرش کڻي آيو هو ۽ سياست هن لاءِ پيشو نه رومانس هئي. اڄ به جڏهن هو ان دؤر جو ذڪر ڪندو آهي ته ماضيءَ جو اهو سڄو رومانس هن جي اکين ۾ لهي ايندو آهي. ذاتي زندگيءَ ۾ به هو پنهنجي پل پل کي رومانس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيئن هو سفر گهڻا ڪندو آهي ۽ سفر ڪرڻ هن جو رومانس آهي، دل گهرين دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ هن جو رومانس آهي ۽ اهڙين ڪچهرين ۾ ڪنهن خاص ڪيفيت ۾ اچي اياز جا گيت ۽ وايون وڏي آواز سان ڳائڻ هن جو رومانس آهي ۽ هاڻي هو جڏهن هڪ شاعر جي روپ ۾ سامهون آيو آهي ته به هن جي شاعري رومانس سان ڀريل آهي. زندگيءَ ۽ فطرت سان رومانس، موسمن، خوبصورت منظرن ۽ اڻ وسرندڙ يادن جو رومانس، حسرتن، المين ۽ خوابن جو رومانس. سندس هي هائيڪا ڏسو (ڪامياب هائيڪا رڳو پڙهبا ناهن پر انهن کي دل جي اکين سان ڏسي به سگهبو آهي.)
مکڙي مکڙيءَ کي
پيو بدن جي کيت مان
چپن سان چونڊي.
*
نيڻن منجهه درياءَ،
تنهنجي يادن جا پرين
ڪيڏا ديپَ ٻريا!
*
وڏا ڪيم وَسَ،
مور نه ڇڏي سانوري
تنهنجي چپن چَس.
*
ڪيڏو کيپ کريب،
پياري تنهنجي پيار جون
راهون پُرفريب.
*
پيار منجهان پگهري،
واسي وئي وجود کي
واءُ جيان وکري.
*
جوڀن مکڙيءَ جان،
ٽڙي پيو آ پل ۾
ڪنهن جي ڇُهڻ سان.
*
تنهنجي چُميءَ سان،
ٽڙيا منهنجا چپ هن
سُرخ گلاب جان.
هائيڪي جو مزاج شاعريءَ جي ٻين صنفن کان گهڻو مختلف ۽ نفيس آهي. هائيڪو شاعراڻن تصورن جي تصوير ڪشي ۽ منظرن جي عڪسبنديءَ جي صنف آهي. ڪامياب ۽ دلپذير هائيڪا فقط اهو ئي لکي ۽ چئي سگهي ٿو، جنهن ۾ مشاهدي جي جمال ماڻڻ جي ڏات اُتم درجي جي هجي. ٻين لفظن ۾ هن جي اندر به ايڏو ئي حُسن هجي، جيڏو حُسن فطرت جي منظرن ۾ هوندو آهي، جنهن ماڻهوءَ جي پنهنجين نگاهن ۾ حُسناڪي ناهي، اهو فطرت جي سونهن ڇا پَسي سگهندو؟ مولا بخش جي مشاهداتي حُسن کي داد ڏيڻ کان وڌيڪ بهتر ٿيندو ته مان اهي منظر توهان کي ڏيکاريندو وڃان، جن کي هن هائيڪن جي تصوراتي فريمن ۾ بند ڪيو آهي.
گذريا پهر پل
کيڪڙي جي آس ۾
مايون ٻار سُتل.
*
مٺي، ننگر ڪاسبو
ساوڪ ۽ سُرهاڻ سان
وڃي اندر واسبو.
ونين وَرَ مڙيا
سانوڻ آيو سانورا
چونئرن چنڊ کِڙيا.
*
ڪڪر ڪارا ڪيس،
سانوڻ آيو سانورا
ڀِٽُنِ پهريا ويسَ.
*
مُرڪي موسم پئي،
اَڌ اُگهاڙيون ڇوڪريون
نيل ڪناري ڪيئي.
*
سارو ڏينهن ڪڙهي،
سرمئي سانجهه اچي پيئي
سوني طشت چڙهي.
*
اُڀَ ۾ اگم ٿيو،
مينهن ڪَڻين جو روح ۾
ٻُڌجي سرگم پيو.
*
ٽاريون چهڪي پيون،
پوپٽ چُميو چاهه مان،
مُکڙيون مهڪي پيون.
*
کنيو ڦيليون پاٽڙا،
ڀَتَ گرههَ جي آس ۾،
بيٺا آهن ٻارڙا.
*
رلجي رنگن ساڻ،
پهري پرين آڻيون،
پوپٽ جو پهراڻ.
ادب جي دنيا تفڪر سان گڏ تصورن جي دنيا به آهي. ادب جو هڪ وڏو ڪارج اهو به آهي ته اهو انسانذات کي نوان نوان تخليقي تصور ڏئي ٿو. احساساتي بنيادن تي انسان جي داخلي دنيا جي تعمير ڪري ٿو. ان ڪري تصور، انوکا ۽ غير رواجي تصور، حَسين ۽ حساس تصور، ادب جو روح هوندا آهن. هن مجموعي ۾ به اوهان کي ا هڙا انيڪ تصور ملندا، جن کي پڙهي، محسوس ڪري ماڻهوءَ جو روح خوش ٿيو وڃي. سڄي سرير ۾ سونهن ۽ سرت جون سيهاندڙيون نڪريو وڃن. سندس هي هائيڪا ڏسو:
ڳوڙهي تي ڳوڙهو،
ساريو جوڀن ڏينهڙا
روئي پيو پوڙهو!
*
مزلفي ۾ رات،
گهڙيءَ لاءِ ابليس کي
ماڻهوءَ ڏني مات!
*
مار نه پاهيڙي،
آڙي نيري سمنڊ جي
آهي ساهيڙي.
*
ڇوري ٿي ڇِرڪي،
باندر جي بغل ۾
زوري پئي مُرڪي.
*
مُحِبَ مِٺا مَنٺار،
سارا تنهنجي سُونهن جا،
اِنڊلٺ ۾ آثار.
*
پلڪون اڌ کُليل،
ڄڻ ڪا ڳالهه اندر جي
اکين ۾ اٽڪيل.
*
سورج مکيءَ تي،
چانديءَ جهڙي اُس ۾
پوپٽ پهرو ڏي.
جيتوڻيڪ هاڻي زمانو گهڻو بدلجي ويو آهي. سياست جا تصور به بدلجي ويا آهن. ماڻهن جي جذبن جا ريٽا رنگ ميرانجهڙا ٿي ناسي ٿي پيا آهن پر اسان جي مولا بخش جي اندر جي ڪائنات جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اهو پُرجوش انقلابي اڃا به زندهه آهي، جيڪو گورکيءَ جو ناول “ماءُ” وڏي رومانس سان پڙهندو هو. اهو انقلابي هن جي شعور جي سرحد ٽپي سندس تحت الشعور ۾ هليو ويو آهي. شاعري وارد ته لاشعور جي حالت ۽ ڪيفيت ۾ ٿيندي آهي پر اها ايندي انسان جي تحت الشعور مان آهي. مولا بخش جي هنن هائيڪن ۾ اسان کي اهو آدرش پرست ڪردار ساڳي تازگيءَ سان نظر ايندو.
ڪنڌ ڪنڌ مٿي ڪات،
پوءِ به ساري شهر ۾ ڇو؟
ايڏي چُپِ چپات!
*
مرڻو ناهي سوجهرو،
رات انڌاري جيتي
صبح سهانو اوترو.
ڪونڌر ڪو ڪُٺو،
اولهه پاسي اُڀَ ۾
سانجهيءَ رَتُ وُٺو.
واهه واهه ڇا ته تصور آهي! جڏهن ڏينهن جي وڻ تان جوڀن ڇڻي ٿو، سوني طشت تي چڙهي، سُرمئي سانجهه اچي ٿي ۽ هر طرف شفق جي لالاڻ ڇانئجي وڃي ٿي ته هن کي لڳي ٿو ته اولهه پاسي اُڀَ ۾ ضرور ڪو ڪونڌر ڪُٺو آهي، جو سڄي ماحول تي ريٽو رنگ هارجي پيو آهي. مولا بخش جو روحاني مرشد فيض شفق جي لالاڻ کي محبوب جي سُرخ ڳلن سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ مولا بخش ان کي ڪنهن ڪُٺل ڪونڌر جي رَتَ سان تعبير ڪري ٿو. سندس اهڙا ٻيا هائيڪا ڏسو:
سهي سڀ عذاب،
پوکي ويو ڪو رَت سان
مٽيءَ منجهه گلاب.
*
منهنجو من منصور،
اناالحق جي نعري تي
ڪُسندو نيٺ ضرور.
*
ريٽي رتول روهه،
موٽي ايندو ماڳ تي
ڊاهي سارا ڊوهه.
ڀائو مولا بخش جا هي هائيڪا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سُٺو اضافو آهن. مون کي يقين آهي ته سڀاڻي جڏهن به ڪنهن سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪن جي حوالي سان لکيو ته هنن هائيڪن جي ذڪر کان سواءِ اهو اڳتي وڌي نه سگهندو. جيئن مولا بخش جي اوچتو شاعر ٿي پوڻ تي ٻين کي حيرت آهي/ ٿيندي، تيئن هو پاڻ به حيران آهي ۽ سوال ڪري ٿو:
ساعتون سوئي،
ڪير ٿو منهنجي من ۾
ڪوتائون ڳوهي.
جواب سولو آهي، اِهو اُهو ئي شاعر آهي، جيڪو سندس اندر جي اونهائين ۾ سدائين ساڻس گڏ هو ۽ جنهن کي هاڻي هن دريافت ڪيو آهي. اسان ته فقط سياستڪار ڀائو مولا بخش چانڊيي کي پارت ئي ڪري سگهون ٿا ته هو اسان جي شاعر مولا بخش جي راهه ۾ ڪڏهن به رنڊڪ نه بڻجي. هو پاڻ به شاعريءَ جي “سوني طشت” تي چڙهي ادب ۽ فن جي ميدان تي لٿو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته هن کي اُتي رهڻ گهرجي ۽ گهڻو وقت اُتي ئي رهڻ گهرجي.
(مولا بخش چانڊيي جي هائيڪن جي ڪتاب “ڀِٽُن پهريا ويسَ” جو مهاڳ- 1996ع)