ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري
هيءُ مقالو جيڪو پنهنجي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي قديم توڙي ڪلاسيڪل ۽ ويندي جديد سنڌي شاعريءَ جي مختلف حوالن سان ڪيل اڀياس تي مبني آهي، بهتر ٿيندو جي ترتيبوار مقالي جي مختلف حصن تي هڪ مختصر نظر وجهندا هلون.
“قديم سنڌي شاعري ۽ ان جا قسم” جي عنوان تحت لکيل پهرين باب ۾ قديم سنڌي شاعريءَ جي ڇهن صنفن ڳاهه، گنان، ڳيچ، بيت، وائيءَ ۽ ڪافيءَ کي پنهنجي طرفان ۽ مختلف ڪتابن جي مدد سان وضاحت سان لکيو ويو آهي. خاص طور تي انهن مڙني صنفن جي مزاج، اسلوب، گهاڙيٽي، ٻوليءَ توڙي موضوعن کي خالص اڪيڊمڪ انداز ۾ مختصر طور واضح ڪيو ويو آهي. قديم سنڌي شاعري ۽ ان جي سمورين مروج ۽ مقبول صفتن تي لکڻ جو مطلب آهي اوائلي توڙي ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي هڪ پوري دؤر تي لکڻ. هيءُ موضوع نه رڳو پنهنجي دائري جي لحاظ کان تمام وسيع آهي پر اهو وڏي ڳوڙهي مطالعي جو گهُرجائو پڻ آهي. تنهن هوندي به عبدالوحيد جتوئي وڏيءَ محنت ۽ ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو آهي. مقالي جي ٻئي باب “عروضي شاعري ۽ ان جا قسم” ۾ به ساڳيءَ ريت ان جي ڏهن صنفن- قصيدي، تشبيهه، مثنوي، غزل، رباعي، فرد، قطع، ترجيح بند، مستزاد ۽ مسمط تي اهڙيءَ طرح روشني وڌي آهي، جيئن پهرين باب ۾ - ايئن هن باب ۾ به انهن سمورين صنفن جي، موضوع توڙي اسلوب ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان اپٽار ڪري منجهن فرق کي باريڪ بينيءَ سان واضح ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن مان گهڻيون صنفون هاڻي سنڌي شاعريءَ ۾ متروڪ ٿي ويون آهن ۽ اهي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نه ته مروج آهن ۽ نه مقبول- پر جيئن ته اهي اسان جي قديم شاعريءَ جو ورثو آهن، ان ڪري عبدالوحيد جتوئيءَ انهن تي به مختصر پر جامع انداز ۾ لکي سنڌي ادب جي هن دؤر جي شاگردن لاءِ قديم سنڌي شاعريءَ جو پس منظر ۽ مزاج واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مقالي جي ٽئين باب ۾ جديد شاعري ۽ ان جي مقبول صنفن جهڙوڪ پابند نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، هائيڪو، سانيٽ ۽ ترائيل وغيره تي به ساڳئي اندز سان روشني وڌي وئي آهي، جيئن اڳين بابن ۾ قديم شاعريءَ جي مختلف نمونن بابت سمجهاڻي ڏني وئي آهي. هن باب ۾ به مقالي نويس نهايت سادي ٻوليءَ ۾ ۽ سَهنجي انداز سان جديد شاعريءَ جي سڄيءَ دنيا اندر مقبول صنفن جو سنڌي شاعريءَ جي نسبت سان جائزو ورتو آهي. هن باب ۾ به هر صنف جو پس منظر، مزاج، هيئت، گهاڙيٽو، فني بندشون موضوع ۽ ترڪيبون خالص اڪيڊمڪ انداز سان سمجهايون ۽ واضح ڪيون ويون آهن. نه رڳو اهو پر هر صنف جو جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان مثالن ذريعي اڀياس ڏنو ويو آهي. البته هڪ ڪمزوري جيڪا محسوس ٿئي ٿي، اُها هيءَ آهي ته هڪ ته مثالن ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعرن جو ذڪر گهٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مقالي نويس کي واضح ڪرڻ کپندو هو ته شاعريءَ ۾ جدت ڇا کي چئجي ٿو ۽ ان جا ڪهڙا معيار ۽ ماپا آهن ۽ ٻيو ته جديد سنڌي شاعريءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ جون ڪهڙيون روايتون برقرار رکيون ۽ ساڳئي وقت ڪهڙيون نيون روايتون متعارف ڪرايون، جيئن هر قديم لکت يا تخليق پراڻي قرار نٿي ڏئي سگهجي، بلڪل ايئن هر اڄوڪي يا هم عصر تخليق يا لکت کي جديد چئي نٿو سگهجي. اسان وٽ ادب توڙي فن جي ميدانن ۾ اهي تصور اڃا تائين مبهم آهن. سبب اهو آهي ته انهن کي خالص ادبي تنقيد جي اُصولن موجب واضح نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري نون لکندڙن تي ڪا معيار به نٿي اچي پر هاڻي جڏهن به ادب جو ڪو سنجيده شاگرد انهن موضوعن تي قلم کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان اڳ انهن بنيادي سوالن بابت هو پاڻ واضح ٿئي ۽ پوءِ انهن کي پڙهندڙ تائين پهچائي.
چوٿين باب ۾ مذهبي شاعري ۽ ان جي مختلف نمونن توڙي صنفن تي روشني وڌي وئي آهي. جيتوڻيڪ اڄ دنيا ۾ مذهبي شاعري ڪو مروج يا مقبول رجحان نه آهي پر جيئن ته اها شاعري ۽ ادب انسان جي تخليقي تفڪر جي سفر جي هڪ خاص ڏاڪي ۽ دؤر جي نمائنده شاعري آهي، ان ڪري جڏهن به ادب جي تاريخ يا وُسعت جو ذڪر اچي ٿو ته ان تي بحث ڪرڻ يا لکڻ لازمي ٿيو وڃي. هونئن به تاريخ ۾ سياست هجي يا ثقافت، سماجي زندگيءَ جو وهنوار هجي يا ادب ۽ فن، مذهب جو انهن سمورن شعبن ۾ هڪ اهم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته بنيادي ڪردار رهيو آهي. ان ڪري جيئن سياست ۽ رياستي معاملن ۾ ڪي زمانا مذهب جو تسلط رهيو، جيئن ثقافتي قدرن ۽ ريتن ۾ اڄ سوڌو دنيا ۾ مذهب جو وڏو ڪردار آهي، تيئن ادب ۽ فن جي مختلف شعبن ۾ به مذهب هڪ موضوع ۽ ذهني رجحان توڙي مڪتبه فڪر طور نهايت اثرائتو رهيو آهي. هن باب ۾ جيتوڻيڪ ليکڪ مذهبي شاعريءَ جي پس منظر جي تفصيل ۾ نه ويو آهي پر اڳين بابن وانگر هن باب ۾ ڳالهه ٻولهه جو دائرو مذهبي شاعريءَ جي مختلف صنفن جي وضاحت ۽ فرق کي واضح ڪرڻ تائين محدود رکيو ويو آهي.
پنجين باب ۾ “سنڌي شاعريءَ جا نمونا” جي عنوان سان شاعريءَ جي مختلف اندازن مثال طور ڳائجندڙ/ غنائيه شاعري (Lyric Poetry)، خارجي شاعري، بيانيه شاعري (Narrative Poetry) وغيره جي فرق کي واضح ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ شاعريءَ جي انهن مختلف اندازن ۽ مزاجن جي نمائنده صنفن جو ذڪر اڳين بابن ۾ اچي چڪو آهي. مثلن غنائيه شاعريءَ ۾ غزل گيت وغيره اچي وڃن ٿا ۽ اهو ذڪر عروضي شاعريءَ جي باب ۾ اڳ ئي اچي چڪو آهي پر بهرحال جيئن ته اسان جي دوست درجه بنديءَ سان موضوع جي هر پهلوءَ کي واضح ڪرڻ چاهيو آهي، ان ڪري هن باب ۾ اها ڳالهه ٻيءَ نسبت سان ذڪر هيٺ آندي وئي آهي. البته هن باب ۾ سُگهڙائپ يا سُگهڙن جي شاعريءَ تي به مختصر طور راءِ ڏني وئي آهي. حقيقت اها آهي ته اسان جي لوڪ ادب جي عمارت جو سڄو بنياد ئي سُگهڙن جي هنر ۽ فن تي رکيل آهي. ان ڪري شعري ادب جو جڏهن هر پهلوءَ کان جائزو ورتو وڃي، تڏهن ضروري ٿي پوي ٿو ته لوڪ ادب کي به ذڪر هيٺ آندو وڃي. لوڪ ادب ئي اسان جي حقيقي عوامي زندگي ۽ ان جي ذهني رجحانن، ثقافتي قدرن، ريتن، رسمن ۽ جمالياتي ذوق جو آئينه دار آهي.
ڇهين باب ۾ شعري ادب جي هڪ بنيادي پهلوءَ تي روشني وڌي وئي آهي ۽ اهو پهلو آهي- شاعريءَ ۾ شاعراڻي ٻوليءَ جي اهميت ۽ استعمال.
دنيا جي هر فن جو هڪ خاص مزاج ۽ ميڊيم ۽ ان جي ساخت توڙي اظهار جا مخصوص وسيلا (Tools) ٿين ٿا. جيئن رنگن جي خاص آميزش کانسواءِ مصوريءَ جو فن تخليق ٿي نٿو سگهي، جيئن پٿر، مٽي، شيهي وغيره جي ميڊيم کانسواءِ مجسما سازي ممڪن نه آهي، جيئن مترنم آوازن جي مخصوص ترتيب کانسواءِ سُريلن آلاپن ۽ موسيقيت جو سرجڻ امڪان کان ٻاهر آهي، بلڪل ايئن شاعريءَ جو فن، شاعراڻي ٻوليءَ کانسواءِ تخليق ٿي نٿو سگهي. ٻين لفظن ۾ شاعراڻي ٻولي، شاعريءَ جي فن جو بنيادي عنصر ۽ اهم ترين خارجي ۽ رومانوي وسيلو آهي. زندگيءَ ۽ فطرت جو ڪوبه حُسناڪ ۽ لطيف خيال، جذبو ۽ احساس شاعراڻي ٻوليءَ کانسواءِ اظهار جي يا بيان ته ٿي سگهي ٿو پر اهو خالص شاعريءَ جي صورت وٺي نٿو سگهي. ان ڪري دنيا جا سمورا ادبي ۽ فني نقاد شاعراڻي ٻوليءَ کي شاعريءَ جي فن جو لازمي عنصر ڄاڻائين ٿا. هن باب ۾ دراصل ان موضوع جي سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان مثالن جي مدد سان اُپٽار ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ خود شاعراڻي ٻوليءَ جي دائري ۾ انيڪ جزوي عنصر اچي وڃن ٿا پر هتي ان جي تفصيل ۾ وڃڻ مناسب نه ٿيندو. ساڳئي وقت شاعراڻي ٻولي نه رڳو شاعريءَ جي تخليق ۽ ترويج جو ذريعو بڻجي ٿي پر اها شاعريءَ کان قطع نظر سموري ٻوليءَ جي مزاج، هيئت، حُسناڪيءَ ۽ وُسعت جو سبب بڻجي ٿي. شيڪسپيئر جي شاعراڻي ٻوليءَ کان سواءِ انگريزي زبان اُها وُسعت نه ماڻي سگهي ها، جيڪا ان کي شيڪسپيئر جي بي مثال شاعراڻي ٻوليءَ جي ڪري عطا ٿي. پري وڃڻ جي ڳالهه نه آهي، خود لطيف جي يگاني شاعراڻي ٻوليءَ کان سواءِ سنڌي ٻولي وهيءَ چڙهي نه سگهي ها ۽ اِها هن اڄوڪي اؤج کي هرگز نه رسي سگهي ها. ان ڪري ادب جي سنجيده شاگردن کي شاعريءَ جي اڀياس وقت شاعراڻي ٻوليءَ جي اهميت کي پوريءَ همه گيريت سان سمجهڻ گهرجي. انهيءَ ئي مقصد لاءِ ليکڪ هن باب ۾ ان موضوع کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ستين باب ۾ شاعريءَ ۾ عڪس بنديءَ جي موضوع کي ڇُهيو ويو آهي. شاعري انسان جي لطيف مشاهدي، حساس تخيل ۽ حُسناڪ تفڪر جي تخليقي امتزاج جو نالو آهي ۽ ان جو سڄو مدار تخيل تي ٿئي ٿو. تخيل هميشه شاعريءَ کان قطع نظر به مختلف قسمن جا عڪس تخليق ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي پر جڏهن تخيل شاعراڻو هجي ۽ ان جو اظهار به شاعراڻي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي فارم ۾ ٿئي ته پوءِ اهڙي شاعري مختلف نوعيتن جي لطيف عڪسن جي عڪاس هوندي آهي. سڄيءَ دنيا ۾ شاعريءَ جو اڀياس ٻين پاسن سان گڏ خالص عڪس بنديءَ يا عڪسيت جي خيال کان به ڪيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ لطافت جي حوالي سان اهڙو اڀياس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڪيو هو. ان کان پوءِ تاج جويي ۽ ٻين ليکڪن جديد سنڌي شاعريءَ جي نسبت سان اهو ڪم پئي ڪيو آهي. هن باب ۾ به شاعريءَ جي ان پهلوءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
باب اٺين کان هن مقالي جو ٻيو ڀاڱو شروع ٿئي ٿو. پهريون سڄو ڀاڱو جنهن جي مختلف بابن ۽ موضوعن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، ان ۾ سنڌي شاعريءَ سميت مجموعي طرح شاعريءَ جي فارم سان لاڳاپيل مختلف پاسن، عنصرن ۽ بنيادي ڳالهين تي روشني وڌي وئي. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو اٺن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل ۽ نئين ڪلاسيڪل شاعريءَ سميت رومانوي شاعري، ادب ۽ شاعريءَ ۾ ترقي پسندي ۽ حقيقت پسنديءَ جي رجحان تي مابعد الطبعي شاعريءَ جو، فارم نه پر مواد (Content) ۽ مزاج جي حوالي سان مختصر اڀياس ڪيو ويو آهي.
ڪلاسيڪل شاعريءَ جي باب ۾ سڀ کان اڳ ته قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ فرق کي واضح ڪندي، ان غلط فهميءَ کي دور ڪيو ويو آهي ته ڪو هر قديم شعر يا شاعري ڪلاسيڪيت جي دائري ۾ ٿو اچي. جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته هر اڄوڪي/ همعصر تخليق جديديت جي دائري ۾ نه ٿي اچي، بلڪل ايئن هر پراڻي يا قديم تخليق کي ڪلاسڪ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن باب ۾ به نه رڳو ان نُڪتي کي واضح ڪيو ويو آهي پر قديم سنڌي شاعريءَ جي پس منظر ۾ مثالن سان ڪلاسيڪيت جي حامل شاعريءَ کي درجه بنديءَ سان ڌار ڪري مٿس مختصر نظر وڌي وئي آهي.
نائين باب ۾ نقلي/ نئين ڪلاسيڪل (Pseudo/New Classical) شاعريءَ جي عنوان تحت ادب ۽ شاعريءَ جي مختلف تحريڪن جو سرسري طرح جائزو ورتو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ڳالهين کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي. سڀ کان پهرين ته نئين-ڪلاسيڪل (Neo-Classical) ۽ نقلي ڪلاسيڪل (Pseudo Classical) شاعريءَ ۾ فرق کي سمجهڻ گهرجي. سوڊو ڪلاسيڪل جو مطلب آهي اها قديم شاعري جيڪا ڪلاسيڪيت جو درجو نه ماڻي سگهي هجي، پر هم عصر دؤر جي نسبت سان ان کي به ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ شمار ڪيو ويندو هجي. جڏهن ته نيئو ڪلاسيڪل جو سادن لفظن ۾ مطلب ٿيندو ته اها جديد شاعري جيڪا ٻوليءَ، مواد ۽ معيار جي لحاظ کان ڪلاسيڪي روايتن جو تسلسل ۽ ان جي امين هجي. هن باب جي حوالي سان هڪ ته ان فرق کي سمجهڻ گهرجي ۽ ٻيو ته اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته هن باب ۾ جن فڪري تحريڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي سڀ تحريڪون سترهين صديءَ کان اڻويهين صديءَ جي آخر تائين يورپ ۾ آيل نشاطه ثانيه (Renaissance) جي پيداوار هيون. ننڍي کنڊ توڻي سنڌ ۾ ادب جي حوالي سان اهي رجحان اسان وٽ هن صديءَ ۾ اچڻ شروع ٿيا. جديد سنڌي شاعري نه رڳو پنهنجين ڪلاسيڪي روايتن کي برقرار رکيو پر ساڳئي وقت ان يورپ ۾ اُٿيل انهن ادبي تحريڪن جا اثر به قبول ڪيا. سنڌي ادب جي ڪلاسيڪي ۽ جديد روايتن جي اهڙي تخليقي امتزاج جو مُهندار شيخ اياز آهي. شيخ اياز سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي نوان تجربا ڪيا ۽ جن قدرن ۽ رجحانن جا بنياد وڌا، اڄ تائين جديد سنڌي شاعري انهن سان پاڻ کي سلهاڙيو بيٺي آهي. هن باب ۾ منهنجيءَ نظر ۾ شيخ اياز جهڙي يگاني شاعر سان پوريءَ طرح انصاف نه ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هتي سچل ۽ ساميءَ جي اياز سان ڀيٽ جي نه ته گنجائش آهي ۽ نه ضرورت، پر منهنجيءَ نظر ۾ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ ٻوليءَ توڙي فڪر جي خيال کان لطيف کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. ڏهين ۽ يارهين باب ۾ رومانويت ۽ ردِ-رومانويت جي تحريڪن جو مختصر طور ذڪر ٿيل آهي. انهن بابن ۾ ٻنهي تحريڪن جي پس منظر جي بيان سان گڏ جديد سنڌي شاعريءَ مان به ڪجهه مثال کڻي، سنڌي شاعريءَ ۾ انهن رجحانن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ردِ-رومانويت واري باب ۾ هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه به سامهون آندي وئي آهي. مثلن: پيراڻو ڀنڀرو، جنهن کي عام طور لوڪ شاعريءَ ۾ ئي شمار ڪيو ويندو آهي، ان جي شاعريءَ ۾ تجريديت جا رجحان ۽ عنصر ڳولي واضح ڪيا ويا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته جديد سنڌي ادب ته ٺهيو پر اسان جي قديم لوڪ ادب ۾ به دنيا جي جديد ادبي تحريڪن ۽ لاڙن جا بنياد ملن ٿا. ڪتاب جي آخري بابن ۾ شعري ادب ۾ حقيقت پسندي، تصور پسندي، فطرت پسندي، ترقي پسندي ۽ مزاحمتي لاڙن بابت سمجهاڻي ڏني وئي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته فطرت پسنديءَ کان علاوه باقي سڀ لاڙا ادب ۾ ترقي پسند فڪر جي پيداوار آهن. جڏهن ته فطرت پسنديءَ جو لاڙو ادب توڙي فن ۾ اوائلي زماني کان انساني تهذيب جي اؤسر سان گڏ گڏ هليو ۽ اُسريو آهي. ٻئي طرف ترقي پسند فڪر هونئن ته مختلف صورتن ۾ هر دؤر ۽ هر زماني ۾ رهن ٿا پر هڪ فڪري رجحان ۽ ادبي تحريڪ طور ان جو جنم ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ يورپ ۾ ٿيو. ادب ۽ فن جي ميدانن ۾ دراصل اهو ترقي پسند فڪر ئي هو، جنهن حقيقت پسنديءَ توڙي مزاحمتي لاڙن کي پيدا ڪيو. جديد سنڌي ادب به دراصل ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو تسلسل ۽ ڪلاسيڪي سنڌي ادب جي فڪري امتزاج جو نتيجو هو.
مجموعي طرح هيءُ مقالو نه رڳو شاعريءَ جي فن جي عمومي رجحانن ۽ روايتن بابت سمجهاڻي ڏئي ٿو، پر سنڌي ادب توڙي شاعريءَ لاءِ نوان رستا ۽ راهون پڻ کولي ٿو. مان سمجهان ٿو ته اسان جي نوجوان دوست عبدالوحيد جتوئيءَ جو هيءُ علمي مقالو ادب جي سمورن سنجيده شاگردن لاءِ نه رڳو ڪارائتو ۽ مددگار ثابت ٿيندو پر کين اهو اتساهه پڻ ڏياريندو ته اهي اهڙي جذبي ۽ محنت سان نه رڳو سنڌي ادب جو پاڻ اڀياس ڪن پر تحقيق ۽ تنقيد لاءِ اهڙا ڪم هٿ ۾ کڻن.
(عبدالوحيد جتوئيءَ جي ڪتاب “سنڌي ادب، فن کان فڪر تائين” جو مهاڳ، آگسٽ 1998ع)