پبلشر پاران: اسان جي زندگي
قديم سنڌ جي تاريخ بابت ڪاڪي ڀيرو مل جو ڪتاب ايامن کان تاريخ جي پاڙهوئن جون اُڃون اجهائيندو رهيو آهي پر جيئن ته هڪ سؤ سالن گذرڻ پڄاڻان سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، اڪيچار ترجما ٿيا ۽ مسلسل مضمون به ڇپبا رهيا آهن. ايڏن وڏن ماخذن جي موجودگيءَ ۾ قديم سنڌ جي تاريخ تي مستقل هڪ تحقيقي ڪتاب جي ضرورت باقي آهي. سنڌ جي يونيورسٽين وارا تاريخ جا شعبا سنڌ جي دور وار تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جا ذميوار هئا، سو ته پنهنجي جاءِ تي پر تاريخ جي انهن شعبن جي پاران گذريل سٺ سالن ۾ ڪوبه قابل قدر تاريخ جو تحقيقي ڪتاب سنڌي قوم کي پلئه نه پيو آهي. قديم تاريخ کانسواءِ ٽالپرن جي دور جي تاريخ ۽ جديد سنڌ جي تاريخ جو به ڪو محقق ڪتاب منظر تي ڪونهي.
جيستائين مٿيان ڪم سرانجام ڏيڻ وارا ڪي جوان جاڳي پون تيسين اسان جي لاءِ ته صرف اها ئي واٽ بچي ٿي ته تاريخ جي انهن دورن تي لکيل تحقيقي مواد جيڪو مختلف ڪتابن ۾ ڦهليل آهي، انهيءَ کي سهيڙي ترتيبوار مطالعي جي لاءِ پڙهندڙن جي آڏو آڻيون. هي ڪتاب ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
زير مطالعه ڪتاب جي تياري جي لاءِ حقيقت ۾ جيڪو وقت گهرجي، سنڌيڪا جي سخت انتظامي مصروفيتن جي ڪري مان ان کان قاصر رهيس ، جنهن ڪري پاڻ وٽ موجود ماخذن کي ئي سامهون رکي هي ڪتاب سهيڙيو اٿم. پر منهنجو اهو عزم باقي آهي ته ايندڙ ڇاپن ۾ رهجي ويل تحقيقي مواد اڃان به هن ڪتاب ۾ ضرور شامل ڪجي ته جيئن ان مان استفادي جي اهميت اڃان به وڌندي رهي.
نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي