سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جا يوناني ۽ رومي تذڪرھ نگار: محمد حسين پنهور

هن مضمون جو محرڪ نامور برطانوي ليکڪ مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جو ڪتاب ”Sindh – before Muslim Conquest“ (سنڌ- عربن جي فتح کان اڳ) آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ان ڪتاب جي مطالع کان پوءِ مونکي ڪافي مايوسي ٿي، جو ان ۾ لئمبرڪ جي ٻين ڪتابن ”چالرس نيپئر ائنڊ سنڌ“، ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“، ”سنڌ بئٽلس“، ”سنڌ-اَ جنرل انٽروڊڪشن“ ۽ ”دي ٽيررسٽ“ وانگر تحقيقي ۽ علمي مقام مون کي گهٽ نظر آيو. لئمبرڪ جي مذڪوره ڪتابن جي علمي دنيا ۾ وڏي حيثيت آهي، انڪري منهنجيءَ دل ۾ صاحب موصوف لاءِ نهايت عزت آهي.
”سنڌ- عربن جي فتح کان اڳ“ ڪتاب جي مطالع کان پوءِ اهو پهلو بهرحال مون لاءِ ڪجهه خوشيءَ جو سبب رهيو، جو ان موضوع تي لائق مصنف، اڃا به وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ تجسس ۽ توجهه ڏياريو آهي ۽ اسان پارن تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ان ڏس ۾ ڪجهه علمي ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو آهي.
سنڌو تهذيب کان پوءِ هِت آريا آيا. انهن کان پوءِ اخمينين، سڪندر، موريا، بلخ جا يوناني، ساڪا يا سٿين، پارٿين ۽ ساساني آيا، جن کان پوءِ راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن هِت حڪومت ڪئي. مسٽر لئمبرڪ مذڪور قومن جي آمد ۽ حڪومتن ڪرڻ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪي معلومات ڏنا آهن، سي اجمالي آهن ۽ سندس ماخذات به محدود ۽ مختصر آهن. تشنگيءَ جي انهيءَ احساس مون کي شوق ڏياريو ته مذڪور دؤرن بابت تفصيلي معلومات هٿ ڪجي، جيڪا منهنجي انداز ي مطابق سَوَن ڪتابن ۾ موجود آهن. دلچسپيءَ جي عالم ۾ ١٩٧٣ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پورا اٺ سال مواد گڏ ڪندو رهيس، مطالع ڪندو رهيس، حوالا ۽ معلومات حاصل ڪندو رهيس. انهيءَ عرصي ۾ موضوع جي مناسبت سان انگريزيءَ ۾ ڪجهه مضمون به لکيم، جي شايع ٿي چڪا آهن.
1. Cronology of Sindh from fall of Mohen jo Daro to the Arab Conquest of Sindh. (”Sindh Quarterly“, Vol: II, No: I, 1976, Karachi)
2. Influence of Ancient Sciences including those of Sindh on Al-Razi (”Sindhological Studies“, Summur, 1977, Published by Institute of Sindhology, University of Sindh, Jamshoro.)
3. International Trade of Sindh, 200 B.C -200 A.D. from its port of Barbaricon (Banbhore).
هي مضمون ان سلسلي جو چوٿون مضمون آهي.
هن مضمون پيش ڪرڻ جومقصد اهو آهي ته اسان جا سنڌ شناس عالم (Sindhologists) اهو ڏسن ته يوناني ۽ رومي مضنفن جي ڪتابن ۾ سنڌ بابت ڪيترو نه اهم ۽ اڪيچار مواد موجود آهي.
سنڌ تي مغربي لکندڙن جي شروعات نمايان طور سڪندر جي دؤر کان ٿئي ٿي، پر ان مواد جي معلومات جا سرچشما سڪندر کان به اڳ ڪيترين ئي صدين تي مشتمل نظر اچن ٿا.
مون پنهنجي مذڪور ٻئي نمبر مضمون ۾ ڄاڻايو هو ته قديم دنيا جي قديم درياهي تهذيبن، مثلاً نيل، سنڌو، فرات ۽ دجله جي وچ ۾ تمدني لاڳاپا گهٽ رهيا آهن. هر هڪ تهذيب وٽ سائنس پنهنجي پنهنجي طرز تي ايجاد ٿي، وڌي، ويجهي، پر اها ختم نه ٿي. پراڻين تهذيبن جون جايون نين تهذيبن والاريون،جن ۾ پراڻيون سائنسون به ڪنهن حد تائين مدغم ٿيون. دارا اعظم مٿين ٽنهي تهذيبن جي ايراضين کي پنهنجي شهنشاهيت ۾ داخل ڪيو. سنڌ ۽ مصر تي سندس تسلط تقريباً هڪ سؤ سال کان سوا سؤ سال رهيو. تقريباً ٥٢٠ ق.م. ۾ يونانين جو ڀونوچ سمنڊ جي تجارت تي قبضو هو ۽ ايران سان تجارت جي اٿينس کي هڪ هٽي هئي. دنيا جي تهذيب جو مرڪز ٽي وڏا درياهه نه هئا، پر ٽي جابلو قومون – ايراني، اسيرين ۽ يوناني- بنيا. ايرانين، يونان جا ڪي حصا سن ٤٧٩ – ٤٩٢ ق. م. ۾ قبضي ۾ ڪيا، ۽ نه صرف ان کي صوبائي خودمختياري ڏنائون، پر انهن جي تمدن جي پڻ حوصله افزائي ڪيائون. ان موقعي ملڻ سان يوناني، سنڌ ۽ هند ميسوپوٽيما، مصر، هٽي ۽ ڪريٽ جي تهذيبن ۽ سائنس جو مطالعو ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو ٻيا ٻه هزار سال ساري دنيا يوناني سائنس ۽ فلسفي جي محتاج رهي.
سڪندر اعظم جتي جتي پهتو، اتي جي هر پهلوءَ تي معلومات حاصل ڪرايائين. هتان سنڌ مان مختلف قسمن جا ماڻهو پاڻ سان گڏ بابل وٺي ويو ۽ اهو به عين ممڪن آهي ته انهن ۾ عالم، حڪيم ۽ ڏاها به شامل هئا.
آيرويدڪ طب جي اصولن ۾ شيون چئن قسمن جون آهن: هوا، زمين، باهه ۽ پاڻي ۽ چئني شين جون چار خصوصيتون آهن: گرم، سرد خشڪ ۽ تر. اهو ساڳيون نظريو يونان ۾ هپوڪريٽس (٣٧٠-٤٦٠ق.م.) پيش ڪيو. اهڙا ڪئين مثال آهن، جو هندو ۽ يوناني ديومالائن ۾ تقريباً ساڳيا قصا آهن. اها ثقافتي ڏي وٺ سڪندر کان گهڻو اڳ چالو هئي ۽ ان جا رستا خشڪيءَ سان گڏ سامونڊي پڻ هئا.
مون پنهنجي مضمون ”Chronology of Sindh“ (ڇپيل: Sindh Quarterly, Vol-II No1, 1976) ۾ هڪ هزار قبل مسيح کان ٦٢٦ ع تائين تاريخ وار مکيه واقعا ۽ ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. ان مضمون کي بعد ۾ نظرثاني ڪري اضافن سان وڌائي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي، جو پريس ۾ اشاعت هيٺ آهي. قارئين ڪرام ڏسندا ته ان ۾ هر هڪ تاريخي واقعو زنجير جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي حوالن وسيلي مربوط (Weld) ڪيو ويو آهي. انهن حوالن ۾ انهن ٢٣ مصنفن جا ماخذ پڻ شامل آهن، جيڪي يوناني ۽ رومي آهن ۽ جن جو اسان جي هن مضمون سان تعلق آهي.
انهن ٢٣ مصنفن کي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي بين الاقوامي واپار (International Trade) جونقشو ڦرڻ لڳو، ۽ ان موضوع تي هڪ مضمون تيار ڪيم، جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي تحقيقي مخزن ”Sindhological Studies“ ۾ ٻن نقشن سميت شايع ٿي رهيو آهي.
بهرحال، مان ان نتيجي تي پهچي چڪو آهيان ته سنڌ جي قديم تاريخ – عربن جي دؤر کان اڳ وارن دؤرن بابت – جي تفصيلي ۽ جامع مطالع لاءِ انهن ٢٣ يوناني ۽ رومي مصنفن جي تحريرن ۽ ڪتابن کي نهايت غور سان پڙهڻ لازم آهي، جن کان سواءِ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ۽ تحقيق تشنه تصور ڪيا ويندا.
هن مقالي ۾ جن يوناني ۽ رومي مصنفن جو ذڪر ڪنداسين، تن جي لسٽ هن ريت آهي:
1- هِڪئيٽس
2- اسڪائلتڪس
3- ڪٽيسياز
4- هيروڊوٽس
5- اگزينوفان
6- سڪندراعظم
7- نيئرڪس
8- ميگئزٿينيز
9- ارسٽو بولس
10- ڪلائٽارچس
11- ايرئٽوس ٿنيسز
12- يوڊوڪسز
13- هپيئلس
14- اسٽرابو
15- اپولونيئس آف ٽيانا
16- ڊيوڊورس سائڪيولس
17- ڪرٽيس رفس ڪئنٽس
18- پلوٽارچ
19- پيريپلس
20- پِلني دي ايلڊر
21- ڪلاڊيس ٽالمي
22- جسٽينس
23- ايرين

[b](1) هڪئيٽس
[/b]هِڪئيٽس (Hecataeus) يوناني تاريخ نويس ۽ جاگرافي دان هو، جو سن ٥٥٠ ق.م. ڌاري پيدا ٿيو ۽ سن ٤٧٦ ق.م. ۾ فوت ٿيو. ميلٽس (Meletus) جو رهواسي هو. ايران جي اخمينين (Achaemenian) شهنشاهيت خلاف آئونين (Ionian) انقلاب جو حامي ۽ هڪ رهنما پڻ هو.
هن هڪ تاريخي ڪتاب (Genealogiae) سن ٥٠٠ ق.م. ڌاري، ۽ جاگرافيءَ جو ڪتاب ”پريگيسز“ (Periegesis) نالي لکيا، جن ۾ برصغير ۽ سنڌ متعلق به احوال آهي. سنڌ متعلق هن کي اسڪائليڪس کان اطلاع مليو هو.
هن دنيا جو نقشو پڻ تيار ڪيو، جو گول هو. اتر اڌ گول ۾ يورپ ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ايشيا هئي. اتر ۽ ڏکڻ کنڊن (Continents) جي چؤطرف سمنڊ هو. هن جو لکيل مٿيون ڪتاب صفا ضايع ٿي چڪو آهي، پر ان جو مواد هيروڊوٽس استعمال ڪيو، جو سندس مرڻ وقت اٺن سالن جي عمر جو هو. هيروڊوٽس کي تاريخ جو ابو تسليم ڪيو ٿو وڃي، پرمنهنجي خيال ۾ اهو خطاب ”هِڪئيٽس“ جو حق آهي، جيڪو اُن کان آڳاٽو تاريخ نويس آهي.
سندس ڪتابن ۽ زندگيءَ تي پيئرسن (L.Pearson) پنهنجي ڪتاب (Early Ionian Historians) جو لنڊن مان ١٩٣٩ع ۾ ڇپيو ۾ تنقيد ڪئي آهي. سندس ڪتاب جا جُزا مُلر (C.Muller) پيرس مان سنه ١٨٤١ع ۾ فرئگيمنٽس (Fragments) جي نالي سان ڇپرايا.
سنڌ متعلق هن هڪ خاص ڳالهه لکي آهي ته سنڌ دريا جي کٻي ڪناري تي (اوڀر طرف) اوپيائي (Opiai) نالي هڪ قوم يا قبيلو (Tribe) رهندو هو، جن وٽ مضبوط قلعو (شايد پٽالا؟) هو. ان شهر جي اوڀر ۾ ريگستان هو.

[b](2) اسڪائلئڪس
[/b]اسڪائلئڪس (Scylax) هڪ يوناني هو ۽ ڪئرييانڊا(Caryanda) جو رهواسي هو. هو ڪو مصنف نه هو، پر هڪ اميرالبحر هو ۽ دارا جي سنڌو ۽ گنڌارا صوبن جي فتح ڪرڻ کان بعد سندس حڪم سان پشاور (Kaspapyrus) کان سنڌونديءَ جي رستي عربي سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ،مڪران جو ڪنارو وٺي، بحرين جي سامهون ايراني نار پار ڪري، عربستاني اُپٻيٽ (Peninsula) جو ڪنارو وٺي، ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري مصر پهتو. نيل ندي تائين سڌو پهچڻ لاءِ دارا، مصر جي فرعون بادشاهه نيڪو دوم (Necho-II) جو ٺهرايل واهه، جنهن نيل درياهه کي ڳاڙهي سمنڊ سان ملايو ٿي ۽ لَٽجي ويو هو، وري درست ڪرايو. اهو سفر شايد سنه ٥١٤ ق.م. ڌاري شروع ٿيو ۽ اڍائي سالن بعد ختم ٿيو. هو ايراني نه هو پر يوناني هو ۽ پهريون يورپي هو، جنهن اهڙو سفر ڪيو هجي. سفر جو مقصد هو ته دارا جي شهنشاهيت جي ٻن دور دراز حصن يعني سنڌ ۽ مصر کي پاڻ ۾ ملائڻ. دارا ڪئين خشڪي رستا پڻ قائم ڪيا هئا.
اسڪائلئڪس جو ڪتاب يا جرنل يا لاگ بوڪ يا پيريپلس (Periplus or Circumnavigation) گم ٿي ويو آهي. سندس متعلق اسان کي هيروڊوٽس (Herodotus) جي چوٿين ڪتاب مان معلومات ٿئي ٿي، جا ناڪافي آهي. سڪندراعظم ۽ سندس ساٿي نيرڪس کي اسڪائلئڪس بابت ڪا معلومات ڪانه هئي. سندس حياتيءَ جي باري ۾ به اسان کي خاص معلومات ڪانهي. سندس ڪتاب پيريپلس (Periplus)، جو هيروڊوٽس استعمال ڪيو، شايد سندس موت بعد چوٿين صدي ق.م. ۾ لکيو ويو هجي.

[b](3) ڪٽيسياز
[/b]ڪٽيسياز (Ctesias) يوناني ڊاڪٽر ۽ مصنف هو، جو عيسوي سن کان تقريباً پنج صديون اڳ زنده هو. ايران جي شهنشاهه ارتازرزس (Artaxerxes) جو سرڪاري طور طبيب هو.
هن ٽيويهن جلدن ۾ ايران جي تواريخ لکي، جنهن مان هڪ جلد گڏيل هندستان جي جاگرافي متعلق هو. ڊيوڊورس ۽ پلو ٽارچ جن سڪندراعظم جي تاريخ لکي، ان جي ڪتاب مان معلومات ورتي آهي.
ڪتاب گهڻي ڀاڱي گم ٿي چڪو آهي ۽ باقي بچيل جُزا گلمور (J.Gilmore) ١٨٨٨ع ۾ ڇپرايا آهن. گڏيل هندستان متعلق جي صفحا آهن، انهن جو ترجمو، تبصره سان گڏ مئڪرنڊل ”Indian Anti quary“ (انڊين ائنٽي ڪئاري) ۾ ١٨٨٢ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپرايو. مضمون جو نالو آهي. ”Ancient India as described by ktesia“ ۽ ساڳئي سال ڪلڪتي مان ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب ۾ سنڌوندي، جنگ ۽ صلح جي وقت ۾ هاٿين جي استعمال، باندرن، ڪتن ۽ شينهن جي لڙاين، هندستان جي انصاف، سج ۽ چنڊ جي پوڄا، ماڻهن جي ڪاري رنگ، چاندي جي کاڻين، رڍن، ٻڪرين، جانورن، مٺائي وغيره جو بيان ڪيل آهي، جنهن مان ڪافي معلومات ملي ٿي.
پر ڪتاب ۾ هندستان بابت ڪيترا وڌاءُ پڻ آهن، مثلاً لکي ٿو ته ماڻهن جي حياتي ١٢٠ کان ٢٠٠ سالن تائين آهي. ٢٠ فوٽ ڊگها نانگ آهن، جن جي پڇ مان زهريلي خوشبوءِ نڪري ٿي. انسانن جو مٿو ڪُتي جي مٿي جهڙو آهي ۽ گهوڙي کان وڏا جهنگلي گڏهه آهن، وغيره.
ڪٽيسياز جي ڪتاب مان ايرين، اسٽرابو، پلني ۽ ٻين ڪيترن مصنفن حوالا ورتا آهن ۽ انهن جي ذريعي مئڪرنڊل ۽ گلمور ڪتاب جا جزا ڪٺا ڪيا، جي تقريباً هزار صفحن تي مشتمل آهن.

[b](4) هيروڊوٽس
[/b]هيروڊوٽس (Herodotus) جي پيءُ جو نالو لائڪسز (Lyxes) هو. ايشا مائنر جي شهر هئليڪار ناسز (Halicarnasus) ۾ سنه ٤٨٩ ق.م. ۾ پيدا ٿيو، ۽ سنه ٤٢٠ ق.م. ۾ وفات ڪيائين.
تاريخي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪيترا سير ۽ سفر ڪيا، جيڪي کيس واپار سانگي ميسر ٿيا، جن مان مصر، ڪاري سمنڊ وارا علائقا، سٿيا، بابل، نهر دجلھ، سائيرين (لبيا جي ڪناري تي)، اُتر آفريڪا، ايشا مائنر ۽ يوناني ٻيٽ خاص اهميت وارا هئا. سندس تاريخ نَوَن ڪتابن ۾ آهي، ان ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ باب ٽيون ۽ ستون آهن. ٽئين باب ۾ ڪئمبيس ۽ دارا پهرين جون فتوحات ۽ ستين باب ۾ اگزرزز (Xerxes) جون يونان تي ڪاهون بيان ٿيل آهن. هي پراڻي زماني جي ٻي تاريخ آهي، جا نثر ۾ لکي ويئي هئي. پهرين تاريخ هڪئيٽس جي هئي. هيروڊوٽس جي چوٿين ڪتاب ۾ اسڪائلئڪس (Scylax) جو پشاور کان وٺي سنڌو درياهه ۽ پوءِ عربي سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) رستي مصر سان ڳنڍڻ جو احوال ڏنل آهي. اهو سفر شهنشاهه دارا جي حڪم تي ڪيو ويو ۽ مقصد هو ته گنڌارا ۽ سنڌ صوبن کي ميسوپوٽيميا ۽ مصر سان واپار خاطر ملايو وڃي.
هيروڊوٽس جي تاريخ ضايع ٿيڻ کان بچي ويئي آهي ۽ ڪيترا دفعا ڇپجي چڪي آهي. تازه ترين انگريزي ترجمو جو سيلنڪورٽ (Aubry de Selincourt) ڪيو ۽ لنڊن مان ١٩٥٤ع ۾ ”Herodotus, The Histories“ جي نالي شايع ٿيو آهي. پر ڏسڻي (Index) جي غير موجودگيءَ ۾ ان جو مطالع ڪافي تڪليف ڏيندڙ آهي. ان کان سواءِ هيروڊوٽس جي تاريخ جا هي ترجما به ٿيا آهن:
(1) G. Rawlinson and Rew. Oanon: ”History of Herodotus“, 4 Vols, Lodon, 1856-60
(2) G.Rawlinson and J.G.Wilkinon: ”History of Herodotus“, London 1875.
(3) G.C. Macawly: ”Herodotus“, Lodon, 1904.
(4) O. Hude, ”Herodotus History“ Oxford, 1913-14.
انهن کان اڳ رينيل (Renell, James F.R) سنه 1830ع ۾ لنڊن مان ”Geographical System of Herodotus“ نالي ڪتاب شايع ڪيو.
انهيءَ تاريخ کان سواءِ، اخمينيبن جي سنڌ جي فتح، سنڌ ۾ نظام حڪومت، واپار، سنڌ جي پيدائش مثلاً ڪمند ۽ ٻين فصلن، اسڪائليڪس جو درياهي سفر، سنڌ تي لڳايل ڍل ۽ ٤٨٠ قبل مسيح ۾ سنڌ جي سو بحرن جو ايراني بادشاهن طرفان يونانين سان جنگ جو احوال، اسان کي معلوم نه ٿي سگهي ها.
مون پنهنجي مضمون ”International Trade of Sindh“, 200 B.C-200 AD جو ”Sindho logical Studies“ ۾ ڇپجي رهيو آهي، اسڪائيلڪس جي سفر ۽ ان کان بعد ٻين ٽن صدين ۾ ان سلسلي جي پوءِ واري ۽ آخر ۾ سنڌ کي انهي واپار مان فائدن تي روشني وڌي آهي.

[b](5) اگزينوفان
[/b]اگزينوفان (Xenophon) ٣٥٤-٤٣٠ ق.م. ۾ زنده هو، اصل يوناني هو پر اسپارٽا ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي وفات ڪيائين. قديم دنيا جي وڏي ۾ وڏي لڙائيءَ ۾ جا سائرس دوم (Cyrus II) ۽ سندس ڀاءُ اراٽازرزس (Arataxerxes) جي وچ ۾ ٿي، ان ۾ حصو ورتائين. هن ڪئين تاريخون لکيون جن ۾ سائرس اعظم (Cyrus the great) جي زندگي کي سائرو پيڊيا (Cyropaedia) ۽ مٿئين جنگ جو ذڪر يا Anabasis مان، اخمينين ايرانين جي حڪومت، انتظام، جنگ جي اوزارن وغيره تي احوال ملي ٿو، جنهن جو واسطو سنڌ سان به آهي.
سندس ٻه ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان تازه ترين هي آهن:
1- Rex Warner (translator), The Persian expedition, London, 1975
2- Walter Miller (translator) Cyropaedia, 2 Volumes, London, 1914

[b](6) سڪندراعظم
[/b]سڪندراعظم (Alexander the Great) مئيڪيڊونيا جو بادشاهه ۽ فلپ ٻئي (Philip II) جو پٽ هو. سن ٣٢٣- ٣٥٦ ق.م. تائين زنده رهيو. ايران، افغانستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ فتح ڪيائين. سڄا سارا ڏهه سال انهيءَ فتح ۾ صرف ڪيائين. پاڻ ڪو مصنف ڪونه هو، پر پاڻ سان ڪيترا تاريخدان کنيائين، جن مفتوح علائقن تي تحقيق ڪئي ۽ سڪندر جي تاريخ لکي. ان لحاظ سان سڪندر جو قديم زماني جي اتهاس (Literature) ۾ تمام وڏو حصو (Contribution) آهي. ان قسم جي جستجو شايد ڪنهن مشڪل سان ڪئي هوندي. هندستان ۾ گپتا گهراڻي وارن جي سائنس جي ميدان ۾ ترقي ۽ اڪبر اعظم جي ادب نوازي تقريباً سندس مقابلي جي ئي آهي. سندس تذڪره نگارن ۾ سندس ويڳو ڀاءُ ٽالمي (Ptolemy) جو پوءِ مصر جو بادشاهه ٿيو، ارسٽوبولس (Aristobolus) ۽ اميرالبحر نيئرڪس (Nearchus) شامل آهن. انهن ٽن تواريخ نويسن تان ڪئلسٿينس (Calisthenes)، آنيسيڪريٽس (Onesicritus) ۽ ڪلائٽارچس (Cleitarchus)، سڪندر متعلق رنگ آميزي قصا (Romantic fiction) لکيا، جي وري پلوٽارچ (Plutarch)، ڪرٽيس رفس (Curtius Rufus) ۽ ڊيوڊورس سڪيولس (Diodorus Siculus) استعمال ڪيا. وقت بوقت اها ڪهاڻي بدلبي رهي ۽ جامي جو سڪندر نامون انهيءَ ڪهاڻي جي هڪ ڪڙي آهي.
سڪندر برصغير ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ اونسي ڪريٽيرس (Onici Craterus) تي ڪم رکيو ته سنڌو ندي وارن علائقن متعلق تحقيقات ڪري. ڪريٽيرس جي معلومات مطابق سنڌ ۾ مذهبي رهنما (جيڪي جين يا ٻڌ ڌرم جا ڀڪشو يا برهمڻ ٿي سگهن ٿا) طاقتور۽ عوام جي خيالن تي قابض هئا. ملتان (جو ان وقت سنڌ جو حصو هو) ۽ الور ۾ سورج ديوتا جا عبادتگاهه هئا. انهن مذهبي رهنمائن سنڌ جي جابلو علائقن جي بادشاهه سمبس (Sambus) کي سڪندر جي خلاف اُڀاريو. هنگلاج (ضلع لس ٻيلو، جو ان وقت سنڌ جو حصو هو) جي عبادتگاهه ۾ انسان جي قرباني عام هئي.
سڪندر جو نالو روماني (Romantic) قصن مشهور ڪيو، جن جو پهريون مصنف ڪئيلزٿينسز هو. اهي قصا يوناني، رومي، آرمينين، سرڪ (Syric) عربي ۽ ايراني مصنفن مشهور ڪيا ۽ هڪ ڪتاب مان ٻئي ۾ تبديل ٿيندا رهيا. ايراني تواريخي شاعرن فردوسيءَ ۽ جامي هن کي دارا جو پٽ بنايو. ڪرستانن وٽ هو درويش تسليم ڪيو ويو ۽ مسلمانن وٽ پيغمبر بنيو. آخر ابوالڪلام آزاد کي ظاهر ڪرڻو پيو ته يوناني سڪندراعظم، قرآن شريف وارو سڪندر ذوالقرنين ناهي. سڪندر ارسطو جو شاگرد هو. هن کي هيروڊوٽس ۽ اسڪائليڪس متعلق ڪا معلومات ڪانه هئي. جنهن وقت سڪندر سنڌ ۾ آيو ان وقت سنڌ ۾ هيٺيون حڪومتون هيون:
1- مئلوئي (Malloi) جا شرڪوٽ ساهيوال کان وٺي ملتان ۽ اُچ تائين هئي.
2- آڪسيڪئنس (Oxycanus) جنهن جي حڪومت ڪنڌڪوٽ کان وٺي درياءَ جي سڄي هٿ تي جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، سبي ۽ ڪڇي ضلعن ۾ هئي.
3- ميوزيڪئنس (Musicanus) جنهن جي حڪومت درياءَ جي کٻي ڪناري تي اُچ کان وٺي بهاولپور، رحيم يار خان، سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ هئي.
4- سئمبس (Sambus) جنهن جي حڪومت دادو ضلع ۾ سيوهڻ نئينگ تائين هئي.
5- ۽ 6- موئرس (Moeris) يا شايد موريا جي ساڳئي خاندان جا ٻه فرد هئا. هڪ جي حڪومت درياهه جي اڀرندي واري شاخ، جا سانگڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن ۾ هئي ۽ ٻئي جي حڪومت درياءَ جي اولهه واري شاخ جا ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ هئي.
7- اريبٽي (Arabitai) حڪومت دادو ۽ ٺٽي ضلعن جي ڪوهستان وارن حصن ۽ ڪراچي ضلعن ۾ هئي.
8- اوريٽاءِ (Oreitai) جا لَس ٻيلي ضلعي ۾ هئي.
9- ڪڇ اُن وقت هڪ ٻيٽ هو. سنڌ جو حصو هو، پر سندس حاڪم جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

سڪندر جي سنڌ، هند ۽ ايران فتح ڪرڻ جا ڪي خاص نتيجا هي نڪتا:
1- هن شادين رستي يوناني، ايرانين ۽ هندوستانين کي تهذيبي طور هڪٻئي جي قريب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
2- فوجي ۽ ديواني ڪم علحده ڪيا ويا.
3- هڪ نئون سڪو (Currency) جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ سون سان گڏ چاندي به استعمال ڪئي وئي.
4- يوناني ٻولي بين الاقوامي واپار ۽ تعلقات ۾ استعمال ٿيڻ لڳي ۽ خاص طور تي سائنس جي ڪتابن ۾.
5- سنڌونديءَ کي فرات ۽ دجله سان نيئرڪس جي سفر ملائي انهن ملڪن ۽ ڀونوچ سمند جي ملڪن کي سنڌ ۽ هند سان ملايو. انهيءَ مضوع تي مون پنهنجي مضمون International Trade of Sindh 200 B.C- 200 A.D through its port of Barbaricon(”سنڌ جو بين الاقوامي واپار- سندس باربريڪان بندر جي وسيلي“) ۾ ڪافي بحث ڪيو آهي.

[b](7) نيئرڪس
[/b]نيئرڪس (Nearchus) ڪريٽ جو رهواسي، سڪندراعظم جو گهرو دوست ۽ سندس سنڌ مان رواني ڪيل بحري ٻيڙن جواميرالبحر هو. سندس خاص ڪاميابي اها هئي ته هو سنڌو درياهه ۾ استعمال ٿيندڙ، سڌي تري وارن ٻيڙين (Flate Bottom Boats) جي ذريعي مڪران جو ڪنارو وٺي، ايراني نار رستي درياهه دجله جي منهن تي پهتو. حقيقت ۾ اهو رستو ميسوپوٽيما جي حاڪم سارگن ٻئي (Sargon-II) جي دؤر ۾ يعني عيسوي سنه کان 2200 اڳ به استعمال ٿيندڙ هو، پر انهيءَ جي نه دارا کي خبر هئي، جنهن انهيءَ ڪم لاءِ اسڪائليڪس کي مقرر ڪيو ۽ نه وري سڪندر کي ، جنهن نيئرڪس کي 80 جهازن سان ان رستي ايراني نار جي منهن تي پهچڻ جو حڪم ڏنو. اهو سڄو احوال مون پنهنجي مذڪور مضمون ”Internation Trade of Sindh“ 200 B.C-200 A.D. ۾ ڏنو آهي.
نيئرڪيس پنهنجي سفرنامي جي روزمره جي هڪ ڊائري (جرنل) لکي. خوش قسمتيءَ سان اهو جرنل ناس ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ايرين ۽ اسٽرابو جي مواد معرفت اسان وٽ پهتو آهي. جرنل مان سنڌ متعلق مواد جو خلاصو مون ”Chronological Dictionary of Sindh“ ۾ ڇپرايو آهي. اهو جرنل ڪئين دفعا جدا جدا ترجمانن ڇپرايو آهي، جن ۾ خاص هي آهن:

1- Rev.William Vincent. Voyage of Nearchus, London 1797.
2- Mc Crindle. Ancient India as described by Magasthenes and Arrian Calcutta 1877.
3- Tomasche. Topographische Frlanterung der Kuston fahrt Nearchus, Vom Indus, bis Zum Euphrat Vol XXI, Wien 1890.
4- Robson, E. Illiff, Indica, London, 1966 (Leob classical Libarary).

اسان کي نيئرڪس جي جرنل مان پٽالا مان روانه ٿيڻ کان بعد سنڌ جي اڀرندي شاخ (شايد اڀرندي پراڻ) رستي روانگي ۽ اڳتي سفر جو تاريخ وار سلسلو ملي ٿو. اتان هي حب يا ارئبس (Arabis) نديءَ پهتو. اتان ٽامرس (Tomerus) ندي ۽ ٽامرس کان ڪولٽا پهتو. رستي تي سٽورا نار (Stura Greek)، ڪورياٽس (Koreatis)، ڪروڪالا (Krokala) هيا. اهي سڀ سنڌ جي ڪناري تي هئا. ان کان پوءِ هو ڊومڪ (Domac) ٻيٽ تي پهتو، اتان سرنگا (Saranga) ۽ وري اتان سڪالا ۽ بعد ۾ مورن ٽوبارا جي بندر تي پهتو، جو حب نديءَ تي هو. اڃا سنڌ جي سرحد ختم نه ٿي هئي، ڇو ته لَس ٻيلو سنڌ ۾ هو. اتان کان پوءِ هو پگال (Pagal)، ڪبانا (Kabana)، ڪوڪالا (Kocala) کان ٿيندو ٽومرس (Tomerus) يا پورالي نديءَ جي منهن تي پهتو. اتان ملانا روانو ٿيو ۽ پوءِ مڪران جو ڪنارو وٺي مغرب طرف روانو ٿيو.
نيئرڪس جي جرنل جو مڪمل ۽ صحيح مطالعو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. تازه 1975ع ۾ ايگرمانٽ ”Alexander’s Campaign in Sindh and Baluchistan“ (P.H.L Eggermont) نالي ڪتاب لکيو آهي، جنهن وڌيڪ ضرورت پيدا ڪئي آهي ته نيئرڪس جو نئين سر مطالعو ڪيو وڃي.

[b](8) ميگئزٿينيز
[/b]ميگئزٿينيز (Megasthenes)، سيلئوڪس طرفان چندرگپتا موريا جي دربار ۾ سفير (Ambassader) هو. ان وقت سنڌ ۾ چندرگپت جي حڪومت هئي. ميگئزٿينيز گهڻو سفر ڪونه ڪيو، پر چوي ٿو ته هن سڪندراعظم کان ملڪ جا زياده حصا ڏٺا هئا. جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، ان جو واسطو هندستان جي ڪن صوبن سان آهي، پر ملڪ جون عام حالتون ساڳيون هونديون، ان ڪري ڪي ڳالهيون سنڌ سان لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. ڪتاب گم ٿي ويو آهي. فقط ڪي ٽڪرا موجود آهن، پر اهي ٽڪرا ڪافي دلچسپ آهن ۽ ڏيکارين ٿا ته لکندڙ تمام لائق ماڻهو هو ۽ جيڪي لکيو اٿس، سو ايمانداريءَ سان لکيو اٿس. هيٺيون دلچسپ ڳالهيون به لکيو اٿس:
1- ملڪ صوبن ۾ ورهايل هو، جن مٿان گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا، جي ڪڏهن شاهي خاندان جا هئا.
2- بادشاهه کي صلاحڪار هئا جي کيس جدا جدا شعبن جي ڪم ۾ مدد ڪندا هئا.
3- شهر ۾ هڪ قسم جي ميونسپالٽي هئي جا هنر، مسافرن جي رهائش، ڄم ۽ موت جو حساب رکڻ، تجارت، تور ماپ ۽ قيمت جي نگراني، ڍل جي وصولي ۽ نيلام جو حساب ڪتاب رکڻ جو بندوبست ڪندي هئي.
4- ضلعي جا آفيسر جن کي هو Agronomoi سڏي ٿو، زمين جي ماپ، پاڻي ماپ سان ڏيڻ، کيتي، ٻيلن ۽ کاڻين جا انچارج هئا.
5- مرڪز ۾ وار ڊپارٽمينٽ (War Department) هو، جنهن ۾ 600،000 سولجر هئا ۽ جدا جدا عملدارن جي ماتحت ڪم ڪندا هئا.
6- انهيءَ وقت جي لڙائيءَ جا اوزار پڻ بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ساڍا پنج فوٽ ڪمان، چمڙي جي ڍال، تلوار ۽ ٻيا ڪئين هٿيار هئا.
7- بادشاهه شڪار تي ويندو هو ته چؤطرف عورتون هونديون هيس.
8- پاٽنا کان پشاور تائين رستو هو، جو 1150 ميل ڊگهو هو.
9- ڪڏهن به ڏڪار ڪونه پيو هو، اناج جي کوٽ ڪانه هئي.
10- لڙاين هوندي به مخالف ڌريون نه فصل جو نقصان ڪن ۽ نه هاري کي تنگ ڪن، هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيا ٿي.
11- ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهر گهڻو ڪري ڪاٺ جا ٺاهيندا هئا.
12- چوري ورلي ٿيندي هئي.
ازانسواءِ جهنگلي جانورن، زمين جي طاقت، باندرن، پکين، سامونڊي ٻوٽن، سنڌو درياهه، ماڻهن جي رسمن، هندن جي ورنن، گهوڙن، هاٿين، جوڳين ۽ برهمڻن جو بيان به ڪيو اٿس. سندس ڪتاب 120 صفحن جو آهي.
ميگئزٿينيز جي ڪتاب جو صرف هڪ ترجمو منهنجي نظر مان نڪتو آهي. اهو مئڪرنڊل 1877ع ۾ ڪلڪته مان ”Ancient India as described by Megasthenes and Arrian“ جي عنوان سان ڇپرايو، جنهن جو پهريون حصو 150 صفحن تي آهي. ٻئي حصي ۾ نيئرڪس جي جرنل جو ترجمو آهي، جو ايرين ڪٺو ڪيو هو.

[b](9) ارسٽوبولس
[/b]ارسٽو بولس (Aristobolus) يوناني تاريخ نويس سڪندراعظم جي لشڪر ۾ هڪ انجنيئر هو.
سن ٢٨٠-٢٨٥ جي وچ ۾ هن سڪندراعظم جي تاريخ لکي، جا ايرين (Arrian) ۽ سٽرابو (Strabo) پنهنجي تاريخن ۾ استعمال ڪئي آهي. ارسٽو بولس جي تاريخ ايرين جو مکيه ماخذ (Source) هئي، ڇو ته کيس خبر هئي ته سڪندر ڪيترن موقعن تي ڪي ضروري ڪم ارسٽو بولس جي سپرد ڪيا هئا. ارسٽو بولس شايد پهريون ئي مصنف آهي، جنهن کي معلوم ٿيو ته سنڌو درياهه پنهنجا وهڪرا بدلائي ٿو ۽ هن سنڌ ۾ اهڙا ڪئين شهر ڏٺا، جي درياهه جي تازي وهڪري بدلجڻ ڪري ناس ٿيا هئا. هن پنجاب ۽ بلوچستان جي ٻوٽن جانورن ۽ رواجن جو پڻ بيان ڪيو آهي. هي مصنف سنڌ ۾ جولاءِ ٣٢٦ کان سيپمٽبر ٣٢٥ ق.م تائين موجود هو ۽ ٤٠ سالن کان بعد ڪتاب لکيائين، جو ضايع ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن ايرين جي ڪتاب معرفت اسان کي سندس تصنيف جا حصا نه ملن ها ته شايد اسان کي سندس بابت ۽ سڪندر جي سنڌ ۾جنگين متلعق تمام ٿوري معلومات هجي ها.

[b](10) ڪلائٽارچس
[/b]ڪلائٽارچس (Cleitarchus) عيسوي سن کان ٽي صديون اڳ گذاري ويو. هن سن ٢٨٥ ق.م ڌاري سڪندراعظم جي تاريخ لکي. ڪن جو چوڻ آهي ته اها ٢٨٠ ق.م ڌاري لکي ويئي. ايرين اها تاريخ پنهنجي ڪتاب انابسز (Anabsis) لاءِ استعمال ڪونه ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڌاءَ ٿيل هئا. پرڪرٽيس رفس (Curtius Rufus) ۽ ڊيوڊورس، جن به سڪندر اعظم جي تاريخ لکي، تن سندس ڪتاب مان ڪيترا حصا استعمال ڪيا آهن. ڪن عالمن ائين سمجهيو ٿي ته ڪلائٽارچس جي تاريخ ٽالمي ۽ ارسٽو بولس کان اڳ لکي ويئي هئي ۽ انڪري وڌيڪ معتبر (Authentic) هئي، پر تحقيق ثابت ڪيو آهي ته سڪندر جي پهرين تاريخ ٽالمي سارٽر لکي ۽ ٻي ارسٽو بولس. ڪلائٽارچس انهن ٻنهي کان بعد ۾ لکيو. پهرين ٻن وانگر ڪلائٽارچس به شايد سڪندر سان ايشيا ۾ گڏ هو. پر جيڪڏهن سندس تاريخ ٢٥٨ ق.م ۾ يا ٻي صدي ق .م ۾ لکي وئي ته پوءِ هو ساڻن گڏ نه هو. سندس تاريخ وجود ۾ ڪانه آهي، پر جيڪي ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس کان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر سيوهڻ جي بادشاهه سمبس کي شڪست ڏيڻ بعد 80،000 ماڻهو مارايا، اهو وڌاءُ آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت سڄي سنڌ جي آبادي شايد 5 لک ماڻهو هجي. اهڙيءَ طرح لس ٻيلي جي مڇي خورن (Fish eaters) متعلق بيان، ته هو سواءِ مڇيءَ جي ٻيو ڪوبه کاڌو نه کائيندا هئا، ۽ انهن وٽ ڪنهن به قسم جو اوزارنه هو، انڪري مڇيءَ کي پنهنجن ننهن سان چيري اُس ۾ پڇائي کائيندا هئا، پڻ هڪ مبالغو آهي.
سڪندر جي رومانس (Romance) جا قصا پڻ تاريخي حيثيت نٿا رکن. پٽالا شهر کي هرماٽيليا جو نالو پڻ هن مصنف ڏنو. سڪندر جا معجزا ۽ خواب مصر جي ٽالمين جي دؤر ۾ مشهور ڪيا ويا. هن مصنف انهن مان ڪي پنهنجي تصنيف ۾ شامل ڪيا آهن.
ڪلائٽارچس مصر جي اليگزنڊريا شهر ۾ رهندو هو، جتي ٽالمي گهراڻي جي حڪومت هئي، جنهن جو بنياد رکندڙ ٽالمي-اول سارٽر (Ptolemy-I Sorter) سڪندر جو ويڳو ڀاءُ ۽ دوست ۽ جنرل پڻ هو. ٽالمي خاندان وارا سڪندر جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ پاڻ کي ان جو وارث سمجهندا هئا، انڪري انهن جي دؤر ۾ سڪندر لاءِ ڪيئن قصا ٺاهيا ويا، جي 2000 ورهين تائين تاريخي حقيقت سمجهيا ويندا هئا. هن مصنف تي وڏي ۾ وڏي تحقيقات هڪ جرمن عالم جئقوبي (Jacoby F.G.H) ڪئي، جا برلن مان جرمن زبان ۾ ١٩٢٣ ۽ ١٩٣٠ع ۾ شايع ٿي آهي.

[b](11) ايرئٽوسٿينيس
[/b]ايرئٽوسٿينيس (Eratosthenes) يوناني جاگرافي دان ۽ حسابن جو ماهر سائرين (Cyrene)، جنهن کي هاڻي ”شاهت“ چون ٿا ۽ لبيا ۾ سمند جي ڪناري تي موجود آهي، ۾ سنه ١٩٤-٢٧٦ ق.م ۾ زنده هو. تعليم اٿينس ۾ پرايائين ۽ مصر جي بادشاهه ٽالمي ٽئين (Ptolemy-III) جي دعوت تي سڪندريه جي عجائب گهر ۾ تحقيقات جي شعبي ۾ فيلو (Fellow) مقرر ٿيو، جتي تاريخ، جاگرافي، جيالاجي، ائسٽرانامي، حساب ۽ ادبي تنقيد (Literary Criticism) تي ڪم ڪيائين. ازانسواءِ سلسليوار تاريخن (Chronology) تي پڻ ڪم ڪيائين. سندس همعصر (Contemporaries) کيس پهرينءَ صف جو عالم (Scholar) نه سمجهندا هئا، ڇو ته هو ڪيترن شعبن ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هر هڪ شعبي جا ماهر هن کي پاڻ کان گهٽ سمجهندا هئا؛ پر هيءُ پهريون جاگرافي دان هو، جنهن ڌرتيءَ جي گولائي (Sphericity) جي تحقيقات ڪئي ۽ ڌرتيءَ جو قطر (Diameter) ماپيو جو اڄ جي حساب مطابق فقط 4 سيڪڙو گهٽ آهي. سج ۽ چنڊ جي ماپ ۽ ڌرتيءَ کان مفاصلي تي پڻ ڪم ڪيائين. هن مصري سال (Calender) ۾ هڪ ڏينهن ڳنڍڻ جو مشورو ڏنو، جو وقت جي حڪومت عمل نه آڻي سگهي. سنه ٢٣٥ ق.م ۾ هو سڪندريه جي ڪتبخانه جو لائبريرين مقرر ڪيو ويو ۽ هو پهريون ئي سائنسدان هو جو انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيو. سندس ڪابه تصنيف موجود ڪانه آهي. سندس تصنيفن متعلق اسان کي خبر مشهور جاگرافي دانن سٽرابو (Strabo) ۽ ٽالمي (Ptolemy) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي سندس جاگرافي جو مطالع ڪيو ۽ ان کي پنهنجن جاگرافين جي ڪتاب لاءِ استعمال ڪيو
جئقوبي (F.G.H jcoby)پنهنجي جرمن ڪتاب (Fragmente der griechischen Historiker) ۾ سندس متعلق لکيو آهي. اهو ڪتاب لنڊن مان سنه ١٩٢٣ع ۾ شايع ٿيو. سارٽن (H.S. George Sarton) پڻ ”A History of Science“ ۾ سندس بيان ڪيو آهي. اهو ڪتاب سنه ١٩٥٣ع ۽ ١٩٥٩ع ۾ ڪيمبرج مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو.
سنڌ متعلق بيان لکڻ کان سواءِ هن ان وقت جي معلوم دنيا جو نقشو تيار ڪيو، جنهن ۾ برٽش آئيلس کان وٺي سلون تائين ۽ ڪئسپين سمنڊ کان وٺي حبش (Ethiopia) تائين ملڪ ڏيکاريائين، ان ۾ سنڌ به اچي ٿي وئي. اهو نقشُ وجود ۾ ڪونه آهي ۽ شايد هپارڪس (Hipparchus) ۽ سٽرابو (Strabo) استعمال ڪيو هجي. انهن ٻنهي جا نقشا ايرئٽوسٿينيس جي نقشي کان زياده مفيد هئا. ڌرتي جي گولائي ماپڻ لاءِ هن چيو ته اونهاري منجهند جو (شايد جون ٢١ تي) سج اسوان جي بلڪل مٿان آهي، پر سڪندريه کان ست ڊگريون ڏکڻ تي آهي. سڪندريه ۽ اسوان جو مفاصلو کيس معلوم هو، ان مان ڌرتيءَ جي گولائيءَ جو حساب ڪيائين، جو هن جي انگن مطابق اڄ جي ٢٥٠٠٠ ميلن کان ٿورو وڌيڪ آهي. بعد جي سائنسدانن هي مفاصلو تمام گهڻو سمجهيو ۽ پوسيڊونيس (Poseidonius) جو تحقيقات ڪيل ١٨٠٠٠ ميل گهيرو (Circun ference) قبول ڪيو. اها غلطي سترهن صدين کان بعد درست ڪئي وئي.

[b](12) يوڊوڪسز:
[/b]سائيزيڪس (Cyzicus) جو رهواسي يوڊوڪسز (Eudoxus) مصر جي بادشاهه ٽالمي اٺين (Ptolemy VIII, Euregetes-II) جي دؤر ۾ (١١٧-١٤٦ ق.م.) سندس دربار جو هڪ جاگرافي دان هو. سال ١١٩ ق.م. ۾ ساحلي محافظن هڪ ماڻهوءَ کي بادشاهه جي دربار ۾ اڌ مئل صورت ۾ آندو، جنهن کي بُک ۽ اُڃ سبب هڪ تباهه ٿيل جهاز مان سمنڊ جي لهرن ڪناري تي آندو هو.
هن دربار ۾ ٻڌايو ته هو هندوستان مان آيل هو ۽ بادشاهه جي عيوضين کي اتي وٺي وڃڻ لاءِ تيار هو. بادشاهه جي حڪم تي هي جاگرافي دان سنه ١٢٠ ق.م. ۾ ان ماڻهوءَ سان گڏ هندوستان ۾ آيو. پنهنجي مضمون International trade of sindh 2000 B.C-200 A.D. ۾ مون انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪيو آهي ته ان دؤر ۾ برصغير جي ٻاهرين تجارت جو مرڪز باريبريڪان (Barbaricon) يا ”ڀنڀور“ هو.
مصر مان جهاز ڳاڙهي سمنڊ جي رستي، عدن کان عربستان جو ڪنارو وٺي بحرين ايندا هئا، اتي ايراني نار کي پار ڪري، ايراني بلوچي مڪران جو ڪنارو وٺي ڀنڀور پهچندا هئا، جتي نه صرف اتر اولهه برصغير جو پرچين، ٿٻيٽ ۽ وچ ايشيا جو مال چين جو ريشم ۽ ڏکڻ هندوستان جو مال پڻ سمنڊ جي رستي پهچندو هو. اها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته يوڊوڪسز ضرور ڀنڀور آيو هوندو.
پهريون يوناني، جنهن سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ ٥١٢ ق.م ۾ سفر ڪيو، سو هو اسڪائلئڪس، يوڊوڪسز ٻيو يوناني هو. پر اها ڳالهه بلڪل واضح ٿئي ٿي ته ٻنهي دؤرن جي وچ ۾ سنڌ جا ماڻهو مصر تائين ايندا ويندا رهيا. هندوستان مان واپسي تي يوڊوڪسز جو جهاز رستو ڀلجي ويو.
پلني جي خيال مطابق يوڊوڪسز جو جهاز، جنهن هندوستان مان سمند جي رستي سڌو عدن پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، طوفان ۾ آفريڪا جي ڏکڻ کان ڦرندو اسپين پهتو ۽ اتان پوءِ آخرڪار گيڊس (Gades) پهتو. ان کان بعد يوڊوڪسز ٻه دفعا ڪوشش ڪئي ته اسپين مان ڏکڻ آفريڪا جي رستي هندستان پهچجي، پر ناڪامياب رهيو. هي صحيح معنى ۾ واسڪو ڊيگاما جو متقدم (Predecessor) هو. اهي ٻه سفر ٽالمي لٿائروس (Ptolemy Lathros) جي زماني ۾ ٿيا. ازانسواءِ يوڊوڪسز ڳاڙهي سمنڊ کان ٻه دفعا گڏيل هندوستان ۾ آيو هو ۽ پاڻ سان گڏ مصر مان ڪيترن فنن جا ڄاڻو (Artizans) پڻ کنيا هئائين. يوڊوڪسز جي دؤر ۾ سنڌ ۾ بلخ جي يونانين جي حڪومت هئي، جن جي درباري زبان پڻ يوناني هئي.
يوڊوڪسز پنهنجن ڪامياب ۽ ناڪامياب سفرن ۾ پاڻ سان هندوستان جي بادشاهن جي درٻارن لاءِ نوجوان راڳيندڙ غلام ڇوڪريون پڻ ساڻ کنيون هيون. پيربيپلس جو مصنف ٻڌائي ٿو ته انهن مان ڪي بئريگازا (Barygaza) يا بڙوچ جي بادشاهه جي حرم ۾ داخل ڪيون ويون ۽ انهن پاڻ سان راڳ جا ساز پڻ آندا هئا ۽ سٺو آواز هئن.
يوڊوڪسز جو احوال اسان کي پلني (Pliny the Elder) ۽ پيريپلس (Periplus of Erythraean Sea) جي مصنف مان ملي ٿو، جن تي پڻ هن مضمون ۾ روشني وڌي وئي آهي. هي يوڊوڪسز يوناني جاگرافر يوڊڪسز کان مختلف آهي، جو ٣٣٥-٤٠٨ ق.م. ۾ اٿينس ۾ رهندو هو.
هن عرصي ۾ مصر ۽ سنڌ جي وچ ۾ ۽ مٿئين مصنف بابت، هيٺين ڪتابن مان معلومات ٿئي ٿي:
1- Charlesworth M.P. Trade routes and commerce of Roman Empire, Cambridge, 1926.
2- Rawlinson A.G.India and Western World from eartliest times to fall of Rome, 2nd edition, Cambridge 1926.
3- Warmington.E.The Commernce between Roman Empire and India, Cambridge, 1928.
4- Mc Crindle J.W. Ancient India as described in classical literature, 2nd edition, Calcutta 1927.

[b](13) هپيئلس:
[/b]هيپئلس (Hippalus) جي زندگيءَ بابت جدا جدا مصنفن الڳ تاريخون ڏنيون آهن. ٿيل (Thiel) جي خيال مطابق هو يوڊوڪسز جي جهازن جو هڪ ڪپتان هو ۽ 100 ق.م. ڌاري مصر کان هندوستان لاءِ سفر شروع ڪيائين. هپيئلس جي مشهور کوجنا اها هئي ته چوماسي (Monsoons) جو فائدو وٺي، اونهاري جوعدن کان سنڌ، گجرات ۽ ملبار ڪناري تي سڙهه جي زور سان سڌا پهچي ٿي سگهيا ۽ سياري جو اتان واپس اچي ٿي سگهيا ۽ رستي تي روڪجڻ جي ضرورت نه هئي. هن کوجنا لاءِ علحده تاريخون ڏنيون ويون آهن، پر واضح هئڻ گهرجي ته سنڌين، ايرانين ۽ عربن کي اها معلومات هڪ صدي اڳ هئي، جا مصري يونانين کان مخفي رکي ويئي هئي. انهيءَ ڪري مصري يوناني گڏيل هندوستان سان سڌو واپار نٿي ڪري سگهيا.
هن موضوع تي مون پنهنجي مضمون International trade of sindh 200 B.C 200 A.D. ۾ ڪافي بحث ڪيو آهي. هپيئلس واري چوماسي وارين هوائن جي جهاز راني لاءِ کوجنا دراصل ٤٠ ڌاري ٿي، جيتوڻيڪ هوراني (Hourani) ٩٠ ق.م ۽ ٿائوسينٽ (Tousaint) ٢٠ق.م تسليم ڪن ٿا.جيئن به هجي، پر انهيءَ جو اثر تقريباً ٤٠ع ڌاري شروع ٿيو.
1- تقريباً 40ع تائين جهاز ڳاڙهي سمند کان باربريڪان ”ڀنڀور“ (Banbhore) تائين ڪنارو وٺي ايندا هئا.
2- 20 ق.م. کان 50ع تائين جهاز عدن مان سڌو باربريڪان اچڻ لڳا.
3- 60-50ع تائين جهاز عدن کان سڌو بڙوچ وڃڻ لڳا.
4- 70-60 ع تائين جهاز سڌو ملبار ڪناري وڃڻ لڳا.
5- 70ع کان بعد جهاز ڳاڙهي سمنڊ کان سڌو ڪارو مندل ڪناري ۽ ملايا وڃڻ لڳا.
انهيءَ سڄي واڌاري، باربريڪان (Barbaricon) يا ڀنڀور جي واپار کي سخت ڌڪ هنيو. شايد انهيءَ ڪري سنڌ ۾ بيچيني پيدا ٿي . پارٿين بعد ڪشن ۽ فورن بعد وري پارٿين سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ خاص طور ڏکڻ سنڌ ۾ حڪومت جون ڪي تبديليون آيون.
هپيئلس جي کوجنا ۽ ان جي اثرن جو احوال اسان کي پيريپلس ۽ پلني مان ملي ٿو.
هن موضوع جي زياده مطالع لاءِ منهنجي مٿئين مضمون کان سواءِ هيٺين ڪتابن مان احوال ملي سگهي ٿو.
(1) Scoff, H.Periplus of Erythraean Sea, Philodelphia 1912.
(2) Charlesworth, Trade Routes and Commernce of Roman Empire, Cambridge 1926.
(3) Mc Crindle J.W. Ancient India as described in classical literature Calcutta 1903
(4) Warmington. Commerce between Roman Empire and India, Cambridge 1928.
(5) Rackham H.Pliny, Natural History 2 volumes London 1967 (Loeb Classical libarary)
(6) Toussaint, History of Indian Ocean, London 1966
(7) Mc Crindle, Commernce and Navigation of Erythraean, Sea, being translation of Periplus naris Erythae, Calcutta, 1879.

[b](14) اسٽرابو
[/b]اسٽرابو (Strabo) هڪ يوناني جاگرافي دان هو، جو اماسيا پانٽس شهر (جو ترڪيءَ ۾ ڪاري سمنڊي جي ڪناري کان 75 ميل ڏکڻ طرف هن وقت به موجود آهي.) ۾ سن 63 ق. م ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 19ع ۾ فوت ٿيو. پاڻ ملڪيت وارو هو ۽ تمام گهڻا سفر ڪيائين ۽ عموماً اها دعويٰ ڪندو رهيو ته ڪنهن به جاگرافي دان هن جيترو سفر نه ڪيو آهي. سن 44 ق. م ۾ هو روم ۾ آيو ۽ يوناني استادن وٽ تعليم حاصل ڪيائين، جتي ٽائرنينين (Tyrannion) جي صحبت ۾ جاگرافيءَ سان دلچسپي پيدا ٿيس. هن جي جاگرافي جا (17 جلدن ۾ آهي، جن مان 16 جلد اڃان تائين سلامت آهن.) ايرئٽوسٿينز (Eratosthenes) جي جاگرافيءَ تي ٻڌل آهي، پويون جاگرافي نويس هن کان حسابن (Mathematics) جو زياده ڄاڻو هو، ان ڪري اسٽرابو ڪئين غلطيون ڪيون آهن. مثلاً، ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن کي ايئرٽو سٿينز جي گولائي (Sphericitly) مان سڌو (Plane) ڪرڻ ۾ غلطيون ڪري ويو. ازانسواءِ هن هومر (Homer) جي داستان گوئي کي سچ سمجهيو ۽ هيروڊوٽس جي تاريخ استعمال ڪري غلطين جو انداز وڌايو. پر هن پنهنجي جاگرافي ۾ اڳين جاگرافي دانن جي تصنيفن کي استعمال ڪرڻ سان اهي سڀ تصنيفون تباهيءَ کان بچايون. ڌرتيءَ کي گول تسليم ڪرڻ سان هن نوان کنڊ (Continents) تسليم ڪري انهن کي نالا ڏنا. هن جي لکڻ مطابق کنڊن (Continents) جي چؤطرف سمنڊ آهي ۽ ڌرتيءَ جو سڪل حصو اتر واري اڌ گول جي چوٿين حصي تي ڇانيل آهي، باقي ايراضيءَ ۾ سمنڊ آهي. هن سنڌ ۽ سنڌ جي واپار متعلق ڪافي لکيو آهي، جنهن جا ڪي حصا مون “International trade of Sind 200 B.C 200 A.D” مضمون ۾ استعمال ڪيا آهن.
هيٺيون خاص ڳالهيون، جي اسٽرابو لکيون آهن، ذهن ۾ رکڻ جي قابل آهن:
(1) يوڊوڪسز جي هند سنڌ جي سفر متعلق هن مصنف کان احوال ملي ٿو.
(2) يوڊوڪسز کان بعد موسمي هوائن جي جهاز رانيءَ لاءِ استعمال بابت احوال پڻ هن جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو.
(3) هي پنج سال مصر ۾ رهيو. ان وقت گڏيل هندستان جو وڌ ۾ وڌ تجارتي بندر باربريڪان (Barbaricon) يا “ڀنڀور” هو ۽ ان جو مصر جي شهر سڪندريه جي معرفت رومي سلطنت سان واپار هلندو هو. سنڌ متعلق اهو سڄو مواد هن کي مصر ۾ حاصل ٿيو.
(4) پنهنجي جاگرافي، هن سن 7 ق. م ۾ لکي پوري ڪئي ۽ سن 18ع ۾ ان ۾ اضافا ڪيائين.
(5) مصر مان قافلن جو ڳاڙهي سمنڊ تائين پهچڻ ۽ اتان عربي سمنڊ لاءِ رواني ٿيڻ جو احوال پڻ درج ڪيو ويو.
(6) آگسٽس (Augustus) جي دؤر تائين مصر جا جهاز ورلي باب المعغرب تائين پهچندا هئا، پر سندس هٿان 25 ق. م ۾ عددن جي تباهي ۽ عرب قبيلن تي حاوي ٿيڻ بعد مصري يوناني ۽ رومن جهاز عربي سمنڊ ۾ اچڻ لڳا.
(7) سندس وقت تائين رومي واپار گنگا نديءَ جي اندر اتفاقاً پهتا.
(8) عربستان مان قافلن جا رستا بيان ڪري ٿو. سنڌ مان مال عدن تائين ويندو هو، جتان عرب قافلن رستي اهو مال مصر ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڏاکڻين ڪناري تي پهچندا هئا.
(9) هئپوليس جي موسمي هوائن جي ايجاد ۽ ان جو جهاز رانيءَ لاءِ استعمال جو احوال.
(10) (Single horned Rinoccros) يا هڪ سنڱو گينڊو، جو ان وقت سنڌو درياهه ۾ عام هو، اسٽرابو، آگسٽس جي قلوپطرا تي فتح جي موقعي تي ڏٺو. اهو گهڻو ڪري سنڌ مان مصر موڪليو ويو هو.
(11) اسٽرابو هندستان مان روانو ڪيل 9 فوٽ ڊگهو نانگ پڻ مصر ۾ ڏٺو.
(12) اسٽرابو کنڊ متعلق لکي ٿو ته اها ماکي هندستان ۾ وڻن مان ماکيءَ جي مک جي مدد کانسواءِ پيدا ٿئي ٿي.
اهڙي قسم جا ڪيئي بيان سندس ڪتابن ۾ موجود آهن. سنڌ جي پراڻي جاگرافي تي هيءُ هڪ ناياب ڪتاب آهي.
سندس جاگرافيءَ جو ترجمو (H.L.Jones, Geography of Starbo) 8 جلدن ۾ لوئب ڪلاسيڪل لائبريري طرفان ڪيو، جو لنڊن مان 1933- 1917ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. بنبري (Bunbury) پنهنجي ڪتاب “History of Ancient Geography” ۾ اسٽرابو جو ذڪر ڪيو آهي. اسٽرابو تي حوالي ٻين هيٺين مصنفن جي ڪتابن جا نالا هئپولس ۽ بوڊوڪسز جي بيان ۾ ڏنا ويا آهن.

[b](15) اپولونيئس آف ٽيانا
[/b]ٽيانا جو اپلونيئس (Appollonius of Tyana) پهرين صدي عيسويءَ جو فلاسافر ۽ نيو پيٿاگورين (Neo-Pythagorean) مذهب جو معتقد، ڪپئادوشيا (Cappadocia) جي شهر ٽيانا ۾ پيدا ٿيو. ايران، مصر، موجوده پاڪستان وارن علائقن ۽ هندستان ۾ سفر ڪيائين. نيرو (Nero) جي حڪومت جي دؤر ۾ روم ۾ هو. مسيحيت خلاف هڪ فرقو (Cult) قائم ڪيائين. هندستان ۽ سنڌ ۾ سندس اچڻ جو مقصد هو، هندو فلاسافيءَ جو مطالعو ڪرڻ ۽ سڪندر اعظم جا ٺهرايل شهر ۽ يادگار ڏسڻ. ان وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ پارٿين بادشاهه گونڊو فيئرس (Gondophares) جي حڪومت هئي.
سنه 1912ع ۾ فلوسٽراٽس (Philastratus) جي ڪتاب تان ترجمو ڪري شايع ڪرايا. هڪ ٻئي مصنف ڪارپينٽيئر (Charpentier) ”Travels of Apploonius of Tyana“ جي نالي سان سندس سفرنامو ۽ زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو آهي.

[b](16) ڊيوڊورس سائڪيولس:
[/b]ڊيوڊورس سائڪيولس (Diodorus Siculus) يوناني تواريخ نويس سسليءَ جي شهر اگائريم (Agyrium) ۾ عيسوي سن کان هڪ صدي اڳ پيدا ٿيو هو ۽ سنه 30-60 ق.م ۾ به زنده هو.
هن ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن جي تاريخ، جنهن جو نالو ببلوٿيڪا هسٽاريڪا (Bibliothea Historica) آهي، 40 جلدن ۾ لکي. تاريخ لاءِ مواد ڪَٺي ڪرڻ لاءِ هن ڪافي سفر ڪيا، سندس 40 جلدن مان فقط پهريان چار ۽ 19 ۽ 20 جلد بچي ويا، باقي ضايع ٿي چڪا آهن. پوين ٻن جُلدن ۾ 302-480 ق.م. عرصي جو بيان آهي. دارا جي مرڻ بعد اخيمينين جو زوال، سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سڪندر جي مرڻ کان بعد سندس حڪومت جو ٽڪرا ٿيڻ، سنڌ ۽ هند ۾ چندر گپتا موريا جي حڪومت جو قائم ٿيڻ، انهيءَ عرصي ۾ اچي وڃن ٿا. مشهور تواريخ نويس هيروڊوٽس جي تاريخ 479 ق.م تي ختم ٿئي ٿي. سنه 431-497 ق.م لاءِ ته ٻئي ڪنهن هنڌان مواد ڪونه ٿو ملي. ٿڪائڊائيڊس (Thucdides) سنه 362-431ق.م واروعرصو بيان ڪيو آهي، پر سنه 302-362 عيسوي واري عرصي جو مسلسل بيان ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونهي.
تواريخ نويسيءَ جي تحقيقات جي لحاظ سان ڊيوڊورس ايترو ڀروسي جوڳو ناهي. حقيقت جو مدار انهيءَ تاريخ تي آهي جا هن استعمال ڪئي، پر سڪندر جي موت بعد سندس جنرلن جي پاڻ ۾ جنگ، سندس سلطنت جو ورهاست ۽ هندستان ۾ چندر گپتا جو اُڀرڻ، انهي دور تي مٿس ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته انهيءَ عرصي لاءِ سندس ماخذ مستند هئا.
برصغير متعلق سڪندر سان وابسته حصا مئڪرنڊل پنهنجي ڪتاب ”Invasion by Alexander“ سنه 1896ع ۾ ترجمو ڪيا، جي 36 صفحن ۾ شايع ڪيا ويا، جن مان ڏهه حصا سنڌ متعلق آهن. انهن صفحن ۾ موسيڪئنس (Musicanus) ، سمبس پارٽيڪئنوس (Particanos)، هرماٽيليا (Hermatelia) (جا شايد بهمن آباد هجي)، پٽالا، لس ٻيلي (Oritai) ۾ ماڻهن کي پورڻ ۽ هندستاني فلاسافر ڪالانوس (Kalanos) متعلق بيان آهي.
ڊيوڊورس، ٽالمي ۽ ارسٽوبولس کان سواءِ ڪلائٽارچس جي تواريخ پڻ استعمال ڪئي آهي، جا ايرين استعمال نه ڪئي هئي، پر ڪرٽيس استعمال ڪئي. اهوئي سبب آهي جو ڪڏهن ٽنهي تواريخ نويسن يعني ايرين، ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس جا بيان متفق آهن ته ڪڏهن فقط پوين ٻن جا. ڊيوڊورس، ڪرٽيس وانگر ٻڌائي ٿو ته اولهه سنڌ جي بادشاهه سمبس جي شڪست بعد سڪندر 80،000 سنڌي قتل ڪرايا. اهو بيان ڪلائٽارچس تان نقل ڪيو ويو آهي. هر ماٽيليا شهر جو پٽالا شهر کان اڳ ۾ بيان ڪرڻ ڏيکاري ٿو ته هرماٽيليا سيوهڻ ۽ پٽالا جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر هو، پر ان جي ڪنهن به تاريخدان يا آرڪيالاجسٽ جستجو نه ڪئي آهي.
ڊيوڊورس متعلق تازه ترين ڪتاب ويلس (C.Bradford Wells) لکيو جو لوئب ڪلاسيڪل لائبرري سنه 1963ع ۾ لنڊن مان “Diodorus of Sicily” جي نالي شايع ڪيو.

[b](17) ڪرٽيئس رفس ڪئنٽس:
[/b]رومن تاريخ نويس ڪرٽيئس رفس ڪئنٽس (Curtius Rufus Quintus) سڪندراعظم جي تاريخ 50ع ڌاري رومن شهنشاهه ڪلاڊيس جي دؤر ۾ لکي. ڪتاب 10 جلدن ۾ هو، جنهن مان پهريان ٻه جلد ۽ ٻين جا ڪي حصا ضايع ٿي چڪا آهن. هي ڪتاب تاريخ جي مشابهت ۾ اتهاس جي لحاظ سان زياده دلچسپ آهي.
ڪرٽيس جي ماخذن ۾ ڪلائٽارچس به هڪ آهي؛ ڪلائٽارچس جون غلطيون اڳ ۾ بيان ڪيون ويون آهن ۽ اهي هن ڪتاب جو جزو بنجي چڪيون آهن. ڪرٽيس ٽالمي ارسٽو بولس کان سواءِ ٻيا ڪتاب به استعمال ڪيا، جن مان ڪن جا مصنف سڪندر جا مخالف هئا ۽ ڪي هن کي پنهنجو سورمو (Hero) ڪري سمجهندا هئا. ان هوندي به ڪتاب پڙهڻ جوڳو آهي، جنهن ۾ ”شگفته بياني“ (Flowery Language) ۽ ”بلاغت“ (Rhetorical) عام جام آهي ۽ سڪندر جون تقريرون ڪنهن وڏي ”سخن ور“ (Orator) جون لڳن ٿيون. سندس زندگي ۽ ڪتاب تي رولف (J.C.Rolfe) پنهنجي ڪتاب Q.Curtius Rufus, ”History of Alexander“ ۾ تبصرو ڪيو آهي. اهو ڪتاب ٻن جلدن ۾لنڊن مان 1971ع ۽ 1973ع ۾ شايع ٿيو آهي.
ڪرٽيس جو بيان ته سڪندر اولهه سنڌ جي حاڪم ميوزيڪينس جا 80000 ماڻهو مارايا، ڪلائٽارچس تان ورتل ٿو معلوم ٿئي.
گڏيل هندستان متعلق ڪرٽيس جي ڪتاب جو ترجمو مئڪرنڊل ”Alexanders invasion of India“ نالي ڪتاب ۾ ڪيو جو 1896ع ڇپيو ۽ ان ۾ هندستان جي باري ۾ جي 87 صفحا آهن، انهن مان 14 صفحن جو تعلق ”سنڌ“ سان آهي.

[b](18) پلوٽارچ :
[/b]پلوٽارچ (Plutarch) سنه 46ع ۾ بوئيوٽيا صوبي جي ڪئيرونيا (Chaeronea in province of Boeotia شهر ۾ پيدا ٿيو. سرڪاري ملازمت ڪيائين ۽ ان سان گڏ علمي شوق سبب لکڻ ۾ مصروف رهيو. هن تاريخ ۽ فلسفي تي ڪئين ڪتاب لکيا، جن مان هو 50 مشهور زندگين تي لکيل ڪتاب ”Parallel Lives“ لاءِ خاص طرح مشهور آهي. اهي زندگيون يوناني ۽ رومي حڪمرانن، جنرلن ۽ سياستدانن جون هيون، جن ۾ سڪندراعظم به اچي ٿو وڃي، جنهن جي زندگيءَ سان سنڌ جو به واسطو آهي. سندس ڪتاب ڪيئن دفعا ترجمو ٿي چڪو آهي، جن ۾ پيرن جو ڪتاب B,Perrin, Plutarch’s lives. London 1919؛ ائان سڪاٽ ڪلورٽ جو ڪتاب Ian Scott Kilvert, The age of Alexander, London 1977 ۽ ايڊمنڊفلر جو Edmund Fuller, Plutarch Lives of noble Greeks, London 1974 قابل ذڪر آهن.
هندو پاڪستان متعلق سڪندر جي زندگيءَ جي حصن جو ترجمو مئڪرنڊل ڪيو، جو سندس ڪتاب ”Invasion of India By Alaxander the Great Landon,1996“۾ ڇپيو، ۽ 14 صفحن ۾ آهي، جنهن مان 7 صفحا سنڌ متعلق آهن. هن پنهنجي تاريخ ۾ سڪندراعظم ۽ ٻين جا خط استعمال ڪيا آهن، جي گهڻو ڪري نقلي هئا، پر سندس ”انداز تحرير“ (Literary Style) تمام سٺو آهي، جنهن ۾ قصا، ڪهاڻيون، روايتون شامل ڪيون ويون آهن، پر تاريخي اعتبار جي لحاظ سان قابل قبول نه آهن. ڪرٽيس وانگر هي هندو يوگي ڪلانوس جو قصو دهرائي ٿو ۽ سمبس جي علائقي ۾ جوڳين سان سڪندر جي ملاقات ۽ بحث مباحثو بيان ڪري ٿو. شايد اهي سڀ قصا نقلي هجن، جي ڪلائٽارچس جي ڪتاب تان نقل ڪيا ويا هجن.

[b](19) پيريپلس:
[/b]پيريپلس (Periplus of Erythraean)، مارڪو پولو، ڪولمبس، نيئرڪس ۽ ٻين جي جرنل وانگر آهي، جنهن ۾واپار ۽ واپار لاءِ خشڪي سمنڊ جا رستا ۽ واپار جا مرڪز، يورپ وارن جي لاءِ لکيا ويا آهن، جيئن هو مشرق ۾ واپار خاطر آسانيءَ سان اچي سگهن. مصنف جي نالي جي معلومات ڪانهي، پر ان جو لکيل اهو ”گائيڊ بوڪ“ جهاز ران ۽ واپاري استعمال ڪنداهئا.
سڪندر جي فتح کان بعد هندستان ۾ جيڪي حڪومتون پيدا ٿيون، تن جي تهذيب ۽ تمدن واپار کي وڌايو. ٻئي طرف رومن سلطنت ۾ عمدين شين جي استعمال لاءِ حرص ۽ شوق پيدا ٿيو. واپار جو سلسلو وڌندو رهيو ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ مغرب مشرق جي پيداوار جي ضرورت، پنهنجي ڪمال تي پهتي. هي ڪتاب انهيءَ وقت جو لکيل آهي. ان جي لکڻ جي تاريخ تقريباً 0 يا 71ع آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جو بندر باربريڪان (Barbaricon or Banbhore) بيان ڪيل آهي، جنهن جي درآمد، تصويرن وارو فلئڪس مان ٺهيل ڪپڙو (مصر ۽ ميسوپوٽيما جو)، ”زرد ياقوت“ (Topaz)، ”مرجان“ (Coral)، ”سلاجيت“ (Storax)، ”لوبان“ (Frankincense)، شيشو، سون ۽ چانديءَ جا برتن، سون، چاندي ۽ شراب هئي ۽ برآمد: Turquise ”لاجورد“(lapis lazuli)، (Lycium) نير، رنگ، ڪپهه، ريشمي ڪپڙو، ريشمي کلون (costus)، گوگر (bdellium) کئونر، گهه عطر وغيره هئي.
يوناني سنڌونديءَ کي سنٿوز چوندا هئا ۽ سنڌ کي سٿيا (Scythia) يا سٿين جو ملڪ، جن جي هتي حڪومت هئي. سنڌ جي اندر منانگرا (شايد برهمڻ آباد يا الور) شهر هو، جو تخت گاهه هو. سنه 50ع تائين باربريڪان هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو بندر هو، جتان گهڻي ۾ گهڻو واپار ٿيندو هو، پر انهيءَ کان پوءِ موسمي هوا جو جهاز رانيءَ لاءِ ايجاد ٿيڻ ڪري، بڙوچ يا بئريگازا (Barygaza) وڏي ۾ وڏو بندر ٿي چڪو هو. ڪڇ جو رڻ ان وقت تانگهو سمنڊ هو، جنهن کي آئرينان (Eirinon) چوندا هئا. منجهس ست ٻيٽ هئا ۽ جهاز رانيءَ جي لائق نه هو.عربي سمنڊ کي ايرائٿرينين (Erythraean Sea) چوندا هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ کي سنس عرئبيڪس (Sinus Arabicus)
پيريپلس جا ٻه انگريزي ترجما موجود آهن. پهريون مئڪرنڊل سنه 1879ع ۾ ڪلڪتي مان ”Commerce and navigation of Erythraean Sea“-Translation of Periplus Naris Erythae جي نالي ڇپرايو ۽ ٻيو سڪاف (Scoff. W.H.) جو ترجمو فلاڊيلفيا مان سنه 1912ع ۾ ڇپيو. انهن ۾ پويون ترجمو بهتر سمجهيو ٿو وڃي.

[b](20) پلني دي ايلڊر:
[/b]پلني دي ايلڊر (Pliny the Elder or Gais Pilnius Secondns) اٽلي جي ڪومو يا ڪومم (Comum or Como) شهر ۾ سنه 23ع ۾ پيدا ٿيو ۽ رومن سلطنت ۾ ڪيترن وڏن سول ۽ ملٽري عهدن تي رهيو. سنه 79ع ۾ ويسيوئيس ٻرندڙ جبل جي تباهه ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ اتي ويو ۽ ٻوساٽجي مري ويو. هن ڪيئن ڪتاب لکيا، جن مان ”On Natural History“ جو 37 جلدن ۾ آهي، هن وقت به موجود آهي، باقي ڪتاب ضايع ٿي ويا. اهو ڪتاب 146 رومين ۽ 327 غير رومين لکيو. ڪتاب ۾ جاگرافي، جانورن، مڇين، پکين، جيتن، وڻن، ٻوٽن، گلن، دوا جي ٻوٽين، ڌاتن ۽ قيمتي پٿرن وغيره جو بيان آهي. اهو ڪتاب قديم علم جي هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي. هن ڪتاب لکڻ لاءِ هزارين ڪتاب استعمال ڪيا ويا. بدقسمتيءَ سان ڪئين غلط احوال سندس ڪتاب ۾ درج ٿي ويا، خصوصاً حيوانيات (Zoology) جي جلدن ۾، اها تاريخ سنه 77ع ۾ مڪمل ٿي.
هن جي جاگرافي واري حصي ۾ قديم سنڌ متعلق ڪافي مواد موجود آهي. مثلاً:
1- ڳاڙهي سمنڊ ۾ تجارت جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ انئٽيوڪس ٽئين ۽ چوٿين،گيرا (Gerrha) تي حملا ڪيا.
2- سون جي سڪن جو وڏو تعداد هر سال هندستان موڪليو ويندو هو، جنهن جي عيوض هندستان مان مصالح ۽ ڪئين نفيس شيون (Luxury goods) روم روانا ڪيا ويندا هئا.
3- سندس دؤر ۾ باربريڪان (Barbaricon) يا ڀنڀور سنڌ جو مکيه ۽ مشرق جو پهريون بندر هو، جتي مغرب کان ايندڙ جهاز لنگر هڻندا هئا.
4- سنڌ ۽ هندوستان سان تجارت جي سلسلي جون شيون بيان ڪيون ويون آهن.
5- هند، سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ خشڪي ۽ سامونڊي رستا ڏيکاريا ويا آهن.
6- پلني جي تاريخ تيار ڪرڻ وقت يعني 77ع ۾ ڀنڀور جي تجارت گهٽجي چڪي هئي ۽ بئريگازا (Barygaza) يا بڙوچ هندستان جو وڏو تجارتي بندر ٿي چڪو هو.
7- هندوستان سان واپار جي حفاظت لاءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ رومن حڪومت طرفان بحري اڏو قائم ڪيو ويو هو.
8- جيڪو مال عرب قافلن رستي عدن کان روم پهچائيندا هئا، سو ڏاڍو مهانگو پوندو هو.
9- گڏيل هندوستان مان روم هيرا جواهر، سنگمرمر جو سامان، سليماني پٿر (agate)، عقيق (Cornelian)، عقيق احمر (Sard)، عقيق سليماني (sardonyx)، فيروزه (beryl)، ياقوت ڪبود (sapphire)، لعل (ruby)، (turqaise)، سچو بلور (crystal)، نيلم (amethyst)، دوڌيو پٿر (opal) ۽ ياقوت (garnet) وغيره روانا ڪيا ويندا هئا. انهن مان ڪي شيون افغانستان ۽ سوات مان اينديون هيون ۽ باربريڪان مان ٻاهر وينديون هيون.
10- اسٽرابو ۽ پيرپيلس وانگر، پلني پڻ موسمي هوائن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هيئپولس جي ايجاد ڪري باربريڪان جو واپار گهٽجي ويو.
11- يوڊوڪسز جو هندوستان مان واپسي وقت آفريڪا جي چوطرف ڦري اسپين ۾ پهچڻ.
12- پلني سڪندريه کان ملبار پهچڻ لاءِ پورو حساب ڏنو آهي ته اهو سفر 114 ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جنهن مان صرف 40 ڏينهن عربي سمنڊ ۾ گذرندا هئا.
13- هندوستان مان مصر لاءِ سفر ڊسمبر يا جنوري ۾ ڪيو ويندو هو.
14- قيمتي پٿرن کان سواءِ هندوستان مان عطر، عنبر، مُشڪ، کاڌي لاءِ ڪي هندوستاني جانور، جسم کي لڳائڻ جون دوائون، هندوستاني طوطا، ڀولڙا، شينهن ۽ چيتا پڻ روم روانا ڪيا ويندا هئا، جن مان ڪي خشڪي رستي موڪليا ويندا هئا.
15- هڪ سنڱ وارو درياهي گهوڙو (Rinoceros) جو سنڌ ۾ هوندو هو، روم موڪليو ويندو هو.
16- هندوستاني هاٿي، سڪندراعظم کان فوراً بعد سيليڪوس ۽ ٽالمي استعمال ڪيو ۽ اهو برآمد ٿيندو رهيو.
17- چيتي، ٿٻيٽي ۽ چيني ترڪستان جي جانورن جون پشمي کلون (furs)، سنڌ جي بندر باربريڪان مان روم روانيون ٿينديون هيون.
18- گينڊي (Rinoceros) جا سنڱ ۽ کل پڻ روم ويندي هئي. ازانسواءِ هندوستان جي هاٿين جو عاج پڻ.
19- سنڌونديءَ جي ڀرسان سپ (oysters) ۽ سنگ ٻڌيا (conchylia) لڀندا هئا، جي روم روانا ڪيا ويندا هئا.
20- هندستاني (Sandyx) جا ڳاڙهي رنگ رنڱڻ ۾ ڪم ايندي هئي، اڄ تائين اهو رنگ ڪن وڻن جي ڇوڏن مان ٺاهيو ويندو آهي روم ويندي هئي.
21- ڪيئي قسم جا مصالحا ۽ دوائون، جي ڪن ٻوٽن مان پيدا ٿينديون هيون، روم وينديون هيون.
22- سُرڪي (Ginger) جو گاهه سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مان روانو ڪيو ويندو هو.
23- پٽالا جي ڀرسان ”Costus“ نالي هڪ خوشبودار ٻوٽي پيدا ٿيندي هئي ۽ باربريڪان مان روانوڪئي ويندي هئي.
24- ڪن وڻن جو کؤنر، جو سنڌ، بلوچستان، افغانستان، هرات ۽ قنڌار ۾ به پيدا ٿيندو هو، سو به روم روانو ڪيو ويندو هو.
25- نيئر، جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيدا ٿيندو هو ۽ Lycium جو پيلي رنگ جو هو ۽ خوبصورتي لاءِ منهن کي لڳائڻ ۾ ڪم ايندو هو، پڻ باربريڪان مان اُٺن ۽ گينڊي (Rinoceros) جي کل ۾ روانو ڪيو ويندو هو.
26- هندستان کان ٻاهر کنڊ دوائن ۾ ڪم ايندي هئي، اها هتان رواني ڪئي ويندي هئي.
27- هندستان ۽ سنڌ مان چانور، جوار ۽ ٻاجهري پڻ روم موڪليا ويندا هئا.
28- پلني ان وقت جي ڪيترين شين جي قيمت ڏني آهي، جن ۾ سنڌ جي پيداوار جون به شيون آهن ۽ ان مان وقت جي معاشيات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
29- موسمي هوا جي جهاز راني لاءِ استعمال واري ايجاد کان بعد باربريڪان بندر تي آمد و رفت گهٽي ۽ هندستان جي ٻين حصن سان روم جو سڌو واپار ٿيڻ لڳو. روم وارن کي شيون سستي اگهه ۾ ملڻ لڳيون.
30- اهڙي طرح ڪيئي معدني شيون (Minevral Products) ۽ قيمتي پٿر پڻ روم موڪليا ويندا هئا، جن مان ڪي تاتار، ٿٻيٽ چين، بدخشان ۽ هندوڪش مان سنڌوندي رستي باريريڪان پهچندا هئا.
31- جيڪي شيون درآمد ٿينديون هيون، ان ۾ يوناني عورتون (White women) مرجان (Coral) سنهو ۽ رنگين ڪپڙو (جو مصر مان ايندو هو ۽ باريريڪان تي لهندو هو) شراب، سلاجيت (Storax) جا پاڻياٺي شيءِ هئي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندي هئي.
32- پتل، شيهو، لوهه، ٽامون سينکيو (drsenic)، سندر (Relead)، قلعي، سون، چاندي ۽ سون جا سڪا پڻ باريريڪان ۾ روم مان درآمد ٿيندا هئا. اهي ساڳيون شيون هندستان جي بندرن تي پڻ روانيون ڪيون وينديون هيون.
33- هندستان ۽ روم جي واپار جي شين جي برآمد ۽ درآمد (Import and Export) کان پوءِ روم جي درآمد زياده هئي، انڪري هو هندستان کي هر سال 55,000,000 سيسٽرسيز(Sesterces) سون جي صورت ۾ ڏيندا هئا. ان جو شروع ۾ گهڻو حصو باربريڪان بندر تي ڏيڻو پوندو هو، پر 50ع کان بعد ۾ زياده حصو بڙوچ ۽ ملبار ڪناري تي خرچ ٿيندو رهيو. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو خرچ فقط بڙوچ ۽ باربريڪان ۾ ٿيندو هو ۽ ان ۾ ڪاري منڊل، سلون، تامل علائقن جو حصو ڏنل ڪونه آهي.
پلني جي ڪتاب مان چند جملا صرف مثال طور ڏنا ويا آهن، پر ڪتاب ۾ مواد ايترو آهي، جو سنڌ جي واپارين ۽ ٻين ڳالهين تي هڪ جلد لکي سگهجي ٿو. منهنجو مضمون، International trade of sindh, 200 B.C-200 A.D., through its port of Barbaricon پڻ ان ڏس ۾ صرف هڪ ابتدائي ڪوشش آهي.
پلني جي ڪتاب جا جرمن، فرينچ ۽ لئٽن ترجما موجود هئا. تازو رئڪمن (H.Rackman) اُن جو ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو 1967ع ۾ لنڊن مان لوئب ڪلاسيڪل لائبريري طرفان Pliny-Natural History جي نالي سان شايع ٿيو آهي. منهنجي خيال مطابق جيڪڏهن پلني، اسٽرابو ۽ پيرپلس جو مطالعو ڪبو ته سنڌ تي وڏو مواد ملي ويندو. ان سان گڏ چارلس ورٿ (charlesworth)، ورمنگٽن (Wormington) ۽ مئڪرنڊل جي ڪتاب Ancient India as described in classical literature جي مطالعي جي به ضرورت آهي.

[b](21) ڪلاڊيس ٽالمي:
[/b]ڪلاڊيس (Ptolemy Claudius) ٽالمي سنه 75ع ڌاري مصر جي شهر ٽالمائيس(Ptolemeus) ۾ پيداٿيو. هن جو مصر جي ٽالمي خاندان سان، جنهن سڪندر جي موت کان وٺي 30 ق.م تائين حڪومت ڪئي، ڪوبه تعلق نه هو. شايد زندگيءَ جو گهڻو حصو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ته به 40 سال سڪندريه گذاريائين. سندس موت151ع ڌاري يا ٿورو بعد ٿيو. هو شايد مصري هجي ۽ نه يوناني . هو جاگرافي ۽ فلڪيات جو ماهر هو.
هن جا ٻه ڪتاب: جاگرافي، جا 8 جلدن ۾ آهي ۽ الميگيسٽ(Almagest) يا سنٽاڪسز (Syntaxis) مشهور آهن. جاگرافي 150ع ڌاري لکيائين، جنهن ۾ 8000 جڳهن جو ذڪر آهي. جيتوڻيڪ هن راڳ ۽ ساز، ميڪينڪس (Mechanics)، ائسٽرانامي(Astronomy) ۽ اپٽڪس(Optics) تي پڻ لکيو. هن هپارڪس(Hipparchus) جي جاگرافي استعمال ڪئي، جا هن وقت وجود ۾ نه آهي. هپارڪس يونان ۾ رهندو هو. جيئن ته ٽالمي ائسٽرانامي ۾ هپارڪس جا انگ استمال ڪيا ته ڪن هنڌن ٻنهي جاين جي مقابلي ڪري سج ۽ ڪن ستارن جي ڪنڊن ماپڻ ۾ غلطيون رهجي ويون.
ٽالميءَ جو جاگرافيءَ جي علم ۾ وڏي ۾ وڏو حصو (Contribution) آهي. هن ان وقت جي معلوم دنيا جو نقشو ڪڍي، اٺ هزار جدا جدا شهرن ۽ جاين جا ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ ڏنا. انهيءَ بنياد تي ڪوبه ماڻهو دنيا جو نقشو تيار ڪري سگهيو ٿي، پر هن جي جدولن (Tables) ۾ اهو نقص هو جو ڊگهائي ويڪرائي ڦاڪون ڪي اصلي ماپ جي بنياد تي نه رکيون ويون هيون، پر سياحن، جهاز رانن ۽ واپارين جي ٻڌايل مفاصلن جي بناءَ تي. انڪري سندس نقشي ۾ غلطيون رهجي ويون. ان کان سواءِ ڌرتيءَ جو قطر (Circumference) ايروزٿنسز (Erosthenses) جي 25000 ميلن جي جاءِ تي (Marinus of Tyre) جنهن پڻ پوسيڊونيس (Posidonius) تان ڪاپي ڪيو هو، جي ماپ 18000 ميل قبول ڪرڻ سان ايشيا کي 180 ڊگرين تائين وٺي ويو.
ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو يورپ کان مفاصلو گهٽ ڏيکاريائين. هي پهريون ئي جاگرافي نويس آهي، جنهن ويڪرائي ڦاڪ (Parallels) ۽ نصف النهار يا ڊگهائي ڦاڪ (Meridian) يا منجهند جي ماپ استعمال ڪئي، جا عربن 10 صدي کان بعد استعمال ڪرڻ سکي. اهوئي سبب آهي جو 10 صدي جي آخر تائين عرب جاگرافي دانن جا نقشا علمي اصول جي اُبتڙ (Unscientific) آهن.
اهو يقين نه آهي ته ٽالمي ڪي نقشا ڪڍيا هئا. ٽالمي جدا جدا جڳهن لاءِ جيڪي جدولون ٺاهيون، انهن تان 15 صدي عيسوي ۾ نقشا تيار ڪيا ويا. انهن نقشن ۾ ڀونوچ سمنڊ بلڪل صحيح معلوم ٿئي ٿو. آفريڪا جو ڏاکڻيون حصو غائب آهي. سلون جي ايراضي (Size) وڏي ڏيکاري ويئي آهي. گڏيل هندستان جي اوڀر ۾ ملڪ ڏيکاريل آهن سي غلط آهن. غلطي جو سبب مرينس کان سواءِ پيريپلس (Periplus of Erythaeansae) ۽ اسٽرابو (Strabo) مان ماخذ ۽ سياحن جا اطلاع هئا. سندس جدولون ڪاپي ٿينديون رهيون ۽ انهن ۾ نقل ڪندڙ (Copyists) غلطيون ڪندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي شهرن جا نالا عجيب پيا لڳن.
سندس ڪتاب، عربن 9 صدي عيسوي ۾ عربي ۾ ترجمو ڪرايا، جتان 12 صدي ۾ لئٽن زبان ۾ ترجمو ٿيا. سندس نقشي ۾ هند ۽ سنڌ جو نقشو به اچي وڃي ٿو، جو مئڪرنڊل ۽ لئمبرڪ ڇپرايو آهي. ان نقشي تان سنڌ جي ڪيترن جاين جو پتو پويٿو، جي 150ع ڌاري وجود ۾ هيون. انهن جا پراڻا ۽ نوان نالا مون ڪوشش ڪري ماپن ذريعي ڪڍيا آهن. اُهي هي آهن:
يوناني نالو هاڻو ڪو نالو
اسيگراما Asigramma اچ
پاسيپيڊا Pasipeda سيوهڻ
پرائيز Parise ڪوهستان
موسارنا Musarna موسيڪئنس جو ملڪ
اَسڪئنا Oscana ماهوٽا
بناگرا Binagara الور
ڪمي گارا Kamigara الور جي ڀرسان ندي
ڪلاڪا-ڪروڪالا Calaca-Krokala ابن شاهه
باربري-باربريڪان Barbari-Barbaricon ڀنڀور
پسڪا Pisca موهن جي دڙو
پٽالين Patalene لوئر سنڌ
آربيٽا Arbita کيرٿر جبل
انڊوسٿيا Indo-Scythia ملتان تائين سنڌ
پٽالا Patala بهمن آباد
سراسترين Sirastrene ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ
هندستان متعلق جيڪي ٽالمي لکيو، سو مئڪرنڊل(Mc Crindle) جي ڪتاب Ancient India as described by Ptolemy, London 1885 ۾ 373 صفحن تي شايع ٿيو. ٽالمي جيڪي سنڌ تي لکيو، سو ڪارٽر (Carter G.E.L) جرنل ائنٿرو پولاجيڪل سوسائٽي بمبئي ۾”Ptolemy’s Geography of Sindh“ نالي، 16 صفحن تي 1922ع ۾ ڇپرايو ۽ ان سان هڪ نقشو به شامل ڪيو. سندس دنيا جو نقشو 15 صدي ۾ جتي ڪٿي استعمال ڪيو ويندو هو. 16 صدي جي شروعات جڏهن پورچوگيز ڪارٽوگرافن نوان نقشا پيش ڪيا، تڏهن ٽالميءَ جي نقشي جو قدر گهٽيو. ٽالميءَ آفريڪا چين کي ملائي هندي سمنڊ کي ڀونوچ سمنڊ وانگر هڪ زمين جي وچ ۾ وڏي ڍنڍ بنائي ڇڏيو هو. انگريزن، فرينچن ۽ ڊچن 17 ۽ 18 صدين ۾ انهيءَ زمين جي تلاش شروع ڪئي، جنهن هندي سمنڊ کي ڍنڍ قرار ڏنو هو ۽ نتيجي ۾ آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ ڳولي ڪڍيائون.
ٽالميءَ جي مڪمل جاگرافي فرينچ ۽ جرمن زبانن ۾ ڇپجي چڪي آهي. انگريزي ۾ صرف ڏکڻ ايشيا (United India of 1935) تي مئڪرنڊل جو مٿيون ڪتاب آهي. مرينس، جنهن جي جاگرافي ٽالميءَ استعمال ڪئي هئي، سا 120 ق.م ۾ لکي ويئي هئي ۽ ضايع ٿي چڪي آهي.
ٽالميءَ سنڌونديءَ جا ست منهن ڏيکاريا آهن. نيل ۽ سنڌو ندي هڪجهڙيون سمجهيون وينديون هيون. نيل کي ست منهن هئا، انڪري هن چيو ته سنڌو کي به ست منهن هوندا. ٻئي طرف گنگا کي ڊئنيوب سان مشابهت ڏئي پنج منهن ڏنا ويا. سڪندر جي وقت کان ٽالمي تائين سنڌو کي به وڏا منهن ۽ شايد ٻه ننڍا منهن هجن. ستن منهن پورا ڪرڻ لاءِ حب، پورالي ۽ هنگول ندين کي ٽالمي سنڌو درياءَ جون شاخون تصور ڪيون. اها غلطي هن کان اڳ هلندي پئي آئي. باربريڪان يا ڀنڀور وچين شاخ تي ڏيکاريو ويو.
19 صدي ۾ سنڌو درياءَ کي ست منهن هئا ۽ انڪري باربريڪان جي تلاش ٺٽي جي قريب شروع ڪئي ويئي. دراصل باربريڪان سنڌوندي جي اولهه واري شاخ تي موجود هو، جيئن مون پنهنجي مضمون International Trade of Sindh 200 B.C-200 A.D ۾ نقشن جي مدد سان ڏيکاريو آهي. اها غلطي انڪري ٿي جو ٽالمي ٻه ماخذ استعامل ڪيا هڪ نيئرڪس ۽ ٻيو سڪندر جا اهي داستان جي تاريخي نه هئا، پر رنگ آمريز(Romantic) قصا هئا.
ٽالميءَ جو سنڌ جو نقشو، سنڌ جو قديم ترين نقشو آهي. سندس سنڌ جي جاگرافيءَ متعلق بلڪل گهٽ ڪم ٿيل آهي. لئمبرڪ History of Sindh, Vol I ۽ ايگرمانٽ (Eggermont) جي ڪتاب ”Alexander’s Campaign in Sindh and Baluchistan“ ۾ جي حوالا آهن سي سندس جاگرافيءَ تي پوري روشني نٿا وجهن. سندس جاگرافيءَ جي صحيح مطالع لاءِ اسٽرابو (Strabo)، پيريپلس(Periplus) ۽ سڪندر جي تاريخ نويسن جي گهري مطالع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

[b](22) جسٽينس:
[/b]جسٽينس (Justinus) ٽين صديءَ عيسويءَ ۾ زنده هو. هن سڪندر اعظم تي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پامپيس ٽروگس (Pompius Trogus) جي ڪتاب جا حصا ڪم آندا اٿس. ٽروگس جو ڪتاب جو 44 جلدن ۾ هو، جيڪو گم ٿي چڪو آهي، پر ان جو پتو ۽ تت جسٽينس جي ڪتاب مان ملي ٿو. اها تاريخ حقيقتن تي نه، پر قصن، ڪهاڻين ۽ روماني آکاڻين تي مبني آهي. پر ڪتاب ۾ ڪي حصا آهن جي تاريخي معلوم ٿين ٿا، مثلاً چندر گپتا جو سڪندر جي روانگي بعد ملڪ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪرڻ وغيره.
سنڌ متعلق جيڪي حصا آهن انهن جو ترجمو مئڪرنڊل پنهنجي ڪتاب Invasion of India by Alexander the great, London 1896 ۾ ڇپرايو.

[b](23) ايرين:
[/b]ايرين (Flavius Arrianus or Arrian) ٻي صدي عيسويءَ جو يوناني تواريخ نويس بٿائنيا (Bithynia) صوبي جي شهر نڪوميڊيا (Nicomedia) ۾ پيدا ٿيو. رومن حڪومت جي دور ۾ پهريائين قانصل، بعد ۾ شهنشاهه هئيڊرين (Hadrian) جي دور ۾ ڪپادوشيا (Cappadocia) جو گورنر مقرر ٿيو. هن جنگ جي تاريخ، بليڪ سمنڊ جي ڪناري جي جاگرافي، سڪندراعظم جي موت بعد سندس ساين ۾ جدوجهد ۽ جنگيون ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا، پر سندس سڀ کان مشهور ڪتاب آهي آئنابيسز (Anabasis) يا سڪندر جون جنگيون، جنهن ۾ هن ارسٽو بولس (Aristobulus) ۽ ٽالمي (Ptolemy Sorter) جون تاريخون استعمال ڪيون آهن. ازانسواءِ هن مگئزٿينيز ۽ امير البحر نيئرڪس (Nearchus) جي ڪتابن تان هندستان متعلق ”انڊيڪا“ نالي ڪتاب لکيو. ايرين جا اُهي ڪتاب اڄ موجود نه هجن ها ته اسان کي سڪندراعظم متعلق صحيح پتو نه پئجي سگهي ها ۽ موريا حڪومت جي دور ۾ جي پاڪ ۽ هند ۾ حالتون هيون، انهن جو به پتو نه پوي ها. خاص طور نيئرڪس جي سنڌ جي شهر پٽالا (جو بهمن آباد جي قريب يا ساڳيءَ جاءِ تي هو) مان روانگيءَ جو احوال ۽ لوئر سنڌ جي، ان صديءَ جي جاگرافيءَ جي معلومات نه ٿي سگهي ها. ايرين جي ڪتاب جا ڪئي ترجما ٿي چڪا آهن جن مان مون وٽ ”Robson: History of Alexander and India“ ۽ ٻن جلدن ۾، ”A de Selincourt: The life of Alexander“
Mc, Crindle: ”Invasion of India by Alexander“ ۽ ٽومئشيڪ (Tomaschek) جي جرمن ڪتاب جو انگريزي ترجمه (قلمي) آهن.
سنڌ متعلق انهن مان هر هڪ ڪتاب ۾ تقريباً 50 صفحا آهن، جن کي مختصر ڪري مون پنهنجي ڪتاب ”Chronological Dictionary“ ۾ 8 صفحن ۾ آندو آهي. هتي ورجائڻ جي گنجائش ڪانهي.

[b]ماخذات[/b]
(1) Appolonius of Tyana, Letters and Life in Philostratus ed. F.C. Conybeare. Two Volumes. Loeb classical Libarary, London, 1912.
(2) Arrian, Flavius. Anabasis Alexandri and Indica. English translation by: (a) Mc Crindle John Watson. Ancient India as described by Magasthenes and Arrian, London, 1877. (b)….. Extracts in, Invasion of India by Alexander the Great. Westminister. 1896. (c) Robson, E.Iliff. Books I-IV, Vol.I. Lodon, 1967. Books V-VII and Indica, Vol II. London, 1966 (Loeb Classical Libarary) (d) Selincourt A, de. The life of Alexander the Great, London 1958. Revised edition with notes titled, The Campaigns of Alexander, by J.R.Hamilton. London, 1976.
(3) Aristobulus, Extracts of his history, in Arrian and Strabo.
(4) Bunbury. Hisory of Ancient Geography. London, 1883, Reprint, 1907.
(5) Carter G.E.L., Ptolemy’s Geography of sindh. Jour. Anthropological Society. Bombay. 1992.
(6) Charlesworth M.P. Trade routes and commerce of Roman Empire, Cambridge 1926.
(7) Charpentier. Tr. Travesl of Appollonius of Tyana.
(8) Cleitrachus of Alexandria. Fragments in Curtius Rufus.
(9) Conybeare, F.C. See Appollonius of Tyana.
(10) Curtius Rufus Quintus. English Translation of History of Alexander by: (a) Mc Crindle John Watson. Extracts in, invastion of India by Alexander the Great. Westminister, 1896. (b) Mc Queen. In Latin Biography ed. T. A. Dorey. London, 1967. (c) Rolfe J.C.Q. Curtius Rufus. History of Alexander. Books I-V, Vol. I. Lodon, 1971 and books V-X. Vol.II. London. 1972.
(11) Diodorus Sicilus, English translation of the fragments by: (a) Mc Crindle john Watson. Extracts in, Invastion of India by Alexader the Great. Westminister, 1896. (b) Oldfather C. H. London 1933, (Loeb Classical Libarary) (c) Welles Bradford C. Diodorus of Siciey. Vol.8 London, 1963. (Loeb Classical Libarary)
(12) Eggermont P.H.L. Alexander’s Campaigns in sind and Baluchistan. Leuren, Univ. press, 1976.
(13) Eratosthenes. Extracts in Strabo and Ptolemy.
(14) Gilmore, J.L. (ed) Fragments of Ctesiaso. London, 1888.
(15) Herodotus. Histories English translation By: (a) Rawlison and J.G. Wilkinson. History of Heroduts. 4 volumes, London, 1875. (b) Macaulay G.C.History of Herodutus. London, 1904. (c) Hude, K. Heroduts History 2 volumes. London 1927. (d) Selincourt, Aubrey de. Histories. London, 1854.
(16) Jones H.L. The Geography of Strabo, Vol. I-VII, London, 1917-1933. (Loeb Classical Libarary).
(17) Justinus Marcus Jumianus. Epitome of Historiae Philipicae of Pompeius. Extracts in Mc Crindle’s Alexander the Great, Westminister, 1896.
(18) Lambrick, H.T. History of sindh series, Vol II, sindh before Muslim conquest sindhi adabi Board Hyderabad. 1973.
(19) Mc Crindle, John Watson, Commerce and Navigation of Erythraean Sea, being translation Periplus Naris Erythae, Calcutta, 1879.
(20) ……. Ancient India as described by Ktesia. India Antiquary. Bombay, 1882
(21) …………… Ancient India as described in Classical literature. 2nd edition, Calcutta. 1927.
(22) Megasthenes. Fragments of Indika of Megasthenes, English translation by Mc Crindle John Watson, in Ancient India as described by Megasthenes and Arrian. London, 1877. Reprinted in Indian Antiquary, 1885.
(23) Miller, J. Innes. The Spice trade of Roman Empire.Oxford, 1969.
(24) …….. Walter, Cyropadia. 2 volumes. London, 1970.
(25) Nearchus. The Journal of earchu’s. English translation by: (a) Vincent, Rev. William. Dessertations on the vovage of Nearchus. London, 1997. (b) Mc Crindle John Watson India as described by Megasthenes and Arrian. London 1877. (c) Tomasche. Topographicsche Erlanterung der uston fahrt Nearchusvom Indus, biszum Eu phrat. Vol XXI. Wein, 1890. English translation by Pansdoc Karachi. (M.S with M.H. Panhwar)
(26) Panhwar, M.H.Chronology of sindh from the fall of Mohenjo Daro to the Arab conquest . Jour. Sindh Quarterly, Vol. II, No. I, Karachi. 1976.
(27) ……., Influence of Ancient Sciences including those of sindh on Al-Razi. Jour. Sindhology , Summer, 1977.
(28) ……….., International trade of sindh, from its port of Barbaricon (Banbhore), 200 B.C-200 A.D. jour. Sindhology, winter, 1980.
(29) Perrin B. Plutarch’s Lives. Vol. 7 London, 1919.
(30) Pliny, Gais Secondus. Natural History translation by H. Rackham, Vol.I and II, London, 1967 (Loeb Classical Libarary).
(31) Plutarch. Lives. English translation by: (a) Langherne, J.W.Plutarch’s lives. Edinburg, 1875. (b) Mc Crindle john Watson. Extracts in Invasion of India by Alexander the Great. Westminister, 1896. (c) Perrin B. Plutarch’s Lives. Vol. 7. London, 1919. (Loeb Classical Libarary) (d) Fuller, Edmund, Plutarch’s Lives of Noble Greeks. London, 1968. (e) Scott-Kilvert, Ian-Plutarch. The Age of Alexander the Great London, 1973.
(32) Ptolemy , Claudius, In Mc Crindle john Watson’s, Ancient India as described by Ptolemy . Bombay, 1884. Reprint Indian Antiquary, Vol. XIII, Bombay, 1884.
(33) Rackham . Pliny, Natural History. Vol. I and II. London, 1967. (Loeb Classical Library).
(34) Rawlinson A.G. India and Western world from the earliest times to fall of Rome. 2nd edition, Cambridge, 1926.
(35) Rennell, James F.R. Geographical system of Herodutus. London, 1830.
(36) Rolfe J.C.Q. Curtius Rufus, History of Alexander. Books I-V, Vol. I, London, 1970. Books VI-X, Vol-II, London, 1972 (Loeb Classical Libarary).
(37) Scoff, W.H.The perlplus of erythraean Sea Philadelphia, 1912.
(38) Toussaint, Auguste. History of Indian Ocean. London, 1966.
(39) Warmington, E.H. Commerce between Roman Empire and India. Cambridge, 1928.
(40) Wells, C.Braford. Diodorus of Sicity Vol. 8, London, 1963. (Loeb Classical Libarary)
(41) XL/C. The Persian Expedition. English Translation by, Rex Warner, new edition, London, 1972.*

[b](سه ماهي مهراڻ تان ورتل)[/b]