سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌ جا ماڻهون، شهر ۽ وسنديون: ايـم.ايـڇ. پنهـور

[b]پاٿر ڄمار کان نوپهڻي تائين
[/b]جُھوپهڻي (Paleolithic) ڄمار، جنهن کي پاٿر ڄمار (Stone Age) يعني پٿر جي وکرن وارو زمانو پڻ سڏيو وڃي ٿو، پنهنجن وکرن ۽ وقت جي حوالي سان هن طرح ڦانڊي وڃي ٿي:

[b]10 لک ـ 1 لک ورهه ق.م
[/b]اوائلي جھوپهڻي ڄمار (Early Paleolithic Age).
هن ڄمار کي پراڻي پاٿر ڄمار ((Old Stone Age يا هيٺين پاٿر ڄمار (Lower Stone Age) پڻ سڏيو وڃي ٿو.

[b]1 لک ـ 40 هزار ورهه ق.م
[/b]وچين (Middle) جھوپڻي ڄمار.
هن ڄمار کي وچين (Middle) پاٿر ڄمار پڻ سڏيو وڃي ٿو.

[b]40 هزار ـ 10 هزار ورهه ق.م
[/b]ديرائت (Late) جھوپهڻي ڄمار.
هن ڄمار کي ديرائت (Late) پاٿر ڄمار يا مٿئين (Upper) پاٿر ڄمار پڻ سڏيو وڃي ٿو.
انساني سڀيتا (Human Civilization) واري زماني کي هن طرح ڦانڊيو وڃي ٿو:

[b]• 10 هزار ـــــــ 5 هزار ورهه ق.م: وچپَهڻي (Mesolithic) ڄمار.
[/b](وچپهڻي ۽ وچين پاٿر ڄمار ۾ فرق کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي.)

[b]• 7500 ــــــــــ 3000 ورهه ق.م: نوپهڻي (Neolithic) ڄمار.
[/b]3770 ورهه ق.م کان شروع: ٻنگارپهڻي (Aeneolithic) يا ٽاماپهڻي (Chalcolithic) ڄمار.

[b]• 1400 ورهه ق.م کان شروع: لوهي ڄمار (Iron Age).
[/b](ٻنگارپهڻي ۽ لوهي ڄمار کي پاٿر ۾شامل نه ٿو سمجھيو وڃي.)
(ڌرتيءَ جي ڄمار جي حوالي سان وقت کي جن مُدن ۾ ورهايو وڃي ٿو، انهن مان آخري/پوئين/هلندڙ وڏي-مدي واپَل (Period) کي چاريت (Quaternary) سڏجي ٿو. جيڪو ٻن نسبتاً ننڍن مَدن ڀاپَـلن (Epochs) ۾ ورهائي، پهرئين ڀاپَل کي جَجھرُوپ (Pleistocene)• ۽ ٻئي (پوئين، هلندڙ) ڀاپَل کي سَڀرُوپ (Holocene)• سڏيو وڃي ٿو. ڀوڄاڻي (Geological) ڪئلينڊر جي حوالي سان سڀروپ ڀاپل (Holocene Epoch) ۽ انساني سڀيتا جي حوالي سان وچپهڻي (Mesolithic) ڄمار جي ابتدائن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ساکيات (Contemporary) سمجھيو وڃي ٿو.)
ماڻهو (Human Being) جن ساهوارن (Livings) جانارن (Animals) جي ڊگھيءَ قطار مان اسري، اڄوڪي منهن مهانڊي، هڏ ڪاٺ ۽ ذهني ڏات ڏاهپ کي پهتو آهي، انهن جانارن مان ڪجھ جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

[b]1. ڏاکڻباندر/آسٽرالو پٿيڪس (Australopithecus)
[/b]50 لک ـــــــــ 1 لک 20 هزار ورهه ق.م تائين موجود هو. باندر جھڙي جانار جو هيءُ قسم مختلف نمونن جا اوائلي پاٿر وکر ڪم آڻيندڙ ماڻوت (Hominid، هومينڊ، ماڻهوءَ سان ڪِي قدر مشابهت رکندڙ) هو. پٿر جا قدرتي طرح ملندڙ يا ٺهي پيل اهڙا ڳوڙها ڳنڍا جيڪي شڪاري وکر طور ڪم آڻي سگھجن، انهن کي ڏاکڻباندر 30 لک ـــــــ 10 لک ورهه اڳ تائين ڪم آڻيندو رهيو. انهن پاٿر وکرن سان گڏ ڪي هڏاوان وکر به سندس واهپي ۾ هئا. هو مختلف قسمن جي سوئرن ۽ هرڻن جو شڪار ڪندو ۽ هِت هُتِ (جتي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش ممڪن ٿي سگھي) رلندو رهندو هو. هن مُدي کي پاٿر ڄمار جي باک يا باکپهڻي (Eolithic) ڄمار به سڏجي ٿو. ڏاکڻباندر جا آڳيلا (Predecessors، جيڪي اڳ ۾ ظاهر ٿيا يا آيا هجن) راماباندر (Ramapithecus) ۽ اڳ ٻول مانس (Pre-sinjunthropus) آهن. راماباندر جا هڏا انڊيا جي سوالڪ (Siwalik) ٽڪرين مان لڌا ويا ۽ 1 ڪروڙ 40 لک ورهه آڳاٽا سمجھيا وڃن ٿا، ۽ پوٺوار (Potwar، پوٺوهار) مان لڌل پاهڻيل هڏن جي ڄمار 80 لک کان 1 ڪروڙ ورهه آڳاٽي ڪٿي وئي آهي. راماباندر ۽ اڳ ٻول مانس وکر ڪم نه آڻيندا هئا. ۽ گھڻي ڀاڱي مختلف وڻن جي نرم پاڙن، گلن، مُکڙين، ميوَن، ٻوٽن، ماکيءَ وغيره تي گذارو ڪندا هئا.

[b]2. ماڻُو اڀير/هومو اريڪٽس (Homo Erectus)
[/b]ماڻو اڀير 12 لک ــــــــ 10 لک ورهه اڳ تائين واري مدي دوران رهندڙ هو. ماڻو اڀير واري سٿ ۾ هيٺ ڄاڻايل انساني قسم موجود هئا:
جاوا ماڻهو (Java man): 5 لک 15 هزار ـــــــ 3 لک 50 هزار ورهه ق.م.
پيڪن/پيڪنگ ماڻهو (Peking-man): 4 لک 50 هزار 4 لک ورهه ق.م.
ماريطاني ماڻهو (Mauritanicus-man).
هينڊلبرگ ماڻهو (Hiedelburg-man) وغيره.
اهي سڀ 3 لک ــــــــ 1 لک ورهه اڳ تائين موجود هئا ۽ هٿ ٺهيا ڪهاڙا، ڪاٽڪ ڪٽيندڙ (Cutting) اوزار ۽ پٿر جا ننڍا ننڍا ڳنڍا وکر طور ڪم آڻيندا هئا. انهن جي ميڄاڳ (ميڄالو+اڳيون، cerebrum، وڏو مغز. ميڄالي جو مٿيون ۽ اڳيون وڏو حصو) جو مقدار ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو هو. سوانسڪومب (Swanscombe) ۽ سٽائينهيم (Steinheim) ماڻهن (2 لک 50 هزار ورهه ق.م) جو مغزي خانو هاڻوڪي ماڻهوءَ جي مغزي خاني (کوپڙي) جيترو (15 سو ڪيوبڪ سينٽي ميٽر) هو. ماڻو اڀير کان ترت پوءِ ذات ماڻو سُڌيت (Homo Sapien، هومو سئيپين) هو جيڪو 4 لک کان 1 لک 80 هزار ورهه ق.م اڳ تائين واري مدي دوران کيڏندو ڪڏندو رهيو، پر گھڻا ماهر سوانسڪومب ۽ سٽائينهيم کي ماڻُو اڀير جي جٿي ۾ ڳڻن ٿا. ماڻو اڀير وٽ آڱريون ڪتب آڻڻ جي ڏات، ڳالهائڻ جي سگھ ۽ سوچڻ جي سرت اسان جي ڀيٽ ۾ گھٽ هئي پر پڪ آهي ته سوچي سگھندو هو. هُو ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ سٺو ۽ سڌريل وکر ٺاهي سگھندو هو ۽ انهن جي واهپي کان چڱي طرح واقف هو. هو باهه کان واقف ٿي چڪو هو ۽ سادڙن اوائلي ڪاٽڪ وکرن کان ترقي ڪري ان ڏاڪي تي پهتو هو جو کـهرو (مُڏو سُڏو) ڪهاڙو ٺاهي سگھي، جنهن جي واهر سان وڏن وڏن جانورن جو شڪار ڪري سگھندو هو. ان سان گڏ ڳالهائي باهه ٻاري سگهڻ جي ڪري شڪار لاءِ سِٽا رٿي تيار ڪندو هو. مثال طور، ڪنهن گج (هاٿيءَ) جي پٺيان ۽ پاسن کان باهه ڪنهن ڄاتل هڪ پاسي ڊوڙايو ويندو هو جنهن پاسي وڏا وڏا پڪڙ کڏا (Pit falls) موجود هوندا هئا، جن ۾ اهو ڪِري اڙجي پوندو هو.
باهه جي واهپي جا سڀ کان آڳاٽا آثار 4 لک ورهه پراڻا آهن.

[b]3. ماڻُو سڌيت/هومو سئيپينــز (Homo Sapiens)
[/b]ماڻو سڌيت واري سٿ ۾ هيٺ ڄاڻايل انساني قسم موجود هئا:
نيئيندرٿل ماڻهو (Neanderthal-man)
روڊيشيا ماڻهو (Rhodesia man)
ڪرومئگن ماڻهو (Cro-Magnon man)
ماڻو سڌيت 1 لک کان 35 هزار ورهه ق.م اڳ تائين موجود رهيو، جيڪي ججھروپ جي پڄاڻيءَ وارا ڏينهن هئا. هن سڌريل هٿ ڪهاڙي جھڙا وکر ٺاهيا. ماڻو سڌيت ميڄاڳ (Cerebrum) جو مقدار 1450 ڪ.س (ڪيوبڪ سينٽي ميٽر) هو. ڳالهائڻ جي سگھ سڌاري ۽ وڌائي چڪو، قدرتي باهه واپرائڻ جو عمل جاري رکندو آيو ۽ سادو سودو اجھو، جھپو جوڙي رهڻ لڳو.
وچين جھوپهڻي ۾ ماڻو سڌيت جا مثال آهن:

* اوائلي (Early) نيئيندرٿل ماڻهو: 1 لک ـــــــ 70 هزار ورهه ق.م.
* ديرائت (Late) نيئيندرٿل ماڻهو: 70 هزار ـــــــ 35 هزار ورهه ق.م.

نيئيندرٿل ماڻهو ماڻو سڌيت جي ڀيٽ ۾ ماڻو اڀير کي وڌيڪ ويجھو هو. هن کي باهه تي ڪنٽرول هو ۽ اها گھرج مهل ٻاري سگھيو ٿي. جانورن جو چَم/ڇوڙو سبي تنبو ۽ پٿراڻيون ٺاهي سگھندو هو. تنبوءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪاٺ جون ڪي گھربل شيون به گھڙي سگھيو ٿي. هن جھوپا به ٺاهيا ٿي ته گفائن ۾ به رهندو هو. هن موت کان پوءِ واري حياتيءَ ۾ ڀروسو رکيو ٿي ۽ هڏن تي اڪر جو ڪم ڪري سگھندو هو.
مٿيون جھوپهڻي ماڻهو (Upper Paleolithic Man)
هو 35 هزار کان 10 هزار ق.م تائين موجود رهيو. هن بابت پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته هڪ جديد ماڻهو هو. جيڪو 15 هزار ورهه ق.م ڌاري پنهنجي انتهائي سڌريل سطح کي پهتو. هن ئي قبيلائي سرشتو• پيدا ڪيو. ڪي 25 هزار ورهه اڳ نيئيندرٿل ماڻهوءَ جي جاءِ ڪرومئگنن ماڻهوءَ ولاري ۽ ٿي سگھي ٿو ته هن نيئيندرٿل ماڻهو کي ماري ڇڏيو هجي. ڪرومئگنن هاڻوڪن اينگلو-سئڪسن (Anglo-Saxon) ۽ اسڪينڊِينيويائي (Scandinavian) ماڻهن جيان هو. هن جي کوپريءَ جي گنجائش هاڻوڪن يورپي ماڻهن جيتري هئي. انهن ماڻهن مختلف گفائن ۾ تصويرون چٽيون. ڪرومئگنن ماڻهن شڪار ڪرڻ لاءِ ڪوڙڪا ۽ پڪڙ کڏا ٺاهيا ۽ لڪي گھات هڻي سگھندا هئا. هن جنن، ڀوتن، وهمن (وهمي، تصوراتي وجودن)، جادو، ٽوٽيم (Totem، ڪنهن قبيلي جو ان تائين محدود اهڃاڻي، وهمي، مقدس نشان) ۽ ٽابو (Taboo، جن شين/ تصورن کي مقدس سمجھيو وڃي انهن بابت عقيدن وارو سرشتو) ۾ ڀروسو رکيو ٿي. هو هڪ سٺو فنڪار (Sculptor، نقاش، بت تراش، مجسمه ساز) ۽ وينجھار (Engraver، سخت سطح تي اڪر ڪندڙ) هو.
ماڻهوءَ جا سڀ کان آڳاٽا وڏڙا (Ancestors) باندر-جھڙا (Ape-like) ماڻوت (Hominids) هئا جيڪي 200 لک ورهن کان 40 لک ورهه اڳ تائين واري عرصي ۾ ٿي گذريا آهن. انهيءَ باندر جھڙي ماڻوت جي ڄاڙيءَ جا هڏا 1930ع ۾ سوالڪ ٽڪرين مان لڌا ۽ انهن جھڙا ٻيا هڏا افريڪا ۾ به هٿ آيا. اهو ماڻوت يا ماڻهوءَ جھڙو اتميت (Primate، جانارن جي ان شاخ جو نالو جنهن جو آخري سرموڙ ماڻهو آهي) راماباندر سڏجي ٿو ۽ ڏاکڻباندر جو آڳيلو (Predecessor) آهي، جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اُڀو ٿي، ٻن پيرن تي گھمي سگھندو هو. سوالڪي (Siwaliks) جانوٽَ (جانار جھڙو هر وجود، ننڍو توڻي وڏو، جيڪو ڪنهن مخصوص مدي يا علائقي ۾ ملي) سنڌ ۾ گاج ٽڪرين جي جوڙجڪ واري مدي سان ساکيات آهن. راماباندر ممڪن آهي ته سنڌ جي الهندين ٽڪرين ۽ جبلن ۾ گھميو گهتيو هجي، پر ان ايراضيءَ ۾ هن جو پاهڻ (Fossil) ملڻ هڪ ڀاڳ چئبو.
راماباندر جي هڪ مڪمل هيٺين ڄاڙي ڪور (Kaur) ويجھو پوٺوار مان تازو ئي لڌي آهي، جنهن کي 1 ڪروڙ کان 80 لک ورهه آڳاٽو چيو وڃي ٿو.
ڏاکڻباندر جون ٻه ذاتيون آهن: ڏاکڻباندر ٻلوان (Australopithecus Robustus) ۽ ڏاکڻباندر افريڪي Africanus) (Australopithecus، جنهن کي ڪجھ وڌيڪ اسريل ڏاکڻباندر به سمجھيو ويندو آهي. پهريون قسم ڪجھ وڏو هو، وڌيڪ کهرو (بدمزاج، اڻ گَھڙيو) هو، پوريءَ طرح ڀاڄين تي گذارو ڪندو هو. پويون قسم قد جو ڪجھ هلڪو هو ۽ گوشت تي گذارو ڪندو هو. پهريون نابود ٿي ويو ۽ وڏو امڪان آهي ته جديد ماڻهوءَ جو وڏڙو نه هو، پر ٻيو (پويون) يعني افريڪي پڪ ئي ماڻهوءَ جو وڏڙو هو. اڳيون (پهريون) پنج فوٽ ڊگھو هو ۽ وزن 140 پائونڊ هوس ۽ ٻيو (پويون) چار فوٽ ڊگھو ۽ 100 پائونڊ وزن رکندڙ هو.•
پنهنجيءَ 35 لک ورهي ارتقائي زندگيءَ ۾ گذاريل وقت جو 99.666 حصو ”ماڻهو“ جھنگلي پکين، ٻجن، ميون، ڪجھ قسمن جي اوڀڙ جي پاڙن ۽ ماکيءَ تي گذارو ڪندڙ شڪاري-ڪم-کاڌو ميڙيندڙ ٿي رهيو. آخري، رڳو 10 ـــــــــ 12 هزارن ورهن دوران هُو جانورن کي پالڻ لڳو ۽ پوکراهپ جي عمل ۾ داخل ٿيو، جن موٽ ۾ وري سندس گذارڻ جي اوائلي ڍنگ کي تبديل ڪري ڇڏيو. هو رڳو ان ننڍڙي مدي دوران پنهنجي اوائلي ڍنگ کي تبديل ڪري ڇڏيو. هو رڳو ان ننڍڙي مدي دوران پنهنجي اوائلي پاٿر، هاڏر ۽ ڪاٺر وکرن سان گڏ ڪي ٻيا ڌاتو ڪم آڻي سگھڻ لائق ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جسم جي سگھ سان گڏ ڪي ٻيا ڌاتو ڪم آڻي سگھڻ لائق ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جسم جي سگھ (energy) سان گڏ هڪ ٻي واڌو سگھ وڌائي سگھيو.
وکر ٺاهڻ لاءِ هر قسم جو پٿر ڪم نه اچي سگھندو آهي. ڌڳندڙ جبلن مان نڪرندڙ پاڳار (Lava، رجيل پٿرن جي ڳار) ۾ ملندڙ چقمقي اثر رکندڙ فلنٽ (flint، آڱار) پٿر ۽ اوبسيڊين (Obsidian، ڪانگار، ڪارو سڙيل پٿر)، چرٽ (Chert) ۽ قئارٽـزيو (Quartzite) اهي پٿر آهن جيڪي وکر/اوزار ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻبا آهن ڇو ته انهن جو ڦــر (Blade) ٺهي سگھي ٿو (جنهن جي ڌار ٺاهڻ سولي آهي.) ڪاٽڪ وکر ٺاهڻ لاءِ کهرا داڻيڪ (Granular) پٿر جيئن سماق (Granite) بيڪار آهي.
ڏاکڻباندر پٿريلا وکر ڪم آڻيندو هو. هڪ گولائين يا اُڀي/بيضوي پٿر کي هڪ پاسي کان ڇِليو ويندو هو ته جيئن ان کي چهنب/چک/اني/چوٽي يا ڌار ٺاهي سگھجي، جيڪا گوشت ۽ ڀاڄين کي وڍي سگھي. سندس ٺاهيل وکر 35 لک ورهن ۾ انهيءَ سطح کان گھڻو مٿي اسري نه سگھيا.
ماڻو اڀير انهن ڏاکڻباندر جي ڀيٽ ۾ ڪجھ وڏا ۽ وڌيڪ مختلف شڪلين وارا ڪاٽڪ وکر ڪم آڻيندو هو. نه رڳو ايترو ته سندس وکر وڌيڪ سڌريل هئا پر هن جٿن جي صورت ۾، سهڪار ڪندي، گڏجي ڪم پئي ته ڪيو جيئن وڏا جھنگلي جانور ـــــــــ گج (هاٿي)، گينڊو، نديائي گھوڙو، اٺ، جھنگلي سوئر، گھوڙو، جھنگلي سانُ (Bison)، روجھ، ڦاڙهو وغيره ماري سگھي. آخري ڏاڪن ۾ هن پٿر جي ڇِلهڙن (Flakcs) مان سهڻا هٿ ڪهاڙا گھڙي ورتا.
ماڻو سڌيت جي سلسلي ۾ چئي سگھجي ٿو ته نيئيندرٿل ماڻهوءَ هٿ- ڪهاڙا، آڱار پٿر جا وکر، چهنبدار ڇيلها (Scrapers)، ٽڪنڊي ڦر وارا چاقو، مترڪا، ننڍا هٿ ڪهاڙا ۽ پٿر جا ننڍا ڳنڍا ڪم آندا پئي. وچين جھوپهڻي (هڪ لک کان 35 هزار ورهه ق.م تائين) ڄمار دوران ئي شڪاري طريقو سڌري مٿاهين سطح تي پهتو ۽ عام زندگيءَ ۾ رچجي ويو. شڪار ڪرڻ ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاسائڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا چيڙهالا طريقا آزمايا ويندا هئا.
مٿئين جھوپهڻي ۽ نوپهڻي جي وچ وارو عارضي مدو ـــــــــ وچپهڻي ڏاڪو رڳو ڪي ڏهه ورهه اڳ شروع ٿيو. هوري هوري پوکراهپ جي ابتدا ٿيڻ لڳي. شڪارين ساڳيائي اڳوڻيءَ سطح وارا وکر ڪم پئي آندا پر هڏي ۽ سڱ جو واهپو وڌي ويو. تير ڪمان پوريءَ طرح اسري، سڌري چڪا هئا. مڇي ماريندڙن ڪُنڍين (ونگڙن)، سُوئن، ڊوڍين/هڙهين ۽ ونجھن/ارتن ((Paddles جي واهپي مڇي مارڻ جي ڪم کي سولو ڪري ڇڏيو ۽ گولف ڪلب ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين علائقن ۾ ته زندگي گذارڻ جو ڍنگ ئي اهو ٿي پيو. گولف ڪلب ڪراچي ۽ ٺارو ٽڪرين مان مليل وکر ٻڌائن ٿا ته هيٺل سنڌ ((Lower Sindh، لاڙ جا ماڻهو گھڻي قدر ان نموني مڇيءَ تي گذارو ڪندا هئا.

[b]پاٿر ڄماري صنعتون ۽ سنڌ ۾ انهن جا هنڌ
[/b] 1975ع تائين هن موضوع تي تمام ٿورو ڪم ٿيو، تان جو برجيت آلچن (Bridget Allchin) ۽ سندس ساٿين سنڌ ۾ پاٿر ڄماري صنعتن (Factories) جي ووڙ شروع ڪئي. جن هنڌن تي ڦولها ڪئي وئي، اهي هئا: بکر چورلڪ (George) ويجھو روهڙي ٽڪريون، ڪوٽڏيجيءَ کان اڍائي ميل پري چنچا (Chancha) (شهنشاهه) بلوچ، ڪوٽڏيجي ويجھو ئي نواب پنجابي ڳوٺ ۽ حيدرآباد کان 25 ميل اولهه ۾ نيشنل هاءِ وي تي 101 ميل (واري نشان ڀرسان موجود پاٿر وکري صنعت).
روهڙي هنڌ اسان کي مٿئين جھوپهڻي مدي کان هڙپا سڀيتا واري مُدي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هڙپا سڀيتا جي وکر-ٺاهڪن (tool-makers) ٽڪريءَ جو مٿيون ڪار-رڱو تهه صاف ڪري ڇڏيو هو ته جيئن ان جي هيٺيان لڪل پٿر جي ڳنڍن تي پهچي سگھن، جيڪي هلڪي رنگ وارا هئا. کوٽيل ۽ ڦٽو ڪيل مواد ۾ گھڻي قدر وچيان جھوپهڻي (1 لک ـــــــ 40 هزار ورهه پراڻو) وکر ۽ ڪجھ مٿيان جهوپهڻي وکر ملن ٿا. وچين جھوپهڻي مُدي جا هنرمند جيڪو چرٽ (chert) ڪم آڻيندا هئا، اهو گھرو خاڪي (Dark-grey) هو ۽ ان ۾ سنها چٽ هئا، ڄڻڪ ڪريم رنگ ڦوهارو ڪيل هجي. (هڙپا ۾ به اهو ئي ملي ٿو.) هڙپا ۾ ڌنڌوڙڪ ٿلهن (Work Platforms)تان هٿ ٺهيا وکر ۽ ڦر ٺاهڻ سبب لٿل ڇلهڙ مليا آهن. اهي ڇلهڙ اهڙي ڏِک ڏين ٿا ڄڻڪ اهي ڪنهن اهڙي پٿر جي ڳنڍي تان لٿا هجن جنهن مان چوڪنڊا ۽ اڀا ڦر ٺاهيا ويا هجن. ڪي ڇلهڙ اهڙا به آهن ڄڻڪ پوروِڇوٽ پاسن واري ڦر تان لٿا هجن، ۽ مٿئين جھوپهڻي مدي سان واسطو رکن ٿا. ممڪن آهي ته سڀروپ (Holocene) دَور جا شڪاري-ڪم-کاڌو-ميڙيندڙ قبيلا ڌراڙ/ڀاڳيا (ڌڻ-پاليندڙ) ۽ هاري (پوک ڪندڙ) ماڻهن سان گڏوگڏ رهيا هجن ڇو ته روهڙي-وکر-صنعتون سڄي جھوپهڻي مدي تي پکڙيل آهن. روهڙي کان ڪي چار ميل پري، الور ۾ وچيان ۽ مٿيان جھوپهڻي وکر مليا آهن. وڏو امڪان آهي ته روهڙي متان سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڏي پاٿر ڄماري صنعت جو هنڌ هجي. هن کي پنهنجو اڪيلو مثال سمجھيو وڃي ٿو، ڇو ته 4 هزار ورهه ق.م آڳاٽي هڙپا دَور کان سواءِ هن قسم جو هنڌ سڄيءَ دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ نه مليو آهي.
چنچا بلوچ (پکيڙ لڳ ڀڳ 5000=50×100 چورس ميٽر) هنڌ تي وچين ۽ مٿئين جھوپهڻي دَور جون هٿ ٺهيون شيون ملن ٿيون، جن ۾ چڱي وڏي قد وارا چرٽ جا ڳنڍا موجود آهن ۽ انهن جو ٻاهريون ڇلڪو (کَل) لٿل ناهي. حقيقي ڳر/ماس (Core) کي ٿوري کان ٿورو ڪم آندو ويو آهي. ايئن ٿو لڳي ته ڪنهن وڏي ڳنڍي تان ساڳي رخ ۾ وڍ ڏيندي پرت پرت/چاپوڙو چاپوڙو ڪري لاٿو ويو هجي جيئن ڪنهن ڊبل روٽيءَ کي سلائيس (ٽڪرا) ڪرڻ لاءِ وڍ ڏنا ويندا آهن. هڙپا واري دَور ۾ وکر-ٺاهڪ هنرمند استاد ڌڪ هڻي ڦر ٺاهڻ جي فن ۾ مهارت رکندا هئا. اڻ سڌو زور لاتو ويندو هو، شايد ڪنهن هڏي يا مُڪ جھڙي مترڪي سان، جڏهن ته ڇلهجي ڪرندڙ چـٿـڙين کان بچاءَ لاءِ ڳر کي روڪيندڙ آهرڻ/سند تي ٽيڪ ڏني ويندي هئي. اهڙيءَ طرح اهي هنرمند ٿوري/هلڪي ڌڪ سان ڊگھا ۽ سنها ڦر ٺاهي سگھندا هئا ۽ تيستائين بنا ڪنهن ٽوٽ فوٽ جي ڳر ڪم آڻيندا هئا جيستائين اها حد درجي جي سنهي ٿي وڃي. لڌل شين کي هنن نالن هيٺ درجيبند ڪيو ويو آهي:
• پرتائين (ڇلهڙ رکندڙ) ماس (Flake cores) جا ڳنڍا.
• ڦر ماسَ (Blade cores) جا ڳنڍا.
• اڀاڪ ڦر وارو ڇلهڙ لٿل ماس (Longitudinal blade core trimming flakes).
• ڦـــرَ (Blades).
• جُھڪٽيا-اپٽيا ڇيلها (Concavo-convex scrapers).
• جھوڪڙ ڇيلها (Carinated scrapers) (ٻيڙيءَ جي پيٽ جھڙي ڇلهه ڪندڙ وکر).
• ڇيڻيون (Burins).
• واهولا (Adzes).
• کرپيون (Cleavers).
• چاپڪ (چاپون، چاپوڙا ڪندڙ) وکر (Chopping tools) (ڪات).
• نوڪدار پرت (Pointed flakes).
چنچا بلوچ ويجھو نواب پنجابي ڳوٺ واري ڪارخاني ۾ ڦر ٺاهڻ واري صنعت نمايان آهي. انهن ٻنهي هنڌن (چنچا بلوچ ۽ نواب پنجابي) جو واسطو وچپهڻي ۽ نوپهڻي برادرين يعني هڙپا ۾ ٻنگارپهڻي کان آڳاٽين راهپن (ثقافتن) سان آهي.
نواب پنجابي ڪارخانو شايد ڪوٽڏيجي کي مال پهچائيندو هو. ان جا وکر هڙپائي (Harappan) وکرن جي ڀيٽ ۾ عمدي قسم جا آهن.
ميل 101 ڪارخانو سنوت وارو مٿاڇرو رکندڙ نعل/سُنب شڪل ٽڪريءَ مٿان لڳ ڀڳ اڌ چورس ميل جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. اها چرٽ وکرن جي تهه سان ڍڪي پئي آهي. انهن وکرن جي درجيبندي هن طرح ڪيل آهي:
• ٽڪوان ڳر (Discoidal cores) جا ڳنڍا.
• اسرالوئي ڳر (Israllois cores) جا ڳنڍا.
• گھڻ چوٽيا ڳر (Polyhedral cores) جا ڳنڍا.
• هِڪ رُخا ڳر (Unidirectional cores) جا ڳنڍا.
• ڦروان ماس (Blade cores).
• اڀاڪ ڦر وارو ڇلهڙ لٿل ماس (Longitudinal blade core trimming flakes).
• جھوڪڙ ڇيلها (Carinated scrapers).
• چاپڪ وکر (Chopping tools) (ڪات).
• هٿ ڪهاڙا (Hand axes).
• سُوئا (Points).
• (اڀو ڇلهيندڙ) (Ovates).
• ٻک ڇيلها (End scrapers).
• نوڪدار ٻه پاسائون جھڪٽو ڇيلها (Beaked double concave scrapers).
هيٺين جھوپهڻي مُدي وارن هٿ-ٺهين وکرن جي ڳڻپ تمام گھڻي آهي. هن هنڌ تي هيٺين، وچين ۽ مٿئين جھوپهڻي، ٽنهي دَورن جا آثار ملن ٿا. ان هنڌ تي گھڻي ڀاڱي وچپهڻي ۽ مڇي ماريندڙ ماڻهو آباد رهيا. سامونڊي ڪناري وارو پاسو ضرور محفوظ رهيو هوندو. هن هنڌ هڙپائي سرگرميءَ جا آثار نه مليا آهن.
انهن، ذڪر ڪيل هنڌن سان گڏ ڪي ٻيا پاٿر ڄماري وکر هنڌ به هجڻ گھرجن، خاص ڪري سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾، پر هن وقت تائين ان ايراضيءَ ۾ ووڙ نه ڪئي وئي آهي.
وسنديءَ وارن هنڌن تي پاٿر ڄماري جي اڀياس لاءِ آلچن (Allchin) هڪَ ٻِي ۽ سرواڻ ڪوشش ڪئي ته اهو سرچشمو ڳولي لهجي جتان کين وکر پهچايا پئي ويا. اهڙا ٻه چڪاسيل هنڌ هئا: گجي ويجھو ٺارو ٽڪر ۽ ڪراچي ۾ گولف ڪورس وارو هنڌ. انهن هنڌن تان لڌل وکر هئا: ڏاٽا، ڇيلها، ٽڪوان ماس، ڦروان ماس، اڀي ڦر وارا ڇلهڙ لٿل ماس، ڳر جون تختيون، ٻٽا مهٽيل ڦر، متبادل ڇلهيل ڦر، ڏند جھڙي پٺ رکندڙ ڦر، سونڊ جهڙي ڦر لٿل چٿڙيون، ٽڪنڊا، چوپاسوان (Trapeziums)، اَڏيون انيون (تير جون منڊيون)، اڪيلا مهٽيل سوئا، ٻٽو مهٽيل سوئا، اپٽيل سنئون ڇيلها ۽ ڇيڻيون (Burins) وغيره.
جتان اهي وکر پهتا پئي، اهو سرچشمو ووڙجي نه سگھيو آهي. انهن وکرن جو گھڻو لاڳاپو وچپهڻي ماهگير راهپن (ثقافتن) سان آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان ئي هنڌ ٺاهيا ويندا هجن يا ٿي سگھي ٿو ته وکر ماس دادو ضلعي جي ڪوهستان مان ڪنهن به هنڌ تان آندو ويندو هجي. اهو وکر ماس مٿي ڄاڻايل چئني مان ڪنهن به هنڌ تان نه آندو ويندو هو. موهين دڙي ۽ هڙپا واريون وسنديون روهڙي وارو آڱار (فلنٽ) ڪم آڻينديون هيون ۽ ڪوٽڏيجي کي نواب پنجابي ڪارخاني مان مال ملندو هو. انهن راهپن کي مال پهچائڻ سان گڏ چنچا ڪارخاني، ٿي سگھي ٿو ته ٿر جي وچپهڻي برادرين کي به مال پهچايو هجي جيڪو (ٿر) انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ گھميل هو ۽ منجهس وچين جھوپهڻي دَور وارن ڏينهن ۾ ججھا وڻوٽا (Plants) موجود هئا. انهن هنڌن تان ايندڙ وکر جو ٿر ۾ واهپو ٻڌائي ٿو ته هتي سماجي ۽ معاشي تنظيم ڏاڍي اوچيءَ سطح تي پهچي چڪي هئي ۽ انهن قبيلن جي وچ ۾ لڳ لاڳاپي ۽ اچ وڃ جا بهترين وسيلا موجود هئا.
روهڙي توڻي چنچا بلوچ ۽ نواب پنجابي کان وکرن جي ڍوئي/ٽرانسپورٽ ٿي سگھي ٿو ته نارو-هاڪڙو-سرسوتي نديائي سرشتي وسيلي يا سنڌو وسيلي ٿيندي هجي، جنهن جي پاڻيءَ جو ڪجھ حصو ان زماني ۾ الور چورلڪ وٽان گذرندو هجي.
پروفيسر عبدالرؤف خان ڪوهستان جي برساتي ندين (نئن) حب، کڏيجي، جيراندو، نال وغيره جي مختلف ايراضين ۾ پوئين جھوپهڻي دَور جا هنڌ ڳولي لڌا آهن. بدين ضلعي ۾ هاڪڙي جي ڪيٽيءَ وٽ به ڪجھ پاٿر ڄماري هنڌ لڌا آهن. انهن مان ڪنهن هڪ به هنڌ کي پرکڻ لاءِ ڪي ريڊيو ڪاربان چڪاسون نه ڪيون ويون آهن. جنهن ڪري ڪنهن به هنڌ لاءِ سن مقرر ڪرڻ ۽ ان جي درجيبندي ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي.
سنڌ جي ٿر واري ايراضيءَ ۾ وچپهڻي راهپن جي موجودي ۽ انهن لاءِ چنچا بلوچ کان وکرن جي پهچ سنڌ ۾ شڪاري-ڪم-کاڌو ميڙيندڙ قبيلن ۽ سنڌو راهپ (Indus culture) جي وچ ۾ ماڻهن جي سرگرميءَ جو نئون باب کولي ٿي. (هيل تائين اهو سمجھيو پئي ته مجموعي طرح سنڌ ۾ وچپهڻي راهپ وجود نه پئي رکيو.)
اهو ڪَٿيو ويو آهي ته سڄي ڌرتيءَ جي مائوت (Hominid) آبادي ويهه لک ورهن دوران هڪ لک فردن کان وڌيڪ نه هئي جيڪي لڳ ڀڳ سڀ آفريڪا ۾ رهندڙ هئا. ٽي لک ورهه اڳ ماڻو اڀير جي برتريءَ جي ابتدا مهل اها آبادي ٽيهه لکن کان مٿي هئي. ڇهه هزار ورهه ق.م اڳ اها 865 لک هئي يعني هڪ چورس ميل ٽن کان به گھٽ ماڻهن حوالي هو. مون (ايم.ايڇ. پنهور) پنهنجي مضمون ”سنڌ جا اڳ-نوپهڻي (Pre-Neolithic) کاڌ خوراڪ جا سرچشما“ ۾ ڪاٿو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 6 هزار ورهه ق.م موجود آبادي 2 لک کان مٿي هئي يعني هڪ چورس ميل ۾ لڳ ڀڳ چار ماڻهو رهندڙ هئا يعني انهن ڏينهن ۾ دنيا اندر آباديءَ جي سراسري گھاٽائيءَ جي ٻيڻ کان وڌيڪ.

[b]سنڌ ۾ وچپهڻي ڄمار (10 هزار ـــ 35 سَو ق.م)
[/b]سنڌ ۾ وچپهڻي دَور چڱيءَ طرح ڄاتل نه هو. پر برجيت آلچن ۽ گونڊي (Gondie) جي تازي لکڻي ”عظيم انڊين ريگستان جو اڳ اتهاس ۽ جُھوسُـڌ“ (The Pre-history and paleography of the great Indian desert) ان تي چڱي روشني وجھي ٿي. روهڙي ۽ چنچا بلوچ ۾ وکري ڪارخانا اوڀرائين ريگستان يعني ٿر جي وچپهڻي ماڻهن کي وکر پهچائي رهيا هئا. اهي وکر سڌا بارمير ۽ ان کان به پرتي موڪليا ويا ٿي. ميل 101 واري وکري ڪارخاني ڪيٽيءَ ۽ سامونڊي ڪناري تي گھڻي قدر مڇي مارڻ وارا وکر پهچايا ٿي. جاهنسن (Johnson) ان خيال جو آهي ته سنڌو ماٿر سڀيتا (Indus valley civilization) هيٺ سنڌ جي ايراضيءَ ۾ ڪي خال ڏيکارجن ٿا يعني ڪجھ هنڌن تي ڳوٺن، وسندين يا شهرن جي مڪمل اڻهوند ڏيکارجي ٿي. هو سمجھي ٿو ته اهي ايراضيون انهن ڌراڙ (Pastoral) ماڻهن واهپي ۾ آنديون پئي جن جي معيشت جو دارومدار جيئرو-ذخيرو (Live-Stock) پالڻ تي هو. اها ڳالهه ان وسيع ايراضيءَ لاءِ وڌيڪ صحيح آهي جيڪا هاڻي ڪوٽڙي بئراج وسيلي آباد ڪئي وڃي ٿي. ٿر ۽ ڪوهستان ته اڄ سوڌو ڌراڙ آهن. اهي پڙتالون (Findings) سنڌ ۾ پاٿر ڄمار کي وچين يا اڃا به هيٺين جھوپهڻي دور تائين وٺي وڃن ٿيون. سنڌ ۾ انهن هنڌن جي کوج هڪ نئون در کولي ڇڏيو آهي جنهن تي گھڻي تحقيق جي گھرج آهي.
پروفيسر رؤف خان مختلف هنڌن تان ڪيترو ئي پاٿر وکري سامان گڏ ڪيو آهي جنهن جو ڪجھ حصو اوائلي نوپهڻي دَور سان واسطيدار آهي. ان مواد جي درجيندي ۽ ماهرن پاران انهن هنڌن تي اونهي جاچ وقت جي هڪ اهم گھرج آهي.
سبي ويجھو مهر ڳڙهه ۾ نوپهڻي هنڌ، جيڪو 6 هزار ورهه ق.م دَور جو آهي (سائوٿ ايشين آرڪيالاجي 1978-1979ع) آڳاٽيءَ سنڌ جي اتر-اولهه سرحد تي مکيه ڏيک ٿي اڀريو آهي ۽ هڪ وڌيڪ مثال آهي. سنڌ جي پيرانديءَ وارين (ڏاکڻين) ٽڪين جي برساتي ندين ۾ اهڙن ئي قسمن جي مختلف هنڌن جي موجوديءَ جا وڏا امڪان آهن.
ڊاڪٽر مغل ڀارت ۽ پاڪستان ۾ آمري-ڪوٽڏيجي، موهين جو دڙو، هڙپا، سيميٽري-ايڇ، جھڪر ۽ جھانگر هنڌن تان مليل پاٽَن (ٺڪر جو ٿانون) جي ٽڪراٽن جي وري-چڪاس (re-examination) وسيلي ظاهر ڪيو ته اهي راهپون (ثقافتون Cultures) جن بابت ڪن ڏينهن ۾ سمجھيو ٿي ويو ته هڪ ٻئي جي ڪڍ اسريون آهن ۽ ساڳيءَ ئي راهپ يعني سنڌو ماٿر راهپ جو لاڳيتو سلسلو هيون ۽ ان اوسر جي مختلف ڏاڪن کي چٽو ڪري ڏيکارن ٿيون ــــــــ (1) اوسر وارو ڏاڪو (آمري-ڪوٽڏيجي ۾ اوائلي يا اسرندڙ سنڌو راهپ)، (2) ساماڻپ، سامائجڻ، رچجڻ وارو ڏاڪو (maturity) (موهين جو دڙو ۽ هڙپا ۾”ساماڻل سنڌو راهپ“) ۽ (3) ڊهپ، نيستي وارو ڏاڪو (decline) (سيميٽري-ايڇ، جھڪر ۽ جھانگر ۾ ”جھرندڙ سنڌو راهپ“). انهن جا خالق ماڻهو ساڳيا ئي هئا. اهو نڪتي نظر مٿي ڄاڻايل دورن دوران مختلف لڏپلاڻن واري نظريي کي رد ڪري ٿو. هي نڪتي نظر ٻڌائي ٿو ته وڌ ۾ وڌ اها 35 سَو کان 11 سوَ ورهه ق.م تائين ايراني پوٺي (Plateau) کان ساڳين قسمن جي ماڻهن يا ممڪن آهي ته ساڳي لڏي (Stock) ڇاڙهه، لڇ جي ماڻهن جي هڪ لاڳيتي لڏپلاڻ آهي. سرڪار (Sarkar) جي لکڻي ”بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جا نسل“ ڌيان لهڻي ٿي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته گھڻن هڙپائي ماڻهن جي کوپ-ڏساڪ (Cranial Index) کوپڙيءَ جي ماپ ۽ ڀيٽ ڏسيندڙ انگ) ايڪهتر آهي ۽ انهن تاپ حصار (Tape Hissar) جي ماڻهن سان ساڳيائپ رکي ٿي، ۽ اهي هاڻوڪن سِکن، جَتن، جاٽن ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ٻين ڏيهي قبيلن جھڙا ڏيکاربا هئا. هيلپش (Hellpusch) ۽ ويسٽ پال پاران پاڪستان جي جاٽن/جتن بابت اڀياس جت برادريءَ جي درجيبندي ڪري ٿو. انهن لڌپن جي روشنيءَ ۾ ٻولي-ڄاڻو مانسڄاڻڪ ماهرن (Linguistic anthropologists) کي سنڌو جي لکيت بابت پنهنجيءَ تحقيق تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ڇو ته انهن انهيءَ مفروضي جي بنياد تي ڪم پئي ڪيو آهي ته سنڌو (Indus) ماڻهو دراوڙ هئا، انهيءَ ئي جٿي جي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ ان ڪري سنڌو مهرن تي موجود اهڃاڻ انهن جا دراوڙي اسم سمجھي پڙهڻ گھرجن.
ايراني پوٺي کان اپکنڊ (Sub-continent) ڏانهن انهن ماڻهن جي 2500 ـــــــــ 1100 ق.م تائين لڏپلاڻ، رگويدي آرين جي 1000 ــــــــ 800 ق.م تائين لڏپلاڻ ۽ وري ٻارهين ۽ تيرهين صدين ۾ منگول لڏپلاڻ جيڪا سڄي تيرهين صدي دوران جاري رهي، وڏو امڪان آهي ته مرڪزي ايشيا ۾ آبهوا جي خشڪ ٿي پوڻ واري دَور سان لاڳاپيل هجي. (هن علائقي ۾ گذريل 10 هزار ورهَن دوران جيڪا آبهوا رهي، ان جو اڀياس اڃا ٻالجتي (infancy) ۾ آهي ۽ ان جي بنياد تي نتيجو نه ٿو ڪڍي سگھجي.) ڏکڻ يو.ايس.اي (اميريڪا) ۾ اڄ کان ساڍا 9 هزار آڳاٽي تاريخ رکندڙ وڻن جي اڀياس خشڪ دَورن جي نشاندهي ڪئي آهي، پر اها ڳالهه سڄي ڌرتيءَ بابت پڪ سان نه ٿي چئي سگھجي.
سنڌ وٽ پنهنجو پڪو پختو وچپهڻي دَور آهي پر ان تي ٻين، پوئين جھوپهڻي ۽ نوپهڻي دَورن پردو وجھي رکيو. حقيقي دَور بابت پڪو نتيجو رڳو سنڌ نه پر راجستان، لسٻيلي، قلات، سبِي ۽ ڪڇي ضلعن ۽ پڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي ٻڌل وسيع ايراضيءَ ۾ قديم آثارن جي ووڙ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍي سگھجي ٿو.

[b]وچ اوڀر ۾ پنهنجي بڻ (Origin) کان نوپهڻي راهپ جو پکڙجڻ
[/b](1000 ـ 2300 ق.م)
نوپهڻي انقلاب بابت ڀروسو ڪيو وڃي ٿو ته قبل مسيح ۾ اٺين هزارين ورهه جي وچ ڌاري شروع ٿيو جيئن جرمو، جيريڪو ۽ ڪتال هيوڪ (Catal Huyuk) ۾ ڪيل کوٽاين وسيلي ظاهر ٿئي ٿو. قبل مسيح جي ڇهين هزارين ورهه جي پڄاڻي مهل (5100 ق.م) اهو انقلاب ايران ڏانهن وڌيو. وچ اوڀر، ايران، بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ نوپهڻي انقلاب جي اها شروعات هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ نه هئي، پر ڍاڍر ويجھو مهر ڳڙهه ۾ تازين کوٽاين هن ايراضيءَ جي نوپهڻي ڄمار کي 8 هزار ورهه ق.م تي آڻي بيهاريو آهي. مهر ڳڙهه بابت تفصيلي رپوٽ پڌري ٿيڻ جو اڃا انتظار آهي.
سڀ کان اوائلي ڄاتل پاٽ (ٺڪر-ٿانو) ڪتال هيوڪ (انطوليا) لڳ ڀڳ 6800 ق.م، ۽ ايران ۾ تاپ گران (Tape Guran) 6500 ق.م ڌاري پڌرا ٿين ٿا. اناجن مان ڪڻڪ جرمو (عراق) ۾ 6000 ق.م ڌاري ظاهر ٿئي ٿي جيڪا ڪڻڪ جي جھنگلي وڻڪ (variety) ڊسوڪوڊيس (Disoccuides) جي ويجھو يا ان سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڇڪڙي (Hexaploid) ڪڻڪ 3000 ق.م کان پوءِ سنڌو ماٿر ۾ اپائي ويندي هئي ۽ ان کان هڪ هزار ورهه پوءِ چين پهتي. مهر ڳڙهه ۾ ڪڻڪ 6000 ق.م ڌاري اپائي ويندي هئي. سڀ کان اوائلي جـــوَ (هسپونٽانيم Hispontaneum وڻڪ) جي ڄاڻ ڪتال هيوڪ ۽ جرمو ۾ 6000 ق.م ڌاري ملي ٿي.
ڍڳي وسيلي ڪاهيو ويندڙ هَر وچ اوڀر جي ڪجھ حصن ۾ 300 ق.م ڌاري هلايو ويندو هو پر يورپ ۾ اهو 1500 ورهه پوءِ ظاهر ٿيو. سنڌ ۾ ان جا اوائلي آثار 3000 ق.م ملن ٿا. جمدت نصر (عراق) ۾ 3000 ق.م ڌاري ٻاجھري ظاهر ٿي. سانئون (چيڻو، جوئر، Sorghum) جيڪو گھٽ مينهوڳيءَ واري علائقي ۾ ٿيندو آهي، تاپير (Tropical، ڪوسي ڪمربند واري) افريڪا (صحرا جي ڏکڻ) کان عرب ۽ عرب کان اپکنڊ ۾ ۽ پڻ ڀونوِچ (Mediteranian) سمنڊ جي ڏيهَن ۾ پهتو.
چانور ڏکڻ ۽ اوڀر انڊيا ۾ اپايو ويندو هو، جتي وڏو امڪان آهي ته اهو 2000 ق.م ڌاري چين کان پهتو. مٽر Field pea)) ڪتال هيوڪ ۾ 6500 ق.م ڌاري ۽ جرمو (عراق) ۽ ميرند (مصر) ۾ 4500 ق.م ڌاري اپايو ويندو هو.
ڪُتا، بنيادي طرح ڳوٺاڻا رولو، ڀروسو ڪيو ٿو وڃي ته ٻين سڀني کان اڳ ۾ هيرايل (domesticated گھريلو ڪيل) جانور آهن، توڻي جو ان بابت پڪي ڀڙاڄاڻي (آرڪيالاجيڪل، قديم آثارن واري) ثابتي موجود ناهي. انهن جي هيرائجڻ بابت پهرين سڀ کان آڳاٽي شاهدي 8400 ق.م ڌاري ملي ٿي. رڍ پالجڻ جي شاهدي زاوي (Zawi) حڪيمي شنيدر (عراق) ۾ 8300 ق.م ۾ ملي ٿي. گڏهه پهريائين مصر ۾ گھريلو ڪيو ويو. گورخر خچر (گڏهه جو مائٽ، جھنگلي گڏهه، Onager) ڦيٿي واري گاڏي ۾ 3000 ق.م ڌاري سينگاريو ويو. اتر-اولهائين ايشيا ۾ گھوڙو هيرايو ويو ۽ اتان اهو 2000 ــ 1500 ق.م ڌاري يورپ ويو. ٻڪري 6000 ق.م ڌاري جيريڪو، جرمو ۽ علي ڪوش (Ali Kosh) ۾ ڌارجڻ لڳي.
هيرايل سوئرن (Pigs) جي موجوديءَ جا نشان 6800 ق.م ڌاري جرمو ۽ جيرڪو ۾ ملن ٿا. ڍڳو 6000 ق.م ڌاري ڪِريٽ (Crete) ۽ يونان ۾ ۽ 5500 ق.م ڌاري خَــزستان (ايران) ۾ هيرايو ويو. اُٺ اهو آخري جانور آهي جيڪو 1300 ق.م ڌاري عرب ۾ واپرايو ويو.
ڏنل نقشو يورپ ۽ باقي ايشيا ۾ نوپهڻي راهپ جي پکڙجڻ جو عمومي خاڪو ٻڌائي ٿو. يورپ لاءِ، راهپ جي اها پکيڙ ٻن ڏاڪن ۾ ڏيکاريل آهي: پهريون 5 هزار ــــــــ 4 هزار ق.م ۽ ٻيو 4 هزار ـــــــــ 25 سَو ق.م، توڻي جو اها وٿيءَ وٿيءَ سان 7 هزار ـــــــــ 6 هزار ق.م ڌاري پکڙبي رهي، جڏهن اها اوڀرائين يونان ۾ اڪسگا (Akgissa) تائين، اولهائين تــڙڪي ۾ هسيلار (Hacilar) ويجھو ۽ پڻ ڪريٽ (Crete) ۾ وڃي پهتي. وري 6 هزار ـــــــ 5 هزار ق.م ڏاکڻي رومانيا ۽ اترادي بلغاريه جي ڪارپاٿين ۽ بالڪن جبلن جي وچ ۾ ڊينيوب نديءَ جي ماٿرين ۾ (ان جي ڪيٽين ۾)، بلغاريه جي نديائي ماٿري ڪارتسا ۾ ڪرانوو تائين ۽ يوگوسلاويا ۾ مراوا ۽ واردار جي نديائي ماٿرين تائين وڃي پهتي. اها راهپ اٽلي جي اولهائين سامونڊي ڪناري سلسلي جي اولهائين اڌ، ڪورسيڪا، سارڊينيا، فرانس جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري ۽ هاڻوڪي الميريا (اسپين جي سامونڊي ڪناري) تائين پڻ وڃي پهتي. ان ۾ موراڪو ۽ الجيريا جو اترادي سامونڊي پٽو ۽ پورچوگال جو اولهائون سامونڊي ڪنارو شامل آهن.
اها راهپ 5000 ـــــــ 4000 ق.م ڌاري سڄي يورپ تائين پکڙجي چڪي.
نوپهڻي ماڻهوءَ کي پوکراهپ لاءِ ٻيلا صاف ڪرڻا پيا. هن اهو ڪم خاص طرح 3000 ق.م کان پوءِ باهه ڏيڻ ۽ پٿريلي ڪهاڙيءَ سان وڍ ڪرڻ وسيلي سر انجام ڏنو. سنڌ ۾ ڪهاڙا ٺاهڻ لاءِ روهڙي، چنچا بلوچ، نواب پنجابي ۽ ميل 101 جو آڱار پٿر ڪم آندو ويندو هو. اهي، ماڻهو کاڻ مان آڱار ڪڍڻ لاءِ سِڱَ ڪم آڻيندا هئا. شروعات ۾ مڇي مارڻ لاءِ ڊونڊي طور وڻن جا پورا، اندران کاڌل ٿــڙ، ڪم آڻبا هئا. ميسوپوٽاميا (عراق) ۽ ميلوها (سنڌ) جي وچ ۾ لاڳاپا تڏهن ممڪن ٿيا جڏهن ٻيڙي ٺاهي وئي.
ڦيٿي واريون گاڏيون وچ اوڀر ۾ 3000 ق.م ڌاري موجود هيون. اهي سنڌ ۾ 2500 ق.م ڌاري متعارف ڪرايون ويون.
سڻي ڪَتڻ ۽ آڻڻ جو ڪم وچ اوڀر ۾ 4500 ق.م ڌاري شروع ٿيو پر سنڌ ۾ ڪپهه ڪم آندي ويندي هئي. مهر ڳڙهه ۾ ڪپهه جي ٻج (وؤڻ) جي موجودي ان کان گھڻي آڳاٽي 6000 ق.م ڏيکارجي ٿي. (پهريون) ڪم ايندڙ آڏاڻو (Loom) سنئين قسم جو هو. ڪڻڪ جي تيلي مان ٽوڪريون/پنڊيون/ دٻڪيون ٺاهڻ جو ڪم 6500 ق.م ڌاري ڪتال هيوڪ ۾ ٿيو. اتان اهو ترت ئي يورپ ۽ باقي ايشيا ۾ پکڙيو. شڪاري قبيلا چَم جا ٿيلها ۽ ٽوڪرا ڪم آڻيندا هئا. چم مان مختلف قسمن جي ڇلين ٺاهڻ جو ڪم ۽ انهن جو واهپو سنڌ ۾ پنجاهه ورهه اڳ تائين جيئرو هو. پاٽ (Pots) عام ٿيڻ کان اڳ مختلف (جانورن جا) ڪوڏ/کوپا/سپون ۽ پٿر جا ڪولا شيون رکڻ لاءِ پڻ ڪم ايندا هئا. ڪتال هيوڪ ۾ سڀ کان اوائلي ڄاتل پاٽن جو سن 8600 ق.م ۽ مهر ڳڙهه وان ٿانون جو سن 5000 ق.م آهي. نوپهڻي ٿانون کي لڳ ڀڳ گول ترو آهي ۽ چمڙي، ڪاٺ ۽ پٿر وارن پنهنجن آڳيل ٽوڪرن سان ملن جلن ٿا. نوپهڻي ماڻهن پنهنجا دائمي گھر جوڙيا جيڪي ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جي صورت ۾ ڪوٽيل (Fortified، ڪوٽ ڏنل) هئا.
اصطلاح ”نوپهڻي“ راهپ/ثقافت جي خاص سطح سان لاڳو ٿئي ٿو، نه ڪي وقت جي ڪنهن ٺوس دَور سان. ان ڪري هي سن مختلف ايراضين لاءِ مختلف ٿيندو/بدلبو رهي ٿو. وچ اوڀر لاءِ اهو 7500 ــــــــ 3000 ق.م هو ۽ برطانيا لاءِ 3000 ـــــــ 1800 ق.م، سنڌ لاءِ اهو لڳ ڀڳ 4000 ق.م هو پر مهرڳڙهه (ڍاڍر ويجھو لڪ وٽ، 500 ايڪڙ ايراضي) ۾ لڌپون (Findings) ان کي آڳاٽو وٺي ويون آهن ۽ کيس وچ اوڀر جي جيريڪو ۽ ڪتال هيوڪ جو لڳ ڀڳ همعصر بيهارن ٿيون. مهرڳڙهه تي تفصيلي رپورٽ جو اڃا انتظار آهي.
مهرڳڙهه بابت جيرگ ليچوالئير (Jarrige Lechevallier) پاران ڏنل امڪاني پَــلڄاڻ (Chronology، سن وار ڄاڻ) هن طرح آهي:

[b]پهريون دَور: ڇهين ۽ پنجين هزار ق.م وارن ورهن جي وچ ۾:
[/b]نوپهڻي وسنديون ـــــــــ مقامي رهاڪو ان مهل تائين ٺڪر-ٿانو استعمال نه ڪندا هئا، پر مستطيل گھڻن ڪمرن وارن گھرن ۾ رهندا هئا. وکر ۽ اوزارَ پٿر ۽ هڏي مان ٺاهيا ويندا هئا.
همعصر راهپ: ڪلي گل محمد.
پاٽن جا تمام ٿورا ٺيڪراٽا (pot shreds) لڌا آهن ۽ امڪان آهي ته پنجين هزار ق.م کان گھٽ ڪجھ پوءِ جا آهن.

[b]ٻيو دَور (الف):
[/b]پنجين هزارين ق.م جي پڄاڻي.
همعصر راهپ: ڪلي گل محمد-2 ۽ منديگڪ-1 (1 ـــــــ 3(. چوٿين هزار ق.م ابتدا چڪ تي لٿل ٿانو، جاميٽريڪل گُلڪاري ۽ ڪک ڪانن/ڪچهر جي باهه تي پچايل هٿ ٺهيا انهن جا پاسا.

[b]ٽيون دور:
[/b]4000 ـــــــــ 2500 ق.م. چڪ تي لٿل ٿانو ڪيپرِڊ پکين (Caprid birds) ۽ جاميٽريڪل گلڪاري سان چٽسالي ڪيل.
همعصر راهپ: ڪلي گل محمد-2 ۽ منديگڪ-1،3 ۽ ٽاگاءِ-الف (Togau-A).

[b]چوٿون دَور:
[/b]چوٿين هزارين ورهن جو وچ. چڪ تي لٿل ٺڪر-ٿانو، يڪرنگا ۽ گھڻ رنگا جاميٽريڪل نمونا ۽ سينگار، تيراڪوٽا (Terrocotta) زنانا عضوا. 5500 ق.م جو هڪ پراڻو سر در/امريو (Lintel) بلڪل سٺي حالت ۾ مليو آهي.
همعصر راهپ: دمب سادات-1، ٽاگاءِ-ب ۽ ت، ۽ آمري-الف-1.

[b]پنجون دَور:
[/b]چوٿين هزار ق.م جو ٽيون چوٿاڙ (2500 ـــــــ 3250 ق.م). اڇي رنگ جي چِٽن وارا ٿانوَ، يڪرنگي جاميٽريڪل گلڪاري، انساني شڪليون. هن دَور جي پڄاڻي مهل پهريان خاڪي ٿانو ظاهر ٿيا.
همعصر راهپ: ٽاگاءِ ۽ منديگڪ-2.

[b]ڇهون دَور :
[/b]چوٿين هزار ق.م جي پڄاڻي ۽ ٽين هزار ق.م جي ابتدا. خاڪيءَ تي ڪاري رنگ وارا ٿانوَ، ڪوئٽا ٿانوَ، نال گھڻ رنگي ۽ پپل، انساني شڪليون ۽ لئپس لئــزولي (Lapis Lazuli، چِٽي آسماني رنگ وارو ڪجھ قيمتي پٿر) رنگ چٽيل ڳاڙها ٿانوَ.

[b]ستون دَور:
[/b]ٽين هزار ق.م جو وچ (2500 ق.م). خاڪي رنگ تي ڪاري رنگ وارا ٿانو، ديرائتو ڪوئٽا نمونو، وڏي پيماني تي انساني تصويرن جا نقش، يادگاري ٿلها، زالب (Zalib) تصويرون، ڪوٽڏيجي ٺيڪراٽا، ڪنجھي جون ٽڪون ٻِٽي وڪڙيل مٿي واريون ــــــ شايد وچ ايشيا کان گھرايل ۽ نقل ڪيل، ايران کان گھرايل ٽرقوئــز (Turquoise، ساواڻ مائل نيرو قيمتي پٿر) مڻيا ۽ مالهائون، اترائين افغانستان مان لئپس لئزولي وکر ۽ مڻيا/مالهائون.
همعصر راهپ: دمب سادات-2 يڪرنگي نال، منديگڪ-4، شهرِ سوخته-2، ڪوٽڏيجي، آمري-2.
کوٽاين اهو به پڌرو ڪيو آهي ته هن ايراضيءَ جي ماڻهن جا وچ ايشيا سان واپاري ناتا پڻ قائم هئا. مهرڳڙهه 1739ع جي پڄاڻيءَ تائين سنڌ جو حصو هئي تان جو نادر شاهه سبي ۽ ڪڇي ضلعن کي سنڌ کان ڇِني قلات جي خانن حوالي ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ آمريءَ سان گڏ نوپهڻي ڄمار پوري ٿي ۽ ٻنگارپهڻي ڄمار شروع ٿي. مضمون سان گڏ ڏنل نقشو ٽامي ۽ ڪنجھي (ٻنگار، Bronze) جي پکيڙ کي ظاهر ڪري ٿو.

[b]سنڌ جا شهر ۽ وسنديون
[/b]
سنڌو دريائي سرشتو نه رڳو پنهنجين ستن ڏانِيئڪ ندين (Tributaries، ڀارتو/ڏاني، هڪ هنڌان پاڻي آڻي ٻي هنڌ پهچائيندڙ واهه، ڪَسيون، نديون يا نَــئيون) ـــــــــ سُوات، ڪابل، جھلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج تي پر انهن سان گڏ پنهنجن اولهائن جبلن جي گھٽ ڄاتل ڏانيئڪ ندين/نَــئين ۽ مختلف اواولين (Avavalis) مان پاڻي آڻيندڙ لوني تاس جي ندين/نئين تي پڻ ٻڌل آهي.•
اولهائن جبلن (ڪوهستان) جي ندين/نئين جو اثر اڄ به چٽيءَ طرح پروڙي سگھجي ٿو. اهي هر سال طوفاني ٻوڏ آڻينديون آهن جيڪا جبلن، ٽڪرين ۽ ڪاڇي کي کُرڇي/کُرڙي رکندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح ميداني علائقن ۾ لَٽ جو هڪ ججھو مقدار مهيا ڪندي آهي. اولهائين سنڌ ۾ مختلف قسم جي ڀَنجُن واريون ٻنيون، سڀ جو سڀ، انهن ندين/نئين جي سوکڙي آهن جيڪي ڳڻپ ۾ ٽن ڊزنن کان به وڌيڪ ٿينديون. اترادي سنڌ ۾ انهن مان مکيه آهن مُولا، مزاراڻي، سِيتا ۽ گاج جن کي بلوچستان جي بولان کان به وِت ملي ٿو. ڪي 9-هزار کان 4-هزار ورهه اڳ انهن ٻارهوئي وهندڙ سرشتو ٺاهي رکيو. انهن الهندين ندين پاران ذخيرو ڪيل لٽ سبب انهيءَ سرشتي اوڀر ڏانهن يا اوڀرائون هلڻ شروع ڪيو. اهو سرشتو سڌو سنڌونديءَ ۾ سيوهڻ مٿان ڇوڙ ڪري سگھيو پئي، پر جيئن ته سنڌوءَ جي سدا وهندڙ اولهائين شاخ لاءِ، جنهن طوفاني وسڪاري جي اوج وارن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جو تمام تکو وهڪرو ۽ گھڻو مقدار آندو پئي ۽ وٽس اولهائِين وهڪ جو رجحان هو ان ڪري بولان ڊُوهڪ (ڊرينيج) سرشتو سنڌوءَ جي مکيه وهڪري کان ڪجھ وٿيرڪو رهيو. پاڻي-ڊُوهَه دوران انهن سنڌو تاس ۾ هڪُ چِٽو دڳ ۽ تراين/جھوڪن جو هڪ سلسلو ٺاهي ڇڏيو. ڳڙهي خيرو ۽ شهدادڪوٽ ۽ حمل ۽ منڇر ڍنڍن کان هيٺ واريون ترايون انهيءَ وهڪ جو نتيجو آهن.
سيوهڻ هيٺان، اولهائين ٽڪرن مان مکيه ڏانيئڪ نئيون سن، بارانۡ، ڪالو ۽ جنگشاهي آهن. توڻي جو اهي ٻارهوئي وهندڙ ناهن پر اهي هر ٻئين ٽئين سال سنڌوءَ ۾ هڪ لک ڪيوسڪن کان به وڌيڪ پاڻي ڇڏينديون آهن.
• سن شهر سنڌوءَ جي اولهائين ڪنڌيءَ تي موجود آهي پر اهو شهر سنڌوءَ پاران کاڌ باوجود صدين کان تڳندو آيو آهي. سنڌو اولهه پاسي پائي (کاڌ ڪري) نه ٿي سگھي، رڳو ڪجھ فوٽن لاءِ ئي سهي، ڇو ته سنڌونديءَ ۾ سنَ نئن پنهنجو پاڻي ڇڏي ٿي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي ڌِڪي وڃي پَرينءَ ڪنڌيءَ کي کائي ٿي.
• سنڌوءَ تي اونگر ويجھو باران نئن جو پڻ ساڳيو عمل جاري آهي، ۽ باران جي مهرباني جو جھرڪ شهر گذريل ٻن هزار ورهن دوران سنڌوءَ پاران کاڌ کان بچندو آيو آهي.
• برساتي نئيون رود (Rode) ۽ ڪالو (Kalu) ڪينجھر ڍنڍ جي سنڀال جون ذميوار آهن. انهن سنڌوءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڌرتي کرڙي ڪينجھر ڍنڍ واري ڀاڏ/هيٺاهين/ترائي تخليق ڪئي.
• جنگشاهي نئن پڻ ساڳيو ڪم ڪيو ۽ ڪلري ۽ هاليجي ڍنڍن واريون ڀاڏون تخليق ڪيون.
لونيءَ ۽ اوڀر وارين ٻين نئين جو ذڪر پڻ گھٽ ڇرڪائيندڙ ناهي. انهن ڀُوڄاڻي (Geological، ڌرتي جي بناوت ۽ جوڙجڪ بابت علم) زمانن ۾ سنڌ جو هاڻوڪو اوڀرائون رڻ ٺاهيو جنهن کي ٿر سڏيو وڃي ٿو ۽ وڏي انڊين رڻ جو حصو آهي. درشادوَتي-سرسوَتي سرشتي، اوائلي جَجھرُوپ (Pleistocene، ججھ = ججھو، Pleistos + روپ، Kainos) عرصي ۾ لونيءَ ۾ ڇوڙ ڪيو ٿي. وچين ججھروپ دوران اُنَ هاڻوڪي هاڪڙو ۾ امرڪوٽ ويجھو ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوئين ججھروپ دوران اُن مَکِي-فراش-چوٽياري ڍنڍن جي سرشتي ۾ (سمنڊ ڏانهن ويندي) هاڪڙو وسيلي ڇوڙ ڪيو ٿي. ڪي 10-هزار ورهه اڳ ان بيڪانير ۽ بهاولپور کان سکر ڏانهن پنهنجو تازو وهڪرو جوڙي ورتو ۽ پوءِ هاڻوڪي ريڻي ۽ هاڪڙو يا اوڀرائين نارٖي وسيلي ڪوري کاڙيءَ ڏانهن وهڻ شروع ڪيو. اوڀر ۾ انڊين رڻ ۽ اولهه ۾ ڪوهستان سبب سنڌ جو وچون حصو سنڌوءَ جي وڙ وَڪڙ وهڪ حوالي ٿيو. (هاڻوڪي) سنڌ ۾ داخل ٿيڻ مهل سنڌوءَ اڪثر ڪري پنهنجي اولهائين شاخ وهائِي ٿي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيل آهي، ۽ اڪثر ڪري وٽس اتر سنڌ ۾ اوڀرائين شاخ نه هوندي هئي سواءِ گھٽ ۾ گھٽ گذريل 5-هزار کان 1-هزار ورهه اڳ واري عرصي دوران جڏهن اها پنهنجي اوڀرائين شاخ وهائيندي هئي جيڪا الور چورلڪ (Gorge) وٽان لنگھي اوڀرائين مير واهه کان ڪوٽ ڏيجي ۽ ڏکڻ ڏانهن سنئين زمين ۾ هلي ويندي هئي.
ان جي مکيه ۽ مرڪزي وهڪ سدائين سکر جي اولهه ۾ هلندي هئي ۽ پوءِ وڪڙ کائي خيرپور ضلعي ۾ هاڻوڪي واهڪ کي ڪراس ڪندي اڄوڪيءَ وهڪراهه جي اوڀر ۾ ڏهه پندرهن ميل پرتي وهندي هئي. سڪرنڊ جي اوڀر کان اولهه ۾ اڄوڪيءَ وهڪراهه هيٺان سنڌوءَ پنهنجي ڪيٽيءَ (دوآبي، Delta) جو مٿو پئي ٺاهيو ۽ عام طرح ٻه يا ٽي ڪيٽيائي ڇاڙهون ڪڍندي هئي. سامونڊي ڪناري ويجھو هر هڪ ڇاڙهه وري ٻن يا وڌيڪ شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي. سمورين گذريل صدين دوران سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ مکيه ڪيٽيائي شاخن جي ڳڻپ 5-8 رهي آهي.
سنڌ جي ميدانن جي لاهي جيئن ته هر ميل تي 8-انچ آهي. ايتري ٿوري لاهيءَ جي ڪري پاڻيءَ جي وهڪري جي تيزي ايڏي ته گھٽجي وڃي ٿي جو پنجاب ۽ سرحد کان آندل لٽ، جيڪو اتي موجود ميدانن ۽ جبلن جي گھڻيءَ لاهيءَ سبب کرڙجي اچي ٿو، سنڌ جي ميدانن ۾ پکڙجي وڃي ٿو. لٽ سبب سنڌوءَ جو پيٽ/تر ڀرپاسي جي ڀيٽ ۾ مٿي اُپرڻ لڳي ٿو جنهن ڪري اها نيون ڇاڙهون ڪڍي نوان دڳ/راهون وٺي وهڻ شروع ڪري ڏئي ٿي. اهي وهڪ دڳ/وهڪراهون پائدار نه ٿيون ٿين پر ندي جيڪڏهن ڪو چورلڪ ٺاهي وٺي ٿي ته اها عام طرح اتي ڪيترين ئي صدين تائين ڦاٿل رهي ٿي.
سنڌ ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل چورلڪ هي آهن:
• الور چورلڪ، جتان سنڌو گھٽ ۾ گھٽ 5-هزار ـــــــ 1-هزار ورهه اڳ تائين وهندي رهي.
• بکر چورلڪ، جتان سنڌو گذريل هڪ هزار ورهن کن کان وهي رهي آهي.
• ڪوٽڙي-حيدرآباد چورلڪ، جتان سنڌو 1758ع کان وٺي وهندي رهي آهي.
• ساموئي چورلڪ (جنگشاهي ۽ مڪلي ٽڪرين جي وچ ۾) نديءَ اتان 1333ع ۽ 1350ع جي وچ ڌاري ڪنهن وقت وهڻ ڇڏي ڏنو.
• ڀنڀور چورلڪ (ڀنڀور ۽ ان جي ابتي پاسي هرجنيا (Harginia) لوڻَ کاڻين وارين ٽڪرين جي وچان). اهو چورلڪ 325 ق.م ـــــــــ 1228ع دوران موجود رهيو ۽ ٿي سگھي ٿو ته نديءَ اتان 1300ع ڌاري وهڻ بند ڪيو هجي.
• پير پٺو چورلڪ، هن چورلڪ سنڌوءَ جي بگھاڙ شاخ جو پاڻي قديم زماني کان ۽ وري 1-هزار عيسوي کان نئيو پئي ۽ نسبتاً گھٽ اهم هو.
• اڙل نئن، جنهن سنڌوءَ جي اولهائين شاخ جو پاڻي ۽ ٽڪرين/جبلن جو پاڻي نئيو پئي، هڪ نئون ۽ دائمي منهن سيوهڻ ۽ ڀڳوٽوڙو ٽڪرين جي وچ ۾ ڳولي لڌو.
چورلڪَ نديءَ يا ان جي شاخن کي صدين تائين سوگھو جھلي رکن ٿا ۽ انهن هنڌن تي دائمي وسنديون آباد ٿيڻ لڳن ٿيون. وسندين سان گڏ خشڪ/ سوڪهڙيل (Arid) ايراضين ۾ پاڻيءَ جي دائمي موجودگيءَ وارن هنڌن تي پاڻي-پوڄا جا مرڪز اسرڻ لڳن ٿا جنهن ڪري اهي هنڌ مقدس/پوتر ليکجڻ ۾ اچن ٿا. اهڙن ماڳن جي جدول هيٺ ڏجي ٿي:




[b]پاٿر ڄمار (پٿر واري دَور، Stone age) ۾ انساني وسنديون
[/b]روهڙي ٽڪرين ۾ 32-ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل پاٿر ڄماري (پٿر جي اوزارن واري) فئڪٽري (ڪم ڪرڻ جو هنڌ، جتي ڪا شَي ٺاهي وڃي، خاص ڪري مشينريءَ يا اوزارن جي مدد سان) موجود آهي. اتي ملندڙ وکرن/اوزارن جو هڪ حصو 5-لک ورهه قبل از مسيح (ق.م، عيسوي سن کان اڳ واري دَور) سان واسطو رکي ٿو، پر اتي اهڙا پٿريلا وکر به مليا آهن جيڪي پوئين پاٿر دَور جي اوزارن (35-هزار کان 10-هزارن ورهه ق.م) ۽ پِــٿَــپَــهڻي (Microlithic، پٿر جي نفيس، نازڪ ۽ سَنهن) اوزارن (10-هزار کان 2-هزار 5-سَو ورهه ق.م) سان واسطو رکن ٿا.
انهيءَ زماني جا وکر ڪوٽ ڏيجي ويجھو، اتي جي ٽڪرين ۾، ابن شاهه (Uban-Shah)، چنچا (شهنشاهه) بلوچ (Chanchar Baloch) ۽ انــڙ کيت (Unar Farm) وٽ پڻ مليا آهن.
وکرن جو هڪ نيارو ڍير، جنهن ۾ مڇي مارڻ جا اوزار به شامل آهن، حيدرآباد-ٺٽي روڊ تي حيدرآباد کان ڪي 25-ميل پري هڪ ٽاڪرو چوٽيءَ تي به مليا آهن. انهن سڀني ماڳن وٽ مليل وکرن مان ڪي اهڙا پٿپهڻي وکر به آهن جيڪي 10-هزار ق.م کان پوءِ ٺهڻ شروع ٿيا، ۽ ٽامي جي وکرن واري عرصي تائين، ’سنڌو ثقافت دَور‘ دوران ٺهندا رهيا.
سنڌ ۾ انساني وسنديون (6-هزار 5-سَو ق.م ــ 3-هزار 5-سَو ق.م)
دائمي انساني وَسنديون پوکراهپ (زراعت) جي ابتدا سان گڏ سبِي جي ڏکڻ-اولهه ۾ ڏهن ميلن جي مفاصلي تي مهر ڳڙهه وٽ بولان نديءَ جي ڪناري تي ساڍا ڇهه هزار ورهه ق.م ڌاري وجود ۾ اچڻ لڳيون. بولان ندي انهن ڏينهن ۾ ’سنڌ ڇنڊڻ‘ منجھان منڇر ڍنڍ ڏانهن ۽ پوءِ اڙل نئن وسيلي سنڌو نديءَ ۾ وهندي هئي. منڇر ڏانهن بولان جو آڳاٽو وهڪرو ڪيترين ئي وسندين/ماڳن جو هڪ سلسلو ڏيکاري ٿو جن جي اڃا سوڌو کوٽائي نه ٿي آهي، پر اهي پنهنجي دَور ۾ انساني وسندين جي نشاندهي ڪن ٿا. اهو سلسلو (هاڻوڪي) سنڌ (جي ايراضيءَ) ۾ هليو اچي ٿو.

[b]اسرندڙ سنڌو ثقافت وارا ماڳ (آمري دَور، اوائلي سنڌو وسنديون يا اوائلي انساني وسنديون) (3-هزار 5-سَو ورهه ق.م)
[/b]آمري اڙل نئن تي هڪ مکيه وَسندي آهي جيڪا الهندي ٽڪرين کان منڇر جو پاڻي سنڌو نديءَ ۾ آڻي ٿي. ان جا ساڳيات (همعصر، ساڳيلا، ساکيات) ماڳ بولان-منڇر وهڪري تي علي مراد، ٽنڊو رحيم خان، غازي شاهه، شاهه حسين ۽ سيوهڻ آهن.
منڇر ڍنڍ، پنهنجي سر شڪارين جي جنت، گھڻو آڳاٽو ماڻهن جي واهپي هيٺ آئي. منجهس ڪي 2-سَو کن مڇين جون جنسون هيون ۽ ان تي 12 کان وڌيڪ قسمن جا لاڏائو/پرڏيهي پکي (سياري ۾ سائبيريا ۽ سُويت يونين جي ٻين ڍنڍن تان) ايندڙ هئا.

[b]مکيه وسنديون (3-هزار ق.م ــ 2300 ق.م)
[/b]ڪوٽ ڏيجي، هڪ مکيه وسندي، الور چورلڪ منجھان وهندڙ سنڌوءَ جي هڪ وڏي اوڀرائين وهڪري تي آباد هئي.

[b]ساماڻل/رچيل سنڌو ثقافت وارا ماڳ (2300 ق.م ــ 1650 ق.م)
[/b]رچيل سنڌو ثـقافت وارن ماڳن جي نمائندگي مُهين جو دڙو (موهن جو دڙو) ڪري ٿو. مهين جي دڙي سان ساڳيات ماڳن کي درجيبندي ڪندي رچيل يا ساماڻل سنڌو ثقافت (mature) جي سري هيٺ رکيو وڃي ٿو. ساماڻل سنڌو ثقافت وارا ماڳ سنڌوءَ جي وڏن وهڪرن ۽ شاخن تي هيٺ ڄاڻايل هنڌن وٽ موجود هئا:
• جُــونِــڙو (Juniro) جو دڙو (بلوچستان ۾، بولان-منڇر وهڪ مٿان) ۽ لائيم (Lime ؟) جو دڙو (سنڌوءَ جي اولهائين وهڪري مٿان).
• وِنجروٽ (دِرشادوَتي-سرسوَتي-هاڪڙو سرشتي مٿان).
• مُهين جو دڙو، لوهم جو دڙو ۽ چانهو-دڙو (اترادي سنڌ ۾ سنڌوءَ جي وڏي وهڪري مٿان).
• پانڌي واهي، علي مراد، ٽنڊو رحيم، غازي شاهه، شاهه حسين، سيوهڻ ۽ آمري (سنڌو ڏانهن بولان-منڇر-اڙل وهڪ مٿان).
• ڪوٽ ڏيجي (الور چورلڪ منجھان وهندڙ سنڌو جي اوڀرائين وهڪري/شاخ مٿان).
• پوڪران (Pokran)، تَــئنگ (Taung)، کجور (Khjur)، شاهه جو ڪوٽــڙيو، عارب جو ٿاڻو، عثمان بُــٺي، جھانگاري (؟، Jhangari) ۽ ڏِسو (Diso) سنڌوءَ جي باران ڏانيئڪ نديءَ مٿان.
• نوهٽو (Nohoto) سنڌوءَ جي درشادوتي-سرسوتي-هاڪڙو وهڪ مٿان.
۽ ٻيا ڪيترائي اڻ-ڦولهيل ماڳ ريڻي-هاڪڙو (درشادوتي-سرسوتي) مٿان (سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾).
جُهرندڙ/ڀُرندڙ/ڊهندڙ سنڌو ثقافت (1650 ق.م کان پوءِ)
• جُهڪر، سنڌوءَ مٿان.
• جھانگري، منڇر ڍنڍ مٿان.

[b]سنڌ ۾ وسنديون 500 ق.م ـ 200 ق.م
[/b]• الور، سنڌوءَ جي اوڀرائين وهڪري مٿان الور چورلڪ وٽ ۽ ميوزيڪانَس (Musicanus) جي گادي.
• ماهوٽا، سنڌوءَ جي وڏي/مکيه وهڪري مٿان.
• پاتل (Patala، پٽاله) (برهمڻ آباد) جنهن کي پاڻني جي جوڙيل سنسڪرت گرامر ۾ برهمنڪا سڏيل آهي، سنڌوءَ جي اوڀرائين ڪناري تي آباد هو.
• سکر، جنهن کي پاڻني سَڪَــرَ (Sakara) سڏيو آهي، سنڌوءَ جي وڏي وهڪري مٿان.
• اليگزينڊر´س هِيوِن (Alexender´s Heaven، سڪندر جي جنت) (ڀنڀور يا باربريڪان) سنڌوءَ جي اولهائين ڪيٽيائي شاخ مٿان.
• سيوهڻ، بولان-منڇر-اڙل ڊوهڪ مٿان اڙل تي.
سنڌ ۾ وسنديون، 200 ق.م ــ 100ع
• الور، سنڌوءَ جي اوڀرائين شاخ تي الور چورلڪ مٿان.
• سئدومن (Sadoman، سيوهڻ)، سنڌوءَ جي ڏانيتي اڙل نئن تي.
• ميناڳڙهه (Minnagara) يا پاتل (Patala، پٽاله؟) يا بيناڳڙهه (Binagarah)، سنڌوءَ جي ڪيٽيائي اوڀرائين شاخ تي.
• باربريڪان (Babarikan، ڀنڀور)، سنڌوءَ جي ڪيٽيائي اولهائين شاخ تي.
• هاڻوڪي عربي سمنڊ کي انهن ڏينهن ۾ ايرِيٿِريَن (ڳاڙهيتو، ڳاڙهسرو، Erythrean) سمنڊ سڏيو ويندو هو.
• رني ڪوٽ ميداني ۽ دريائي ڪاهه کان بچڻ لاءِ سنڌوءَ جي اولهه ۾ 35-ميل پري ٺاهيو ويو.

[b]سنڌوءَ جي اولهائين شاخ ۽ بولان-منڇر-اڙل وهڪ مٿان موجود شهر، 100ع - 750ع
[/b]ليمُو جو دڙو، ليلا جي ماڙي، پانڌي واهي، سِسَم (Sisam، شاهه حسن)، ٽنڊو رحيم، غازي شاهه، علي مراد، سيوهڻ، ڌامراهو ۽ ماهوٽا.
• الور چورلڪ مان لنگھندڙ سنڌوءَ جي اوڀرائين شاخ مٿان ٻڌل شهر: لِيڪاڻي (Likani)، ماٿيلو، هاڪڙا، ڪداسر (Kadasur) ۽ ڪوٽ ڏيجي.
• سنڌوءَ جي وڏي/مکيه شاخ مٿان ٻڌل شهر: سَڪر (سکر)، درٻيلو، ٺل مير رڪڻ، ڪوٽ لالُو، ڏيپر گھانگھرو ۽ برهمڻ آباد.
• سنڌوءَ جي ڪيٽيائي اوڀرائين شاخ يا اوڀرائين پراڻ مٿان ٻڌل شهر: ڌاليا/ڌَليا (؟، Dhaliya، ميرپور خاص).
• هاڪڙي تي (ستلج کان سنڌو ڏانهن ڇلڪندڙ پاڻي مٿان) ٻڌل شهر: ونجروٽ، ٿير (Ther)، امر ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ.
• سنڌوءَ جي ڪيٽيائي اولهائين شاخ مٿان ٻڌل شهر: سڌيرن جو دڙو، راوڙ (Rawar)، ٻڌ جو ٽڪر، ڪيڙ ڪوٽ (Kirrkot)، شاهه حسين (؟،Shah Hussain)، ٺري گجو، پير پٺو، جھرڪ ۽ نيرون (نيرون جي وسنديءَ جو هنڌ حيدرآباد نه ٿو ٿي سگھي، پر حيدرآباد کان ڪي 10-15 ميل ڏکڻ طرف ۽ ٽنڊو محمد خان پريان گنجي ٽڪر واري ٽاڪرو سلسلي ۾ ان جي ڏاکڻي پاسي سندس پيرانديءَ وٽ هوندو).
• باران ڊوهڪ سرشتي مٿان ٻڌل شهر: تئنگ، پوڪران، جھانگر ۽ دوسي (؟، Dosi يا شايد ’ڏِسو‘ Diso!). عربي سمنڊ کي ’بحرِ فارس‘ (پارسي سمنڊ) سڏيو ويندو هو.
ٽالمي (Pitolemy) پنهنجي نقشي ۾ جيڪي ڊگھائي ۽ ويڪرائي ڦاڪون ڄاڻايون آهن ۽ انهن تي ٻڌل جن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي انهن کي نظر ۾ رکندي ممڪن طرح هيٺ ڄاڻايل نالا درست بيهن ٿا:
ٽالمي پاران ڄاڻايل اڄوڪو ممڪن نالو
اسِيگراما (Asigramma) اُچ
پَئسِيپيڊا سيوهڻ
پئرسي (Parise، پارِز) سنڌ جو ڪوهستان
اوسڪانا ماهوٽا (؟، آگزيڪاٽس)
مسرنا (Musarna) ميوزيڪانا/ميوسڪاڻ (ميوزيڪانَس جو ڏيهه)
بِنگاگَر (Bingagara، بنگا ڳڙهه) الور
ڪامي ڳڙهه (Kamigara) الور جي اتر ۾ ندي
ڪلاڪا/ڪالڪا (Kalaka) ڪروڪَلا (Karokala، اَبن شاهه)
بَرِيبَري (Baribari) /باربيرئي (Barbarei) باربريڪان (ڀنڀور) ۽ ديبل 300ع کان اڄ تائين
آرِندا (Aurinda) ونجروٽ
پِسڪا (Piska) ڌامراهو ۾ ٻوڌي اسٽوپا
پيتلين (Patalene، پٽاليني) سنڌو ڪيٽي (Delta، دوآٻو)
آربِيتا (Arbita) کيرٿر جابلو سلسلو
سِيراستِرين (Sirastrene) سنڌ جي کاڙي (Creek) يعني هاڻوڪو ڪڇ جو وڻ
انڊو-سِٿيا (Indo-Scythia) سنڌ (ملتان تائين)
پاتل (Patal، پٽاله؟) برهمڻ آباد
نَدي (پَسِيپيڊا جي ڏکڻ ۾) اڙل
باربريڪان حقيقت ۾ 100ع ڌاري سُسڻ لڳو هوندو، ان جا سبب واپاري هوائن (Trade Winds، ٽريڊ ونڊس = ڏکڻ-اوڀر ۽ اتر-اوڀر کان اَڌوڙڪ يعني خط استوا ڏانهن گُهلندڙ تيز هوائون) جي کوجنا ۽ ڳاڙهي (Red) سمنڊ کان انڊيا• جي سامونڊي ڪنارن تي بندرگاهن ڏانهن سڌو واپار آهن. ساساني سلطنت جي اوسر سان گڏ ۽ باربريڪان ۾ پارسي يهودين جي آبادڪاريءَ جي ڪري ان هڪ ڀيرو وري اهميت ماڻي ورتي ــــــــــ باربريڪان رستي سنڌ سان واپار ڇال ڏئي وڌيو. باربريڪان کي هاڻي ديبل نالو مليو جيڪو يهودين پاران گڏجي پوڄا ڪرڻ (Synogoue) واري هنڌ/عبادتگاهه، يا ديول (Dewal) جي پٺيان پيو. سنڌ جي نار (Gulf) تي پارِي نَگر (Parinagar) جي ننڍڙي بندرگاهه رستي ٿر کان برآمد سبب به سنڌ سان واپار وڌيو. انهيءَ واپار جي مکيه وڙن ۾ گھڻو ڪري لوڻ، جيڪو پاري نگر ويجھو لوڻ جي کاڻين مان نڪرندو هو ۽ ٿر ۽ ڪوهستان مان ڍڳا، اٺ، رڍون ۽ ٻڪريون ۽ سنڌ جي ميداني علائقي مان ڪپهه، ڌاڳو/سُٽ، چانور، نِير ۽ تيلي ٻج شامل هئا. ايران ڏانهن کنڊ هڪ دوا طور برآمد ڪئي ويندي هئي. سنڌ ۾ وسيع پکڙيل مذهب ٻڌمت هو ۽ ٿر جي ڏکڻ-اوڀر حصي ۾ جَينمَت (Jainism) واپار جي ڪري واپاري طبقي ۾ سُک وڌيو جنهن ڪري ان ٻوڌي اسٽوپا ۽ جين ڏيواڙ ٺهرائڻ ۾ دلچسپي ورتي. سنڌ جي نار تي، جنهن کي لُوني ندي مان پاڻي پڻ ملندو هو، ويراواهه ۽ ننگرپارڪر پڻ ڦلاريا. سنڌونديءَ جي ڪيٽيءَ/دوآبي/ڊيلٽا جو سرو 500ع ڌاري هاڻوڪي شهدادپور جي ويجھو هو ۽ ايستائين سنڌوءَ جي نسبتاً پائدار وهڪري جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان نگر/شهر ٻڌجڻ لڳا. ڪيٽيائي اوڀرائين شاخ تي ڏيپر چانگريو (جھول)، برهمڻ آباد، ڌَليا (ميرپورخاص اسٽوپا) ۽ نئون ڪوٽ اڀري آيا. ڪيٽيائي وچين شاخ تي، جيڪا انهن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي وڏي/مکيه شاخ (وهڪرو) پڻ هئي، اڏيرو لال، نصرپور ۽ راوڙ ٺهيا. ڪيٽيائي اولهائين شاخ جھرڪ ويجھو وهندي ۽ ڪينجھر ڍنڍ کي پاڻي پياريندي هئي. ان تي مکيه شهر جِھم (هاڻوڪو جھمپير)، گجو ۽ ديبل هئا.

[b]499ع ــ 700ع
[/b]منڇر ڏانهن ويندڙ، سنڌوءَ جي اولهائين شاخ تي اهم شهر ڌامراهو هو. ونجروٽ، ماٿيلو ۽ ڊِٻ/ڊرٻ ڏيٿاري (Dribh Dethari) هاڪڙي مٿان موجود هئا جيڪا سڪل هئي پر سنڌوءَ ۽ ستلج جو ڇُلڪيل پاڻي پيئندي هئي. ڀاڳروڙ (بغرور، Baghrur) الور ويجھو ننڍڙي وسندي هئي ۽ الور چورلڪ مان وهندڙ سنڌوءَ جي اوڀرائين شاخ جي پاڻيءَ تي ڀاڙيندي هئي.
هيٺين سنڌ ۾، 700ع ڌاري، سنڌوءَ جي وهڪَراهن ۾ تبديليءَ سبب هيٺين سنڌ جا ڪيترائي مکيه شهر تباهه ٿي ويا، ۽ جيڪڏهن تڳي سگھيا به ته ڪِين جھڙين وسندين صورت ۾. نئون ڪوٽ، ڌليا (ڍالي؟)، نيرون ڪوٽ، جھرڪ ۽ سڌيرن جي دڙو جو نصيب اجھو اهو هو.

[b]700ع ــ 1000ع
[/b]850ع ڌاري، سنڌونديءَ هڪ ڀيرو وري پنهنجا پير ڄمائي ورتا ۽ سنڌ جي پوکراهپي/زرعي (ايگرِيڪلچرل) معيشت لاءِ ڏاڍي ٻاجھ ڀري ٿي پئي. سنڌوءَ جو وڏو/مکيه وهڪرو لڳ ڀڳ 1000ع تائين الور چورلڪ مان وهندو رهيو. جڏهن اهو بکر چورلڪ مان وهڻ لڳو تڏهن ڀاڳروڙ (بغرور، روهڙي) ۽ بکر/سکر جي اهميت وڌائي ڇڏي. سنڌونديءَ جي اولهائين شاخ، جيڪا بيگاري واهه جي سنوت ۾ ڦٽي نڪرندي ۽ سنڌ جي هيٺاهين/ماٿري ڏانهن وهندي هئي، ۽ اها شڪارپور ضلعي ۾ رستم ويجھو پڻ هڪ ڇاڙهه ڪڍندي هئي (جيڪا اولهائين ناري سان سيڌ ۾ وهندي هئي) ۽ ڪَــڪــڙِ ويجھو پنهنجي ماتا شاخ سان ملي منڇر ڍنڍ ڏانهن هلندي هئي. وڏي شاخ (سنڌوءَ جو مرڪزي وهڪرو) بکر چورلڪ ڇڏڻ کان پوءِ ٺل مير رڪڻ ۽ ڪلريءَ کي سينگاريندي هاڻوڪي نواب شاهه انجنيئرنگ ڪاليج ويجھو هاڻوڪي نواب شاهه جي اولهه ۾ لنگھندي هئي. هوءَ پنهنجي هڪ ڇاڙهه/لام ڪنڊياري کان سعيد ڏانهن هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي سيڌ ۾ اولهه پاسي پڻ ڪڍندي هئي.
ڏاکڻي سنڌ ۾ ڪيٽيائي اوڀرائين شاخ ٺل مير رڪڻ جي اتر ۾ وهندي هئي ۽ برهمڻ آباد ان جي اولهه ۾ هئي. اها اوڀرائين پراڻ ۾ وڃي پوري ٿيندي هئي. مکيه شاخ جھرڪ جي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ ٽيهن ميلن تي ٻن حصن ۾ ورهائبي هئي ۽ ان جي اولهائين ڪيٽيائي شاخ گجو ۽ ديبل ويجھو لنگھندي هئي. اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جي ڪيترين ئي شاخن زراعتي اڀار آندو ۽ سک مهيا ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هبارين جي خودمختياريءَ لاءِ راهه هموار ڪئي.


10-صدي عيسوي جا شهر، ابن هوقل ۽ اصطخري موجب سندن بيهڪ:
10-صديءَ جي عربن چَواڻي ـ نالو هاڻوڪو نالو
سدوسن (Sadusan) سيوهڻ
ال-رور (Al-rur) الور
ڪلري (Kalari) ديهه ڪلري (نواب شاهه ضلعي) ۾ موجود آثار
منصوره (8-صدي ۾ عربن نئون نالو رکيو) برهمڻ آباد
نيرون (نيرون بابت اڳ ذڪر ڪيل آهي)
بحرِ فارس عربي سمنڊ
بانيا (Bania يا بائزه، Baiza) ڪاهُو دڙو جا آثار يا ڌليا کنڊر
مَنجابَاري (Manjbari) منگھو پير
ديبل ڀنڀور
جِھم
جھمپير

[b] 1000ع ــ 1500ع
[/b]ڏهين صديءَ کان تيرهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين سنڌونديءَ برهمڻ آباد جي ويجھو ۽ ان جي هيٺان گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا پنهنجي وهڪراهه بدلائي، ڇو ته سومرن کي پنهنجي گادي ٺري (Thari، تعلقي ماتلي ۾ کنڊر) ڏانهن، محمد تور (Tur، جاتي جي اتر ۾ 5-ميل پري موجود کنڊر) ڏانهن ۽ ٺٽي ڏانهن پنهنجي گادي بدلائڻي پئي. برهمڻ آباد کي 1026ع ۾ محمود غزنيءَ ساڙائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين ويران آهي.
ديبل کي 1226ع ۾ خوارزم شاهه ساڙايو ۽ اهو ئي حشر پاري نگر جو ڪيو ويو. هاڪڙي ڏانهن ڇُلڪي، ڇَرَ ٿي ايندڙ پاڻي پڻ گھٽجي ويو ۽ ونجروٽ واري وسندي ٿي وئي.
هيٺِين سنڌ ۾ انهن 500 ورهن دوران پاڻِــيئائِــي (Hydrological) تبديلين ڪيترين ئي ننڍڙين شاخن کي واهي ڇڏيو جنهن ڪري چانورن جي پوکيءَ ۽ مڇيءَ جي پالنا تي ڀاڙيندڙ نيون وسنديون وجود ۾ آيون. هڪ هزار کان وڌيڪ اهڙين وسندين جي پروڙ اٿئون ۽ انهن جي ڄاڻ پاڪستان آرڪيالاجي-8 ۾ ڏنل آهي.
سنڌوءَ جي اولهائين شاخ تي، اترادي سنڌ ۾، سومرن جي جاناڻي (Janani، جناني؟) جھڙو سهڻو شهر ظاهر ٿيو جيڪو وارهه تعلقي جي ساڳي نالي واري ديهه ۾ موجود آهي.
سنڌوءَ جي وڏي ۽ مرڪزي شاخ/وهڪري راڌڻ سامهون ڇاڙهه ڪڍي، جنهن مها (Maha) ڍنڍ مان وهندي ڪَڪڙِ، باغبان، ڦاڪا (Phaka)، ڀانَ، سامتياڻي، ريل (Rel) ۽ آراضي وارو دڳ ورتو ۽ سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ جي وچ ۾ هڪ وسيع ڍنڍ خلقيندي ٻيهر وڃي سنڌوءَ سان ملي. هن شاخ ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ دادو تعلقن ۽ سيوهڻ تعلقي جي اوڀرائين حصن کي سنڌ ۾ چوڏهين ۽ پندرهين صدين دوران انتهائي مکيه ايراضيءَ طور سڌاريو.
1300ع ڌاري هيٺين سنڌ ۾ سنڌوءَ جي اولهائين ڪيٽيائي شاخ ڪلري واهه جي سيڌ ۾ پنهنجو وهڪرو بند ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح ان تي موجود ساموئي وسندي ويران ٿي وئي.
ديبل ڦِٽي ويو ۽ ان جي بدران نئون بندر لاهري (Lahri) اسري آيو. سنڌو جو نار (گلف) سُڪي ويو ۽ ان کان پوءِ ڪڇ جو رڻ سڏجڻ ۾ آيو. برهمڻ آباد ۽ الور اڳ ئي، يارهين صديءَ جي ابتدا کان وٺي ڦِٽي ڀَنَ ٿي چڪا هئا، ۽ افسانوي دَلُو راءِ جي غلطڪارين سبب انهن جي تباهيءَ بابت لوڪ ڪٿائون ٺهڻ شروع ٿي ويون هيون.
ڪَلانۡ ڪوٽ ٺٽي سان گڏ شايد چوڏهين صديءَ ۾ ٺاهيو ويو.
شاهه ڪپور (محمد تور) کي سنڌونديءَ جي ڪيٽيائي شاخ گنگرو (Gungro) شايد 13-صديءَ جي وچ ڌاري (1351ع ۾) بند ڪري ڇڏيو. جاناڻي اڳ ئي تباهه ٿي چڪو هو. ان کي سَمن ساڙايو، جن سومرن کي هٽائڻ لاءِ تشدد ڪيو هو.

[b]1500ع ــ 1550ع جون وسنديون
[/b]ڪا خاص تبديلي نه ٿي سواءِ ان جي، ته سنڌونديءَ جي وڏي شاخ (مرڪزي وهڪري)، جنهن راڌڻ سامهون درٻيلي جي اتر ۾ وڏو وڪڙ/ڪڙو ٺاهيو هو، گذريل صديءَ ۾ مکيه وهڪراهه/وڏي/مرڪزي وهڪراهه بڻجي پئي هئي، ڇو ته نديءَ راڌڻ سامهون آمري ڏانهن پنهنجو وڏو وهڪرو بند ڪري ڇڏيو هو.
پاٽ، آراضي ۽ بختيارپور جھڙا شهر جيڪي اڳ ۾ ساڄي ڪپ تي هئا، هاڻي کاٻي ڪپ تي ٿي پيا. پراڻي وهڪراهه جا آثار هاڻي مها، سيتا روڊ (Sitaro)، جوکپري، پير گُھڃو/گھنيو (گھجو) ۽ ٽلٽي ڍنڍن جو سلسلو چٽا ڪري ٿو. ان جي ڪري هاڻي ميهڙ، ڪڪڙ، دادو ۽ سيوهڻ حويلي ۽ ڪيٽيائي ايراضيءَ ۾ ريڻ (Ren) شاخ تي بدين (چاچڪان، Chachkan) سنڌ ۾ مکيه ۽ ستابيون ايراضيون ٿي پيون.
1550ع ــ 1700ع، ننڍڙي برف-ڄمار (The Little Ice Age)
هيءُ ننڍڙي برف-ڄمار جو عرصو آهي جنهن دوران هماليه جبلن ۾ برف رجڻ جو عمل نه رڳو 15-30 ڏينهن (؟) دير ٿي ويو پر پاڻيءَ جو مقدار به گھٽجي ويو. آبڪلاني/چاڙهه/ٻوڏ جي مند پڻ دير ٿي وئي جنهن ڪري نديءَ ۾ پاڻيءَ جو اوچو وهڪرو پڻ گھٽجي ويو. ان ڪري ندي پنهنجي وهڪراهه تبديل نه ڪري سگھي سواءِ ان جي ته درٻيلي مٿان نديءَ جو وڏو وڪڙ/ڪڙو 1542ع کان ترت پوءِ بند ٿي ويو. ڪي به نوان شهر نه اسريا، پوک گھٽجي وئي، ننڍيون وسنديون ويران ٿي ويون، وڏيون وسنديون آباديءَ ۽ ويڪر/پکيڙ ۾ گھٽجي ويون، ڏڪار اچي منهن ڪڍيو ۽ هر هر ٿيڻ لڳا. مکيه وسنديون جُھريل حالت ۾ ئي تڳي سگھيون.
مقامي قبيلا پنهنجي پنهنجي تَرن ۾ خودمختيار ٿيڻ لڳا ۽ ان ڪري جيڪي اهم شهر انهيءَ عرصي ۾ اسريا، اهي هئا: شڪارپور ضلعي ۾ شڪارپور شهر، خيرپور ناٿن شاهه ۾ گھاڙي (Ghari) ۽ باغبان پرڳڻي ۾ شڪارپور، جنهن کي 1701ع ۾ نئون نالو خدا آباد ڏنو ويو.
اهي نيون وسنديون ان ڪري اسريون جو سنڌوءَ جا ڪي مکيه پراڻا ڍورا/ ڦاٽ واهن ۾ بدلجي ويا. گھاڙ شاخ تي 16-صديءَ جي وسندي لاڙڪاڻو ان جو مثال آهي.
يورپي واپار وسيع ٿيو ۽ پورچوگيزن، انگريزن، ڊچن ۽ فرينچن سان واپار ڪندڙ مرڪز ڦلارجڻ ۽ پکڙجڻ لڳا. اهڙا واپاري مرڪز هئا سکر، روهڙي، درٻيلو، سيوهڻ، بوبڪ، نصرپور، ٺٽو، جھرڪ، هالا ۽ لاهري بندر (جتي پورچوگيزن هڪ قلعو ۽ هڪ چرچ/ڪليسا جوڙيا).
لاهري بندر پنهنجا هنڌ (ڪجھ قدر) تبديل ڪيا ۽ 16-صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري هڪ نئون اورنگا بندر (اورنگزيب جي نالي پٺيان) جوڙيو ويو. ان جي ڄمار پڻ ٿورڙي ٿي ۽ شاهه بندر ان تي ڇانئجي ويو.

[b]1701ع ــ 1758ع ۾ وسنديون
[/b]ننڍڙي برف-ڄمار دوران هيءُ تَپاڻ (ڪوسائپ، Warming) جو عرصو هو ۽ ڪلهوڙن آَبپاشي هيٺ (پيڄارڪ، Irrigation) ايراضيءَ کي ڏهن لکن کان وڌائي 21-لک ايڪڙن تي پڄايو. آبادي 15-لکن کان وڌي 30-لکن کي پهتي. نوان شهر جيئن: شهدادڪوٽ، قنبر، وارهه، ميهڙ، ناٿن شاهه، ميرپور خاص، خدا آباد نئين (هالا ويجھو)، شهدادپور، نوشهروفيروز، ٿري (Thari، ٿرڙي؟) فتح ڳڙهه (جيڪب آباد)، جوهي، دوست علي، رتن (رتو) ديرو، وڳڻ وغيره اسري آيا. دادو تعلقي واري شڪارپور کي نئون نالو خدا آباد ڏنو ويو ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي گادي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ ٻيا جيڪي شهر قائم ٿيا، اهي هئا: خيرپور (مِيرس)، ڀريا، سَدُوتا (Saduta) مورو، کنهيرا (Khunhera، کونهارو؟)، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو آدم.

[b]1758ع ــ 1843ع ۾ وسنديون
[/b]1758ع ۾ سنڌوءَ جي وڏي شاخ (وڏي وهڪري) هالا ويجھو پنهنجي وهڪراهه بدلائي جيڪا گذريل لڳ ڀڳ پنجن صدين کان جاري هئي ۽ اهڙيءَ طرح ان تي موجود پراڻن شهرن کي ويران ڪري ڇڏيو. انهن مان ڪي مکيه شهر هي آهن: اڏيرو لال، نصرپور، شيخ ڀرڪيو، تاجپور، اگھم، ٺري، جُوڻ (June) فتح باغ، ٽلٽي (Talti، ؟)، تلهار ۽ بدين. ان جي اولهائين ڪيٽيائي شاخ تي جھوڪ، بٺورو، پير پٺو، شاهه بندر، ٺٽو، ڪلان ڪوٽ ۽ ساڪرو هئا. اهي شهر ڪجھ گھٽ اهم ٿي تڳندا آيا آهن. نئين وهڪراهه هاڻوڪي جي سيڌ ۾ حيدرآباد، ڪوٽــڙي چورلڪ منجھان ٺهي. ان تي نوان شهر اسريا ۽ ڪن آڳاٽن پڻ اهميت ماڻي. حيدرآباد، ڪيٽي بندر، سجاول، ٽنڊو محمد خان نيون وسنديون هيون ۽ پراڻين وسندين جهڙوڪ ٻڍاپور ۽ سونڊا نئين سر اهميت ماڻي. حيدرآباد سنڌ جي نئين گادي وڏي اوج کي وڃي پهتي. نئون ديرو، لکي، جوڻي ديرو (Junidero) ۽ ڳڙهي خيرو اهميت حاصل ڪري ورتي.
جيئن ته هالا جي ڏکڻ ۾ هڪ لک ايڪڙ زمين بندش هيٺ اچي وئي ان ڪري ٻارهين کان پندرهين صديءَ جون ننڍيون وسنديون (يعني هيٺين سنڌ ۾ سما-سومرا وسنديون) وڏيءَ ڳڻپ ۾تباهه ٿي ويون. هيٺين سنڌ ۾ قبيلن وڏي بغاوت ڪئي ۽ سياسي انڌا ڌنڌ پيدا ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽالپر اسري آيا جن بندش هيٺ آيل زمين کي آبپاشي هيٺ آڻڻ لاءِ واهه کوٽايا ۽ پاڻ ان جا مالڪ ٿي ويهي رهيا. نيون ٽالپر-بلوچ وسنديون، جن کي عام طرح ٽنڊو سڏيو ويندو آهي، اسري آيون. ٽنڊو مري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام، ميرپور خاص، ٽنڊو باگو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو غلام علي ۽ ٽنڊو قيصر انهيءَ تبديليءَ جو نتيجو آهن ۽ انهيءَ عرصي سان تعلق رکن ٿا. ريڻ نديءَ کي ڦليلي شاخ، جنهن کي پوءِ ڦليلي واهه ۾ بدلايو ويو، مان پاڻي ملندو هو.
ندي سدائين ٻيڙن جي اچ وڃ لاءِ ڪم ايندي رهي آهي ۽ نديءَ ڪناري مناسب مٿاهن هنڌن تي موجود دريائي بندر ڦلاربا رهيا آهن. جيڪڏهن اهي کاڄِي ويندا آهن ته ساڳي نالي واري نئين وسندي ساڳي مقصد لاءِ ويجھڙ واري مٿاهين هنڌ تي آباد ٿي ويندي آهي. مانجھند، ٻُــڍا پور ۽ انڙ پور اهي شهر آهن جيڪي ٽي يا چار ڀيرا ختم ٿيا ۽ وري اسريا.
پوک هيٺ ايراضي 22-لک ايڪڙن مان گھٽجي وڃي 9-لک ايڪڙ بيٺي ۽ حڪمران گھراڻا ۽ بلوچ سردار جيڪي زمين جا مالڪ هئا، جيئن ته وراثتي طرح آبادگار/پوک ڪندڙ نه هئا، انهن پوکي راهي تي ڌيان نه ڏنو ۽ عام ماڻهن جانور-پالنا تي زور رکيو. ٿر ۽ ڪوهستان جون ايراضيون ان مقصد لاءِ ڪم اچڻ لڳيون ۽ وسنديون انهن ٻن ايراضين ۾ اسرڻ لڳيون. خوش قسمتيءَ سان اسان جي آڏو 1855ع جو سنڌ بابت تفصيلي نقشو موجود آهي (اسڪيل 480، 1:504) جيڪو نديءَ ڪناري تي بندرن ۽ پتڻ طور موجود وسندين سان گڏ ٿر ۽ ڪوهستان جي ڪيترين ئي ننڍين وسندين جي نشاندهي ڪري ٿو. لسٽ ڏاڍي ڊگھي آهي. 1843ع ۾ سڌو سنڌوءَ مان پاڻي کڻي ويندڙ واهن جي ڳڻپ ئي 729 هئي. انهن واهن جي سري وٽ بند موجود هئا ۽ اهڙيءَ طرح ڪن به ٻن واهن جي وچ ۾ پڻ هو. انهن بندرن تي ننڍيون عمارتي صنعتون ۽ گدام اسريا. سومرن جيان ٽالپر دَور جو هڪ مکيه پهلو حيدرآباد هيٺان هيٺين سنڌ ۾ وسندين جو واڌارو ٿيڻ هو جتي اهي واهن مٿان رچنديون ويون ۽ وٽن جانور-پالنا لاءِ وسيع ايراضي هئي جيڪا کين ڌنارپ/ڌراڙپ (Pastoralism) ڏانهن وٺي وئي.

[b]1850ع ــ 1960ع دوران سنڌ ۾ وسنديون
[/b]1860ع کان پوءِ، جڏهن برطانيا نوان واهه کوٽائڻ ۽ وڌائڻ شروع ڪيا، وسندين جو رنگ ڍنگ بدلجڻ شروع ٿيو. ايندڙ چاليهن ورهن دوران آبپاشي/ پيڄاري (Irrigation) هيٺ زمين 1843ع جي ڀيٽ ۾ ٽيڻي ۽ 1955ع تائين ان جي به ٻيڻ ٿي وئي. 1910ع تائين سنڌ جي آبادي ٻِيڻ ٿي ۽ 1843ع جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ هئي. پيڄاري هيٺ ايراضين ۾ وسندين جي ان واڌ ۽ ٿر ۽ ڪوهستان کان سنڌ جي ميداني علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ۾ تيزيءَ سبب اتي ڌَڻ-پالنا ۾ کوٽ ٿي.
ريل-راهون (Railways)/ريلويز وڇائڻ سبب وسندين جي ڍنگ ۾ تبديلي
ريلراهون اچ-وڃ/ڳنڍپ جي سرشتي لاءِ انقلاب آڻيندڙ هيون. سنڌ جي مختلف حصن ۾ ريل گاڏين جي هلڻ جون تاريخون، هيٺ جدول ۾ ڏجن ٿيون:
تاريخ ريلراهه جو ٽڪرو ڊيگھ
13-مئي 1861ع ڪراچي سِٽي - ڪوٽڙي 104.90 ميل
1-آڪٽوبر 1878ع راڌڻ - رڪ 64.14 ميل
1-آڪٽوبر 1878ع سکر - حبيب ڪوٽ 5.125 ميل
8-آڪٽوبر 1878ع ڪوٽڙي-لکي تيرٿ (اڄ ڪلهه ساهه بندر) 75.52 ميل
27-آڪٽوبر 1878ع لڪي - راڌڻ (؟) ميل
2-مئي 1880ع حبيب ڪوٽ (ايم 22.79 يعني شڪارپور کان سبي) 128.53 ميل
27-مارچ 1889ع روهڙي - سکر (لئنڊسڊائون پل جو کلڻ) 2.67 ميل
16-جون 1889ع ڪياماڙي - ڪراچي سِٽي 3.06 ميل
1889ع روهڙي کان پنو عاقل ۽ اڳتي ريتي وٽان لوڌران-2 پنجاب ڏانهن (؟) ميل
18-آگسٽ 1882ع حيدرآباد - شادي پلي 54.97 ميل
25-مئي 1890ع ڪوٽڙي-حيدرآباد (سنڌوءَ تي ڪوٽڙي پل جي تڪميل) 5.29 ميل
22-ڊسمبر 1890ع شادي پل-کوکڙا پار ۽ سنڌ-راجسٿان سرحد 69.00 ميل
15-نومبر 1898ع ڏيٿا - روهڙي 180.70 ميل
15-آگسٽ 1904ع حيدرآباد – بدين 61.75 ميل
18-اپريل 1909ع جمڙائو - جھڏو 49.96 ميل
28-مارچ 1910ع حيدرآباد - ڏيٿا (؟) ميل
1-جنوري 1912ع ميرپور خاص - کـڏڙو (Khadro) 49.43 ميل
1-ڊسمبر 1914ع جيڪب آباد-ڪشمور (12-آڪٽوبر 1956ع تي ويڪري پٽي ۾ بدلائي وئي) 75.52 ميل
20-مئي 1930ع پڊ عيدن - ٺارو شاهه ۽ محراب پور 43.77 ميل
10-ڊسمبر 1931ع ٽنڊو آدم - سڪرنڊ ۽ نواب شاهه 54.05 ميل
10-آڪٽوبر 1931ع سڪرنڊ - ٺارو شاهه 64.11 ميل
1-جُون 1935ع جھڏو - بٺورو 30.60 ميل
20-نومبر 1939ع کـڏڙو - نواب شاهه 30.60 ميل
29-جولاءِ 1940ع لاڙڪاڻو - جيڪب آباد 83.98 ميل
16-اپريل 1946ع رڪ - حبيب ڪوٽ 4.93 ميل
16-اپريل 1946ع حبيب ڪوٽ - روهڙي، پنو عاقل 30.47 ميل
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ريلراهه ۾ ڪا به ترقي نه ٿي، توڻي جو ٻي وڏي جنگ کان پوءِ وارين رٿائن ۾ برطانيا سرڪار جنگشاهي-ٺٽو-سجاول، جاتي بدين رهمڪي بازار-نگر پارڪر، ڇوڙ-ڇاڇرو-مٺي-ڏيپلو-نگر پارڪر ۽ دادو-جوهي-قنبر جي وچ ۾ ريلراهون وڇائڻ جو پروگرام به جوڙي رکيو هو.
جدول جي تياري لاءِ ڪم آندل مواد: (1) جاهن برٽن (1812-1899ع) جي ڊائري، ڪئمبرج 1939ع؛ (2) پاڪستان ريلوي جي تاريخ 31-مارچ 1945ع تائين درست ڪيل، لاهور 1950ع؛ (3) سنڌ رائيٽ بئنڪ فِيڊر ريلويز، لاهور 1929ع؛ (4) انڊين ريلويز جي تاريخ 31-مارچ 1945ع تائين درست ڪيل، نئين دِهلي 1946ع؛ (5) سِنڊل ريلوي ڪمپني جي تاريخ جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي تان ورتل آهي.
مٿي ڄاڻايل ريلــراهن وسندين جي رنگ ڍنگ کي صفا بدلائي ڇڏيو. توڻي جو اهي ريلراهون نديءَ جي ٻنهي پاسي گھٽ ۾ گھٽ ڏهن ميلن جي وٿيءَ تي موجود هيون ۽ ٻوڏ کان بچاءَ وارن بندن سنڌوءَ جي سالياني ٻوڏ کان نديءَ جي ٻنهي پاسي ريلراهن ۽ وسندين کي تحفظ ڏنو پئي، تنهن هوندي به درياهه رستي واپار ترت ئي گھٽجي ويو ۽ ڪيترائي دريائي بندر، سواءِ انهن جي جيڪي ريلراهه تي اسٽيشنون به هئا، 1900ع کان به گھڻو اڳ برباد ٿي ويا. ڪوٽــڙي، سکر، روهـڙي، نئون ڳوٺ (ڦليلي ريلراهه اسٽيشن ويجھو)، سَن، مانجھند، آمري، سيوهڻ، لَڪِي ۽ ڪشمور ريلراهه اسٽيشنون هئڻ سان گڏوگڏ دريائي بندر به هئا. نئون ڳوٺ ۽ ڦليلي جي وچ ۾ ريلراهه پهرين وڏي جنگ (1914-1917ع) دوران هٽائي وئي ۽ اهو اهم واپاري مرڪز ڏهن ورهن ۾ ئي جُھري وڃي هڪ غير اهم وسنديءَ جي درجي کي رسيو.

[b]پيڄارڪ سرشتو وسندين جا رنگ ڍنگ بدلائي ٿو
[/b]پيڄارڪ سرشتي جي واڌ ۽ پکيڙ پڻ نيون وسنديون ۽ اهم شهر ٺاهيا. برطانيا سرڪار هيٺ صوبائي انتظاميا کي اَڻ مَرڪزائي تعلقي سطح تي آندو ويو. ميرپور خاص رياست جي ستن تعلقن سان گڏ سنڌ ۾ 65 تعلقا هئا. تعلقي مُکگھرن (هيڊڪوارٽرس) ۾ اسڪول موجود هئا جيڪي مڊل اسڪول سطح يا مَئٽرِيڪيوليشن سطح تائين تعليم ڏيندا هئا. انهن ۾ ٽپال ۽ ٽيليگرام آفيسون، اسپتالون، ويمَ گھر، ڪِرمنل (Criminal، ڏوهارين لاءِ) ڪورٽون ۽ ڪِن ۾ ته سِوِل (Civil، شهري يا سماجي مسئلن لاءِ) ڪورٽون به موجود هيون. انهن مان هر هڪ ۾ مقامي خود-حڪومتون جيئن ميونسپالٽيون ۽ نوٽيفائيڊ ايريا ڪاميٽيز (Notified Area Committees) پڻ موجود هيون. اهڙيءَ طرح اهي اقتدار/طاقت جا ننڍڙا مرڪز ٿي پيا ۽ واپار، عمارتي صنعت، چانورن جي ڇَــڙهه ۽ اَٽي-پِيهائي جون مِلون هڻڻ لاءِ ڪشش ڪرڻ لڳا. ڪن ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جو مِلون هيون. اهي پڻ ويجھڙ وارين ريلراهه اسٽيشنن سان مٿاهين زميني سطح تي ٺاهيل روڊن وسيلي ڳنڍيل هيون. انهن وسندين جو رنگ ڍنگ ئي بدلائي ڇڏيو ۽ ڳوٺاڻين ايراضين لاءِ پڻ واپار ۽ تعليم جا مرڪز ٿي پيا.

[b]سڌاريل روڊَ
[/b]سڌاريل روڊ/رستا پڻ برطانوين جو هڪ ٻيو تحفو هئا. اُٺَ-قافلن جا گَس ۽ ڍڳي-گاڏين جا چارا سنڌ جي سڀني مکيه وسندين کي ڳنڍيندڙ رستا هئا، پر برطانيا حڪمراني جي اوائلي ڏينهن ۾ ئي، اهو سر بارٽل فريئر هو، جنهن رڳو ٻن ورهن جي عرصي ۾ سرڪاري خرچ تي ڪيترن ئي روڊن لاءِ ڪَلـوَرٽ (Culverts، مانڊُولَ موريون) ۽ پُلون ٺهرائيندي سنڌ ۾ روڊن جو سرشتو سڌاريو ۽ مقامي زميندارن کي چيو ته مختلف شهرن ۽ مکيه وسندين کي سِڌن هنڌن تي، مٽيءَ جو ڀراءُ پيل رستن سان پاڻ ۾ ڳنڍِن، انهن لاءِ مقرر ويڪر ۽ سنوت رکڻ جو بلو حڪومت ڪندي. حڪومت انهن رستن کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪرائيندي ۽ انهن کي مختلف گاهن سان ڍڪرائيندي هئي ته جيئن دز/ڌوڙ نه اڏامي. انهن مٽيءَ جي رستن تي 1920ع کان وٺي بَسن ۽ ٽرڪن هلڻ شروع ڪيو. انهن ريلراهن تي باربرداري جو ڪم گھٽايو نه، پر مناسب ريلراهن اسٽيشنن تي سامان پڄائي ان کي اڃا ترقي ڏياري. ريلراهه اسٽيشن ويجھو شهرن کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ ۾ انهن مکيه ڪردار ادا ڪيو.

[b]سکر بئراج
[/b]1932ع ۾ سکر بئراج جي کلڻ سان سنڌ اناج ۽ ڪپهه پيدا ڪندڙ برطانوي انڊيا جو هڪ مکيه صوبو ٿي پيو. ٻي وڏي جنگ دوران سرڪار کي منظم نموني اناج ۽ زراعتي وکر پهچائي سگھڻ لائق بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت مختلف ٺيڪيدارن کي مخصوص ايراضيون الاٽ ڪيون. گدامن جي وڌڻ ۽ اسٽيشنن جي الاٽ ٿيڻ سبب ترت ئي هڪ چرچو عام ٿي ويو ته ”ڦلاڻي يا ڦلاڻي اسٽيشن؛ ڦلاڻي يا ڦلاڻي صاحب کي الاٽ ٿي وئي.“ 1947ع ۾، سنڌ جو 1855ع وارو نقشو هڪ ڀوڳ ڀانئجڻ لڳو. نئون نقشو ڏيکاري ٿو ته هڪ لائق پرڏيهي انتظاميا پنهنجيءَ حڪمرانيءَ جي 104 ورهن ۾ سنڌ جو منهن مهانڊو ئي نرالو ڪري ڇڏيو.
برطانوي حڪمراني هيٺ اقتصادي ترقيءَ جي حوالي سان وسندين جي جوڙجڪ اڄ تائين صحيح نموني نه ڪَٿي وئي آهي. جڏهن ته ان لاءِ اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جوڳو ججھو مواد موجود آهي. مجموعي طرح ان جو تت هن نموني بيان ڪري سگھجي ٿو:
• ابتدائي 50 ورهن ۾ سنڌ جي اتر-اولهه ۾ هيٺاهين وارين ايراضين ـــــــــ جيڪب آَباد، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ دادو ضلعي جي اترادي حصي واهن جو هڪ ڳتيل سرشتو ڏٺو. انهن کي چانورن جي پوک لاءِ تيار ڪيو ويو. واهن ۾ پاڻي جيئن ته 120-135 ڏينهن موجود رهيو ٿي ان ڪري مشهور عمدي جنس ـــــــــ سڳداسي چانورن لاءِ ميدان تيار ٿي پيو. انهن ڏينهن ۾، ماڻهن جي آبادي به انهن ضلعن ۾ ئي وڌيل هئي.
• گذريل صديءَ جي پڄاڻيءَ مهل جمڙائو، مٺڙائو ۽ نارا واهه جي واڌ کان پوءِ هاڻوڪي ميرپور خاص ۽ سانگھڙ ضلعي جي ڪجھ حصن ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ نيٺ ايندڙ ٽيهن ورهن ۾ انهن سنڌ جي اتر-اولهه وارن ضلعن تي معاشي طرح مٿيرائي ۽ ماڻهوءَ ڳڻپ ۾ گھڻائي ماڻي ورتي. ڦليلي ۽ سرفراز واهن جي سڌريل پيڄارڪ سرشتي سبب هالا ۽ حيدرآباد تعلقن پڻ ماڻهن جي ڳڻپ واڌ ۽ پوک ۾ ترقي حاصل ڪئي.
• برطانوين جي اچڻ کان اڳ بدين ۽ ٺٽو ضلعا اَڻ ڌِيانيل ضلعا هئا ڇو ته ٽالپرن انهن کي شڪارگاهن ۾ بدلائي ڇڏيو هو. آبڪلاڻي مهل پاڻي ڇڙواڳ پيو اٿلندو هو جنهن ڪري شڪارگاهه ۽ چراگاهه ٺهندا رهندا هئا. سڄي ايراضي، هاڻي ڪوٽڙي بئريج جي ڪمان هيٺ، چراگاهه بنجي وئي هئي پر ماڻهن جي آبادي محدود هئي ڇو ته کير ۽ گوشت مان ڪمائي ڏاڍي گھٽ هوندي هئي جنهن جو سبب مارڪيٽ جو ويجھو نه هئڻ هو.
• سکر بئريج جي کلڻ کان پوءِ ڪپهه، لِيماڻن (citric) ميوَن ۽ ٻين ميون جا فصل نواب شاهه، ميرپور خاص ۽ اتر حيدرآباد ضلعن ۾ پوکجڻ شروع ٿيا. خيرپور ضلعي جو پاڻي بند ڪيو ويو جنهن ڪري اتي انساني آبادي وڌي نه سگھي.
• گھٽ مُلهه وارن اناجن جي پوکيءَ چانور ۽ ڪڻڪ اپائيندڙ ايراضين ۾ 1930-1939ع دوران معاشي بدحالي پيدا ڪئي. سڀ کان وڌيڪ لوڙيندڙ ضلعا اولهه-اولهه سنڌ وارا هئا.
مٿي ڄاڻايل ڳالهيون هڪ عمومي نتيجو آهن ۽ سرڪاري ريڪارڊ مان انهن تي تفصيلي اڀياس ۽ وري چڪاس ۽ تصديق جي گھرج آهي. اهو سرڪاري ريڪارڊ خوشقسمتيءَ سان تمام گھڻو آهي پر يا ته بمبئي ۾ موجود آهي يا وري انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾.
1960ع ــ 1990ع
هن عرصي جا مکيه واڌارا هي آهن:
• 1957ع ۾ ڪوٽڙي بئريج جو کلڻ ۽ 1960ع کان پوءِ ان تي آباد ٿيندڙ 16-لک ايڪڙ زمين جو نيڪال/وڪرو. ان سان گڏ 11-لک (؟) ايڪڙ خانگي زمين لاءِ پاڻيءَ جي يقين دهاني.
• 1962ع ۾ گڊو بئريج جو کلڻ ۽ 11-لک سرڪاري زمين جو نيڪال/وڪرو. ان سان گڏ 16-لک (؟) ايڪڙ خانگي زمين لاءِ پاڻيءَ جي يقين دهاني.
• 1960ع کان پوءِ سکر بئريج جي حد ۾ 28-لک سرڪاري زمين جو نيڪال/ وڪرو. 55-لک ايڪڙ زمين اڳ ئي ان جي ڪمان هيٺ هئي.
• 1958ع ۾ ٽيوب-ويل (Tube-well، نَــڙي وسيلي زميني پاڻي ڇڪڻ) ٽيڪنالاجي رائج ٿيڻ ۽ 1960-1970ع دوران مِٺي جر واري ايراضيءَ ۾ 3-هزار ٽيوب-ويلن جو لڳڻ.
• حيدرآباد ضلعي ۾ جديد ميوي-باغ جو رائج ٿيڻ ۽ انهن جو ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ سانگھڙ ضلعن ڏانهن پکڙجڻ.
• 1958ع کان پوءِ ٺٽي، بدين، حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگھڙ ۽ نواب شاهه ضلعن ۾ ڪيوڙي/ڪيلي جي پوکي رائج ڪرڻ.
انهن واڌارن جي ڪري اهو ممڪن ٿي پيو ته 1950ع ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي آبادي کي ايندڙ 30-ورهن ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ وڌائي سگھجي. ان ڪري ڳوٺاڻين ايراضين ۾ نيون وسنديون اڀرڻ لڳيون، شهر ڦنڊڻ لڳا ۽ ڳنڍپ/اچ وڃ جا وسيلا سڌريا. 1960ع ۾، اقتدار جي ڌڻين اميريڪا ۾ ڪيل تجربن (ته سڌاريل روڊن تي اچ وڃ سبب مسافر ريل گاڏين تي برو اثر ٿي پيو) جي اثر سبب ڏامر جا روڊ ٺهرائڻ شروع ڪيا ۽ انهن وسيلي سامان ۽ ماڻهن جي ڍوئي وڌائي ڇڏي. ان جي ڪري ريلراهه سرشتي تي بار سان گڏ پِيهه به گھٽجي وئي. 1991ع ۾ وهندڙ روڊن جو وسيع ڄار پکڙجي چڪو آهي جنهن ڪري آباديءَ جي چرپر/اچ وڃ ايتري ته وڌي وئي آهي جو اڳ ٻُڌي نه سُئي. ماڻهو هاڻي شهري سهولتن جو فائدو وٺڻ گھرن ٿا. 1951ع جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻي آبادي اڄ ٽيڻ تي آهي.
1960ع کان پوءِ سرڪار پاران به منظم صنعتڪاريءَ کي همٿايو ويو آهي ۽ جيئن ته گذريل ٽيهن ورهن ۾ واندو ڳوٺاڻو پورهيت موجود نه هو ان ڪري صنعتن کي ٻين صوبن کان پورهيت گھرائي هلايو ويو جنهن ڪري شهرن جي پکيڙ تمام تيزيءَ سان ٿيڻ لڳي. اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آبادي 1941ع جي ڀيٽ ۾ ٽيهوڻي آهي. جنهن ڪري ڳوٺاڻي ۽ شهري آبادڪاري جي وچ ۾ اڻ-توازني پيدا ٿي پئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سماجي-معاشي، نسلي ۽ ثقافتي ناموافقتون ۽ سياسي مسئلا پيدا ٿي پيا آهن.

[b]هن مضمون جو مواد:
[/b]سنڌ جي سماجي تاريخ جي هن پهلو کي واضح ڪرڻ لاءِ تمام گھڻن ذخيرن تان مواد ورتل آهي. انهن جو ذڪر هن ليکڪ جي ”سنڌ ۾ آبپاشي جي تاريخ“ (History of Irrigation in Sindh) ۽ ”سنڌ جي پَـــلڄاڻي لغت“ (Chronological Dictionary of Sindh) نالي ڪتابن ۾ ڪيل آهي. 1843-1950ع واري باب ۾ ذڪر ڪيل ريڪارڊ هن ليکڪ جي ڪتاب ”سنڌ تي مواد جو ذخيرو“ (Source Material on Sindh) ۾ صفحي 475-495 تي ۽ عنوان نمبر 2535 کان 2875 ۽ نمبر 4400 کان 46030 هيٺ ملندو. هن ليکڪ پاڻ 185 تاريخي نقشا تيار ڪيا آهن ته جيئن ”سنڌ جي تاريخي ائٽلس“ (Historical Atlas of Sindh) ڪتاب (اڻ-ڇپيل) تيار ڪري سگھجي، اهو مٿي ڄاڻايل سڀني وسندين کي چٽو ڪري ڏيکاري ٿو.

[b]نوٽ[/b]: هيءُ هي مضمون پنهور صاحب جي ٻن لکتن کي جوڙي پيش ڪيو ويو آهي. پهريون مضمون پنهور صاحب جي انگريزي مقالي ”دَ سِٽِيز ائنڊ سيٽلمينٽس اِن سنڌ، ديئر رائيز ائنڊ ڊِڪلائين وِٿ-چينجز ان دَ اِنڊس رِوَر سسٽم“ (The cities and settlements in Sindh, there rise and decline with-changes in the Indus river system) جو ترجمو آهي، جيڪو ماهوار ”ڪُونج“ لاڙڪاڻي ۾، ٻن قسطن ۾، نومبر-ڊسمبر 1994ع ۽ اپريل 1995ع ۾ ڇپيو. ٻيو مضمون سنڌ جا شهر ۽ وسنديون پنهور صاحب جي انگريزي مقالي ”مَـئن اِن سنڌ ــــــــ اِسٽون ايج ٽُ نِئوليٿِڪ“ (Man in Sindh ― Stone age to Neolithic) جو ترجمو آهي.

[b]سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو[/b]

________________
• ججھروپ (Pleistocene): ججھ = ججھو+روپ = صورت.
Pleistos (پلئيسٽو) = ججھو + Kainos (ڪائنو) Cene (سين) = تازو (روپ). مولسڪ (mollusc) نالي جاندارن جي ملندڙ پاهڻيل (fossilized) وجودن جي حوالي سان سڏجندڙ، جيڪي هن دَور جي ٽاڪرو پرتن ۾ جھجھيءَ ڳڻپ ۾ ملن ٿا.
جھجھروپ جي ابتدا 10 لک ورهه اڳ ٿئي ٿي ۽ 10 هزار ورهه ق.م ڌاري ختم ٿئي ٿي. (ڪي عالم ان جي ابتدا 20 لک ۽ ڪي 70 لک ورهه اڳ مقرر ڪن ٿا.)

• سڀروپ (Holocens): سڀ = هڙئي، مڙيوئي+روپ = صورت.
Holos (هولو) = سڀ + Kainos (ڪائنو) Cene (سين) = تازو (روپ).آخري بارفائپ ( (Glaciation يعني پوئين برفاني ڄمار (Ice Age) يا بارفي دَور (Glacial Period) سان لڳ ڀڳ ساکيات ۽ ڀوڄاڻي ڪئلينڊر ۾ سڀ کان پويون، تازو عرصو.
سڀروڀ جي ابتدا لڳ ڀڳ 10 هزار ورهه ق.م ڌاري ٿي ۽ اڃا سوڌو هلندڙ آهي.
 ڀُوڄاڻ (Geology): ڀو = ڀونءِ، ڌرتي + ڄاڻ = علم، يعني ڌرتيءَ (يا ڌرتيءَ جي کل) ۽ ان جي تاريخ سان واسطيدار سُڄاڻ (Science)، جنهن سان گڏ مخصوص دَورن ۾ واسطيدار وڻن ٻوٽن ۽ جناورن جو ذڪر آهي.
Geo (جيو)= ڌرتي + Logos (لاگو)= علمي بحث ]ڀوڄاڻي = ڀوڄاڻ سان واسطيدار[

• ياد رهي ته قبيلائي سرشتي جي رواج کان اڳ واري سڄي مدي دوران انسانذات هڪ غير طبقاتي سماج ۾ گذاريندي رهي آهي، جنهن ۾ ڪو به معاشي، سياسي ڦورو طبقو يا ڦرجندڙ طبقو موجود نه هو. ڌرتي ۽ ان جا خزانا سڀني جي هڪ جھڙي ملڪيت هئا ۽ پورهيت پنهنجي ڪُل پورهئي جو مالڪ پاڻ هو. جيئن ته سڄي برادريءَ جو هر فرد، جيڪو پورهيو ڪري سگھي، پورهيو ڪندڙ هو، تنهنڪري سڀني جي گڏيل پورهئي جو گڏيل مالڪ برادري ئي هئي، جيڪا هر هڪ کي سندس گھرج آهر پنهنجا سمورا وسيلا مهيا ڪندي هئي. - سنڌيڪار

• انڊيا، انڊين، انڊوس، انڊس، هندو، هندي وغيره لفظ هڪ حد تائين منجهائيندڙ آهن. انهن مان ’انڊس‘ کان سواءِ باقي سڀني لفظن جو مطلب ڪڏهن ’هند‘ ۽ ’هندي‘ آهي ته ڪڏهن ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ ۽ ڪڏهن ته مورڳو سڄو اُپکنڊ ۽ ان جا رهواسي، جنهن ۾ بنگال، سرون، نيپال ۽ هاڻوڪو ڀارت ۽ پاڪستان سڀ شامل آهن.