سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي اقتصادي ۽ جاگرافيائي اثر: پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا

[b]جاگرافيءَ جو مصرف ۽ فائدا:
[/b] سڀ ڪنهن جاگرافيائي مطالعي جو بنيادي مقصد، صرف تمدن جي ماهيت سمجهڻ هوندو آهي. طبعيات جا ماهر ائٽمي دنيا جي گهرائيءَ تي غور و خوض ڪن ٿا، ته ڪيميادان وري قسمين قسمين دوائن (Drugs) جو تجزيو ڪن ٿا، ارضيات جا عالم پنهنجي دزديده نظر سان ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي تهن ۾ آيل اٿل پٿل ڏانهن نهارين ٿا. علم الحيات جا ڄاڻو، انساني جسم جي مختلف عضون جي طريقيڪار کي سمجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڪي ٿورا عالم اهڙا آهن جن کوجنا ڪندي، معاشرتي قدرن (Social values) ۽ اجتماعي وصفن کي به پيش نظر رکيو آهي، ۽ ان حقيقت کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڇو ۽ ڪيئن هرڪو فرد، صرف خاص قدرتي علائقي ۾ ئي پنهنجي مخصوص وضع قطع ۽ طرز معاشرت سان هلي چلي سگهي ٿو. ازان سواءِ ڇو ۽ ڪهڙيءَ طرح هڪ خاص قدرتي علائقو ماڻهن جي سموري ترقيءَ ۽ نشونما کان سواءِ، سندن رهائشي ۽ مستقل قيام (Settlement) تي به اثر انداز رهي ٿو. مطلب ته جنهن ڇيڙي تان ٻيا علم ۽ فن رخصت ٿيو وڃن ٿا، اتان جاگرافيءَ شروع ٿئي ٿي. جاگرافيءَ جو علم بلڪل آسانيءَ سان تشريح ڪري سمجهائي ٿو ته قبل از تاريخ ۽ تاريخ جي ماضيءَ ۾ ڇا وهيو واپاريو آهي، ۽ ڪهڙا حادثا ۽ واقعا نازل ٿي چڪا آهن. اهڙا ڪئين طبعي مونجهارا، تاريخي ۽ معاشرتي معاملن ۽ مسئلن سان تمام گهاٽو ڳنڍيل آهن، جنهن کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. معاشرتي ماهرن ۽ تاريخدانن لاءِ لوڪ ڪٿائن (Folklore)، ابن ڏاڏن کان ٻڌل فرضي ڳالهين (Legendary data)، توڻي سڪن، ٻيلن ۽ پئسن بابت معلومات (Numismatic) ۽ آثار قديمه جي شهادتن کان به جاگرافيءَ جا ارضي نشانات (Land Marks) وڌيڪ اهم ۽ بيش بها آهن، جنهن ۾ ندين جي ڪنارن جون سنوتون، (River Terraces)، ڍنڍن جون سڌايون (Lake levels)، مٽيءَ جو لَٽ يا درياهه جو پائڻ (Silting and alleviation)، ڍنڍن جو مڙڻ (Deflection of lakes) ، ۽ ندين جي اُٿل پٿل (Vagaries of rivers) وغيره اچي وڃن ٿا.
هيٺين خاڪي ۾ مختلف علمن ۽ انهن جي شاخن ۾ نسبتي قدر ڏيکاريو ويو آهي ۽ انسان جي علمي ارقتا ۾ جاگرافياءَ جي درجي کي متعين ڪيو ويوآهي.

[b]علم جو مينار:
[/b]• جاگرافي (سڀني علمن جو ڪل جوڙ)
• علم حيات (زندگي)
• علم ڪيميا (مادو)
• علم طبعيات (قدرت جو قانون)
• علم طبقات الارض (ڌرتي) ۽
• علم رياضي (انگن جو بنيادي علم).
اهڙيءَ طرح سان، اهو سمجهڻ بلڪل آسان آهي ته جاگرافيءَ جو علم انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪيترو نه قيمتي آهي، ۽ اهو ڪيئن نه هر ڪنهن تعليمي رٿا ۽ سائنٽيفڪ تمدن ۾ مکيه جڳهه والاري ٿو. جاگرافي ٻين علمن جي دريافت ڪيل متفرق شين ۽ خيالن کي نهايت سائنٽيفڪ انداز سان ترتيب ۽ ربط ۾ آڻيو ڇڏي ۽ اهڙيءَ طرح سان ملڪ جي هڪ صاف ۽ مڪمل تصوير پيش ڪري ٿي. جاگرافين انسانن جي اقتصاديات جي ڄاڻڻ ۾ پڻ مدد ڪئي آهي، ته جيئن پنهنجا پير زمين تي ڄمائي سگهن. اهو هينسلو (Henslow) جاگرافيدان هو، جنهن اول اول ڊارون کي ”زمينيات“ جي ليڪچرن تي توجهه ڪرڻ جي ترغيب ڏني هئي. بقائي اصلح (The Survival of fittest) ۽ ارتقا جو قانون (The law of Evolution)، انساني ذهن جي رسائيءَ جي لحاظ کان نهايت حيرت انگيز انڪشاف آهن، جن کي بڻائڻ ۾ به هُن لاءِ اهي ئي ليڪچر ڪارآمد ۽ معاون بنيا. ساڳيءَ طرح جاگرافيءَ جو علم، جنهن کي غفلت کان وساريو ويو آهي، سو انهيءَ مضر ۽ نقصان رسا فضا لاءِ اڪسير آهي، جا عام طرح سان دنيا تي غالب آهي ۽ ڪم از ڪم ماڻهن کي هڪ ٻئي سان همدردانه ورتاءُ ڪرڻ ۽ ڪشاده دل ٿي رهڻ ۾ مدد وٺائي ٿو. موجوده وقت ۾ دنيا جي جيڪا قابل رحم حالت آهي، سا هڪ اندازي مطابق گهڻو ڪري جاگرافيءَ جي علم جي اڻڄاڻائيءَ سببان آهي. عالمگير جنگين به ماڻهن کي ايتري گهڻي جاگرافي سيڪاري آهي، جو ٻيا ڪي به دنيا جا حادثا ائين ڪري نه سگهيا آهن. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته ”جنگين جو مکيه فائدو آهي، ماڻهن کي جاگرافي سيکارڻ.“ اهڙيءَ طرح سان دنيا جي مختلف ڀاڱن جي صحيح ڄاڻ، علم طبعي جي ساخت ۽ گرد و نواح جون حالتون، جن ۾ انسان زندگي بسر ڪري ٿو، سي سڀئي، هوا، سمنڊ ۽ خشڪيءَ تي جيڪي حربي تدبيرون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، تن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابي تي مدار رکن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جاگرافيءَ کي ملٽري سائنس جو اهم ۽ ضروري حصو سمجهڻ شروع ڪيو ويو آهي. سڀني قومن جي دفاعي تياريءَ جو بنياد، لازمي طور سندن ملڪ جي جاگرافيءَ تي ٻڌل ٿئي ٿو. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ شاگردن کي زندگيءَ جي انهيءَ مرڪزي مضمون کان نا آشنا رکيو ويو آهي. پاڪستان جي شاگردن لاءِ ته خصوصاً جاگرافيءَ جي علم جي ڄاڻ کي، ٻين سڀني نصابن کان زياده اهميت هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته موجوده بين الاقوامي معاملن جي حالت صاف ڏيکاري ٿي ته هر ڪنهن قوم جو ٻيءَ قوم تي انحصار ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي، ۽ اها ضرورت وڌندي رهي ٿي ته ماڻهن جي ڪردار ۽ خواهشن کي معلوم ڪيو وڃي.

[b]دنيا جو نقشو تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي:
[/b] هن وقت اجتماعي طور تي حفاظت ۽ ناقابل تقسيم امن جي سخت ضرروت آهي، جا بنا ڪنهن انساني عداوت يا جنگ جي هجي. اهي مرادون ايستائين برصواب ٿي نه سگهنديون، جيستائين اسان کي سڀني قومن جي اصلي ۽ حقيقي نصب العين جي سوجهه نه پوندي. پاڪستان کي به لازماً اهڙي اداري جو هڪ بارسوخ رڪن هئڻ گهرجي، جنهن جو مقصد تهذيبن کي مناسب ۽ موزون طريقي سان پاڻ ۾ متحد ۽ مخلوط ڪرڻ سان گڏ، هڪ امن واري رشتو جوڙڻ هجي.
قومن جي ڀلائي ان ۾ مضمر آهي ته هو هڪٻئي جي زندگيءَ جي نظريي جي وڌيڪ ڄاڻ رکن، وارو نظريو گرد و پيش جي حالتن تي منحصر هوندو آهي. ان کان پوءِ ئي هڪ ٻئي سان صلح پسندانه ٺاهه ۽ دوستاڻن تعلقات جي اميد رکي سگهون ٿا، ۽ ساڳي ڳالهه ملڪ کان ٻاهر وسندڙ قومن ۽ ملڪ اندر رهندڙ قومن جي درميان تعلقات وڌائڻ تي به صادق اچي ٿي. هڪ خوشگوار فطري ماحول ۾ تهذيبن جو ربط ۽ تعلق، ممڪن آهي ته اسان جي مختلف رسمن، زبانن، مذهبن ۽ ذاتين کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي. جذب جو قانون (law of Assimilation) انهيءَ قدرتي ۽ غير اختياري طريقيڪار جي جتي ڪٿي اعانت ڪندو رهي ٿو. جڏهن گهڻيون قومون هڪ پسنديده علائقي ۾ رهڻ لڳن ٿيون، تڏهن ڪيئي مختلف تهذيبون خلط ملط ٿي وڃن ٿيون، تنهن جو هڪ سهڻو مثال جاوا جي تهذيب آهي. ڊاڪٽر اي اي بيڪ (Dr. A.A. Bake) چوي ٿو ته؛ ”اسان ڏٺو ته جاوا جا ماڻهو صدين جي مختلف تهذيبن جي اثر هيٺ رهندي بديشي تهذيب کي پنهنجي طبعي خصوصيتن ۾ جذب ڪرڻ جي قابل بڻجي ويا آهن، سو به اهڙي وسيع انداز ۾ جو عوام الناس ان حقيقت کان بلڪل بيخبر آهي، ۽ کين ڪو به احساس يا شعور نه آهي ته سندن تهذيب تي ڪو غير ملڪي يا ڌاريو اثر به آهي.“ مثال طور برصغير هندو-پاڪ قريب قريب گذريل چوڏهن صدين کان پارسين جي مستقل قيام کان مالا مال ٿي آهي. جتي ٻيا فرقا پنهنجي قوت جو اندازو سندن لکن جي تعداد۾ هجڻ سان ڪري سگهن ٿا، اتي پارسي صرف خالص مذهبي ۽ روحاني عقيدي سان، يا مذهب و ملت جي تعصبات کان آزاد خدمتن ۽ سخاوتن جي بنياد تي ڳڻي سگهجن ٿا.
مضمون کي پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ-اچو ته سنڌ جو مثال وٺون، جو علائقو فطري بناوت ۽ طبعي جاگرافيءَ جي لحاظ کان ”هيٺائين سنڌو ماٿري“ سڏجي ٿو. جنهن نه صرف افرو-ايشيائي حلقي جي تمدن کي سلجهائڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ قابل قدر حصو ورتو آهي، بلڪه برصغير هندو-پاڪ جي هڪ ٻاهرين ۽ کليل دروازي هجڻ جي حيثيت ۾ به گهڻي خدمت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ مان ئي ڪيتريون تهذيبون لنگهي، برصغير جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙيون آهن.
اڃا به ڪن ضروري نقطن سان بحث ڪري ڏيکارڻو آهي ته ڪيئن نه اسان جو تمدن ”صوبن“ جي تاريخي جاگرافيءَ جي زير احسان آهي. موجوده وقت ۾ اسان پنهنجي گوناگون مختلف تهذيبن کي هم آهنگ بڻائڻ ۽ متحد ڪرڻ ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. ليڪن صوبن جي جاگرافيائيءَ حدن کي ٽوڙي، هڪ غير طبعي يڪسانيت پيدا ڪرڻ سان اهو مقصد برصواب ٿئي، ان لاءِ چئي نٿو سگهجي. ٿيڻ ائين گهرجي ته ان درخشان ۽ زندگيءَ جي محرڪ، متفرق ۽ رنگا رنگي تهذيب کي- جا گهڻن جلويدار طرفن واري آهي. پنهنجي جاگرافيائي حدن سان قائم رکجي ته بهتر. ڇاڪاڻ ته انساني تهذيب هڪ حقيقت به آهي ۽ اثاثو به آهي. هونءَ به فطري زندگيءَ جو بنيادي اصول ”ڪثرت ۾ وحدت“ (Unity in Diversity) آهي، جو لا زوال ۽ پائدار آهي، جنهن مطابق تمدن جي هڪ مستحڪم ۽ عاليشان عمارت تيار ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ معصوم فطرت ۽ انسان جو ڪسب ۽ ڪردار گڏجي زندگيءَ جي نشو و نما ۽ ارتقا جو سلسلو قائم ۽ دائم رکندا ايندا.

[b]تمدن جو افرو-ايشيائي حلقو (The Afrasian Belt of Civilization) :
[/b] تمدن اتي ترقي ڪري ٿو، جتي انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ متمدن زندگيءَ جي لاءِ زبردست ڪشمڪش هوندي آهي. موسمي فضا (Atmosphere) ، پاڻيءَ واري فضا (Hydrosphere) جابلو فضا (Lithrosphere) بلڪ حياتياتي فضا (Biosphere)، ۽ ٻيا ماحول جا اثر، جي انسان جي چوگرد زور آور قوت وانگر عمل ڪن ٿا ۽ کيس زندگيءَ ۾ ترقي ڪرڻ ۾ يا ته مدد وٺائين ٿا يا وري روڪين ٿا. اهڙو فطري ماحول، ايشيا ۾، انساني تمدن جي پروان چڙهڻ لاءِ موجود هو، جو دراصل تمدن جو پهريون ئي گهر آهي، جتي انسان کي مادي، اخلاقي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ موزون ترغيب ملي. جيڪڏهن يقيني طور چئجي ته پوءِ اهو ساڳيو حلقو آهي، جنهن کي هاڻي ”آفريڪا ۽ ايشيا جي لق ودق صحرائن وارو حلقو“ چئجي ٿو جو ڪيترن ئي مختلف قسمن جي تهذيبن کي پروان چڙهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي. اهو حلقو طبعي بناوت ۾ ڪيترن ئي يڪسان علائقن سان بغل گير آهي، جهڙوڪ نيل وادي، ايجين ٻيٽ (Agean Island) اردن جي ماٿري، دجله ۽ فرات جي ماٿري، ايران جو مٿاهون پٽ، ڪئسپين آرال جي دريا گذار وادي، سنڌو ماٿري، گوبي علائقو ۽ يانگسي ماٿري (Yangtse valley) انهن سڀني علائقن پنهنجي پنهنجي زميني مٿاڇري (Soil) ۽ آبهوا مطابق نرالي قسم جون مخصوص تهذيبون پيدا ڪيون آهن، ۽ هر علائقي ٻئي علائقي کي انساني تمدن پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اڄ به انهن جي شاخن دنيا جي متعدد ملڪن ۾ پناهه جي جاءِ وڃي لڌي آهي.
ايشيا جي بلند ۽ عظمت واري سرزمين ۽ ان جا گاهه سان ڇانيل ميدان، شائستگيءَ ۽ تمدن لاءِ نهايت هموار آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي جا ڇڙو ڇڙ علائقا، هڪ دور کان ٻئي دور تائين، انساني تهذيب ۽ ڪاروبار جا پسنديده علائقا بڻيا هئا. اهي تهذيب جا مرڪز، ڪريٽ، چين، بائبلان، ايران، يونان ۽ برصغير هندو پاڪ آهن، جي سڀئي هڪ هڪ ٿي عروج ۽ زوال جي ڪشمڪش ۾ رهندا آيا آهن. ايشيا ۾ جيئن ئي فطري قوتن پنهنجو ڪم شروع ڪيو، تيئن ڪڏهن ڪنهن وقت ته ڪڏهن ڪنهن هنڌ، تهذيبون اڀرنديون رهيون. فرات ۽ دجلي جي ماٿريءَ ۾ به تهذيب پيدا ٿي، جنهن کي ڪڏهن ته مرڪز واري حيثيت حاصل هئي. ساڳي ايشيا ۾ وري انساني تاريخ جي مناسب ۽موافق حالتن وارن زمانن ۾ هڪٻئي پٺيان ڪيترائي پيغمبر آيا، جنهن جي ابتدا زردشت کان ٿي، جو ايران ۾ پهريون ئي مذهبي پيشوا هو، جنهن وحدانيت جو نظريو ۽ خدا جي هيڪڙائيءَ جو خيال پيش ڪيو. (1)
ايشيا جي دشوار علائقن ۾، پيغمبر، انسان جي زندگيءَ کي ڪامران بڻائڻ آيا. انسانذات لاءِ هميشه کان سڀني کان اهم مسئلو کاڌي ۽ پاڻيءَ جو رهيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن به حصن ۾ اهي شيون افراط ۾ هونديون هيون، اتي انساني گروهه اچي آباد ٿيندا هئا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عالمن چيو آهي ته انسان تڏهن واضح ترقي ڪئي آهي، جڏهن ڪن وادين ۾ اچي آباد ٿيو هو. وڌندي وڌندي نيٺ تمدن جي غذا پيدا ڪرڻ واري مرحلي تائين پهتو. ”پٿر وري مرحلي“ جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن هن چقمق جي پٿر کي ڏٺو ۽ جڏهن پٿرن جي اتفاقي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ باهه جا اُلا ظاهر ٿيا. ڪن وادين جي جبلن ۾ ڌاتو لڌا ويا، ۽ پوءِ آهستي آهستي ٽامي، ڪنجهي (Bronze) ۽ لوهه جا مختلف مرحلا آيا. ڪنهن ماٿريءَ جي زمين مينهن يا نديءَ جي پاڻيءَ سان سيراب ٿي، جنهن سان زراعت جي شروعات ٿي، جڏهن ڪٿي پوک جي لاءِ گهربل ۽ ڪمائتن هنڌن تي پاڻي کڻي وڃڻ جي ضرورت پيئي. تڏهن آب رسائيءَ جا هٿرادو طريقا رائج ٿيا، ۽ ڪئنال جوڙيا ويا، ۽ ان طرح سان آبپاشي شروع ٿي، پر تمدن ۾ نمايان ترقي تڏهن آئي، جڏهن غذائي پيداوار کي ڍوئڻ ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين رسائڻ لاءِ، آمدو رفت جا جٽادار ۽ اعتماد جوڳا ذريعا وجود ۾ آيا.
انهن سڀني حيلن وسيلن ۽ تدبيرن کي جيتوڻيڪ جديد جاگرافيدانن مستقل بنيادن تي قائم ڪري ڇڏيو آهي، ائين ضروري آهي ته خود فطرت به صحرائي لق ودق حلقن سان دنيا جي ٻين علائقن کان وڌيڪ ساٿ پئي ڏنو آهي. ان کان پوءِ خشڪ ساليءَ ۽ ريگستاني ريت جي ڍيرن، ڪن علائقن کي رهائش جي لحاظ کان ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو، جنهن سبب ڪري لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي.
ائين بلڪل صحيح آهي ته افرو-ايشيائي حلقي جي نشو نما وٺڻ سان ”سنڌو ماٿريءَ“ڪنهن پُر انديشه وقت ۾ پنهنجو حقيقي روپ اختيار ڪيو، ۽ ڪيترائي انساني ٽولا هڪٻئي پٺيان مسلسل، آسان پهاڙي رستن کان گذرندا هتي اچي قيام پذير ٿيا. خانه بدوش انساني ٽولن کي رستي ۾ جي فطري رنڊڪون ۽ رڪاوٽون درپيش اينديون هيون، سي بجاءِ انهن کي ڊيڄارڻ ۽ بيدل ڪرڻ جي، منجهن همت پيدا ڪنديون هيون ۽ منزل مقصود تي رسڻ لاءِ آمده ڪنديون هيون. اهڙيءَ طرح سان ماٿريءَ ۾ رهندڙ سڀني انساني گروهن گڏجي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي قوتن ۽ لياقتن وسيلي پاڻ کي ماحول جي موافق بڻائي، هڪ نئين تمدن کي پيدا ڪيو. جڏهن پاڙيسري علائقن جون ڪيتريون وڻندڙ بديشي خصوصيتون مقامي تهذيبن ۾ گڏجي سڏجي هڪ ٿي ويون، تڏهن ان جي نتيجي ۾ اعليٰ قسم جو مثالي تمدن اسرڻ لڳو.

[b]سنڌي تهذيب جا امدادي جزا:
[/b] هيٺائين سنڌو ماٿري ذاتي طرح سان، سنڌو نديءَ جي هڪ وڏي مقدس سوغات آهي. اهو به هڪ مڃيل اصول آهي ته جتي گهڻين قومن جا آزمودا ۽ ايجادون پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا، اتي تمدن کي عروج حاصل ٿئي ٿو. اچو ته پهريون طبعي جزي کي جاچيون، جنهن تمدن کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

[b]سنڌو ماٿريءَ ۾ جاگرافيائي ضابطو:
[/b] تمام اوائلي دور ۾ انسان، غذا، گاهه ۽ پاڻيءَ جي رسد جي ڳولا ۾ هتي آيو ۽ مستقل قيام اختيار ڪيائين. (شاهدي: موهن جو درڙو-ستاويهه سئو قبل مسيح) سڀ کان اول، هن وسيع ۽ فوق العادت نديءَ جي نظام کي سمجهڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ نوبتي ٻوڏن کي ڪهڙيءَ طرح ضابطي ۾ رکجي. انهن لاءِ اپاءَ سوچيا. ان سلسلي ۾ ، هن بند تعمير ڪيا، پيمائشون ڪيون ۽ ٻوڏ هيٺ آيل ايراضين ۾ پوکون ڪيون. اهڙيءَ طرح سان هن پنهنجي صلاحيت سان پنهنجي فرصت جي وقت جو بهترين استعمال ڪيو.
نتيجو اهو نڪتو، جو مصر وانگر سنڌ پڻ ”مڪينيڪل هنرن جي ماءُ“ بڻجي وئي. ان طرح قدرت هتي جي زمين جي سطح جي تجديد پڻ باقاعدي نظم ۽ ترتيب سان ڪندي رهندي هئي. ان مان مطلب اها تهه نشين مٽي (Silt) آهي، جا ندي پنهنجي وسعت سان، هر موسم ۾ کنيو زمين کي پهچائيندي هئي. اهڙيءَ طرح سان زرخيزي ۽ ثمر آوري برقرار رهي. قدرت ۽ انسان جي ان باهمي تعاون سان، فصلن جي قدرتي پيداوار ۽ روزمرهه جي زندگيءَ جي نشو و نما ٿي. طغياني ۽ سيلاب انسان کي زمين ۾ ڪاشت ڪرڻ لاءِ اڀاريو. اهڙي زرخيز ميدان ۾ جيئن ته پرامن قيام ۽ رهائشي بستين جا ڪيترا سٺا موقعا ميسر هئا، ان ڪري نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي اهڙيون آباديون وڌيون. سنڌوندي هميشه وانگر بدستور انساني گروهن کي متحد ڪرڻ جي اصول جي پابند آهي. ان هارين ۽ ڪاشتڪارن جي مفادن ۽ مقصدن کي متفق ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پوءِ کڻي هو ڪهڙي به گروهه، مذهب يا سماج سان تعلق رکندڙ هئا. ڌار ڌار موسمن ۾ مختلف جاين ڏانهن پاڻيءَ جي رسد کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، هڪ واحد حڪومت، عدل ۽ انصاف مطابق قائم ڪئي وئي. ساڳئي مقصد لاءِ امداد باهميءَ کي به رضامندي سان تسليم ڪيو ويو. قدرت اگر ملڪ کي قديم جبلن ۽ قيمتي معدنيات کان محروم رکيو، ته سنڌ وري ايشيا جي ڏوراهين ديسن سان رسائي پيدا ڪئي ۽ انهن سان واپار ڪري انهن سڀني شين جي درآمد ڪئي جنهن مان ملڪ جي ترقي ٿئي. سنڌونديءَ جي مٿئين ڇيڙي کان هيٺئين ڇيڙي تائين، ماڻهو پنهنجو مال ۽ سامان کنيو ڍوئيندا وتندا هئا. سنڌ ۾ ڪي به اهڙا قابل ذڪر خشڪيءَ جا رستا نه هئا. جن جي ڪري تيز رفتاريءَ سان سفر ۽ آمدورفت جاري رکي سگهجي. زمين جو لاههُ (Gardient) گهڻو هيٺائون آهي، ان ڪري واهه ڪهڙي به طرف ۽ ڪهڙي به مفاصلي کان ڪڍي سگهجن ٿا. مثال طور روهڙي ڪئنال، جو سنڌونديءَ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ جو ”سکر بئراج پراجيڪٽ“ جو هڪ اهم حصو آهي، سو ٻن سئو ميلن کان به گهڻو ڊگهو آهي ۽ ڪيترن غيرآباد ۽ ناقابل زراعت ضلعن مان آرپار لنگهي ٿو.
سنڌ هڪ خاص ترتيب سان قائم آهي. سندس افتاده ۽ بيجان هيٺائين ماٿري صرف سنڌونديءَ جي سبب سان هڪ ڪشادو ميداني علائقو بڻجي پيئي آهي ۽ سموري زمين ٻن غير آباد ايراضين کيرٿر جبل ۽ راجپوتانا بيابان جي درميان وڃايل آهي. زميني مٿاڇرو زرخيز آهي ۽ ماٿريءَ ۾ نديءَ جي ڊيلٽا بتدريج وڌندي رهي ٿي. اونهاري ۾ آبهوا، ٿوري گهم سان، گرم ۽ خشڪ آهي. سنڌ جو پورو علائقو هڪ پر انديشه مقام ۾ آهي، جو ذري گهٽ گرم دائري ۽ معتدل دائري (Temperate zone) جي حد وٽ آهي. زراعت جي مثالي پيشي هجڻ جون اهي سڀ علامتون هن ماٿريءَ ۾ آهن. جنهن ۾ زرعي زمين جي نقصان جو ڪو به خطرو نه آهي، جي ٻنهي دائرن (Zones) سان تعلق رکن ٿا. ان ڪري چئجي ٿو ته پاڙ جهلڻ ۽ واڌ کائڻ جي لحاظ کان ٻنهي قسمن جي نباتات لاءِ، هتي جي زمين نيم راهه گذر جي حيثيت رکي ٿي.
قدرتي وسيلن کي قبول ڪرڻ ۽ ڪم آڻڻ، اهڙيون ڳالهيون آهن جي ماڻهن جي متفقه ڪوششن ۽ صحيح تربيت جو نتيجو آهن. سنڌ قدري غير ملڪي خطري کان محفوظ آهي. جبلن جي آڏ ۽ روڪ، ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪارآمد آهي. ان کان علاوه بيابان به دشمن کان پناهه ۾ رکي ٿو. ان طرح سان اهي ٻئي حفاظتي قوتون ملڪ جي جداگانه وجود کي برقرار رکڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

[b]رڪاوٽن جو قدر (Value of obstacles):
[/b] ساڳئي وقت قدرت به هن علائقي جي طريقه معاش ۽ طرزِ زندگيءَ جي راهه ۾ ڪي رڪاوٽون وڌيون آهن. هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ڪي به پهاڙي لنگهه پورا ۽ مڪمل نه هئا. جيڪي چند آسان پهاڙي رستا هئا، تن مان توڙي سامونڊي ڪناري تان قديم دور کان وٺي راهزن، قزاق ۽ ٻيا امن ۾ خلخل وجهڻ وارا ماڻهو، وقت بوقت ايندا رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به حڪومت طرفان حدبنديءَ متعلق ڪا به واضح سرحدي پاليسي مقرر ٿي نه سگهي. آبهوا ڪٺن ۽ سخت گير هئي. اونهاري ۾ تمام گرم، پر سياري ۾ سرد ۽ طاقت بخش (Bracing) هئي. ٿوري گهڻي غير مستقل برسات به پوندي هئي. انهن حالتن ماڻهن کي جيتوڻيڪ جانٺو ۽ محنتي ته بڻائي ڇڏيو هو، پر ان سان گڏ، ساڳئي وقت هو امڪان ۽ قسمت جا دست نگر به بڻجي رهيا، جن کي قسمت تي ڀاڙيندڙ کڻي چئجي. سنڌونديءَ جو پيٽ، آسپاس وارن ملڪن جي ندين کان بلند تر سطح (Higher level) تي آهي. اهو ئي ٻوڏن جو ڪارڻ آهي، جي تيزيءَ سان ٻنين ۾ اچيو، انهن کي ٻوڙيو ۽ نابود ڪريو ڇڏين. ماڻهن کي مجبوراً انهن تباهه ڪُن قوتن کان بچڻ ۽ انهن تي فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ، محتاط ۽ خبردار رهڻو پوندو. هو. پراڻن شهرن جو وڏو تعداد گهڻو ڪري اهڙين ئي ٻوڏن ڪري نابود ٿيو هو. مثلاً: موهن جو دڙو، اهي پراڻا شهر واريءَ ۽ مٽيءَ جي هيٺان پنهنجي قيمتي خزاني سميت دٻيل آهن. آثار قديمه جي ماهرن، تاريخدانن جي فائدي لاءِ هن وقت تهن پٺيان تهه کوٽيا آهن. اسان وٽ ٻوڏ جي تباهه ڪن اثرن جي، انهن دٻيل شهرن کان سواءِ ٻي ڪهڙي بهتر ثابتي آهي. نديءَ جي ڊيلٽا مسلسل وڌندي رهي ٿي، ان ڪري پاڻيءَ کي ورڇيندڙ شاخون به ڦرنديون گهرنديون رهن ٿيون. پاڻيءَ جي وهڪري جي ڪا به دائمي خليج نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڊيلٽا جو، حدن اندر مستقل ۽ محدود رهڻ به ممڪن نه آهي. ساحلي قطار (Coast-line) وٽ به هڪ پُرآب نشيبي خطو آهي. انهيءَ زمين جي اسفنجي ساخت سبب منجهس خاص قسم جا مڪروهه ۽ غير غذائي ٻوٽا اُڀرن ٿا، تنهنڪري اتي به مستقل رهائش اختيار ڪري نٿي سگهجي. ازان سواءِ اها غير مستقل ۽ پورالي ندي، پري پري تائين هڪ وسيع علائقي جي آرپار لهرون هڻي ٿي، جي هڪ نه ٻئي طرف تقريبن ٽيهن ميلن تائين لڳنديون رهن ٿيون. نديءَ جو پيٽ به ايامن کان، دستور موجب تبديل ٿيندو رهي ٿو، جنهن ڪري ان جي ڪنارن تي ڪي به شهر مستقل طرح سان اڏجي نه سگهيا آهن. سواءِ هڪ يا ٻن جي سي به ٽڪرين جي راسين (Rocky promontories) تي قائم آهن. مثال طور سکر، روهڙي ۽ سيوهڻ، زير زمين پاڻيءَ جا طريقا، پڻ هڪ موسم کان ٻيءَ موسم تائين، ۽ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين، ناپائدار آهن. پاڻيءَ لاءِ اونها کوهه کوٽيا وڃن ٿا. جي نه پختا ٿين ٿا ۽ نه وري اعتبار جوڳا آهن. ٿر پارڪر سان ملحق پاڙيسري علائقن منجهان هاڪڙو نالي هڪ پوري جي پوري ندي وهندي هئي، جنهن جي سُڪي وڃڻ سان زمين ويران رڻ رهجي ويئي آهي. زماني حال ۾ صرف نارا ڪئنال جي ذريعي ان کي پاڻيءَ سان تار ڪري سگهجي ٿو. اونهاري ۾ صبح جي گرمي شديد هوندي آهي ۽ گهڻن رهاڪن جا گهر هڪ محور جي چوڌاري ٺهيل هوندا آهن، جيئن هوا جي رخ کي سامهون ٿي سگهن، مثال طور حيدرآباد جا منگهه. اهڙي خشڪ ميداني علائقي ۾ گهرو جانورن جي قلت به تمام گهڻي محسسو ڪئي وڃي ٿي.
انهن حالتن ماڻهن کي مجبور ڪيو آهي ته هو گڏهن ۽ خچرن (Wild horse) جهڙي اهنجي مخلوق سان نڀائين ۽ ان جو گهڻي کان گهڻو خيال رکن. اهڙيءَ صورت ۾ هڪ اُٺ ئي آهي، جو بيابان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو جانور ثابت ٿيو آهي. غذا ۽ پاڻيءَ خاطر ماحول سان هم آهنگيءَ جو اهو هڪ عمدو مثال آهي. ان ڪري ئي چئجي ٿو ته اهڙين نيم-صحرائي (Semi-desert) حالتن ۾ انسان کي قدرتي طرح سان نشو ونما پائڻ جا موقعا چڱيءَ طرح سان ملي سگهندا آهن. پوءِ کڻي هو شروعات کان ڪهڙي به گروهه سان تعلق رکندو هجي. هتي انسان، خوش تدبيري ۽ اختراع جي مادي کي ثابت قدميءَ سان استعمال ڪندو رهيو، جنهن مان خود حفاظت، مشقت، حوصلي، تحمل سان گڏ ڪي ٻيون خصوصيتون پڻ آشڪار ٿيون ۽ انسان ڪمال درجي تي پهتو. پروفيسر جين برونهيس (Jean Brunhes) چوي ٿو ”اهي نا مهربان حالتون آهن، جي انساني نظام جي تڪميل کي محدود ڪري ڇڏين ٿيون.“
زمين کي ڪم ۾ آڻڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ جون جيڪي به ڪوششون، انسان ڪري ٿو سي ٻن ڳالهين تي منحصر آهن؛ هڪ ته ڪهڙي نوعيت جي ڪم جو ارادو اٿس، ۽ ٻيو ته زمين جيڪي مشڪلاتون ۽ دشواريون هن لاءِ پيدا ڪري ٿي، تن مٿان هو ڪيتريقدر ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. انسان جيتري خوش تدبيري اختيار ڪري ٿو، اوترو ئي زمين ديرطلب ۽ تڪليف ده ثابت ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪن ناگهاني ضرورتن جي بلاوسطه زور ۽ سخت دٻاءُ جي هوندي به، انسان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي معمولي مقدار کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندو آهي. ايتري بحث کان پوءِ ائين ئي چوڻو پوندو ته بيشڪ سنڌ ۾ فري قوتون زورآور ۽ غير مستقل هيون، جي مختلف تهذيبن ۾ اتفاق پيدا ڪري سگهيون. لهٰذا ان ۾ باهمي اثر رکي، حسن ترتيب ۽ سليقي جي لحاظ کان تمام عمدو مثال چئي سگهجي ٿو.

[b]سنڌو ماٿريءَ جي علائقي ۾ تهذيبن جو تصادم:
[/b] ايران جي سطح مرتفع جي موسمي ۽ فصلي خشڪ ساليءَ ۽ واريءَ جي گهڻائيءَ سبب، جيڪي انسان ڪافي مقدار ۾ پاڻي، غذا ۽ مناسب جڳهه حاصل ڪري نه سگهيا، سي جابلو رستن مان لنگهي سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجهه وقت تائين تخريب، تباهي ۽ برباديءَ جو باعث بڻيا. ازان سواءِ قبل از تاريخي دور ۾ الهندي طرف کان شالڪو لسٽڪ (Chalco listic) تهذيب پڻ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿي. انهيءَ وقت ڌاري ويدڪ آريا به آيا، جن ”موهن جي دڙي“ جي ماڻهن جي امن ۽ فلاح ۾ اچي خلل وڌو. ٻُڌن، افغانن، مغلن ۽ ترڪن به وقت گذرڻ سان پنهنجو وارو ورتو. دلير ايرانين پنهنجي شهنشاهت واسطي انهيءَ ماٿريءَ کي اچي ڳولي لڌو. جانباز يوناني پڻ ايرانين جي تعاقب ڪندي هن ماٿريءَ جي نزديڪ پهتا، جن پنهنجي واسطي سنڌو نديءَ کي جهاز رانيءَ لاءِ پهريون ڀيرو استعمال پڻ ڪيو. تنهن کان پوءِ طاقتور عرب مڪران جي ڪناري کان آيا ۽ نديءَ ۽ سامونڊي ڪناري جو موزون استعمال ڪيائون.
بيابان جي تڪليف ده ۽ مايوس ڪُن حالتن جي ڪري، راجپوتن پڻ هتي اچي اجهو ورتو. معتدل ۽ خوشگوار پاڙيسري علائقن، جهڙوڪ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات مان به ڪيترائي آرام طلب لوڪ داخل ٿيا. ابتدائي زماني ۾ انهن قومن جا جيڪي به نسل هتي آيا هئا. سي پرامن جستجوءَ ۾ مصروف رهيا. سڀ کان پوءِ تجارت پيشا يورپي قومون ۽ پارسي ۽ عيسائي پڻ واپار سانگي آيا. اهڙيءَ طرح انساني گروهن جا اندازاً سورهن ڪلاس سنڌ ۾ مستقل طور آباد آهن.

[b]نتيجو-رڪاوٽن ۽ رنڊڪن جو دور ٿيڻ:
[/b] اهڙيءَ طرح سنڌ، في الواقع انساني جوش ۽ انتقام جو هڪ ميدان ڪارِ زار بڻجي پيئي، جنهن ۾ يورش، لُٽ مار، تاخت و تاراج ۽ بحري ڦرلٽ تمام عام هيون. هڪ قوم ٻيءَ قوم کي پامال ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي هئي. ته ٻي قوم وري ٽينءَ قوم، کي تباهه ڪرڻ ۽ مٿس فتح پائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ليڪن قدرت جي بقا جو قانون، (Law of Indestructibility) غير متغير آهي، جو هر هنڌ لازمي طور رائج آهي. جدا جدا قومن جي مختلف ۽ متضاد عقيدن، رسمن ۽ تهذيبن جي درميان زوردار مقابلو ٿيو، جو ئي سنڌ جي بيمثال تهذيب جو محرڪ آهي.
سنڌي زبان هڪ مرڪب قسم جي زبان آهي، جا بنيادي لحاظ کان سنسڪرت آهي ته وري طرزِ ادا جي ڪري عربي آهي.
سنڌ فقط هڪڙو ئي ڪلاس پيدا ڪيو آهي، جن کي هاري چئجي ٿو، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي اچي وڃن ٿا. هن علائقي ۾ هاريءَ لاءِ فصل ۽ پاڻيءَ جي رسد جو سوال عام آهي. هنن جي موسيقي، روزانو زندگي، پوشاڪ ۽ اخلاق به ساڳيا آهن. سنڌ جي بهترين پيداوار آهي ”صوفي اِزم“ سنڌ جي صوفي ازم فلسفي جي دائري ۾ نهايت بيمثال آهي. هن صوبي ۾ درويش آهن جي ٻنهي گروهن جي تعلقن کي قابو ۾ رکن ٿا. هتي ٿورا فرقا ۽ ٿورڙا مسلڪ آهن، ۽ نسبتاً ٿورا افراد ڏتڙيل ۽ افسرده گروهن سان تعلق رکن ٿا. سکر بئراج پنهنجي ڪئنالن جي ورڇيندڙ شاخن، ڪسين ۽ مورين جي ذريعي مدامي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي. اها سنڌ جي دل آهي جا ڏينهن رات، باقاعدگيءَ ۽ روانيءَ سان پنهنجو زندگي بخش پاڻي، ديس جي سڀني رهواسين لاءِ خارج ڪري ٿي. قدرت طرفان انسان جي ترقيءَ جي واٽ ۾ حائل ٿيل دقتون ۽ رڪاوٽون هاڻي رفته رفته غائب ٿينديون وڃن ٿيون. هاڻي سنڌ ۾ مستقل قيام ۽ رهائش اختيار ڪري سگهجي ٿي. انگريز حڪمرانن، پنهنجي دور ۾ جي بهترين سوکڙيون صوبي کي ڏنيون، سي زراعتي ڪاميابي ۽ سياسي طور خود اختيار حڪومت آهن. پائدار امن قائم رکڻ، مسئلن کي سلجهائڻ، ۽ ترقي ڪري اڳتي وڌڻ؛ انهن سڀني ڳالهين ۾ انسان پنهنجو پاڻ تي مدار رکي ٿو. سنڌ ۾ وڏا شهر ٿورا آهن، جا هتي جي آباديءَ جي خصوصيت آهي. سنڌ جي آبادي گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ جي چُرندڙ ڦرندڙ ڳوٺن تي مشتمل آهي. جتي آبياريءَ جا مرڪز هوندا آهن. اتي چوڌاري ڳوٺن جو مجموعو ٺهي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل بادشاهي راڄن ۾ هڪ کان وڌيڪ دارالسطلنت وارا مرڪزي شهر (Capital towns) تعمير ٿيا، ۽ جنهن کي جيڪو هنڌ سهولت وارو نظر آيو، تنهن کي دارالسطنت بنايائين.
برطانيا، پنهنجي سامونڊي سڀاءُ ڪري، ڪراچيءَ جي بين الاقوامي شهر جو بنياد رکيو، جو هڪ سٺي بندرگاهه هئڻ جي ڪري، هاڻ اڳتي وڌي، پاڪستان جي وفاقي گادي بنيو آهي.(2) اگرچه حيدرآباد، جو ان کان اڳ ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو، تنهن جي مرد شماري فقط ٽن لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي.(3) جن ۾ زياده تر خوشحال ۽ ترقي يافته درجي جا ماڻهو آهن. هن علائقي جي سڀني ماڻهن لاءِ، سندن صوفيانه شاعري ”صحتمند پيداوار“ جي حيثيت رکي ٿي، جا شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي آهي. اها ئي شاعري کين پاڻ ۾ هڪ قسم جي روحاني اتحاد پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿي.
اڄڪلهه سنڌين ۾ تعليم جي گهٽتائي آهي. سڀ کان گهڻي قلت ٽيڪنيڪل تعليم جي آهي. موجوده زماني ۾ سنڌ به ٻين ملڪن وانگر نيم جاگيرادارانه اقتصادي نظام سببان ڪوتاهين ۽ خامين سان ڀرپور آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ سرزمين، انسان جي استقلال کي متواتر آزمائيندي رهي آهي. مال ڪاهي وڃڻ، زوريءَ عورتون ڀڄائڻ، ڌاڙا ۽ خون، بي احتياطي، شاهوڪار زميندارن طرفان هارين سان ناشائسته برتاءُ ۽ غير مستحڪم حڪومت جون سڀئي نقصان رسان ڳالهيون، هتي جو ناسوري معمول بڻجي چڪيون آهن. اهي انسان جي خوديءَ جا غير جٽادار مظهر ۽ اُڀار آهن. هتي جو انسان جيئن ئي پاڻ کي هڪ ابتر نموني جي معاشرتي ۽ اقتصادي نظام زندگيءَ ۾ پابند زنجير معلوم ڪري ٿو، تيئن موٽَ ۾، ائين ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ اهي حالتون سندس مڪمل وجود ۽ شخصي زندگيءَ کي هڪ خود انضباطي ۽ آزاد شهريءَ جيان، قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون. اهڙي علائقي ۾ جتي فطري قوتون متحرڪ هجن ۽ معاشرتي دٻاءُ ۽ جبر ايتريقدر مانع ۽ دم گهٽيندڙ هجي، ته پوءِ ضرور هيجان پيدا ٿيندو. انهن مڙني تڪليفن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙو تعليمي دستور تجويز ڪرڻ گهرجي، جيڪو جاگرافيائي ماحول ۽ معاشرتي تقاضائن مطابق هجي.
بئراج اڳي ئي ڪامياب ثابت ٿيا آهن، ليڪن انهن منجهان اڃا به وڌيڪ لاڀ ڪيئن حاصل ٿئي، ان لاءِ ضروي آهي ته زرعي زمين از سر نؤ تقسيم ڪرڻ ۾ اچي. پاڻيءَ جي ورڇ هارين جي درميان بهتر طريقي ۽ زياده انصاف تي مبني هجي. ازانسواءِ حڪومت جي مشنريءَ ۾ هرمرحلي تي بهتر انتظامي نقطه نگاه ۽ فهم ۽ فراست جو هجڻ ضروري آهي، جا ڳالهه صوبائي ۽ مرڪزي ٻنهي حڪومتن ۾ هئڻ کپي.

[b]قطعي ۽ فيصله ڪُن رايا:
[/b] سنڌ جون تهذيبي حدون، اڄ جي مهذب انسان وڌائي، ڪافي وسيع ڪري ڇڏيون آهن. گروهبنديءَ ۽ فرقه پرستيءَ جا مرض جن ۾ ملڪ جا ٻيا علائقا، ٿوريءَ يا گهڻيءَ حد تائين، گرفتار آهن، سنڌ انهن کان آزاد آهي. هڪ سنڌي، پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ هڪ طرف ڪري ٿو ته وسيع المشرب (Cosmopolitan) ۽ انسان دوست (Humanitarian) شخص هجڻ جي دعويٰ ٻئي طرف رکي ٿو. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهيو آهي، جو سندس تهذيب ايشيا جي ڏورانهن علائقن جي تهذيب جي زير اثر مالا مال ٿي، مثالي بڻجي چڪي آهي ۽ ان کانسواءِ برصغير جي باقي علائقن وانگر، ان تي وچ-اوڀر ۽ جديد يورپ جا جيڪي اثر پيا آهن، تن پڻ ان کي هڪ مخصوص رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجيءَ پر ۾ پاڻ به انهن ساڳين ئي انساني تهذيبن کي بامقصد ۽ پُرمعنيٰ انداز ۾ مالا مال ڪيو آهي، جن سان هن جو تجارت، تهذيب ۽ تمدن، مذهب ۽ملت، باهمي رابطي ۽ ٻين ذريعن سان لاڳاپو پيدا ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري هو ايامن کان تهذيبي عليحدگيءَ ۽ تنگ نظريءَ يا جارحانه وطن پرستيءَ جي بيماريءَ کان آجو رهيو آهي. پر ساڳئي وقت، هميشھ کان، کيس معقول سبب جي بنا تي، پنهنجي تهذيب لاءِ فخر آهي، جا عالمگير خوبيون ۽ وسيع استعداد رکندي به هڪ مخصوص ۽ مقامي رنگ ۾ پنهنجو مستقل وجود رکي ٿي، ۽ جنهن ۾ انساني اعمال ۽ فطري مظاهرن ٻنهي گڏجي هڪ ٻئي تي اثر وجهڻ جو باهمي عمل ڪيو آهي. صدين کان وٺي انساني ۽ طبعي حالتن ۾ جو غير محدود باهمي عمل، خارجي توڙي داخلي طرح سان ٿيندو رهيوآهي، تنهن موجوده سنڌ کي هستيءَ ۾ آڻڻ ۽ سنوارڻ جي عظيم خدمت سرانجام ڏني آهي. سنڌو ماٿري سچ پچ ته تهذيبن جو ميدان آهي. ان جي تهذيبي ميدان ۾ جذب ۽ اتفاق جون قوتون به گهڻي قدر موجود آهن، جي انساني تهذيب جي مختلف ۽ گوناگون عناصرن کي پاڻ ۾ يڪجا ڪن ٿيون ۽ دنيا جي عظيم تمدنن جي ڌار ڌار اثرن کي ملائي پاڻ ۾ مدغم ڪن ٿيون. اها ئي خصوصيت آهي، جنهن ”سنڌي تهذيب“ کي مقدس ۽ شاد آباد رکيو آهي ۽ ساڳئي وقت بلند ۽ بهتر، معقول ۽ ترقي پذير- ۽ سڀ تي غالب ۽ حاوي بڻايو آهي. هڪ سنڌي انهيءَ ڪري ئي عقلمند، مستحڪم، متحمل مزاج، بردبار، محب وطن ۽ امن سان پيار رکندڙ فرد آهي. پنهنجي عظيم نديءَ وانگر، جا سنڌ جي زندگيءَ جو روح آهي، سنڌي هاري به سوکڙيون ڏيڻ ۽ وٺڻ سکيو آهي. سنڌ جو قابل زراعت زميني مٿاڇرو به خارجي (Foreign) آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي سنڌونديءَ مان پاڻي وهائي آباد ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو، جو پاڻي اوکن ۽ مهيب جبلن مان ٻوڏن جي ذريعي، وهي غريب هارين لاءِ ماٿريءَ ۾ اچي زندگيءَ جو سامان ٿو پيدا ڪري. جيستائين نديءَ جو وهڪرو بيقاعده ۽ غير مستقل هو، تيستائين هاري به بدستور قضا ۽ قدر تي ڀاڙيندو رهيو ۽ هر ڳالهه ۾ قسمت تي اعتبار ڪندو رهيو. ليڪن هاڻي دنيا جي زبردست ۽ عظيم الشان آبپاشيءَ جي نظام مان مستقل پاڻيءَ جي رسد جي ضمانت هجڻ ڪري، هارين به پنهنجي گهرن ۽ زرعي زمينن جي مسئلي کي سلجهايو آهي. هاڻي ساري سال ۾ ربيع ۽ خريف جي فصلن جا وارا باقاعدگيءَ سان ٿيندا رهن ٿا. موجوده دور ۾ سڄي سال جي دوران، گهڻي وقت تائين ڪو به هاري سست يا بيڪار نٿو گذاري. ماضيءَ ۾ فقط گردو پيش جا حالات ۽ فطري ماحول ئي ان لاءِ ذميوار آهن، جن کين ائين بڻايو هو.
ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ سان اچانڪ ديسي باشندن ترڪ وطن اختيار ڪيو ۽ هندستان جي مختلف ڀاڱن مان مسلمان هجرت ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اها نئين صورت حال سنڌو-ماٿريءَ جي تهذيب ۽ تمدن ۾ وقت گذرڻ سان يقينن ڪيتريون ئي خصوصي تبديليون پيدا ڪندي. سنڌ جهڙن ٻين سنڌو ماٿريءَ جي علائقن جو تنقيدي ۽ منصفانه ۽ سائنٽيفڪ مطالعو، اسان جي ڪيترن ئي قابل قدر باهمي تعلقات ۽ قسمين قسمين تهذيبي رخن کي آشڪار ڪندو. ازان سواءِ اهڙي مطالعي سان جدا جدا علائقن جا ماڻهو به هڪٻئي کان نفرت ڪرڻ کان باز رهندا. هرڪو پنهنجي ملڪ تي اختيار رکندي بجا طور فخر ڪندو. ان سلسلي ۾ نه فقط پاڪستان، پنهنجي سڀني پاڙيسري ڀائرن (هندستان، ايران، افغانستان، عرب، ترڪي، انڊونيشيا) جي ڪاميابين کي تعظيم ۽ تحسين جي نگاهه سان ڏسندو، پر ان سان گڏ، پاڪستان ۾ رهندڙ قومون پڻ، پاڻ ۾ سازگار ماحول پيدا ڪري، وطن کي خوشحال بڻائينديون. اميد آهي ته اهڙو فائديمند علمي ڪم، يونيورسٽين ۾، جاگرافيءَ جي شعبن، سائنس توڙي آرٽس جي عملي شاخن، طرفان انجام ڏنو ويندو. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسين امن ۾ رهون ۽ اسان جي ملڪ کي پنهنجي ماڻهن طرفان قابل اعتماد نظام، زندگي ملي، جنهن کان اسان جو نوجوان طبقو هرگز انڪار ڪري نٿو سگهي، ته پوءِ هن قسم جي تهذيبي ريسرچ تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي. ليڪن اهو سڀڪجهه انهن نوجوانن جي ان صحيح ۽ حقيقي تعليم ۽ ريسرچ تي منحصر آهي، جي امداد باهميءَ جي بنياد تي ڪيل هجن. ازان سواءِ اهي ڪوششون سموري مهذب دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ تي به دارومدار رکن ٿيون.


[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b](1) زردشت جي تعليم، بنيادي طرح سان وحدانيت واري هئي. پر پوءِ اڳتي هلي، سندس پوئلڳن مان ”ماني“ ۽ ”مزدڪ“ نالي شخصن ان ۾ ڦير ڦار آڻي، يزدان ۽ اهرمن جو عقيدو پيدا ڪري، ٻه خدا بنايا. (هڪ شر جو خدا ۽ ٻيو خير جو خدا) آخري طور توحيد جو خالص ۽ ڪامل تصور، پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جن پيدا ڪيو. غ. م.گ)
(2) هينئر پاڪستان جي گادي راولپنڊي ۾ آهي، مستقل طرح سان اسلام آباد ۾ نئون دارلاسلطنت تعمير ٿي رهيو آهي. )
(3) حيدرآباد جي آبادي، هن وقت لڳ ڀڳ ٻارهن لکن کان مٿي چئي وڃي ٿي.
(هي مضمون ڪتاب ”A Physical and Economical Geography of Sindh“ تان ورتل آهي).

[b]سنڌيڪار؛ شمس الدين عرساڻي[/b]