پراچين شهر ۽ کنڊر: دوارڪا پرساد شرما
منهنجي نظر ۾ موئن جي دڙي کان پوءِ الور جو شهر آهي، جو ٻين شهرن يا کنڊرن کان وڌيڪ جهونو آهي، انهيءَ ڪري سڀ کان اڳ انهيءَ کنڊر تي روشني وجهڻ ضروري ٿيندو.
الور، برهمڻ آباد ۽ ڪاهوءَ جو دڙو، اُهي کنڊر آهن جن کي مان اتهاسڪ زماني جا شهر ۽ کنڊر ته مڃان ٿو، پر اهي سنڌ جي بنهه پراچين شهرن مان آهن. سنڌ جي پراچين اتهاس ۾ انهن جو بيان ان وقت اچي ٿو جنهن وقت سڪندر اعظم هن علائقي مان لنگهي وطن ڏانهن روانو ٿيو. اهوئي سبب آهي جو الور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن کي بلڪل پراچين سمجهي مان هن ڪتاب ۾ انهن جو بيان ڪرڻ واجب ٿو سمجهان.
اروڙ جنهن کي اڄ ڪلهه الور جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي، روهڙي شهر کان اٽڪل پنج ميل اوڀر ڏکڻ طرف آهي.سنڌ جي جدا جدا اتهاسن ۾ هن شهر جو نالو جدا جدا روپن ۾ لکيو ويو آهي. ڪن اتهاس ليکڪن هن کي الزور، ڪن الروز، ڪن ڌر، ڪن الرد، ڪن الدئر ۽ ڪن الدر ڪري سڏيو آهي. مسٽر اليٽ چوي ٿو ته درست نالو ماڳهين زور آهي جنهن مان پوءِ روري (روهڙي) شهر جو نالو نڪتو.(1) منهنجي خيال ۾ درست نالو اروڙ آهي، جنهن جو اروڙ راجپوت جاتيءَ سان لاڳاپو آهي. سنه 1916 ۾ پنجاب پرانت جون جاتيون (Punjab Castes) نالي هڪ انگريزي ڪتاب ڇپيو آهي، ان ۾ ڏيکاريل آهي ته جيئن ملتان ۽ لاهور جا کتري ملتاني ۽ لاهوري سڏائين ٿا، تيئن اروڙ جا کيتري اروڙ ونشي سڏائيندا آهن. اروڙ جو شهر اتهاسڪ ثابتيءَ موجب سڪندر اعظم کان به اڳ واري زماني کان، عربن جي آخرين ڪاهه تائين سنڌ جي راڄڌاني ٿي رهيو آهي. اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ هيءُ شهر روهڙيءَ جي نالي سان پرسڌ ٿيو. پر اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته اروڙ هاڻوڪي روهڙيءَ جي جڳهه تي نه، بلڪ ان جي ڏکڻ اوڀر طرف هو. پراچين سمي ۾ سنڌو ندي روهڙيءَ وٽان نه، بلڪ اروڙ جي ڀرسان لنگهندي هئي. انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو راجا هاڻوڪي بهاولپور رياست، ۽ ملتان واري ڀاڱي تي به پنهنجي گورنر معرفت راڄ ڪندوهو. سنه 1835 ۾ مسٽر برنس اروڙ جي کنڊر جي تپاس ڪري هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن ڏيکاريو آهي ته پراچين سنڌ جي مهراڻ نالي ندي اروڙ جي ڀرسان وهندي هئي. مسلمانن جي لکيل تاريخ طاهري ۽ تحفته الڪرام به انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪن ٿيون ۽ لکن ٿيون ته اهو درياه سمنڊ تائين ويندو هو. مسٽر برنس لکيو آهي ته ڪنهن وقت اروڙ جي راجائي، سمنڊ کان ڪشمير ۽ قنوج کان مڪران تائين پکڙيل هئي. ڪن اتهاسڪارن ته ائين به لکيو آهي ته اروڙ جي راجا جو راڄ سورت جي شهر کان قنڌار تائين پکڙيل هو. مڪران تي به سنڌ يعني اروڙ جي راجا راءِ ساهراس جو راڄ هو، جا ڳالهه انهيءَ مان ظاهر آهي جو فارس يعني ايران جي بادشاهه نيمروز جي لشڪر جنهن وقت سنڌ تي حملو ڪيو، تنهن وقت سنڌي فوج کيس مڪران جي اولهه واري حد وٽ ئي ورڪي بيهاريو. مسٽر برٽن جيڪو سنڌ جو اتهاس لکيو آهي تنهن ۾ هو صاف لکي ٿو ته ڪاٺياواڙ جو علائقو سنڌ جي هندو راجائن جي هٿ ۾ هو.
اهو ته ٿيو عربن جي ڪاهه جو زمانو، پر عيسوي سنه کان به اٽڪل ٽي چار سو سال اڳ يعني سڪندر اعظم جي زماني ۾ به اروڙ جو راجا پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن اول ته سڪندر جي يوناني فوج تي ڪا فلڪ ئي ڪان آندي. پر پوءِ نيٺ سڪندر سان ٺاهه ڪيائين. پر ان وقت سنڌ ۾ ديش ڀڳت براهمڻن جو گهڻو زور هو. اروڙ جي راجا کي سڪندر جي سمي ۾ هندستان جو هڪ چڪرورتي راجا سمجهيو ويندو هو. وڏن وڏن راجائن جو هن جي نالي اڳيان ساهه قبض ٿيندو هو. برهمڻن جڏهن ڏٺو ته سندن راجا بنا جنگ جي سڪندر جي پيش پيو آهي تن وٺي ملڪ ۾ مانڌاڻ کڙو ڪيو. اڃا سڪندر جي سينا سنڌو منا (شايد سيوهڻ) تائين مس پهتي ته اروڙ ونشي کيترين وٺي آزادگيءَ جي هلچل جو جهنڊو بلند ڪيو. سڪندر پيٿان نالي پنهنجي سپهه سالار کي اروڙ ڏانهن چاڙهي موڪليو ۽ گريڪ اتهاسڪارن جي چوڻ موجب اروڙ جو راجا هزارن ديش ڀڳت براهمڻن سان گڏ گريڪ سينا جي هٿان قتل ٿي ويو.
ميسيڊونيا جي اونيسيڪريٽاس نالي ليکڪ سڪندر جي زماني واري اروڙ شهر جي شاهوڪاري، انهيءَ شهر جي اعليٰ حڪومت ۽ ماڻهن جي هنر توڙي ڪاريگريءَ جي ڏاڍي ساراهه لکي آهي. ڏسجي ٿو ته اروڙ شهر جو اهو اوج عربن جي ڪاهه تائين قائم هو، جو خود چچ نامي ۾ لکيل آهي ته اروڙ (الور) شهر ۾ ڪيترا شاهي محلات، عاليشان مڪان، باغ، چشما، نهرون ۽ ڪشادا رستا هئا. سڄي ملڪ ۾ اهڙو هڪ به باغي ڪونه هو جو راجا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري. ملڪ ۾ ڪوبه ديواني قانون ڪونه هو. انهيءَ مان ثابت آهي ته ماڻهو ڏيتي ليتيءَ ۾ بلڪل سڌا هئا. هتي جا ماڻهو حڪومت کان بلڪل چڱيءَ ريت واقف هئا. انهن جي تندرستي اهڙي سٺي هئي جو سوا سو سالن تائين جيئرا رهندا هئا. سڪندر اعظم سان آيل گريڪ ماڻهن، اروڙ نواسين کي گاني جي وسيلي نانگ جو زهر ڪڍندو ڏٺو، جنهن ڳالهه کين تپرس ۾ وجهي ڇڏيو.
گريڪ اتهاسڪارن پنهنجي زماني جي اروڙ ونشي سنڌين کي موسيڪيناس ڪري لکيو آهي جنهن نسبت يورپ جي جدا جدا ودوانن پنهنجا جدا جدا انومان ويهي ڪڍيا آهن. مئڪ ڪرنڊل صاحب جو چوڻ آهي ته اروڙ جي راجا جو موسيڪيناس نالو انهيءَ ڪري پيو جو انهيءَ ملڪ جي ڀاڱي ۾ موسيڪني جاتيءَ جا هندو رهندا هئا. ليسن صاحب وري موسيڪيناس اکر سنسڪرت جي ”موشڪ“ اکر مان نڪتل ظاهر ڪيو آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ڪئو يا چور. سينٽ مارٽن جو چوڻ آهي ته سڪندر جي سمي ۾ اروڙ شهر ۾ ماگس نالي جاتيءَ جا ماڻهو رهندا هئا جنهن ڪري گريڪ اتهاسڪارن انهن کي موسيڪيناس نالي سان سڏيو آهي. اهي ماگس جاتيءَ جا ماڻهو ڪنهن زماني ۾ ڪڇ ملڪ ۾ رهندا هئا جو سنڌ جي سرحد جو ڏاکيڻو ڀاڱو هو. پر ڪن ودوانن جو اهو رايو آهي ته گريڪ اتهاسڪارن جو موسيڪيناس اکر سنسڪرت جي موشڪرڻ اکر مان نڪتل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي اهي ماڻهو جن جا ڪن ڪئي جي ڪنن جهڙا تيز آهن. ڪيئن به هجي گريڪ اتهاسڪارن جي بيان مان گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته عيسوي سنه کان ٽي چار صديون اڳ اروڙ جو شهر سنڌ جي عاليشان راڄڌاني هئي ۽ اتي جا ماڻهو شاهوڪار، عالم ۽ بهادر به هئا.
سنڌ جي پراچين راڄڌاني اروڙ جو شهر، عربن جي ڪاهه کان به ٻه صديون پوءِ وسندو رهيو. سنه 962ع ۾ سنڌو ندي اروڙ جي ڀر ڇڏي اولهه طرف رخ رکيو ۽ هاڻي جتان وهي ٿي، اتان وهڻ لڳي. اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ هن شهر جا ماڻهو درياهه جي ڪپ تي نئين ريت وسايل روهڙي، بکر ۽ سکر ۾ اچي رهڻ لڳا. مٿئين سنه جي خبر درياه جي وچ ۾ بيٺل ٻيٽ واري زندهه پير جي مندر ۾ ٺهيل هڪ پٿر مان پوي ٿي. اهو زندهه پير جو مندر هن وقت مسلمان مجاورن جي قبضي ۾ آهي جنهن ڪري ان هنڌ هندن جو وڃڻ بند ٿي ويو آهي. هندن وري انهيءَ مندر جي سامهون درياه جي ڪپ تي پنهنجو جد اورڻ پري مندر ٺهرايو آهي.
اروڙ شهر جي ڦٽڻ نسبت ڪيتريون عجيب ڳالهيون ٿيون ٻڌڻ ۾ اچن. ڪن جو چوڻ آهي ته مٿي ذڪر ڪيل سنه يعني 962ع ۾ هڪ زاهد مسلمان مڪي ڏانهن ويندي پنهنجيءَ ڌيءَ سان اچي اروڙ کان نڪتو. راجا دلو راءِ جو ان وقت اُتي حاڪم هو، تنهن جي انهيءَ سهڻي مسلمان ڇوڪريءَ تي نظر پيئي. هن، انهيءَ مسلمان کان سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو. مسلمان اٺن ڏينهن جي مهلت گهري. انهيءَ وچ ۾ اهو مسلمان خدا کي ياد ڪري چوڻ لڳو ته ”يا خدا مون کي هن آفت کان بچاءِ“. انهيءَ ڪري ئي هڪ ڏينهن درياه اوچتو ئي اوچتو اتان غائب ٿي ويو.
منهنجي راءِ موجب هيءُ قصو بناوتي آهي. سنڌ ۾ جيڪي به ڦٽل شهرن جا کنڊر نظر اچن ٿا، انهن سڀني لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته اهي راجا دلو راءِ جي بداخلاقيءَ سبب ڦٽا. حقيقت ۾ سنڌو ندي جا ڪن صدين کان اولهه طرف وڌندي پئي رهي آهي ۽ انهيءَ ڪري پنهنجا وهڪرا بدلائيندي آئي آهي، تنهن ڪري ئي سنڌ جا ڪيترا پراچين عاليشان شهر ڦٽي ويا. اروڙ جو شهر به درياهه جي وهڪري ڦرڻ سبب ڦٽي ويو ٿو ڏسجي.
پراچين گريڪ اتهاسڪارن جي بيان مان ڏسجي ٿو ته اروڙ جو شهر پڪين سرن جي مڪانن جو عاليشان شهر هو، پر هن وقت انهيءَ باري ۾ ڪن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته مرزا شاهه بيگ عيسوي سورهين صديءَ ۾ جيڪو بکر جو قلع ٺهرايو، تنهن ۾ جيڪي سرون ڪم آندل آهن سي اروڙ شهر جي کنڊر مان نڪتل آهن. مون پنهنجي سر بکر جي قلعي جي اڏاوت ڏٺي آهي جا گهڻو ڪري مسلماني ڍنگ جي آهي. ان ۾ جيڪي ننڍيون ۽ سنهيون پڪيون سرون آهن، سي صاف ظاهر ٿيون ڪن ته اهي مسلماني زماني جون ٺهيل آهن. ها ڪن هنڌ ۽ قلعي جي بنياد ۾ شايد هندو زماني جون وڏيون سرون ڪتب آنديون ويون هونديون، جي مٿئين بيان موجب اروڙ جي کنڊرن مان هٿ ڪيون ويون هونديون.
ليفٽننٽ ايسٽ وڪ جو اٽڪل هڪ سو سال اڳ اروڙ جو کنڊر ڏسڻ آيو هو، سو پنهنجي بيان ۾ لکي ٿو ته: ”جنهن هنڌ ڪنهن وقت راجائن جا شاهي محلات هئا، اهو شهر هاڻي سڃاڻپ کان ئي پري ٿي ويو آهي. الور جو کنڊر روهڙيءَ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. رستو هڪ پل تان وڃي ٿو. پل لتارڻ سان اوهان کي هڪ ننڍو ڳوٺ نظر ايندو جنهن ۾ ٻه پتيون مسلمان ۽ هڪ پتي هندو رهن ٿا. انهيءَ ڳوٺ کان اتر اوڀر طرف ڦٽل کنڊرن جي لانڍ شروع ٿئي ٿي. هيڏن شاهي کنڊرن ۾ اتهاسڪ اهميت واري ڪابه شيءِ اوهان کي نظر ڪانه ايندي..... ڪالڪا ماتا جو هڪ مندر ضرور آهي جتي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ جو مندر شايد پراچين نظر ٿو اچي. ٻن سيدن جي قبرن کان سواءِ انهن کنڊرن ۾ ٻه ٻيون به قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جن مان هڪ سهاڳڻ ۽ ٻي ڏهاڳڻ جي قبر آهي. رچرڊ برٽن ڪنهن وقت هيءُ کنڊر ڏسڻ آيو هو. پر ڪنهن به کيس نه ٻڌايو ته ڪهڙي سهاڳڻ ۽ ڪهڙي ڏهاڳڻ جي قبر آهي. الور جي کنڊر ڀرسان هڪ سماڌي آهي، جنهن نسبت چيو ٿو وڃي ته اها سماڌي راجا ڀرتري جي آهي. راجا ڀرتري، نياءَ ڪاري ۽ سورمي راجا وڪرماجيت جو وڏو ڀاءُ هو، جنهن عيسوي سنه کان 58 سال اڳ سٿين جاتيءَ جي پرديسين کي زبردست شڪست ڏني هئي. راجا ڀرتريءَ کي پنهنجي راڻيءَ جي بي وفائيءَ سبب ويراڳ آيو هو، جنهن ڪري هو اجين جو راڄ ڇڏي ساڌو بڻجي وٽن ڪرڻ نڪري پيو. هيءُ اهو وقت هو جنهن ۾ هن ساڌو راجا پنهنجا مشهور ٽي شرنگار، ويراڳ ۽ نيتي شتڪ ٺاهيا. ڪرنل ٽاڊ پنهنجي راجسٿان نالي مشهور اتهاس ۾ لکيو آهي ته راجا ڀرتري ڪجهه وقت سنڌو نديءَ جي ڪناري سيوهڻ جي شهر ۾ رهيو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ هن جو نالو چڱو وڳل هوندو. چچ نامي ۾ لکيل آهي ته عربن جي ڪاه وقت يعني سنه 712 ۾ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ کي ڀرتري چيو ويندو هو. هيڏانهن سيوهڻ جي پراڻن کنڊرن مان هڪ کنڊر وٽ هڪ مندر آهي جو، ڀرتريءَ جو مندر سڏيو ٿو وڃي.
اڄ ڪلهه اروڙ يا الور جي کنڊرن وٽ گرمي گهڻي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، پر سنه 712 ۾ جڏهن عربن، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت هن شهر جي آب و هوا نهايت سٺي ٿي ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته چچ نامي ۾ ڏيکاريل آهي ته برهمڻ ڪل جو آخرين راجا ڏاهر سال جا اٺ مهينا اروڙ يعني الور ۾ رهندو ۽ باقي چار مهينا برهمڻ آباد ۾ رهندو هو.
ساڌ ٻيلي جي مهنت شري هرنامداس صاحب، وڙکنڊي مهاراج جن جو جيڪو جيون چرتر ظاهر ڪيو آهي ۽ ساڌ ٻيلي جو مختصر اتهاس ڏنو آهي ان ۾ لکيل آهي ته اروڙ جي کنڊر ۾ تمام گهڻو خزانو پوريل آهي. اها ڳالهه گهڻو قدر سچي نظر پيئي اچي، ڇاڪاڻ ته چچ نامي ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي راجا راءِ سهراس کي نهايت گهڻو خزانو هو ۽ کيس ڪيتري پوريل ملڪيت هئي. هيڏانهن گريڪ اتهاسڪارن جو به لکڻ آهي ته عيسوي سنه کان ٽي چار صديون اڳ راجا موسيڪيناس، هندستان جو هڪ وڏو چڪرورتي راجا هو.
[b]برهمڻ آباد:
[/b] سنڌ پرانت جو هيءُ پراچين کنڊر شهداد پور اسٽيشن کان اٽڪل اٺ ميل ڏکڻ اوڀر طرف آهي. سڄي اولهه هندستان ۾ اهڙو هڪ به پراچين کنڊر نه مليو آهي جنهن بنسبت ودوانن جو هڪ ٻئي سان ايڏو متڀيد هجي، جهڙو هن پراچين شهر نسبت آهي. پڇم توڙي پورب جا جيترا ودوان آهن، انهن پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان هن پراچين شهر نبسبت احوال ظاهر ڪيا آهن. هن پراڻي شهر جو احوال چچ نامي کان اڳ جي ڪنهن به لکيل اتهاس مان معلوم نٿو ٿئي، نٿو چئي سگهجي ته اول اروڙ (الور) جو شهر وسيو، ڪين برهمڻ آباد. ”مجمل التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته ”ايران جي گستاسپ نالي بادشاه جي ڏينهن ۾ بهمن نالي سندس هڪ پوٽي هندستان جي هڪ ڀاڱي تي قبضو ڪيو... هن هندن ۽ ترڪن جي ملڪ جي وچ ۾ هڪ شهر وسايو، جنهن کي ڪندابيل يا (ڪندائيل) ڪري سڏيندا هئا.(2).... ٻيو شهر هن ٻڌا(3) نالي ڀاڱي ۾ وسايو، جنهن کي ”برهمڻ آباد سڏيو ويو.“ هڪ بيان موجب اهو شهر منصوره آهي، وڌيڪ ايشور ڄاڻي.(4) اليٽ هن بيان ۾ شڪ آندو آهي، باقي راورٽي پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ بيان کي سچو سمجهيو آهي.
ايران جو بهمن، ارديشر درزدست هو، جنهن کي گريڪ آرٽيڪسرڪس لانگيمينس چوندا هئا. هو عيسوي سنه کان 464 سال اڳ پنهنجي ڏاڏي گستسپ جو وارث بڻيو. مسٽر راورٽي ”زين الڪبر“ نالي تواريخ ۾ لکيل انهيءَ وقت جي اتهاس جو ترجمو ڪندي لکي ٿو ته: ”ايران جي عادل نوشيروان بادشاهه جي هٿ ۾ سنڌ جي طرف جا ڪيترا ملڪ هئا، پوءِ اهي ملڪ کڻي خود سنڌ پرانت جا نه هجن. مجمل التواريخ ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته سڪندر اعظم جي زماني جي ڪفند نالي هڪ هندو راجا پنهنجي براهمڻ نالي ڀاءُ کي وڏي لشڪر سان منصوره فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ منصوره شهر کي اڳي برهمڻ آباد سڏيندا هئا. انهيءَ راجا پنهنجي ڀاءُ کي حڪم ڪيو هو ته ايراني بهمن جيڪي اگني ديوتا جا مندر ٺهرايا آهن، سي ڊهرائي انهن جي جڳهين تي پنهنجا هندڪا مندر ٺهراءِ. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته لاڙڪاڻي جي ڀرسان ڪن کنڊرن جي کوٽائي ڪندي ايران جي سيسانين نسل جي بادشاهن جا ڪي سڪا لڌا ويا آهن جن ۾ هڪ پاسي بادشاهه جو مٿو ۽ ٻئي پاسي باهه (اگنيءَ) جو مورت اڪريل آهي.
پارسي يا عربي اتهاسڪارن، جن گهڻو پوءِ سنڌ جي اتهاس تي ڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن جو صاف چوڻ آهي ته ايران جي بادشاهه گستسپ، عيسوي سنه کان به اٽڪل ساڍيون چار صديون اڳ هندستان جي الهندي ڀاڱي تي ڪاهه ڪري، اهو ملڪ پنهنجي قبضي ڪيو. انهن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ايراني بادشاهه ئي پنهنجن پوٽن مان بهمن نالي هڪ پوٽي کي سنڌ جو راڄ ڏنو، جنهن وري پنهنجيءَ ايامڪاريءَ ۾ بهمن آباد شهر ٺهرايو، جو پوءِ برهمڻ آباد سڏجڻ ۾ آيو. ڏاڏي جي مرڻ جو ٻڌي بادشاهه بهمن ايران ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي تخت تي ويٺو. مرڻ وقت هن بادشاهه، سسن نالي پٽ بدران، همائي نالي راڄڪماريءَ کي ايران جو راڄ ڏنو. راڄڪمار سسن ناراض ٿي پنهنجي ڪٽنب سان سنڌ ۾ هليو آيو، ۽ اچي برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو. هن جي ارديشر نالي پٽ سسن نسل جي بادشاهن جو سلسلو جاري ڪيو.
ايم_ رينالڊ جنهن عربي ۽ پارسي اتهاسڪارن جو مٿيون بيان انگريزيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، تنهن جو وڌيڪ اهو چوڻ آهي ته هوئن سنگ مشهور چيني سيلانيءَ جنهن سنڌ جي راڄڌانيءَ جو پي_ چين_ ڦر_ پولو يعني وجدو پرا نالو لکيو آهي، اهو ساڳيو برهمڻ آباد جو شهر آهي. ڪنهن ودوان جو چوڻ آهي ته برهمڻ آباد جو اهو شهر آهي جنهن جو ذڪر ڪندي سڪندر اعظم جي زماني جي اتهاسڪارن لکيو آهي ته اهو شهر برهمڻن جو آباد ٿيل آهي. عجب اهو آهي جو سڪندر جي ڪاهه جو ذڪر ڪندڙ ٽالمي نالي گريڪ اتهاسڪار کان پوءِ، عربن جي ڪاهه تائين، يعني اٽڪل هڪ هزار سالن جي عرصي ۾ وري ڪنهن به مغربي ليکڪ برهمڻ آباد شهر جو ذڪر نه ڪيو آهي.(5)
جيڪڏهن اسين براهمڻ آباد نسبت ڏنل مٿئين اتهاس کي سچو سمجهون ته پوءِ حقيقت ۾ برهمڻ آباد جو سچو نالو بهمن آباد هئڻ گهرجي. پر عجب اهو آهي جو جيئن هن پراچين اتهاس نسبت ودوانن جا جدا جدا رايا آهن، تيئن عربي توڙي پارسي تاريخن ۾ هن هڪ شهر جا نالا به جدا جدا لکيا ويا آهن، ۽ اهي نالا به اهڙا آهن جو هڪ ٻئي کان ڏهه ڪوهه ڏور مثلاً ڪنهن اتهاسڪار هن شهر کي بهمنو، ڪنهن باميوان، ڪنهن تاميراوان، ڪنهن ممي وان، ڪنهن مير مان، ته ڪنهن بائنواه يا بنينواه به سڏيو آهي.
اهي ته ٿيا عربي ۽ پارسي ودوانن جا هن شهر کي ڏنل جدا جدا نالا. پر گهٽايو يورپين عالمن به ڪين آهي. مئڪمرڊو انهيءَ شهر کي بهمنا، باهمينا ۽ بهنبنا ٿو سڏي.(6) مسٽر برگس بمن واسي، رواورٽي بهمنو ٿو سڏي، ۽ هيڏانهن اليٽ صاحب ماڳهين انهيءَ شهر کي برهمڻ آباد سڏي چوي ٿو ته اهو شهر هاڻوڪي حيدرآباد شهر جي جڳهه تي وسيل هو!!(7) هيتري ساري بيان مان ٻي ڳالهه ثابت ٿئي يا نه ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ ان مان اهو انومان اوس نڪري سگهي ٿو ته هيءُ شهر اتهاسڪ زماني کان يعني ٻن هزارن سالن کان وڌيڪ جهونو هوندو، جنهن جو اتهاس زماني جي پراچينتا ۾ غائب ٿي ويو آهي. باقي هيءُ جو ڪي عالم انهيءَ راءِ جا آهن ته برهمڻ آباد اهو ساڳيو شهر آهي جنهن کي منصوره سڏيو ٿو وڃي ۽ جنهن جو ذڪر چچ نامي ۾ به اچي ٿو، مان ۽ ٻيا ڪيترا ودوان انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. منصوره جو شهر عربن جي ڪاه کان پوءِ رسيل آهي، جو برهمڻ آباد جي غيرآباد ٿيڻ تي، يا ان کان ڪي سال اڳ ان جي ڀرسان وسايو ويو هوندو.
اسلامي ليکڪن براهمڻ آباد نسبت ڇا لکيو آهي تنهنجو ڪجهه احوال مان مٿي ڏيئي آيو آهيان. هاڻ ڏسڻ گهرجي ته هندستاني ۽ غير اسلامي ليکڪ انهيءَ شهر نسبت ڇا ٿا لکن.
سڪندر نسبت باريڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ ايرين ۽ ڊايوڊورس ٻنهي لکيو آهي ته هن الور جي موسيڪاني (موچو ڪرڻ) هندن کي فتح ڪري، پوءِ ”برچمنن جي شهر“ کي تباه ڪيو. سنڌي نقشه ۽ پراچين اتهاس تي نظرثاني ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته جيڪڏهن سنڌو نديءَ جي اوڀر وارو ڪنارو وٺي ڏکڻ طرف هلبو ته الور کان پوءِ سنڌ جي راجا جي ٻيو نمبر گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آباد ئي ملندو. البت الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ سيوستان يعني سيوهڻ جو وڏو ۽ سنڌ جي هڪ گاديءَ جو شهر به ملندو، پر اهو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ آهي ۽ هو، انهيءَ ڪري سڪندر کي الور واسين کان پوءِ برهمڻ آباد نالي سنڌ جي ٻيو نمبر گاديءَ جي شهر واسين سان ئي مکاميلو ۽ مقابلو ڪرڻو پيو هوندو. انهيءَ حساب موجب اها ڳالهه صاف ثابت ٿي ته سڪندر جي زماني ۾ براهمڻ آباد شهر اڳيئي وسيل هو، ۽ ان ۾ براهمڻن جي گهڻائيءَ هئڻ سبب ان کي ”برچمنوئي“ (براهمڻ آباد) سڏيندا هئا.
ايرين ۽ ڊايوڊورس هروڀرو سڪندر جي وقت زنده ڪين هئا. اهي پوءِ ڄاوا ۽ مشهور ٿيا آهن. جيڪڏهن هنن پنهنجي زماني ۾ اها حقيقت ٻڌي هجي ها ته برهمڻ آباد شهر کي ته سنڌواسين، ماڳهين ايران جي بهمن وسايو ته هو انهيءَ ڳالهه کي ذڪر ڪرڻ کان هرگز ڪين رهي سگهن ها. خود سڪندر جو جيون چرتر لکندڙ ۽ ان جي زماني ۾ موجود بلوٽارڪ به سنڌ ۾ ايرانين جي هن بستيءَ جهڙي عجيب ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي!!! انهيءَ مان به ظاهر آهي ته اسلامي ليکڪن جي وشواس ۽ مڃتا موجب سڪندر جي زماني ۾ هاڻوڪي ڦٽل ۽ شهدادپور جي نزديڪ واري کنڊر براهمڻ آباد شهر کي ايرانين جو وسايل نٿي سمجهيو ويو.
هيڏانهن هندستان جي مشهور ويا ڪرڻ آچاريه پتنجليءَ پنهنجي مهاڀاش ۾ عيسوي سنه کان گهڻي ۾ گهڻو ڇهه سو سال اڳ ”براهمنڪا نام جنپد“ اهو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي براهمڻن جو هڪ شهر. پاڻني رشيءَ به پنهنجيءَ ويا ڪرڻ ۾ ساڳئي مطلب سان ”براهمنڪا جنپد“ اکر ڪم آندو آهي. ٻيو ته ڇا، بلڪ ڪن سڪن تي به سنسڪرت ۾ اهي اکر اڪريل آهن. هاڻي جيڪڏهن سچ پچ مسلمان ليکڪن جي سمجهه موجب برهمڻ آباد جو شهر ايرانين جو وسايل هجي ها ته پوءِ انهيءَ ”بهمن آباد“ لفظ کي ”براهمنڪو نام جنپد“ ڪيئن لکيو وڃي ها. انهيءَ حالت ۾ مونکي پڪ آهي ته پتنجلي ۽ پاڻني هندستان جي اتر اولهه سرحد وارن ڪن غير ملڪي بستين ۽ شهرن وانگر انهيءَ شهر کي به يونانين جي ننگري ڪري سڏين ها.
باقي رهيو سوال ته هيءُ جو برهمڻ آباد کنڊر مان ڪن سيسانين نالي پارسي خاندان جي بادشاهن جا سڪا لڌا ويا آهن، تنهن سان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟ منهنجي عقل موجب فقط انهن سڪن جي آڌار تي برهمڻ آباد شهر کي ايرانين جي بستي سڏڻ اجايو آهي. ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ ايران جي ڪن بادشاهن جي سنڌ تي حڪمراني يا ڪاهه ٿي هجي، ۽ جنهن صورت ۾ برهمڻ آباد جو شهر سنڌ جو هڪ وڏو شهر ۽ ٻيو نمبر گاديءَ جو هنڌ هو، تنهن صورت ۾ انهيءَ شهر جي کنڊر مان ڪي انهن بادشاهن جا سڪا هلايا ويا يا آيا هجن. ائين ته هن وقت سنڌ جي شڪارپور شهر ۾ بخاري جي پاسي جا هزارن بلڪ لکن رپين جا نوٽ ۽ سڪا ڏسڻ ۾ ايندا، ڇا، فقط انهيءَ آڌار تي اهو انومان ڪڍيو ويندو ته شڪارپور جو شهر بخاري جي غير سنڌي ۽ غير هندو ماڻهن وسايو هوندو؟
انهن مڙني دليلن ۽ ڳالهين سبب مان انهيءَ راءِ جو آهيان ته برهمڻ آباد جو شهر سنڌ جي انهن ودوان ۽ طاقتور براهمڻن جي نالي تي وسيل آهي جن جي هاڪ سڪندر جي گريڪ اتهاسڪارن ڪئي آهي، ۽ جن جو ذڪر سنسڪرت گرنٿن ۾ عام جام اچي ٿو. باقي ايرانين کي ٽپائي آڻڻ ته محض مخولبازي ۽ تعصب آهي.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته برهمڻ آباد جو کنڊر موئن جي دڙي جي کنڊر جيان، تهن مٿان تهه ٿيل آهي. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هيءُ پراچين شهر هڪ وقت وسيو ۽ ڦٽو نه آهي. بلڪ ڪنهن مهل ڦٽو آهي ته وري ساڳئي هنڌ تي نئون شهر اڏايو ويو آهي. هن کنڊر ۽ عربن جي زماني جون ڪي مسلماني جڳهيون ڏٺيون ويون آهن، جن جي بنياد ۾ وري هندو زماني جون وڏيون سرون پيل آهن، جنهن مان اهو دليل ڪڍيو ٿو وڃي ته عربن ڪن هندو جڳهين کي ڊهرائي انهن جي ئي مال مان ٻيون جڳهيون ٺهرايون هونديون.
هن کنڊر جي جيئن هيٺين تهن جي کوٽائي ڪئي ويئي، تيئن انهن مان ڪيتريون هندوڌرمي مورتون ۽ ٻيون شيون لڌيون ويون. جيئن ته شو پارپتي، گڻپتي ۽ سورج ڀڳوان. ڪي ننڍيون ٽامي جون بتيون، هڪ ننڍي شيشي جي بوتل، پٿر جو ٺهيل ڪيرتي مک ۽ هڪ پاٽئي سان گڏ ڪي ٺڪر جا ٿانو به لڌا ويا آهن جن جي ويڪر ڏيڍ فوٽ کان وڌيڪ نه هوندي. ڏسجي ائين ٿو ته شايد اهي کوه هر ڪنهن گهر ۾ هوندا.
برهمڻ آباد جي کوٽائي ڪندي ڪيترن هنڌن تان مٽيءَ جا رانديڪا ۽ چوڙا به لڌا ويا آهن.ڪي پٿر ۽ شيشي جا مڻڪا به هٿ آيا آهن. شيشي جون عطر دانيون ۽ هندو ديوتائن جون مورتون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ڪيترا سڪا ۽ سڪن ٺاهڻ لاءِ مٽيءَ جا سانچا به هٿ لڳا آهن. ڪن هنڌان تلوارن جا لوهه مان ٺهيل ڦر ۽ ڇرا پڻ مليا آهن. اهي اهڙيون شيون آهن جيڪي اتر هندستان جي گهڻو ڪري هر ڪنهن کنڊر مان لڀن ٿيون.
برهمڻ آباد جي کنڊر مان جيڪي مهرون يا سڪا هٿ آيا آهن، انهن مان ڪن تي عربي اکر اُڪريل آهن. مسٽر بيلاسس انهيءَ کنڊر مان هڪ اهڙي به مهر هٿ ڪئي آهي جنهن ۾ ديوناگري اکر لکيل آهن. انهن مهرن جي ساراهه ڪندي هيءُ صاحب لکي ٿو ته: ” برهمڻ آباد جي کنڊرن مان جيڪي عجيب ۽ تپرس ۾ وجهندڙ مهرون هٿ آيون آهن انهن مان ڪي اهي آهن جن ۾ سنگ سليماني پٿر تي ڪي تصويرون اڪريل آهن. انهن مان ڪي ته ڪمال درجي جي هنر واريون آهن. انهن کي ڏسي روم جا ٺپيل چٽ اچيو ياد پون. انهن تي نهايت سهڻي نموني جي پالش ٿيل آهي. انهن مهرن مان ڪن تي ڍڳي، ڪن تي شينهن، ڪن تي عربي ته ڪن تي ديو ناگري اکر اڪريل آهن. انهن مهرن ۾ گهڻو انداز گول ۽ بيدي جي صورت وارين مهرن جو آهي.“
برهمڻ آباد جي کنڊرن مان هڪ هنڌان هندو ڌرم جون ڪيتريون مورتيون لڌيون ويون آهن. هڪ نهايت سهڻو پٿر جو وڏو اٽڪل پنج فوٽ ڊگهو فريم لڌو ويو آهي، جنهن جي وچ ۾ ديوتا جي مورتي آهي. انهيءَ پٿر جي فريم تي عاليشان نموني جي ٽڪ جو ڪم ٿيل آهي. هڪ سورج ڀڳوان جي مورتي لڌي ويئي آهي جنهن جي ٻنهي هٿن ۾ ڪمل جا گل آهن. سورج جي مورت جي ساڄي پاسي برهما جي مورت آهي، جنهن کي ٽي منهن آهن. وري ڏائي پاسي شو مهراج جي مورتي آهي، جنهن جي گلي ۾ نانگ ۽ منڊ مالها پيل آهي. هن کنڊر ۾ گڻپتي ديوتا جون به ڪيتريون ئي مورتيون لڌيون ويون آهن. ڏسجي ٿو ته ڪنهن وقت اتر هندستان ۾ سورج ڀڳوان جي گهڻي پوڄا ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سڀني پراچين کنڊرن مان توڙي ملتان شهر مان سورج ڀڳوان جون ڪيتريون ئي مورتون لڌيون ويون آهن. ملتان ۾ ته ڪنهن سمي ۾ سورج ڀڳوان جو هڪ وڏو مندر هو، جنهن کي عربن جي سينا پتيءَ محمد بن قاسم، سنڌ فتح ڪندي ڊاٺو، ۽ ان کان پوءِ محمد غزنويءَ کيس برباد ڪري ڇڏيو. چين جي سيلاني هوئن سانگ لکي ٿو ته: ”سندس وقت ۾ ملتان ۾ براهمڻن جا اٺ وڏا مندر هئا، جن ۾ سورج يعني آدتيه ڀڳوان جو مندر سڀني کان شاندار هو. انهيءَ ساڳئي سمي ڌاري سنڌ جي ڏکڻ واري سرحد جي ڪاٺياوار پرانت ۾ به سورج جي تمام گهڻي پوڄا ٿيندي هئي.
برهمڻ آباد جي کنڊرن مان ٻن قسمن جي ٽامي جا سڪا لڌا ويا آهن. هڪڙا ٿلها ۽ سهڻا آهن، ٻيا ننڍا ۽ سنها آهن. پڇمي پنڊتن جهڙوڪ هينري ڪزنس جو رايو آهي ته ٿلها ۽ سهڻا سڪا شايد مسلمان خليفن جا سندن ملڪ ۾ ٺهيل آهن، باقي سنها ۽ ننڍا سڪا سنڌ جا ٺهيل آهن.
هڪ هنڌ ڪيترن ماڻهن جا هڏا ۽ ڪوئلن جي رک ڏٺي ويئي، انهيءَ مان ودوانن اهو انومان ڪڍيو آهي ته شايد انهيءَ هنڌ هندن جو مساڻ هوندو جو عربن جي ڪاهه کان اڳ گهڻو ڪري درياهه جي ڪپ تي هوندو هو. پر پوءِ جيئن عربن جي حڪومت قائم ٿي تيئن درياهه جي ڪپ تي مساڻ ٺاهڻ يا مردن جلائڻ جي رسم بند ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته عربن ۽ مسلمانن جي طرفان اهو دليل ڏنو ويو ته انهيءَ ڪري درياهه جو پاڻي خراب ٿو ٿئي.
برهمڻ آباد جي کنڊرن ۾ هڪ اوچو ٺل ڏٺو ويو آهي جو زمين کان اٽڪل 38 فوٽ مٿي آهي. آسپاس جا ماڻهو چون ٿا ته انهيءَ هنڌ تي راجا دلوراءِ جو محلات هو، پر پراچين وستو وگيانين انهيءَ ٺل جي کوٽائي ڪري ڏٺو آهي ته ان مان محلات جي ڍنگ جي ڪابه شيءِ هٿ نه آئي. ڪن ودوانن جو رايو آهي ته شايد شهر تي ڪاهه ڪندڙ ڌاڙيل تي نظر رکڻ لاءِ وقت جي راجائن، شهر جي وچ ۾ اهو ٺل ٺهرايو هجي.
هنن کنڊرن جي کوٽائي ڪندي هڪ هنڌان چٽساليءَ واريون سرون لڌيون ويون آهن. ودوانن جو رايو آهي ته شايد انهيءَ هنڌ ڪو ٻڌ ڌرمي مندر هوندو. پر اهو مندر ايترو جهونو نظر نٿو اچي. ممڪن آهي ته اهو مندر ڪنهن جهوني مندر جي کنڊر مٿان ٺهرايو ويو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ٻڌ ڀڳوان جون ڪي هاٿيون هن مندر ۾ به پوريل هجن، ڇاڪاڻ ته راجا اشوڪ هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ ٻڌ ڀڳوان جي هاٿين تي مندر ٺهرايا هئا، جن مان هڪ ميرپور خاص جي ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٻيو ٽنڊي محمد خان جي سڌ سڏيئرن جي دڙي ۾ آهي. برهمڻ آباد ۾ جيڪي چٽيل سرون ڏٺيون ويون آهن، ڪرنل ڪننگهام اهڙي نموني جون سرون شور ڪوٽ ۽ يوسفزائيءَ جي کنڊرن ۾ ڏٺيون هيون.(8) هن ودوان، برهمڻ آباد جي ڪن سرن تي اکر اُڪريل ڏٺا جي ارڙهن اوڻيهن سو سالن جا جهونا سمجهيا ٿا وڃن. اهڙي نموني جي اُڪريل اکرن واريون سرون مير رڪڻ جي ٺل مان به لڌيون ويون آهن.
[b]ڪاهوءَ جو دڙو:
[/b] هيءُ دڙو ميرپور خاص شهر جي اتر ۾ اٽڪل اڌ ميل جي مفاصلي تي آهي. ميرپور خاص جو شهر بلڪل تازو وسيل آهي. اتهاس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنه 1806ع ۾ مير علي مراد ٽالپر وسايو هو. اهو هنڌ سنه 1793ع ۾ منڪاڻي ميرن جي هٿ ۾ آيو . اهو شهر مير شير محمد خان ٽالپر جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن کي 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر دُٻي جي ڳوٺ وٽ شڪست ڏني هئي.
ڪاهوءَ جو دڙو اٽڪل ٽيهن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي، جنهن جي اول ته ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته انهيءَ دڙي ۾ سنڌ جي اتهاس جا ڪهڙا خزانا ڀريل آهن. ريلوي جا ٺيڪيدار ۽ آسپاس جا ماڻهو ڪاهوءِ جي دڙي جي اتر واري حصي ۾ ٻڌ ڌرم جو هڪ ٺل (اسٽوپ) ٺهيل آهي، جو اس ۾ سڪايل سرن مان ٺهيل آهي، ان ۾ اهڙي نموني جون سرون به ڪتب آندل هيون جيڪي اتر هندستان ۽ پنجاب منجهان لڌل ٻڌ ڌرمي مندرن مان کوٽي لڌيون ويون هيون. هن صاحب کان اڳ سنڌ جي الڪٽنگ ڪمشنر جنرل جان جيڪب به هن دڙي جي کوٽائڻ جو حڪم ڪيو. پر ان وقت ان کي دلچسپيءَ واري ڪابه ڳالهه ڏسڻ ۾ نه آئي.
جيمس گبس مهاشيه 1859 ۾ هن دڙي کي کوٽايو هو. هن پنهنجي کوٽائيءَ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته ٽن ڏينهن جي کوٽائيءَ کان پوءِ اسان کي سائي رنگ جي پٿر جو هڪ مصري ڍنگ (ايجپت جي ماڻهوءَ) جو سر ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڪي گهڙيل سهڻيون سرون به هٿ لڳيون. اهو پٿر جو سر، سر فريئر ڪراچي ميوزئم ۾ وڃي رکيو.
سنه 1894ع ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر ووڊيرن، ڪن ٺيڪيدارن جي قبضي مان، انهيءَ دڙي مان کوٽي ڪڍيل سهڻيون گهڙيل سرون ۽ ٻڌ ڀڳوان جي هڪ مورتي هٿ ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ئي هينري ڪزنس هن دڙي جو کوٽائڻ شروع ڪرايو. کوٽائي ڪندي هن کي هن ٻڌ ڌرم جي جهوني ٺل يا اسٽوپ جي مڪان مان هڪ عجيب ڳالهه نظر آئي. هن وقت تائين آرڪيالاجيڪل ڄاڻن ۽ ڪن ٻين ماڻهن جي دلين ۾ اهو وشواس ويٺل هو ته مسلمانن جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ ونگ ٺاهڻ جو هنر هو ئي ڪونه. پر ڪاهوءَ جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ڏٺو ويو ته ڪن هنڌن تي، ايرانين جي اڳيان نهايت پڪين ۽ سٺين سرن جون ونگون ٺهيل آهن. انهن ونگن ۾ جيڪي سرون ڪتب آيل آهن، اهڙيون سرون برهمڻ آباد مان به هٿ آيون آهن. الهندي طرف جي هڪ ڀت جي کوٽائي ڪندي هينري ڪزنس کي هڪ ڀت ۾ ڪي وڏا ڪٻٽ نظر آيا، جن جا تاڪ غائب هئا، باقي چائنٺيون اڃا سالم هيون. انهن چائنٺين جي هيٺان سوا اٺن انچن واريون سينگاريل ۽ گهڙيل سرون ڏسڻ ۾ آيون، جن تي هڪ زال جنهن جي هٿ ۾ پاڻيءَ جو گهڙو هو، اڪريل هئي. هر ڪنهن طرف جي ڀت ۾ اهڙي قسم جا ڪٻٽ ڏٺا ويا، پر انهن ڪٻٽن ۾ جيڪي سرون ڪم آيل هيون، انهن تي اڪريل مورتون زماني جي گردش سبب غائب ٿي ويون هيون. اتر طرف جي هڪ ڀت جي ڪٻٽ مان ٻڌ ڀڳوان جي هڪ مورتي هٿ آئي جنهن جا هٿ ڀڳا پيا هئا. انهيءَ هنڌ تان جيڪي به ٻڌ ڀڳوان جون مورتون هٿ آيون، انهن ۾ ٻڌ ڀڳوان کي ٻنهي ڪلهن جي مٿان بوڇڻ پيل هو ۽ ڪمل جي گل تي ويٺل هو. هن جون اکيون ۽ چپ بند رکيا ويا هئا. جن ڪٻٽن مان ٻڌ ڀڳوان جون مورتون لڌيون ويون، انهن جي مٿان جيڪي ونگون ٺهيل هيون، سي نهايت ئي عجيب نموني جون هيون. اهي ايلورا جي مشهور غارن ۾ وشو ڪرما جي ٺهيل ونگ کان بنهه نئين ۽ نرالي ڍنگ تي ٺهيل هيون.
هڪ ڪمري مان اٽڪل ڇٽيهه سڪا به هٿ ڪيا ويا، جن مان ڪوبه سڪو ٽامي جي نظر نه آيو. هڪ ٺل جي مرڪز ۾ ته 25 فوٽ اونهو هڪ کوه به نظر آيو. انهيءَ جي وچ ۾ هڪ چوڪنڊو ٿلهو نظر آيو، جنهن جي کوٽائي ڪندي ڪيترا قيمتي پٿر، جهڙوڪ هيرا، موتي، سون جي هڪ منڊي ۽ ڪي سڪا هٿ آيا، جنهن مان ائين سمجهيو ويو ته اهي شيون شايد ٻڌ ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان ڀيٽا رکيون ويون هونديون.
هڪ هنڌان هڪ بوتل هٿ ڪئي ويئي جنهن کي چانديءَ جي ٽوپي يا ٻوچ ڏنل هو. ان ٻوچ جي مٿان هڪ ٽامي جي منڊي نظر آئي. انهيءَ بوتل جي اندر ويلڻ جي ڍنگ جي هڪ ننڍي دٻلي پيل هئي. اها دٻلي هڪ سون جي پتي ۾ ويڙهيل هئي، جو پتو اهڙو ته پئي چمڪيو، جهڙو ڪنهن ڪاريگر اڄ ٺاهيو آهي. دٻليءَ جي ويڪر هڪ انچ کان گهٽ ڪانه هوندي. دٻليءَ اندر سون جو هڪ پتر ڏٺو ويو جنهن ۾ رک سان گڏيل ڪا نهايت ننڍي شيءِ ويڙهيل نظر آئي. مسٽر ڪزنس نٿو ٻڌائي سگهي ته اها شيءِ ڇا هئي، پر منهنجي انومان موجب اها شيءِ ٻڌ ڀڳوان جي هاٿي هوندي، جنهن تي راجا اشوڪ ڪهوءَ جي دڙي ۾ ٻڌ ڌرمي مندر اڏايو هوندو.
پڪين سرن سان ٺهيل هڪ وڏي ڪمري جي ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه جي ڪنڊن ۾ سرن ۽ پٿرن جي وچ ۾ هڪ مٽيءَ جو ٿانو رکيل هو، جنهن ۾ واري پيل هئي. انهيءَ ٿانو جو منهن بلڪل سوڙهو هو. ائين سمجهيو پئي ويو ته انهن مٽيءَ جي ٿانون ۾ ڀريل واريءَ اندر ضرور ڪانه ڪا شيءِ رکي ويئي هوندي، پر چڱيءَ ريت جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته انهيءَ واريءَ اندر ڪابه لڪل شيءِ ڪانه هئي. البت اهي مٽيءَ جا ٿانو دلچسپيءَ کان خالي ڪين هئا.
ڪاهوءَ جي دڙي مان جيڪي پڪل سرون هٿ آيون آهن انهن تي نهايت سهڻي نموني جي گلڪاري ٿيل آهي. انهن جو سينگار ۽ چٽسالي گريڪ ڍنگ جي نظر ٿي اچي. انهيءَ مان ڪن مغربي ودوانن ۽ هينري ڪزنس جو اهو انومان آهي ته ڪاهوءَ جي دڙي تي گريڪ سڀيتا جو چڱيرو اثر هو. اهڙي نموني جون سرون قنڌار جي ٻڌ ڌرمي مندرن ۾ به ڏٺيون ويون آهن.
ٻن سرن تي ڪٻير ديوتا جون مورتون اڪريل ڏٺيون ويون. مغربي ودوانن جو رايو آهي ته ڪٻير ديوتا جون مورتون، مندر ٺهرائيندڙ داني پرشن جون عيوضي آهن، باقي هروڀرو هندن جي ڌن جو ديوتا، ٻڌ ڌرمي مندرن ۾ آڻي نه رکيو ويو هوندو. فرگوسن جي ”انڊين اينڊ ايسٽرن آرڪيٽيڪچر“ ۽ ڪننگهام جي رپورٽ ۾ ڏيکاريل آهي ته، ڪاهوءَ جي دڙي مان گوتم ٻڌ جي جيڪا بيٺل مورتي لڌي ويئي آهي سا ڪارٿين نموني جي ڪاريگري آهي جا قنڌار جي رستي هندستان ۾ داخل ٿي هوندي. ڪيتريون ٻڌ ڀڳوان جون اهڙيون مورتون لڌيون ويون آهن، جن ۾ هو ڌيان ۾ مگهن ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويٺو آهي. سندس ٻئي هٿ سندس گوڏن تي رکيل آهن ۽ هٿن جون تريون کليل ۽ اڀيون آهن. اهڙيون سڀ مورتون رنگ لڳل آهن. ٻنهي ٻانهن جي مٿان ويڪرو ٿيل بوڇڻ سونهري رنگ جو آهي، ۽ اکيون ڪاري رنگ جون آهن.سڄو بت بوڇڻ سان ڍڪيل آهي. بوڇڻ جي هيٺان ٽنگن ۾ سٿڻ پيل ٿي ڏسجي. وڏي ڳالهه اها آهي جو بوڇڻ جي هيٺان آيل ٽنگون صاف نظر پيون اچن. هن جا وار وريل آهن. پيشانيءَ جي وچ ۾ گول تلڪ وانگر ڪجهه نظر اچي ٿو، جو ٻڌ ڌرمي ماڻهن جي وشواس موجب گوتم ٻڌ جي گيان جي نشاني آهي.
مٽيءَ جون ٺهيل ڪي پٽيون ڀڳل جڳهين جي مٿين تهن مان لڌيون ويون آهن سمجهجي ٿو ته اهي گهڻو پوءِ جي زماني جون هونديون. ائين به پيو نظر اچي ته هيءُ ٻڌ ڌرمي ٺل يا مندر جيتوڻيڪ ڊهي ويو تنهن هوندي به انهيءَ مندر جي کنڊر جي ماڻهو پوڄا ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڀڳل مندر جي مٿان پوڄا جون ڀيٽائون ۽ شيون رکيل نظر آيون.
مٿي ذڪر ڪيل مٽيءَ جي پٽين تي جيڪي گوتم ٻڌ جون مورتون ٺهيل آهن، انهن مان ڪن ۾ هو ٻوڌي درخت جي هيٺان ڌيان ۾ مگهن ويٺو آهي، ڪن ۾ ته ماڳهين يورپين ڍنگ تي ٽنگون هيٺ لڙڪائي ويٺو آهي. ڪن هنڌ هن جو هڪ ڪلهو اگهاڙو ۽ ٻيو ڍڪيل نظر اچي ٿو، جيئن بمبئي پرانت جي اجنتا غارن ۾ آهي. اهي مٽيءَ جون پٽيون يا مورتون بيدي جي صورت جون آهن. انهن مورتن سان گڏ ڪي سڪا به هٿ آيا، جن نسبت پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ڀيٽا طور رکيا ويا هوندا. انهن سڪن مان ڪن تي عربي اکر اڪريل آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته اهي عربن جي ڪاه جي وقت جا سڪا هوندا. اهڙا سڪا برهمڻ آباد جي کنڊر مان به لڌا ويا آهن. ممڪن آهي ته عربي زماني جا سڪا نهرا هئڻ سبب زمين مان هيٺ لنگهي ويا هجن ۽ وڃي مٽيءَ جي مورتن سان مليا هجن، انهيءَ ڪري ڪن ودوانن جو اهو رايو آهي ته ڀيٽا جا اهي سڪا، جڏهن اهو مندر ڊهي ويو هوندو تڏهن ڪن پريمي ڀڳتن لنگهندي پائيندي رکيا هوندا. اها ڳالهه انهيءَ مان به ظاهر آهي جو سڪا مورتن جي اڳيان جيئن جو تيئن رکيا آهن.جيڪڏهن مندر سالم هجي ها ته ان ۾ ٻڌ ڌرمي ڀکشو به موجود هجن ها، جي هوند اهي ڀيٽا جا پيسا کڻي وڃن ها. انهن سڀني ڳالهين مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ٿئي ته عربي زماني جا سڪا، مندر جي سالم حالت ۾ ڀيٽا طور نه رکيا ويا هوندا، ۽ گهڻي قدر ممڪن آهي ته اهي سڪا برسات وغيره جي موقعن تي بار سبب زمين جي اندرين تهن تائين هليا ويا هجن ۽ اهي گهڻو پوئين زماني ۾ ڀيٽا طور رکيا ويا هجن.
جنهن ڪمري مان ٻڌ ڀڳوان جون هاٿيون هٿ آيون، انهيءَ ڪمري مان به ڪي سڪا هٿ آيا آهن، پر انهن جي شڪل ۽ صورت مان ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي ته اهي ڪهڙي راجا ۽ وقت جا آهن.
ٻڌ ڀڳوان جي هاٺيءَ واري بوتل جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان. مون انهيءَ هنڌ ڏيکاريو آهي ته انهيءَ بوتل تي چانديءَ جو ٻوچ ڏنل هو. پرعجب جي ڳالهه اها آهي جو انهيءَ بوتل جو ترو به چانديءَ جو هو، جنهن مان ڪن ودوانن اهو انومان ڪڍيو آهي ته جنهن وقت ٻڌ ڀڳوان جو هاٺين جي انهيءَ مندر ۾ اسٿاپنا ڪئي ٿي ويئي، تنهن وقت بي خبريءَ کان اها بوتل، ماڻهوءَ جي هٿن کان ڇڏائجي وڃي زمين تي ڪري هوندي ۽ ان جو ترو ڀڄي پيو هوندو. باقي رهيو سوال ته ڀڳل بوتل ڦٽي ڪري هاٺيون ڪنهن نئين بوتل ۾ ڇو نٿي وڌيون ويون. انهيءَ جو جواب اهو ٿو ڏنو وڃي ته اها ڀڳل بوتل به پوتر سمجهي ويندي هوندي جنهن ڪري ان کي ڦٽو ڪرڻ گناه سمجهو ويندو هوندو.
ڪاهوءَ جي دڙي مان هڪ هنڌان تبرڪ دان جا ڪي ڀڳل ٽڪر نظر آيا، جنهن مان ائين سمجهيو ٿو وڃي ته ڀڳوان گوتم جون هاٺيون اول جدا جدا تبرڪ دانن ۾ بند رکيون ويون جي پوءِ راجا اشوڪ هندستان جي جدا جدا هنڌن ڏانهن موڪلي ڏنيون ۽ انهن جي مٿان مندر ۽ ٺل ٺهرايا. هيءُ جو کنڊر مان ڪن هنڌان سون ۽ چانديءَ جي پتري ۾ ويڙهيل رک هٿ آئي، ان نسبت مغربي ودوانن جو اهو رايو آهي ته اها رک ٻڌ ڀڳوان جي مکيه چيلن يا راجا اشوڪ جي دوست ۽ ساٿيءَ اپگپت جي هوندي. هيءُ اپگپت اهو ٻڌ ڌرمي ڀکشو هو جنهن سڄيءَ سنڌ جو سير ڪري ٻڌ ڌرم جو خوب پرچار ڪيو. مسٽر ڪننگهام ڀلسا ٺلن جي جاچ ڪندي ڏٺو هو ته گوتم ٻڌ جي هاٺين سان گڏ ٻين ٻڌ ڌرمي ڀکشن جون به هاٺيون ساڳين مندرن ۾ پوريون ويون هيون. سانچيءَ جي اسٽوپ مان به گوتم ٻڌ جي هاٺين سان گڏ ٻين ڀکشن جون هاٺيون هٿ آيون آهن، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪاهوءَ جي دڙي مان به گوتم ٻڌ سان گڏ ٻين ٻڌ ڌرمي سنياسين جون هاٺيون پوريل يا سانڍيل هٿ آيون ته ڪا نئين ۽ عجب جي ڳالهه نه چئبي.
چيني ياتري هوئن سنگ، جو مغربي ودوانن جي قول موجب ستين صديءَ ۾ هندستان گهمڻ آيو، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي سنگهه ڏٺا جن ۾ ڏهه هزار ڀکشو اڀياس ڪري رهيا هئا. هن ائين به لکيو آهي ته: ”جنهن وقت تٿ گت (گوتم) هن سنسار ۾ جيئرو هو، تنهن وقت هو سنڌ مان گهڻي قدر لنگهندو رهيو، انهيءَ ڪري راجا اشوڪ انهن هنڌن تي پوتر اسٽوپ کڙا ڪرايا جن هنڌ سنڌ ۾ ٻڌ ڀڳوان جي رهڻ جون ثابتيون موجود هيون. ڀڳوان ٻڌ جو مکيه شش اپگپت ته سنڌ ۾ گهڻو ئي وقت رهيو ۽ ماڻهن ۾ ٻڌ پنٿ جو پرچار ڪندو رهيو. هو جن هنڌن تي رهيو ۽ جن جڳهين تي هن ڪي نشان ڇڏيا، انهن هنڌن تي سنگهه يا اسٽوپ ٺهرايا ويا. اهي جڳهيون هر ڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. (9)
ڪاهوءَ جي دڙي مان لڌل چانديءَ جي دٻلي جنهن ۾ وري سون جي دٻلي پيل هئي، تنهن کي هڪ سوني پن ۾ ويڙهيو ويو هو. اهو سون جو پنو، دڙي جي کوٽڻ مهل اهڙو چلڪيو پئي ڄڻڪ ڪاريگر ٺپي ٺاهيو آهي.
سون جي دٻلي به ساڳي حالت هئي. هاڻي جيڪڏهن بنهه اندرين چانديءَ جي ٻيءَ دٻليءَ ۾ لڌل شيءِ کي ڪا رواجي شيءِ ڪري ٿو سمجهجي ته سوال پيدا ٿيندو ته اهو ڪهڙو سبب هو جو چانديءَ جي ننڍيءَ دٻليءَ کي وڌيڪ قميتي سون جي دٻليءَ ۾ وڌو ويو؟ پڌرو آهي ته ان ۾ ڪانه ڪا قميتي ۽ پوتر شيءِ پيل هوندي. انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن اندرين دٻليءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي هاٺي پيل سمجهي وڃي ته اهو ماڻهو رواجي نه بلڪ خود ٻڌ ڀڳوان هوندو.
هن دڙي جي مرڪزي مندر مان جيڪا مورتي لڌي ويئي آهي، سا نه فقط عجيب آهي، پر دلچسپيءَ واري به آهي. انهيءَ مورتيءَ جا پير ڪپيل هئا، جي ڪيتري به ڳولا ڪرڻ تي هٿ نه اچي سگهيا. ودوانن جو رايو آهي ته اها مورتي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي هوندي. اهڙي ڍنگ جي ٻي مورتي انهلواڙا پاٽن مان به لڌي ويئي آهي. انهيءَ مورتيءَ جي به هوبهو ساڳي شڪل آهي. ابو پهاڙ جي پراچين مندرن مان به تيجپال ۽ وستوپال جي ساڳي مورتي لڌل آهي. (10)
اها ته پڪ اهي ته اها مورتي ٻڌ ڀڳوان جي نه آهي. مورتيءَ جي مٿي تي پڳڙي پيل آهي ۽ هن جي ساڄي هٿ ۾ ڪمل گل آهي ۽ ڏائو هٿ چيلهه تي رکيل آهي. هن جي بت تي بلڪل ٿورا ساوا ڪپڙا پيل ڏسڻ ۾ ٿا اچن. اهڙي نموني جي سادگي گهڻو ڪري جين پنٿي پوڄارين ۾ نظر ايندي آهي. مون مٿي ڏيکاريو آهي ته مورتيءَ جي مٿي تي پڳڙي نظر ٿي اچي، تنهن نسبت ڪن ودوانن جو رايو آهي ته اهي ڊگها وار آهن، ڇاڪاڻ ته اورنگ آباد شهر مان جيڪي ٻڌ ڌرمي مورتون کوٽي ڪڍيون ويون آهن، انهن جي مٿي تي به ساڳئي ڍنگ جا سينگاريل وار آهن.
اها مورتي رنگين نظر آئي. منهن جو رنگ ڪڻڪ يا سون جهڙو هو، بت تي ويڙهيل ڪپڙو ڳاڙهي رنگ جو نظر ٿي آيو. مٿي جا وار، ڀرون ۽ مڇون ڪاري رنگ جون هيون. هن جي ڏائي هٿ ۾ جو چيلهه تي رکيل آهي، هڪ ڳوٿري به نظر آئي ٿي، جنهن مان ڪن جو اهو نومان آهي ته ا ها مورتي ڪاهوءَ جي دڙي واري ٻڌ اسٽوپ يعني مندر ٺهرائيندڙ دانيءَ جي هوندي.
هيءُ جو سنڌ گزيٽئر ۾ لکيل آهي ته ڪاهوءَ جي دڙي وارو مندر يا اسٽوپ پنجين صديءَ جو پراڻو هوندو، تنهن نسبت هينري ڪزنس لکي ٿو ته منهنجي نظر ۾ اهو مندر گهٽ ۾ گهٽ چوٿين صديءَ ۾ ٺهيل هوندو. سندس اهو به رايو آهي ته انهيءَ وقت کان به پراڻو ٿي سگهي ٿو. ڪن مغربي ودوانن جو رايو آهي ته راجا اشوڪ انهيءَ هنڌ جيڪو مندر اڏايو هوندو سو ڦٽي ويو هوندو ۽ تازو ڳولي لڌل ڦٽل مندر راجا اشوڪ واري مندر جي مٿان ٺهرايو ويو هوندو. باقي انهيءَ دڙي مان ٻڌ ڌرمي مڙهين جا جيڪي نشان ۽ ڦٽل جڳهيون نظر آيون آهن، سي قنڌار جي ٻڌ ڌرمي مڙهين سان هوبهو ملي ٿيون اچن.
ڪاهوءَ جي دڙي مان کوٽي لڌل ٻڌ ڌرمي اسٽوپ ڪو سنڌ ۾ پنهنجي ڍنگ جو اڪيلو نه آهي. اهڙي ڍنگ جا اسٽوپ سنڌ جي ٻين پراچين شهرن، جهڙوڪ سڌ سڏيرن جو دڙو، ڏيپر گهانگهرو (برهمڻ آباد جي ويجهو) ميررڪن (مورو تعلقو) وغيره مان به لڌا ويا آهن.
ڪاهوءَ جي دڙي مان لڌل چٽساليءَ جي سرن کي ڏسي مسٽر ڪننگهام پنهنجي رپورٽ جي پنجين جلد ۾ لکيو آهي ته اهڙي نموني جون سرون ڪشمير جي سرحد تي بيٺل جمال ڳڙي (يوسف زائي) ۽ ٻين هنڌن تان کوٽي ڪڍيون ويون آهن.
مجمل التاريخ، جنهن نسبت مون هن ڪتاب جي ڪنهن ڀاڱي ۾ ڏيکاريو آهي، اها تاريخ ڪنهن سنسڪرت گرنٿ تان ترجمو ٿيل آهي، لکيل آهي ته ڪشمير جي راجا ڪنشڪ، سنڌ جي سواندي شهر ۾ هڪ وڏو ٻڌ ڌرمي مندر ٺهرايو. اهو سوانديءَ جو شهر هن وقت ڏيپر گهانگهرو سمجهيو ٿو وڃي. ڪاهوءَ جو دڙو انهيءَ سواندي شهر جهڙو پراچين آهي.
منهنجي نظر ۾ مٿيان رڳو ڪن اتهاس ليکڪن جا ٽٻ آهن. باقي ڪاهوءَ جو دڙو برهمڻ آباد واري ڏيپر گهانگري جي دڙي کان گهڻو اڳ جو آهي. راجا ڪنشڪ جي ڳالهه هڪ خيالي گپوڙو آهي. ڪيئن به ڪاهوءَ جي دڙي کي عيسوي سنه کان پوءِ جو نه، بلڪ اڳ جو ئي سمجهي سگهجي ٿو. البت هن دڙي مان کوٽائي ڪندي ڪا اهڙي شيءِ نه ملي سگهي آهي جنهن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ته سنڌ جو هيءُ پراچين ۽ قابل فخر شهر، موئن جي دڙي يا آمريءَ جي دڙي جهڙو جهونو آهي.
ڊاڪٽر ڀانڊارڪر، ڪاهوءَ جي دڙي جي جيڪا کوٽائي ڪرائي، تنهن ۾ ڪيتريون عجيب ڳالهيون ظاهر ٿيون. هن ڏٺو ته انهيءَ دڙي ۾ ٻڌ زماني جون ڪيتريون شيون موجود هيون، ۽ اتي ٻڌ ڌرم جا هڪ ٻه نه، بلڪ ڪئين اسٽوپ موجود هئا. انهن سڀني اسٽوپن مان هاٺين جا برتڻ لڌا ويا، جي هاٺيون شايد وڏن وڏن ٻڌ پنٿي ڀکشن جون هجن. پر اهي اسٽوپ يا انهن مان لڌل مورتون گهڻو ڪري مٽيءَ جون ٺهيل هيون. ٻڌ ڀڳوان جي هڪ دلچسپ ۽ عجيب مورتي به لڌي ويئي جا سوني پتري ۾ ويڙهيل هئي. انهيءَ مورتيءَ ۾ ٻڌ ڀڳوان پيرن ڀر کڙو ٿيو بيٺو هو. اهڙي نموني جي مورت سر آريل اسٽين بلوچستان جي کوتان کنڊر مان ڳولي لڌي آهي.
[b]رڪڻ جو ٺل:
[/b] مون کي خبر ئي ڪانه آهي ته هندستان جي سرڪار، ڪهڙن جاهل يورپين جي حوالي ”سنڌ گزيٽئر“ لکڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جو ڪم رکيو هو، جن سنڌ جي اتهاس جي ته ڪابه کوجنا ڪانه ڪئي آهي، باقي ٿاڦورا سي هڻندا ويا آهن. مون کي عجب ۽ ڏک آهي ته اهڙن اتهاسڪ گپوڙن سان ڀريل سنڌ گزيٽئر جهڙي ڪتاب کي اسان جا ڪيترا ديسي عالم پنهنجو هڪ رهبر ڪري ٿا سمجهن ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ درج ٿيل بي بنياد ۽ غلط ڳالهين کي کير ڌوتل سچ ڪري ٿا سمجهن. انگريزيءَ ۾ ڇپايل سنڌ گزيٽيئر کي بنهه سچو سمجهي، ان جا حوالا ڇپيندڙ ودوانن تي مون کي کل ايندي آهي. پر انهن صاحبن جو ڏوهه نه آهي، اسان جي ديش ۾ تڪليف وٺي اتهاسڪ کوجنا ڪرڻ ڪير ڄاڻي ئي ڪونه. باقي جيڪڏهن ڪنهن يورپين ودوان اکيون بند ڪري کڻي ڪو الٽو سلٽو ٽٻ پڙهيو ته اسان جي ديش واسي اکيون بند ڪيون کڻي اهو سچ سمجهندا. پر مان سرڪاري طور تيار ڪيل سنڌ جي انهيءَ اتهاس کي ڪابه اهميت نٿو ڏيان، ۽ اهوئي سبب آهي جو مون پنهنجي سڄي اتهاس ۾ ڪڏهن به سنڌ گزيٽيئر کي اتهاسڪ اختياري سمجهي، ڪڏهن به ان جو حوالو نه ڏنو آهي.
انهيءَ بدنام سنڌ گزيٽئر (صفحي 638) ۾ لکيل آهي ته ”سنڌ جي ائڪٽنگ ڪمشنر جنرل جان جيڪب، مير رڪڻ جي کنڊر جي کوٽائي ڪرائي، پر دلچسپيءَ واري ڪابه شيءِ يا ڳالهه نظر ڪانه آئي.“ مير رڪڻ جي ٺل، جنهن مان ڪنهن وقت گوتم ٻڌ جون پوتر مورتون هٿ آيون ۽ ٻڌ زماني جون ٻيون ڪيتريون ثابتيون نظر آيون، ان نسبت ائين لکڻ ته هن پراچين کنڊر مان ڪابه اهم يا دلچسپ شيءِ هٿ نه لڳي، سان ڳالهه واهيات ۽ بيهودي پيئي لڳي.
مير رڪڻ جو ٺل (اسٽوپ) ميرپور خاص جي ڪاهوءَ جي دڙي جهڙو ٺل آهي، جو نوابشاه ضلع جي ٻانڌي اسٽيشن جي ڏکڻ اولهه طرف چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن اسٽوپ يا ٺل نسبت هن وقت ڪابه اتهاسڪ سامگري نه ملي سگهي آهي. هن تي ڪيئن مير رڪن جو نالو پيو تنهن نسبت به هن وقت تائين ڪابه خاطر خواه ثابتي نه ملي آهي. البت اها ڳالهه هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته مير رڪڻ جو نالو مسلمانڪو آهي، جو شايد انهيءَ ڀاڱي جي ڪنهن بادشاه يا زميندار جو هجي.
هن ٺل يا کنڊر نسبت ڪيتريون ڏند ڪٿائون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته رڪڻ نالي هڪ شاهوڪار ساٽياڻي هئي، انهيءَ عورت پنهنجي قيمتي زيورن کي لڪائڻ لاءِ اهو ٺل ٺهرايو هو، جو اڄ تائين گهڻي قدر سالم حالت ۾ آهي.
ڪن جو چوڻ آهي ته هن ملڪ جي ڪنهن راجا کي اولاد ڪونه هو. انهيءَ ڪري هن جي وزيرن ۽ صلاحڪارن کيس صلاح ڏني ته پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ اهو اسٽوپا تيار ڪرائي، جو هن تيار ڪرايو.
ٽيان وري اهي ماڻهو آهن، جن جو چوڻ آهي ته مير رڪڻ هڪ هندو راجا هو، جو سن 1203ق.م ۾ انهيءَ ملڪ ۾ راڄ ڪندو هو. هن کي ٻه ڀائر هئا، جن مان هڪ جو نالو ڀيم ۽ ٻئي جو نالو بهمن هو. هن پنهنجو راڄ ٽن حصن ۾ ورهايو، جنهن مان جيڪو حصو سندس پلئه پيو، تنهن ۾ هن ذڪر ڪيل ٺل ٺهرايو.
مير رڪڻ جو گول اسٽوپا، اٽڪل سٺ فوٽ اوچو آهي. سڄو اسٽوپا پڪين ٿلهين سرن جو ٺهيل آهي، جنهن ڪري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي سرون هندن جي زماني جون آهن. اسٽوپ جي هيٺان وڏو شاهي ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن تي هن ٻڌ ڌرمي اسٽوپ جي اڏاوت ڪئي ويئي آهي. هيءُ اسٽوپ پريان ائين پيو نظر اچي ڄڻڪ هن جون ٽي ماڙيون يا منزلون آهن. جيتوڻيڪ اسٽوپ اڃا ڪجهه سالم حالت ۾ آهي، پر ان جي ڇت جو ڪجهه حصو ڀڳل آهي. آسپاس رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن وقت سخت برسات اچي پيئي. ڪي مسلمان، جن عيد جو ڏينهن پئي ملهايو، تن ڀڄي اچي پناه ورتي. انهن جي اندر اچڻ تي ڀت اچي هيٺ ڪري ۽ اهي ويچارا سڀ پناه گير اتي ئي غرق ٿي ويا.
هن اسٽوپ جي ڀرسان رهندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هڪ ڪليڪٽر انهيءَ اسٽوپ مان مٽيءَ جو هڪ برتڻ لڌو، جنهن ۾ ٽامي جا ٻه تواريخي پانزيب پيل هئا. ڪن ماڻهن اها به خبر ڏني ته هڪ انجنيئر ڀڳل ڊٺل عمارت جي تر مان ڪي مورتون لڌيون. مسٽر هينري ڪزنس جو چوڻ آهي ته جنهن وقت مان اهو اسٽوپ ڏسڻ ويس تنهن وقت هڪ انجنيئر ويٺي کوٽائي ڪئي، جنهن کي ٻڌ ڀڳوان جون ڪي مورتون لڌيون، هڪ مورت ٻڌ ڀڳوان جي جنم جي هئي. ڳوتم ٻڌ ان وقت ڄائو هو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ سمهيو پيو هو، انهن جي مٿان پوتر درخت هو. هڪ اهڙي به مورت لڌي ويئي آهي، جنهن ۾ گوتم ٻڌ پنهنجي استريءَ کي رات جو سمهيل ڇڏي، پنهنجن محلن کي الوداع ڪري ٿو وڃي. اهي مورتون ننڍيون آهن ۽ ڇهن ستن چورس انچن کان وڏيون نه ٿينديون. اهي مورتون شايد مير رڪڻ جي اسٽوپ کي پلستر طور لڳل هونديون. باقي اهي پوڄا جي ڪم جون نظر نٿي آيون.بس مٿين شين کان سواءِ ٻيون ڪي به اتهاسڪ شيون هٿ نه اچي سگهيون آهن. ها، مغرب جا گهڻا عالم انهيءَ راءِ جا آهن ته اهو اسٽوپ به راجا اشوڪ جي زماني يا عيسوي سنه کان اڳ جو ٺهيل آهي.
[b]سڌ سڏيرن جو دڙو:
[/b] سنڌ جي نوانوي سيڪڙو ماڻهن کي هن پراچين کنڊر جي فقط نالي جي به خبر نه هوندي. هيءُ کنڊر، سنڌ ۾ مکيه ٻڌ ڌرمي يادگارن مان هڪ مکيه يادگار آهي، جو ٽنڊي محمد خان ۽ ملان ڪاتيارن جي وچ ۾ آهي. جنهن وقت هن کنڊر جي خبر پراچين وستو وگيانين کي پيئي ۽ ڊاڪٽر ڀانڊارڪر ان کي کوٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن وقت اول ته هن کي کوٽائي لاءِ ڪو مزور ئي نه ملي سگهيو. هتي جي آسپاس جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه ڦهليل هئي ته انهيءَ هنڌ وڏو خزانو آهي جنهن تي هڪ واسينگ نانگ پهرو ويٺو ڏئي. انهيءَ ڊپ کان ڪوبه ماڻهو انهيءَ کنڊر جي ماڳهين ويجهو به نٿي ويو. نيٺ ڊاڪٽر ڀانڊارڪر، ڪن مزورن کي ريهي ريبي ڪم تي چڙهڻ لاءِ تيار ڪيو. کوٽائي هلندي هن کنڊر مان ڪيتريون پراچين شيون هٿ آيون. ودوانن جو زبردست رايو آهي ته ميرپورخاص جي ڪاهوءَ واري دڙي وانگر هن هنڌ جا راجا اشوڪ، ٻڌ ڀڳوان جون ڪي هاٺيون پورايون هيون.
ڪن ڏند ڪٿائن ۾ ٻڌو ويو آهي ته ٽنڊي محمد خان وارو اهو سڌ سڏيرن جو دڙو، حيدرآباد جي نيرون راجا جي ڀاءُ تيار ڪرايو هو. اهو نيرون راجا اهو آهي جنهن تان حيدرآباد شهر کي نيرون ڪوٽ سڏڻ ۾ آيو.
راجا نيرون کي ڪنهن ماڻهوءَ اها ڪوڙي خبر ڏني ته تنهنجو ڀائٽيو تنهنجي راڻيءَ سان ٺهيو ويٺو آهي. خبر ٻڌندي راجا نيرون باهه ٿي ويو. هن پنهنجي ڀائٽي کي قتل ڪرڻ جو اڃا خيال ئي مس ڪيو ته سندس ڀائٽيو ڊپ وچان قلعي مان غائب ٿي ويو ۽ انهيءَ سڌ سڏيرن جي دڙي وٽ اچي راجا جي ڊپ کان پاڻ کي زمين جي هڪ تهخاني ۾ لڪائي ڇڏيائين.چون ٿا ته انهيءَ تهخاني مٿان ٺل ٺهرايو ويو. ائين به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته راجا نيرون جي راڻي جڏهن مئي، تڏهن ان کي پنهنجي مڙس جي ڀائٽي جي سماڌيءَ ڀرسان دفن ڪيو ويو. پر هيءُ سڀ ڳالهيون ڏند ڪٿائون آهن. انهن ۾ اتهاسڪ سچائي گهڻي نظر ڪانه ٿي اچي. ها ههڙي نموني جون ڳالهيون هر ڪنهن ملڪ ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. جيروسلم ۾ به هڪ اتهاسڪ ٿنڀو آهي، جنهن لاءِ اتي جي بادشاه ۽ سندس بيگم نسبت اها ڳالهه هليل آهي. نيرون ڪوٽ جي راڻيءَ نسبت هيءَ ڳالهه انهيءَ ڪري سچي سمجهڻ ۾ آئي آهي جو سندس مڙس ڀائٽي جي سماڌيءَ ڀرسان سندس لاءِ جيڪا سماڌي ٺهرائي تنهن تي سندن پريمي ڀڳتين وڏو ٺل ٺهرايو جو ڪچين سرن ۽ گاري مان ٺهيل آهي.
سڌ سڏيرن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙن، بمبئيءَ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ڏانهن بروقت لڌل ڪن مورتين نسبت هڪ نوٽ لکي موڪليو ويو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: ”جيڪي مورتون موڪليون وڃن ٿيون، انهن ۾ هڪ ٻڌ ڀڳوان جي مورتي آهي جنهن ۾ هو پلٿي ماري ويٺو آهي.سندس مٿي جي وارن ۾ ايلفنٽا غارن ۾ ٺهرايل ٻڌ جي مورتن وانگر گهنڊيون پيل آهن. ڪمل جو گل به ساڻس آهي.“
انهن مورتين تي لکندي مسٽر فريئر چوي ٿو ته: ”اهڙيون مورتون اسان کي سيدپور وٽان گهڻيون ئي مليون، جو ڳوٺ ملان ڪاتيارن ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ ۾ آهي. انهيءَ هنڌ، تي سڏيرن جو دڙو آهي، جتي هڪ وڏو ٽاور آهي، جوڪچين سرن جو آهي پر ان کي پڪين سرن جو به تهه ڏنل آهي. انهيءَ ٽاور نسبت ڀر ۾ رهندڙ ڪن ماڻهن جو اهو انومان آهي ته ڪنهن زماني ۾ اهو ٽاور، سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن کي لائيٽ هائوس جهڙو ڪم ڏيندو هوندو، ڇاڪاڻ ته اٽڪل چار سو سال اڳ سمنڊ، گونيءَ سان لڳل هو ۽ جهاز به سيد پور تائين ايندا هئا.“
راورٽي صاحب پنهنجي ”مهران آف سنڌ“ نالي انگريزي ڪتاب جي 228 صفحي ۾ لکي ٿو ته: ”اڳي جنهن هنڌ تي ڦليلي، گونيءَ سان اچي گڏبي هئي انهيءَ هنڌ تي ڪيتري مفاصلي ۾ ويندي حيدرآباد جي گنجي ٽڪر جي ڏکڻ واري ڇيڙي تائين هڪ ڦٽل شهر ۽ ان جي ڦٽل عاليشان جڳهن جون سرون ۽ ٽڪراٽا نظر پيا اچن، جن کي ڏسندي ائين پيو معلوم ٿئي ته ڪنهن وقت هن هنڌ ڪو وڏو شهر ٻڌل هوندو.“
سنڌ جي هن پراچين کنڊرن جي کوٽائي ڪرڻ کان اڳ مٿي ذڪر ڪيل ٽاور اٽڪل ويهه فوٽ اوچو هو جنهن ۾ مٽي پيل هئي. انهيءَ ٽاور جي مٿان خوبصورت چٽيل ۽ گهڙيل پڪيون سرون به لڳل هيون، يعني ڪچين سرن جي ٺل کي پڪين سرن جو تهه آيل هو، پر پڪين سرن جو هاڻي نشان به نٿو ملي. ممڪن آهي ته انهيءَ اسٽوپ يا ٺل جون پڪيون سرون ڪن ٺيڪيدارن، ڀرسان وهندڙ واه جي مرمت ۾ ڪتب آنديون هجن. ودوانن جو رايو آهي ته هن وقت جيڪا ٽاور جي ٿولهه آهي، ڪنهن وقت ان کان ٽيڻي ٿولهه هوندي.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سڌ سڏيرن جي دڙي جو اهو فقط اڪيلو ٺل ڪونه هو، پر ان جي آسپاس اٽڪل هڪ ميل ۾ ڦٽل جڳهين جون ڀڳل سرون ۽ ٺڪر ٺوٻر پکڙيا پيا آهن، جي شايد ٻڌ ڌرمي ڀکشن جون ڪنهن وقت مڙهيون هجن. مسٽر راورٽيءَ جو چوڻ آهي ته اهي ٻڌ پنٿي مڙهيون ضرور ڪنهن وڏي شهر جي ٻاهران هونديون. انهن ٺڪرن ۽ ٺوٻرن جي ڀرسان هڪ ٺل آهي جو شايد راجا نيرون جي راڻيءَ جي سماڌي آهي.انهيءَ هنڌ تي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي راڻيءَ کي جلايو ويو هوندو. انهيءَ انومان ڪڍڻ لاءِ اها ثابتي ملي آهي جو انهيءَ سماڌ جي کوٽڻ سان ان مان رک جا هڪ ٻئي مٿان پيل ڪيترا تهه ڏٺا ويا.
پراچين مندر جي جڳهه کوٽيندي ميرپورخاص جي مندر وانگر نڪي ڪي دريون يا ڪٻٽ نظر آيا ۽ نڪي انهن مان ڪي مورتون ئي لڌيون ويون! اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جهڙي آهي ته هن دڙي جو ڍنگ اهڙو ساڳيو آهي جهڙو مير رڪڻ ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جو. ودوانن جو رايو آهي ته انهن ٽنهي پراچين شهرن جا ٺل ساڳين شين مان ٺاهيا ويا هوندا.
سڌ سڏيرن جي دڙي جو ٺل، ٻين اتهاسڪ ٺلن وانگر گول آهي، جنهن کي اتر ۾ هڪ ڀت آهي. ڊاڪٽر ڀانڊارڪر کي وشواس هو ته انهيءَ ڀت ۾ گوتم ٻڌ جون هاٺيون پوريون ويون هونديون. هن انهن هاٺين هٿ ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر اهي ڪين لڀي سگهيون.
ٺل جي ٺيڪ وچ ۾ هڪ کوه کوٽيل نظر اچي ٿو. ان نسبت مسٽر برٽن پنهنجي ”سنڌ ريوزيٽيڊ“ نالي انگريزي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته انهيءَ کوه ۽ ٻين کڏن نسبت مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ته اهي مير غلام علي ٽالپر نالي حيدرآباد جي ڪنهن حاڪم کوٽايون هيون. هن کي ڪن ماڻهن چيو ته انهيءَ ٺل يعني اسٽوپ ۾ اٿاه ملڪيت پوري پئي آهي، انهيءَ تي هن زمين کوٽائڻ شروع ڪئي.
سڌ سڏيرن جي دڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ اچرج جي شيءِ زمين جي اندرئين تهه ۾ هڪ ڊاگوبا آهي جو هڪ سماڌي يا ننڍي مقبري جي صورت ۾ آهي. هن جي اوچائي ڇهه فوٽ نو انچ آهي ۽ سڄو ڪچين سرن مان ٺهيل آهي. هن جي مٿان مٽيءَ جو پلستر لڳل آهي، جنهن کي رنگ ڏنو ويو آهي. انهيءَ ڊاگوبا کي کوٽڻ سان اندران ڪاٺ جو چورو هٿ آيو، جنهن مان اهو انومان ڪڍيو ٿو وڃي ته انهن هنڌن تي ڪو ڪاٺ جو سامان پوريو ويو هوندو.
انهيءَ ڊاگوبا نسبت ڊاڪٽر ڀانڊارڪر جو چوڻ آهي ته ان جي حفاظت لاءِ ڪاٺ جي ڇت ۽ ڇٽي رکي وئي هوندي.
مسٽر هينري ڪرلس لکي ٿو ته مون کي شڪ آهي ته گوتم ٻڌ جون هاٺيون انهيءَ ڊاگوبا جي تري ۾ رکيون ويون هونديون، جي پوءِ ڊاڪٽر ڀانڊارڪر کي هٿ آيون. انهن هاٺين تائين پهچڻ لاءِ انهيءَ ڊاگوبا جي ڀرسان ٻي ڳجهي ڏاڪڻ هئي. اهڙي نموني جو ڊاگوبا بهاولپور رياست يعني پراچين اپر سنڌ سو وهار اسٽوپ مان به لڌو ويو آهي، جنهن مان چڪرورتي راجا ڪنشڪ جي زماني جي پتل جي هڪ اڪريل پليٽ هٿ آئي آهي. انهيءَ ڊاگوبا مان هاٺين جي رک سان ڪي سڪا، لوه جا ٽڪر، ۽ ڪي مڻيا به هٿ آيا آهن. انهيءَ ڊاگوبا جو فرش، زمين کان ٽيهه فوٽ مٿي هو.
جهونا ڳڙه جي بوريا اسٽوپ ۾ گوتم ٻڌ جون هاٺيون انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ لڌيون ويون، جنهن حالت ۾ سڌ سڏيرن جي دڙي يا ڊاگوبا مان لڌيون ويون.
ڊاڪٽر ڀانڊارڪر جو رايو آهي ته سڌ سڏيرن جو اوائلي اسٽوپ راجا ڪنشڪ جي زماني کان جهونو نه هوندو ۽ انهيءَ ڪري هن لکيو آهي ته ”اهو دڙو پهرين عيسوي سنه ۾ ٺهيو هوندو.“
جيڪڏهن ڊاڪٽر ڀانڊارڪر جي رائي کي وزن ٿو ڏجي ته پوءِ ميرپورخاص جي ڪاهوءَ واري دڙي ۽ مير رڪڻ واري اسٽوپ کي به هيٺ ڇڪي پهرين صديءَ تي بيهارڻو پوندو. پر مان اڳيئي ڌارين قومن جي سنڌ تي ڪاه واري بيان ۾ مضبوط دليلن سان ثابت ڪري آيو آهيان ته راجا ڪنشڪ عيسوي سنه کان اٽڪل ڏيڍ صدي کن اڳ سنڌ تي راڄ ڪيو.
جيڪڏهن اها ڳالهه قبول ڪئي وڃي ته سڌ سڏيرن جو دڙو نه راجا اشوڪ، پر راجا ڪنشڪ تيار ڪرايو ته پوءِ ائين چوڻو پوندو ته هن راجا سنڌ ۾ ٻه وڏا ٻڌ ڌرمي مٺ ۽ اسٽوپ ٺهرايا، جي سدائين لاءِ سنڌ جي اتهاس ۾ سندس نالو امر ڪندا رهندا. انهن اسٽوپن مان ٻيو اسٽوپ مجمل التاريخ ۾ بيان ڪيل ”سنوادي“ اسٽوپ آهي جنهن کي ڏيپر گهانگهري جي نالي سان سڏيو ويو. انهيءَ سنوادي عرف ڏيپر گهانگهري جي شهر ۾ عيسوي سنه کان وٺي ٻڌ ڌرمي ماڻهن جي وڏي عاليشان بستي هئي. سڌ سڏيرن جي دڙي وارو انهيءَ موقعي جو ٺهرايل آهي جنهن وقت راجا ڪنشڪ پنهنجي راڄ جي حدن ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تائين اچي پهتو. هن خان خانان زا عبدالرحيم وانگر پنهنجي سير جي يادگار لاءِ ٽنڊي محمد خان جو ذڪر ڪيل سڌ سڏيرن جو اسٽوپ ٺهرايو. ممڪن آهي هن عربي سمنڊ تائين سير ڪندي پنجاب، بهاولپور ۽ هاڻوڪي سنڌ اندر ٻيا به ٻڌ ڌرمي اسٽوپ ٺهرايا هجن. راجترنگڻيءَ ۾ لکيل آهي ته راجا ڪنشڪ، هوشڪ ۽ جشڪ ڪيترائي اسٽوپ ٺهرايا. راجا ڪنشڪ سنڌ ۾ جيڪي اسٽوپ ٺهرايا آهن، انهن سڀني کان پشاور وارو اسٽوپ وڏو آهي.
مشهور چيني ياتري هوئن سنگ جنهن وقت سنڌ ۾ آيو تنهن وقت سندس لکڻ موجب سنڌ اندر ٻڌ ڌرم جو هنايان فرقو زور هو، مگر ٻڌ ڌرم جي جنهن فرقي گوتم ٻڌ جون مورتون ٺهرائي انهن تي اسٽوپ يا ٺل کڙا ڪيا، ان فرقي کي مهايان نالي سان سڏيو ٿو وڃي، ۽ اها ڳالهه ظاهر آهي ته سنڌ جا ماڻهو مهايان مان هنايان فرقي ۾ ڪن صدين کانپوءِ ئي ويا هوندا، يعني سنڌ اندر ٻڌ ڌرم جي ٻن مکيه جدا جدا عقيدن جي پرچار ۾ ڪي صديون گذري ويون هونديون.
مهاراجا ڪنشڪ مهايان خيالن جو هو. هيڏانهن سڌ سڏيرن جي دڙي مان گوتم ٻڌ جي ڌيان ۾ مگهن ۽ پلٿي ماري ويٺل هڪ مورتي هٿ آئي. ان کان سواءِ گوتم ٻڌ جي مورتيءَ جوهڪ سر هٿ آيو، جنهن ۾ مٿي تي گهنڊيدار وار هئا.ڪن ماڻهن جو رايو آهي ته پوئين مورتي ڪٻير ديوتا جي هئي. اهي ٻئي مورتون بمبئي ميوزم ڏانهن موڪليون ويون. مٿين مورتن جي ملڻ کان پوءِ سولائيءَ سان اهو انومان ڪڍي سگهبو ته سڌ سڏيرن جي دڙي جو اسٽوپ راجا ڪنشڪ ٺهرايو هوندو.
[b]سيوهڻ:
[/b] حقيقت ۾ سيوهڻ جو شهر سنڌ جي موجوده آباد شهرن سڀني کان وڌيڪ جهونو آهي. البت اهي پراچين شهر يا کنڊ خيال مان ڪڍي ڇڏيو، جيڪي ڇهن ستن هزارن سالن جا جهونا آهن. سيوهڻ انهن بلڪل پراچين شهرن ۾ ٻيو درجو والاري ٿو. هن شهر کي پراڻن ڪتابن ۾ جدا جدا نالن سان لکيو ويو آهي. ڪٿي هن کي سيوستان، ڪٿي شروسان، ڪٿي سدوسان، ڪٿي سادو ستان، ۽ ڪٿي سدو ستان سڏيو ويو آهي. مسٽر ڪننگهام ٻين ودوانن سان شامل راءِ ٿيندي لکيو آهي. ته سيوهڻ شهر آهي جنهن کي گريڪ اتهاسڪارن سنومنا نالي سان لکيو آهي. هن يورپين مهاشيه ائين به لکيو آهي ته ”هيءُ شهر بلڪل پراچين آهي ۽ ڪنهن وقت هتي قلعو به ٺهيل هوندو جتي هاڻي انهيءَ قلعي جا کنڊر ننڍي ٽڪريءَ جي صورت ۾ بيٺا آهن. پراڻي قلعي جي هنڌ تي ڪيتريون جڳهيون ڊٺيون پيون آهن، جي ڪن ايامن جون جهونيون هونديون.(12) العد رسالي نالي پارسي تاريخ ۾ سيوهڻ جو اجهو هيٺيون دلچسپ بيان ڏنو ويو آهي. ”شروسن (سيوهڻ) پنهنجن چشمن ۽ واهن کان ڪافي مشهور آهي. هن ۾ بي حد آبادي ۽ جام ڌنڌو هلي.“ (13) سيوهڻ جو اهو شهر آهي جنهن ۾ نرد ئي راجا دلوراءِ جي ڀاءُ پناه اچي ورتي هئي. چون ٿا ته راجا دلوراءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي زال ۾ بري نظر رکي، انهيءَ ڪري هن ماڳهين جي سر کڻڻ جا منصوبا سٽڻ شروع ڪيا، جنهن کان ڊڄي سندس ڀاءُ سيوهڻ ۾ هليو آيو. انهيءَ ڀاءُ جي سماڌي اڃا تائين سيوهڻ ۾ هڪ قبر جي صورت ۾ آهي، جنهن تي ماڻهو هر ڪنهن جمع تي اچي گڏ ٿيندا آهن.
هڪ اسلامي ليکڪ جي لکيل تاريخ طاهريءَ ۾ سيوهڻ جي وسڻ نسبت وري اها عجيب ڳالهه لکي وئي آهي ته جنهن وقت راجا دلوراءِ جي ظلم سبب الور وارو درياه ڪي ويو، تنهن وقت سنڌ درياه سيوهڻ جي ويجهو وهڻ لڳو ۽ ان کان پوءِ ئي سيوهڻ وسڻ شروع ڪيو. پر اهو هڪ جاهلانه گپوڙو آهي، نه ته سيوهڻ جو شهر عربن جي ڪاهه کان گهڻو گهڻو اڳ جو وسيل آهي.
سيوهڻ جي شهر کي پوئين زماني ۾ چڱي اتهاسڪ اهميت آيل آهي. محمد بن قاسم 711ع ۾ جنهن وقت هن شهر تي ڪاه ڪئي تنهن وقت فوج جي تيار هوندي به شهر ۾ رهندڙ ٻڌ ڌرمين جنگ ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ راتو رات محمد بن قاسم کي هڪ خط لکي موڪليو ته اسين خونريزيءَ جي خلاف آهيون، انهيءَ ڪري توسان جنگ نه ڪئي ويندي. اسان شهر جا دروازا کليل رکيا آهن، تون رات جو شهر ۾ داخل ٿي سگهين ٿو. انهيءَ کان پوءِ يارهين صديءَ جي شروعات ۾ محمود غزنويءَ هن شهر کي هٿ ڪيو. بعد ۾ وري همايون جنهن وقت عمرڪوٽ ۾ آيو تنهن وقت هن سيوهڻ تي ڪاهه ڪري ان کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اوچتو پيدا ٿيل سببن ڪري هن کي هڪدم سنڌ ڇڏي ڪابل ڏانهن ڀڄڻو پيو. هن کان پوءِ سندس پٽ اڪبر برابر ستن مهينن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ هن شهر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
شهر جي بنهه اتر ۾ پراڻي قلعي جو کنڊر بيٺو آهي. مسلمان انهيءَ قلعي کي ڪافر قلعو سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو مسلماني زماني کان اڳ جو ٺهيل آهي. ماڻهن جي دلين ۾ اهو خيال ويٺل آهي ته اهو قلع سڪندر بادشاه ٺهرايو. مسٽر برٽن لکي ٿو ته: ”جنهن وقت ڪنهن ماڻهوءَ کان انهيءَ قلعي نسبت پڇا ڪريو، تنهن وقت هو بنا ثابتيءَ جي وٺي اهو گپوڙو هڻندو ته انهيءَ هنڌ تي سڪندر بادشاه منزل هنئين هئي.“ پر قلعي جي ڀت يا ٻي اهڙي ڪابه ثابتي ڪانه ٿي ملي جنهن مان انهيءَ راءِ کي پشتي ملي سگهي.
انهيءَ کانسواءِ هن قلعي مان گريڪ جاتيءَ سان تعلق رکندڙ ڪابه اهڙي شيءِ هٿ نه اچي سگهي آهي.البت ڪي گريڪ سڪا هٿ لڳا آهن ۽ هڪ ڦولداني يا گلداني گريڪ نموني جي هٿ آيل آهي، جنهن نسبت پوءِ معلوم ٿيو ته اها ڦولداني ڪنهن ماڻهوءَ انهيءَ ڪري هٿ سان پوري هئي ته جيئن کوٽائي ڪندڙ ماڻهن کي اها لڀي ۽ سيوهڻ جي شهر کي سڪندر بادشاهه جو شرف حاصل ٿئي!!!
قلعي جي ٻاهرين ڀت اهڙي حالت کي وڃي پهتي آهي جو هاڻي هن جو نالو نشان به نظر نٿو اچي. باقي قلعي اندر جيڪي ڀڳل جڳهيون يا انهن جا کنڊر نظر اچن ٿا، انهن جي پيڙهين ۾ هندن جي زماني جون وڏيون ۽ ٿلهيون سرون پيون آهن، جي عيسوي سنه جي شروعات جون نظر ٿيون اچن.
هن شهر جي پراچينتا نسبت تازو مسٽر ڀيرومل مهر چند پنهنجي لکيل ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي. چي: ”سيوهڻ شهر راجا اشينر جي پٽ شبيءَ وسايو، جنهن ڪري هن کي شبيسٿان يا شو سٿان ڪري سڏيندا آهن.“ راجا اشينر رامائڻ جي زماني يعني گهٽ ۾ گهٽ ستن اٺن هزارن سالن جو جهونو آهي. مسٽر ڀيرومل بنا خيال ڪئي شايد رڳو انومان جو ٽٻ هنيو آهي نه ته کيس ياد رکڻ گهرجي ته راجا اشينر جي ڪيڪئه نالي پٽ ڪيڪئه ديس وسايو جو پشاور جي ويجهو هو ۽ ٻئي شبيءَ نالي پٽ هاڻوڪو سبيءَ جو شهر وسايو. راجا اشينر اتر هندستان جو راجا هو ۽ انهيءَ ڪري سڀاويڪ هن جي پٽن اتر هندستان جو ڪو غيرآباد علائقو ئي وسايو هوندو نڪي هڪ راجڪمار اڪبر هليو ويو ۽ ٻيو مڪبر.
اتهاسڪ کوجنا مان معلوم ٿو ٿئي ته سيوهڻ جو شهر مهاڀارت جي زماني کان پوءِ جو ٺهيل آهي. هيءُ جو چيو ٿو وڃي ته راجا جئدرٿ سيوهڻ جو راجا هو، سو اجايو آهي. هو... سنڌ ۽ سووير ديسن جو راجا هو پر سندس گادي سيوهڻ هئي، تنهنجو ڪنهن هنڌ به ذڪر نٿو اچي، ۽ مهاڀارت نسبت خاموش آهي.
هاڻي ڏسڻ گهرجي ته سيوهڻ جو شهر ڪڏهن ٺهيو ڪنهن ٺهرايو؟ منهنجي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي اتر اولهه کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون تنهن وقت اتر هندستان جون، جنهن ۾ پراچين سنڌ جي اتر ڀاڱو اچي ٿو وڃي، ڪيتريون کيتري جاتيون حجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلا ملتان جي دلير مالو مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير وغيره ۽ سبيءَ جي شو کيترين سيوهڻ اچي وسايو.
[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) Elliot- History of India P. 363
(1) اڄ ڪلهه جنهن ڳوٺ کي گنداوا سڏيو ٿو وڃي، شايد هيءُ شهر اهو ساڳيو پراچين ڪندابيل شهر هجي.
(2) مرزا قليچ بيگ هن شهر کي ٻڌيا ۽ هيگ صاحب ٻڌيئا لکيو آهي.
(3) Elliot- History of India P. 106
(4) Ancient Geography of India, P. 268-270
(5) Journal Royal Asiatic Society, 1, 27.
(6) IIliot History of India 1, 370.
(7) Archaelogical Reports Vol. V. P. 101.
(8) Journal Asiatic Soc. Of Bengal No. 2- 1891.
(9) Architectural Antiquities of Gujrat By Dr. Jas Burgess P. 44.
(10) Ancient Geography of India P. 264
(11) Elliot’s History of India.