سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون: دوارڪا پرساد شرما

مان هن کان اڳ ڪنهن هنڌ لکي آيو آهيان ته مهاڀارت جي لڙائيءَ کان پوءِ هند ۽ سنڌ جي اهڙي ته نرٻل حالت ٿي ويئي جو ڪيترن ڌارين جاتين ۽ بادشاهن جو هن ملڪ تي حملي ڪرڻ جو حوصلو وڌي ويو. ايتري قدر جو عيسوي سنه جي شروعات تائين هندستان جي اتر اولهه، تنهن ۾ به خاص ڪري هاڻوڪو ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ پرانت انهن جي ڪاهن جو هڪ مقصد ٿي پيو. عيسوي سنه کان پوءِ به هند ۽ سنڌ تي ڌارين بادشاهن جون ڪاهون ٿينديون رهيون، پر انهن ڪاهن جو ڪي ڪجهه خلاصو احوال اسان کي اڄ ڪلهه جي اتهاس مان معلوم ٿو ٿئي. مان هن بيان ۾ عيسوي سنه کان اڳ اٽڪل هڪ هزار ورهيه يعني هن وقت کان اٽڪل ٽي هزار سال اڳ جي انهن ڪاهن ۽ حملن جو احوال ظاهر ٿو ڪريان، جن نسبت يا ته ڪجهه به نه لکيو ويو آهي، يا جي ڪجهه لکيو ويو آهي ته بلڪل اڻ لکو ۽ مختصر.

[b]اوسيرس:
[/b] پراچين سنڌ تي جن بادشاهن ڪاهون ڪيون، انهن جو احوال اسان جن پراڻن ڪتابن مان گهڻو ڪونه ٿو ملي. البت ڪي ٿورا اشارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر انهن مان ڪو خاص ارٿ سڌ نٿو ٿئي. باقي ايجپٽ (مصر) جي ڪن ڏند ڪٿائن ۽ پراڻڪ ڪٿائن مان ڪي ڪجهه خبر پوي ٿي. اهي مصري ڏند ڪٿائون پڙهندي معلوم ٿيندو ته عيسوي سنه کان اٽڪل ارڙهن سو سال اڳ، يعني سڪندر اعظم کان گهڻو گهڻو اڳ اوسيرس Osiris نالي مصر جي بادشاه هندستان تي ڪاهه ڪئي. پڇم جي ڪن اتهاسڪارن هن کي ڊائنيسنس Dionysins يا بئڇس Bachhus نالي سان به سڏيو آهي. هيءُ بادشاهه مصر جي پهرئين بادشاهه مينس، جنهن کي مصر لواسي دنيا جو پهريون بادشاهه سمجهن ٿا، ان جي خاندان ۾ پيدا ٿيو هو. مينس اکر هندن جي پهرئين راجا منوءَ سان مشابهت ٿو رکي. مان اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته هيءُ اتهاسڪ ڳالهيون مصر ۾ ڏند ڪٿائون آهن. هن مان منهنجو انومان آهي ته هيءُ جو ويدن جي سمي ۾ هندستان اندر منو مهاراجه کي دنيا جو پهريون راجا سمجهيو ٿي ويو ان کي ڏسي شايد مصر وارن به پنهنجن پراڻڪ ڳالهين ۾ منوءَ کي مينس بڻائي پنهنجو پهريون بادشاهه ڪري مڃو. هن وقت دنيا ۾ جيڪي قاعدي ۽ قانون جا گرنٿ ملن ٿا، انهن ۾ منوءَ جي سمرتيءَ کان وڌيڪ جهونو گرنٿ ڪوبه ڪونه ٿو ملي. يعني دنيا ۾ پنگتي پرٻنڌ يعني قومي انتظام لاءِ سڀ کان اڳ منو مهاراج ئي قانون ٺاهيا. خير، منهنجي هن لکڻ جو مطلب اهو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي پراڻڪ ڳالهين سان گهڻي قدر ملي ٿيون اچن.
اوسيرس مصر جي بادشاهه جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، تنهن هندستان جي اتر اولهه ڀاڱي تي حملو ڪيو ۽ مصر جي ڏند ڪٿائن موجب هيءُ ڪجهه وقت انهيءَ حصي تي قابض رهيو. هن بادشاهه هندستان جي جنهن حصي تي فتح حاصل ڪئي، تنهن ۾ سنڌ جي اتر اولهه وارو ڀاڱو به چيو ٿو وڃي. هن پنهنجي سوڀ جي يادگيريءَ ۾ افغانستان ۽ پراچين سنڌ توڙي پنجاب ۾ ڪي ٿنڀا به هڻايا. پر هن وقت تائين هندستان جي پراچين وستو وگيانين انهن ٿنڀن جو پتو ڳولهي نه ڪڍيو آهي.
ڪن مسلمان ليکڪن اهوگپوڙو هنيو آهي ته بادشاهه اوسيرس کي هندو اِشو يا ايشور به ڪري سڏيندا هئا، ۽ پراڻن ۾ جنهن مصر اٿان يا اشوءَ جو بيان آهي سو اهوئي بادشاهه هو. پر منهنجي نظر ۾ هيءُ رڳو گپوڙو آهي. هندن پرماتما کي ئي ايشور جي نالي سان ياد ڪيو آهي. ايشور جي اپاڌي هنن ڪنهن به راجا يا مهاراجا کي ڪانه ڏني آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي رڳو اتر اولهه تي سوڀ پائيندڙ هڪ وڌرمي راجا کي هنن اِشو يا ايشور جي نالي سان سڏيو هوندو، اها ڳالهه کلڻ هاب پيئي لڳي.(1)

[b]سيميرامس:
[/b] پڇم جي پراڻڪ ڪٿائن ۾ سيميرامس نالي اسيرين قوم جي راڻيءَ جو به احوال اچي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته هن راڻيءَ جو ذڪر اسان جن پراڻن ۾ به آهي. پڇمي پراڻڪن جو چوڻ آهي ته هيءَ راڻي سوم رس نالي شراب پيئندي هئي. اهو سوم رس اهو آهي جنهن جو ذڪر سواءِ ويدن جي ٻئي ڪنهن به ڌرمي گرنٿ ۾ نٿو اچي. مسلمان ليکڪن جي قول موجب هن راڻيءَ کي اتر اولهه هندستان ۾ ديوي سمجهيو ٿو وڃي، آڪٽوبر واري مهيني ۾ وڻ جي هيٺان چانورن، کلن ۽ شراب جي مٿس پل چاڙهي ويندي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل راڻي جنهن وقت اسيريا ۾ راڄ ڪندي هئي، تنهن وقت هندستان جي اتر اولهه جي سڄي حصي تي وير سينا نالي راجا راڄ ڪندوهو. انهيءَ راجا جو راڄ سمنڊ جي ڪناري تائين يعني سنڌ جي ڏکڻ تائين ڦهليل هو. هن سنڌي راجا ڪنهن وقت مڪي ۾ جنهن کي مڪ اسٿان سڏيو ٿي ويو، اتي تپسيا اچي ڪئي، جنهن تي ايشور هن کي اسٿاور پتي يعني نباتات جو حاڪم، اهو لقب ڏنو. اسيرين راڻي سيميرامس يا سامي راما کي جنهن وقت هن سنڌي راجا جي پنهنجي سرحد تي اچڻ جي خبر پيئي تنهن وقت هن پنهنجن ڪن ماڻهن هٿان هن جي بي عزتي ڪرائي. انهيءَ تي ڪروڌ ۾ اچي سنڌي راجا ويرسينا بئڪٽيرين فوج تي ڪڙڪي پيو ۽ هڻي سڄي سينا کي ختم ڪري ڇڏيائين. انهيءَ تي لاچار ٿي مٿي ذڪر ڪيل اڀماني راڻي سندس اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ ويرسينا کي ”مهاديو ڀڳوان جو پٽ“ قبول ڪيو.
مٿيون بيان هندن جي پراڻن ۾ اچي ٿو. پر گريڪ اتهاسڪ وري هن ڳالهه کي اهو وٽ ٿا ڏين ته اسيرين راڻيءَ تي سنڌ جي راجا حملو نه ڪيو، بلڪ راڻي خود پنهنجي سينا سان پراچين سنڌ تي ڪاهي آئي. پراڻن ۽ گريڪ اتهاس ۾ هن راڻيءَ نسبت جيڪي ڳالهيون لکيون ويون آهن، سي گهڻي قدر هڪ ٻئي ۾ ملي ٿيون اچن. سيد محمد لطيف پنهنجي پنجاب جي اتهاس ۾ ڏيکاريو آهي ته جنهن هنڌ سنڌي راجا ۽ اسيرين راڻيءَ جي لڙائي لڳي اهو هنڌ ۽ جنگ جو آخرين نتيجو پراڻن ۽ گريڪ اتهاسن ۾ هڪ جهڙو اچي ٿو. يعني گريڪ اتهاسڪار به اها ڳالهه قبول ٿا ڪن ته اسيرين راڻي، سنڌ جي راجا کان شڪست کاڌي. باقي هو پراڻن کان ڦريل اها ڳالهه ٿا ڪن ته سنڌ جي راجا، اسيرين راڻيءَ تي نه، بلڪ اسيرين راڻيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪري هار کاڌي. سر آرين اسٽين جو لکڻ آهي ته سيميرامس، سنڌ جي سينا کان شڪست کائي لس ٻيلي ۽ مڪران جي سرحد واري هاڻوڪي حب ندي پار ڪرڻ کان پوءِ مصر ملڪ جي هن راڻيءَ کي اڳيان بيابان ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي پار ڪندي ويهن سپاهين کان سواءِ باقي سندس سڄي فوج ختم ٿي ويئي. (2)
مٿي ذڪر ڪيل پراچين سنڌ تي حملي آورن جون ڳالهيون پڇمي ۽ پوربي پراڻن مان ڪڍيون ويون آهن. جيتوڻيڪ انهن جو ذڪر هيروڊوٽس، ڊائوڊورس ۽ اسٽاربو وغيره پڇمي جي ثابتيءَ لاءِ وشواس جوڳي ڪنهن اتهاس جو حوالو نه ڏنو آهي، انهيءَ ڪري مان هن ڳالهه جي باريڪيءَ ۾ نه وڃي ٻين انهن بادشاهن جو بيان ظاهر ٿو ڪريان، جنهن جو ذڪر نه فقط اسان جن پراڻن، بلڪ وشواس جوڳن پڇمي اتهاس ۾ به اچي ٿو.

[b]سائرس:
[/b] بادشاهه سائرس Cyrus، ڪئمبيسس Cambyses جي پٽ به عيسوي سنه کان اٽڪل پنڌرهن سورهن سو سال اڳ سنڌ جي رستي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سنڌ جي سورويرن هن اڀماني بادشاهه جا به ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. چون ٿا ته هن پڇمي بادشاهه مڪران جون حدون لنگهي لس ٻيلي رستي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سنڌ جي سينا سان زور آزمائي ڪري جنهن وقت هو شڪست کائي ڳوٺ ڏانهن ڀڄڻ لڳو تنهن وقت راڻي سيميرامس وانگر هن جي به سڄي سينا حب نديءَ جي پرئين ڀر واري رڃ پٽ ۾ پاڻي ۽ کاڌي جي اڻاٺ سبب ڦٿڪي ڦٿڪي مري وئي. باقي سندس سينا ۾ ست سپاهي وڃي بچيا، جي موٽي وطن تائين پهتا.(3) جنهن وقت سڪندر انهيءَ ساڳئي رستي کان وطن ڏانهن ٿي موٽيو تنهن وقت هن به انهن هنڌن تان لنگهندي اهي ڳالهيون ٻڌيون هيون. هن وديشي بادشاهه سنڌ تي عيسوي سنه کان اٽڪل چوڏهن سو سال اڳ ڪاهه ڪئي ٿي سمجهجي.

[b]داريس:
[/b] عيسوي سنه 521 کان 485 سال اڳ ايران ۾ داريس Dorius نالي زبردست بادشاه پيدا ٿيو. جين ڌرم جي ساهتيه مان معلوم ٿو ٿئي ته ان وقت سنڌ ۾ چڪرورتي مهاراجا اديان جو راج هو. مان هن سنڌي راجا جو خلاصو بيان اڳتي هلي ڪندس. باقي هتي ايترو ظاهر ڪرڻ واجب ٿو سمجهان ته مان جيني ساهتيه جي گرنٿن سان مٿين ذڪر ڪيل ڳالهه نسبت شامل راءِ نه آهيان. مهاراج اديان، ايران جي بادشاهه داريس کان گهڻا سال اڳ سنڌ تي راڄ ڪيو، ۽ ممڪن آهي ته ان وقت مهاراجا اديان جو ڀائٽيو ڪيشي ڪمار سنڌ تي راڄ ڪندو هجي. ڇاڪاڻ ته حساب موجب مهاراجا اديان عيسوي سنه کان 598 کان 600 ورهيه اڳ ڄائو ۽ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ گاديءَ تي ويٺو.
داريس نسبت پڇمي اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته هو هستاسپس Hystoaspes جو پٽ هو، ۽ هن ايشيا کنڊ جي ڳپل حصي کي پنهنجي جهنڊي هيٺ آندو. هن کي هندن جي پراڻن ۾ ڌرت وسو يا داريه وهشه جي نالي سان به لکيو ويو آهي. عيسوي سنه کان 516 ورهيه اڳ هن پنهنجيءَ فوج کي انهيءَ ڳالهه جي جاچ لاءِ موڪليو ته ڏسي ته سنڌونديءَ جي ڇوڙ کان ايران تائين پهچڻ جو ڪو بحري رستو آهي يا نه؟ هن اسڪائليڪس Skylax نالي ڪمانڊر کي اهو ڪم سونپيو. هيءُ ڪمانڊر گنڌار (قنڌار) جي پرانت کان اچي سنڌو نديءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ نيٺ تيرهن مهينن کان پوءِ پنهنجي منزل کي پهتو. اسڪائليڪس جي هن خوفناڪ مسافريءَ جو احوال ڪنهن وقت قلمبند ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهو درلڀ ٿي پيو آهي. پر هن دلير سيناپتيءَ جي جفاڪشيءَ مان اهو فائدو اوس ٿيو جو بادشاه داريس کي پراچين سنڌ پرانت تي قبضي ڪرڻ ۽ پنهنجي بحري سينا کي هاڻوڪي عربي سمنڊ تائين پهچائڻ ۾ سهائتا ملي.
بادشاهه داريس سنڌ ۾ هندواسين سان جنگ ڪندي ڏٺو ته هنن جهڙو تير انداز شايد سڄي دنيا ۾ نه هجي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي سينا ۾ ڪيترا سنڌ ۽ هندواسي تير اندازي ڀرتي ڪري کين پاڻ وٺي ويو، جن پوءِ ونسينٽ اسمٿ جي چوڻ موجب کيرکيس جي حڪومت ۾ مارد ويس ۽ پلئيٽا نالي راڄ ايران جي حڪومت ۾ آڻي ڏيکاريا!
بادشاهه داريس سنڌ ۽ اتر اولهه وارن پرڳڻن کي ڳنڍي پنهنجو جدا راڄ کڙو ڪيو. پڇمي اتهاسڪارن، پراچين سنڌ جي ان وقت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته اهو ديس بلڪل شاهوڪار هو. مون پهرئين ڀاڱي ۾ ڏيکاريو آهي ته بلڪل پراچين سمي ۾ سنڌ اندر سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. گريڪ اتهاسڪارن جن سڪندر جي ڪاهه جو احوال لکيو آهي، انهن جو چوڻ آهي ته سنڌونديءَ مان ڪيترو سون هٿ ڪيو ويندو هو. پراچين سنڌ بنسبت اها به هڪ حقيقت آهي ته بادشاهه داريس کي هر سال 185 مڻ سون ڏن طور ڏنو ويندو هو، جنهن جو ملهه ڏهه لک پائونڊ يعني سوا ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ هو.(4) بادشاهه داريس کي ايترو ڏن سڄي ايشا کنڊ جي گڏيل راڄن مان به ڪين ملندو هو. جيتوڻيڪ پڪيءَ ريت نٿو چئي سگهجي ته بادشاهه داريس هندستان جو ڪيترو ڀاڱو پنهنجي حڪومت ۾ ملايو، پر ونسينٽ اسمٿ پنهنجي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ واري هندستان جي اتهاس ۾ ڄاڻايو آهي ته هن جي راڄ ۾ سمنڊ کان وٺي سڄي سنڌ ۽پنجاب پرانت جو سنڌونديءَ جي اوڀر وارو ڀاڱو شامل هو. پر اٽڪل ٻه صديون پوءِ جڏهن سڪندر هندستان تي ڪاهيو تنهن وقت سنڌ هڪ سوننتر راڄ هو ۽ سنڌوندي ايران ۽ هندستان جي حڪومت جي حد هئي. سڪندر جي زماني جا اتهاسڪار لکن ٿا ته ان وقت سنڌ ۾ ديسي هندو راجائون راڄ ڪندا هئا.(5) هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته اتر اولهه پنجاب ۽ سنڌ گهڻو وقت ايران جي هٿ هيٺ نه رهي.
هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پراچين سمي ۾ درياهن جو هن وقت جهڙو وهڪرو نه هو، ۽پنجاب توڙي سنڌ ۾ هن وقت جنهن هنڌ رڃ پيئي واڪا ڪري، اتي انوقت چڱي آبادي هئي.(6) هن مان اها ڳالهه صاف ثابت ٿيندي ته بادشاه ديريس کي عيسوي سنه کان اٽڪل سوا پنج سو ورهيه اڳ برابر سنڌ مان مٿي ذڪر ڪيل انداز ۾ سون ملندو هوندو.
بادشاهه ديريس جا هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۾ ڪي شلا ليک (پٿرن تي اڪريل مضمون) مليا آهن. انهن کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته جنهن يون اکرن جو پراڻن ۾ تمام گهڻو ذڪر آهي، اهو انهن شلا ليکن ۾ به ڪتب آندو ويو آهي.

[b]سڪندر:
[/b] پڇمي اتهاسڪارن جي لکڻ موجب عيسوي سنه کان 327 ورهيه اڳ بهار جي موسم ۾، جنهن وقت سج ڪافي انداز ۾ برف کي ڳاري ۽ اوچن پهاڙن جا رستا صاف ڪري چڪو هو، تنهن وقت سڪندر اعظم پاڻ سان اٽڪل سٺ هزارن جي سينا وٺي هندوڪش پهاڙن مان لنگهي هندستان جي وسيع سرحد ڪوهه دامن ۾ اچي پهتو. (7) هونءَ ته سڪندر تخت تي وهڻ کان پوءِ ستت ئي هندستان تي حملي ڪرڻ جا پور پئي پچايا، پر بئڪٽيريا ديس تي سوڀ پائڻ کان پوءِ ئي هو هندستان ڏانهن قدم وڌائي سگهيو. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سڪندر جنهن سال ۾ هندستان تي حملو ڪيو، ان نسبت پوربي ۽ پڇمي اتهاسڪارن جا وڏا متڀيد آهن. ابوالريحان البيروني نالي هندوستان جي پهرئين مسلمان اتهاسڪار جو چوڻ آهي ته ”راجا يڌشٽر ۽ هلندڙ سال يعني سڪندر جي 1340 سال جي وچ ۾ 3479 سال گذري چڪا تڏهن سڪندر، هندستان تي حملو ڪيو.“ هن ليکڪ جي حساب موجب سڪندر عيسوي سنه کان 310 ورهيه اڳ هندستان تي ڪاهه ڪئي. خير، مان هن سوال ۾ گهڻو نٿو وڃڻ گهران، باقي ايترو لکڻ واجب ٿيندو ته البرونيءَ جنهن سمي ۾ سڪندر کي هندستان ۾ عيسوي سنه کان اٽڪل ٽي سو سال اڳ آيل سمجهندا هئا، پر هندستان جا هاڻوڪا اتهاسڪار ان کي 327 سال اڳ آيل لکي رهيا آهن.
سڪندر اعظم هندوڪش پهاڙن مان لنگهي ڪوهه دامن جي رستي هندستان تي حملي ڪرڻ جا اڳيئي پور پچائي چڪو هو. جنهن جي ثابتي اها آهي جو بئڪٽيريا تي ڪاهه ڪرڻ کان ٻه سال اڳ هن ڪوهه دامن جي بغل ۾ پنهنجي نالي جو هڪ عاليشان شهر اڏايو، جنهن جو نالو اليگزينڊرا مشهور ٿيو. هيءُ شهر اهڙي هنڌ تي آهي، جتان سولائيءَ سان هندستان ڏانهن وک وڌائي سگهجي.(8)
مون کي هن هنڌ سڪندر جي انهيءَ لڙائيءَ جو بيان ڪرڻو نه آهي، جنهن ۾ هن پنجاب جي اتر واري راڄ جي ڌڻي راجا پوئرش (پورس) سان هن مقابلو ڪيو. بيشڪ سڪندر جي سمي ۾ اسان جي سنڌ پرانت جون حدون اتر ۾ اٽڪ کان ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ پنجاب جي هاڻوڪي مانٽگو مري ضلع تائين پکڙيل هيون، پر اها ڳالهه ظاهر آهي ته پڇمي اتهاسڪارن جنهن راجا پورس ۽ سڪندر جي لڙائيءَ جو وستار سان ورڻن ڪيو آهي، اهو راجا پورس اسان جي سنڌ جو راجا نه هو. انهيءَ ڪري مان هن بيان ۾ سڪندر جي انهن ڪاهن جو بيان ڏيندس، جيڪي هن پراچين سنڌ جي راجائن تي ڪيون.
راجا پوئرش سان زور آزمائي ڪري، آخر منهنجي راءِ موجب ان سان عهد نامو ڪري عيسوي سنه کان 326 سال اڳ آڪٽوبر واري مهيني ۾ سڪندر سنڌ جي سرحد ۾ پير کوڙيا. يعني پنجاب جي اتر اولهه ۾ سڪندر کي ڇهه مهينا لڳي ويا. آڪٽوبر جي هڪ ڏينهن سڪندر صبح سان اٿي سوني برتڻ ۾، سامهون بيٺل ندي ۽ پنهنجي اشٽ ديوتائن کي ارگهه ڏيئي، انهن جي پوڄا ڪري پنهنجي سينا کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو. حڪم ملندي سڪندر جي سينا درياهي ٻيڙن ۾ چڙهي ڏکڻ طرف رواني ٿي. پڇمي اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته سڪندر جي سينڪ گهوڙن کي ٻيڙين ۾ ڏسي درياهه جي ڪپ تي بيٺل ماڻهو حيران ٿي ويا، جو هنن هن کان اڳ گهوڙن کي ٻيڙين تي چڙهندو نه ڏٺو هو. پڇمي اتهاسڪارن جون هيءُ فقط لٻاڙون آهن، نه ته سڪندر کان سوين سال اڳ اسان جي سنڌ جا سرويچ ماڻهو گهوڙن تي چڙهي واٽ تي وڏيون نديون لتاڙي عراق ۽ مصر تائين ويا. ڇا، عراق، ميسوپوٽيميا وغيره ملڪن سان واپار ڪندي سنڌ ۽ هند جا واپاري اوڏهين پيرين پيادو ٿي ويا، يا پنهنجن ڀريل گهوڙن سميت درياهه تري ٿي پار ويا؟ خير. مان هتي پهريائين پڇمي اتهاسڪارن جو مت ظاهر ٿو ڪريان. پڇاڙيءَ ۾ هلي ڏيکاريندس ته انهن عالمن جو رايو واهيات ۽ خود پنهنجن ٻين پڇمي پنڊتن جي ورڌ آهي، انهيءَ ڪري انهن جي راءِ کي گهڻو وزن نه ڏنو وڃي.
ٽن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ سڪندر جي سينا ڀيرا Bhira نالي شهر وٽ اچي پهتي، جتي سڪندر پنهنجي ڪريٽراس ۽ هيپسشن نالي سينا نائڪن کي درياهه جي ٻنهي ڪپن تي تنبو هڻڻ لاءِ چيو. هتي سڪندر جي درياهي فوج ٻه ڏينهن ترسي، جيستائين خشڪيءَ رستي ڪمانڊر فليپاس اچي ساڻن گڏجي. ڪمانڊر جي پهچڻ کان پوءِ هن کي حڪم ڏنو ويو ته تون پنهنجي سينا سان اڳيان ٿي هل.
پنجن ڏينهن کان پوءِ سڪندر جي سينا جهلم ۽ چناب جي سنگم وٽ اچي پهتي. ٻنهي ندين جي پاڻي گڏجڻ سبب هن هنڌ پاڻيءَ ۾ اهڙا ته خوفناڪ ڪن پيدا ٿي ٿيا جو سڪندر جي سينا سان ڀريل ٻه وڏيون ٻيڙيون انهن ۾ غرق ٿي ويون. خود سڪندر وارو وڏو ٻيڙو به ڪن جي وچ ۾ اچي ويو ۽ وڏي جتن سان ان کي بچايو ويو.
جهلم ۽ چناب ندين جو سنگم ڪهڙي هنڌ ٿي ٿيو، تنهنجو هن وقت ڪوبه نشان ڏسڻ ۾ نٿو اچي.گريڪ اتهاسڪارن ايرين ۽ ڪرٽيس، جن هن واقعي جو بيان لکيو آهي، انهن جو اهو خاص هنڌ، هن وقت معلوم نٿو ٿي سگهي. باقي ايترو اوس چئبو ته مٿين ندين جو ميلاپ يا سنگم گهڻو اُتر ۾ ٿي ٿيو.
ونسينٽ اسمٿ جو چوڻ آهي ته، ”پنجاب ۽ سنڌ ۾ ندين جيڪي وهڪرا بدلايا آهن، انهن جي خبر ڪيول محمد بن قاسم جي ڪاهه يعني سنه 712 کان پوءِ ٿي پوي. باقي انهيءَ ڪاهه کان هڪ هزار ورهيه اڳ سڪندر جي سمي ۾ اهي نديون ڪٿان ٿي وهيون، تنهنجو پتو پوڻ مشڪل آهي.“ جنهن صورت ۾ گذريل ٻارهن سو سالن ۾ به سنڌ ۽ پنجاب جي درياهن جا وهڪرا بدلبا رهيا آهن، تنهن صورت ۾ پڪ آهي ته سڪندر جي سمي ۾ ۽ ان کان اڳ به انهن ندين جا وهڪرا بدليا هوندا. چيو ٿو وڃي ته گذريل ٻارهن سو سالن ۾ سنڌ پرانت جي زمين اٽڪل پنجاهه ميل ويڪري ٿي آهي. انهيءَ ڪري سڀاويڪ درياهه جي وهڪري ۽ تيک ۾ به ڦير گهير ٿي هوندي. ڊاڪٽر اسمٿ جو چوڻ آهي ته هلڪڙو يا وهندا نالي درياهه، جنهن وقت بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ جي سچن پٽن کي سائو ۽ سبز ٿي ڪيو، تنهن جو هن وقت نالو نشان به ڪونه آهي. منهنجي انومان موجب هڪرا ندي ويدن ۽ پراڻن ۾ بيان ٿيل سرسوتي ندي هئي، جنهن جو ڇوڙ راجپوتانا واري جهوني ۽ هاڻي غائب ٿيل سمنڊ ۾ وڃي ٿي ٿيو.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به عجب آهي جو ڪيترن هاڻوڪن اتهاسڪارن پنجاب ۽ سنڌ جي ندين جي هاڻوڪن ڪپن تي سڪندر جي سمي جي شهرن جي ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا منهنجي ويچار موجب واهيات آهي. ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، ٻوڏن ۽ برساتين سبب سڪندر جي سمي جا شهر هن وقت خاڪ ۾ خاڪ ٿي چڪا هوندا.
سڪندر مٿي ذڪر ڪيل ٻن ندين جي سنگم وٽ انهيءَ ڪري پنهنجي منزل رکي، جو سندس مرضي هئي ته اتان به هو پراچين سنڌ جي اتر واري شبي (سبي) پرانت جي سينائن سان مقابلو ڪري.(9) ڇاڪاڻ ته سڪندر کي انهيءَ وقت اها کڙڪ پئجي ويئي ته شبيءَ جا شئيبيه کيتري، ملتان جي مست مالو جاتيءَ جي سنڌي کيترين سان ملي سندس زبردست مقابلو ڪرڻ وارا آهن. گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته شبي جاتيءَ جي سنڌي کيترين جلد سڪندر جي آڻ مڃي، ۽ انهيءَ ڪري سڪندر کين سيکت ڏيڻ بدران آزاد ڇڏي ڏنو. انهيءَ کان پوءِ سڪندر جي سينا سنڌ جي اگر سيني کيترين جنهن کي گريڪ اتهاسڪارن Agalssoi ڪري لکيو آهي، انهن سان مقابلو ڪيو. انهن پڇمي اتهاسڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته اگر سيني کيترين جي سينا تمام وڏي هئي، جنهن ۾ چاليهه هزار پيدل ۽ ٽي هزار گهوڙي سوار هئا. سڪندر جي سينا انهن مان هزارن کي قتل ڪيو ۽ هزارن کي داس يعني غلام بڻايو. سڪندر انهن سنڌي کيترين جي ماڳهين ملڪ ۾ گهڙي ويو ٿو چئجي، ۽ چون ٿا ته ٽيهن ميلن تائين هو اهو ملڪ ويران ڪندو پٺتي موٽيو!!! گريڪ اتهاسڪارن هڪ هنڌ اها ڳالهه سا قبول ڪئي آهي ته سڪندر جي سينا، شبي (سبيءَ) جي راڄڌاني هٿ ڪرڻ کان پوءِ ٻئي مکيه شهر تي جيڪو حملو ڪيو، تنهن ۾ سنڌي سورويرن جي تلوار هزارن گريڪ سپاهين کي ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ڇڏي. انهيءَ شهر جا مرد پنهنجن استرين ۽ گهرن کي باهه ڏيئي جنگ جا نعرا هڻندا گريڪ سينا تي ٽٽي پيا. انهن شهر واسين جو انداز ويهه هزار چيو ٿو وڃي، جن مان فقط ٽي هزار باقي وڃي بچيا.(10) ڊائڊوريس جو چوڻ آهي ته سڪندر پاڻ هن شهر کي جلايو، پرڪرٽيس جو چوڻ آهي ته اتي جي ماڻهن پاڻهي پنهنجن زالن ۽ شهر کي جلايو. مون کي پوئين ڳالهه سچي نظر ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ ٻي ڪنهن واهه نه ڏسڻ تي پراچين سمي جا کيتري پنهنجن استرين ۽ گهرن کي باهه جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا، ته جيئن اهي شترن جي هٿ نه چڙهن.
هتي سڪندر کي اها خبر ملي ته پراچين اتر سنڌ جا سرويچ مالو، يا مولي جاتيءَ جاکيتري پنهنجن پاڙيسري کيدرڪ Oxodarkai جاتيءَ جي سورمن سان ملي سندس سامهون ٿيڻ ٿا گهرن.انهيءَ تي سڪندر هڪدم انهن سنڌي قبيلن ۽ انهن جي مرڪزن تي اوچتو وارو ڪيو. سڪندر پنهنجي سينا کي راوي ۽ چناب ندين جي سنگم وٽ ترسڻ جو حڪم ڪري، خود چونڊ سينا ساڻ ڪري ملتان جي مالو ۽ کيدرڪ کيترين تي ڪاهي ويو.
هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مالو ۽ کيدرڪ جاتيءَ جا کيتري ڳپل وقت کان هڪ ٻئي سان وڙهيل هئا. انهن جون گهڻو ڪري هڪ ٻئي ۾ جنگيون ٿينديون رهنديون هيون. پر هاڻي پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي سر تي ڌارئي دشمن کي سوار ٿيندو ڏسي اهي ٻئي سنڌي فرقا پاڻ ۾ ملي ويا. ڊائڊوريس جو چوڻ آهي ته انهيءَ ميلاپ کي پڪي ڪرڻ لاءِ مالو يا مالي سورمن ڏهه هزار زالون کيدرڪن کي پرڻائي ڏنيون، ۽ بدلي ۾ کائون ڏهه هزار زالون وٺي پاڻ پرڻيا.(11) پر ڏک آهي جو انهن وکن ڀريندي به انهن ٻن وير جاتيءَ جي فرقن جي پاڻهي پوري ايڪتا نه ٿي سگهي. يعني سنڌي سينا جي اڳواڻيءَ جي سوال تان اهي ٻئي فرقا هڪ ٻئي سان گهڻو ملي نه سگهيا.
سنڌ جي اتهاس ۾ اهڙا انيڪ مثال ملندا جن مان اها ڳالهه ثابت ٿيندي ته گهرو ڦوٽ ئي ڌارين کي سنڌ تي پنهنجي جهنڊي جهولائڻ جو موقعو ڏنو. پر جنهن وقت هڪ ٿي ويا، تنهن وقت انهن وري پنهنجي ديس کي ڌارين جي هٿن کان آجو ڪيو.
جيستائين کيدرڪ سينا مالو سينا سان وڃي ملي، تيستائين سڪندر وجهه وٺي مالو سينا تي حملو ڪيو. البت انهيءَ حملي وقت جيڪا مالو سينا اتي موجود هئي سا سڪندر جي ٿوري آندل دينا کي ناس ڪري سگهي ها، پر سنڌي سينا جو سکان پوريءَ ريت نه جهليو ويو.گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته مالو سندي سينا ۾ اسي بلڪ نوي هزار پيدل، ڏهه هزار گهوڙي سوار ۽ ست سو کان نو سو تائين رٿ گاڏيون موجود هيون.
هيڏانهن سڪندر جي چونڊ سينا ۾ ڪيترا ماڻهو هئا، تنهنجو پورو انگ نٿو ملي. ڊاڪٽر اسمٿ جو چوڻ آهي ته گريڪ سينا ۾ فقط ست هزار سپاهي هئا، جا ڳالهه مان قبول نٿو ڪريان. ڊاڪٽر اسمٿ اهو انگ گريڪ اتهاسڪارن جي ڏنل انگن تان کنيو آهي، نه ته ست هزار سڪندري سينا اٽڪل هڪ لک مالو سينا کان ڪيئن گوءِ کڻي سگهي ها؟ گريڪ اتهاسڪارن جنهن وقت مالو سينا جي ويرتا ۽ رعب جو بيان ڪيو آهي تنهن وقت انهن کي لکندي لکندي هڏڪي وٺي ويئي آهي. هو قبول ٿا ڪن ته مالو سنڌي سينا جهڙي زبردست سينا سڪندر کي ٻئي هنڌ ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪيئن به، راجا پوئرش سان سڪندر جي ٿيل مقابلي جو احوال ڏيندي جيئن گريڪ اتهاسڪارن، هندواسين کي نرٻل ۽ گريڪن کي بهادر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوڙ تي سنڌرو ٻڌو، تيئن پراچين سنڌ جي سورويرن نسبت به هن گپوڙ بازيءَ کان ڪم ورتو آهي. اها ڳالهه مان ان وقت ثابت ڪندس جنهن وقت سڪندر جي ڪاه نسبت مان هن بيان جي پڇاڙيءَ ۾ گريڪ اتهاسڪارن جي ڏنل هڪ ٻئي کان ڦريل بيان جو ذڪر ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندس.
هيڏانهن ڊاڪٽر اسمٿ ٿو چوي ته سڪندر جي سينا انهيءَ ڪري سوڀ پاتي جو ان جو سکان لائق ۽ باانتظام هٿن ۾ هو. ساڻس گڏ هيءُ ودوان اها ڳالهه به قبول ٿو ڪري ته سڪندر جي گريڪ سينا جنهن وقت سنڌي مالو سينا جو منهن ڏٺو تنهن وقت هنن تي سنڌي سينا جي دهشت چڙهي ويئي ۽ هو سڪندر جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي سنڌرو ٻڌي ويٺا، پر بادشاه جي همٿائيندڙ وياکمان انهن جي ٿڌي ٿيل خون کي گرم ڪري ڇڏيو.
هن قبوليت مان به اها ڳالهه سڌ ٿي ٿئي ته پراچين اتر سنڌ ۾ سڪندر سان سينو سهائيندڙ سنڌي سينا ايتري ڪانه هئي، جا گريڪ اتهاسڪارن ڏيکاري آهي. سڪندر، وير مالو سينا کي فقط دوکي سان ناس ڪري سگهيو. ڊاڪٽر اسمٿ لکي ٿو ته بي هٿيار مالو وير بي خبر ٿي جنهن وقت پنهنجن ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، تنهن وقت سڪندر اوچتو ئي اوچتو مٿن حملو ڪيو. اها ڳالهه هندن جي جنگي قانون جي بنهه خلاف آهي. ڪڏهن به هندو سينا، بنا چتاءُ ڏيڻ جي دشمن جي فوج تي حملو نه ڪيو. ڇتر پتي شيواجيءَ کان سواءِ باقي ڪنهن به هندو راجا جي وقت ۾ اسان کي اهڙو مثال نظر نه ايندو. خير، ويچارا بي وس ۽ بي هٿيار سنڌي انهيءَ سڪندري سينا جي تلوار اڳيان ڪٽجي ختم ٿي ويا، جنهن سڪندر نسبت گريڪ اتهاسڪارن اها لٻاڙ هنئين آهي ته هن شبي جاتيءَ جي سنڌي پرجا کي آزاد ڇڏي ڏيو. هان، باقي اهي سنڌي سينڪ وڃي بچيا، جيڪي پنهنجن قلعه بند شهرن ۾ موجود هئا.
گريڪ اتهاسڪارن جو لکڻ آهي ته مالو جاتيءَ جي سنڌين کي نابود ڪري سڪندر هڪ اوچائيءَ تي بيٺل ننڍي شهر تي حملو ڪيو، جتي هن، ڪوٽ جي ٻن هزار رکپالن کي قتل ڪيو. سڪندر پرڊيڪاس نالي پنهنجي هڪ سيناپتيءَ کي ٻئي شهر هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليو، جتي انهن وڃي ڏٺو ته اتي جا ماڻهو شهر ڇڏي ويا آهن. انهن شهر واسين جهنگلن ۾ پناه وڃي ورتي پر انهيءَ هوندي به هو گريڪ سپاهين جي سنگينن کان بچي ڪين سگهيا. انهيءَ بعد مالو کيتري جي ان وقت راوي نديءَ جي پاسي ڏانهن پناهه وٺي رهيا هئا، انهن تي گريڪ فوج حملو ڪيو. ونسنٽ سمٿ چوي ٿو ته انهي زمين جي حصي ئي هن وقت پنجاب جو مانٽگومري ضلع آهي. جنهن شهر ۾ مالو کيتري اچي گڏ ٿيا هئا، گريڪ اتاهسڪارن جو چوڻ آهي ته انهيءَ شهر کي سڪندر بارود جون سرنگهون هڻي ۽ ڏاڪڻين جي وسيلي قلعي تي چڙهي هٿ ڪيو. انهن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته انهي قلعي جي ڀت تي سڀ کان اڳ سڪندر ڏاڪڻ رکي سنڀاليو، پر انهيءَ هوندي به اهو شهر گريڪن جي هٿن ۾ اچي ويو. ليکڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ننڍي شهر ۾ اٽڪل پنج هزار مالو ڪم اچي ويا. ڇاڪاڻ ته مالو کيتري موت يا فتح کان سواءِ جنگ جي ميدان مان واپس ڪين موٽندا هئا، انهيءَ ڪري سڪندر انهن کي پنهنجو باندي بڻائي ڪين سگهيو.
هاڻي چوطرف کان سڪندر جي فوج مالون کي ورائي ويئي. انهيءَ ڪري هنن وري راوي ندي پار ڪري پنجاه هزار ماڻهن سان پنهنجي ٻئي هڪ مضبوط قلعه بند شهر جي حفاظت ڪئي. ونسينٽ اسمٿ جو چوڻ آهي ته اهو مضبوط قلعو جهنگ ۽ مانٽگومري ضلع جي سرحد وٽ هو ۽ هاڻوڪي ملتان کان 80_ 90 ميل اتر اوڀر هو. هاڻوڪن ڪن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته اهو ملتان جو قلعو هو، جنهن کي ان وقت مولسٿان پور سڏيو ٿي ويو.(12) اسٽاربو جو چوڻ آهي ته اهو شهر بلڪل ننڍو هو. راورٽي به انهيءَ ڳالهه جي خلاف رايو ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته اهو شهر ملتان نه هو.(13) منهنجي راءِ موجب اهو شهر ملتان ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته مالو کيتري آخرين ملتان کي پنهنجو مرڪز بڻائي سڪندر جي سامهون ٿيا. انهيءَ کان سواءِ جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي ملتان سان ئي گهڻو سنٻنڌ رکن ٿيون.
گريڪ اتهاسڪار ملتان جي لڙائيءَ جو نهايت فزيدار احوال لکيو آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته سڪندر ڪهڙيءَ ريت پنهنجو سر تريءَ تي رکي ملتان جو قلعو هٿ ڪيو ۽ قسمت سان مالو ويرن جي هٿان موت جي شڪنجي کان بچي ويو. ايرين جو چوڻ آهي ته ٽالمي جو خود سڪندر سان گڏجي هندستان ۾ آيو تنهن ملتان جي لڙائيءَ جو جيڪو بيان ڪيو آهي، انهيءَ بيان جي آڌار تي ئي مان انهيءَ لڙائيءَ جي تصوير ٿو چٽيان. پر ونسينٽ اسمٿ جو چوڻ آهي ته ٽالمي، سڪندر سان گڏجي هندستان ۾ ڪونه آيو هو.(14) هاڻي جيڪڏهن ڊاڪٽر اسمٿ جي راءِ کي وزن ڏنو وڃي ته پوءِ جن گريڪ اتهاسڪارن، ٽالميءَ جي بيان جي آڌار تي سڪندر جي ڪاهه نسبت وٺي گپوڙا هڻڻ ۽ قياسي گهوڙا ڊوڙائڻ شروع ڪيا آهن، اهي سڀ ڪوڙا ثابت ٿا ٿين. ڪيئن به سڪندر جي ويرتا نسبت پڇم جي ليکڪن جيڪي ڊگهيون ڳالهيون لکيون آهن، انهن کي گهڻو وزن ڏيڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن جو بنياد فقط ڪن ٻڌل ڳالهين تي آهي.
گريڪ ليکڪن جو چوڻ آهي ته ملتان شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سڪندر قلعي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هوپاڻ سان ٽي ساٿي وٺي پنهنجن ساٿين کان ڏاڪڻ ڦري قلعي جي ڀت تي چڙهي ويو. سڪندر کي قلعي جي ڀت تي بيٺل ڏسي مالو سينا هن کي پنهنجي شڪار جو نشان بڻايو. سڪندر جو هڪ ساٿي انهيءَ وچ ۾ سرڳ ڏانهن روانو ٿيو. اتي سڪندر ٽپ ڏيئي قلعي جي ڀت کان هيٺ لهي پيو ۽ هڪ وڻ کي پٺ ڏئي مالون سان مقابلو ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي تلوار سان ملتان جي گورنر کي ماري ڇڏيو.
پنهنجي اڳواڻ کي مئل ڏسي مالو سينا پاڳل ٿي پيئي. ايتري ۾ هڪ تير سڪندر جي زره کي چيري سندس ڇاتيءَ ۾ لنگهي ويو ۽ سڪندر زمين تي سڌو ٿي سمهي پيو. سندس باقي بچيل هڪ ساٿي مٿائونس سڪندر جي شاهي ڍال جهلي بيهي رهيو ته متان ٻيو ڪو تير يا هٿيار سندس ڪم خلاص ڪري ڇڏي.
هيڏانهن پنهنجي بادشاه کي فقط ٻن ٽن ساٿين سان قلعي ۾ ويل ڏسي گريڪ سپاهي بي آرام ٿيڻ لڳا. جنهن ڏاڪڻ تي چڙهي سڪندر قلعي اندر گهڙيو هو، اها ڏاڪڻ ٽڪر ٽڪر ٿي چڪي هئي. نيٺ ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان ڪي جزوي سپاهي قلعي جي ڪچين ڀتين تي چڙهي ويا.(15) ڪي سپاهي قلعي جي ڦاٽڪ کان به لنگهي اندر داخل ٿيا، انهن جي وقتي مدد سڪندر جي حياتي بچائي ڇڏي، جو تير لڳڻ کان ڪجهه وقت بيهوش ٿي ويو هو.
هڪدم سڪندر جي بدن مان تير ڪڍيو ويو، پر سندس بدن مان خون ريلا ڪري وهڻ لڳو جنهن ڪري هن جي موت جو امڪان ٿي پيو. پر سڪندر جو سگهارو بدن بيحد خون ڇڏيندي به موت جو شڪار نه ٿي سگهيو. پڇمي ليکڪن جو چوڻ آهي ته پنهنجي بادشاه جي هيءَ درگتي ٿيل ڏسي گريڪ فوج متوالن جيان شهر واسين جي مٿان ڪڙڪي پيئي ۽ ٻار ٻڍو ۽ زال جيڪو سندن اڳيان ٿي آيو سو سندن تلوار جو شڪار ٿيندو ٿي ويو.
ڪجهه وقت آرام وٺڻ کان پوءِ سڪندر پنهنجي سينا سان ٻيڙين تي سوار ٿي راوي ۽ جهلم نديءَ جي سنگم يعني هاڻوڪي بهاولپور رياست جي حد ۾ پهتو جتي سندس بحري ۽ ٻئي قسم جو لشڪر بيٺو هو.
مالو کيترين جي هيءَ حالت ڏسي، پڇمي اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته کيدرڪ جاتيءَ جا سنڌي سوروير نراس ٿي ويا. هنن جي دلين تي سڪندر جي دهشت ويهي ويئي، انهيءَ ڪري هنن ڪيتريون قميتي سوکڙيون ڀيٽا ڏيئي سڪندر جي آڻ مڃي، ۽ سڪندر به انهن ڏانهن رحم جي نظر سان ڏٺو.
گريڪ اتهاس ڪارن هن ڳالهه جو ذڪر ڪندي ڏاڍي شد مد سان لکيو آهي ته پراچين اتر سنڌ ۾ رهندڙ کيدرڪ جاتي (جنهن کي هو Oxydrakai جي نالي سان سڏين ٿا) جا اٽڪل هڪ سو ايلچي سڪندر جي شيوا ۾ حاضر ٿيا. انهن جا جسم بلڪل قداور هئا جن تي ڪيترو سون پيل هو ۽ خود رٿن تي سوار هئا. انهن هڪ سو سنڌي ايلچين سڪندر جي اڳيان جيڪي سوکڙيون رکيون انهن ۾ 1030 چئن گهوڙن وارا رٿ هئا، هڪ هزار ڍالون هيون جي سڀ هندستان ۾ ٺهيل هيون. ڪيترو ڪپڙي جو سامان، ڪڇونءَ جي کل مان ٺهيل سهڻيون شيون ۽ شينهن توڙي چيتن جون کلون به هيون. انهن سوکڙين سان گڏ ٽي سو گهوڙيسوار به هئا.(16) اهو رايو ڪرٽيئس جو آهي. پر ايرين جو چوڻ آهي ته سڪندر کي فقط پنج سو رٿ سوکڙي طور ڏنا ويا. گريڪ اتهاس ڪارن هن هنڌ سڪندر جي اڳيان سوکڙي طور سنڌ واسين جي ڏنل ڪپڙي نسبت ڪي عجيب اکر ڪتب آندا آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته سڪندر کي کيدرڪ سنڌواسين جيڪي ڪپڙي مان شيون ڏنيون اهو ڪپڙو ڪپهه يا سڻي مان نه، بلڪ ڪنهن اتسي يا السي نالي پدارٿ مان ٺهيل هو.
پروفيسر جوڳيشچندر راءِ ”جنرل آف بنگال اورئينٽل ريسرچ“ نالي اخبار ۾ هڪ ليک لکيو آهي ته ”هندستان ۾ ارٿ شاستر جي سمي (چندر گپت جي زماني) کان ڪي صديون اڳ ۽ پوءِ اَتسي يا اَلسي نالي هڪ سلي مان ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو، جنهن کان پوءِ ڪپهه ۽ سڻيءَ جو ڪپڙو ٺهڻ لڳو..... پراچين سمي ۾ سڻيءَ کي ڪشما ۽ سلهڻ سنگين ڪپڙي کي دڪول سڏيو ويندو هو.(17) ڪڇونءَ جي کل مان شين ٺاهڻ جو هنر هندستان ۾ بلڪل آڳاٽي سمي کان هلندو ٿو اچي. پيريپلس جو چوڻ آهي ته عيسوي پهرين صديءَ ۾ به انهيءَ کل مان ڪيتريون شيون ٺاهيون وينديون هيون.(18) خير، هن مختصر بيان مان پراچين سنڌ جي هنر ۽ ڪاريگريءَ جي ٿوري گهڻي سڌ پوي ٿي.
سڪندر پراچين سنڌ جي اتر وارو ڀاڱو فتح ڪري فلپس نالي هڪ گريڪ سيناپتيءَ کي ان جي مٿان گورنر مقرر ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجي فوج سان انهيءَ طرف وڌڻ لڳو جتي چناب، راوي، جهلم ۽ بياس ندي، اسان جي سنڌونديءَ سان اچي ٿيون گڏ ٿين. پڇمي ليکڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ سمي ۾ سنڌ پرانت جي ٻي ندي جنهن کي مون سرسوتيءَ جي نالي سان لکيو آهي، پر پڇم جي ليکڪن ۽ مسلمان تواريخ نويسن حڪرا يا وهيئند جي نالي سان سڏيو آهي، سان ان وقت موجود هئي.
گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ تي به نه مونکي ۽ نه ٻئي ڪنهن اتهاس ليکڪ کي اها سڌ ٿي پوي ته سڪندر جي سمي ۾ ڪهڙي هنڌ تي پنجاب جون سڀ نديون اسان جي سنڌونديءَ سان اچي گڏبيون هيون.هان، باقي جنهن وقت عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي تنهن وقت اهي نديون هاڻوڪي بهاولپور رياست جي دوش اي. آب يعني پاڻيءَ جي ميلاپ واري هنڌ تي اچي ٿي گڏيون.(19) مسٽر راورٽي جو چوڻ آهي ته اهي نديون ڀگلا يا باگلا نالي جڳهه تي گڏ ٿي ٿيون. مشهور گريڪ اتهاس ڪار ايرين به ندين جي مٿئين سنگم جو پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي.(20) مٿي جنهن فلپس گورنر جو ذڪر ڪيو ويو آهي ان جي علائقي جي ڏکڻ جي حد انهيءَ هنڌ هئي جتي پنجاب جون نديون اچي ٿيون سنڌونديءَ سان گڏجن. هن کي راڄ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڪيترو لشڪر به ڏنو ويو هو. انهيءَ ساڳئي وقت تي سڪندر پنهنجي سهري آڪسرٽس کي قابل جي پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪري موڪليو.
سڪندر پنجاب ۽ سنڌونديءَ جي سنگم وٽ هڪ شهر اڏايو.اتي جهازن ۽ ٻيڙين جي بيهڻ لاءِ ڊاڪ يارڊ به ٺهرايا. سڪندر کي وشواس هو ته اهو شهر واپار ۾ جلد وڌندو ۽ ويجهندو. انهيءَ کان پوءِ ايرين جو لکڻ آهي ته سنڌ جي اتر ۾ رهندڙ امبشٽ Abastonoi، کيتري Oxothroi ۽ اکيواڪ Ossadioi جاتيءَ جي سنڌ واسين سڪندر جي آڻ مڃي ۽ هن کي ڪيترا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ٻيٽ ڏنيون.
هن وقت تائين سينا پتي ڪريٽيراس، جو پنجاب جي ندين جو ڪنهن وقت اڀرندو ڪنهن وقت الهندو ڪنارو ڏيندو پئي آيو، ان کي سڪندر سنڌونديءَ جي اڀرندي واري طرف روانو ڪيو، جنهن حصي ۾ گريڪ اتهاس ڪارن جي چوڻ موجب اهڙا سرويچ ماڻهو نه رهندا هئا، جهڙا سنڌو نديءَ جي الهندي ڪپ تي رهندا هئا.
سڪندر فيصلو ڪيو ته مان سنڌ جي اڀماني ۽ زبردست راجا موکيراج، (جنهن کي ايرين ۽ ٻين گريڪ اتهاس ڪارن Mousikanos جي نالي سان لکيو آهي،) تي اوچتي ڪاهه ڪري ان جو ڪنڌ هيٺ ڪريان، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي هن چڪرورتي راجا سڪندر تي ڪا به فلڪ نه آندي. هن سمجهيو ته هڪ خسيس بادشاه چڙهائي ڪري آيو آهي جنهن کي مان ميدان جنگ ۾ ماري مات ڪندس. سڪندر هن وقت تائين ڪن سنڌي قومن کي ماري مڃايو ۽ ڪن هراس وچان سندس غلامي قبول ڪئي، تنهن سنڌ جي راجا کي مغرور ڏسي بنا چتاءَ جي مٿس حملو ڪري هٿ ڪرڻ جو نرنئه ڪيو. پڇمي اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هن چڪرورتي راجا جي راڄڌاني سنڌ جي پراچين الور شهر ۾ هئي. انهن اتهاسڪارن جو ائين به چوڻ آهي ته هتي جي سنڌ واسين کي ڏسي گريڪ سپاهي حيران ٿي ويا. اهي سنڌ واسي سوا سو بلڪ ان کان به وڌيڪ ورهين تائين جيئرا رهندا هئا. انهن جو قد قامت، سونهن ۽ تندرستي حيرت انگيز هئي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان وقت سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون، ته به هتي جا رهواسي اهي ڌاتو ڪم نه آڻيندا هئا. هندستان جي ٻين پرانتن وانگر سنڌ ۾ ان وقت غلامن جي رسم چالو نه هئي. گريڪ اتهاسڪارن اهو به ٽٻ پڙهيو آهي ته سڪندر جي سمي جا سنڌ واسي وگيان ڪين پڙهندا هئا، باقي حڪمت جي وديا ڏانهن سندن چڱو لاڙو هو. هنن ۾ ڪوبه ديواني قانون چالو نه هو. سرڪاري ڪورٽن ۾ ڪيول خون ۽ ٻين اهڙن خوفناڪ هنسڪ ڏوهن تي فيصلا ڏنا ويندا هئا.(21)
پر سنڌ جي هڪ اتهاسڪار اسٽاربو جو چوڻ آهي ته هروڀرو اهو سچ نه آهي ته هندستان جي سڀني پرانتن ۾ غلامن رکڻ جي رسم چالو نه هئي. پر ميگسٿنيز صاف لکي ٿو ته دنيا ۾ هندستان ئي اهڙو ديس هو جتي سڀ ماڻهو آزاد هئا، ۽ ڪنهن به پرانت ۾ غلام موجود نه هو.(22)
الور جو مهاراجا، سڪندر کي اوچتو پنهنجي مٿان ڪڙڪيل ڏسي گهٻرائجي ويو. هي ٻيو دفعو هو جڏهن سڪندر سنڌ واسي سورويرن تي، کيترين جي رسم خلاف اوچتو ئي اوچتو بي خبريءَ ۾ حملو ڪري ثابت ڪيو ته پڇم جي وڏن وڏن بهادرن ۾ به جنگ جي مرجادا موجود نه آهي. مهاراجا موکيراجه پنهنجي فوج سان اڳتي وڌي، تنهن کان اڳ سڪندر جي سينا سندس سرحد ۾ لنگهي آئي. گريڪ اتهاسڪارن جو لکڻ آهي ته لاچار الور جو مهاراجا پاڻ سان ڪيتريون بي بها سوکـڙيون ۽ چونڊ هاٿي وٺي سڪندر جي اڳيان آيو. سدا جيان سڪندر هن سنڌ جي چڪرورتي راجا کي کڻي گلي سان لڳايو ۽ سندس ويرتا ۽ گڻن جي ساراهه ڪئي.سڪندر الور جي مهاراجا کي سنڌ جو چڪرورتي راجا پڻ تسليم ڪيو.
هيڏانهن پنهنجي راجا کي بزدل ماڻهن جيان هڪ ڌارئي بادشاه اڳيان سر جهڪائيندو ڏسي سنڌ جي براهمڻن ۽ کيترين ۾ جوش جي لهر پيدا ٿي. براهمڻ پنهنجن گهرن مان نڪري ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ وڃي ڪمزور ماڻهن کي ڌارين جي خلاف جوش ڏيارڻ لڳا، جنهن تي الور جي مهاراجا هڪدم سڪندر جي خلاف مياڻ مان تلوار ڪڍي ديس جي سوتنترتا جو جهنڊو بلند ڪيو.
سڪندر کي جنهن ويل خبر پيئي ته سنڌ جي اڀماني راجا موکيراج سندس سامهون سينو سپر ڪيو آهي ۽ هن جي بغاوت لاءِ خاص ڪري سنڌ جا براهمڻ جوابدار آهن، تنهن ويل هن پنهنجي گريڪ سينا کي سنڌ جي براهمڻ کي چونڊي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پلو ٽارڪ جو لکڻ آهي ته هڃاري سڪندر ڪيترن ودوان فيلسوف براهمڻن کي جيل ۾ وڌو ۽ آخر انهن کي ديش ڀڳتيءَ جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جون سزائون ڏنيون. (1) ڀاڳوان آهن اهي براهمڻ جن پنهنجي ديش مٿان مشڪندي مشڪندي ساهه صدقي ڪيو. مگر جيڪي پڇمي اتهاسڪار سڪندر جي سخاوت جون سرڪيون ڀريندي نٿا ٿڪجن، انهن کي لاچار ٿي سڪندر جي هن ڪڌي ڪرتوت تي لعنت ۽ ڦٽڪار جو قلم واهڻو پوندو. سنڌ جي اتهاس ۾ هيءُ پهريون موقعو هو جڏهن سنڌ تي ڌارين حملو ڪيو، ۽ ڌارين جي غلاميءَ کي برداشت ڪرڻ بدران ٻين سڀني جاتين کان اڳ سنڌ جي براهمڻن پنهنجي جان جي قرباني ڏيئي، ڀارت ورش جي اتهاس ۾ پنهنجو نالو امر ڪيو. سنڌ جي براهمڻن کي سچ پچ پنهنجن انهن وڏن لاءِ ايترو فخر نه هئڻ گهرجي جن سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ويهي گيان ۽ وگيان جون ڌارائون وهايون، بلڪ کين انهن ابن تي اڀمان هئڻ گهرجي جن پنهنجي خون جي هڪ هڪ بوند ديش جي سوتنترتا مٿان ٻليدان ڪئي.
پلو ٽارڪ پنهنجي ڪتاب جي 64 اڌياءَ ۾ سنڌ جي براهمڻن نسبت هڪ ٻي عجيب ۽ خوشي ڏيندڙ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”سڪندر ڪن ودوان پنڊتن کي قيد ڪيو جن سنڌ جي اولهه واري هڪ پهاڙي راجا ”سواس“ (Sabbas) کي سڪندر جي خلاف کڙو ڪيو. سڪندر ٻڌو هو ته سنڌ جا اهي ودوان پنڊت سڄي دنيا ۾ لاثاني حاضر جواب آهن ۽ مشڪل ۾ مشڪل سوالن جا جواب اک ڇنڀ ۾ ٿا ڏين. انهيءَ تي سڪندر اتان رواني ٿيڻ کان اڳ انهن گرفتار ڪيل براهمن کي گهرائي چيو ته اوهان مان جيڪو ودوان پڇيل سوال جو اڻ پورو يا غير مڪمل جواب ڏيندو ان کي اڳ ۾ قتل ڪيو ويندو، اهڙيءَ ريت سلسليوار سٺي جواب ڏيندڙ کي سڀني کان پوءِ ڦاسي ڏني ويندي. سوالن جي جوابن ٻڌڻ ۽ انهن جي پريکيا وٺڻ لاءِ پئنچن جي هڪ ڪميٽي وهاري وئي ۽ ان کان پوءِ هيٺئين نموني سان سوال پڇيا ويا:
هڪ کان_ دنيا ۾ مئل ماڻهو گهڻا آهن ڪين جيئرا؟
جواب: جيئرا، انهيءَ ڪري ڇاڪاڻ ته مئل ماڻهو موجو ئي ڪين آهن.
ٻئي کان_ سڀني کان وڏا جيو جنت پاڻيءَ ۾ آهن ڪين سڪي زمين تي؟
جواب: زمين تي، ڇاڪاڻ ته پاڻي به زمين تي بيٺل آهي.
ٽئين کان_ سڀني کان عقلمند حيوان ڪير آهي؟
جواب: اهو حيوان جنهن کي انسان اڃان سڃاڻي يا ڳولي نه سگهيو آهي.
چوٿين کان_ توهان پنهنجي سواس راجا کي سڪندر جي خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ ڇو کڙو ڪيو؟
جواب: انهيءَ لاءِ ته جيئرو رهي ته عزت سان، نه ته عزت سان سر قربان ڪري هن دنيا مان هليو وڃي.
پنجين کان_ سڀ کان اڳ ڏينهن ٿيو ڪين رات؟
جواب: ڏينهن، پر اهو ڏينهن رات کان فقط هڪ ڏينهن اڳ پيدا ٿيو.
ههڙو جواب ٻڌي سڪندر جون وايون بتال ٿي ويون. هو وائڙن وانگر سنڌ جي قيدي براهمڻن ڏانهن نهارڻ لڳو. انهيءَ تي براهمڻن کيس چيو ته سڪندر! عجيب سوالن جا جواب به عجيب ٿيندا آهن.
ڇهين کان_ ماڻهو ڪيئن پاڻ کي سڀني جو سڄڻ ثابت ڪري ٿو سگهي؟
جواب: طاقتمندي هوندي به نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ سان.
ستين کان_ ماڻهو ڪهڙيءَ ريت ديوتا ٿي سگهي ٿو؟
جواب: اهڙا ڪم ڪري جي انسانن لاءِ ناممڪن هجن.
اٺين کان_ حياتي وڌيڪ طاقت مند آهي ڪين موت؟
جواب: حياتي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ هر طرح جي مصيبتن سهڻ جي طاقت موجود آهي.
نائين کان_ ماڻهوءَ کي ڪيستائين جيئرو رهڻ گهرجي؟
جواب: اوستائين جيستائين هو موت کي حياتيءَ کان وڌيڪ اتم نه سمجهي.
جواب: ٻڌندي سڪندر دنگ رهجي ويو. ڀلا هن وقت تائين سندس لاڳاپو رڳو اولهه جي ايران وغيره ملڪن سان پيو هو. کيس اها ڪل ئي ڪانه هئي ته ايشور هندستان ۽ سنڌ ۾ اهي ودوان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي ويد گيان سان سنسار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. نيٺ سڪندر لاچار ٿي سنڌ جي انهن ٿورن قيدي براهمڻن کي انعام ڏيئي ڇڏي ڏنو.
ساڳيو ليکڪ پلو ٽارڪ پنهنجي ڪتاب جي 65 اڌياءِ ۾ لکي ٿو ته سڪندر ”ونسڪريٽس“ نالي پنهنجي ماڻهوءَ کي موڪليو ته هندستان جي ڪن پنڊتن کي گريس هلڻ لاءِ تيار ڪري. انهيءَ گريڪ سيناپتيءَ ”ڪالا نوس ۽ ڊنڊمس“ (ڊنڊي سواميءَ، کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته اوهين سڪندر سان گڏجي سندس ملڪ ڏانهن وڃو. انهن ساڌن پهريائين ته انڪار ڪيو پر پوءِ تکيشلا جي راجا آنڀيءَ جي چوڻ تي ڪالانوس سڪندر سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿيو. هن جو اصل نالو پلو ٽارڪ اسپنس لکيو آهي. انهيءَ ساڌوءَ سڪندر وٽ ايندي شرط هڪ وڏي کل گهرائي. هن کل جي هڪ ڪنڊ تي پير رکيو ته باقي ٻيا ٽي ڀاڱا مٿي کڙا ٿي بيٺا. ٻيءَ ڪنڊ تي پير رکيائين، ته باقي ٽي ڪنڊون مٿي کڙيون ٿي بيٺيون. نيٺ جڏهن اهو ساڌو کل جي وچ تي ٿي بيٺو تڏهن اها کل جيئن جو تيئن هڪ هنڌ بيٺي رهي. انهيءَ ڪرامت جي رستي اتر سنڌ جي انهيءَ ساڌوءَ، سڪندر کي اهو اپديش ڏئڻ ٿي گهريو ته هو پنهنجيءَ راڄڌانيءَ ۾ ويهي چڱيءَ ريت نياءُ سان راڄ ڪري، نڪي هيڏانهن هوڏانهن دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ڀٽڪندو وتي.
ڊيوڊ ورس لکي ٿو ته (ڪتاب 17 اڌياءُ 107) سڪندر ڪلانوس کي پاڻ سان وٺي ويو. جنهن وقت هو ايران جي سوشيانا پرانت جي سرحد تي پهتو تنهن وقت هن ساڌوءَ هڪ عجيب نموني سان پنهنجو موت آندو! هن جي عمر 73 سال هئي ۽ آخر تائين هو آنند سان رهيو هو. هاڻي هو پنهنجيءَ حياتيءَ کي بار سمجهڻ لڳو. هن سڪندر کي چيو ته هڪ وڏي چکيا تيار ڪئي وڃي جنهن ۾ هو ڀسم ٿيندو. سڪندر پهريائين ته انهيءَ ڳالهه کي قبول نه ڪيو، پر پوءِ نيٺ قبول ڪيائين. هڪ وڏي چکيا تيار ڪئي ويئي. انهيءَ غير معمولي ڳالهه کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ڪالانوس نهايت گنڀيرتا سان اکيون بند ڪري پاڻ کي ٻرندڙ چکيا ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو. سڪندر کي هن لاءِ ڏاڍو قرب هو. ڪن ودوانن جو چوڻ آهي ته سڪندر جنهن وقت هندستان ڏانهن ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ٿيو تنهن وقت سندس گيان گرو ائر سٽاٽل (ارسطوءَ) کيس چيو هو ته هندستان کان ڪنهن ودوان کي گريس ۾ وٺي اچج، جو اچي هتي جي ماڻهن کي آتم گيان ڏئي.
براهمڻن جي پکڙيل باه ڏسي سڪندر، بهاولپور، ملتان، الور جي مٿان مقرر ڪيل گورنر پيٿان Peithan کي وڏي لشڪر مان انهن کي دٻائڻ لاءِ روانو ڪيو.(23) گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته سڄيءَ سنڌ جي مٿان مقرر ڪيل گورنر پيٿان کي روانو ڪري خود سڪندر ڪن وڏن شهرن تي ڪاهي پيو، جن مان ڪي شهر ته بنهه نابود ڪيا ويا ۽ ڪن کي سڪندر جي فوج وڃي هٿ ڪيو.
هتي ياد رکڻ گهرجي ته گريڪ اتهاسڪار، جنهن وقت ڪن شهرن جي نابودگيءَ جو ذڪر ٿا ڪن، تنهن وقت انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته انهن شهرن جي رهواسين جيئري سڪندر جي غلامي قبول نه ڪئي. هو يا ته ماتر ڀوميءَ لاءِ لڙندي لڙندي ميدان جنگ ۾ ڪم آيا، يا ته ماڳهين ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وطن جا وڻ ڇڏي ويا، پر سڪندر جي جهنڊي هيٺ رهڻ هنن قبول نه ڪيو. نه ته ڪن شهرن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪن کي بنهه نابود ڪرڻ جي ٻي ڪا به معنيٰ نٿي نڪري.
گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته گريڪ سينا پتي پيٿان الور جي مهاراجا موکيراج کي جنگ ۾ باندي بڻايو، جنهن کي ڪيترن براهمڻن سان گڏ سڪندر جي آگيا سان ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو.(24) انهيءَ کان پوءِ سڪندر سنڌ جي ٻي کيتري جاتي تي اوچتو حملو ڪيو. گريڪ اتهاسڪارن ان کي Oxykanos جي نالي سان سڏيو آهي. ڪريٽئس جو چوڻ آهي ته هن جاتيءَ جي راڄ ۾ رهندڙ ڪن ماڻهن کي موسيڪني Musicani (موچيڪرڻ) چوندا هئا. Oxykanos کي پورٽيڪيمنس Porticamns ۽ رعيت کي پريستي Praesti (پرسٿي) چوندا هئا. گريڪ اتهاسڪار جي چوڻ موجب آڪسيدر ڪائي جاتيءَ کي قتل ڪيو ويو گريڪ سپاهين سنڌ واسي سينا سان پنهنجن زهري تلوارن سان مقابلو ڪيو. پر ڪن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته هن سنڌي جاتي کي باندي بڻايو ويو. هن جي ٻن مکيه شهرن کي بنهه نابود ڪيو ويو، انهيءَ ڪري باقي ٻيا شهر پاڻهي اچي پيش پيا.
هڪ ٻئي سنڌي جاتي، جنهن کي گريڪ اتهاسڪارن سئمباس Sambos (سواس) جي نالي سان ياد ڪيو آهي ۽ جنهن جي راڄڌانيءَ کي سنڌيمنا Sindhimana ڪري سڏيو آهي. ان جاتي سنبت انهن جو چوڻ آهي ته خوف وچان بنا مقابلي وٺي ڀڳي ۽ آخر آڻ مڃائين. ڪن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته اهو سنڌيمنا شهر اڄ ڪلهه جو سيوهڻ آهي.پر انهيءَ لاءِ ڪافي ثابتيون ميسر ڪين ٿيون ٿي سگهن. هاڻ سيوهڻ ۽ سنڌيمنا اکر جو پهريون اکر بيشڪ هڪجهڙو آهي. پر فقط انهيءَ سبب ڪري سنڌيمنا ۽ سيوهڻ کي هڪ سمجهڻ درست نه ٿيندو. منهنجي نظر ۾ اهو سنڌيمنا شهر سنڌو نديءَ جي اوڀر طرف هاڻوڪي نواب شاهه ضلع ۾ ڪنهن هنڌ هوندو. هان، اهو به ممڪن آهي ته سيوهڻ جو شهر سڪندر جي سمي ۾ اڄ ڪلهه وانگر درياه اولهه بدران اوڀر ۾ هجي. خير سنڌيمنا جي راجا يا کيترين سڪندر اڳيان سر جهڪايو، سڪندر هن هنڌ وري پنهنجي سچي صورت ڏيکاري. يعني جيڪي براهمڻ کيس سامهون نظر ٿي آيا تن کي تلوار جي گهاٽ تي ٻليدان ڏيندو ٿي ويو. اتهاسڪارن جو رايو آهي ته فقط هاڻوڪي سنڌ جي حد ۾ سڪندر اٽڪل اسي هزار سنڌ واسين کي قتل ڪيو يا ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ ايتري انداز کي ئي غلام بڻائي پاڻ سان وٺي ويو!!!
الور جي چڪرورتي مهاراجا موکيراج کان پوءِ ڏکڻ سنڌ جو ٻيو مکيه راجا هو جنهن کي گريڪن پٽاليني Patalene سڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس راڄڌاني پتال شهر هو. هو سڪندر جي تنبوءَ ۾ لنگهي آيو ۽ اچي هن جي آڻ مڃائين.هتي ياد رکڻ گهرجي ته پتال جي شهر جو جيڪو ذڪر اسان کي ملي ٿو تنهن مان ثابت آهي ته اهو شهر درياهه جي ڪپ ۽ سمنڊ جي ويجهو هو. ڪن اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته سڪندر جي سمي ۾ هاڻوڪو حيدرآباد جو شهر سمنڊ جي ويجهو ۽ درياه جي ڪپ تي هو، انهيءَ ڪري هن کي پتال شهر سڏيو ٿي ويو، جو گهڻو پوءِ نيرن ڪوٽ يا نارائڻ ڪوٽ جي نالي سان پر سڌ ٿيو.سڪندر هن راجا جي وينتي قبول ڪئي. هن کي حڪم ڏنو ويو ته تون سڪندر جي اسهڻ جي آجيان جون تياريون ڪر.
ٺيڪ انهيءَ وقت سڪندر جي سڀ کان وڌيڪ وشواس پاتر سينا پتي ڪريٽراس کي حڪم ٿيو ته آرچوسيا Arachosia يعني قنڌار ۽ ڊرونگيانا Drongiana يعني سبيءَ جي رستي مان لنگهي ڪرمينيا ڏانهن روانو ٿيءُ. ڪريٽراس کي طرح طرح جي سينا ڏني ويئي، بلڪ ڪي اهڙا به سپاهي ڏنا ويا جيڪي وڌيڪ وڙهڻ لائق نه هئا. هن فوج سان ڪي هاٿي به هئا.
سڪندر شخصي ريت بحري فوج کي پنهنجي هٿ ۾ رکيو. باقي سڄي سينا جو نائڪ هيفئسشن Hephaistion مقرر ڪيو ويو. هو سنڌو نديءَ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي هلڻ لڳو. ڪريتيراس، جنهن کي اپر سنڌ ۾ درياه جي اولهه پاسي ڏانهن بدلي ڪيو ويو هو، سو درياه پار ڪري وطن ڏانهن رخ رکڻ لڳو. سيناپتي پيٿان کي گهوڙيسوار فوج ڏني ويئي، جيئن ڪن مکيه قلع بند شهرن ۾ کڙي ٿيل بغاوت کي دٻائي امن امان قائم رکي ۽ آخر پتال (حيدرآباد) شهر ۾ اچي سڪندر سان گڏجي.
پتال شهر جنهن هنڌ تي اڏيل هو ان جي اهميت کي ڌيان ۾ رکي سڪندر پنهنجي مها سيناپتي هفئشن کي حڪم ڏنو ته انهيءَ شهر ۾ هڪ وڏو قلعو ٻڌايو وڃي ۽ شهر جي آسپاس کوه کوٽايا وڃن. هن جي اها به مرضي ٿي ته جنهن هنڌ سنڌو نديءَ مان ٻه ڦاٽ ٿا نڪرن اتي هڪ سهڻو بندر ٺهرايو وڃي. انهيءَ مراد سان ئي هو پنهنجي سر سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڦاٽن جو سمنڊ تائين ڪنارو جاچيندو رهيو. هڪ ڦاٽ هاڻوڪي ٺٽي شهر جي ڏکڻ ۾ پنڌرهن ميلن جي مفاصلي تي ديول بندر وٽ سمنڊ ۾ وڃي ٿي ڇڙيو، ۽ ٻيو ڦاٽ وري هاڻوڪي امر ڪوٽ طرف ٿي ويو.
هتي مون کي ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته ٿرپارڪر ضلعي جي اڀرندي ناري کي سڪندر سنڌو نديءَ جو هڪ ڦاٽ سمجهيو آهي، جو پراچين سمي ۾ ڪنهن وقت کنڀات جي نار ۾ وڃي پيو. ۽ ٻيو ڦاٽ اهو ساڳيو آهي جيڪو ڪراچي ضلعي جي لاڙ ڊويزن مان ٿيندو مغل بين وٽ عربي سمنڊ ۾ وڃي ٿي مليو. مغل بين جو اهو شهر جتان بادشاه اڪبر جو سنڌي گورنر سمنڊ جو ديدار ڪندو هو. انهيءَ ڪري ئي هن شهر کي جو ڪنهن وقت سمنڊ جي ڪناري تي هو، تنهن کي مغل بين جو نالو ڏنو ويو. هيءُ شهر هاڻي سمنڊ کان گهڻو پري آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل صدين ۾ سمنڊ پٺتي هٽي ويو آهي.
مان هن باري ۾ چوٿين ڀاڱي ۾ هلي وستار سان بيان ڪندس. باقي سنڌونديءَ جي اڀرندي وارو ڦاٽ اهو آهي جنهن لاءِ نه ڪيول گريڪ بلڪ ٻين اتهاسڪارن به اهي اشارا ڏنا آهن ته ڪنهن پراچين سمي ۾ سنڌو ندي کنڀات جي نار ۾ وڃي ڇڙندي هئي. جنهن درياه جي مکيه ڦاٽ کي پراچين اتهاسڪارن سنڌو ندي سمجهيو آهي، سو اڄ ڪلهه جو شايد اڀرندو نارو هجي، نڪي خود وڏو درياه، جو هاڻي گدوبندر کان وهي وڃي ٿو عربي سمنڊ ۾ پوي، ۽ جنهن تي ڪنهن وقت ديول جو بندر هو. ڪرٽيئس، سڪندر جي هن دلچسپ مسافريءَ جو چڱو احوال ڏنو آهي. سر ٿامس هربرٽ جو سترهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ آيو، ان جو به چوڻ آهي ته سندس وقت ۾ ديول بندر ئي سمنڊ جو پهريون سنڌي بندر هو. اهو ديول بندر هن وقت ڏسڻ ۾ نٿو اچي. پر ودوانن جو چوڻ آهي ته اهو ديول بندر هاڻوڪي پير ڀٽي جي مقبري وٽ يا ان جي ٿورو ڏکڻ اوڀر طرف بگهاڙ واه جي نزديڪ هوندو.(25) پر هيگ جو چوڻ آهي ته ديول بندر ٺٽي کان ڏکڻ اولهه اٽڪل ويهه ميل پري جي هاڻوڪن ڪنڊهڙن وٽ هوندو.(26) منهنجي انومان موجب مسٽر هيگ درست آهي ۽ مسٽر راورٽيءَ جو انومان غلط آهي، جو اها به ڀل ٿو ڪري ته سر هربرٽ ڪو ولائت مان ايندي اول ديول Diul بندر تي لٿو. حقيقت ۾ هو سورت Swellay جي بندر تي لٿو هو.(27)
گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته سڪندر پنهنجي سينا سان جڏهن ديول بندر وٽ آيو، تڏهن سندس سپاهي عربي سمنڊ جي دهشت ڏسي ڏڪي ويا. ڀلا هنن ويچارن سانتيڪو ڀونوچ سمنڊ ڏٺو هو، کين عربي سمنڊ جي ڪرڙي نظر جي سمڪ ئي ڪانه هئي. پر نيٺ ڪن تيز ٻيڙن ۽ غورابن ۾ چڙهي سڪندر کلئي عربي سمنڊ تي اچي پهتو. اتان موٽي سڪندر اچي ڏٺو ته پتال ۾ سندس چالو ڪيل ڪم گهڻي قدر راس ٿي چڪو آهي. انهيءَ بعد هن درياه وڏي جي اڀرندي ڦاٽ جي ڇوڙ ڏانهن رخ رکيو.
ڪن اتهاسڪارن جو انومان اهو آهي ته سنڌو نديءَ جو اڀرندو ڦاٽ هاڻوڪو اڀرندو نارو آهي جو هاڻي ناري ڊويزن ۾ وهي ٿو. اهو انومان انهيءَ ڪري ڪڍيو ويو آهي جو ڦليلي لاڙ ۾، نه ڪڇ طرف وڃي ٿي ڇڙي. پر ممڪن آهي ته پراڻي ڦليلي سڪندر جي سمي ۾ لاڙ بدران ناري ۽ عمر ڪوٽ طرف ڏانهن وهندي هجي ۽ سمنڊ جي صورت هن وقت کان گهڻو ڦريل هجي. اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته درياه جو اهو اڀرندو ڦاٽ جنهن هنڌ وڃي ٿي ڇڙيو، ان کان اڳ ساماره نالي هڪ شاهي ڍنڍ هئي، جا عمر ڪوٽ کان اولهه طرف هئي. ايرين جو به چوڻ آهي ته اها ساماره ڍنڍ سنڌونديءَ جي اڀرندي ڦاٽ جي ڇوڙ کان ٿورو اڳيان هئي.(28) انهيءَ ڍنڍ جي مٿان ٺهيل شهر منهنجي نظر ۾ هاڻوڪو ساماري جو شهر آهي. گريڪ اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته انهن ڏينهن ۾ سمنڊ هاڻوڪي جڳهه کان گهڻو اڳتي وڌيل هو ۽ هاڻي جنهن هنڌ ڪڇ جو رڻ آهي، اتي سڪندر جي سمي ۾ سمنڊ هو جنهن ۾ سنڌو نديءَ جو اڀرندو ڦاٽ وڃي ٿي پيو. خير سڪندر ساماري ڍنڍ جا سير ڪندو، اڀر ندي ڦاٽ جي ڇوڙ وٽان سمنڊ جو ديدار ڪندو، ٽي ڏينهن آرام ڪري وري پتال ڏانهن موٽيو. گريڪ اتهاسڪارن اهو به اشارو ڏنو آهي ته پتال بندر تي سڪندر بندر گوديون ٺهرايون. آخر پنهنجي فوج لاءِ چئن مهينن جو سمر گڏ ڪري، پنهنجي فوج کي ٻن حصن ۾ وراهي سنڌ مان ڪوچ ڪيائين. سڪندر جو بحري لشڪر سمنڊ جي رستي ايران جي نار ڏانهن روانو ٿيو، ۽ پاڻ هاڻوڪي ڪراچي ضلعي ۽ لس ٻيلي جو رستو ڏيئي، گڊروشيا ڏانهن روانو ٿيو. گريڪ اتهاسڪارن جي گڊر وشيا ملڪ کي هن وقت مشهور معروف مڪران جو علائقو ٿو سڏيو وڃي.
گريڪ اتهاسڪارن جو لکڻ آهي ته سڪندر پنهنجي بحري فوج ۽ پنهنجي مسافريءَ لاءِ نهايت هوشياريءَ سان رٿا تيار ڪئي هئي. هن پنهنجي بحري سپهه سالار Nearchos کي حڪم ڪيو هو ته تون يو فيرٽس نديءَ جي ڇوڙ تائين سمنڊ جون سڀ حالتون جاچيندو اچ ۽ جيڪي وچ تي عجيب نوان ملڪ ڏسڻ ۾ اچن تن کان مون کي واقف ڪر، جيئن مان انهن جو به سير ڪريان.
سڪندر پنهنجي سر عيسوي سنه کان 325 سال اڳ آڪٽوبر مهيني جي شروعات ۾ وطن ڏانهن اسهيو، پر سندس بحري ڪمانڊر ٻن ٽن مهينن تائين ديول بندر ۾ ئي رهجي پيو، جو ان وقت برسات سبب سمنڊ بلڪل کهرو هو. ائرسٽو بلس(29) جو چوڻ آهي ته سڪندر پتال ۾ جولاءِ يا آگسٽ مهيني ۾ آيو ۽ سندس بحري ڪمانڊر پتال مان آڪٽوبر مهيني جي 20 تاريخ ڌاري سنڌو نديءَ کان لنگر کنيو. يعني پتال ۾ سڪندر کي جهجهوئي وقت لڳو. هيڏانهن سڪندر جي بحري ڪمانڊر کي سنڌو نديءَ ۾ ئي ڪيترا ڏينهن لڳي ويا. نيٺ گهڻي مشڪلات کان پوءِ هن صحيح سلامت اچي سمنڊ تي پهتو. خراب هوائن لڳڻ سبب سڪندر جو بحري ڪمانڊر اٽڪل چوويهه ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي به رهجي پيو، جنهن ڪناري واري بندر کي هن ”سڪندر جو سرڳ“ نالو ڏنو. هن وقت سمنڊ جي صورت اهڙي ته بدلجي ويئي آهي جو چئي نٿو سگهجي ته اهو ”سڪندر جو سرڳ“ نالي سنڌي بندر ڪهڙي هنڌ هو، پر ايترو انومان اوس ڪڍي سگهجي ٿو ته اهو بندر هاڻوڪي ڪراچي بندر کان گهڻو پري نه هوندو. (30)
سڪندر جو بحري ڪمانڊر پنهنجي لشڪر سان ڏاڍي خبرداريءَ سان سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي هلڻ لڳو ۽ هڪ سو ميلن جي مسافري ڪري نيٺ Arabis يعني هاڻوڪي حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو. انهيءَ وچ ۾ سڪندر جي هن بحري فوج جو کاڌو ۽ مٺو پاڻي کٽي ويو. هتان اريتائي Areitai جاتيءَ جي سنڌ واسين جو ملڪ شروع ٿي ٿيو، جي هندستان جا سڀ کان اولهه واري آزاد جاتيءَ جا ماڻهو هئا. اهو ملڪ حب نديءَ جي اولهه يعني مڪران ۾ آهي، جنهن ۾ سڪندر جي سمي ۾ سرويچ راجپوت رهندا هئا، جن جي نسل مان لومڙي جاتيءَ جا مڪراني ۽ ڪوٽري وغيره جي طرف جا ملڪ اڃان به موجود آهن، مگر هاڻي انهن جو ڌرم اسلام آهي.
سڪندر جي بحري ڪمانڊر کي هتي پهچڻ سان معلوم ٿيو ته سندس بادشاه اريتائي قوم جي سنڌي راجپوتن کي ماري مات ڪرڻ لاءِ ليونيٽاس نالي سپهه سالار کي موڪليو آهي ۽ هن وقت انهيءَ ملڪ ۾ ميسيڊونين يعني گريڪ فوجن ۽ پڇمي سنڌين جي وڏي خونخوار لڙائي لڳي رهي آهي. گريڪ اتهاسڪارن جو لکڻ آهي ته انهيءَ لڙائيءَ ۾ اٺن هزار اريتائي سپاهين مان ڇهه هزار سپاهي سماپت ٿي ويا. سڪندر جي سينا جيتوڻيڪ ايتري قدر نه مئي، پر هن جا وڏا وڏا بانڪا بهادر سيناپتي ميدان ۾ مارجي ويا.(31) ڪن اتهاس ليکڪن اريتائي جاتيءَ جي ماڻهن کي آريا هندو مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڀاشا ۽ ڪي ريتون رسمون پنهنجن پاڙيسري سنڌي آريا هندن کان جدا نموني جون هيون. ڊائڊوريس جو چوڻ آهي ته اهي اريتائي پنهنجن مري ويل ماڻهن جا لاش جهنگلن ۾ جانورن جي کائڻ لاءِ کڻي ڦٽا ڪندا هئا ۽ ٻين هندن وانگر ساڙيندا نه هئا. مان هن وشيه تي پهرئين ڀاڱي ۾ لکي آيو آهيان ته ڪنهن وقت آريا هندو پنهنجن مري ويلن جا لاش کليل ميدانن ۾ کڻي ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڪري اريتائي جاتيءَ جي ماڻهن کي لاش نه جلائڻ ڪري غير هندو نٿو چئي سگهجي. هيڏانهن ساڳيا گريڪ اتهاسڪار لکن ٿا ته اهي ماڻهو ٻين سنڌ ۽ هندو واسين جهڙي پوشاڪ ۽ هٿيار ڪم آڻيندا هئا، جا ڳالهه منهنجي انهيءَ راءِ جي پٺڀرائي ٿي ڪري ته اريتائي جاتيءَ جا پڇمي سنڌي نج آريا هندو هئا.
هاڻي ڏسڻ گهرجي ته سڪندر پتال شهر مان ڪهڙي رستي کان ڳوٺ روانو ٿيو. مان هوند سڪندر جي ڪاه جو بيان هتي ئي بند ڪريان، پر جنهن صورت ۾ هن سرويچ بادشاه پتال کان پوءِ به سنڌ جي پراچين ڏکڻ اولهه سرحد تي رهندڙ ڪن آريا هندو قومن سان زور آزمائي ڪئي ۽ انهن جي تلوار جو مزو چکيو تنهن صورت ۾ سنڌ جي اتهاس کي پنهنجي شڪتيءَ آهر پوري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مان هن جي سنڌ ۾ ڪيل سڀني ڪارنامن جون ڳالهيون قلم جي حوالي ڪريان.
سڪندر جنهن وقت هندستان تي ڪاه ٿي ڪئي تنهن وقت هن جي اڳيان مصر جي راڻي سيميرامس ۽ سئرس جا مثال پيش هئا. هن انهن ٻنهي حاڪمن کان اڳتي قدم وڌائڻ ٿي گهريو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي سر انهيءَ ساڳئي رستي کان وطن ورڻ جو پڪو پهه ڪيو جنهن رستي کان سنڌ جي سينا کان شڪست کائيندڙ راڻي سيميرامس ۽ سيرس موٽي ماڳ ويا هئا. اتهاس ليکڪن جو چوڻ آهي ته ”پنجاب کان سنڌونديءَ جي ڇوڙ تائين پنهنجي شاهي سينا سان گڏجي گهمڻ ۾ سڪندر جي فقط اها مراد هئي ته جيئن کيس هن ديس جي ڀوگول (جاگرافيءَ) جي خبر پوي.“ اهوئي سبب هو جو سڪندر پتال شهر کان سنڌونديءَ جي عربي سمنڊ واري ڇوڙ ۽ پتال شهر وٽان سنڌو نديءَ مان ڦٽندڙ ٻن مکيه ڦاٽن جي پنهنجي سر تپاس ڪئي. انهيءَ جاچنا ۾ هن جو گهڻو مطلب ڏسجي ٿو.(32)
مٿي لکيو ويو آهي ته سڪندر جو بحري ڪمانڊر سڻائي هوا جي انتظار ۾ ڪي ڏينهن پنهنجي فوج سان پتال ۾ رهجي پيو، پر سڪندر هڪدم پنهنجي پيدل ۽ گهوڙيسوار سينا سان ڪوچ ڪيو. هو سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي هلڻ لڳو. انهيءَ لاءِ ته هو ڪناري واري زمين تي سولائي سان کوه کوٽائي پنهنجي فوج لاءِ پاڻي ميسر ڪري سگهي. انهيء رستي کان وڃڻ ۾ سڪندر جو ٻيو اهو به مطلب هو ته جيئن هو سنڌ جي انهيءَ پرڳڻي ۾ رهندڙ اريتائي جاتيءَ جي آزاد ملڪ تي اوچتو حملو ڪري. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سوروير سرويچ قوم سڪندر تي ڪابه فلڪ نٿي آندي. (33)
”اڳتي وڌڻ کان پوءِ سڪندر کي اڳيان ارابيس Arabius (حب) نالي ندي لنگهڻي پيئي، جنهن ۾ ان وقت بلڪل ٿورو پاڻي پئي وهيو. حب ندي لنگهي رات ئي رات جو رڻ پٽ جو وڏو حصو لتاڙي سڪندر ۽ سندس سينا وسندڙ ملڪ ۾ اچي پهتي. هتي سڪندر پنهنجي پيدل سينا کي ٽولين ۾ پکڙجي وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ رسالي کي پاڻ سان وٺي روانو ٿيو. ائين ڪرڻ ۾ هن جي اها مراد هئي ته جيئن سندس لشڪر سنڌ جي هن پرڳڻي جي وڏي ڀاڱي ۾ پکڙجي وڃي. جن سنڌواسين يعني اريتا ئي جاتي جي ماڻهن مقابلو ڪيو، انهن کي سڪندر جي گهوڙيسوارن قتل ڪيو، باقي ٻين کي جيئري قابو ڪيو ويو.“ (34)
ڪن اتهاسڪارن، جهڙوڪ سر ٿامس هولڊچ(35) ۽ ڊاڪٽر ڪنگهام(36)جو رايو آهي ته ايرين جو ذڪر ڪيل ارابيس ندي پورابي نالي ندي آهي جا لس ٻيلي جي ڏکڻ ۾ آهي. پر ايرين جو لکي ٿو ته سڪندر ارابيس ندي لنگهي بيابان ۾ آيو ۽ راتواه اهو بيابان لتاڙي هڪ وسندڙ هنڌ اچي پهتو، تنهن مان ظاهر آهي ته اها ندي پورالي نه پر حب هوندي، جنهن کان پوءِ ئي بيابان جو وڏو ٽڪر اچي ٿو.
انهيءَ کان پوءِ گريڪ اتهاسڪار چون ٿا ته، ”سڪندر هڪ ننڍي پاڻيءَ جي وهڪري وٽ منزل هڻي ويٺو، جتي ساڻس هفئسشن نالي سيناپتي اچي گڏيو. سر آريل اسٽين جو چوڻ آهي ته اهو هنڌ سرندا نالي هاڻوڪي ڍنڍ هوندي، جتان ٻيلي ڏانهن سڌو رستو ٿو وڃي.“
اها ڳالهه يا رکڻ گهرجي ته سڀ گريڪ اتهاسڪار، سڪندر جي سنڌ واري هن ڀاڱي جي ڪاهه جو هڪجهڙو ذڪر نٿا ڪن. ڪرٽيئس جو چوڻ آهي ته،
”سڪندر پنهنجي بحري لشڪر کان (پتال وٽ) جدا ٿي اربائيٽس ۽ ڪوڊروسو ميدانن مان لنگهي انهيءَ نديءَ وٽ پهتو جنهن کي ديسي ماڻهن اريس ٿي سڏيو. ان کان پوءِ اهڙي زمين هئي جنهن ۾ نه پاڻي هو ۽ نه وسنئوَ هئي. انهيءَ زمين کي پار ڪري هو هورائٽي پرانت ۾ گهڙيو. هتي هن پنهنجي فوج جو وڏو حصو هفئسشن جي حوالي ڪيو ۽ باقي لشڪر پنهنجي، ٽالمي ۽ ليونيٽس جي ڦريو ۽ ڪيتري ملڪيت هٿ ڪئي. ٽالمي سمنڊ جي ڪناري واري ملڪ تي حملو ڪيو ۽ خود بادشاه ۽ ليونيٽس ملڪ جي اندرئين حصي تي ڪاهه ڪئي. هن هنڌ به سڪندر هڪ شهر وسايو جنهن ۾ اراچيشن Arachasians جي ماڻهن کي رهايائين.“(37)
ساڳئي ليکڪ جو چوڻ آهي ته پتال يعني حيدرآباد کان وٺي اريبيس يعني حب نديءَ تائين پهچڻ ۾ سڪندر کي ٽيويهه ڏينهن لڳي ويا. ڊاڊوريس سنڌ جي اڄوڪي سڃي ڀاڱي مان سڪندر کي هٿ آيل جنهن ملڪيت ۽ ناڻي جو حساب ڏنو هو، ان جي پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪراچيءَ جي اتر اولهه واري لس ٻيلي جي ڀاڱي ۾ جتي هن وقت سڃ پيئي واڪا ڪري ۽ ڪن ڪوهن ۾ خير ڪو ماڻهو نظر ٿو اچي، اتي سڪندر جي سمي ۾ چڱي خاصي آبادي ۽ وسنئن هوندي، ۽ اهو ملڪ چڱو شاهوڪار ۽ مالدار هوندو.
مٿي ذڪر ڪيل ڪرٽيس نالي گريڪ اتهاسڪار جي ڊائڊورس به پٺڀرائي ٿو ڪري. هو لکي ٿو ته،
”خشڪ بيابان لتاڙي سڪندر اريتائي جاتيءَ جي هندواسين جي ملڪ ۾ پهتو. هتي هن پنهنجي فوج کي ٽن حصن ۾ وراهيو. هڪ حصو ٽالميءَ جي حوالي ڪيو ويو جنهن سمنڊ جي ڪناري واري حصي تي ڪاهيو، ٻيو حصو ليونارڊ جي حوالي ڪيو جنهن اندرئين ڀاڱي تي ڪاهيو، ۽ ٽئين حصي سڪندر جي اڳواڻيءَ هيٺ ٽڪرائتي ملڪ تي ڪاهه ڪئي.“ (38)
ايرين جو لکڻ آهي ته،
”هفئسشن نالي سيناپتيءَ سان گڏجي سڪندر اريتائي جاتيءَ جي رام بڪيا نالي وڏي ۾ وڏي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. جنهن هنڌ تي اهو ڳوٺ هو، سو سڪندر کي ڏاڍو وڻيو. هن خيال ڪيو ته انهيءَ هنڌ جيڪو شهر وسايو ويندو سو جلد ئي وڌي ويندو، انهيءَ تي هن پنهنجي هفئسشن سيناپتيءَ کي انهيءَ هنڌ تي شهر وسائڻ لاءِ ڇڏيو.“ (39)
ايرين جي گرنٿ ۾ رام بڪيا شهر جو جيڪو بيان آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اهو شهر هاڻوڪي ويل پٽ ۽ ٻيلي جي شهر ڀرسان ڪنهن هنڌ هوندو. باقي ڪنهن خاص هنڌ ڏانهن اشارو ڪري پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته انهيءَ هنڌ ئي سڪندر نئين شهر جو حڪم ڏنو. البت ٻيلي جو هاڻوڪو شهر هڪ وڏي دڙي تي ٺهيل آهي، ۽ هيءُ اهو شهر آهي جنهن کي محمد بن قاسم جي زماني جي مسلمان اتهاسڪارن ارمبيل جي نالي سان لکيو آهي. هتان محمد بن قاسم مڪران مان لنگهي سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر اهو شهر سڪندر جي سمي جو جهونو شهر نٿو چئي سگهجي. سر آريل اسٽين جو چوڻ آهي ته:
”ٻيلي شهر جو اتر اوڀر ۾ ٽن ميلن جي مفاصلي تي ٻه ميل پراچين دڙا آهن، ۽ انهن جي کوٽائي ڪندي معلوم ٿيو ته اهي ٻن هزارن ورهين جا جهونا آهن، پر انهيءَ مان انهن وقت کان اڳ جون ڪي به نشانيون ڪين مليون. پير ڪڙئي جي قبر جي ويجهو به هڪ دڙو آهي جتان بلڪل آڳاٽي سمي جي برتڻن جا ٽڪر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ دڙي مان ساسانين راڄ جا ڪي چانديءَ جا سڪا به لڌا آهن.“(40)
ممڪن آهي ته انهن دڙن مان ڪنهن هڪ دڙي تي سڪندر جي حڪم سان نئون شهر اڏيو ويو هجي.
اريتائي جاتيءَ جي راڄڌاني رامبڪيا جي نالي سان ان جي ڪنهن خاص هنڌ تي هجڻ جي خبر ڪانه ٿي ملي. سڄي لس ٻيلي ۾ هن وقت ڪوبه اهڙو ڳوٺ نٿو ملي جو هن ڳوٺ جي نالي سان تعلق رکندڙ هجي. البت جنرل ڪننگهام ۽ ان جي پٺيان سر ٿامس اهو انومان ڪڍيو آهي ته ڪراچيءَ وارو رام باغ اکر سڪندر جي سمي رامبڪيا نالي سان ملي ٿو اچي.(41) انهيءَ انومان ڪڍڻ جو انهن مشهور اتهاسڪارن کي اهو سبب ڏسڻ ۾ آيو جو لس ٻيلي جي انهيءَ حصي جي ٿورو پريان هنگلاج نالي هندن جو بلڪل پراچين تيرٿ آسٿان آهي. باقي رام باغ نالو گهڻو پوءِ جي زماني جو آهي.
ايرين لکي ٿو ته هفئسشن کي نئين شهر جي سپرد ڪري سڪندر پنهنجو لشڪر وٺي اريتائي ۽ مڪران جي انهيءَ حد تي آيو جتي سنڌ واسي اريتائي ۽ ٻين مڪرانين گڏجي سڪندر سان مقابلي ڪرڻ جا سانباها ڪيا هئا. پر جنهن وقت انهن کي سڪندر جي نزديڪ اچڻ جي خبر ملي تنهن وقت هو ڀڄي وڃي ڪنهن پوشيدي هنڌ تي لڪا. باقي سنڌ واسي اريتائي جاتيءَ جي مکيه سردارن سڪندر جي اڳيان اچي آڻ مڃي.(42) سر اسٽِن جو چوڻ آهي ته هيءُ اهو هنڌ آهي جتي هاڻي قلات جي رياست ۽ لس ٻيلي جي رياست جون حدون اچي ٿيون هڪ ٻئي ۾ ملن ٿيون. اتي جنگ لڳي ته مقامي فوج جا هزارين پيدل ۽ ٽي هزار گهوڙيسوار مئا، ۽ سڪندر جا 80 پيدل، 10 گهوڙيسوار ڌنش ڌاري، 20 گهوڙيسوارن جا رکيڪ ۽ 200 ٻيا رواجي گهوڙيسوار مئا.“ يعني سڪندر جا فقط 310 ماڻهو مئا.(43) وري اچرج جي اها ڳالهه آهي جو خود ايرين جي لکڻي موجب انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڪنهن جي به مڪمل جيت ڪانه ٿي، يعني نڪي سڪندر کٽيو نڪي پوئرش.
ياد رکڻ گهرجي ته مٿين ڳالهه هڪ انهيءَ گريڪ اتهاسڪار لکي آهي جنهن کي ٻين کان وڌيڪ وشواس پاتر سمجهيو ٿو وڃي ۽ جنهن جي آڌار تي ئي پڇم جي اتهاسڪارن سڪندر جي ساراه جون سرڪيون ڀريون آهن. انهيءَ کري سنڌ يا هند واسين کي سڪندر جو مهت ۽ شان ايترو نه سمجهڻ گهرجي جيترو هاڻوڪا پڇمي ليکڪ ٿا ٻڌائين. سڪندر کي خود به پنهنجي ساک جي وڌاءُ ڪرڻ جو مرض هو. پلوٽارڪ لکي ٿو ته:
”To exaggerate His glory with posterity“.(44)
هيءُ جو ڪن پڇمي ۽ ڪن مسلمان اتهاسڪارن لکيو آهي ته سڪندر پنهنجي سر گنگا ۽ جمنا نديءَ واري پرانت ڏانهن وڌڻ لاءِ آتو هو، پر سندس سينا ٿڪجي پيئي. يعني هندستان ۾ پنجاب کان اڳتي نه وڌڻ جو بوجو سڪندر جي غريب سپاهين تي مڙهيو ٿو وڃي، سوبه اجايو آهي. حقيقت ۾ راجا پوئرش جي پنجابي ۽ ملتان جي مالو جاتيءَ جي سنڌي سورويرن جي تلوار جو خونخوار کيل ڏسي سڪندر جو جوش ڍرو ٿي ويو. هوڏانهن گنگا جي ڪناري تي Gandaritan ۽ Praesian جاتيءَ جي ٻن راجائن جا اسي هزار گهوڙيسوار، ٻه لک پيدل ٻه هزار باهٿيار رٿ ۽ ڇهه هزار فيل مست يعني هاٿي سڪندر کي مزو چکائڻ لاءِ بيٺا هئا.(45) ۽ سڪندر جي سينا انهن سان سينو سهائڻ ۾ اسمرٿ هئي. ممڪن آهي ته خود سڪندر جي همٿ به ٽٽي پيئي هجي. پر انهيءَ ڪلنڪ لاهڻ لاءِ سندس گريڪ اتهاسڪارن واپس موٽڻ جو سڄو بار کڻي غريب سپاهين تي وڌو.
ساڳي ڳالهه سنڌ جي سورويرن سان مقابلي نسبت سمجهڻ گهرجي. گريڪ اتهاسڪارن جي لکڻ موجب سواءِ ملتاني سنڌين جي باقي سنڌي سڪندر جي اڳيان ڄڻڪ گدڙ ثابت ٿيا.
حقيقتون ۽ حالتون مغربي ليکڪن جي بيانن جي برخلاف آهن. جسٽن جهڙي جهوني ليکڪ ته عجب ۾ پئجي لکيو آهي ته جنهن صورت ۾ ملتان جي قلعي ۾ سڪندر کي هڪ خوفناڪ پاڻ ڇاتيءَ ۾ لڳو، ايتري قدر جو هو بيهوش ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سنڌي سورمن مٿس لوهه جي گدائن سان حملو ڪيو ۽ تنهن حالت ۾ سڪندر ڪيئن جيئرو رهي سگهيو. جسٽن کي ته اهو شڪ آهي ته سڪندر ملتان جي سنڌين هٿان مارجي ويو هوندو.
سنسڪرت جي مشهور يوگه آچاريه پتنجليءَ يوگه سنڌ واسي کيدرڪن ۽ سڪندر جي لڙائيءَ جو بيان قلم بند ڪندي صاف لکيو آهي ته ”ايڪاڪ ڀي کيدر ڪئور جتم“ يعني ملتان جي مالون ۽ ان جي آسپاس رهندڙ کيدرڪن پاڻ ۾ گڏجي سڪندر جو مقابلو ڪيو ۽ کيدرڪن سڪندر کي شڪست ڏني. (46)
سڪندر جي ديس واسي اتهاس ليکڪن جيڪو احوال پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي، تنهن ۾ به هو اڻ سڌيءَ طرح ائين لکي ويا آهن جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته سنڌ واسين جيڪڏهن سڪندر کي شڪست نه ڏني ته هنن سڪندر کان شڪست به نه کاڌي. ملتان جي مالون ۽ کيدرڪن جي سڪندر سان ٿيل جنگ جو احوال ڏيڻ بعد ميسيڊونيا جي مورخن لکيو آهي ته:
”انهن ٻنهي (سنڌواسين) کيترين جا هڪ سو ايلچي رئن تي چڙهي سڪندر وٽ آيا. انهن جو بدن ۽ بيهڪ تپرس ۾ وجهندڙ هئي ۽ سندن چهري مان گنڀيرتا پڻ ظاهر ٿي ٿي. هنن جي بدن تي جيڪي ڪپڙا پيل هئا، انهن جي ڪناري سونهري ۽ واڱڻائي رنگ جي هئي، جا چمڪي پئي. هنن صاف چيو ته اسين ديوتائن جو رخ ڏسي اوهان وٽ آيا آهيون. باقي ڊپ وچان ڪين آيا آهيون. هنن ائين به چيو ته اسان کي پنهنجي آزادگيءَ تي فخر آهي جنهن کي اسين صدين کان قائم رکندا ٿا اچون.“
ياد رکڻ گهرجي ته، ”سڪندر وير وٺندڙ ضدي ماڻهو هو. جنهن قوم سندس مقابلو ڪيو انهن کي هن ڏاڍو ستايو. پر ملتان جي مالوين ۽ کيدرڪن جي ايلچين سان هن تمام سٺي هلت ورتي ۽ کين غير معمولي آجيان ڏنائين. هن، انهن ايلچين کي هڪ شاهي پارٽي ڏني. هڪ هڪ ايلچيءَ کي وهڻ لاءِ هڪ هڪ سونو ڪوچ ڏنو ويو.انهن ڪوچن جي چوگرد سونهري ۽ واڱڻائي رنگن جا سهڻا پڙدا ٽنگيل هئا.(47) سڪندر انهيءَ محفل ۾ ناچ ۽ گانو به ڪرايو، ۽ ايلچين کي عجيب نموني جو شراب پياريو.“
مان پڇڻ ٿو گهران ته ههڙي نموني جو بيان ڇا ٿو ڏيکاري؟ جيڪڏهن سڪندر سچ پڇ ملتان يعني پراچين اتر سنڌ جي مالون ۽ کيدرڪن کان کٽيو هجي ها، ته پوءِ ملتان ۾ مالون جي هٿان ذري گهٽ مارجي وڃڻ کان بچندي، هو انهن سنڌين سان ههڙي سهڻي هلت ڪيئن وٺي ها؟ هو ته هڪ سخت بي رحم انسان هو، جا ڳالهه الور جي اسي هزار براهمڻن کي قتل ڪرائڻ مان بخوبي ظاهر ٿي ٿئي. سڪندر جي سنڌواسي ايلچين سان ورتل مٿين فراخدلانه هلت ئي ثابت ٿي ڪري ته هن اتر سنڌ واسي کيترين کان کٽيو نه، بلڪ انهن سان دوستي ڳنڍي.
ڏسڻ گهرجي ته ملتان مان جيئرو ڇٽي سڪندر سچ پچ سنڌ تي ڪا فتح پاتي؟ هڪ ڳالهه خاص ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سڪندر سنڌ کي فتح ڪرڻ نه آيو هو. هن جي نظر هندستان جي ٻين ڀاڱن تي هئي. هن سنڌ ڏانهن فقط پنهنجي وطن ڏانهن ورڻ سبب لاڙو ڪيو. هن جي اهائي خواهش هئي ته سنڌونديءَ مان غورابن رستي سمنڊ تائين پهچان ۽ پوءِ سمنڊ جي مسافري ڪري بيبيلونيا ڏانهن روانو ٿيان. هن جي اهڙي خواهش ڏسي سنڌ جي راجائن هن کي خوشيءَ سان سنڌونديءَ مان لنگهي وڃڻ جي اجازت ڏني هوندي. پر پوءِ ڏسجي ٿو ته الور جي راڄڌانيءَ جي سونهن ۽ ملڪيت هن بادشاه کي بي ايمان بڻائي ڇڏيو ۽ هن اوچتو کيتي ٻاري ڪندڙ راجپوت ويرن تي حملو ڪيو. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اڳئين زماني جا جنگي سپاهي گهرج يعني جنگ جي وقت کان سواءِ ٻين وقتن تي پيٽ گذران ڪرڻ لاءِ کيتيءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا، ۽ جنهن وقت راجا کي سندن گهرج ٿيندي هئي تنهن وقت سڏ ٿيڻ تي هو هليا ايندا هئا.
پر هتي الور جي راجا کي سڪندر سان وڙهڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو، جنهن ڪري هو پنهنجن سپاهين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري نه سگهيو. اهو موقعو ڏسي سڪندر الور جي مهاراجا موکيراج تي حملو ڪيو ۽ هن کي آڻ مڃڻ لاءِ لاچار ڪيو. پر پوءِ براهمڻن جي بغاوت پيدا ڪرڻ تي سنڌ جي سورمن سڪندر کي پنهنجي تلوار جا جوهر ڏيکاريا ۽ سڪندر پنهنجو منهن وٺي لوئر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو.
اچو ڏکڻ سنڌ تي. سنڌ جي هن حصي ۾ قدم رکندي سڪندر جيڪو هتيا ڪانڊ يعني ماراماري ۽ خونريزي ڪئي سا دنيا جي اتهاس ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سڄي سنڌ ان وقت براهمڻن جي اثر هيٺ سڪندر جي خلاف ٿي بيٺي هئي. جنهن ڪري جڳهه جڳهه تي جتي سڪندر کي ڪو براهمڻ ٿي مليو تنهن کي هن ڦاسي ڏيئي عام لنگهه جي رستن تي ٽنگي ٿي ڇڏيو! شهرن کي باهيون ڏيڻ، بي هٿيارن، زالن ۽ ٻارن سان وڙهي گريڪ فوج سنڌ ۾ پاڻ کي ڪافي بدنام ڪيو. انهيءَ ڪري جنهن وقت سڪندر پتال (حيدرآباد) شهر ۾ پهتو تنهن وقت کيس سڄو شهر سڃو نظر آيو.هن سڄي شهر ۾ کاڌي جي ڪابه شي ڪانه ڏٺي. اتي گريڪ فوج اچي بک وگهي مرڻ لڳي. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي سڪندر ڪاٺ جون ڪي ٻيڙيون ٺهرائي سيپٽمبر جي مهيني ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پهتو. اتي به کيس ڀڳوان پاپن جو بدلو ڏنو، جنهن ڪري هو موٽي وري پتال شهر ۾ آيو. نيٺ سڪندر مڪران جي رستي روانو ٿيو جتي اريتائي جاتيءَ جي راجپوتن سان سندس سخت مقابلو ٿيو. هن اپالوفينسن نالي پنهنجي هڪ ايلچيءَ کي اتي رکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڪراني راجپوتن ان کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سڪندر جي سينا کي کاڌو نه ملي سگهيو. ڏينهن جا ڏينهن سڪندر جي سينا بنا کاڌي ڦٿڪڻ لڳي. گهوڙا مرڻ لڳا جنهن ڪري گريڪ سپاهين ماڳهين انهن کي کائي پيٽ ڀرڻ شروع ڪيو. اڳتي وڌندي گريڪ سپاهي بک جي وگهي رڃ پٽ ۾ انڌا ٿي ڪرڻ لڳا. اتي سڪندر جي سينا ۾ بخار به اچي پيدا ٿيو. ٻئي پاسي مڪران جي رڃ پٽ ۾ رهندڙ راجپوتن لڪي لڪي سڪندر جي سپاهين تي زهر ۾ ٻڏل تير ڇوڙڻ شروع ڪيا، جنهن ڪري هزارين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. سڪندر جو سڄو خزانو لٽيو ۽ ڦريو ويو.
مڪران جي ريگستان ۾ ان زماني ۾ هڪ زهريلو وڻ ٿيندو هو، سڪندر جا سپاهي کاڌي لاءِ ٻيو ڪجهه نه ملڻ تي انهيءَ درخت جا پن پٽي کائڻ لڳا، جنهن ڪري اتيئي ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيا.هزارين سپاهي مڪران جي سڙندڙ واريءَ تي ڪري ساهه ڏيڻ لڳا. هنن جي ساٿين وري انهن ڏانهن منهن ورائي به نٿي نهاريو. ڪنهن هنڌ جيڪڏهن پاڻي مليو ٿي ته گريڪ سپاهين ايترو پيٽ ڏلهي ٿي پيتو جو اتي جو اتي مري ٿي ويا. برابر ٻه مهينا انهن آفتن مان پار ٿيندي نيٺ سڪندر، ايران جي سرحد ۾ پهتو.
مٿيون ڳالهيون جيتوڻيڪ مغربي اتهاسڪارن مان به ڪن قبول ڪيون آهن پر اڻ سڌيءَ طرح. هنن نه سڪندر کي هڪ لاثاني سورمو ۽ ايشيا کنڊ جو شهنشاهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ايرين چوي ٿو ته ”سڪندر کڻي هندن (سنڌ) جا ڪي شهر هٿ ڪيا، مگر سندس دشمن اجيت ئي رهيا، يعني انهن سڪندر جي بنهه آڻ نه مڃي.“
ايران جي هاڻوڪي زماني جي ”حسن پيرنيا“ نالي هڪ مشهور اتهاسڪار ”ايران_ باستان“ نالي هڪ ڪتاب پنهنجي ملڪ تي لکيو. انهيءَ ڪتاب جا ٽي جلد آهن، جي باريڪ کوجنا سان ڀريل آهن. هن سڪندر جي ڪارنامن تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي ته:
”سڪندر جي اتهاس ليکڪن، جن پيٽ ڀري سندس ساراهه ڪئي آهي. تن لکيو آهي ته سڪندر عقلمند، بهادر، بي ڊپو نازڪ وقت تي دلير، ڌيرج وارو، پراميد ۽ ناموس جو بکيو هو. هن جا خيال ايڏا ته اعليٰ هئا جي ڪنهن وقت چريائيءَ کي ٿي پهتا. پر حقيقت ۾ سڪندر هٺيلو، شرابي، نپٽ ڪروڌي، اڀماني، باغي، بدمزاج، خوني ۽ بي رحم هو. زالن ۽ مردن کي مارڻ، ٻالڪن ۽ ٻڍن کي غلام بڻائي وڪڻڻ، شهرن کي ڦرڻ ۽ ساڙڻ هن جا عام رواجي ڪم هئا.
”جيڪڏهن هن جي ڪمن تي ويچار ڪيو وڃي ته سوال پيدا ٿيندو ته هن ڪروڙن انسانن جو خون وهائي پنهنجي ملڪ کي ڪهڙو فائدو پهچايو؟ ڪوبه نه. ڇاڪاڻ ته هن ايران حبش ۽ هندستان جي ماڻهن کي ڪڏهن دغا بازيءَ سان ۽ ڪڏهن ويساهه گهاتيءَ سان ماريو. سندس به هزارين سورما مري ويا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو جلد مري ويو نه ته دنيا لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري وڃي ها. پر اهو خام خيال آهي. هو جيڪڏهن پنجاهه سال به جيئرو هجي ها ته به هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تي حملا ڪندو وتي ها ۽ انهن حملن ۾ يا ماريو وڃي ها يا ماري وڃي ها. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سوگد ۽ هندستان جي ڪن ماڻهن هن جي خلاف بغاوت ڪئي، انهيءَ ڪري هن انهن تي حملو ڪيو، پر وديسين کان پنهنجي ماتر ڀومي جي رکيا ڪرڻ بغاوت نه آهي. جيڪڏهن هن هندستان جي سرحدي راجا آنڀيءَ ۽ پورس سان چڱو سلوڪ ڪيو ته انهيءَ ۾ سندس ئي فائدو هو، ۽ هن اهو سلوڪ انهيءَ ڪري ڪيو ته متان هندستاني غصي ۾ اچي سندس ڪنڌ ڀڃي ڇڏين.“ (48)
مٿئين هڪ غير واسطيدار ۽ بي رياءِ مشهور مسلمان تواريخ نويس جي راءِ مان ظاهر آهي ته سڪندر کي مغرب جا ليکڪ جيڪا اهميت ٿا ڏين سان مشرق جا ليکڪ نٿا ڏين. هو مغربي مورخن جي نظر ۾ هڪ اعليٰ انسان آهي، مگر مشرقي اتهاسڪارن جي نظر ۾ سڪندر هڪ ڌاڙيل، دغاباز، فريبي، ڪوڙو ۽ بداخلاق انسان آهي.

[b]منيندر:
[/b] سڪندر کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ، بئڪٽريا جي بادشاهه يوڪريٽائيڊس Eukratides جي پٽ منيندر، ڪابل ۽ پنجاب جي رستي سنڌ ۽ هند تي ڪاهيو. ڪئسپن سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر وارو پرٿيا ديس ۽ بئڪٽريا عيسوي سنه کان اٽڪل ٽي سو سال اڳ سيلوڪس نڪاٽر جي حڪومت ۾ شامل هئا. اهي پوءِ آزاد ٿي ويا ۽ انهن تي گريڪ جاتيءَ جي ڪن راجائن راڄ شروع ڪيو جو افغانستان جي حد سان اچي ٿي مليو. راجا منيندر انهن گريڪ راجائن مان هڪ هو جنهنجي راڄڌاني قابل ۾ هئي.هن سڪندر جيان هندستان تي حملي ڪرڻ جون وڏيون رٿون رٿيون هيون، ۽ انهن رٿن موجب هن ڪابل پنجاب، سنڌ، ڪاٺياواڙ، مٿرا، مڌيمڪا (نگري شهر جو هن وقت چتوڙ جي ڀرسان کنڊر جي صورت ۾ آهي) ساڪيتم يعني ڏکڻ آئوڌ ۽ پاٽليپتر تي ڪاهون ڪري اهي ملڪ هٿ ڪيا.انهيءَ سمي ۾ هندستان جي چڪر ورتي راجائن مان مهاراج پشيه متر مگڌ تي راڄ ڪندوهو.منيندر جنهن وقت اتر هندستان هٿ ڪري اوڀر طرف بهار پرانت يعني مگڌ ڏانهن رخ رکيو تنهن وقت مهاراجا پشيه متر جي سينا اڳتي وڌي ته ڪيول سندس مقابلو ڪيو، بلڪ جنگ جي ميدان مان ئي کيس هڪالي ڇڏيو. اتهاسڪارن جو چوڻ آهي ته هو اڀرندي ۽ اتر هندستان مان جيتوڻيڪ جلد تڙيو ويو، پر پنجاب، سرحد ۽ سنڌ تي هن چڱو وقت راڄ ڪيو.
منيندر ڪهڙي سمي ۾ هند ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن نسبت جدا جدا ودوانن جا جدا جدا رايا آهن. باقي انهيءَ ڳالهه ۾ سڀ ودوان يڪراءِ آهن ته هو سنسڪرت جي مشهور يوگه آچاريه پتنجليءَ جي وقت ۾ هندستان ۾ آيو. باقي پتنجلي ڪڏهن پيدا ٿيو تنهن نسبت ودوانن جو پاڻ ۾ مت ڀيد آهي.انهيءَ باري ۾ هڪ طرف ويبر ۽ ٻئي طرف ڊاڪٽر ڀانڊارڪر ۽ گولڊاسٽڪر جي هڪ ٻئي ۾ ڇڪتاڻ ٿي. نيٺ ويبر کي ڊاڪٽر ڀانڊارڪر اڳيان اهو قبول ڪرڻو پيو ته پتنجلي عيسوي سنه کان 150_ 140 سال اڳ پيدا ٿيو. پروفيسر رکلداس پئنرجي، بجور نالي کنڊر مان لڌل کروشٽي اکرن ۾ هڪ ليک جي آڌار تي لکيو آهي ته چڪرورتي مهاراجا پشيه متر عيسوي سنه کان 158 سال اڳ مئو ۽ منيندر 163 سال اڳ مگڌ تي ڪاهه ڪئي.(49) انهيءَ کروشٽي اکرن واري ليک ۾ اهي لفظ لکيل آهن ته:
”يعني راجا منيندر ڪتيءَ واري مهيني جي 14...... شاڪ مني (گوتم ٻڌ)“ هيءُ ليک نهايت اهميت وارو آهي، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ هن وقت تائين جن گريڪ بادشاهن راڄ ڪيو آهي، انهن مان سڀني کان هيءُ وڏي ۾ وڏو مکيه ليک لکيل آهي.
راجا منيندر جوبيان پڇمي پراچين اتهاسڪارن مان فقط اسٽاربو ڏنو آهي. باقي اسان جي يوگه آچاريه، رشي پتنجليءَ هن بادشاهه جو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪيو آهي جو ڄڻڪ هن پنهنجن اکين سان منيندر کي ڪاهه ڪندي ڏٺو. سنسڪرت جي گارگي سنهتا نالي گرنٿ ۾ به منيندر جو بيان اچي ٿو.
اسٽاربو کي منيندر جي هند ۽ سنڌ تي ڪيل ڪاهه جو احوال ڏيندڙ ائپولوڊورس Apollodoros جو رايو هو ته منيندر پنجاب جي بياس ندي پار ڪئي جتي سڪندر اڳتي وڌڻ کان روڪجي پيو هو. انهيءَ بعد هن اسامس نالي شهر هٿ ڪيو. اهو شهر ڪهڙي هنڌ هو، تنهن باري ۾ خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي. باقي انهيءَ شهر کان پوءِ منيندر پنانتيءَ (حيدرآباد سنڌ) يعني سنڌو نديءَ جي زمين تي ڪاهيو.جتان هو ڪاٺياواڙ ڏانهن وڌيو ۽ وري مٿي راجپوتانا، تي قبضو ڪندي گنگا ۽ جمنا ڏانهن رخ رکيائين. استاربو جي هن راءِ تي پيريپلس Periplus به تصديق ٿو ڪري، جنهن عيسوي سنه جي پهرين صديءَ ۾ روبرو هندستان جون حالتون اکين سان ڏٺيون هيون. هن جي زماني ۾ به گجرات جي بڙوچ شهر ۾، جنهن کي گريڪن بارگزا نالي سان لکيو آهي، منيندر ۽ ائپولوڊوٽس جا سڪا چالو ڏٺا.
منيندر جا سڪا راجپوتانا جي چتوڙ شهر کان اٺ ميل اتر ۾ بيٺل ناگري نالي کنڊر مان به ڳولي لڌا ويا آهن.(50) انهيءَ شهر کي اڳي مڌيمڪا نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن جو ذڪر پتنجليءَ جي مهاڀاش ويا ڪرڻ ۾ چٽيءَ ريت آيو آهي. ڪن ودوانن جو رايو آهي ته مهاراڻا پرتاپ سنگهه وارو چتوڙ جو قلعو انهيءَ مڌيمڪا شهر جي سرن ۽ مال مان تيار ڪيو ويو هو.
سنسڪرت جي جوٽش شاستر گره سوتر ۾ منيندر جو جيڪو ذڪر آيو آهي. ان ۾ سنڌ تي سندس ڪاهه جو بيان قلم بند ٿيل نه آهي. انهيءَ جوتش گرنٿ ۾ منيندر مگڌ، گنگا ۽ جمنا طرف جيڪي ڪاهون ڪيون، فقط انهن جو ذڪر اچي ٿو.
سنڌ مان هن راجا جو اڃا ڪوبه سڪو هٿ نه آيو آهي. باقي پنجاب مان ڪيترا سڪا لڌا آهن. جمنا نديءَ جي ڏکڻ ۾ هميرپور ضلع مان به ڪيترا سڪا هٿ آيا جن مان ڪي ته يوڪرٽائيڊس،وٽس، سوٽر ۽ ائنٽيمڪوس نڪيفورش وغيره يون يعني گريڪ بادشاهن جا به سڪا هئا. ڪيئن به هجي منيندر جي راڄ جون اسان وٽ هن وقت کڻي ڪي به نشانيون موجود نه هجن، پر اها هڪ حقيقت آهي ته هن شاڪ جاتيءَ جي راجا سال ٻه يا ڪي ڪجهه وقت وڌيڪ، سنڌ تي به راڄ ڪيو.
اسان جن پراڻن ۾ منيندر کان سواءِ ستن ٻين يون يعني شاڪ راجائن جو به بيان اچي ٿو. انهن راجائن هندستان جي اتر ۾ اولهه واري ڀاڱي تي ڪل 87 سال راڄ ڪيو. مسٽر ٽارن انهن راجائن جو پنهنجي گرنٿ ۾ ذڪر ڪيو آهي.(51) مسٽر رئپسن به هن باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پر مون هن وقت تائين انهن راجائن جا ذڪر ڪيل تامرپتر (ٽامي جي ٽڪرن تي لکيل مضمون) يا سڪا نظر مان نه ڪڍيا آهن، انهيءَ ڪري مان هروڀرو انهن ودوانن جي پيش ڪيل ثابتين کي سچو يا ڪوڙو چوڻ لاءِ تيار نه آهيان.
انهيءَ کان سواءِ جن يون راجائن جو اسان جن پراڻن يا انگريزي گرنٿن ۾ ذڪر اچي ٿو انهن مان ڪهڙن راجائن سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان جي سنڌ تي راڄ ڪيو، تنهن جي پوري سڌ نٿي پئجي سگهي. البت ڊيمٽريس نالي راجا جا اتر هندستان جي ڪن کنڊرن مان ڪيترا سڪا هٿ آيا آهن. پر انهن سڪن مان ڪو خاص کڙ تيل نٿو نڪري سگهي. ائين ته موئن جي دڙي مان عراق جا ڪيترا سڪا هٿ آيا يا عراق جي ڪيترن کنڊرن مان سنڌ جا سڪا هٿ آيا آهن، انهيءَ ڪري هروڀرو ائين نه چئي سگهبو ته سنڌ تي عراق وارن يا عراق تي سنڌ جي راجائن جي حڪومت هئي.
يونن کان پوءِ اسان جن پراڻن مان تُشار (شاڪ) جاتيءَ جي ڌارين راجائن جو به ذڪر ملي ٿو. انهيءَ جاتيءَ جي راجائن کي ڪن هنڌ تشار کان سواءِ تُکار، تُرُشڪ ۽ ديوپتر به سڏيو ويو آهي. ترشڪ شبد پراڻن جي پائن مان لڀي ٿو ۽ ديو پتر نالو ڪُشن راجائن جي لڌل ليکن مان لڀي ٿو. ڪن پراڻن ليکن ۾ گُشن، کُشن، کُشاڻ ۽ ڪُشان وغير نالا به لڀن ٿا. اهي ڪشان وغيره نالا چيني ڀاشا جا ٿا ڏسجن، ۽ هندستان ۾ تشار جاتيءَ جي راجائن کي گهڻو ڪري چيني ڀاشا جي ڪشن نالي سان لکيو ويو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل تشار يعني ڪشن جاتيءَ جي ڌارين راجائن چڱو ئي وقت راڄ ڪيو آهي. جن مان ڪُجُل (ڪڊ فيسس پهريون) نالي راجا جا اتر هندستان جي ڪن شهرن مان ڪيترا ٽامي جا سڪا لڌا آهن. انهن سڪن تي هن وديسي راجا کي يوگ مهاراج ۽ راجا تيراج جو لقب ڏنل آهي.
وِمَ ويم (ڪڊ فيسس ٻيو) هن راجا جون ڪي سونيون مهرون يعني سڪا هٿ آيا آهن. اتهاسڪارن جو پڪو رايو آهي ته هن وديسي راجا عيسوي سنه کان اڍائي يا ٽي صديون اڳ سنڌ تي راڄ ڪيو.
مٿين سڀني وديسي راجائن کان مهاراجا ڪنشڪ جو نالو سنڌ سان گهڻو سنٻنڌ ٿو رکي. پڇمي اتهاسڪارن مان جنرل هيگ، مجمل_ التواريخ نالي هڪ مسلماني اتهاس جو حوالو ڏيئي چوي ٿو ته ”سنڌ ۾ جيڪي ٻڌ ڌرم جا پراچين کنڊر ۽ مڙهيون لڌيون ويون آهن، سي مهاراجا ڪنشڪ نالي ڪشن گهراڻي جي راجا جون ٺهيل آهن،“ جنهن جي راڄ راڄڌاني سنه کان اٽڪل ڏيڍ سو سال اڳ پرشاور (پشاور) ۾ هئو، ۽ جنهن نيٺ ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. مان جنرل هيگ جي انهيءَ راءِ سان شامل نه آهيان. انهيءَ مضمون تي مان هن ڀاڱي ۾ ئي ڪنهن هنڌ باريڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪندس. باقي هن هنڌ ايترو اوس لکڻ گهرجي ته مهاراجا ڪنشڪ جو راڄ سنڌ ۾ به هو.
ڪن ودوانن جو رايو آهي ته مان جنهن ڪڊ فيسس ٻئي جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، اهوئي راجا ڪنشڪ هو. مان اها ڳالهه قبول نٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي راجائن کي هڪ ثابت ڪندڙ ڪافي سامگري اڃا تائين ڪانه ملي سگهي آهي. اسان جي اُتراپٿ نالي اتهاس ۾ ڪنشڪ هڪ پرسڌ راجا ٿي ويو آهي. هندستان جي راجتر نگڻي نالي هڪ پراچين اتهاس ۾ ان جي ليکڪ پنڊت ڪلهڻ جو لکڻ آهي ته:
”...... تڏهن پنهنجي نالي تي ٽي شهر وسائيندڙ راجائون ٿيا. انهن جا نالا هئا هشڪ، جشڪ ۽ ڪنشڪ. راجا جشڪ جشڪپور ۽ بهار وسايو. هن جئه سوامي پور نالي شهر به وسايو ..... انهن ٽنهي راجائن جي ڏينهن ۾ شمير ٻڌ ڌرم جو مرڪز ٿي پيو.“ (52)
راجا ڪنشڪ جي زماني نسبت ودوانن جا پاڻ ۾ وڏا مت ڀيد آهن. پڇم جا عالم چون ٿا ته ڪنشڪ عيسوي سنه کان اٽڪل 120 سال پوءِ اتر هندستان جو چڪر ورتي راجا ٿيو. ڊاڪٽر ونسينٽ اسمٿ به انهيءِ راءِ جو آهي. هن ته پنهنجي آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا ۾ صاف ڄاڻايو آهي ته ڪڊفيسس ٻيو سنه 78 کان 110 عيسويءَ تائين راڄ ڪيو ۽ ڪنشڪ سن 120 عيسويءَ ۾ راجا بڻيو. پر هنن پڇمي پنڊتن راجا ڪنشڪ جون جيڪي تٿيون تاريخون حساب ۾ آنديون آهن، سي سڀ خيالي آهن. جيڪڏهن گهٽ ۾ گهٽ حساب ڪيو وڃي ته به ثابت ٿيندو ته راجا ڪنشڪ عيسوي سنه کان هڪ سو سال اڳ سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير تي راڄ ڪيو.
چيني گرنٿن جي راءِ موجب راجا ڪنشڪ،گوتم ٻڌ جي نرواڻ يعني پرلوڪ وڃڻ کان ست سو سال پوءِ ميدان ۾ آيو.(53) پروفيسر پربوڌ چندر باگچيءَ چيني گرنٿن جي آڌار تي ٻڌايو آهي ته آچاريه سنگهر کيه به گوتم ٻڌ جي نرواڻ کان ست سو سال پوءِ پيدا ٿيو. انهيءَ آچاريه سنگهرکيه جي مارگ ڀومي سوتر نالي گرنٿ جو ترجمو چين جي هڪ يگن_ شي_ ڪائو نالي سنياسيءَ سنه 148 کان 170 عيسويءَ جي اندر ڪنهن وقت ڪيو.(54) چيني گرنٿڪار ۽ اتهاسڪار، گوتم ٻڌ جي پرلوڪ واس کي عيسوي سنه کان 900 کان 1000 ورهيه اڳ جو واقعو مڃيندا آهن. انهيءَ حساب موجب ڪنشڪ عيسوي سنه کان اٽڪل ڏيڍ يا ٻه سو سال اڳ ٿيو هوندو. مشهور چيني مسافر هيونسانگه سن 639ع ۾ هندستان گهمڻ آيو. هن لکيو آهي ته ”ٻڌ ڀڳوان جي پرلوڪ واس کان ٺيڪ چار سو سال پوءِ راجا ڪنشڪ سڄي جمبودئيپ (هندستان) جو چڪر ورتي راجا ٿيو.“(55) خبر نه آهي ته جنهن وقت هيونسانگه مٿيون رايو ظاهر ڪيو تنهن وقت هن گوتم ٻڌ جو نرواڻ ڪڏهن ٿي مڃيو.
مشهور مسلمان اتهاسڪار ابوالرحمان البيروني لکي ٿو ته شاهي ڪل ۾ هڪ ڪنشڪ راجا هو. هو ڪابل ۾ راڄ ڪندو هو. هووڏو زبردست راجا هو. هن پشاور ۾ پنهنجي راڄڌاني ٺاهي. هنکي ڪنڪ چيت به سڏيندا هئا. مهاراجا سمندر گپت جي پرستيءَ ۾ ”ديو پتر شاهي شاهان شاهه شڪ مرنڊ“ اهونالو اچي ٿو. ممڪن آهي ته البيرونيءَ انهيءَ ڪري ئي ڪنشڪ کي شاهي ڪنڪ نالي سان به سڏيو آهي.
شڪ يا شاڪ جاتيءَ جي ڪشن گهراڻي جا ڪل چوڏهن راجائون ٿيا آهن، جن مان پهريون ڪنشڪ ٻيو واشڪ، ٽيون هوشڪ ۽ چوٿون واسديو اهي راجائون ته تمام مشهور ٿيا آهن. باقي ٻيا اٺ شايد واسديو کانپوءِ ٿيا آهن. انهن مڙني راجائن عيسوي سنه کان اٽڪل سو سال اڳ سنڌ تي سوڀ حاصل ڪري ان تي راڄ ڪيو. انهن سڀني راجائن مان راجا ڪنشڪ سڀني کان وڏو راجا ٿي ويو آهي. هن جي راڄ جون حدون ڪشمير، پنجاب، سنڌ کان ويندي مٿرا تائين پکڙيل هيون.پنجاب جي لڌياني شهر جي نزديڪ کنڊرن مان ڪشن گهراڻي جي مٿين راجائن جا ڪي سڪا لڌا آهن. مٿرا جي شهر مان ته ڪشن گهراڻي جي راجائن جون گهڻيون ئي نشانيون لڌيون آهن. راجا ڪنشڪ جي هڪ وڏي مورتي به اتان لڌي وئي آهي. راجا واسديو ته ماڳهين مٿرا ۾ راڄڌاني ڪري رهي پيو هو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مٿي ذڪر ڪيل يون ۽ ڪشن راجائون اصل ۾ ٻاهريان راجائون هئا، پر انهن جي نالن ۾ ٻي حقيقت مان معلوم ٿيندو ته انهن جو ڌرم، ڀارتواسين ۽ سنڌ واسين کان نرالو نه هو. هو گهڻي قدر شو پنٿ ۽ پوءِ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ ٿيا. ڪن راجائن کي ته مهيشاکيه يا مهيش جي لقب سان لکيو ويو آهي. انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ آهي سو مهراج. راجا واسديو يعني راجا ڪنشڪ جي پڙ پوٽي جي سڪي تي شو مهراج ۽ سندس ننڍي گڻن جي تصوير اُڪريل آهي. راجا ڪنشڪ ٻڌ ڌرمي هو ته سندس ابو ڪڊفيس ٻيو ۽ سندس پڙ پوٽو ماڳهين شوپنٿي هئا. انهيءَ ڪري انهن ڌارين راجائن جي راڄ جو هند يا سنڌ واسين جي ڌرم يا سڀيتا تي ڪوبه اثر نه پيو. اٽلندو اهي ڌاريا راجائون هند ۽ سنڌ ۾ اچي ويدڪ هندو ٿي ويا.

[b]حوالا ۽ حاشيا:
[/b]
(1) Sayed md. Latif: History of Punjab P. 53
(2) Sir Aurel stein_ Alexander’s route into Gedrosia P.217
(3) Sir Aurel stein_ Alexander’s route into Gedrosia P. 217
(4) V.A. Simith: Early History of India
(5) Voyage of Skylax (Herod iv 44
(6) Raverty, The Mihran of Sind and its tributaries P 301
(7) پلو ٽارڪ لکي ٿو ته سڪندر سان هڪ لک ويهه هزار پيدل ۽ 15 هزار سوار سينا هئي. ڏسو Alexander chapter xvi
(8) هندستان جي الهندي سرحد وارن لڪن نسبت پڙهو. Report of the Pamir Bowndary Commission P. 29
(9) Raverty: Mihran of Sind and its tributaries
(10) Arrian, vi P 5, Curtius “Historiac ix 4, Diodorus, “Bibliotheca” xvii 96 “Anabasis of Alexander” ch.
(11) Diodorus, “Biblistheca” xvii, 98
(12) Beal: Hiuen Tsiang, ii, 274
(13) Raverty: Mihran of Sind P 364
(14) V.A. Smith: Early History of India P 100
(15) ملتان جي ڀڳل قلعي کي ڏسڻ مان معلوم ٿيندو ته اهو قلعو ڪچن سرن جو ٺهيل هو، انهيءَ مان به پڪ آهي ته گريڪ ليکڪن جنهن شهر کي ملتان مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سو حقيقت ۾ ملتان ئي هو.
(16) Curtius “Historiae (Ghap xxii and xxiv of Delphin Edition)
(17) J_ B.O. Res. Soc, vol iii June 1917 “Textile Industry of Ancient India
(18) Periplus: Indian Antiquary viii,
(19) Raverty_ Mihran of Sind P. 473
(20) Arrian_ The Anabasis of Alexander vi. P. 14
(21) Starbo_ xv P. 34_54
(22) Arrian: ch 10 Anabasis of Alexander
(23) Plutarch’s Lives P 844
(24) Ante P 104 note 1
(25) Mc Crindle “Invasion of India”
(26) Raverty_ “Mihran of Sind” P. 327_32
(27) Holdich_ “Gates of India” P. 310
(28) Travels, Ed. 1677 P 42
(29) Arrian_ “Anabasis of Alexander ch vi P 20
(30) Starbo xv P 17
(31) ڪراچيءَ جو شهر سنه 1725 ۾ ٻاهرين مڇيءَ جي واپارين ٺاهيو. ڏسو Ibnu Batuta in Sindh, reprint P. 410 from Geographical Journal.
(32) Curtius Historiae x P. 9
(33) Arrian_ Anabasis of Alexander 6, xix_ xx
(34) Anabsis 6 xxi 3
(35) Anabasis 6xxi 3
(36) Sir Thomas Holdich_ A retreat from India
(37) Cunningham Anciant Geography of India P 360
(38) Curtius_ Historie (Ed. Heinicke) 8,x, 5_7
(39) Dio- dorus- Bibliotheca 27, civ, 4sq
(40) Anabasis of Alexander 6, xi, 5
(41) Alexander’s route into Gedrosia P 216
(42) Cunningham- Ancient Geography of India P 354
(43) Anabasis of Alexander 6, xxii 1sq
(44) Anabasis of Alexander Partvch 18
(45) Plutarch’s Lives P 845
(46) Plutarch’s Lives P 845
(47) Patanjali of P., v.3. 52 Prof. Keilhorn, 11 P 412
(48) Curtius Bk. ix, ch 7 Mc Crindle, II By Alexander P 284_51
(49) ”ايران_ باستان“ ڀاڱو ٻيو بيان پنجون
(50) J.B.O. Res. Soc., iii 1917 P P. 506, 507
(51) D.R. Bhandarkar_ Prog. Rep. A.S.W.I., 1916_ 18 P. 62 Cunningham, Reports, vi,1 A
(52) The Greeks in Bactria and India.
(53) راجتر نگڻي پرٿم ترنگ شلوڪ 168
(54) S. Levi, Notes Surles Indo Scythes. J. As. 1896 P.463 and K. B. Pathak Commemoration vol. 1934 P. 99
(55) K. B. Pathak Commemoration 1934 PP. 98-99
(56) Watters Translation PP.203, 270

[b] (مضمون ڪتاب ” پراچين سنڌ جي تاريخ-٣ صفحو 55 کان 81 تائين، ڇپيندڙ نامعلوم تان ورتل آهي).[/b]