سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين: رُڪ سنڌي
هاڻي اسان سنڌ ماٿر ڏانهن اچون ٿا ۽ ڏسنداسين ته هتي انساني ارتقا جون ڪڙيون ڪهڙي طرح دستياب آهن. سنڌ اندر اسان کي اهو ارتقا جو سلسلو تهه دار جبلن توڙي زمين جي تهن مان ترتيبوار ملي ٿو. ڌرتيءَ جي تمام هيٺانهن تهن مان اسان کي بنا ڪرنگهي وارا جانور ملن ٿا، جيڪي سمنڊ اندر موجود هئا. ان وقت سنڌو ماٿر جي ڌرتي هيٺ هئي. جنهن ڪري سمنڊ ۾ وجود وٺندڙ جانور جبلن جي مختلف تهن ۾ پنڊپهڻ ٿي ويل ملن ٿا. جنهن ارتقا جي سلسلي وار ڪڙين کي اسان جي آڏو فلم جي ريل جيان ظاهر ڪري بيهاريو آهي. هيٺين تهن کان مٿين تهن ڏانهن ايندي ترتيبوار مڇين جا قسم، ريڙهيون پائيندڙ جانور، ان بعد ٿڻائتا جانور، وري پکي ۽ انهن جي مٿان آدم نما جانور جا پنڊ پهڻ (Fossils) ٿي ويل جسم ملن ٿا. جن جون ماهرن عمريون مقرر ڪيون آهن. سنڌ جي تهه دار جبلن جهڙوڪ کڏڙو ۽ پٻ مان ماهرن سامونڊي جانورن جا پنڊ پهڻ ٿي ويل جسم هٿ ڪيا آهن. کير ٿر مان پڻ اهڙائي سامونڊي جانور پنڊ پهڻ ٿيل مليا آهن. منڇر وارن تهن مان هاٿين، گهوڙن ۽ ٻين جانورن جا هڏا پنڊپهڻ ٿي ويل ملن ٿا. سنڌ اندر مختلف تحقيقاتن رستي جيڪي زندگيءَ جا آثار مليا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان 6 ڪروڙ ورهيه اڳ هتي ڪيترائي جيتن جا قسم، ڪرنگهي دار مڇيون، پکين جا مختلف قسم پيدا ٿي چڪا هئا، جڏهن ته کير پياريندڙ جانورن جو وجود هتي اڄ کان ساڍا چار ڪروڙ ورهيه اڳ تائين ملي ٿو.(6)
انساني ارتقا جو عمل باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پهريان هند سنڌ (ڏکڻ ايشيا) ۾ ٿيو. سنڌوماٿر ۾ انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ متمدن زندگي جي لاءِ تمام گهڻي ويڙهه ٿي ۽ انسان فطرت تي قابو پائڻ لاءِ ۽ ان کي سمجهڻ سان گڏوگڏ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مختلف ايجادون ڪيون. فطرت ۽ انسان جي وچ ۾ پيدا ٿيل هن ڇڪتاڻ انساني تمدن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو جو ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ جي موسمي فضا، پاڻي واري فضا ۽ حياتياتي فضا وغيره انسان جي مادي، اخلاقي ۽ روحاني تشڪيل ڪئي ۽ هن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏنا ۽ ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ ۾ اهي مڙئي سهولتون هڪ ئي وقت دستياب هيون. ماهر ان راءِ جا آهن ته انسان جا پراڻي ۾ پراڻا آثار يعني دنيا ۾ سندن هئڻ جي وڌ کان وڌ اڳوڻي ثابتي سنڌو ماٿر ۾ ملي آهي. ڊاڪٽر باشم به ان خيال جو آهي ته اوائل ۾ انساني ارتقا هن ئي خوش نصيب واديءَ ۾ ٿي.(7) علم الانسان جي ماهر ”هاورڊ موئر“ ان خيال جو آهي ته انسان جي پهرين اوسر ايشيا جي ڏاکڻين حدن ۾ ٿي.(8) ۽ هو جانورن جي ڪيترن ئي نسلن کي ڏکڻ ايشيائي ڄاڻائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان پهريان چوپايو مال سنڌو ماٿر ۾ پاليو ويو ۽ پالتو مال جا گهڻا قسم اصل ڏکڻ ايشيائي آهن. ”هاورڊ موئر“ مينهن، رڍ، ڇاپرو، ٻڪري، سوئر، ڪڪڙ، ڪتي، خچر، هاٿي ۽ مور کي ڏکڻ ايشيائي (هند سنڌ جو) جانور سڏيو آهي. پروفيسر ليڪي پڻ ان راءِ جو آهي ته اهي جانور پوءِ ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ مان ارضياتي دور ۾ ئي بيرنگ پل رستي ٽپي آفريقا، آمريڪا ۽ يورپ تائين پکڙيا. (9) هاورڊ موئر پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪري ٿو ته، ”ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۾ انسان ۽ انسان جي سڀيتا جي شروعات ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيوت جي اوسر ۾ انسان جهڙو جانور پهريان ايشيا کنڊ ۾ ئي وجود ۾ آيو.“ (10)
سنڌوماٿر ۾ انسان 2 ڪروڙ سال اڳ ڌرتي جي ٽئين زماني (Tertiary) ۾ حيواني نسل کان عليحده ٿيو. جڏهن ڌرتي جي ٽئين زماني ۾ سمنڊ سنڌو ماٿر جا اتر ۽ اولهه وارا جابلو حصا ڇڏيا. ته اهي وحشي انسان جي رهائش جا اوائلي ماڳ بڻيا. ان زماني جي ماڻهن جا جسم پنڊپهڻ جي صورت ۾ زمين جي تهن مان ملن ٿا. ڌرتي جي ٽئين زماني جا انسان، وڻ ٽڻ ۽ ٻيون شيون گهڻو وقت گذرڻ ڪري اڄ پٿر جي صورت وٺي چڪيون آهن.(11) هيٺ اسان ان دور جي انسانن جي پنڊپهڻ ٿي ويل ڍانچن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي ماهرن مختلف هنڌن تان هٿ ڪيا آهن.
بيل يونيورسٽي جي هڪ ماهر جي- اي- ليوس (G.E. Lewis) 1930ع ۾ هندستان جي سيوالڪ (Siwalik) جبلن ۾ کوٽائي ڪندي هڪ انسان جو ٻه ڄاڙيون هيٺيون ۽ مٿيون ڳولي لڌيون آهن، جيڪي پٿرائجي چڪيون آهن. جن کي راماپٿيڪس (Ramapithecus) يعني ”ماڻهو جهڙو پوتر“ جو نالو ڏنو ويو آهي. راما پٿيڪس انسان اڄ کان هڪ ڪروڙ 50 لک سال اڳ جي مايوسين زماني جو انسان آهي. هن انسان جي لڌل پٿرايل بوتي جو وري 1961ع ۾ ٻيهر اڀياس ڪيو ويو ۽ ماهرن هن پٿرايل بوتي کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قديم انسان قرار ڏنو. ان بعد وري پاڪستان جي پوٺار جي علائقي مان پڻ پٿرايل انسان جو ڍانچو مليو، جيڪو 70 لک سال پراڻو آهي. جنهن کي ماهرن سواپٿيڪس (Sawapithecus) يعني ”هر دم زندهه“ جو نالو ڏنو آهي. هن دور جو انسان ڪنهن به قسم جا اوزار ٺاهڻ جو ڏانءُ ڪونه رکندو هو. هو پنهنجو گذران وڻن جي پاڙن، ميوون ۽ ماکي وغيره تي ڪندو هو. هو اڃان پنهنجي ارتقا جي اوائلي دور ۾ هو. کيس پنهنجي باندر نما نسل کان ڌار ٿئي ٿورو عرصو گذري چڪو هو. هو ڳالهائڻ لاءِ زبان استعمال ڪرڻ ۽ هلڻ لاءِ ٻه پير استعمال ڪرڻ ۽ هٿن کي ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هو.(12)
هند سنڌ ۾ هن قسم جي ماڻهو ملڻ کانپوءِ ماهرن کي پنهنجا رايا بدلائڻا پيا ۽ هنن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته دنيا ۾ سڀ کان اول آدم جي پيدائش سنڌو ماٿر ۾ ٿي ۽ سنڌو ماٿر ئي انساني ارتقا جو پهريون مسڪن بڻي. هن کان اڳ دنيا ۾ جيڪي ٻين هنڌن تي قديم انسان جا آثار مليا آهن، سي سڀ سنڌوماٿر ۾ مليل انسان کان پوءِ جا آهن. جنهن ڪري اسان هاڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي سائنسي تحقيقاتي بنيادن تي اها ڳالهه چئي سگهون ٿا ته سنڌو ماٿر اوائلي انساني ارتقا جو بنياد هئي ۽ شروع ۾ هتان ئي انسان پنهنجو پهريون سفر شروع ڪيو.
[b]سنڌوماٿر ۾ پٿر دور جا ماڳ
[/b]جڏهن انسان، حيواني نسل کان ڌار ٿي پنهنجو سفر شروع ڪيو ته هن پنهنجي بچاءَ ۽ کاڌي جي بندوبست لاءِ نوان اوزار تلاش ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي کيس وڻن جون پاڙون کوٽڻ، ميوا ڇنڻ وغيره ۾ مدد ڏيڻ لڳا. اهي اوائلي انساني اوزار هئا پٿر، جن کي ئي پهريان انسان پنهنجي ڪتب آڻڻ شروع ڪيو. ان ڪري جيتري عرصي تائين انسان پٿر جا اوزار استعمال ڪندو آيو، ماهر سندس ان سماجي ارتقائي دور کي ”پٿر وارو دور“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. سنڌو ماٿر اندر هي دور 10 لک سال کان 4 هزار سال ق- م تائين هليو. هي دور پڻ ٽن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي هي آهن:
(1) پراڻو پٿر وارو دور (Paleolithic Age) 10 لک کان 15 هزار سال ق- م
(2) وچون پٿر وارو دور (Mesolithic Age) 15 هزار کان 6 هزار ق-م
(3) نئون پٿر وارو دور (Neolithic Age) 6 هزار کان 4 هزار سال ق-م
اسان هيٺ سنڌوماٿر جي انسانن جي پٿر دور جي سرگرمين جي پهرين ٻن دورن يعني پراڻي ۽ وچين پٿر دور جو جائزو وٺنداسين.
[b](1) پراڻو پٿر وارو دور
[/b]جڏهن اوائلي وحشي ماڻهو وڻن تان هيٺ لٿا ۽ گهاٽا ٻيلا ڇڏيا ته هنن پهريان رهائش لاءِ ميداني علائقا چونڊيا ۽ هو ميداني علائقن ۾ درياهن، ڍنڍن ۽ چشمن ڀرسان رهڻ لڳا، جتي کاڌو پيتو جهجهي مقدار ۾ دستياب هو. هي دور انسانذات جي ”ٻالڪپڻ“ جو دور هو. هن دور ۾ وحشي انسان خونخوار جانورن کان بچاءَ لاءِ پٿر ۽ ڏنڊا پنهنجي پهرين اوزار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. هن اهڙ اپٿر گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي يا پاڻيءَ جي وهڪري ڪري ڀڄي ڀري لسا ٿي ويا هئا ۽ چپترا ٿي تکا ٿي چڪا هئا. جن جي مدد سان هن وڻن جون پاڙون کوٽي، ميوا ڇني ۽ ننڍن ننڍن ٻين ساهورن کي ماري يا انهن جو شڪار ڪري، انهن کي کاڌي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.
هن دور ۾ انسان اڃا پنهنجي شروعاتي ارتقائي دور ۾ هيو، نه هن ڪي اوزار گڏ ڪيا هئا يا ايجاد ڪيا هئا ۽ نه وري پوکي راهي ڪرڻ تائين سندس شعور پهتو هو. نه وري هن دور جو انسان مال پالڻ سکيو هو. هو ڇڙواڳ زندگي گذاريندو هو، جتي رات پوندي هئس اتي وڻن تي وڃي سمهي پوندو هو. وري صبح جو اٿي پنهنجي کاڌي خوراڪ جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو. جڏهن هن لاءِ کاڌي جي تلاش جيئن پوءِ تيئن مشڪل بڻجڻ لڳي ته هن ٻيلن ۾ رهندڙ مختلف جانورن کي شڪار ڪري انهن جو گوشت پنهنجي غذا ۾ شامل ڪيو. جانورن جو شڪار ڪنهن به اڪيلي ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه هئي. ان ڪري پهريون دفعو ان دور جي انسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ هن اڪيلي زندگي گهارڻ ختم ڪري ٽولن جي صورت اختيار ڪئي. جنهن سان ئي اجتماعي زندگي گذارڻ جو پهريون تصور جڙي راس ٿيو ۽ اهڙي طرح اوائلي وحشي انسان پهريون دفعو ”سماجي جانور“ ٿي پيو. اها ان دور ۾ ”انساني سماج“ جي جڙاوت ۾ وڏي اهم تبديلي هئي. ان تبديليءَ انسان کي اڳتي وڌڻ، پنهنجو نسل وڌائڻ، گڏيل ايجادون ڪرڻ ۽ سماج جي تعمير ڪرڻ ڏانهن وک وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
سنڌوماٿر اندر پراڻي پٿر واري دور جي انسانن جي رهائش جا هنڌ ۽ سندن استعمال جا اهي اوزار به لڌا ويا آهن، جيڪي هنن پٿر مان جوڙيا هئا. ويجهر ۾ ماهرن پنجاب صوبي جي پوٺار ريجن ۾ راولپنڊي ويجهو ”سون ندي“ جي ڪناري سون ماٿر مان انهن اوائلي انسانن جا اوزار ۽ رهائشي آثار ڳولي لڌا آهن. جن جي عمر 5 لک سال مقرر ڪئي اٿن ۽ ان دور کي ”سون ڪلچر“ جو نالو ڏنو اٿن. (13)
ماهر ”سون ماٿر“ مان لڌل اوزارن بابت چون ٿا ته اتان جيڪي اوزار صفا هيٺين تهه تان مليا آهن، سي سون ڪلچر جي مٿئين تهه تي رهندڙ ماڻهن کان اڳ جي آبادي جا آهن ۽ انهن کي سون ڪلچر کان اڳ جا اوزار ڪوٺيو اٿن. (14) سون ماٿر مان مليل پٿر دور جي انسانن جي رهائشي آبادي جو تعلق ٻن دورن سان آهي. صفا آخري دور جي عمر 5 لک سال ٿيندي ۽ ٻيو تهه 4 کان 2 لک سال جي وچ جو آهي. پهرين تهه تان اڻ گهڙيا پٿر مليا آهن، ان دور جا ماڻهو اڃا پٿرن کي گهڙڻ ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ مختلف شڪليون ڏيڻ ڪونه سکيا هئا. هو استعمال لائق پٿر گڏ ڪندا هئا. پر ٻئي دور جا ماڻهو ڪجهه ترقي ڪيل ڏسجن ٿا. جن پٿر مان ڪهاڙيون، تيرن جا منهن ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو جهڙو تهڙو سامان تيار ڪري ورتو هو. ان وقت به هو اڃا کاڌو گڏ ڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. مال ڌارڻ يا پوکي راهي ڪرڻ تائين سندن شعور ڪونه پهتو هو.(15) سون ماٿر ۾ رهندڙ پٿر دور جي انسانن بابت قديم آثارن جي مشهور ماهر سر مارٽيمر وهيلر جو رايو آهي ته، ”پاڪستان (سنڌوماٿر) ۾ سڀ کان پراڻي ۾ پراڻي انساني آباديءَ جي ثابتي اسان کي راولپنڊي ويجهو سون نديءَ جي ڪنارن تي اڻ گهڙيل پٿرن جي صورت ۾ ملي آهي. اتان مليل اوزارن ۾ ڪي سادي نموني جا ڇرا ۽ ڪهاڙيون مليون آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 5 کان 3 لک سالن جي عمر جا ٿيندا.“ (16)
هي سون نديءَ مان مليل اوزار لوڻي ندي (ننگر پارڪر) جي اوزارن سان مشابهت رکندڙ ۽ هم عمر آهن. (17) هي اهي ئي اوزار آهن، جن سان هاڪڙو تمدن جا ماڻهو ڪم ڪار ڪندا هئا. ماهر سون مان لڌل اوزارن متعلق چون ٿا ته اهي روهڙي ۽ سکر جي هنڌن تان لڌل ابتدائي پٿر جي اوزارن جي سڌريل شڪل آهن. اهي اوزار سکر کان سواءِ واگهو در ڪراچي مان پڻ مليا آهن. لئمبرڪ ان جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي جي اڀرندي ڪپر تي واگهي در وٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پڻ اهڙن اوزارن جي ڪجهه سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. (18) ان دور جي پٿر جي انسانن جا اوزار بياس ندي (پنجاب) جي ماٿريءَ مان پڻ مليا آهن. انهن آثارن جو انڪشاف آثار قديمه جي ماهر ب. ب لال ڪيو هو ۽ بياس نديءَ جي ماٿر ۾ پراڻي پٿر دور جا اوزار مليا آهن.(19)
مٿي بيان ڪيل ”سون ڪلچر“ انهن ماڻهن جو ئي آهي، جيڪي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين پکڙيل هئا، ميدانن ۾ رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ موسم اڃا خشڪ هئي. جڏهن برفباري شروع ٿي، هوائون گهمجي ويون ته انسان لاءِ کليل ميدانن ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو. جنهن ڪري هنن برفباريءَ کان بچڻ لاءِ غارن کي رهائش لاءِ استعمال ڪيو. جڏهن ته هن کان اڳ اوائلي انسان اڃا غارن جو رخ ڪونه ڪيو هو. جيئن ته سنڌ اندر جبلن ۽ غارن جو تعداد جهجهو موجود هو، ان ڪري سنڌونديءَ ۽ ٻين ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندڙ انسانن غارن ۾ پناهه ورتي ۽ اتي وري نئين زندگيءَ جو آغاز ڪيو. انهن غارن مان ملندڙ پٿر جي اوزارن جي باقيات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ميداني علائقن ۾ رهندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري چڪا هئا.(20)
اڄ کان هڪ لک سال اڳ سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انسان الهندي وارن جبلن ۽ ٽڪرن جي غارن ۾ رهڻ لڳو. انهن غارن جا آثار سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مليا آهن. قديم زماني جي ماڻهن جون کوپڙيون سيوهڻ جي ڀرسان شاهه بلاول جي واٽ تان پڻ لڌيون آهن.(21) لکين ورهيه اڳ جا لاش پٿرن جي اوزارن سميت ٽنگا نيڪا مان لڌا ويا آهن. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي چشمن جي پريان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ غار لڌو ويو آهي، جيڪو ”هڪ ٿنڀو“ سڏبو آهي.(22) اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي. سرحد صوبي ۾ شنگهائو وٽ پڻ ان دور جي ماڻهن جو هڪ رهائشي غار مليو آهي. ماهرن اتان مليل باقيات جي عمر هڪ لک کان 40 هزار سال ق-م مقرر ڪئي آهي.(23)
هن دور ۾ اوائلي انسان ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ غارن ۾ رهڻ لڳو. هي ٽوليون شروع ۾ ڪٽنب، قبيلي يا قوميت جي صورت ۾ منظم ڪونه هيون پر هن دور ۾ هو رولو زندگي ڇڏي ڪري ٽولين جي صورت ۾ رهڻ لڳا. هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ڪري هنن جي دلين ۾ رحم، قرب ۽ پنهنجائپ وارو جذبو پيدا ٿيو. هن وقت انسان اڃا باهه ٻارڻ جو هنر ڪونه سکيو هو. ان ڪري هو پنهنجي عزيزن کي مرڻ بعد پٿرن هيٺان پوري ڇڏيندو هو. جيئن لاش ڌپ نه ڪري. اهڙيون ڪافي شهادتون سنڌ اندر مليون آهن، جيڪي ان وقت جي مدفن انسانن جون آهن.
پراڻي پٿر دور جي ماڳن جي وڌيڪ چوک چڪاس ڊسمبر 1975ع ۾ برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر الچين ۽ سندس زال ۽ ٻين ٻن ميمبرن سنڌ اندر شروع ڪئي. هنن دعويٰ ڪئي آهي ته، ”سنڌ ۾ پٿر جي انسانن طرفان اوزار ٺاهڻ جي ڪارخانن وارا هنڌ، ماڳ ۽ مڪان موجود آهن.... اسان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ حيدرآباد ويجهو اهڙا آثار معلوم ڪيا آهن ۽ اهڙا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا آهن، جن کي پٿر جي دور جي اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن جا هنڌ چئي سگهجي ٿو.“ انهن آثارن بابت ڊاڪٽر الچين جي راءِ آهي ته اهي آثار پنهنجي خاص نوعيت وارا هنڌ آهن، جن جهڙا دنيا ۾ هن کان اڳ فقط مصر ۾ مليا آهن. پروفيسر الچين هتان مليل اوزارن کي پراڻي پٿر دور جا اوزار سڏيو آهي ۽ انهن جي عمر 50 هزار سال ق-م مقرر ڪئي اٿائين.(24)
هيءُ اهو دور هو، جو اڃا تائين پوکي راهي ڪرڻ تائين انساني شعور ڪونه پهتو هو. ان ڪري هو پنهنجي کاڌي جو پورائو مڇي ماري ۽ وڻن مان ميوو ڇني ڪندو هو ۽ گڏوگڏ سنڌونديءَ جي ڀر وارن ٻيلن مان پکين ۽ جانورن جو شڪار پڻ ڪندو هو. هن شڪار بعد جانورن جي کلن مان هڏن جي ٺهيل سين رستي پنهنجو لباس تيار ڪري ورتو. هاڻ هو قدرت جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لاءِ پنهنجو عقل استعمال ڪرڻ لڳو. جڏهن هن ٻيلي ۾ وڻن جي گسڻ ڪري باهه پيدا ٿيندي ڏٺي ته هن اتان ٽانڊو کڻي اچي پنهنجن اونداهن غارن کي روشن ڪيو. غارن ۾ اها باهه ڏينهن رات ٻرندي رهندي هئي. ان باهه تي هو گوشت پچائي کائڻ لڳا ۽ غارن ۾ ايندڙ خونخوار جانورن کي ڀڄائڻ جو ڪم به باهه کان وٺڻ لڳا. سردين ۾ ڏڪندڙ انسانن کي باهه جهڙي بي بها نعمت هٿ اچي وئي. هو ان باهه کي سانڍڻ ۽ ان کي پنهنجن هٿن سان پيدا ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا. هنن کي اها اٽڪل سجهي آئي ته ٻن پٿرن کي پاڻ ۾ زور سان مهٽڻ سان باهه پيدا ٿي پوي ٿي. هاڻ باهه جي دريافت انساني زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب آڻي ڇڏيو.
پراڻي پٿر دور جي انسانن پنهنجي دور ۾ ارتقا جا جيڪي حيرت انگيز ڏاڪا طئه ڪيا، انهن ۾ گڏ رهڻ جو تصور پيدا ٿيڻ، باهه جي دريافت ٿيڻ سان گڏوگڏ سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ٻوليءَ جي ايجاد هو. هن دور ۾ ماڻهن پنهنجي ضرورتن کي آڏو رکي، هڪ ٻئي سان رابطو قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڏکئي وقت تي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ آهستي آهستي ٻولي جي تخليق ڪرڻ شروع ڪئي. مختلف قسم جا اشارا ۽ آواز بامعنيٰ لفظن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا. جن اڳتي هلي هڪ مڪمل انساني ٻوليءَ کي جنم ڏنو. هن دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ انسانذات پنهنجي ارتقا جي ٻئي دور يعني وچين پٿرواري دور ۾ پهچي وئي.
[b](2) وچون پٿر وارو دور
[/b]هن دور ۾ پيداواري ذريعن وڌيڪ ترقي ڪئي. اوزارن ۾ سڌارو ۽ واڌارو آيو، تير ڪمان ايجاد ٿي، جنهن ڪري شڪار زور ورتو. پٿر مان نوان اوزار بڻايا ويا، جهڙوڪ: کرپي، ڪهاڙي، ڪنڊي ۽ ڇري. هن دور جي آخر ۾ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺهڻ شروع ٿيا. ان سان گڏوگڏ جانورن پالڻ جي ابتدا ٿي. جڏهن اوائلي انسان جانور پاليا ته سندس مٿان ڪم جو بار هلڪو ٿي پيو ۽ کيس بار ڍوئڻ ۽ سواري ڪرڻ لاءِ ذريعو ميسر ٿي ويو. جنهن ڪري سندس ڪيتريون ئي تڪليفون دور ٿي ويون. ان کان سواءِ سندس کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ آسان ٿي پيو. هن پاليل جانورن جو کير ۽ گوشت پنهنجي غذا ۾ شامل ڪري ورتو. هن ئي دور جي آخر ۾ زمين کيڙڻ طرف انسان جو ڌيان ويو. هن ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪنارن تي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا کيڙڻ شروع ڪيا. پيداواري ذريعن ۾ ترقي ٿيڻ ڪري، ماڻهن جو وڏو تعداد رولو زندگي ڇڏي ڪري مستقل طور آباد ٿيڻ شروع ٿيو. جنهن ڪري برادري نظام وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي اوسر وڌيڪ تيز ٿي. ماڻهن جي وڏين ٽولن درياهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن سان پاڻي جي سهنج ۽ شڪار جي سهوليت کي نظر ۾ رکندي رهائش اختيار ڪئي. ڪم گڏ ٿيڻ لڳو، کاڌي پيتي جي ورهاست هڪجهڙي ٿيڻ لڳي.
سنڌو ماٿر اندر وچون پٿر وارو دور 15 هزار کان 6 هزار ق-م تائين هليو. هن دور جي انساني وسندين جا آثار گجرات، ڪاٺياواڙ، سکر جي ويجهو روهڙي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ منڇر ڍنڍ جي پسگرداين مان مليا آهن.(25)
هن دور جا ماڻهو پنهنجا پٿر جا اوزار چقمقي پهڻ مان تيار ڪندا هئا. جيڪي کين اروڙ جي کنڊرن (سکر) جي آس پاس وارين ٽڪرين مان ملندا هئا. ماهرن اتان چقمقي پهڻ جو اهڙو ڪارخانو ڳولي لڌو آهي. اهي چقمقي پهچڻ جا اوزار ان ڪري وڌيڪ استعمال ۾ ايندا هئا، جو چقمقي پهڻ سخت هجڻ ڪري گهڻو ڪري وڍ ٽڪ جو سامان ڇريون، ڪات ۽ ڪنڊيون انهيءَ مان پائيدار ۽ سٺيون ٺهنديون هيون. جيڪي وري تکيون ڪري استعمال ڪيون وينديون هيون. لئمبرڪ ڄاڻائي ٿو ته اهڙي اوچي قسم جا اوزار ۽ انهن جي ٺهڻ جا هنڌ روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي لڳ آهن. اهڙا ڪيترائي هنڌ وچولي ڪوهستان ۾ ۽ ٻيا ڪيترا سامونڊي ڪپر سان ڏاکڻين ٽڪرين وٽ به آهن.(26)
هن دور ۾ اوزارن ۾ ترقي اچڻ ڪري ۽ ٻيو ته برفاني دور ختم ٿيڻ ڪري ماڻهو نون علائقن ڏانهن ڦهلجڻ لڳا. هنن وڏي تعداد ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ۽ ٻڪريون وغيره پالڻ شروع ڪيون. هن دور جي ماڻهن جي رهائشي هنڌن تان مٽيءَ جا ٺهيل ٿانوَ پڻ هٿ آيا آهن، جيڪي تمام شروعاتي قسم جا آهن، جيڪي هٿ تي ٺاهيا ويندا هئا جڏهن اڃا چڪ جو استعمال ڪونه ٿيو هو. هيٺانهين سنڌ جا ماڻهو گهڻو ڪري هن دور ۾ مڇيءَ جو شڪار وڌيڪ ڪندا هئا. سندن ان دور جا اوزار ٺارو ٽڪري ۽ گولف ڪلب ڪراچي ڀرسان مليا آهن. روهڙي طرف مليل ٻه ماڳ شهنشاهه بلوچ ۽ نواب پنجابي به هن دور جي انسانن جون وسنديون آهن. هن دور جا ٻيا آثار ماهرن هاڪڙي درياهه جي ڪنارن سان پڻ لڌا آهن. جن کي پٿر جا اوزار روهڙي طرف کان هاڪڙي درياهه رستي پهچندا هئا.(27)
هن دور جي ماڻهن پٿر کي وڍي ٽڪي خاص شڪليون ڏئي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. هنن کاڌي کي پچائڻ لاءِ پٿر جون پاٽيون جي تراکڙيون هيون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. آهستي آهستي اوائلي انسانن پنهنجي پٿر جي اوزارن کي سڌارڻ شروع ڪيو. هاڻي هو پٿر مان عمدي قسم جا اوزار ٺاهڻ لڳا. هنن مڇي پڪڙڻ لاءِ ڪنڊيون، پٿر جا نيزا، پاڻي ڍوئڻ لاءِ جانورن جي کلن مان پکالون ٺاهي ورتيون. ان کان سواءِ ان ئي دور ۾ پٿر جون بهترين ڪهاڙيون، ڇريون ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو سامان ٺاهيو ويو. اهڙيون شيون لوڻي ندي (ننگرپارڪر) ۽ ٻين هنڌن تان مليون آهن. (28) اهڙي قسم جا ٻيا اوزار ڪئپٽن ريڊ ڊڪ 1941ع ۾ ڊرگ روڊ (ڪراچي) يعني سنڌ جي ڏکڻ اولهه طرف لڌا آهن. جيڪي گهڻو ڪري پهرين جي چنڊ جي شڪل جا آهن. شايد اهي مڇي مارڻ جا اوزار يا تيرن جا ڦر ئي هجن. جن جي ڪاٺ جاڳن گهڻو وقت گذرڻ ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويا آهن. (29)
هن دور ۾ شڪار لاءِ نوڪدار تکن اوزارن ۽ ٻئي وڍ ٽڪ جي سامان شڪار کي وڏي هٿي ڏني ۽ هاڻ ماڻهن جا ٽولا سيوستان، مڪران، هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن وارن ٻيلن ۾ شڪار لاءِ نڪري پيا. ان وقت هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن وارن ٻيلن ۾ هاٿي، گينڊا، باندر، چيتا ۽ ٻيا قسمين قسمين جانور رهندا هئا. هن دور کي ماهر شڪاري ۽ مال ڌاريندڙ ماڻهن جو دور چون ٿا. ڇو ته هن دور ۾ اڃا زراعت ڪا بيان ڪرڻ جهڙي ترقي ڪانه ڪئي هئي ۽ نه وري هن دور جا ماڻهو قبائلي نظام هيٺ گڏ ٿي سگهيا هئا. هو اڃان ننڍن ننڍن خاندانن ۽ برادرين ۾ ورڇيل هئا، جيڪي خوني رشتيداريءَ تي ٻڌل هيون.
[b]سماجي زندگيءَ جو جائزو
[/b]شروع ۾ سماج اندر طبقن جو وجود ڪونه ٿيو هو، ڪوبه ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام ڪونه هو، سڀني انسانن جو رتبو هڪ جهڙو هو. ماڻهو هڪ ٻئي جو استحصال ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي زندگي گذاريندا هئا. سماج ۾ طبقاتي نظام تمام گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. ان ڪري طبقاتي نظام کان اڳ جي هن نظام کي سماجي سائنس جا ماهر ”ابتدائي ڪميونزم“ يا ”راڄوڻي نظام“ چون ٿا.
سنڌوماٿر ۾ پراڻي پٿر دور ۽ وچين پٿر دور جي ماڻهن جي سماجي زندگي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ هتي اڃا طبقاتي نظام جو بنياد ڪونه پيو هو. سڀ ماڻهو گڏجي پيداوار ۾ حصو وٺندا هئا، جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ۽ ٻڍا شامل هوندا هئا ۽ هو سخت جدوجهد کان پوءِ حاصل ڪيل پنهنجي روزيءَ کي هڪ ٻئي ۾ برابر ونڊي ورڇي استعمال ڪندا هئا. ان دور ۾ نجي ملڪيت جو بنياد ان ڪري پئجي نه سگهيو هو ته اوزارن جي اڻ هوند ۽ سادگيءَ ڪري ڪوبه اڪيلو ماڻهو ان لائق نه هوندو هو ته هو اڪيلي سر ڪو ڪم ڪري سگهي. هن کي هر وقت پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن جي مدد جي ضرورت پوندي هئي. شڪار ڪرڻ وقت ۽ ڦل گڏ ڪرڻ وقت سڀ گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ هنن کي سخت محنت ۽ مشقت کان پوءِ به مس ايترو کاڌو يا شيءِ نصيب ٿيندي هئي، جنهن مان پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري سگهن. ان ڪري فاضل پيداوار جي جمع ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو. ان ڪري ذخيره اندوزي ڪرڻ ان دور ۾ ناممڪن هئي.(30) هن دور ۾ ڪنهن به حڪومت، رياست يا قانون جو تصور ڪونه هو، سڀ ماڻهو گڏجي پنهنجو بچاءُ ڪندا هئا. خونخوار جانورن جي حملن ۽ ٻاهرين حملي آورن سان گڏجي جنگ ڪندا هئا. هنن وٽ ان وقت علائقائي ورهاست جو تصور به موجود ڪونه هو. هو فطري حدبندين اندر رهندا هئا، يعني هو اتي وڃي پنهنجا ديرا ڄمائيندا هئا، جتي خوراڪ وافر مقدار ۾ ملندي هئن ۽ پاڻي جو سهنج موجود هوندو هو.
هن دور ۾ سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي وحشي دور مان نڪري، اڪيلي زندگي گذارڻ واري عادت ڇڏي برادرين ۽ خاندانن ۾ متحد ٿيا. اهي برادريون ۽ خاندان خوني رشتن تي ٻڌل هوندا هئا. شروعات ۾ منجهن آزاد جنسي تعلقاتن جو رواج هو. آزاد جنسي تعلقاتن ڪري ڪنهن به پيدا ٿيندڙ ٻار جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه پوندي هئي ته ان جو پيءُ ڪهڙو آهي. ان ڪري نسب جو سلسلو ماءُ کان هلندو هو. ان ڪري قديم سماج ۾ عورت جي وڏي عزت هوندي هئي. عورت ئي سڄي خاندان تي راڄ ڪندي هئي. هڪ برادري يا خاندان اندر جيڪي به مرد يا عورتون هونديون هيون سي سڀ هڪ ٻئي سان جنسي تعلقات رکندا هئا، جنهن ۾ رشڪ يا رقابت جي ڪابه گنجائش نه هوندي هئي.(31) ان ڪري هن دور جي سماج کي سماجي سائنس جا ماهر ”ماءُ آدرشي سماج“ جو نالو ڏين ٿا، ڇو ته هن دور ۾ عورت ئي حڪمران هئي. هوءَ ئي برادري ۽ خاندان جي اڳواڻ هئي. کاڌي جي ورهاست، نسلي پرورش ۽ پاليل مال جي سارسنڀال سندس ذمي هوندي هئي.
هن دور جي انسانن جي ايجادن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته هن دور ۾ انسانن جيڪي اڳ الف اگهاڙا گهمندا هئا، تن شڪار ڪيل جانورن جي کلن سان پنهنجا تن ڍڪڻ شروع ڪيا. پنهنجو تن ڍڪڻ جو خيال کين اوگهڙ ڍڪڻ بدران سرديءَ يا گرميءَ کان پاڻ کي بچائڻ ئي هو. جنهن اڳتي هلي ستر ڪرڻ جي شڪل اختيار ڪئي. هن دور جي وڏي ۾ وڏي ايجاد باهه جي دريافت پڻ هئي. باهه جي مدد سان هو گوشت پچائي ۽ نرم ڪري واپرائڻ لڳا. هن دور جي انسانن جا اوزار پٿر، ڪاٺين، هڏن ۽ سنڱن جا ٺهيل هوندا هئا. هن دور ۾ انسان فطرتي محتاجيءَ مان نڪري، خود خوراڪ پيدا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. اهڙي طرح لکين سالن تي ٻڌل سماجي ارتقا جو هيءُ دور انسانذات جي ارتقائي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
[b]سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون
[/b]انساني تهذيب جي شروعات درياهن جي ڪنارن تي ٿي. قديم دور جي ماڻهن پنهنجا جهوپا ان ئي هنڌ جوڙيا، جتي کين پاڻي سهنجائي سان ملي ٿي سگهيو. ڇو جو اوائل ۾ اڃا اهڙا اوزار جڙي ڪين سگهيا هئا. جن جي مدد سان کوهه کوٽي يا درياهن مان واهه ڪڍي پاڻي جو پورائو ڪري سگهجي. ان ڪري رهائشي ڳوٺ يا شهر ٻڌڻ جا مناسب هنڌ درياهن ۽ ڍنڍن جا ڪنارا ئي هئا. درياهي ڪنارن ڀرسان رهڻ ڪري پاڻي ۽ خوراڪ جو مسئلو حل ٿي سگهيو ٿي. نه صرف اتي ٻنيون کيڙي، ريج ڪري، زراعت کي ترقي وٺائي سگهجي پئي، پر گڏوگڏ جانورن جو چارو ۽ ٻيا هنر ۽ ڪاريگريون پڻ اتي زور وٺي سگهن پيون. بقول انساني تاريخ جي ماهر رابرٽ بريفالٽ جي ته، ”جڏهن خانه بدوش انسان چراگاهن جي تلاش ۾ ايشيا جي وڏن وڏن درياهن جي ماٿرين ۾ پهتا ۽ کين معلوم ٿيو ته هتي ٿورڙي محنت سان جانورن ۽ انسانن لاءِ خوراڪ مهيا ٿي سگهي ٿي، ته هنن آواره زندگي گذارڻ ڇڏي، زراعتي زندگي اختيار ڪئي ۽ مستقل هنڌن تي آباد ٿيا. ۽ سنڌو، گنگا، يانگسي، فرات ۽ نيل ندي جي گپ چڪ مان ئي تهذيب جنم ورتو.“ (1) يعني اوائل ۾ تهذيب جو ٻوٽو درياهن جي ڪنارن تي ئي وڌي وڻ ٿيو. دنيا اندر ٽي وڏي ۾ وڏا درياهه سنڌو، دجله ۽ فرات آهن، جن جي ڪنارن تي تمدني زندگي جي شروعات ٿي ۽ زراعت زور ورتو.
دنيا اندر سڀ کان پهريان کيتي ڪرڻ جو هنر اڄ کان 8 هزار سال اڳ سنڌو ماٿر جي رهواسين ڳولي لڌو ۽ هتي ئي شروعات ۾ انساني تهذيب جو وڻ وڌڻ شروع ٿيو. ماهر ان راءِ جا آهن ته سنڌو ماٿر ان ڪري انساني تهذيب لاءِ وڌيڪ اسرڻ جي موزون جڳهه هئي، ڇو جو هتي جي آبهوا نه گهڻي گرم هئي ۽ نه سخت سرد هئي، يعني وچولي قسم جي هئي ۽ سنڌوندي جي لڳاتار وهڪ جي ڪري هتي خوراڪ جو ڏڪر ڪونه هو. ان ڪري ئي هتان جا رهواسي ٻي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پهريان زرعي زندگي ۽ ڳوٺاڻي رهائش ڏانهن مائل ٿيا. اها هن ڌرتي ۽ هتان جي نديءَ جي سرسبزي ۽ خوشحالي چئبي، جو هتان جا رهواسي ٻين قومن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا. پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا پڻ ايئن چوندي ڪونه ٿو هٻڪي ته، ”سنڌ کي رونقدار ۽ ڀريو ڀاڳيو بنائڻ ۾ سنڌو درياهه جو وڏو هٿ آهي. سنڌو درياهه اسان جي سنڌ جي جنم کان اڳ ئي موجود هو. جيئن ٻار ڄمڻ کان اڳ ماءُ جي ٿڻن ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ کي تاتي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ سنڌو اڳئي هتي حاضر هئي.(2) اوائل ۾ هتان جي رهواسين جون زرعي ايراضيون ننڍن ننڍن درياهن جي وادين ۾ اڀريون. اڄ کان 8 هزار سال اڳ نئين پٿر واري دور (Neolithic Age) ۾ سنڌو ماٿر جي رهواسين ٻنيون کيڙي فصل اپائڻ جي شروعات ڪئي. اهڙا آثار تازو فرانسيسي آرڪيلاجيڪل مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر ذان زيري بلوچستان جي بولان لڪ وٽ مهرڳڙهه جي قديم آثارن مان ڳولي لڌا آهن ۽ انهن آثارن جي عمر 6 هزار ق-م مقرر ڪئي آهي. ماهرن مهرڳڙهه کي ايشيا جي پهرين زرعي وسندي ڪوٺيو آهي. اهڙي طرح هتي جي رهاڪن ئي سڀ کان پهريان هڪ زرعي سماج (Agrarian Society) جو بنياد وڌو. مسٽر ذان زيري هن قديم وسندي تي روشني وجهندي چوي ٿو ته هتان جا ماڻهو 6 هزار ق-م کان اڳ نئين پٿر واري دور ۾ فني، جمالياتي ۽ تخليقي ذهنيت سان مالامال هئا ۽ هو اڏاوتي مهارت رکندا هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي، آرٽ، ٿانون جي ڊيزائن، دفنائڻ جا طريقا ۽ زرعي سرشتو گهڻو ترقي ڪيل هو.(3) هن دور ۾ اڃا ماڻهن ڌات ڳولي ڪانه لڌي هئي. ان ڪري اوزار طور پٿر استعمال ڪندا هئا. هو زمين کيڙن لاءِ پٿر جا هر، فصل جي ڪٽائي لاءِ پٿر جا ڏاٽا ۽ ان پينهڻ لاءِ پٿر جون چڪيون استعمال ڪندا هئا. هو اوزارن ٺاهڻ لاءِ چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار استعمال ڪندا هئا.(4)
مٿين آثارن ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته کيتي ڪرڻ جي سرشتي جي ڪري سنڌي ماڻهو سڀ کان پهريان تمدني زندگي ڏانهن مائل ٿيا ۽ تيزي سان ترقي جا ڏاڪا طئه ڪرڻ لڳا. جڏهن ته اهو سڄو عمل باقي دنيا ۾ تمام دير سان شروع ٿيو. سڌريل پوک جو ڪم ۽ پڪي ڳوٺاڻي آبادي مشرق قريب ۾ تقريبن 5 هزار ق-م ۾ شروع ٿي، پوکي راهي انساني زندگي ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. هاڻ هو پنهنجي جياپي لاءِ فطرت تي ڀاڙڻ ڇڏي، پنهنجي غذا پاڻ پيدا ڪرڻ لڳو. زراعت جي فن انسان کي پنهنجي زندگي جون ضرورتون پاڻ پوريون ڪرڻ لاءِ همٿايو. جنهن ڳالهه اڳتي هلي انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻايو.
پهريان ته سنڌ اندر عورتون پنهنجي هٿن سان زمين کيڙي اناج پوکينديون هيون، پر پوءِ ڪٽنب جي وڌڻ ۽ وڌيڪ تجربي ٿيڻ بعد پاليل جانورن جهڙوڪ: ڍڳن ۽ گهوڙن کان ٻنيون کيڙڻ جو ڪم ورتو ويو. ابتدا ۾ سنڌو ماٿر اندر هتي جي رهواسين جَوَنِ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جون پوکون ڪرڻ شروع ڪيون. ماهر ان راءِ جا آهن ته ڪڻڪ، جَوَنِ ۽ ڪپهه جون پوکون 6 هزار ق-م کان نئين پٿر دور ۾ ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪنارن تي ٿينديون هيون، جنهن جا آثار مهرڳڙهه جي کوٽاين مان مليا آهن. هن دور ۾ مهرڳڙهه جا باشندا ڪپهه جو فصل تيل حاصل ڪرڻ ۽ ڌاڳا وٽڻ لاءِ پوکڻ لڳا. بعد ۾ ئي ڪپهه کي ڪپڙي ٺاهڻ طور استعمال ڪرڻ جو رواج پيو. (5)
زراعت جي ابتدا ٿيڻ ڪري ماڻهو رولو زندگي ختم ڪري هڪ هنڌ ويهي پنهنجي پوکيل فصلن جي حفاظت ڪرڻ لڳا. ماڻهو معاشي طور تي ٻن وڏن سماجي گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا اهي هئا جن زرعي زندگي اختيار ڪئي ۽ ٻيا جانورن جا ولر پالڻ لڳا. جانورن جا ولر پاليندڙن جون ثابتيون اسان کي بنون ۽ ڪڙي گل محمد مان مليون آهن. هو نه صرف جانور گوشت ۽ کير حاصل ڪرڻ لاءِ ڌاريندا هئا پر انهن کان سواري جو ڪم پڻ وٺندا هئا. هن دور جا باشندا رڍون، ٻڪريون، گڏهه، هرڻ ۽ رڇ وغيره ڌاريندا هئا. جن جون وڌيڪ ثابتيون آمري، ڏنڀ بٺي، پانڌي واهي ۽ عثمان بٺي مان مليون آهن. (6) جن ماڻهن زرعي زندگي اختيار ڪري جهڳا جوڙڻ شروع ڪيا، تن واندڪائي واري وقت ۾ پٿرن مان هر، ڏاٽا، ڪهاڙيون، اٽي پينهڻ لاءِ جنڊ ۽ ٻيا زرعي ڪم ڪار ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا. جڏهن ته مال چاريندڙ گروهه پوءِ به ڇڙواڳ زندگي گذارڻ لڳو. هنن جانورن جون کلون، رڍن جي اُن ۽ جانورن جو کير معاشي ضرورتن لاءِ استعمال ۾ آڻڻ شروع ڪيو.
زراعت جي رواج بعد قديم دور جي ماڻهن کي هاڻ کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ جهنگلن ۾ وڃڻو ڪونه پوندو هو ۽ نه ئي شڪار لاءِ ڏڦا کڻي ڀڄڻو پوندو هو پر هو هاڻ آرام ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ لڳا. ان واندڪائي واري سوچ ۽ فڪر هنن کي اڃا به بهتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو. جيئن ته هنن کي پنهنجن فصلن کي جانورن کان بچائڻ لاءِ هڪ هنڌ ويهڻو ٿي پيو، سو هنن ميداني علائقن ۾ گهر بڻائڻ جو سوچيو. هاڻ هو ٻيلن ۾ وڃڻ ۽ جانورن جي پويان سڄو ڏينهن ڀڄڻ بجاءِ هڪ هنڌ ويهي گهر ٺاهڻ ۽ ڳوٺ ٻڌڻ لڳا ۽ قدرت جي ٻين شين تي ضابطو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻڻ لاءِ نيون تدبيرون جوڙڻ لڳا. يعني گهر ٺاهڻ، ڳوٺ ٻڌڻ ۽ ايجادون ڪرڻ جي راهه ۾ وڏو عمل دخل زراعت جو هو.
ماهرن تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌ اندر نئين پٿر واري دور (6 هزار ق-م) ۾ انسانن غارن کي آخري سلام ڪري اچي پنهنجا گهرڙا ٺاهيا. اهڙن گهرڙن جا نشان اسان کي روهڙي، ڪراچي ۽ منڇر ڍنڍ جي پسگردائي ۾ ملن ٿا. اهي گهرڙا اوائل ۾ سرن بدران ڪاٺين ۽ تيلين مان ٺاهيا ويا ۽ غارن مان نڪرڻ بعد اهي ئي انسان جا پهريان اجها بڻيا. اهڙن ڳوٺن جا آثار سنڌوندي ۽ هاڪڙي سان گڏوگڏ مختلف ڍنڍن جي ڪنارن تي پن مليا آهن ڇو جو اتي پاڻي سان گڏوگڏ مڇي ملڻ جو به سهنج هو ۽ اتي ئي ننڍڙا ننڍڙا ٻني ٽڪرا کيڙي اَنُ اُپائي پيو سگهجي. شروع ۾ ماڻهن ٻيلن مان ڪاٺيون ڪري ۽ تيليون آڻي درياهي ڪپن تي چونئرا ٺاهڻ شروع ڪيا. اهي چونئرا دراصل گهر ٺاهڻ جي شروعاتي ڪڙي ڪري سمجهڻ گهرجي. ان دور جي ماڻهن پنهنجا اهي چونئرا ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ ڪن قدرتي مٿانهن هنڌن تي ٺاهڻ شروع ڪيا. هنن جا ڳوٺ چند ڇڙوڇڙ گهرن تي مشتمل هوندا هئا، جتان سرن جي اڏاوت جي ڪابه نشاني ڪانه ملي آهي. جيئن آمري، پانڌي واهي ۽ غازي شاهه جي شروعاتي تهن ۾ گهرن جي تعمير جا نشان ڪونه مليا آهن. اتان صرف استعمال جا ٿانو ئي مليا آهن. ان جو مطلب اهو وٺڻ سراسر غلط ٿيندو ته ڪو ان وقت جا ماڻهو بنا گهر گهاٽ جي کلئي آسمان هيٺان زندگي گذاريندا هئا پر هي ڳوٺ ان وقت جا آهن، جنهن دور ۾ اڃان مٽي جون سرون وجهي گهرن ٺاهڻ تائين انساني ذهن ڪونه پهتو هو.
وري جڏهن انساني ذهن ترقي ڪئي ته هنن جي گهرن جي جڙاوت ۾ پڻ تبديلي آئي. گهر ترقي ڪري هٿ جي ٺهيل سرن ۽ پٿرن سان جڙي راس ٿيڻ لڳا. اهڙا گهر مستطيل نموني جا وڏن پڌرن سان ۽ هڪ هنڌ ڳاهٽ ٿيل ملن ٿا. اهي گهر پڻ اڳ وانگر ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ ڪن قدرتي مٿانهن پٽن تي آباد ڪيا ويندا هئا. هو گهرن جي ڀتين جي پيڙهه ۾ پٿرن جو استعمال ڪندا هئا، مٿي اوساري سرن جي هوندي هئي، ڇتيون ڪکايون پرگاري سان لتل هونديون هيون. ڪڙي گل محمد (4200ق م) ۽ پانڌي واهي مان هن قسم جي اڏاوتن جا نشان مليا آهن. ڪڙي گل محمد جا رهواسي ڪچي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندا هئا ۽ پانڌي واهي مان مليل گهر مستطيل قسم جا آهن ۽ انهن جي پيڙهه پٿر جي رکيل آهي. باقي اڏاوت چيرولي يا گاري سان ٿيل آهي.(7) اهڙي قسم جا رهائشي گهر آمري جي وچين تهن مان پڻ مليا آهن. هن دور جي ڳوٺن جي خاص خوبي اها آهي جو انهن جي چوڌاري حفاظتي قلعا ٺهيل آهن. آمري، ٿرڙي، گجو، ڪوهتراس بٺي ۽ ڪوٽڏيجي جي کوٽاين مان اهڙن حفاظتي قلعن جا آثار پڻ مليا آهن.(8)
گهرن ٺهڻ ڪري گهر ۾ استعمال ٿيندڙ شين ٺاهڻ جي پڻ ضرورت پيش آئي. نئين پٿر واري دور جا رهواسي شروع ۾ اوزارن طور پٿر کي وڌيڪ استعمال ڪندا هئا. هو پٿر جون ڪهاڙيون، ڏاٽا، کرپيون، ڇريون، جنڊ، ماني پچائڻ جو ٿوٻيون ٺاهيندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري چقمقي پهڻ جون هونديون هيون. بعد ۾ هنن ڪاٺين ۽ تيلين مان ٽوڪريون، ماني رکڻ جو دٻڪيون، کارا، ان رکڻ جا ڀانڊا ٺاهڻ شروع ڪيا، جن کي ڏامر يا مٽيءَ سان چوڌاري لنبيو ويندو هو. ان ئي دور ۾ مٽي جي ٿانون ٺاهڻ طرف پڻ ترقي ٿي. گهرن ۾ رهندڙن مٽي مان اهڙيون شيون ٺاهڻ شروع ڪيون، جيڪي کاڌي رکڻ لاءِ ٿانون طور استعمال ٿين. پهريان ته ڪچي مٽي جا اڻ پڪل ٿانوَ تيار ٿيندا هئا، جيڪي پاڻياٺين شين جي استعمال لاءِ ناقص هئا. ان ڪري سنڌوماٿر جي رهواسين انهن ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون. اٽڪل 4000 ق-م ڌاري سنڌ ۾ ڪنڀارڪي چڪ جو بنياد پيو. مٽي جا ٿانو ڳوٺن جا محنتي ڪنڀر چڪ تي ٺاهي، انهن کي آوين ۾ پچائڻ لڳا. ڪنڀر جي چڪ ٿانو جي بناوت ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي ۽ مٽي جا نفيس ٿانو تيار ٿيڻ لڳا. (9) ان دور جي آبادين ڪڙي گل محمد ۽ مڊيگڪ مان مليل ٿانون چڪ تي ٺهيل ملن ٿا.(10) جن تي اڳتي هلي نقش نگاريءَ جو ڪم پڻ شروع ٿيو. هتان جا ڪنڀر ٿانون کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ انهن تي رنگين چٽسالي ڪرڻ لڳا. راڻا گندئي مان مليل ٿانون تي ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جا تهه چڙهيل آهن ۽ انهن مٿان ڪاري رنگ جي مصالحي جي چٽسالي ٿيل آهي. آمري مان مليل ٿانون جي تري تي ٿلهن ڪارن پٽن تي لاڳيتا ٽڪنڊا مليا آهن. ٽڪنڊن جي پاسن ۾ ڳاڙهو رنگ ڀريل آهي. لئمبرڪ ان دور جي ماڻهن جي ٿانون بابت ٻڌائي ٿو ته: ”هو ٺڪر تي ڪاري يا ڳاڙهي رنگ سان چٽسالي ڪندا هئا ۽ انهن تي جاميٽري جي شڪلين جهڙا چٽ ڪڍندا هئا.“ (11) ڪوئيٽا جي قديم آثارن مان مليل ٿانون جو رنگ بادامي ملي ٿو ۽ انهن تي ڀوري رنگ سان نقش نگاري ٿيل آهي. اهي ٿانو 4 هزار ق-م جا آهن. وري اڳتي نال مان مليل ٿانون ۽ آمري مان مليل ٿانون تي اسان کي شينهن، مڇين، ڍڳي ۽ پکين کان سواءِ پپر جي پنن جا نقش اُڪريل ملن ٿا.(12) شروع شروع ۾ جيڪي ٿانو ٺهڻ لڳا، پهريان انهن تي سادي قسم جي چٽسالي ٿيندي هئي، جنهن ۾ اڪثر جانورن جون شڪليون چٽيل هونديون هيون. ان قسم جا ٿانو 6 هزار ق-م کان سنڌو ماٿر اندر رائج هئا. بعد ۾ انهن ٿانون ۾ ترقي ٿيڻ شروع ٿي. اٽڪل 3500 ق-م ڌاري ٿانون تي جانورن جون شڪليون چٽڻ جو ڪم بند ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ جاميٽري جي ڏکين ۽ رنگ برنگي نمونن ورتي.(13)
سنڌوماٿر جي رهواسين 4000 ق-م ڌاري ڌات پڻ ڳولي لڌي.(14) هو شروعات ۾ ٽامي مان پنهنجي هارسينگار جون شيون ٺاهڻ لڳا.(15) بعد ۾ ٽامي مان ڪهاڙيون، آرا، ڀالا ۽ چوڙيون وغيره ٺهڻ لڳيون، جنهن جا آثار ماهرن نال، آمري، ڪوٽڏيجي ۽ ڪڙي گل محمد جي آثارن مان ڳولي لڌا آهن.(16) ڪڙي جي قديم آثارن مان ان سلسلي ۾ اڳتي ٿيل اوسر جو پتو پوي ٿو. هتان جا ماڻهو نه صرف ٽامي جي استعمال کان واقف هئا پر هو ٽامي ۽ ٽن کي پگهاري ڪنجهي جون شيون ٺاهڻ پڻ ڄاڻيندا هئا. ڌات جي وڌيڪ استعمال جا ثبوت ماهرن ڪوهتراس بٺي مان پڻ هٿ ڪيا آهن. آثار قديمه جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌوماٿر ۾ نئون پٿر دور 6 هزار ق-م کان 4 هزار ق-م تائين هليو. بعد ۾ 4 هزار ق-م ۾ هتان جي ماڻهن ڌات ڳولي لڌي ۽ هو ٽامي ۽ ٽن کي پگهاري (رجائي) استعمال ڪرڻ لڳا.
زراعت جي اوج ۽ ڳوٺن جي بنياد سنڌوماٿر اندر ڪيترائي واڍا، رازا، ڪنڀر پيدا ڪري ورتا ۽ هتان جا واپاري ڪچي مال کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيا. سنڌوماٿر جون ٻيڙيون سمنڊن جا سينا چيرينديون وڃي آفريڪا ۽ اڀرندي ايشيا ۾ پهتيون. هي دنيا جو اڪيلو ئي خطو هو، جتان اوائل ۾ تهذيب يافته انسان ٻاهرين دنيا ۾ پکڙجڻ لڳا ۽ هنن پنهنجي لاتعداد صلاحيتن سان هن ڌرتي کي رنگيني بخشي، برپٽن ۾ بازاريون لڳائي ڇڏيون. هڪ ماهر پوڪاڪ ان دور جي سنڌين بابت لکي ٿو ته، ”قديم دور ۾ سنڌوندي جي مهاڏي تي سامونڊي سفر ڪندڙ ڦڙت، هنرمند ۽ همت وارا ماڻهو رهندا هئا... جن جي نتيجي طور سڀيتا کي اوج ملي.“ (17) وري هڪ ٻئي ماهر فرگوسن کي به ٻڌندا هلو، جيڪو سنڌوماٿر کي مڪمل دنيا سمجهي ٿو، ”سنڌ مان سنڌوندي رستي ذاتين پٺيان ذاتيون ۽ بيشمار ماڻهو ٻاهر ويا آهن، جن تهذيب جو ڦهلاءُ ڪيو آهي... ۽ سنڌ هند هڪ مڪمل دنيا آهي.“ (18) سبط حسن چوي ٿو ته، ”هتان جون ٻيڙيون مال سان لڏجي مڪران جي ڪناري سان بحر عرب ۽ خليج فارس ٽپي سو ميري بندرگاهن ڏانهن وينديون هيون.“ (19)
هن دور ۾ سنڌو ماٿر جا باشندا ٻاهر وڃڻ شروع ٿيا هئا ۽ دنيا جي مختلف ڪنڊن ۾ پهچي پنهنجو علم ۽ هنر ڦهلائي رهيا هئا. هنن جون ٻيڙيون سمنڊ جا سينا چيرينديون آفريقا ۽ عرب ملڪن ڏانهن اُسهي رهيون هيون. جتي اڃا انساني ارتقا پنهنجي ٻالڪپڻ جي دور ۾ هئي. آثار قديمه جو هڪ وڏو ماهر ڊاڪٽر ايم آر مغل ان دور جي سنڌوماٿر جي رهواسين جي بين الاقوامي واپار بابت هن طرح رقمطراز آهي ته: ”ڳوٺاڻي ثقافت جي ماڻهن جو واپاري رابطو نه صرف پنهنجن شهرن تائين محدود هو، پر هنن جو واپار ٻاهرين ملڪن سان پڻ هلندڙ هو. هو ايران، گلف جي رياستن، عرب رياستن ۽ ميسوپوٽيما سان پڻ واپار ڪندا هئا. (20) ان واپار جا ثبوت ماهرن کي آمري مان پڻ مليا آهن. ڪاپر جو سامان جيڪو غازي شاهه، ڪوهٽراس بٺي، لوهري، آمري ۽ ڪوٽڏيجي مان مليو آهي، سو واپار رستي ٻاهران گهرايو ويندو هو.(21)
سنڌوماٿر ۾ هن دور جي ماڻهن جي سماجي زندگي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت ماڻهو خاندانن ۽ برادرين کان اڳتي وڌي قبيلن جي صورت ۾ منظم ٿي چڪا هئا ۽ ان وقت معاشري جو بنياد قبيلائي هو.(22) اهي قبيلا خوني رشتيداري تي ٻڌل هوندا هئا جن جي زندگي جي تعمير جمهوري اصولن تي ٿيندي هئي. انهن قبيلن جي سربراهي بزرگ مردن يا عورتن جي هٿن ۾ هوندي هئي. قبيلي جو سربراه سڀ فرد گڏجي چونڊيندا هئا. قبيلن ۾ منظم ٿيڻ ڪري ماڻهو پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ محفوظ تصور ڪرڻ لڳا. هن دور ۾ پڻ اڳ جيان ڪنهن به حڪومت، رياست يا قانون جو تصور موجود ڪونه هو. قبيلي جا مڙئي فرد قبيلي جي گڏيل روايتن جو احترام ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪوبه قبيلي جو فرد مقرر ٿيل اصولن جي انحرافي ڪندو هو ته قبيلي جا سڀ فرد کيس ان عمل کان نه صرف روڪيندا هئا پر زبردستي انهن اصولن تي هلڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. جنهن ڪري قبيلائي ريتون رسمون ۽ روايتون مضبوط کان مضبوط تر ٿيڻ لڳيون. هن دور ۾ اڃان علائقائي حدبنديون قبيلن جي بنياد تي ٻڌل هيون. هر هڪ قبيلو، جيڪو هزارين، لکين ماڻهن تي مشتمل هوندو هو، سو ڪنهن زرخيز علائقي تي قابض ٿي اتي پاڻ کي منظم ۽ مضبوط ڪندو هو. اهائي دنيا ۽ اهو خطو ان قبيلي جي سڄي ڪائنات هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ٻيو قبيلو ان جي حدن اندر دخل اندازي ڪندو هو ته قبيلي جا مڙئي فرد منظم ٿي، ان سان جنگ جوٽيندا هئا. مختلف قبيلا جيڪي مختلف خطن اندر منظم ٿي رهيا هئا، انهن پنهنجي پنهنجي ٻولي کي اختيار ڪري، ان کي وڌائڻ ويجهائڻ شروع ڪيو. ٻولي اڃا ابتدائي شڪل ۾ هئي ۽ نه صرف لکي ڪا نه ويندي هئي پر اڃان خيالن جي اظهار جي لحاظ کان اڻپوري هئي. قبيلن اندر اڃا آزاد جنسي تعلقاتن جو رواج هو، جيڪو جيئن پوءِ تيئن ڪمزور ٿي رهيو هو. پوءِ به ٻار جي نسب جو سلسلو ماءُ کان شروع ٿيندو هو.
هن دور جي سماج تي نظر وجهڻ سان ٻي جيڪا ڳالهه معلوم ٿئي ٿي سا اها آهي ته اڃا تائين هتي سماج غيرطبقاتي هو. ڪوبه ظالم ۽ مظلوم ڪونه هو، ڪوبه آقا ۽ محڪوم ڪونه هو. سڀ گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جو ڦل به گڏجي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا. محنت هر ماڻهو لاءِ لازم هوندي هئي، قبيلن جا سربراهه پڻ ان ۾ برابر جو حصو وٺندا هئا. هن دور جي سماجي نظام کي ماهرن ”قديم راڄوڻي نظام“ (ابتدائي ڪميونزم) جو نالو ڏنو آهي.
سنڌو ماٿر جي هن دور جي ماڻهن جي عقيدن ۽ ريتن رسمن بابت جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو آهي، اهو هيءُ آهي ته ان دور جا ماڻهو اڄ کان 8 هزار سال اڳ مئلن کي ستل توڙي ويٺل ٻنهي طريقن سان دفن ڪندا هئا. اهڙيون ثابتيون ماهرن کي مهرڳڙهه جي قديم آثارن مان مليون آهن.(23) اڳتي هلي هتان جي رهواسين ميتن سان گڏ ٿانو ٿپا ۽ هارسينگار جو سامان به گڏ دفن ڪرڻ شروع ڪيو. ان قسم جا آثار ڏنڀ بٺي ۽ نال مان مليل قبرن مان مليا آهن.(24) آمريءَجي قديم آثارن مان معلوم ٿيو آهي ته هو مڙدن کي ڪرونڊڙو ڪري پوريندا هئا ۽ اهي به مڙدن سان گڏ ضرورت جو سامان پوريندا هئا. انهن آثارن مان سنڌو ماٿر جي انهن رهواسين جي عقيدن بابت معلوم ٿئي ٿو ته هو ان عقيدي جا هئا ته مرڻ کان پوءِ به ماڻهو کي قبر ۾ انهن شين جي ضرورت پوي ٿي ۽ هو انسان جي ٻئي جنم يعني مري وري زندهه ٿيڻ واري عقيدي جا قائل هئا.
ڳوٺاڻين زرعي ثقافت جي وسندين مان ڪنهن به قسم جو بت يا پوڄا پاٺ لاءِ مندر وغيره ڪونه مليو آهي، جو چئي سگهجي ته هو ڪنهن اعليٰ هستيءَ جي پوڄا ڪندا هئا. مهرڳڙهه (6 هزار ق م) جي کوٽاين مان ماهرن ننڍڙا ننڍڙا انساني بوتا هٿ ڪيا آهن، جن اڳتي هلي زنانن بوتن جي شڪل اختيار ڪئي.(25) اهڙي قسم جا زنانا بوتا 4 هزار ق –م جي ٻين آبادين مان به وڏي تعداد ۾ مليا آهن. ڪڙي، ميهي، آمري ۽ ڪوٽڏيجي جي کوٽاين مان ان قسم جا ڪيترائي زنانا بوتا مليا آهن، جن کي ماهرن ”ڌرتي- ماتا“ جا بت سڏيو آهي. اهي زنانا بوتا ضرور ان وقت کان تخيلق ٿيڻ شروع ٿيا هوندا، جڏهن سنڌو ماٿر اندر ”ماءُ آدرشي سماج“ پنهنجي پوري جوڀن تي هوندو.
هاڻ سوال ٿو اٿي ته ان دور جا ماڻهو ڪنهن مافوق الفطرت هستي جي بدران ”ڌرتي- ماتا“ جا بت ڇو ٺاهيندا هئا ۽ هو انهن جي عبادت ڇو ڪندا هئا؟ ان بابت سماجي ماهرن جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، سا هيءَ آهي ته جڏهن سنڌو ماٿر جي رهواسين کيتي ڪرڻ جي هنر جي شروعات ڪئي ته ان وقت انساني، سماجي ۽ اخلاقي قدر پيدا ٿيا ۽ زرعي زندگي ڏانهن مائل ٿيڻ بعد کيتڪارن تي ٻن قدرتي شين جو تمام گهڻو اثر پيو ۽ انهن شين کان هو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهيا، انهن ۾ پهريون زمين ۽ ٻيو پاڻي هو.
[b](1) زمين
[/b]اوائلي انسانن زمين جي پيٽ مان سرسبز سلا اڀرندي ڏٺا ۽ مختلف اناج، ٻوٽا ۽ ميوا زمين جي پيدائش هئڻ ڪري، اهي ڌرتيءَ کي انسان جي بهتر زندگي جو ضامن ڄاڻندي، ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي ماءُ ڪوٺڻ لڳا. ڇو جو عورت (ماءُ) ۽ ڌرتي ٻئي تخليق ڪندڙ شيون هيون. جڏهن عورت ننڍڙا گلاب جهڙا چهرا پيدا پئي ڪري سگهي ته ٻئي طرف ڌرتي جي سيني مان مختلف سون ورنا سنگ ۽ ڳاڙها ساوا ٻوٽا اڀرن پيا ۽ اتان فصل جنم وٺن پيا. ان ڪري انسان جي من ۾ انهن ٻنهي شين سان محبت ڪرڻ اڻٽر ڳالهه هئي. ان ڪري ئي هنن جو عقيدو هو ته آسمان کي ۽ ستارن ڏي ڇو ڏسون، ان ڌرتي جي ڌوڙ ڇو نه چمون، جيڪا اسان جي بهترين زندگي جي ضامن آهي. ان ڪري قديم ماڻهن ”ڌرتي- ماتا“ جي پوڄا شروع ڪئي، ان جا بت ٺاهيا، جيڪي عورت جي ئي شڪل جا هئا. سنڌو ماٿر جي قديم آثارن مان ”ماتا- ديوي“ جا مجسما نڪرڻ جو اصل سبب اهو ئي هو.
[b](2) پاڻي
[/b]پاڻي نه صرف انساني جياپي لاءِ اهم حيثيت رکندڙ آهي پر جيڪڏهن ايئن چئجي ته زندگيءَ جو مرڪز پاڻي ئي آهي ۽ ان بنا هن ڌرتي تي ڪنهن به ساهواري جي زندهه رهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
قديم سنڌي، سنڌو نديءَ جي ميرانجهڙي پاڻي مان پنهنجي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳا. هنن سنڌوءَ جي ئي پاڻي تي فصل پوکيا ۽ گڏوگڏ هنن جي صنعت ۽ حرفت جو دارومدار ئي سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي هو. ان ڪري هو سنڌوندي جي اهميت ڄاڻيندي ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا ۽ هن جي پاڻيءَ کي پاڪ ۽ پوتر ڄاڻيندي ان کي پوڄڻ لڳا ۽ جڏهن سنڌوءَ جي پاڻي تي ڀرسان پوکيل فصل پچي راس ٿيندا هئا ۽ اَنُ سنگن مان ٻاهر نڪري ڇڻڻ شروع ڪندو هو ته قديم باشندا خوشي وچان جشن ڪندا هئا ۽ اَنُ لڻڻ کان اڳ چوڏهين جي چنڊ رات جٿن جي صورت ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي ويندا هئا ۽ اتي چنڊ جي جرڪيدار چانڊوڪيءَ ۾ گڏجي ناچ ڪندا هئا ۽ سنڌو نديءَ ۽ ”ڌرتي ماتا“ جي ساراهه جا گيت ڳائيندا هئا. هو پنهنجا ڀڄن ۽ گيت سنڌوءَ کي ارپيندا هئا.
قبيلن جي جٿن جي جلوس جي سرواڻي قبيلي جي مک عورت ڪندي هئي ۽ سڄو قبيلو ان جو احترام ڪندو هو. عورت کي ان وقت سماج ۾ تمام سٺيءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو، هن کي ”ڌرتي ماتا“ جو درجو مليل هو ۽ ان ”ڌرتي ماتا“ جون مورتيون سنگتراش تراشڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. هيءُ سماج، ”ماءُ آدرشي“ سماج هو. ڇو جو عورت ئي کيتي جو رواج وڌو ۽ فصلن کي اپائڻ ۾ هن جو ئي هٿ سمجهيو ويندو هو. سر جيمس جارج فريزر پنهنجي مشهور ڪتاب ”گولڊن بو“ (Golden Bough) ۾ ان بابت چوي ٿو ته، ”هندستانين (سنڌين) جو اعتقاد هو ته عورت کي ماءُ جي حيثيت ۾ جنم ڏيڻ ۽ گهڻي اناج کي پيدا ڪرڻ جي قوت هئي.“ (26) ان ڪري ئي عورت کي سنڌي معاشري ۾ اهم مقام حاصل هو ۽ ان جي عزت ڪئي ويندي هئي. جڏهن فصلن جي ڪٽائي ٿيندي هئي ته عورت ئي فصل لڻڻ جي شروعات ڪندي هئي ۽ اناج جي ڪٽائي جي جلوس يا محفلن جي سرواڻي پڻ عورت ڪندي هئي. سنڌوءَ جي ڪناري 14 تاريخ جي چانڊوڪيءَ ۾ جيڪو ناچ ٿيندو هو، ان ۾ اهم ڪردار عورت ئي ادا ڪندي هئي.
سراج الحق ميمڻ، سنڌ اندر ”ماءُ آدرشي“ سماج متعلق ڪجهه هن ريت لکيو آهي، ”علم الانسان جي لحاظ کان اول اول سنڌ اندر ”ماءُ آدرشي“ سماج هو. جنهن ۾ عورت سردار هئي، ڇو جو هن اناج پوکڻ ايجاد ڪيو. هتي جي انسانن ڏٺو ته عورت هڪ دلچسپ چيز هجڻ سان گڏوگڏ سموري تخليق جي ماءُ آهي. نه رڳو هوءَ خوبصورت ٻارڙا پيدا ڪري ٿي، پر فصل به هوءَ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري عورت جي ان تخليقي قوت کي پوڄا لائق سمجهيو ويو. هن کي ديويءَ جو درجو ڏنو ويو. گهڻو ڪري قديم ماڻهن جا بت ديوين جا آهن ۽ هو انهيءَ جي ئي پوڄا ڪندا هئا. عورت جي شرم گاهه ۽ ٿڻن کي تخليقي قوت جو مظهر ۽ منبع سمجهيو ٿي ويو. ان ڪري انهن ٻنهي جسماني عضون شرمگاهه ۽ ٿڻن کي سڀ کان وڌيڪ پوڄا لائق ٿي سمجهيو ويو.“ (27)
سنڌ اندر ٻني ٻاري ڪرڻ جي شروعات کان وٺي ”ماءُ آدرشي“ سماج شروع ٿيو. يعني شروع کان ”ماءُ آدرشي“ سماج جو هتي بنياد پيو ۽ اهو تيستائين جاري رهيو، جيستائين زرعي ترقي انتهائي عروج حاصل نه ڪيو. ان عورتاڻي آدرشي سماج جا ڪافي آثار سنڌو ماٿر ۾ مليا آهن. مسٽر ڪارٽر ڪراچيءَ جي مول واديءَ مان ڪجهه پٿر لڌا آهن، جن تي عورتاڻي آدرش جي هڪ صورت ۾ ڪنول جا چٽ کوٽيل آهن. قديم زماني ۾ عورت جي شرم گاهه (پيڪ) کي تخليقي مرڪز سمجهندي ان کي ڪنول جي گل سان تشبيهه ڏني ويندي هئي. مصور ان تخليقي مرڪز کي مختلف اهڃاڻن سان ظاهر ڪندا هئا. ڪي عورت جي شرمگاهه مان گل ۽ ٻوٽا ڦٽندي ڏيکاريندا هئا ته ڪي وري ان کي ڪنول جي گل جي مختلف شڪيلن رستي ظاهر ڪندا هئا.
آمري، ڪوٽڏيجي ۽ موهن جي دڙي جي صفا شروعاتي آباديءَ واري تهن مان اسان کي ان ”ماءُ آدرشي“ سماج جا آثار مليا آهن. جڏهن زرعي ترقي ٿي ۽ زراعت به مردن جو ڪم بڻيو ته ”ماءُ آدرشي“ سماج ٽٽي پيو ۽ ان کان پوءِ اسان کي ”پيءُ آدرشي“ سماج ملي ٿو. ان کان اڳ هيٺين تهه مان مليل مورتيون ”ماءُ آدرشي“ سماج جي ساک ڀرين ٿيون. موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي هڪ عورت جي تخليق گاهه (پيڪ) مان سلو اڀرندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو عورت کي تخليق جو مظهر سمجهڻ جو وڏو ثبوت آهي. ان کان سواءِ دادو ضلعي ۾ آمريءَ جي اتر اوڀر واريءَ حد ۾ هڪڙو موهن جي دڙي جو هم عمر ماڳ ”لاکيو“ مليو آهي. جتان اسان کي ”ماتا ديوي“ جون مورتيون مليون آهن. (28) ساڳي نموني جون مورتيون يعني ”ماءُ آدرشي“ سماج جا ثبوت اسان کي آمريءَ جي هم عمر ماڳ ڪڙي ۽ ميهي مان پڻ مليا آهن.
هن دور جي انسانن جي ايجادن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن دور ۾ ماڻهن گهر ٺاهڻ ۽ ڳوٺ ٻڌڻ شروع ڪيا هئا. هنن مختلف قسم جون پوکون ڪرڻ شروع ڪيون، ڪپهه مان ڪپڙو تيار ڪرڻ لڳا، ڌات ڳولي لڌائون ۽ ان مان مختلف شيون تيار ڪرڻ لڳا. ٺڪر جي ٿانون ۾ وڏي پيماني تي ترقي ٿي. ان ان کان سواءِ ٻيڙيون ٺاهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ لڳا. هن ئي دور جي آخر ۾ سنڌو ماٿر جو سماج ڳوٺاڻين زرعي ثقافتن مان ترقي ڪري شهري تمدن ۾ داخل ٿيو ۽ هتي هلندڙ راڄوڻي نظام (ابتدائي ڪميونزم) طبقاتي نظام يعني آقا ۽ غلام ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو.
هيءُ مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺاڻي ثقافت نه صرف سنڌ جي موجوده حدن ۾ محدود هئي پر ان جي ايراضي وسيع تر هئي. اها ثقافت اوڀر ۾ راجستان جي ڪالي بنگن تائين، اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين، ڏکڻ ۾ سمنڊ تائين، ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾ مڪران تائين، اولهه ۾ افغانستان جي مينڊيگڪ تائين، اتر ۾ گومل ماٿر، پنجاب تائين ڦهليل هئي.(29) ان ايراضيءَ ۾ اڄ تائين هٿ آيل ڳوٺاڻي ثقافت جي وسندين مان ڪجهه مشهور بستين جا نالا هتي ڏجن ٿا: مهرڳڙهه، آمري، ڪوٽڏيجي، ڪڙي گل محمد، پانڌي واهي، ڪالي بنگن، راڻا گندئي، نال، بنون، مينڊيگڪ، علي مراد، گوملا، رحمان ڳڙهي، ڏنڀ بٺي، گورانڊي، ڪوهتراس بٺي، غازي شاهه، پيراڻو گهنڊائي، بهوٽ، جلال پور ۽ سري ڪولا وغيره. (30)
[b]انساني سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد
[/b]
[b]رياست جي ابتدا:
[/b]رياست جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ قديم قبائلي تنظيم موجود هئي ۽ اها انساني تاريخ ۾ سڀ کان پهرين سماجي معاشي تنظيم هئي، جيڪا رت جي رشتن ڪري وجود ۾ آئي. قديم زماني ۾ رت جو رشتو ئي موثر اتحاد جو ذريعو هو. قديم قبائلي تنظيم جي اوسر جا ٻه دور هئا، هڪڙو ”ماءُ آدرشي سماج“ جنهن ۾ عورت قبيلي جي اڳواڻ هوندي هئي. ان دور ۾ قبيلا تمام گهٽ فردن ۽ خاندانن تي مشتمل هوندا هئا. جڏهن آدمشماري ۾ واڌ آئي ۽ قبيلا وڌي ويا ته انهن جون ذميواريون ۽ ڪم ڪاريون پڻ وڌيا. زراعت جي ترقيءَ ڪري ”ماءُ آدرشي سماج“ ٽٽي پيو ۽ ”پيءُ آدرشي سماج“ وجود ۾ آيو. جنهن ۾ پيءُ (مرد) قبيلي جو اڳواڻ ٿيو ۽ هن زراعت ۽ ٻين ڪمن ڪارين تي پنهنجو ڪنٽرول ڪيو. قديم قبائلي تنظيم ۾ هڪ قبيلي، خاندان يا برادري جي فردن تي هڪ ماڻهن جو متحد گروهه هو. جنهن جا مفاد هڪ جهڙا ۽ پاڻ ۾ خوني رشتا هئا. هنن پنهنجي قبيلي کي ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۽ ان اندر امن امان قائم رکڻ ۽ گڏيل قانون ٺاهي ان تحت زندگي گذارڻ ۽ ٻاهرين قبيلن جي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ قبيلائي تنظيم جو بنياد وڌو. ان تنظيم جو اڳواڻ قبيلي جو سردار هوندو هو. جنهن جي چونڊ قبيلي جا فرد ڪندا هئا. ڪي سردار ته موروثي هوندا هئا. هن تنظيم رياست کي خام مال تيار ڪري ڏنو ۽ رياست جي تصور پڻ قبيلائي تنظيم مان جنم ورتو. ايئن کڻي چئجي ته رياست جي وجود ۾ اچڻ جو هي پهريون بنيادي مرحلو هو. تاريخ انساني جي هڪ ماهر ولاديمير ايليئچ لينن ان ابتدائي برادري بابت لکيو آهي ته: ”قديم قبائلي تنظيم، ابتدائي برادري جو نظام يا تاريخ انساني ۾ پهريون سماجي معاشي نظام هو. قبيلائي برادري انهن خوني رشتيدارن جي جماعت هئي، جيڪي خاندان ۽ سماجي تعلقاتن ۾ ٻڌل هئا. ان خانداني نظام جي ارتقا ۾ ٻه دور آيا. هڪ مدر شاهي (ماءُ آدرشي سماج) ٻيو پدر شاهي (پيءُ آدرشي سماج.) (1)
ان قديم قبيلائي تنظيم کان پوءِ رياست جو وجود ٿيو ۽ قبيلائي تنظيم جو محدود تصور ختم ٿيو. مختلف قبيلن ۽ خاندانن پاڻ کي معاشي ۽ اقتصادي مفادن تحت منظم ڪيو. پنهنجي گڏيل طاقت ۽ هڪ ٻئي جي سهاري سان هڪ سوسائٽي کي جنم ڏنو. هنن بهترين زندگي گذارڻ لاءِ قانون، ريتون رسمون، نظم ۽ ضبط ۽ ٻيا قاعدا تيار ڪيا ۽ ان تحت گڏيل رضامندي ۽ اتحاد سان ارتقائي عمل تحت رياست جو وجود عمل ۾ آيو. هيگل رياست جي وجود بابت چوي ٿو ته، ”رياست ارتقا جي خاص منزل تي سماج جي پيداوار آهي.“ (2) يعني رياست قوت يا طاقت ذريعي نه پر باهمي ميل ميلاپ ۽ قبيلن جي گڏيل معاشي، معاشرتي، تهذيبي ۽ ڪلچرل مفادن جي ڪري وجود ۾ آئي. قديم قبائلي تنظيم جي ڀيٽ ۾ رياست جي وجود ڪري انسان اڳ کان وڌيڪ آسائش سان زندگي گذارڻ لڳو ۽ هو پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجهڻ لڳو. رياست جي وجود ڪري قبيلائي جهڳڙا ۽ نفاق ختم ٿيڻ لڳا ۽ اڳي وانگر جيڪو ماڻهو جو ميڄالو قبيلائي جهڳڙن ۽ نفاقن کي ختم ڪرڻ تي خرچ ٿيندو هو، سو هاڻ ڪنهن تعميري ڪم تي خرچ ٿيڻ لڳو. رياست جا رهواسي پنهنجن حقن ۽ فرضن جي ڄاڻ رکندا هئا ۽ رياست جي نظام ۾ هنن کي پوري مداخلت جو حق هو. ان رياست جو سماجي نظام مختلف ملڪن ۾ مختلف هو. اهڙي طرح مختلف ملڪن ۾ سياسي زندگيءَ جو آغاز به مختلف ٿيو. ڪن جو بادشاهت سان ته ڪن جو جمهوريت يا اشرافيه سان ٿيو. انساني تاريخ جي ماهر فريڊرڪ اينگلز رياست بابت لکي ٿو ته، ”رياست مجموعي طور تي سڄي سماج جي سرڪاري نمائنده هئي..... ۽ اها ان طبقي جي رياست هئي جيڪو پنهنجي دور لاءِ سڄي سماج جو واحد ترجمان هوندو هو. جهڙي طرح قديم زماني ۾ غلامن جي شهري رياست هئي، وچين دور ۾ جاگيردارن جي ۽ هن زماني ۾ بورجوازين جي.“ (3)
[b]سنڌ اندر شهري رياست جو بنياد
[/b]سنڌ اندر شهري رياست جو بنياد 5 هزار ق- م ڌاري پيو. هتان جا ماڻهو شهرن ۾ رهڻ لڳا. سندن گهر پڪسراوان، ٻه ماڙ بلڊنگن تي مشتمل هجڻ سان گڏ جديد طرز جي غسل خانن، بورچي خانن، تلائن، کوهن سان يعني اڄڪلهه جي شهرن وانگر مڙني سهوليتن سان آراستا هئا. سندن شهرن جا رستا ڪشادا، زمين ۾ ڍڪيل ناليون، وندر جون جايون، مسافر خانا ۽ بازارون سهڻي رٿا سان جڙيل هيون.
هنن مهذب انسانن قائدي ۽ قانون جو ضابطو پهريان هتي مرتب ڪيو ۽ هڪ انصاف تي ٻڌل حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو. هتان جو رياستي انتظام راجائن يا شهرن جي چڱن مڙسن جي حوالي هوندو هو. جن جي چونڊ به راڄوڻي صلاح مشوري سان ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪو چڱو مڙس پنهنجن اختيارن جو ناجائز فائدو وٺندو هو ته سڀ شهري متحد ٿي ان کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻيو حڪمران يا چڱو مڙس مقرر ڪندا هئا. اهڙي طرح هتي بنا ڪنهن خون خرابي يا دنگي فساد جي ملڪي انتظام نهايت خيرخوبيءَ سان هلندو هو. اهڙي امن ۽ سڪون جي موجودگيءَ ۾ سنڌو ماٿر جا رهواسي ڏينهون ڏينهن ترقي ۽ تعمير جا ڏاڪا طئه ڪرڻ لڳا.
انساني علم جو ماهر ڪروسر چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڪو اهڙو ملڪ هن ڌرتيءَ تي آهي، جنهن جي لاءِ دعويٰ ڪري سگهجي ته اهو انسانذات جو گهوارو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي تهذيب جو گهوارو آهي، جنهن جي تهذيب وڌندي وڌندي سڄي دنيا جي تهذيب بڻجي وئي ۽ ان جو علم سڄي دنيا جو علم بڻجي ويو ته اهو ملڪ پڪ سان هند سنڌ آهي.“
ايڇ جي ويلز جو چوڻ آهي ته، ”اوڀر جي ڪنهن ملڪ مان جيڪڏهن تهذيب جا ڪرڻا سميريا پهتا ته اهو ملڪ مهراڻ جي ماٿري ئي ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سميريا جي اوڀر ۾ هئڻ سان گڏ اها ڳالهه به آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن ٻي تهذيب جا آثار نه ٿا ملن. هيءُ اهو ئي ملڪ آهي، جنهن جو تمدن، بابل، سمير، مصر، يونان ۽ پوءِ روم پهتو. ڄڻ ته هي تمدن جو پهريون مرڪز هو.“ (4)
شهري رياست واري دور ۾ سنڌ ماٿر جا رهواسي پٿر ۽ ٽامون گڏ استعمال ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل هئا. تن اتان معدنيات هٿ ڪئي يا واپار ڪري اهي مڙئي شيون سنڌ ماٿر ۾ آنديون. اهڙي طرح گهڻي معدنيات ڪچي مال جي صورت ۾ ٻاهران هتي آندي وئي. سنڌو ماٿر جي ماڻهن پتل، جست، سون ۽ چانديءَ وغيره کي ڳاري مختلف اوزار، زيور، کاڌي جا ٿانو وغيره ٺاهيا. 1936ع ۾ آمريڪا ۽ انگلينڊ جي تحقيقي ٽيم سان برصغير آيل ماهر ڊاڪٽر ٽيريءَ جي راءِ آهي ته سنڌو ماٿر پٿر ۽ ٽامي دور جي سنگم جي جڳهه آهي. هن ئي زمين تي ڪانسي دور (Bronze Age) جا آثار به مليا آهن. يعني تهذيب جي مڙني دورن جا مرحليوار آثار هتي مليا آهن.
سرجان مارشل سنڌو ماٿر جي تهذيب بابت هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ياد رهي ته اهي (سنڌي ماڻهو) اڃا پٿر دور جي بدلجندڙ دور ۾ هئا. ڇو ته هو روزمره جي استعمال لاءِ پٿر جا ڪپ ۽ رنبا ڪم آڻيندا هئا. جيڪي سون جي تعداد ۾ گهرن مان لڌا آهن پر باوجود ان جي هو ٽامي، سون، چاندي ۽ جست بابت چڱي ڄاڻ رکندا هئا ۽ هو انهن جو استعمال ڪندا هئا.“ (5)
سنڌو ماٿر جا باشندا زندگيءَ جي معنيٰ مقصد کان چڱي طرح واقف هئا. هنن وٽ ڪوبه غريب ۽ امير ڪونه هو. سڀني جا هڪ جهڙا گهر، رهڻي ڪهڻي هڪ جهڙي، منجهن غريب امير جو ڪوبه تفاوت موجود نه هو. هيءُ سماج اوائلي اشتراڪي سماج هو، جنهن ۾ گڏيل ملڪيت جو رواج هو. ذاتي ملڪيت جو بنياد گهڻو پوءِ پيو. هر ڪو محنت ڪندو هو، هن اشتراڪي سماج جي تصوير جڳ مشهور مفڪر جوزف اسٽالن هن طرح چٽي آهي:
”اوائلي اشتراڪي سرشتي ۾ پيداوار جي لاڳاپن جو بنياد هيءُ هو ته پيداوار جا وسيلا سموري سماج جي گڏيل ملڪيت هوندا هئا ۽ معاشي لڳ لاڳاپا پيداوار جي طاقتن سان برابريءَ وارا هئا. پٿر جا هٿيار ۽ ان کان پوءِ گز ڪمان، ان دور جي وسيلن جي فقط اها ئي پونجي هئي. جيڪڏهن هو پاڻ ۾ گڏجي انهن هٿيارن جي مدد سان فطرت جي مخالف طاقتن ۽ جهنگلي جانورن سان مقابلو نه ڪن ها ته سندن جيئرو رهڻ مشڪل هو. ٻيلن ۽ جهنگلن مان ڦل هٿ ڪرڻ، مڇي مارڻ ۽ پنهنجي اجهي ٺاهڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سندن لاءِ تمام ضروري هو. هو پاڻ ۾ گڏجي ملي رهڻ سان ئي جهنگلي جانورن ۽ ڀرپاسي وارن ڌارين قبيلن جي حملن کان پاڻ بچائي سگهيا. گڏجي ڪم ڪرڻ سبب پيداوار جي هٿيارن تي سڀني جو گڏيل حق هوندو هو ۽ انهيءَ ڪري محنت جو ڦل به سڀني جي گڏيل ملڪيت هئي. انهيءَ سماج ۾ پيداوار جي وسيلن تي ڪنهن فرد جي ملڪيت جو تصور به پيدا ڪين ٿيو. سواءِ انهيءَ جي ته ڪي پيداوار جا هٿيار جن جي مدد سان جهنگلي جانورن جو مقابلو ڪيو ويندو هو، ذاتي ملڪيت هوندا هئا. انهيءَ سماج ۾ نڪي ماڻهو هڪ ٻئي جي محنت جي ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ نڪي اڃا هو طبقن ۾ ئي ورهايل هئا.“(6)
اوائلي اشتراڪي سماج جي مٿي پيش ڪيل تصوير اسان کي سنڌ جي قديم شهرن جي اڏاوت ۽ گهرو ريتن رسمن ۽ اوزارن مان ملي ٿي. آمريءَ جي هيٺين زميني تهه تي بنياد پيل ڳوٺ مان اهڙا نشان مليا آهن. جتي سڄي ڳوٺ جي رڌپچاءَ جي هڪڙي جڳهه آهي ۽ هر هنڌ جدا جدا رڌپچاءَ جون چلهيون يا ٻيا نشان نه مليا آهن. آمري جي کوٽائي مان گهرن جي جوڙجڪ ۽ چلهين جا نشان هر گهر ۾ نه ملڻ، هڪ هنڌ سڄي ڳوٺ جو رڌپچاءُ ٿيڻ جا آثار ملڻ ۽ سڀني جي هڪجهڙي زندگي گذارڻ جا آثار ملڻ مان ظاهر آهي ته هي تهذيب ان دور جي آهي، جڏهن سڄو ڳوٺ هڪ ايڪو هو. جنهن جي پيدائش ۽ دولت سڀني جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ ان جو کاپو به گڏيل جوابداري ۽ حق هو. ممڪن آهي ته رڌپچاءُ به اجتماعي هو. تهذيب جو اهو دور سنڌ ۾ اوائل کان شهري تمدن جي لڳ ڀڳ آخر يعني 2000 ق-م تائين هو. ٻيو ته موهن جي دڙي جي وچين تهه ۾ اوائلي اشتراڪي سماج جي چٽي تصوير ملي ٿي. بقول سر جان مارشل جي ته، ”سنڌ اندر سندر عمارتون فقط نگر واسين جي سک لاءِ جڙنديون هيون، پر ٻين ڏيهن جهڙوڪ مصر ۽ اولهه ايشيا ۾ ڪوبه اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي. ڇو جو انهن ملڪن ۾ ديوتائن جي مندرن، محلاتن ۽ راجائي سماڌين تي بي شمار ناڻو لٽايو ويندو هو. باقي عام ماڻهو ايئن بلڪل سادين مٽيءَ جي ٺهيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا پر سنڌ ۾ تصوير جو بلڪل ٻيو روپ آهي، جتي سندر عمارتون صرف نگر واسين جي سک لاءِ جڙنديون هيون.“(7)
دنيا جي پهرين سماجوادي رياست سنڌو ماٿر جا ماڻهو ترقيءَ جي بلندين تي هئا. هو ڪچو مال هٿ ڪرڻ لاءِ غورابن ۾ چڙهي دنيا جي مختلف کنڊن تي وڃي نڪرندا هئا. جن کان هو اڳئي واقف ها. ٻاهرين دنيا لاءِ سنڌ هڪ مثالي ملڪ هو. سمير جي ماڻهن لاءِ سنڌ جو ملڪ معتبر حيثيت رکندو هو. هو سنڌ سان پنهنجون روايتون ۽ قصا منسوب ڪندا هئا. بابلي تهذيب تي سنڌ جي سڌريل سڀيتا جو وڏو اثر هو. سمير مان لڌل هڪ ڪتبي ۾ سنڌ جي ساراهه ڪجهه هن ريت ملي ٿي، ”اهو ملڪ، جو سمير جي اوڀر ڏي آهي، ۽ جتان ٻيڙين رستي گهڻو ڪجهه هت اچي ٿو. اهو اهڙو ملڪ آهي، جتان سج اڀري ٿو ۽ اهو بهشت آهي، جتي ڪوبه مريض ناهي، ڪي بيواهون ۽ يتيم ٻار نه آهن.“ (8)
[b]تشدد نه پرامن تي ٻڌل تهذيب
[/b]دنيا جي قديم ترين سنڌو سڀيتا جي اهم خاصيت ان جي پرامن طرز زندگي هئي. ڇاڪاڻ جو هتان جي قديم آثارن مان هڪ به هٿار ڪونه لڌو آهي. اهڙو انڪشاف 1976ع ۾ پاڪستان ۾ قديم آثارن تي تحقيق ڪندڙ هڪ آمريڪي آرڪيالاجسٽ جوناٿن مارڪ ڪينائر آمريڪن سينٽر ۾ سنڌ جي تهذيب جي مختلف پهلوئن تي ليڪچر ڏيندي ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڪينائر موجب ميسوپوٽيما، اومان، مصر، چين، آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جهڙين قديم تهذيبن جي ابتڙ سنڌو ماٿر جي تهذيب وڻج واپار ڪندڙ تهذيب هئي. مختلف سببن جي ڪري هتان جو وڻج واپار صدين تائين جاري رهيو. آمريڪي ماهر موجب آڳاٽي دور ۾ سنڌ جي تهذيب وارن ماڳن تي جنگي ٽيڪنالاجي چڱي موچاري موجود نه هئي. اتان جي علائقن کي وڏي پئماني تي قلعي بند شڪل ڪونه ڏني وئي هئي ۽ نه وري انهن هنڌن تان هٿيارن کي گڏ ڪرڻ جي ڪا ثابتي ملي آهي. سنڌ جي قديم آثارن مان مليل مهرن، مجسمن ۽ ٺڪرن جي ٿانون تي جنگين، فوجي ڪاهن ۽ جنگي قيدين جون تشبيهون به اڪريل ڪونه آهن. آمريڪي ماهر موجب مهرڳڙهه جي ڪجهه قبرن مان هٿ آيل لاشن کي بي رحمي سان مارڻ جا ثبوت پڻ نه ٿا ملن. انهن آڳاٽن ماڳن تي ايڪڙ ٻيڪڙ اڳرايون ۽ جهيڙا ته ٿيل ملن ٿا پر هٿياربند جنگ جهڙي ڪا وڏي سرگرمي ٿيڻ جا اهڃاڻ نه ٿا ملن، نه ئي وري سنڌو ماٿر کي جنگي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي ڳنڍيو ويو هو. جوناٿن مارڪ موجب هتان جي رهواسين اهڙي ٽيڪنالاجي ڪتب آندي ۽ ان کي اوسر ڏني جيڪا شهري زندگي جي گهرج پٽاندڙ هئي.
ان وقت جي سنڌو ماٿر جو نقشو سنڌ جي هڪ محقق سراج الحق ميمڻ ڪجهه هن ريت چٽيو آهي: ”سنڌ اها جنت هئي، جتي ڪوبه بک نه مرندو هو، جتي انسان جي ذهن تان ڏک ۽ ڳڻتي ميسارڻ لاءِ ناچ، سنگيت، نقاشي، بت تراشي ۽ ماکيءَ جا ٺهيل مڌ موجود هئا. جنهن ۾ انسانن کي گندگيءَ کان چڙ هئي، جنهن ۾ هر انسان ٻئي انسان جو دوست ۽ ڀاءُ هو. جنهن ۾ پيدا ٿيندڙ سموريون شيون سڀني جون گڏيل ملڪيت هيون. جنهن ۾ مذهب جي نالي تي تنگدلي ۽ خونريزي وڏي ۾ وڏو گناهه هو. جنهن ۾ ٻين کي رنجائڻ غيرانساني حرڪت سمجهيو ويندو هو، جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري ماڻهن يا ملڪن سان اڳرائي حرام هئي.“ (9)
ظاهر آهي ته سنڌي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ مان ڄاڻيندا ئي ڪونه هئا. هو نهايت مهذب هئا. سنڌ جي ماڻهن وٽ تشدد يا دٻاءَ جو تصور ئي ڪونه هو. هو امن امان جا قائل هئا. ان ڪري ته سندن شهرن مان هٿيار ڪونه مليا آهن. پر هٿيارن يا مذهبي ٺڪاڻن بدران انهن جي شهرن مان اکر (علم) مليا آهن. هو ان ئي پنهنجي طاقت يعني علم ۽ هنر سان دنيا جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ پکڙيا. هنن پنهنجن غورابن ۽ جهازن ۾ چڙهي سمنڊن جا سينا چيري وڃي اڻ وسايل پٽ آباد ڪيا. هنن جي هٿن ۾ ڀالن، ترارن ۽ نيزن جهڙن هٿيارن بدران قلم، ڏاٽو ۽ ونجهه هئا. اها ئي سندن ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي لڪل قوت هئي. اهوئي سندن زندهه رهڻ جو مقصد ۽ متو هو. سنڌ جي آڳاٽن رهاڪن جي سوسائٽي بابت ڊي ڊي ڪوسمبي اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”تشدد ۽ دٻاءُ نه پر مهذب پڻو سنڌو سوسائٽي جي نظرياتي طاقت هو.“ (10)
مصر جا فرعونَ جنگجو هئا، ڪلديا ۽ اشور جا ماڻهو وحشي ۽ خونخوار هئا. هو پنهنجن مخالفن جون زبانون وڍيندا هئا. فنيقي ڌاڙيل هئا، ٻانهين جو وڪرو ڪندا هئا، ايراني پڻ پنهنجي هيٺين رعيت کي آزاريندڙ هئا پر سنڌو ماٿر جي شهرن مان ڪابه اهڙي شيءِ هٿ ڪانه آئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ لڙائي به لڳندي هئي. آثار قديمه جو هڪ ماهر مسٽر بريلس فورڊ ان بابت چوي ٿو ته موهن جي دڙي جي شهر کي چوطرف ڪوبه قلعو نه آهي ۽ جنگي هٿيارن جي نه ملڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته شهر جا ماڻهو صلح سانت ۾ رهندا هئا.
سنڌو ماٿر جي شهري رياست جا رهواسي سياسي طور آزاد هئا، هو ڪنهن به ڌاري قوم يا قبيلي جا ماتحت ڪونه هئا، اهوئي سبب هو جو هو پنهنجين صلاحيتن کي آزادانه نموني اجاگر ڪري سگهيا. آزاديءَ سان گڏ ترقي ڪرڻ جي خواهش ڪري هو غور فڪر ڪرڻ ۽ نيون ايجادون ڪرڻ لڳا. هنن هڪ ٻئي سان تعاون پيدا ڪيو، هڪ تنظيم ٺاهي. پنهنجي لاءِ قانون مقرر ڪيا ۽ حڪومت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ هر رهواسيءَ جي حفاظت حڪومت جي ذميواري هئي. حڪومت مختلف طبقن جي نمائندن تي مشتمل هوندي هئي، پر ان ۾ خاص ڪردار واپاري طبقي جو هوندو هو. انهن نمائندن مان حاڪم چونڊيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي جمهور اڳيان جوابدار هو.
[b]شهري نظام
[/b]سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ هڪ معقول بلدياتي نظام رائج هو ۽ ان سلسلي ۾ شهر کي صاف رکڻ، چوڪيداري نظام، عام فلاح ۽ بهبود لاءِ اناج جا گدام، عوامي کوهه، تورڻ ۽ ماپڻ جا مختلف پيمانا هڪ منظم سماجي زندگي جي نشاندهي ڪن ٿا.
موهن جي دڙي ۾ ڪن هنڌن تي ٿنڀن جا وڏا هال آهن. جتي انهيءَ زماني ۾ ماڻهو خاص ڪمن لاءِ پئنچاتون ڪندا هئا. انهن مان هڪ هال ته 80 چورس فوٽ ڪشادو آهي. جنهن ۾ ويهڻ لاءِ درجي بدرجي بئنچن وانگر مٽيءَ جا ڏاڪا ٺهيل آهي. جڏهن ته اڳواڻن جي ويهڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم ڪجهه مٿڀرو ٺهيل آهي.(11) انهن هالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ ماڻهو شهر جو انتظام هلائڻ لاءِ انهن هالن ۾ گڏجاڻيون ڪري صلاح مشورا ڪندا هئا، جنهن جي موجوده دور ۾ جديد شڪل اسيمبلي آهي.
[b]شهري اڏاوت جي رٿابندي
[/b]موهن جي دڙي جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جا ماڻهو سليقيدار ۽ شاهوڪار هئا. سندن گهر ننڍن ننڍن محلن ۾ ورهايل هئا. جن جون گهٽيون سڌيون ۽ آمهون سامهون هيون، گهرن جون ڪي سرون اهڙيون آهن، جن تي هزارين سال گذرڻ بعد به ڪو اثر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. قديم آثارن جي ماهرن کان سواءِ ٻيو ڪو ڏسندو ته ايئن ئي چوندو ته ڇتين کان سواءِ گهر ڄڻ ته تازي زماني جا ٺهيل آهن. جاين ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺيون، غلسخانه ۽ کوهيون به آهن. ديوارن تي اندران ٽي انچ ليپو چڙهيل آهي. محلن جي اندر گهرن ۾ گهڙڻ لاءِ هڪ وڏو دروازو ٻاهرين گهٽي مان آهي. ڪن گهرن ۾ گهڙڻ لاءِ ٽي دروازا به آهن. ڪن هنڌن تي ٿنڀن جا وڏا هال آهن، جتي شايد انهيءَ زماني جا ماڻهو خاص ڪمن لاءِ پئنچاتون ڪندا هئا. انهن مان هڪ هال 80 چورس فوٽ ڪشادو آهي. جنهن ۾ ويهڻ لاءِ بئنچن وانگر مٽيءَ جا ڏاڪا ٺهيل آهن. شهر جا ڪي گهر دڪانن وانگر نظر پيا اچن. هڪ دڪان شراب خانو پيو لڳي. هڪ دڪان ۾ نيرولي جي ڪن هئي. انهيءَ تي رنگ جا داڳ اڃا موجود آهن. هڪ وڏي کليل عمارت اندر، جنهن جون ديوارون 7 يا 8 فوٽ آهن، هڪ وڏو تلاءُ آهي. جنهن ۾ لهڻ لاءِ ڏاڪا آهن. تلاءَ جو ترو مضبوط، لسو ۽ صاف آهي. تلاءُ 39 فوٽ ڊگهو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي. تلاءَ لڳ کوهه آهي، جتان تلاءَ کي ڀريو ويندو هو. تلاءَ جي تري ۾ هڪ ڪنڊ وٽ سوراخ هو، جتان گندو پاڻي نيڪال ڪري تلاءَ کي صاف ڪيو ويندو هو. تلاءَ جي اوساري سيمينٽ جهڙي مصالحي سان ٿيل آهي. سم جي روڪڻ لاءِ ڏانبر ۽ ڪنڪريٽ استعمال ٿيل آهي. دڙي جي گهرن اندر جيڪي غلسخانه مليا آهن، سي سوڙها پر سندن فرش تمام مضبوط ٻڌل آهن. چن ۽ پڪين سرن جي ڀور مان گڏيل مصالحي جي فرشبندي ٿيل آهي. غلسخانن جي فرش جي ليول لهواري آهي ته جيئن پاڻي آساني سان ٻاهر هليو وڃي. ڪيترن گهرن ۾ ننڍيون کوهيون ۽ وڏا کوهه به مليا آهن جن جي اوساري گول سرن سان ٿيل آهي. هر هڪ رستي ۽ گهٽي سان کوهه کوٽيل آهن ڪن کوهن تي ويهڻ لاءِ سرن جون بئنچون جڙيل آهن. جنهن تي پاڻي ڀرڻ وارا اچي ويهندا هوندا.
شهر مان گندي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم تمام سهڻي نموني رکيل آهي. هر هڪ گهٽي ۽ رستي سان پڪين سرن سان ٻڌل ناليون آهن. جيڪي سموريون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته شهر جي هڪ سٺي ميونسپالٽي هئي ۽ ماڻهن کي شهر جي آبادي جي صحت جي حفاظت جو گهڻو اونو هو. گهر هڪ ٻئي کان ايترو پري آهن، جو هر هڪ گهر ۾ روشني ۽ صاف هوا اچي سگهي.
سر جان مارشل لکي ٿو ته: ”پراڻي ايجپٽ ۽ مصر خواهه اولهه ايشيا ۾ اهڙو ڪوبه مثال ڪونهي جنهن سان موهن جي دڙي جي ٺهيل سنان ڪوٺين ۽ ڪشادين گهرن سان ڀيٽ ڪري سگهجي.“(12)
[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1- انساني ارتقا جي هن سڄي سلسلي کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان ڪتاب ڏسڻ گهرجن:
• ميخائيل ايلين ۽ ايلينا سيگان، ”انسان بڙا ڪيسي بنا“ ڪراچي 1982ع
• سڪندر مغل ”ارتقا جي ڪهاڻي“ حيدرآباد 1985ع
• هاورڊ موئر، ”وحشي جيوت جا نشان“ حيدرآباد.
2- سڪندر مغل، ”ارتقا جي ڪهاڻي“ ص- 65، 106، 116، 117
3- پروئل هنري ابي، ”انسان جي قدامت“ ماهوار سائنس، فيبروري، 1982ع ص- 43
4- فريڊرڪ اينگلس، ”منتخب تصنيفات“ حصو 3، ماسڪو 1973ع، ص-7
5- رابرٽ بريفالٽ، ”تشڪيل انسانيت“ ص- 98
6- Panhwar, M.H. ‘Chronological dictionary of sindh’. P-13
7- Basham A.L. ‘The wonder that was India’. P-10
8- هاورڊ موئر، ص- 94
9- Leaky, L.S.B. ‘The Stone Age of Africa’. P-21
10- هاورڊ موئر، ص- 99
11- ڀيرومل مهر چند، ”قديم سنڌ“ ص-53
12- Panhwar, M.H. ‘Man in Sindh’ Sindhological Studies, Summer 1982, Institute of Sindhology Jamshoro, P-14-15-18
وڌيڪ ڏسو: پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2-1984، ص-161
13- Gordon, G.H. Col, ‘The stone Industries of Holocene in India and Pakistan’ Ancient India. No:6, 1950, P-64
Also refer: Sorly, H.T. ‘Sindh Gazetteer’ Karachi, 1968, P-105-106
Pithawala M.B. ‘Historical geography of Sindh’ P-20
14- Paterson. T.T and Orummond, H.J.H, ‘soan- The Paleolithic age of Pakistan’ Karaci, 1962
15- Altaf Gauhar, ‘Twenty years of Pakistan’ Karachi, 1969, P-622
16- Wheeler S.M ‘The Archaeology of Pakistan’ The Cultural heritage of Pakistan, Karachi, 1955, P-20
17- Panhwar, M.H. ‘Chronological dictionary of Sindh’ P-7-8
18- لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-83
19- Panhwar, M.H. ‘Chronological dictionary of Sindh’ P-7 to 10
20- Sorly, H.T. ‘Sindh Gazetteer’ P-106 to 109
21- ڀيرو مل مهر چند، ”قديم سنڌ“ ص- 54
22- Cousens H. ‘The Antiquities of Sindh’ P-45
23- Channa M.H ‘pre Harappan Civilization in Indus Vally’ Sindh Quarterly, 1978, P-19
24- Report ‘Bulletin’ Vol: 5, 1975-76, Institute of Sindhology P-18
25- يوري گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ماسڪو 1976ع، ص -31
26- لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 84 ۽ 113
27- Panhwar, M.H. ‘Man in Sindh…’ Sindhological Studies-Journal, Institute of Sindhology, Jamshoro, Summer 1982, P-22
28- Patterson, ‘The world Correlation of Pleistocene’ P- 395
29- ليف ليونتيف، ”سياسي معاشيات“ ماسڪو 1975ع، ص- 20-22 يا ”معاشري ڪي سائنس“ ماسڪو 1977ع، ص-88-89
30- اينگلس فريڊرڪ، ”خاندان، ذاتي ملڪيت اور رياست ڪا آغاز“ منتخب تصانيف حصو: 3 ماسڪو 1973ع ص 207-208
1- رابرٽ بريفالٽ، ”تشڪيل انسانيت“ لاهور 1966ع ص- 151
2- Pithawala, M.B ‘Marvels of Earth P-56-57
3- رپورٽ، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي 5 ڊسمبر 1983ع
4- پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ..... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984، 2 ص- 163- 169
5- ساڳيو، ص- 164
6- Mughal, M.R ‘The Dawn of Indus Civilization’ Sindh Quarterly Karachi 1980-4, P-26-27
7- لئمبرڪ، ايڇ ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 98، وڌيڪ ڏسو گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص- 33-34
8- Mughal, M.R ‘The Dawn of Indus Civilization’ Sindh Quarterly Karachi 1980-4, P-24 to 27
9- پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص-164
10- Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sind, P-18
11- لئمبرڪ، ايڇ، ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 102-103
12- سبط حسن، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ص-62-63
13- پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص-164
14- Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sindh, P-22-23
15- لئمبرڪ، ايڇ، ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-102-103
16- سبط حسن، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ص-62-63 يا گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص- 35 يا
Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sindh. P-22-23
17- Pecocke, E. ‘India in Greece’ London, P-42
18- Frgossen, ‘History of Indian and Eastern Architecture’ vol: 1, Introduction P-4
19- سبط حسن، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا، ص -63-64
20- Mughal, M.R. ‘The origins of Indus Civilization’ Sindhological Studies, Sindhology Summer, 1980, P-12-13
21- Mughal, M.R, ‘The Dawn of Indus Civilization’ P-26-27
22- گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص-35
23- پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ص-163
24- لئمبرڪ، ايڇ.ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص 103-104
25- پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ص 168- 169
26- فريزر، سر جيمس جارج، ”جادو ۽ سائنس“ حصو؛ 2، ص- 981
27- سراج الحق، ”سنڌي ٻولي“ ص- 90
28- لئمبرڪ، ايڇ ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 104
29- خان، ايف. اي، ”ڪوٽڏيجي ڪلچر“ مقالو، ماهوار هلال مئگزين، مئي 1983ع، ص-31
30- Mughal, M.R ‘The origins of Indus Civilization’ Sindhological Studies, Sindhology Summer, 1980, P-10
1- لينن، ”رياست اور انقلاب“ ماسڪو، ص-146
2- اينگلز فريڊرڪ، ”خاندان، ذاتي ملڪيت اور رياست ڪا آغاز“ ماسڪو.
3- ساڳيو
4- قمرالدين دوني، ”تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز اولهه پاڪستان“، ماهوار نئين زندگي، جولاءِ 1965ع
5- A Crhaeological Survey Report 1924-25, P-61-62
6- جوزف اسٽالن، مارڪسي فلسفو، ص 76-77
7- Marshall, ‘Mohenjo Daro and Indus Civilization’ vol: 1, P-VI
8- Dr. Noah Crammer, Report in Daily Dawn Karachi, December 1960
9- سراج الحق ميمڻ، سنڌي ٻولي، ص. 86-87
10- D.D. Kosambi, The culture and civilization of Ancient India in Historical Lines
11- تمدن سنڌ، ص 25
12- Sir John Marshall, ‘Mohen jo Daro and Indus Civilization’ Vol: 1, P-VI
[b](هي مضمون ڪتاب ”سنڌ جي اوائلي تهذيب“ ص _ کان _ مان ورتل آهي).[/b]