عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ
[/b] سنڌ هڪ ميداني علائقو آهي ۽ ڏکڻ ۾ هندي سمنڊ کان سواءِ ٻي ڪابه روڪ نه آهي، جيڪا ٻاهرئين حملي کي روڪي سگهي. اولهه ۾ البته ڪي ٽڪريون ۽ جبل آهن. پر اهي ايترا اُڀا نه آهن جو دشمن جي لشڪر کي روڪي بيهارين. ان ڪري سنڌ جي سرحدن تي هر وقت جدا جدا قومن جا حملا ٿيندا رهيا، جن مان ڪي ڪامياب ويا ته ڪي ناڪامياب. سنڌ جا ماڻهو پڻ صلح پسند ۽ سادا آهن. ان ڪري سنڌ جو ملڪ دشمن قومن لاءِ هڪ قسم جو شڪارگاهه ٿي رهيو. جنهن سبب هر ڪو فاتح جيڪو خيبر مان لنگهي پنجاب ۾ داخل ٿيو ان سنڌ تي پڻ حملو ڪيو. خيبر کان سواءِ بولان لڪ مان به دشمن قومن جون فوجون حملا ڪنديون رهيون. پر ٽيون رستو جيڪو مڪران جي ڪناري کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، سنڌ جي عرب دور لاءِ نهايت ئي اهم هو. ڇاڪاڻ ته هي اهو رستو آهي جيڪو عربن جي لشڪر سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو. اهو ساڳيو رستو سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس ويندي اختيار ڪيو هو.
عربن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ تي هڪ هندو راجا ڏاهر جي حڪومت هئي جنهن جو عراق جي وائسراءِ الحجاج سان جهڳڙو ٿي پيو.)1( راجا ڏاهر برهمڻ گهراڻي جو ٽيون نمبر بادشاهه هو ۽ ان جو باني سندس پيءُ راجا چچ بن سيلائج هو. چچ جي مرڻ کان پوءِ سندس وصيت مطابق سندس ڀاءُ چندر تخت ڌڻي ٿيو. چندر کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جي تخت تي ويٺو. چچ اصل ۾ برهمڻ ذات جو هو ۽ مير منشي هو. هو وزارت جي عهدي تي پنهنجي اعليٰ لياقت ۽ صلاحيت تي پهتو ۽ ان کان پوءِ هن سنڌ جي برهمڻ خاندان جي حڪومت جو پايو وڌو. سنڌ جي برهمڻ ۽ راءِ خاندان جي ڄاڻ چچ نامي مان پوي ٿي، جو پڻ ڪن حالتن ۾ اعتبار جوڳو نه آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو تاريخي سلسلو چچ نامي ۾ ڏنل آهي، ان جي پٺڀرائي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿيل آهي. اهو ظاهر ٿو ٿئي ته گپتا گهراڻي جي سلطنت شاهي جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ سنڌ تي انهن ماڻهن خودمختيار حڪومت قائم ڪري ڇڏي، جي ان وقت اثر رسوخ وارا هئا يا گپتا گهراڻي جي پاران اتي گورنر مقرر ڪيا ويا هئا. گپتا خاندان جي وڏي ۾ وڏي ۽ اهم ڪوشش اها هئي ته هندو مذهب کي ننڍي کنڊ جي سڀني حصن ۾ وري اوج تي رسايو وڃي. پر سنڌو ماٿر ۾ سندن اها ڪوشش بلڪل ناڪام ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو، ٻڌمت تي قائم رهيا ۽ اهو مذهب نه رڳو ان وقت سنڌوءَ جي واديءَ ۾ زور هو پر ان جو زوردار اثر افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين پڻ محسوس ڪيو ٿي ويو. اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته سنڌ ۾ ٻڌ مذهب جي راءِ گهراڻي جي حڪومت جو پايو ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو. پر اهو ثابت ٿيو آهي ته انهيءَ خاندان جي پنجن راجائن سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ سندن راڄ جو جملي عرصو 184 سال هو.)2( راءِ ڏياچ (ديواجي) جنهن لاءِ چيني سياح هيونتسيانگ ٻڌايو آهي ته هو شودر هو جو هن گهراڻي جو باني هو. هيونتسيانگ لکي ٿو ته سنڌ ۾ ان وقت ڏهه هزار ٻڌ پروهت (شمني) هئا ۽ اهي گهڻو ڪري سست ۽ نشئي هئا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي هيٺين حصي جو نالو او- تئن- پو- چي- لو هو ۽ ان جو مکيه شهر ”پي- تو- چي- لو“ هو. پي- تو- چي- لو (پٽالا) تائين پهچڻ جي لاءِ هيونتسيانگ، ڪڇ جي شهر ڪوٽيسر مان 700 لي (119 ميل) پنڌ ڪيو ۽ پوءِ اتان 300 لي (51ميل) پنڌ ڪري آوندا پهتو جنهن کي هن ”او- فان- چا“ جو نالو ڏنو آهي. آوندا کي هاڻوڪي برهمڻ آباد جي کنڊرن سان تشبيهه ڏني ويئي آهي، ۽ اهي اڄ به حيدرآباد شهر کان اڪل 51 ميل جي فاصلي تي آهن. هيونتسيانگ جو چوڻ آهي ته هو آوندا ۾ رشي تٿاگاٿا جي رک جو ديدار ڪرڻ آيو هو، جنهن جي دٻلي کولڻ سان نور جو شعاع لاٽون ڪري ٻاهر نڪرندو هو.)3( ۽ زيارتي حيرت ۾ پئجي سجدي ۾ ڪري پوندا هئا. چچ جي زماني ۾ آوندا يا برهمڻ آباد جو شهر جت ۽ لهاڻا قبيلن جي قبضي ۾ هو. ان جو ٻڌ شمني اهڙو ته طاقتور هو جو چچ کي صلح ڪرڻ خاطر سندس شرط مڃڻا پيا.
سنڌ جي حڪومت جنهن ۾ ان وقت بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا ڪجهه حصا شامل هئا طاقتور ۽ آباد هئي. ان جي زمين زرخيز ۽ ماڻهو خوشحال هئا. اها هندوستان کان هاڪڙي/ واهندا درياء جي وسيلي جدا هئي جو، هاڻي ٿر جي واديءَ اندر سڪي ويو هو. هيونتسيانگ درياء جو نالو ”سن تو“ ٻڌايو آهي. ساڳيو نالو سنڌ ملڪ جو هو. راءِ ڏياچ کان پوءِ سندس پٽ راءِ سهارس پهريون تخت ڌڻي ٿيو ۽ ان کان پوءِ راءِ سهاسي پهريون سنڌ جو راجا ٿيو. راءِ سهارس پهرين جي زماني ۾ ايران جي نيمروز علائقي مان سنڌ تي حملو ٿيو جو ڀانئجي ٿو ته ايران جي شهنشاهه يزدجرد جي طرفان ٿيو.)4( يزدجرد، عربن جي هٿان سڪست کائي ڪرمان ڏانهن ڀڳو هو. اهو به ممڪن اهي ته اها جلهه عربن طرفان ٿي هجي جن يزجرد جي ڳولا ۽ پڻ مال غنيمت جي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجون فوجون موڪليون هجن. راءِ سهارس مقابلو ڪيو پر هن شڪست کاڌي ۽ جنگ ۾ مارجي ويو. ايران مان آيل فوجن اڳتي وڌڻ جي بدران، هٿ ڪيل مال غنيمت تي اڪتفا ڪئي ۽ واپس پنهنجي ملڪ جو رخ رکيو. راءِ سهاسي ٻيو جو انهيءَ کان پوءِ تخت تي ويٺو تنهن جنگ ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو. سرحدن کي وري نئين سر مضبوط ڪيو ۽ ملڪ ۾ امن امان آندو.
راءِ سهاسي ٻيو بنا اولاد جي مري ويو ۽ کانئس پوءِ سندس وزير چچ تخت نشين ٿيو، جنهن ۾ محلاتي سازش ۽ بيوهه راڻيءَ جو وڏو هٿ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.)5( اهي حالتون وزير جي اخلاق ۽ ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿيون جنهن پنهنجي مطلب خاطر پنهنجي مالڪ سان دغا ڪئي. اهو طريقو پوءِ به ڪيترين ئي حالتن ۾ جاري رهيو. چچ جنهن سڄا سارا چاليهه سال سنڌ تي حڪومت ڪئي تنهن کي مشهور ڪرڻ ۾ رام جو هٿ هو، جو ان وقت راءِ سهاسي جو وڏو وزير ۽ مک صلاحڪار هو. هن پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ”مير منشي“ جي عهدي سان ڪئي. رام جي وفات کان پوءِ کيس ئي وزير مقرر ڪيو ويو. انهيءَ نئين عهدي تي رسڻ سبب، هن جي محلات جي رهواسين سان لهه وچڙ، خاص ڪري راڻي سونهديوي سان، جا چچ جي جواني تي هرکي پئي ۽ راجا جي گذاري وڃڻ لاءِ پهه پچائيندي رهي. راءِ سهاسي ٻيو پنهنجي موت مئو يا کيس زهر ڏنو ويو. انهيءَ بابت تصديق سان ڪجهه ڪين ٿو چئي سگهجي. پر اهو ثابت ٿيو آهي ته چچ، راڻيءَ جي عشق ۽ ان جي اڪير کي پهرين ٺڪرائيندو رهيو. پر ان هوندي به انهن ٻنهي جي وچ ۾ غيرفطري لاڳاپو جاري رهيو. اهوئي سبب آهي جو راجا جو موت وقت کان اڳ ٿيو. جنهن ۾ هو موت جي بستري تي گهڻو وقت رهي گذاري ويو. گمان آهي ته راڻي پوڙهي راجا کي ٽارڻ لاءِ زهر جي پڙي ڏني ته جيئن چچ سندس جڳهه تخت ڌڻي ٿي سگهي. عالم آشڪار آهي ته راجا جي مرتيي جي خبر ڳچ وقت لڪائي رکي ويئي هئي، جيستائين راجا جا قرابتي ۽ عزيز، جيل نه موڪليا ويا هئا. ان کان پوءِ اها ڳالهه ظاهر ڪئي ويئي ۽ ماڻهن تي زور رکيو ويو ته اهي نئين راجا جي آڻ مڃين، ۽ ان کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪن. انهن چچ ۽ بيوفا راڻيءَ جي ڪيل گناهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ چچ کي پنهنجو راجا مڃڻ تي مجبور ٿي ويا.
چچ سنڌ ۾ برهمڻ خاندان جي حڪومت جو باني تسليم ڪيو وڃي ٿو، اصل ۾ سنڌي هو ۽ هن ملڪ جو رهاڪو هو. ان ڪري هو پهريون خاندان آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ مقامي حيثيت رکي ٿو. چچ نامي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته راءِ گهراڻي جا رجائون به درحقيقت ٻاهريان آيل هئا. يعني ته ڌاريان هئا، ۽ راجپوتانا جا رهاڪو هئا. راءِ سهاسيءَ جي وفات کان پوءِ جڏهن چچ تخت تي ويٺو تڏهن چتور جي راجا، راڻي مهورت جو راءِ سهاسي ٻئي جو سوٽ هو سنڌ تي حملو ڪيو.)6( پر چچ حڪمت عملي کان ڪم وٺي کيس شڪست ڏني. انهيءَ واقعي مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون. يا ته راءِ گهراڻي وارا راجائون اصل ۾ چتور جا هئا، يا ته چتور ۽ ان جا گڏ ٻيا علائقا، ان وقت سنڌ جي سلطنت ۾ شامل هئا، جنهن جون حدون ڏکڻ ۾ گجرات ۽ ڪاٺياوڙ، اتر ۾ پنجاب ۽ ڀاڳناڙي، اولهه ۾ قلات ۽ مڪران تائين وڌيل هيون.
راجا چچ چاليهن سالن جي حڪومت ۾ سنڌي سلطنت جا سڀئي علائقا هٿ ڪيا. باغي حاڪمن خلاف جنگيون ڪيون ۽ ملڪ کي وري نئين سر منظم ڪيو. سندس دور ۾ سنڌ جون حدون اتر ۾ ڪشمير تائين ۽ اولهه ۾ مڪران ۽ ڪيڪانان تائين وڌيل هيون. جنهن ۾ اسڪلنده، ملتان، سيوستان، برهمڻ آباد، ارمابيل، قندابيل ۽ ٻيا شهر اچي ٿي ويا. ثابت ٿيو آهي ته برهمڻ آباد جي جتن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به هنڌ چچ جي مخالفت نه ٿي. چچ انهن کي نه فقط شڪست ڏيئي زير ڪيو، پر انهن تي اهڙيون مصبيتون مڙهيون جو اهي وري اسري نه سگهيا. چچ سنڌ جو پهريون حاڪم آهي جنهن سنڌ ۽ ڪشمير جي وچ ۾ سرحدون مقرر ڪيون. چچ نامي ۾ لکيل ڪشمير مان مراد آهي اتر پنجاب جنهن ۾ لاهور ۽ پنڊيءَ جا علائقا اچي وڃن ٿا.
راجا چچ پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هو. ان ڪري سندس مرڻ کان پوءِ راجا چندر تخت تي ويٺو ۽ هن اٺ سال حڪومت ڪئي. چندر اصل ۾ هڪ برهمڻ هو ان ڪري هن برهمڻ کي زور وٺايو. هو پنهنجو سڄو وقت مذهبي ۽ فلسفي بحث مباحثي ۾ صرف ڪندو رهيو. هن برهمڻن ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن کي انتظامي جوڙجڪ ۽ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو، جنهن سبب ملڪ جو انتظام نهايت ئي اعليٰ درجي جو ٿي ويو. مخالفت ۽ بغاوت ختم ٿي ويئي ۽ عوام امن سان خوشحالي جي زندگي گذارڻ لڳو. چندر جي وفات کان پوءِ راجا چچ جو پٽ ڏاهر تخت تي ويٺو ۽ اهو ڏاهر ئي آهي، جنهن جي حڪومت جي دور ۾ محمد بن قاسم الثقفي جي هٿ هيٺ عربن جو حملو ٿيو، ۽ سنڌ برهمڻ خاندان کان کسجي عربن جي هٿ ۾ آئي.
راجا ڏاهر هڪ نهايت ئي لائق ۽ ڏاهو بادشاهه هو. پر هن سنڌ جي عوام کي مستقل طور تشدد ۽ ظلم هيٺ رکيو. اهو انهيءَ ڪري جو سنڌ جو عوام ٻڌ مذهب جو پوءِ لڳ هو. راجا ڏاهر ۽ ان جو خاندان هندو برهمڻ هو. ان ڪري حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ اٽڪاءُ لازمي هو. ڇاڪاڻ ته راجا چچ جي زماني کان وٺي ٻڌمت جي ماڻهن تي تذليل آميز بندشون ۽ رڪاوٽون وڌيون ويون هيون. انهن کي گهٽ ذات جو تصور ڪيو ٿي ويو. اهوئي سبب آهي جو ماڻهن ۾ عام ناراضگي هئي. سنڌ جي مکيه ذاتين جهڙوڪ سما، سَهتا، چنا، لهاڻا، جت، ميد وغيره خلاف ظلم ۽ زبردستي روا رکي ويئي ته، جيئن اُهي حڪومت جي خلاف ڪجهه ڪري نه سگهن. مذهب کان سواءِ ٻي اهم ڳالهه هيءَ هئي جو هندو راجائن سنڌ جو تخت ٺڳي ۽ دولاب جي طريقن سان هٿ ڪيو هو. يعني ته راڻي سونهديوي سان عشق رچائي، راءِ گهراڻي جي راجائن کان حڪومت کسي هئي. ان ڪري سنڌ جي عوام ۾ ناراضگي ڦهليل هئي. ڇاڪاڻ ته انهن راءِ گهراڻي وارن کي سنڌ جو جائز ۽ قانوني حاڪم تصور ڪيو ٿي ۽ نه ٻئي ڪنهن کي. چچ نامي مان ثابت آهي ته سيوهڻ ۽ نيرون ڪوٽ جي گورنرن، محمد بن قاسم جي حملي کان گهڻو اڳ عراق جي وائسراءِ حجاج بن يوسف ثقفي سان تعلقات قائم ڪيا هئا. لکپڙهه رستي آڻ به مڃي هئي ته مقرر ڪيل ڏن به اڳواٽ ڏياري موڪليو هو.
جڏهن محمد بن قاسم سنڌ ۾ پهتو تڏهن انهن پنهنجي شهرن جي قلعن جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ نه فقط کين کاڌ خوراڪ ۽ رسد مهيا ڪري ڏنائون پر فوج جا جٿا به عربن سان شامل ڪيائون ته جيئن انهن کي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ حصن کي فتح ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. چچ نامي ۾ ڏنل بيان ته راجا ڏاهر تخت هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي بلڪل غلط آهي. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته مسلم تاريخ نويسن هندو راجا کي بدنام ڪرڻ خاطر اهو فقرو جوڙيو آهي ته جيئن دنيا جي اڳيان کيس اخلاق جو ڪريل ثابت ڪيو وڃي. تاريخ مان جنهن جو سڄو سارو ماخذ، مخالف جي قلم وسيلي حاصل ٿيو آهي. ان مان ظاهر آهي ته راجا ڏاهر هڪ بهادر، دلير، ديانتدار، مهمان نواز ۽ عزت وارو اعليٰ انسان هو. هن پنهنجي اعليٰ عزم ۽ اخلاق جو مظاهرو انهيءَ وقت ڪري ڏيکاريو، جڏهن کيس حجاج بن يوسف ثقفي کان اهڙو مراسلو پهتو، جنهن ۾ کيس تنبيهه ڪيل هئي ته هو پنهنجي ملڪ مان انهن عربن سپاهين کي ڪڍي ڇڏي، جن حجاج جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي سنڌ ۾ راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئي. اهي عرب علاقي قبيلي جا هئا جن جو اڳواڻ محمد بن معاويه علاقي هو. انهن مڪران جي گورنر کي قتل ڪري سنڌ ۾ ڀڄي پناهه ورتي. راجا ڏاهر کي انهيءَ ڳالهه جي به خبر هئي ته انڪار ڪرڻ جي حالت ۾ کيس وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پوندو. پر مهمان نوازي ۽ انساني همدردي جي اصول تي ڪارفرما هئڻ سبب، هن حجاج جي نياپي جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ عرب پناه گيرن کي پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو انڪار سبب عربن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ راجا ڏاهر کان اهو ملڪ کسي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
وچئين دور جو سنڌ هڪ نهايت ئي عظيم ۽ وڏو ملڪ هو. جنهن جون سياسي حدون مغربي پاڪستان جي وڏي حصي تائين پکڙيل هيون ۽ ان جا چار وڏا صوبا يا پرڳڻا هئا: پهريون صوبو سنڌو ندي جي اڀرندي ڪپ تي هو ۽ ان ۾ برهمڻ اباد، نيرون ۽ ديبل بندر جهڙا شهر هئا. ٻيو حصو الهندو سنڌ هو جنهن ۾ سيوستان، ٻڌيه، جنڪان، ڪوهه پايه ۽ روجهاڻ جا ملڪ شامل هئا ۽ اهو مڪران تائين ڦهليل هو. ٽئين صوبي ۾ اسڪلنده، ڀاٽيه، ڪتالواڙهه ۽ چچ پور جا شهر هئا. چوٿين ۾ ملتان، سڪه، برهمپور، ڪروڙ، اشهر، ڪمڀا ۽ ٻيا شهر شامل هئا ۽ ان جون حدون ڪشمير تائين وڌيل هيون.)7( انهن صوبن تي جدا جدا گورنر مقرر ڪيل هئا جي هر سال ڏن جي صورت ۾ مقرر ڪيل مال مرڪزي حڪومت ڏانهن ڏياري موڪليندا هئا. جيئن ته اهي پنهنجي حدن اندر آزاد حاڪم هئا ان ڪري ائين به ٿيندو هو ته اهي مرڪزي حڪومت خلاف بغاوت به ڪندا رهندا هئا. تاريخ مان ثابت آهي ته اگهم (اگهيم) لهاڻو جو برهمڻ آباد جو گورنر هو تنهن موقعي جو فائدو وٺي چچ جي خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ کيس ڏاڍي جاکوڙ کان پوءِ زير ڪيو ويو.)8( صوبن کان شهرن لاءِ به جدا جداد گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ اهو ساڳيو طريقو پوءِ عربن پڻ اختيار ڪيو. چچ نامي مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته گورنري جو عهدو گهڻو ڪري ٻڌ شمني کي ڏنو ويندو هو. اهو انهيءَ ڪري به هو جو عوام گهڻو ڪري ٻڌ مذهب جو هو انهن ٻڌ شمنين جو ماڻهن تي تمام گهڻو اثر رسوخ هوندو هو. ساڳئي وقت انهن ۾ دنيوي مال گڏ ڪرڻ جي لالچ پڻ ڪانه هوندي هئي ۽ اهي نهايت پاڪ صاف مذهبي زندگي گذاريندا هئا.
[b]انتظامي جوڙجڪ:
[/b] سنڌ جي سياسي جوڙجڪ ۾ راجا جو مرتبو سڀني کان وڌيڪ ۽ اعليٰ هو. سندس زبان مان ڪڍيل لفظ قانون جي حيثيت رکي ٿي ۽ عوام انهيءَ کي مڃڻ لاءِ ٻڌل هو. بادشاهه کي وزير کان سواءِ هڪ محلاتي ناظر پڻ هوندو هو، جنهن جي ڊيوٽي محلات جي نظرداري، محلات جي انتظامن ۽ درٻار جي تياري وغيره هوندي هئي. خزاني جي ڏيتي ليتي ۽ انتظام جو خرچ پکو به ناظر جي هٿ وس هو. ملڪي انتظام هلائڻ لاءِ بادشاهه کي ڪامورن ڪڙن جي هڪ وڏي سيڪريٽريٽ (انتظاميه) هئي جنهن ۾ ڪلارڪ ۽ ليکڪن جو وڏو تعداد رکيو ويندو هو. وزير هميشه پڙهيل لکيل طبقي مان کنيو ويندو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويندو هو جو تعليم سان گڏ حڪومت جي انتظام جي اعليٰ مهارت رکندڙ هجي. تکي سمجهه، اعليٰ تعليم، سياسي ڄاڻ، ۽ گهڻو آزمودو، لياقتون هيون جيڪي هڪ وزير جي مقرري لاءِ ضروري هيون. اهڙي طرح ناظر لاءِ به اعليٰ لياقتن جو هجڻ لازمي هو ۽ انهيءَ جو عهدو وزير کان وڌيڪ اهم ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اهو راجا ۽ عوام جي وچ ۾ ”وچتر“ جيان هو. جنهن جو ڪم هو بادشاهه جي حڪمن کي عوام تائين رسائڻ ۽ عوام جي ڏک سور کي راجا تائين پهچائڻ. بادشاهه وانگر کيس به هڪ انتظامي ادارو مليل هو ۽ هو هاڻوڪي حڪومت جي مک سيڪريٽري جيان هو. ناظر جو اهو به ڪم هو ته هُو سرڪاري دفترن جي ديک ڀال ڪري ان جي حفاظت ڪري ۽ جيڪا به روزاني لکپڙهه ٿئي ان کي راجا جي اڳيان پيش ڪري. گورنرن ڏانهن ويندڙ لکپڙهه، ڪاغذ پٽ وغيره جي حفاظت ۽ ان جي آمدني ۽ روانگي به ناظر جي سپرد ٿيل هئي.
حڪومت جي انتظاميه ۾ راجا، وزيرن جي چوڻ سان راڄ هلائيندو هو. ۽ ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪندو هو جنهن ۾ وزيرن جي صلاح نه هجي. اها ٻڌيمن جي صلاح هئي جنهن جي وسيلي راجا ڏاهر پنهنجي ڀاءُ ڏهر سين تي سوڀ حاصل ڪئي جنهن الور جي قلعي کي گهيرو ڪري، کيس تمام گهڻو تنگ ڪيو هو.)9( ڪن حالتن ۾ راجا وزيرن جي صلاح کي ريٽي پنهنجي ذهن، عقل ۽ فڪر موجب ڪم ڪندو هو يا قدم کڻندو هو. ٻڌيمن وزير راجا ڏاهر کي اها به صلاح ڏني هئي ته هو عراق جي وائسراءِ حجاج بن يوسف ثقفي سان صلح ڪري پر انهيءَ کي سنڌ جي خود سر راجا پسند نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته راجا ڏاهر موت کي ذلت جي زندگي کان وڌيڪ سٺو سمجهيو ۽ انهيءَ آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيائين.
سياسي انتظام جو مک ۽ وڏو هئڻ سان گڏ راجا ملڪ جو سالار اعليٰ پڻ هو. هو پنهنجي سر فوجون وٺي جنگ ڪندو هو ۽ ڌارين حملا آور فوجن خلاف صف آرائي پڻ ڪندو رهيو. انهيءَ ڏس ۾ تاريخن ۾ ڪافي مواد موجود آهي. راءِ سهاسي ٻئي پاڻ نيمروز مان ٿيل سنڌ تي حملي کي روڪيو هو.)10( اهڙي طرح چچ جو اصل ۾ برهمڻ هو ۽ ڪڏهن به سپهه گيري جو فن نه سکيو هو. انهيءَ پڻ باغي اميرن ۽ قبائلي سردارن کي زير ڪرڻ لاءِ جنگيون ڪيون. چتور جي راجا مهورت کي به راجا چچ حملو ڪري ماري وڌو ۽ سندس آندل فوجن کي شڪست ڏيئي منتشر ڪري ڇڏيو. سندس پٽ راجا ڏاهر عربن خلاف نهايت بهادري سان مقابلو ڪيو پر جنگ ۾ مارجي ويو.)11(
سنڌ جا راجائون ڪافي فوجون پاڻ وٽ رکندا هئا. انهن کي فوجي اهميت جي تربيت ڏني ويندي هئي. کانئن فوجي مشقون پڻ ڪرايون وينديون هيون ته جيئن اهي مقابلي لاءِ هر وقت تيار رهي سگهن. بندرن، شهرن ۽ سرحدي قلعن تي پڻ فوجون رکيون وينديون هيون. ديبل بندر تي فوجن جو طاقتور جٿو رکيو ويندو هو ته جيئن وقت تي ڌارين جي حملي جو مقابلو ڪري سگهجي. ديبل ۾ رکيل فوجن جي طاقت جو اندازو انهيءَ حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو، جو انهيءَ بندر تي محمد بن قاسم کان اڳ گهڻائي حملا ٿيا ۽ ناڪامياب ويا. عبدالله بن نبهان السلمي ۽ بديل بن طهفة الباهلي جهڙا آزمودگار جرنيل ديبل وٽ شڪست کائي مارجي ويا. پر اهي اهو بندر فتح نه ڪري سگهيا.
مقابلي لاءِ جنگي جوڌا هندو طبقي مان ڀرتي ڪيا ويندا هئا. هندو ان وقت اقليت ۾ هئا. سنڌ جا ٻڌمت جا ماڻهو لڙائي، جنگ، جهيڙي ۽ خونريزي کان نه فقط لهرائيندا هئا پر نفرت پڻ ڪندا هئا. البت جت قبيلا جي هاڻي پاڻ کي ٻروچ سڏائين ٿا، سنڌ جي راجائن کي گهڻي قدر مددگار ثابت ٿيا. ڇاڪاڻ ته اهي نه فقط ويڙهاڪ هئا پر سواريءَ ۽ جنگ ۾ لڏي کڻڻ، رسد جو مال پهچائڻ ۽ ندين تي پلون ٻڌڻ جا پڻ ماهر هئا. سنڌ جي عوام، راجا ڏاهر سان ڪابه همدردي ڪانه هئي. ان جو سبب هيءَ هو جو راجا ڏاهر هندو مذهب جو پوءِ لڳ هو ۽ ماڻهو گهڻو ڪري ٻڌ مذهب جا هئا. ٻيو ته سنڌ جا ماڻهو راجا ڏاهر کي هڪ غاصب جو پٽ سمجهندا هئا، جنهن سندن موروثي ۽ جائز بادشاهه جي حقن کي غضب ڪري، ٺڳيءَ ۽ دولاب سان سنڌ جو تخت هٿ ڪيو هو. اهوئي سبب آهي جو عربن سان جنگ ڪرڻ خاطر راجا ڏاهر پورو لشڪر ڪٺو نه ڪري سگهيو ۽ ان ڪري شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو.
سنڌ جا قلعا ۽ ڪوٽ نهايت ئي طاقتور هئا ۽ اهڙي نموني ٺهيل هئا جو غنيم انهن تي سولائي سان سوڀ حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. سنڌي قلعن جي مضبوطي بابت اسان کي ڪيئن حوالا ملن ٿا. عرب پاڻ سان طاقتور جنگي مشينون کڻي آيا هئا. وٽن جيڪڏهن منجنيق ۽ دبابھ جهڙيون مشينون نه هجن ها ته، اهي ديبل جو ڪوٽ ڪيرائي نه سگهن ها ۽ ساڳي ڪار سنڌ جي ٻين قلعن ۽ شهرن سان هئي. منجنيق مشينن جي رستي وڏيون وڏيون ڇپون قلعن جي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ اڇلايون وينديون هيون ۽ دبابھ جي رستي روغن ۽ بارود کي باهه ڏيئي قلعي جي اندر اڇلايو ويندو هو، ته جيئن جاين، ڀتين، اناج جي ڀنڊارن ۽ ماڻهن کي باهه وڪوڙي وڃي ۽ حملي آور فوجن کي قلعي ۾ گهڙي قتلام ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. منجنيق مشين لاءِ ٻڌايل آهي ته ان کي پنج سو ماڻهو گڏجي ڇڪيندا هئا. تڏهن اها پٿر جا گولا قلعن ڏانهن اڇلائي سگهندي هئي. چچ نامي مان ثابت ٿيو آهي ته طاقتور جنگي مشينن کان وڌيڪ وهم ۽ سوڻ جو ماڻهن تي اثر پيو. ديبل بندر جي اسٽوپا تي جيڪو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو انهيءَ باري ۾ سنڌين جو چوڻ هو ته، انهيءَ جي حفاظت لکين ديوتائون ڪري رهيا هئا ۽ اهو ڪڏهن به ڪرڻ جهڙو نه آهي. پر جڏهن عربن منجنيق جي پٿرن سان جهنڊو ڪيرائي وڌو، تڏهن سنڌي عوام کي يقين ٿيو ته سوڀ عربن جي آهي. انهن ڳالهين هوندي به اروڙ ۽ ملتان جي قلعن جو گهيرو ڪافي وقت جاري رهيو ۽ برهمڻ آباد جو گهيرو ته ڇهن مهينن کان به وڌيڪ هلندو رهيو.)12( اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌجا قلعا مضبوطي جي خيال کان نهايت ئي پڪا ۽ پختا هئا ۽ عربن جي ڪيل حملن خلاف پوري طاقت رکندا هئا. پر ان هوندي به اهي ڌارين هٿان فتح ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري جو سنڌين پنهنجي خلاف پاڻ دغا ڪئي، ۽ اهي قلعا غداري ۽ بي ايماني سبب عربن جي ورچڙهي ويا.
اڪبر بادشاهه جي درٻاري، ابوالفضل پنهنجي ڪتاب ۾ برهمڻ آباد جي قلعي جو تذڪرو ڪيو آهي، جو سنڌ جو اونهاري واري موسم جو تختگاهه هو. سندس چوڻ آهي ته برهمڻ آباد جي قلعي ۾ چوڏهن سو برج هئا.)13( ۽ هر هڪ برج هڪ ٻئي کان ڪافي فاصلي تي ٺهيل هو. انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته برهمڻ آباد واري قلعي چڱي موچاري ايراضي والاري هوندي ۽ اهو نهايت عقل، هوشياري، دور انديشي ۽ فن تعمير جي سڀني ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي ٺهرايو ويو هو. سندس اهو به چوڻ آهي ته انهيءَ قلعي جا ڪي برج ان وقت به موجود هئا. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ جڏهن اهو قلعو زبون ٿي کنڊرن ۾ بدلجي چڪو هو، ان هوندي به ان جي برجن جو ٺهيل ٿلهو، چاليهه فوٽ اڀو هو. انهن برجن مان هڪ ڊٺل برج کي چورن پنهنجو مرڪز بنايو هو، جو اتان وڏي ايراضيءَ تائين اهي مال ۽ ماڻهن جي چرپر تي نظر رکندا هئا، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پوءِ انهيءَ برج کي ڀڃائي پٽ ڪري ڇڏيو.)14(
سنڌي فوج ۾ سوار ۽ پيادا فوج شامل هئي، جيڪا وقت سر استعمال ڪئي ويندي هئي. تير انداز فوج کي جنگ وقت اڳئين صف ۾ بيهاريو ويندو هو. پر ڪن حالتن ۾ هاٿين جي اڳيان رکيو ويندو هو ته جيئن اهي پنهنجي طاقت سان دشمن جي ڪيل اڳرائي کي روڪي سگهن. راوڙ جي جنگ ۾ راجا ڏاهر حملي آور فوج جي خلاف هاٿين کي فوج جي مهاڙ ۾ رکيو هو ۽ فوج جي اڳئين جٿي جي اڳواڻي به هن پاڻ ڪئي هئي.)15( هاٿي طاقت جو سرچشمو سمجهيا ويندا هئا، پر ساڳئي وقت اهي شڪست جو به وڏو سبب ثابت ٿيندا هئا. قادسيه جي جنگ ۾ ايرانين هاٿين جو هڪ وڏو تعداد جنگ ۾ آندو هو، انهيءَ مقصد لاءِ ته جيئن دشمن تي رعب وڌو وڃي، پر عربن انهيءَ کي مات ڪرڻ لاءِ اٽڪلي طريقا استيعمال ڪيا ته جيئن انهن ديو جهڙن جانورن کي ڊيڄاريو وڃي. انهن اٽڪلن کان سواءِ، عربن جي فوج ۾ ”آپگهات جٿو“ پڻ هوندو هو، جنهن جو ڪم هو هاٿين تي هڪدم حملو ڪري، انهن جون سونڍيون وڍڻ. انهيءَ جٿي جا ڪيترا ماڻهو هاٿين جي پيرن ۾ چيڀاٽجي پوندا هئا، پر سونڍن کي چپيندا، ماريندا، واپس موٽ کائيندا هئا. جنهن سبب هاٿي استعمال ڪندڙ فوج کي نهايت ئي ڳرو نقصان پوندو هو ۽ شڪست ملندي هئي. عرب ليکڪن جو چوڻ آهي ته عرب جنگ جي وقت ٻليون يا ننڍڙا جانور استعمال ڪندا هئا، ته جيئن هاٿي ميدان ڇڏي ڀڄي وڃن. هنن انهيءَ ڏس ۾ ڪيترائي مثال ڏنا آهن، جي ڪافي دلچسپ به آهن ته عجيب به. مشهور عرب جاگرافي دان المسعودي جو چوڻ آهي ته ايران جا شهنشاهه پاڻ کي هاٿين جي حملي کان بچائڻ لاءِ، هاٿين جي اڳيان ٻلين جو هڪ وڏو تعداد اڇلائي ڇڏيندا هئا، جن کي ڏسي اهو پربت جهڙا جانور، پويان پير ڪري ڀڄندا هئا. سندس اهو به چوڻ آهي ته اهو طريقو سنڌ ۽ هند جي راجائن وٽ به عام هو. اهو به ٻڌايل آهي ته هارون بن موسيٰ نالي گورنر جو سنڌ ۾ هڪ قلعي جو مالڪ هو، ان تي هڪ هندو راجا وڏي فوج سان حملو ڪيو، جنهن ۾ هاٿي پڻ هئا. جڏهن ٻيئي فوجون هڪ ٻئي جي سامهون صفون ٻڌي بيٺيون، تڏهن هارون جنهن هڪ ٻلي پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائي آندي هئي، تنهن امالڪ اها ٻلي هاٿين جي بيمثال جٿي اڳيان کڻي اڇلائي. هاٿين جڏهن ٻليءَ کي ڏٺو، تڏهن وٺي ڀڳا ۽ پنهنجي فوجين کي چپيندا ويا. هاٿين جي انهيءَ ڀڄ ڊوڙ سبب هندو راجا جي فوج ۾ افراتفري جو عالم پيدا ٿي ويو ۽ هو شڪست کائي مارجي ويو. المسعودي جو اهو به چوڻ آهي ته هاٿي سوئرن کان به ڊڄندا آهن،)16( پر مسلمان انهيءَ ڌڪار آميز جانور کي ڌارڻ کان پرهيز ڪندا هئا.
[b]قانون ۽ انصاف:
[/b] انصاف جو انتظام اهو ئي هو، جيڪو ننڍي کنڊ جي ٻين حصن ۾ رائج هو، اهو هڪ نهايت ئي پختي ۽ قانون جي ڪارائتي نظام تي مبني هو، جنهن ۾ بادشاهه کي ملڪ جي اعليٰ ڪورٽ تصور ڪيو ٿي ويو. راجا جي عدالت کي سڀا، ڌرمسٿانا، ڌرمڌيڪرنا جا نالا ڏنل هئا ۽ ان کي برهمڻ، وڏن وزيرن جي صلاح سان فيصلا ڪرڻا پوندا هئا، جي گهڻو ڪري سياست ۽ حڪومت جي فن کان واقف هئا. ڪيسن ۽ ڦڏن جو فيصلو، ججن، وزيرن (منترين) برهمڻن، پروهتن ۽ مشيرن جي مدد سان ڪيو ويندو هو.)17( برهاسپتي، سڀا جو مڪمل ڍانچو بيان ڪري ٻڌايو آهي. سندس چوڻ موجب سڀا جا ڏهه انگ (عضوا) آهن، جنهن ۾ راجا، چيف جج، منشي، اڪائونٽنٽ، سرشتيدار ۽ بيلف شامل هئا. حڪومت جو وڏو جج، پراسيڪيوٽر جي حيثيت ۾ قانون جو اعلان ڪندو هو ۽ راجا انهيءَ هيٺ ڏوهاري کي سزا ڏيندو هو. منشي جو وري هي فرض هو ته هو دعوائن ۾ آيل ملڪيت جو معائنو ڪندو هو. سرشتيدار، ڪيس ۾ هلندي بيانن کي لکندو رهندو هو ۽ فيصلو به گهڻو ڪري هو ئي لکندو هو. اڪائونٽنٽ (خزانچي) ملڪيت يا مال جي قيمت مقرر ڪندو هو ۽ بيلف جو ڪم هو جوابدار، مدعاليھ، شاهدن ۽ منشين تي نوٽيس ڪڍڻ ۽ انهن کي ڪورٽ ۾ حاضر ڪرڻ پوءِ جي سمرتين ۾ راجا ۽ سندس ڪورٽ تي، روحاني، اخلاقي ۽ قانوني بار وڌو ويو هو ته، جيئن اها انصاف جي معاملي ۾ بنا ڪنهن رواداري جي صاف ۽ قانوني فيصلا ڏي. راجا جي عدالت کان سواءِ ٽن قسمن جي ٻين ڪورٽن جو بيان آيل آهي، جن کي ڪولاس، سريناس ۽ گناس جو نالو ڏنو ويو آهي. پر اهي گهڻو ڪري امينن جون عدالتون هيون، جن ۾ ماڻهن جي جهيڙن جو فيصلو ٽياڪڙ ذريعي ڪرايو ويندو هو.)18(
اسلام جي اچڻ کان اڳ هندوستان ۽ سنڌ جي ڪورٽن ۾ ڪم آندل طريقو ۽ سرشتو هاهيت ئي ترقي يافته هو ۽ انهيءَ مان هندو قانونن جي جوڙجڪ جي وڏائي واضح آهي. قانون جي ڪاروبار جا نرادا جي چوڻ موجب چار ڏاڪا هئا ۽ اهي هي هئا:
(1) اطلاع جو ملڻ (يعني ته پهرين رپورٽ)
(2) ڪهڙي قانون هيٺ اهو اطلاع آهي، ان جو مقرر ڪرڻ.
(3) ڌرين جا بيان، حجتون ۽ دليل ۽
(4) آخر ۾ فيصلا ۽ حڪم احڪام.
برهاسپتي انهن چئن ڏاڪن کي هن ريت ورهايو آهي، جو گهڻو ڪري ديواني دعوائن سان لاڳو آهن. يعني ته:
(1) دعويٰ
(2) انهيءَ جو جواب،
(3) ٻنهي طرفن جون شاهديون ۽
(4) فيصلو.
ويد وياس هڪ ٻئي پويان ايندڙ قانون جي سرشتي جا ڏاڪا ٻڌايا آهن، جي سندس چوڻ موجب هيئن آهن:
(1) فرياد يا دعويٰ
(2) جواب
(3) فتويٰ کان اڳ گرفتاري
(4) بيان ۽ شاهديون
(5) ۽ ڪورٽ جو فيصلو.
انهيءَ مان ظاهر آهي ته فوجداري توڙي ديواني معاملن کي نبيرڻ لاءِ قانوني ڪاروبار جا پنج ڏاڪا هئا.(19)
انصاف جي معاملي ۾ اڪلاءَ لاءِ مقرر ڪيل قاعدا هئا. پنهنجي ڪيس کي سچو ثابت ڪرڻ جو ذمو مدعي (دعويدار) تي هو، پر خاص دليل يا اڳئين فيصلي جي حالت ۾ اهو ذمو مدعاليھ تي رکيو ٿي ويو. ثابتيون ٻن قسمن جون هيون، انساني ۽ خدائي. انساني ثابتي لاءِ شاهدن، دستاويزن، قبضي وغيره جو هجڻ ضروري سمجهيو ٿي ويو ۽ خدائي ثابتي لاءِ سخت آزمائش مان گذرڻو پوندو هو. پر آزمائش فقط انهن حالتن ۾ روا رکي ويندي هئي. جڏهن انساني ثابتي نه ملي سگهي. ڪتياينَا اهو اصول مقرر ڪيو ته جيڪو به دعويدار ڪنهن معاملي ۾ پنهنجو ڪيس ثابت نه ٿو ڪري سگهي ته اهو وري انهيءَ ڪيس لاءِ نئين دعويٰ نه ڪري سگهندو. ڏٺو ويندو ته اهو اصول شاهديءَ جي هاڻوڪي قانون سان ڪيتري قدر نه ٺهڪي ٿو اچي، جنهن کي اسان جي قانون ۾ اسٽوپيل سڏيو وڃي ٿو. ٽين صدي هجري جي مشهور عرب سياح سليمان تاجر جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي غيرمسلم قومن ۾ عجيب قسم جي آزمائس جو رواج هو. ڳرن ڏوهن ۾ تهمتي (ملزم) کي هٿ ۾ نهايت ئي گرم ڪيل لوهه جهلڻو پوندو هو. انهيءَ کان پوءِ سندس هٿ کي چمڙي جي هڪ ٿيلهي ۾ بندڪري انهيءَ کي سيل مهر ڪيو يندو هو. ٽن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ کي ساريال جو هڪ سنگ ڏنو ويندو هو ته جيئن هو انهيءَ مان ان جو داڻو ڪڍي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ويو ته کيس بيڏوهي قرار ڏنو ويندو هو ۽ فرياديءَ تي هڪ مڻ سون تائين ڏنڊ وڌو ويندو هو. ان وقت جو هڪ مڻ سون هاڻوڪي پائونڊ جي تور برابر هوندو هو. ڪنهن مهل وري ٽهڪيل پاڻيءَ مان ملزم کي مُنڊي ڪڍائي ويندي هئي. چوري ۽ زنا جي ڏوهه ۾ ڦاسي جي سزا ڏني ويندي هئي.(20) سزا ڏوهه جي نوعيت ۽ ڏوهاري جي سماجي درجي تي منحصر هئي. شاهي رستن تي ڦر ڪرڻ يا ٻارن کي چوري ڪري اغوا ڪرڻ جا ڏوهه به واجب القتل هوندا هئا. گئو هتيا لاءِ پڻ موت جي سزا مقرر ڪيل هئي.(21) جيڪڏهن ڪو برهمڻ ڏوهه ڪندو هو ته ان سان رعايت ڪئي ويندي هئي، پر شودر سان ڪنهن به قسم جي رواداري کان ڪم نه ورتو ويندو هو. ننڍن ننڍن ڏوهن لاءِ شودر کي موت جي سزا پڻ ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو برهمڻ، ٻئي ذات واري جو خون ڪندو هو ته ان کي پراسچت ڪرڻو پوندو هو. جنهن جي معنيٰ آهي عبادت تي زور، روزا (ورت) رکڻ ۽ غريب کارائڻ. ڪن حالتن ۾ ڳرن ڏوهن جهڙوڪ خون، گئو هتيا، شراب پيئڻ ۾ موت جي سزا ڏيڻ بدران ڏوهاري جي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي هئي. يا انهن کي ملڪ بدر (جلاوطن) ڪيو ويندو هو.(22) چوري جي ڏوهه ۾ ماليت موجب سزا ڏني ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته برهمڻ ۽ کترين کي به انڌي ڪرڻ ۽ عضوا وڍڻ جي سزا ڏني ويندي هئي. پر عام ماڻهوءَ کي چوريءَ جي ڏوهه لاءِ بنا ڪنهن رعايت جي موت جي سزا ڏني ويندي هئي.
[b]سماجي حالتون:
[/b] سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين حصن ۾ غيرمسلم قومون چئن مکيه ذاتين ۾ ورهايل هيون، جن کي ورڻا سڏيوويندو هو. اهي ورڻا هن ريت هئا: برهمڻ، شتريه، ويسيا ۽ شودرا، جن جي باري ۾ اعتقاد هو ته اهي خلقيندڙ جي مٿي، بازن، رانن ۽ پيرن مان پيدا ٿيا آهن.(23) عرب ليکڪن جو وري چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جنهن ۾ سنڌ به اچي ٿي ويو، تنهن جو عوام ستن ذاتين ۾ ورهايل هو، جي هي هيون: برهمڻ، شتريا، کتري، ويش، شودر، چنڊال ۽ ڏوم.(24) شتريا ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪندا هئا، پر ٻين کي جهڪڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. عوام ۾ انهن جي عزت هوندي هئي ۽ جڏهن به ڪو راجا يا بادشاهه چونڊيو ويندو هو ته اهو انهيءَ جاتي مان کڻندا هئا. شتريا کان پوءِ ٻئي نمبر تي برهمڻ هوندا آهن، جي نه شراب پيئندا هئا ۽ نه وري کترين کان سواءِ ڪنهن ٻي ذات مان شادي وغيره ڪندا هئا، پر انهن کي به پنهنجيون ڌيون ڪونه ڏيندا هئا. کتري ٽن پيگن تائين شراب استعمال ڪندا هئا ۽ برهمڻ کي پنهنجيون نياڻيون ڏيڻ ۾ فخر ڪندا هئا. شودر ذات هارپو ڪندڙ هو، جن کي هينئر ڪڙمي سڏيو وڃي ٿو ۽ ويش واپاري طبقي جو نالو هو. چنڊال ۽ ڏوم نهايت ئي گهٽ درجي جا ماڻهو تصور ڪيا ٿي ويا ۽ انهن جو ڪم هو ڳائڻ، نچڻ ۽ وڏن ماڻهن کي پنهنجي فن رستي وندرائڻ.
[b]گهرو زندگي:
[/b] ننڍي کنڊ جي گهرو زندگي ”پيءُ“ تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ کيس وڏيون اختياريون مليل هيون ۽ اها ڳالهه يونان ۽ روم جي سماجي زندگي ۾ پڻ واضح هئي، جنهن ۾ گهر جي وڏي کي پنهنجي خاندان جي فردن تي وڏي طاقت حاصل هئي. پيءُ کي اختيار مليل هو ته هو پنهنجي ٻارن کي وڪڻي ڇڏي يا قتل ڪري ڇڏي ۽ ان لاءِ حڪومت به کيس ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. گهرو ضابطي جو بهترين مثال اسان کي راجرسوا مان ملي ٿو، جنهن کي سندس پيءُ انڌو ڪري ڇڏيو هو.(25) گڏيل خاندان جو سرشتو غيرمسلم قوم ۾ موجود هو ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. جهڙي طرح ٻين پدري سرشتن ۾ ڏٺو ويو آهي، اهڙيءَ طرح ننڍي کنڊ جي هندو ۽ ٻڌمت جي ماڻهن ۾ به وڏو پٽ هميشه پيءُ جي مال ۽ ملڪيت جو وارث هوندو هو ۽ سندس درجو به اهوئي رهندو هو، جيڪي سندس پيءُ جو هو. سندس ڀائر، چاچا، سوٽ ۽ خاندان جا ٻيا ماڻهو سندس حڪم ۾ هوندا هئا. اهڙي ڪابه ڳالهه ڏسڻ ۾ نه آئي، جنهن مان اهو سمجهجي ته عورتن جو درجو مردن کان گهٽ هو. رگ ويد ۾ شاديءَ جو جيڪو گيت ڏنو ويو آهي، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته نئين وهانو ڪيل ڪنوار جو پنهنجي ساهرن تي راڄ هو.(26) شادين ڪرائڻ جو فيصلو گهڻو ڪري مائٽ ئي ڪندا هئا ۽ شادين لاءِ عمر جي ڪابه پابندي ڪانه هئي. پنهنجي ذات ۾ شادي ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت حاصل هئي. عشق ۽ ياري رکڻ جو رواج پڻ موجود هو ۽ ٻنهي جنس جي ماڻهن کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو اختيار پڻ مليل هو. گهڻين زالن (حرم) رکڻ جو رواج راجائن ۽ سرندي وارن وٽ هو، پر غريب غربو به انهيءَ بيماري ۾ مبتلا هو. راجا ڏاهر کي به ٻه زالون ۽ ڪيتريون ئي سرتيون هيون. انهن مان هڪ زال چچ نامي جي لکت مطابق محمد بن قاسم جي هٿ آئي هئي.(27)
هڪ عورت کي پهاڄ وارو نڀاڳ به سهڻو پوندو هو، جيڪڏهن اها چري هوندي هئي، يا بنا ٻار يا سنڍ يا گهڻيون ڌيون ڄڻيندڙ يا سندس مڙس طبيعت ۾ پورالو هوندو هو. سمرتي قانون موجب (مَنو مهراج جو قانون) هڪ بيوهه کي شرافت جي زندگي گذارڻي هئي ۽ پاڻ تي قبضو رکڻو هو، پر برهاسپتي انهيءَ جو ٻيو طريقو به ٻڌايو آهي ۽ اهو هي آهي ته عورت کي مڙس جي مرڻ کان پوءِ پاڻ کي مڙس سان گڏ چکيا تي چڙهڻ گهرجي. پنهنجي مڙس سان گڏ سڙي مرڻ جو حڪم برهاسپتي کان سواءِ سنکا، آگيراس ۽ هاريتا پڻ ڏنو آهي. برهمڻ عورت جنهن جو مڙس مري وڃي، ان کي البت معاف ڪيو ويو آهي. پيٿيناسي، آگيراس، وياگهراپاد، اسوناس جو چوڻ آهي ته برهمڻ جاتي جي وڌوا جيڪڏهن چاهي ته اها مڙس جي مري وڃڻ کان پوءِ رهي سگهي ٿي، پر ويدوياس ٻڌايو آهي ته چکيا تي چڙهڻ ئي حقيقت ۾ انهيءَ لاءِ بهتر آهي. نه ته پوءِ سندس زندگي نهايت ئي ڪٺن گذرندي ۽ کيس شرمساري جو منهن ڏسڻو پوندو. وڌوا جنهن کي ”پُنريو“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي، اها جيڪڏهن عشق ۾ ٻڏل هجي ۽ پنهنجي جذبات کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي، سا پاڻ کي اهڙيءَ ماڻهوءَ سان ملائي سگهي ٿي، جنهن کي سندس خواهش هجي ۽ جيڪو کيس خوش رکي سگهي. ساڳئي وقت عوامي رايو پڻ بيوهه جي ٻئي ڪنهن سان گڏجي رهڻ جي حق ۾ هو، پر کيس گرهستي زندگي جو درجي وارو مزو ڪڏهن به ميسر نه ٿي سگهندو هو.(28)
شادي شدهه عورت ۽ بيوهه جي وچ واري درجي تي گنيا جو درجو هو. جيتوڻيڪ اها هڪ خريد ڪيل ڇوڪري وانگر هئي. پر سماج ۾ پنهنجي موهڻي مورت، اٿ ويهه جي طريقي ۽ فن جي ڪري عزت جي نگاهه سان ڏٺي ويندي هئي. گنيڪا جي مشابهت رکندڙ عورتون ديوداسيون جي ديوتائن جي مندر ۾ انهن کي راضي رکڻ خاطر ناچ جون محفلون رچائينديون هيون، عربن جي اچڻ وقت اهڙيون ديوداسيون ديبل جي مندر ۾ موجود هيون ۽ پڻ ملتان واري سورج (سج) ديوتا جي مندر مان عربن هٿ ڪيون. مشهور چيني سياح هيونتسيانگ جنهن چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ننڍي کنڊ جو دورو ڪيو، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ راجپوتانا جي مندرن ۾ هن ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون ڏٺيون، جن کي مندرن ۾ ناچ ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو ويندو هو. چچ نامي مان ثابت آهي ته محمد بن قاسم فقط ديبل جي مندر مان ست سو ديوداسيون هٿ ڪيون هيون،(29) جي هُن فوج ۾ ورهائي ڇڏيون.
شادي ڪيل عورتن سان زنا، گهٽ درجي جو ڏوهه سمجهيو ويندو هو ۽ ان لاءِ فقط پراشچت (Atonment) جي ضرورت هئي. ڪاما سوترا (ڪام شاستر) ۽ برهات سمهيتا اهڙا ڪيترائي موقعا مهيا ڪري ڏنا آهن، جنهن ۾ ڪاري ڪاريءَ جو ميلاپ ڏيکاريل آهي. فقط ڪن خاص معاملن ۾ سزا ڏيڻ جو حڪم آيل آهي. اهي هي آهن ته انهيءَ عورت ڪنهن شودر يا گهٽ ذات جي ماڻهوءَ کان زنا ڪرايو هجي يا حرامي ٻار پيدا ٿيو هجي يا انهيءَ عورت مڙس کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي يا جنهن مڙس کي بلڪل ڇڏي ڏنو هجي. انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ هندوستان جي عورتن کي ان وقت سڄي دنيا جي عورتن کان وڌيڪ درجو مليل هو، جو ٻين سماجن ۾ موجود نه هو.
ذات پات جي ڀيڌ سبب ماڻهن تي ڪي قدر برو اثر پيل هو. فقط ٻه ذاتيون يعني ته برهمڻ ۽ کتري اعليٰ قسم جا ماڻهو سمجهيا ويندا هئا ۽ ٻيا گهٽ ذات جا، جن ۾ ويش، شودر ۽ ڪيتريون ئي ٻيون ذاتيون شمار ڪيون وينديون هيون. چچ جي حڪومت هٿ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جون ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ قبيلا گهٽ ذات جا شمار ڪيا ويا ۽ انهن کي شودر جو درجو ڏنو ويو هو. عربن جي اچڻ وقت سَما، سهتا، لوهاڻه، لاکا، جت، چنا ۽ ٻيا گهٽ ذات جا قبيلا هئا ۽ انهن تي حڪومت جي طرفان بندشون پيل هيون. نه ته هو چڱو ڪپڙو ڍڪي سگهندا هئا ۽ نه وري مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا. کين فقط ٻن ڪپڙن اوڍڻ جو حڪم هو ۽ اهي هئا ڪاري گوڏ ۽ ڪلهن تي کهري ڪپڙي جو پوتڙو. بندش جو هي حال هو جو انهن جي رئيسن ۽ چڱن مڙسن کي به گهوڙي تي چڙهڻ نه ڏنو ويندو هو. فقط ڪن خاص حالتن ۾ اهڙو اجازت نامو ڏنو ويندو هو ۽ اهو به وقت جي راجا جي مرضي سان. انهيءَ کان پوءِ به کين گهوڙي تي هنو يا سنج رکڻ جي اجازت ڪانه هئي. فقط تل رکڻ جي اجازت هئي.(30) گهٽ ذات جي ماڻهن لاءِ اهو به حڪم هو ته جڏهن به جو راجا سان يا سندس گورنر سان ملڻ وڃن ته پاڻ سان ڪتو وٺي وڃن ۽ انهيءَ کي غلامي جو نشان سمجهيو ويندو هو. قبيلن جا رئيس پنهنجي ماڻهن جي گفتار ۽ ڪردار لاءِ ٻڌل رهندا هئا ۽ کين ئي حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو هو.
[b]ريتون رسمون:
[/b] عرب ليکڪن سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي صفائي، سٿرائي ۽ چڱي عادتن جي ساراهه ڪئي آهي. فخر السودان علي البيضان“ جي مصنف انهيءَ ڏس ۾ ٻڌايو آهي ته سنڌ ۽ هند جا ماڻهو، چين جي ماڻهن کان به گوءِ کڻي ويا آهن. اهي صبح جو اٿڻ سان پنهنجا وات صفا ڪن ٿا ۽ روزانو وهنجن ٿا. اهي رلڻا ملڻا آهن ۽ سندن عادتون سهڻيون آهن. سندن زالون پڻ خوبصورت ۽ وڻندڙ آهن ۽ اهي رڌ پچاءَ جي معاملي ۾ تکيون ۽ هوشيار آهن. سنڌ جا مڙس چالاڪ ۽ ايماندار آهن ۽ پيسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ انهن کان وڌيڪ هوشيار ڪوبه ڪونهي. اهي حساب ڪتاب رکڻ ۾ ايڏا ته وڌي ويل آهن، جو عرب صراف (سونارا) ۽ واپاري انهن کي پاڻ وٽ منشي رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا.(31)
سنڌي طهر ڪونه ڪرائيندا هئا، پر ڏاڙهيون ڊگهيون رکائيندا هئا، ڪن حالتن ۾ ته اها ٽن والن کان به مٿي هوندي هئي.(32) چچ نامي ۾ هڪ ڊگهي ڏاڙهي واري ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن محمد بن قاسم کي تماشو ڏيکاريو هو. هڪ ماڻهوءَ ڇا ڪيو جو پنهنجي ڊگهي ڏاڙهيءَ جو هڪ ڇيڙو هڪ پير جي آڱوٺي ۾ ٻڌو ۽ ٻيو ڇيڙو ٻئي پير جي آنڱوٺي ۾ ۽ وٺي بولاٽيون ڏنائين. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو محمد بن قاسم کي کيس ۽ سندس ڪٽنب جي ماڻهن کي امان ڏيڻي پيئي. سلسلة التاريخ، ۾ ٻڌايل آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي عزيز ۽ مٽ مائٽ جي مرتيي تي ڏاهي ۽ مٿو ڪوڙائيندا هئا ۽ ستن ڏينهن تائين ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي کاڌو نه ڏيندا هئا، جنهن تي ڏنڊ پيل هجي يا جيل جي سزا مليل هجي. اهي کاڌي جي تيسين ويجهو نه ويندا هئا، جيستائين پنهنجو وات صفا نه ڪن ۽ تڙ نه لاهين، ساڳي طرح ڪپڙن اچڻ جي وقت اهي عورتن جي ويجهو نه ويندا هئا ۽ ڪن حالتن ۾ ته انهن کي گهر مان به ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا.(33)
ماڻهن جو تناسخ ۾ اعتقاد هو. ان ڪري اهي باهه جي رستي آپگهات ڪرڻ کي همٿائيندا هئا. سندن خيال هو ته ائين ڪرڻ سان سندن روح هي بدن ڇڏي، هن کان وڌيڪ اعليٰ زندگي اختيار ڪندو. جڏهن به گهر جو ڪو ڀاتي ڪمزور يا لاچار ٿي ويندو هو ته سندس ويجها عزيز کيس زور ڪندا هئا ته هو پاڻ کي ساڙي ڇڏي يا ٻوڙي ماري.(34) هُن کي پنهنجي مرضي جي خلاف ائين ڪرڻو پوندو هو. ننڍي کنڊ جي تاريخ عجيب ۽ خطرناڪ قسم جي آپگهاتن سان مشهور آهي. ڪي ماڻهو ڇا ڪندا هئا جو کڏون کوٽي، انهيءَ ۾ باهه جا مچ ٻاريندا هئا ۽ پاڻ کي ان ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ٻيا وري پنهنجو پيٽ پنهنجي هٿن سان ڦاڙي آنڊا ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا. ڪي ته پنهنجي بدن جا عضوا هڪ هڪ ڪري وڍيندا هئا، تان جو ساهه نڪري ويندو هو. ڪي جبل جي چوٽيءَ تي يا مٿاهين کڏ تي چڙهي پاڻ کي مٿي ڀر ڪيرائيندا هئا. ڪي اهڙا به هئا جي بک ۽ اڃ رستي پنهنجا پساهه پورا ڪندا هئا. عرب ليکڪن جو چوڻ آهي ته پورنماسي يا ٻين خاص موقعن تي سوين ماڻهو گنگانديءَ جي ڪپن تي اچي جمع ٿيندا هئا ۽ پنهنجي زندگي پوڄارين جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. جي انهن کي ترار سان ٻه ٽڪر ڪري پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا.(35)
سيراف جي مشهور سياح ۽ ليکڪ ابوزيد جو چوڻ آهي ته ملڪ جي راجا جي موت کان پوءِ آپگهات جو رواج عام هو ۽ اها رسم ننڍي کنڊ ۾ گهڻو ڪري جتي ڪٿي هئي. چيو وڃي ٿو ته بادشاهه جي تخت نشين ٿيڻ وقت ٽي چار سو ماڻهو درٻار ۾ اچي حاضر ٿيندا هئا ۽ بادشاهه جي بچايل اوبر مان ڪجهه کائيندا هئا. ائين ڪرڻ ڪري بادشاهه جي موت تي کين آپگهات ڪرڻو پوندو هو.(36) البيروني جو چوڻ آهي ته آپگهات گهڻو ڪري گهٽ ذات جا ماڻهو جهڙوڪ ويش ۽ شودر ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته برهمڻ ۽ کترين کي خاص قانون ذريعي خودڪشي جي ممانعت ٿيل هئي. ويش يعني ته واپاري طبقي ۽ شودر يعني ته ڪمي طبقي جو اهو خيال هو ته آپگهات ڪرڻ ڪري، اهي گهٽ درجي جي زندگيءَ مان نجات حاصل ڪري اعليٰ زندگي حاصل ڪندا هئا ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اهي موت جي وسيلي برهمڻ يا کتري جي بدن ۾ وري دنيا ۾ موٽي اچن.(37)
سنڌ جا هندو ۽ ٻيا غيرمسلم اقوام پنهنجي مُڙدن کي باهه جي وسيلي ساڙي ڇڏيندا هئا. سندن اعتقاد هو ته باهه انسان جي روح کي بلند ڪري ۽ وڃيو الله سان ملائي. اهو ساڳيو اعتقاد يونانين ۾ به موجود هو ۽ جالينوس جي تفسير مان واضح آهي، جنهن جو حوالو البيروني ڏنو آهي. ٻڌ مذهب لاءِ البيروني جو چوڻ آهي ته انهيءَ مت جا ماڻهو پنهنجي مڙدن کي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته مهاتما ٻڌ کين اهڙو حڪم ڏنو هو.(38)
[b]کاڌو يا کاڄ:
[/b] عربن جي لکت مان واضح آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪڻڪ جي بدران چانور واپرائيندا هئا. چين وارن لاءِ سندن چوڻ آهي ته اهي ٻنهي جنسن مان کائيندا هئا. پر ننڍي کنڊ ۾ چانورن کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي. ظاهر آهي ته اهو طريقو اڄ به سنڌ۾ لاڙ واري حصي ۾ موجود آهي، جتي ڏينهن جو چانورن جي ماني ۽ رات جو ڀت عام رواج آهي. شهرن ۾ البته ڪڻڪ جي ماني کائيندا آهن، پر اها به فقط پڙهيل لکيل طبقي تائين محدود آهي. چانورن جو کاڌو، مڇيءَ سان گهڻو مزو ڪندو آهي. ان ڪري سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ جهڙو اڳ تهڙو هاڻي، چانور ۽ مڇي ماڻهن جي عام غذا آهي.
[b]اقتصادي حالتون:
[/b] وچئين دور جي سنڌ، ليکڪن جي لکت موجب هڪ نهايت ئي آباد علائقو هو ۽ ان سبب ماڻهو گهڻو ڪري خوشحال هئا. ان وقت سنڌ مان ٻه درياءَ لنگهندا هئا. سنڌو ۽ هاڪڙو درياء، جن جا پيٽ اڄ به ٿرپارڪر ۽ لاڙ واري حصي ۾ ڏٺا وڃن ٿا. جيئن ته درياء تي بند وغيره ٻڌل ڪونه هوندا هئا، ان ڪري آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ عموماً ٻوڏ ٿيندي هئي، جنهن سبب وڏيون ايراضيون ندين جي پاڻيءَ هيٺ اچي وينديون هون. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو وڏو حصو پوک هيٺ آيل هو ۽ هر هنڌ ساوڪ ئي ساوڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. چين جو مشهور سياح ۽ ياتري هيونتسانگ، راءِ گهراڻي جي حڪومت جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ آيو، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ هڪ نهايت ئي آباد ۽ زرخيز علائقو آهي ۽ ساري زمين پوک ۽ باغن سان ڀري پئي آهي. پر ان هوندي به سنڌ جا ماڻهو چوري ۽ ڌاڙي ۾ رڌل آهن ۽ ڪنهن به مسافر جي جان ۽ مال سلامت نه آهي.
عرب تاريخدانن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اناج ۽ ڪمند جي پوک جام ٿيندي هئي. ٻنين ۾ ڪمند ۽ باغن ۾ ميوو جام هو. انب ۽ نارنگيون سنڌ جو خاص ميوو هو. ليمون به تمام گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندو هو. پر هندو راجا ٻاهرئين واپار کي گهڻي اهميت نه ڏيندا هئا. ديبل سنڌ جو مشهور بندر هو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. هر ڪنهن قسم جي جنس ۽ شيءِ سنڌ ۾ دستياب هئي، پوءِ ڇو نه اها چين جهڙي ڏورانهين ملڪ ۾ ٺهندي هجي ۽ قيمتون به ڪريل هيون. سنڌ جو ملڪ ڪٿي جي برآمد لاءِ مشهور هو ۽ اها جنس سنڌو درياءَ جي رستي ڪشمير مان سنڌ پهچندي هئي. ساڳئي وقت ديبل جو شهر عطريات، چيني جي سامان، سرهاڻ ۽ مصالحن جي وڏي مارڪيٽ هئي.(39) اهي شيون اُڀرندي مان چين ۽ انڊونيشيا مان اينديون هيون ۽ يمن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. اسلامي سلطنت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ يمن جي بدران عراق ۾ ابلھ جو شهر انهن جنسن جي مارڪيٽ مثل هو. سنڌ جو ٺهيل سنهو ڪپڙو، ململ ۽ وائل عرب دنيا ۾ گهڻو پسند هو. انهيءَ ڪپڙي جي نفاست ۽ هلڪائي بابت يهودين جي مذهبي ڪتاب توارت ۾ پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته قديم دور ۾ پڻ اهو ڪپڙو شام ۽ مصر ڏانهن موڪليو ويندو هو. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جو ملڪ آباد ۽ خوشحال هو ۽ ماڻهو گهڻو ڪري سکي هئا. سنڌ جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري جي تصديق عربن کان علاوه ايران جي شهنشاهي ڪتبن مان به ملي ٿي. ٻڌايو ويو آهي ته هخامنشي خاندان جي دور ۾ سنڌ جو علائقو ايراني سلطنت جو ويهون صوبو هو ۽ اتان 360 ٽئلينٽ سون جو ٻورو، خراج طور ملندو هو. جو ڏهن لکن پائونڊن جي برابر آهي.(40) ايراني سلطنت کي مليل اهو ساليانو ڏن، سڄي ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڏن جو ٽيون حصو هو ۽ انهيءَ مان سنڌ جي شاهوڪاري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سنڌ جو هندوستان جي بندرن سان واپار ۽ پڻ عرب دنيا سان ڏيتي ليتي وچئين دور جي لکتن مان ثابت آهي. نه فقط ايترو، پر سنڌي جهاز راني ۾ ايڏو ته هوشيار هئا، جو اهي پنهنجي ٻيڙين جي معرفت سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي حملو ڪري، انهن جو مال کسي وٺندا هئا. چچ نامي ۾ جنهن ڦر جو ذڪر ڪيل آهي، انهيءَ ڏس ۾ فقط هڪ مثال آهي. عربي لفظ ناخدا اصل ۾ فارسي ناخدا آهي، جو پڻ هندي لفظ ناؤ (ٻيڙي) مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ناکئو. اهو نالو اڄ به سنڌ ۾ مشهور آهي. اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته عرب ۽ ايرانين کي سمنڊ تي ٻيڙين هلائڻ جو فن به ننڍي کنڊ جي ماڻهن وٽان مليو، جنهن ۾ سنڌ جو صوبو سڀني کان اڳرو هو.
[b]ٻولي ۽ ادب:
[/b] عربن کان اڳ سنڌ ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، ان لاءِ تحقيق سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. پر عرب ليکڪن جي بيانن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ سمنڊ کان وٺي ملتان تائين سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. هاڻوڪي کوجنا مان ثابت ٿو ٿئي ته پراڪرت جي بگڙيل شاخ، جنهن کي اُپڀرمشا جو نالو ڏنل هو. سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ ان جون هي خصوصيتون هيون:
(1) ”ر“ جي گنجائش
(2) ”ر“ کي جملي جي ميل ۾ ٻيو نمبر ڏيڻ
(3) حرف صحيح جي استعمال ۾ اصلي ۽ نرم ڪيل آواز
(4) فاعليءَ جي صيغي ۾ عدد واحد لاءِ –ُ (پيش) جو استعمال ۽ اضافت جي صيغي ۾ لفظ جي پڇڙيءَ طور س جو استعمال
(5) ٻوليءَ ۾ اچار ۾ بحر وزن جو عمل. (41)
ٻڌايو ويو آهي ته اها ٻولي اڀيراس رائج ڪئي ۽ ان کي سنڌيا ڀاشا جو نالو ڏنل هو. جنهن جي معنيٰ آهي شفق جي ٻولي. ايف، ايڊگرٽن جي خيال موجب انهيءَ جو صحيح نالو سنڌا ڀاشا هو. جنهن جو مطلب نشانين واري يا ارادي سان ڳالهايل ٻولي. اپڀرمشا جي اکري معنيٰ آهي بگاڙيل، يا کريل. پر شاعرن ڪڏهن به ان کي ائين نه سمجهيو ۽ اهي انهيءَ کي ديسي ٻوليءَ جو نالو ڏيندا رهيا، جنهن جي معنيٰ آهي ديس جي ٻولي.
[b]مذهبي حالتون:
[/b] سنڌ ۽ هند جا ماڻهو ڪيترن ئي مذهبي فرقن ۽ جماعتن ۾ ورهايل هئا. ابن نديم جو چوڻ آهي ته هندو، ٻڌ، وڻن ٽڻن ۽ جانورن جي پوڄا ڪندڙ، مابعي ۽ ٻيا ڪيترائي فرقا آزادي سان پنهنجي پنهنجي نموني جي پوڄا ڪندا هئا. سنڌ ۾ وڏو تعداد ٻڌ مذهب وارن جو هو، جي ٻڌ جي بت جي پوڄا ڪندا هئا. انهن ۾ ڪيئن فرقا هئا. جن مان هڪ فرقو ٻڌ کي خدا جو مظهر تصور ڪندو هو ۽ ٻيا ان کي پيغامبر تصور ڪندا هئا. ٻڌ جو بت ماڻهوءَ وانگر ٺهيل هو. ڪرسي تي ويٺل، سندس منهن مان مشڪ نظر ايندي هئي. سندس هٿ جون آڱريون اهڙي نموني ٺهيل هيون، ڄڻڪ 32 ڳڻي رهيو آهي. ٻيو وڏو گروپ هندن جو هو جن کي مها ڪاليه سڏيو ٿي ويو. اهي شيطان جهڙي هڪ بت جي پرستش ڪندا هئا. اهو بت رنگ جو نيرو ۽ ان کي چار هٿ، ڊگها ڏند ۽ اگهاڙو پيٽ هوندو هو. سندس پٺ هاٿيءَ جي کل سان ڍڪيل هئي، جنهن مان رت وهندو رهندو هو. سندس جيڪي چار هٿ هئا، انهيءَ مان هڪ ۾ نانگ، ٻئي ۾ ڏنڊو، ٽئين ۾ ماڻهوءَ جي مُنڍي ۽ چوٿون خالي پر مٿي کڄيل هو. انهيءَ بت جي مٿي تي کوپرين جو تاج ۽ ڳچيءَ ۾ کوپرين جي تسبيح يا هار پيل هو. ان جا پوڄاري انهيءَ اعتقاد جا هئا ته مها ڪاليه وڏي طاقت جو مالڪ آهي، جو ڏکي وقت ۾ کين وڏي مدد ڪندو آهي.(42)
ٽيون مذهبي فرقو دنا ڪتيا (آدتڪيا) وارن جو هو جي سج جي پوڄا ڪندا هئا. سج جو بت چئن گهوڙن واري گاڏيءَ تي رکيل هو ۽ ان جي هٿ ۾ روشني ڏيندڙ ائٽم رکيل هو. انهن جو چوڻ هو ته سج خلا جو بادشاهه آهي، ان ڪري سڀ ملائڪ ان جي حڪم ۾ آهن ۽ سج جا پوڄاري دهلن ۽ دمامن سان انهيءَ بت جي چوڌاري طواف ڪندا هئا. چندر ڀڳتيه وري چنڊ جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن جو نمونو به اهو ساڳيو ئي هو. البت اهي روزا گهڻا رکندا هئا. چوڏهين تاريخ چنڊ جي کان سندن ورت شروع ٿيندو هو ۽ اهو نئين چنڊ تائين وڃي پورو ٿيندو هو. انشيٽا، بڪرنتيا، گنگا ياترا ۽ احمريا وغيره به ننڍي کنڊ جا مذهبي فرقا هئا. انشينا، کاڌي پيتي کان پري رهندا هئا. بڪرنتيا وري نفس کي مارڻ لاءِ پاڻ کي زنجيرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. اهي هڪ ننڍي لانگوٽي (لنگ) کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين پهريندا هئا ۽ اڪيلائي ۾ گذاريندا هئا. پنهنجي فرقي جي ماڻهن کان سواءِ اهي ٻئي ڪنهن سان به ڪونه ڳالهائيندا هئا ۽ اتي وهنجڻ، کي وڏي عبادت سمجهندا هئا. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته گنگا ۾ وهنجڻ ماڻهن جي گناهن کي ڌويو ڇڏي. احمريا وري بادشاهه کي پوڄيندا هئا ۽ پاڻ کي انهن تان قربان ڪرڻ کي عبادت سمجهندا هئا. اهي دنيا جي خوشين کان ۽ عورتن جي سنگت کان پري رهندا هئا.(43)
ايران جي مشهور جاگرافي جي ماهر ۽ سياح ابن خردازبه جو ٽين صدي هجري جو آهي ۽ جنهن ننڍي کنڊ جي ڪناري وارن ملڪن جو سير ۽ سفر پڻ ڪيو هو ٻڌائي ٿو ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو چاليهن مذهبي فرقن ۾ ورهايل آهن. جن مان ڪي اهڙا آهن جن جو خدا ۽ ان جي پيغمبرن ۾ ايمان آهي. ٻيا اهڙا به آهن جي خدا کي ته مڃين ٿا، پر پيغمبرن لاءِ انهن کي انڪار آهي. پر اهڙن ماڻهن جو وڏو تعداد آهي جي نه ته خدا کي ٿا مڃين ۽ نه وري پيغمبرن کي. فقط ڪن منترن ۾ انهن جو ايمان آهي. منترن لاءِ سندن چوڻ هو ته انهن جي پڙهڻ سان خوشحالي ملي سگهي ٿي ۽ بيمارين ۽ نڀاڳ مان نجات ملي سگهي ٿي.(44) ابن خردازبه جي بيان جي تصديق مطهر بن طاهر المقدسي پڻ ڪئي آهي جو چوٿين صدي هجري جو سياح هو. مطهر ٻڌائي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ملڪ جا ماڻهو 900 فرقن ۾ ورهايل هئا، پر کيس فقط نوي فرقن جي خبر آهي. اهي نوي فرقا، 42 مذهبن مان نڪتل آهن، جن جو ننڍي کنڊ ۾ زور هو. پر ٻه فرقا سڀني ۾ زور هئا. يعني ته برهمڻ ۽ شمني، برهمڻ فرقو هندن جي پوڄاري طبقي جو هو ۽ شمني وري ٻڌ مذهب جا پوڄاري هئا ۽ طوطميت ڏانهن مائل هئا.(45)
هندو برهمڻن جو فرقو ٽن جماعتن ۾ ورهايل هو، جن مان ڪي خدا جي وحدانيت جا قائل هئا ۽ پيغمبرن ۾ به انهن جو ايمان هو. ٻيا وري انسان جي اندر خدا جي حلول جا قائل هئا. يعني ته اوتارن کي مڃيندا هئا. سندن ٽيون فرقو پيغمبرن کي ڪو نه مڃيندو هو، پر جزا ۽ سزا جي اصول ۾ سندن اعتقاد هو. تناسخ (ٻي جوڻ) ۾ ته هندن توڙي ٻڌ مذهب وارن جو ايمان هو. ٻڌ شمني پڻ تناسخ کي مڃيندا هئا، پر رسولن ۾ انهن جو اعتقاد ڪونه هو. خدا جي باري ۾ به انهن جو اعتقاد منڌل نموني جو هو. ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ هو ته انسان کي اندر جي روشني فقط پاڻ کي فنا ڪرڻ ۽ تڪليفن سان ملي ٿي. ان ڪري ڪنهن به خدا جي پوڄا ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ٻڌ مذهب وارا مهاتما ٻڌ کي خدا تصور ڪندا هئا. ٻيا ان کي خدا جو موڪليل نبي سمجهندا هئا.(46)
برهمڻ ۽ شمني کان سواءِ ٻيا به ڪيئن مذهبي فرقا موجود هئا، جن ۾ ناشتيا، ڀانڀوزيا، دامنيا، مسفداح، جلهڪيا مشهور هئا. ناشتيا باهه جي پوڄا ڪندا هئا. قتل ڪرڻ ۽ شراب پيئڻ کان پرهيز ڪندا هئا. اهي ڳئون جي پوڄا پڻ ڪندا هئا ۽ گنگا کي اُڪرڻ گناهه سمجهندا هئا. ڀاڀوزيا بتن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ دنيا جون سڀ خوشيون ماڻيندا هئا. هن فرقي جي هڪ شاخ، جنهن جو نالو ڪباليا هو، شو مهراج جي پوڄا ڪندا هئا. انهن شو جو بت انسان جي عضوي تناسل وانگر ٺاهيو هو.(47) ۽ زناني عضوي کي به ان سان گڏ رکي عبادت ڪندا هئا. فقط هڪ فرقو دامنيا، جو خدا ۽ ان جي پيغمبر ۾ ايمان هوندو هو. رشيڪيا وري گهڻو وقت جهنڊ هڻي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا يا جهنگ منهن ڪري وڃي مونن ۾ منهن وجهي ڪري خالق کي ياد ڪندا هئا. اهي گوشت يا باهه تي پڪل شيءِ ڪونه کائيندا هئا. ميوو ۽ ڀاڄيون سندن خاص کاڄ هو. مفسد فرقي وارا پنهنجي بدن کي لوهه جي زنجيرن ۽ شيخن سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. انهيءَ لاءِ ته متان گهڻي علم سبب سندن بدن جا حصا ڦاٽي نه پون. انهيءَ فرقي جي هڪ شاخ مها ڪاليه وري ڪالي ديوي جي پوڄا ڪندا هئا، جنهن جي پٺي تي هاٿي جي کل رکيل هوندي هئي ۽ انساني کوپڙين جو تاج سندن مٿي تي رکيل هو. هر ڪنهن قسم جي قرباني جو رواج هو. پر ماڻهن جي قرباني منجهن عام هئي. جلهڪيا فرقي وارا پاڻيءَ جي پوڄا ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جو اعتقاد هو ته پاڻي زندگيءَ جو بنياد آهي ۽ سڀ جاندار ۽ انسان پاڻيءَ مان پيدا ٿيا اهن. اڪتاهوتريا باهه جي پوڄا ڪندا هئا، پر پنهنجي مڙدن کي ڪونه پوريندا هئا.(48)
آپگهات رستي پنهنجو پاڻ کي ناس ڪرڻ کي همٿايو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کي ئي نجات جي واٽ سمجهيو ويندو هو. آپگهات جو بهترين نمونو باهه جي رستي پاڻ کي ساڙڻ جو هو. ڇاڪاڻ ته باهه جي رستي ساڙڻ سان روح بلنديون اختيار ڪري ٿو ۽ خاڪي زندگي مان انهيءَ کي ڇوٽڪارو ملي ٿو. باهه جي رستي پاڻ کي ساڙڻ جا ڪيئن طريقا هئا. ڪي کڏون کوٽي، انهيءَ ۾ باهه ٻاري پاڻ کي ان ۾ اُڇلائيندا هئا يا ماڻهن کي چوندا هئا ته کين ڌڪو ڏين. ٻيا وري ڇيڻا گڏ ڪري وڏو ڍڳ ٺاهيندا هئا ۽ پاڻ انهيءَ جي وچ ۾ بيهي ان کي باهه ڏيندا هئا. اهي پنهنجي جاءِ تان ذرو به ڪونه چرندا هئا، جيستائين سڙي خاڪ نه ٿي وڃن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي مٿي تي کونئر ۽ سرس جو وڏو ڍڳ ٻڌي، پوءِ ان کي باهه ڏيندا هئا. ائين ڪرڻ ڪري سندن مغز ۽ اکيون وگهري ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ هو تڙپي مري ويندا هئا. ڪي ماڻهو زمين ۾ چرون کوٽي ان کي تيل، رنگ ۽ لوبان سان ڀري ان کي باهه ڏيندا هئا. جڏهن اهي چرون باهه ۽ تو جي ڪري ڳاڙهيون ٿي وينديون، تڏهن ڪيترائي ماڻهو گڏجي ان ۾ ٽپ ڏيندا هئا ۽ سڙي ڀسم ٿي ويندا هئا. ڪي وري وڏا پٿر باهه ۾ گرم ڪري پيٽ تي رکندا هئا، جنهن سبب سندن آنڊا وات ۽ ڳچيءَ مان ٻاهر نڪري ايندا هئا. اڃا به ڪي اهڙا هئا، جي درياء جي ڪپ تي باهين جا مچ ٻاريندا هئا، پوءِ هڪ ٽپ باهه ۾ ڏيندا هئا ۽ ٻيو ٽپ پاڻيءَ ۾ جيستائين مري نه وڃن. اهو به منجهن اعتقاد هو ته جيڪو ماڻهو باهه ۽ پاڻي جي وچ ۾ مري ويو ان کي مڪتي (نجات) حاصل نه ٿي سگهندي.(49)*
[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) فتوح البلدان، ص 441، چچ نامو، ص85، 86، 87.
(2) گزيٽير آف سنڌ (هيوز)، ص 23،24
(3) هيونتسيانگ، ڪتاب نمبر 4، ص 151.
(4) چچ نامو، ص 16.
(5) ايضاً، ص 19.
(6) ايضاً، ص 26.
(7) ايضاً، ص 15.
(8) ايضاً، ص 42.
(9) ايضاً، ص 17، 18، 19.
(10) ايضاً، ص 64، 65.
(11) ايضاً، ص 16.
(12) ايضاً، ص 204، 238.
(13) آئين اڪبري، ص 555.
(14) گزيٽير آف سنڌ (هيوز)، ص137.
(15) چچ نامو، ص 183.
(16) مروج الذهب، جلد 3، ص 17.
(17) ڪلاسيڪل ايج، ص 362.
(18) ڪلاسيڪل ايج، ص 363.
(19) ڪلاسيڪل ايج، ص 364.
(20) سلسلة التاريخ، ڪتاب پهريون، ص 54.
(21) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد 4، ص 12.
(22) ڪتاب الهند، ص 281.
(23) ويدڪ ايج، ص 388.
(24) المسالڪ والممالڪ (ابن خردازبه)، ص 71.
(25) ويديڪ ايج، ص 387.
(26) ايضاً، ص 387.
(27) چچ نامو، ص 207
(28) ڪلاسيڪل ايج، ص 571، 572
(29) فخر السودان، ص 81.
(30) سلسلة التاريخ، ڪتاب 3، ص 55.
(31) فخرالسودان، ص 81.
(32) سلسلة التاريخ، ڪتاب 3، ص 56.
(33) ڪتاب البلدان ص 12، سلسلة التاريخ، ڪتاب پهريون، ص 57.
(34) سلسة التاريخ، ڪتاب 2، ص 120.
(35) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد 4، ص 17.
(36) سلسلة التاريخ، ڪتاب 2، ص 81.
(37) ڪتاب الهند، ص 284.
(38) ڪتاب الهند، ص 283
(39) معجم البلدان، جلد 7، ص 137.
(40) ارلي هسٽري آف انڊيا (سمٿ)، ص 10
(41) امپيريل ايج (ڪنوج)، ص 215.
(42) الفهرست، ص 487.
(43) الفهرست، ص 488.
(44) الفهرست، ص 490.
(45) المسالڪ والممالڪ، ص 71، 72.
(46) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد4، ص 10.
(47) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد4، ص 19.
(48) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد4، ص 14.
(49) ڪتاب بدوالتاريخ، جلد4، ص16.
[b](هي مضمون ڪتاب ”سنڌ _ عرب دور“ صفحو 107 کان 132 ڇپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ تان کنيل آهي).[/b]