سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

تاريخ کان اڳ جو زمانو: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

[b]سنڌ جو جنم:
[/b]قديم سنڌ جي تاريخ منڍ کان وٺي پوري ريت سمجهڻ لاءِ هاڻوڪي سنڌ ۽ هاڻوڪو زمانو وساري، اُهو آڳاٽو وقت اکين اڳيان آڻيون، جنهن وقت سنڌ جي الهندي ڏي جبل چوٽيون ڪڍيو بيٺا هئا ۽ ٻيا پاسا، گهڻو ڪري سمورا، سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هئا.
سنڌ کي پاڻيءَ مان پر گهٽ ٿئي ڪئين جُڳ ٿي ويا آهن. انهيءَ قديم زماني جا ڪي ڪتاب موجود ڪينهن، ته به جيڪي صاحب ”ڀونءِ وگيان“ (ڌرتيءَ جي علم Geology) ۾ ڀڙ آهن، سي اِهي جڳن جون ڳالهيون به پرجهي پروڙي سگهن ٿا. انهن عالمن ڌرتيءَ جي بنهه تر واريءَ زمين کان وٺي ڌرتيءَ جو هڪ هڪ طبق يا تهه (Stratum) جاچي معلوم ڪيو آهي ته هر هڪ تهه ٺهڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳو هوندو. انهيءَ هر هڪ زماني تي علحدا علحدا نالا (Cambrian, Cretceous etc.) رکيا اٿن.
ڀونءِ و گياني (Geologists) چون ٿا، ته ”جيالاجيءَ“ جي ٽيئن زماني (Tertiary Age) ۾ سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو ڳچ ڀاڱو ”ٽيٿيا“ نالي سمنڊ (Tethya sea) هيٺ هو، جنهنجي ڇولين هماليه جبل کان وٺي ونڌيا جبل تائين ڇلڪا پئي ڏنا. ڪنهن وقت هماليه جبل طرف اهڙا خوفناڪ زلزلا ٿيا، جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي، ڏيهان ڏور ٿي ويو! ائين زمين ظاهر ٿي(1)، ته قدرت وري ٻيا ڪم ڪيا. وقت بوقت جيڪي ڇوها ۽ طوفان پئي لڳا، تن سبب واري ويئي پکڙندي، برساتين سبب زمين ويئي وهندي ۽ گرميءَ سبب ٽاڪ ٿيندي. هڪڙي پلر (برسات جي پاڻيءَ) جو پالوٽ ٿي، ٻيو ندين جو رَءُ ڌرتيءَ مٿان وقت بوقت چڙهيو، ته زمين وئي مٺي ٿيندي. انهيءَ ريت سڄي اتر هندستان جي رونق ئي ٻي ٿي پيئي. اڄ هندستان ۾ جدا جدا هنڌن تي طرح طرح جا نرمل نظارا نظر اچن ٿا. هماليه جبل جي برف سان ڇانيل چوٽين جو نظارو پنهنجو، ته ڪشمير طرف جي گلڪاري گلزار جو نمونو پنهنجو. اهڙيءَ ريت اتر هندستان کان وٺي ڏکڻ هندستان تائين ساوڪ سبزي چڱو چهچٽو لائي بيٺي آهي. هندستان جي زرخيز زمين مان پيدائشون به ايتريون ٿيون ٿين جو ٻيو ڪو به ملڪ ساڻس مشڪل مٽ پئجي سگهندو.(2) ڪن تاريخ نويسن ته هندستان کي بهشت جي برابر ڪري ليکيو آهي.(3)
هندستان کي ههڙو رونقدار ۽ ڀريو ڀاڳيو سندس ندين ڪيو آهي، جن مان سنڌو نهايت قديم آهي. عالمن ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيو، تنهن کان ئي اڳي سنڌوندي هئي! مطلب ته جيئن ٻار ڄمڻ کان اڳي ئي ڌڻي سندس لاءِ قوت تيار رکي ٿو، جو ماءُ جي ٿڻن ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ جي صوبي کي تاتي نپائي وڏي ڪرڻ لاءِ سڀر سنڌو اڳي ئي هتي حاضر هئي.(4) اڄ به اسان جيءَ جيوت جو گهڻو مدار انهيءَ سونهاري سنڌوءَ تي آهي، جنهن بنا اسان جو پرڳڻو جيڪر جنسي برپٽ ٿي پوي.
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
(شاهه)

[b]قديم سنڌ جا اصل رهاڪو:
[/b]سنڌ مان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته اول ڪهڙين قومن اُهي وارياسا پٽ اچي وسايا، سا سڌ پئجي نٿي سگهي. جنهن زماني (Teriary Age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿي هئي، تنهن زماني جي ماڻهن جا پنڊ (جسم) هن وقت تائين ڦري، پهڻ ٿي ويا آهن. ان وقت جي وڻن ٽڻن جو به اهو حال ٿيو آهي. اهي ٽئين جڳ وارا پنڊ پهڻ (Tertiary fossils) سنڌ ۾ زمين جي اندرين تهن مان ڪئين لڌا آهن. قديم سنڌ جا اصل رهاڪو اهي چئبا. پر هن حالت ۾ کين ڪو سڃاڻي به ڪونه سگهندو. عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي، ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندستان وسايو، سي هاڻوڪن سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه، تنهن بابت اسان کي پهريائين پڪ ڪانه هئي، پر پوءِ ڪن جون کوپڙيون سيوهڻ جي پريان لڌيون هيون.(5)
1922_ 1923ع ۾ ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپڙيون موئن جي دڙي مان به لڌيون، جا ڳالهه آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سرجان مارشل ڄاڻائي آهي. ائين هاڻ خاطري ٿي آهي ته اهي قديم لوڪ سنڌ ۾ به هئا، تنهنڪري قديم سنڌ جا اصل رهاڪو هاڻ اُهي ليکڻ گهرجن.

[b]ڪول ۽ سنٿال ڪٿان آيا:
[/b]جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ مان معلوم ٿي آهي ته قديم زماني ۾ جڏهن اتر هندستان گهڻو ڪري سمورو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو، تڏهن ڏکڻ هندستان وارو پاسو آفريقا، سلون (لنڪا) ۽ آسٽريليا سان خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هو، ۽ اُهو گهڻو اڳي پيدا ٿيو هو. هن وقت دور پورب ڏي انڊمان ٻيٽ ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن، پر انهيءَ پاسي هڪ وڏو پڪو کنڊ هو، جو هينئر پئسفڪ وڏي سمنڊ جي پيٽ ۾ سمايل آهي. انهيءَ غرق ٿيل کنڊ کي ”ليموريا“ (Lemuria) نالو ڏنو اٿن، ڇاڪاڻ ته ليمور (Lemur) نالي هڪ جانور جا هڏا انهيءَ سڄي ايراضيءَ مان (آفريقا کان وٺي آسٽريليا تائين) ججهي تعداد ۾ لڌا آهن. انهيءَ کنڊ جي کوجنا ويجهڙائي ۾ به پئي ڪيائون، پر هن وقت جرمنيءَ ۽ جاپان جي جنگين سبب بند ڪئي اٿن. انهيءَ کوجنا جا جيستائين نتيجا ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن، تيستائين اُن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي.
ٻولين جي کوجنائن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي، ته اهي قديم لوڪ اصل خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي، آسام ۽ بينگال ڏي آيا، ۽ پوءِ اتر هندستان ڏي وڌيا. هن وقت سندن اولاد وچ هندستان ڏي سنٿال پرڳڻن ڇوٽا ناگپور طرف رهي ٿو. هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال جيڪي ٻوليون ڳالهائين ٿا، تن جي نحوي بناوت اُنهن ٻولين جهڙي آهي، جي انڊو چئنا ۽ ملايا اُپٻيٽ کان وٺي آسٽريليا ۽ پالينيشا تائين ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو آهي، تنهنڪري ڪولن، سنٿالن وغيره جون ٻوليون آسٽريليا جي ٻولين جي خاندان (Austric family) جي هڪ شاخ ليکجن ٿيون. اهي حقيقتون سر گريئرسن پنهنجي ٺاهيل ڪتاب ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ (Linguistic Survey of India) جي جلد پهرئين، ڀاڱي پهرئين ۾ ڄاڻايون آهن.

[b]قديم سڀيتا جي شروعات:
[/b]سنڌ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ به ڪڇ جو رڻ ۽ ٿر ڏي ڪي صديون ساندهه سمنڊ هو. ڪراچي ضلعي ۽ حيدرآباد ضلعي واري لاڙ جا به ڪيترا ٽڪر ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ، ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ هئا، جن مان شاهه بندر، سجاول ۽ جهرڪن وارو ٿورو پاسو بنهه ويجهڙائيءَ ۾ پاڻيءَ مان نڪري پڌرو ٿيو آهي.(6) تاريخ کان اڳ جي زماني جون جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته شاهه بندر، ٺٽي ۽ جهرڪن واريون ٽڪريون، ڪوٽڙيءَ طرف وارو سورجاڻو جبل، حيدرآباد وارو گنجو ٽڪر ۽ رنيڪوٽ واريون ٽڪريون، يا ته ان وقت هيون ئي ڪين، يا جي هيون ته آسپاس پاڻيءَ هئڻ سبب، ٻيٽن وانگر بيٺيون هيون، جنهن ڪري سنڌ جي رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو اول وسيو هو. اهو ”قديم حجري زمانو“ يعني ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic or Old Stone Age) هو، جنهن ۾ زمين ڪيتري قدر برف سان ڇانيل هئي ۽ رڳو ڪي ڪي هنڌ ڇٽل هئا، جتي ماڻهو رهي سگهندا هئا. ان وقت ماڻهن کي اڃان گهرن جوڙڻ جو هنر ڪونه هو، تنهنڪري گرميءَ سرديءَ توڙي برسات کان پاڻ بچائڻ لاءِ الهندي طرف وارن جبلن ۽ ٽڪرن جي غارن ۾ رهندا هئا. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ جن وانڍن کي گهر نڪو گهاٽ آهي، سي غارن ۽ آڏن ۾ رهن ٿا. ان وقت ماڻهن کي کيتيءَ ڪرڻ جو هنر به ڪونه هو، جنهن ڪري ”ڏٿ“ (جهنگلي ان ۽ جهنگلي ميون وغيره) تي گذاريندا هئا. ڇاپرو ٻير، ليار، ڳانڱيون، گولاڙا، منگها ۽ ٻيون اهڙيو جهنگلي پيدائشون اڄ به ڪوهستان توڙي ٿر جي ماڻهن لاءِ وڏي وٿ آهن. انهن هنڌن جي ماڻهن اڄ تائين گهڻي ترقي ڪانه ڪئي آهي. جنهن ڪري اهي آڳاٽي ۾ آڳاٽا دستور اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
ماڻهن جا ڏند ڪٿائون ۽ ٻيون ڳالهيون جاچي، ڪيترن عالمن هيءَ راءِ ظاهر ڪئي آهي ته انسان پنهنجي ذاتي سڀاءٌ ڪري سانتيڪو پرسات کائيندڙ يا ڀاڄي خور (Vegetarian) آهي، پر اڳيون حالتون به ڌيان ۾ رکڻ گهرجن. ڪنهن وقت گهڻي برف پوڻ ڪري، يا برسات اصل نه پوڻ ڪري، وڻ ٽڻ سڙي ويندا، ته ڪابه پيدائش ٿي ڪانه سگهندي. اڄ به ٿر ۾ ڏسو ته جيڪڏهن ٻه ٽي مندون ساندهه مينهن جو ڦڙو به ڪونه وسندو آهي، ته وڻ ٽڻ سڀ سڙي سڪي ويندا آهن، چوپايو مال مکين وانگر مري ويندو آهي. بک وچان ماڻهن جا پيٽ پٺيءَ سان وڃي لڳندا آهن ۽ ٿر مان جنسي رت جي بانس پئي ايندي آهي! اهڙين حالتن ڪري ماڻهن مڇيءَ ماس کائڻ جي عادت پرائي.(7) پکين جو شڪار ڪرڻو هوندو هون، ته پٽ مان پٿر کڻي هڻندا هئن. منجهائن ڪو مرندو هو، ته سندس لاش جي مٿان پٿر وجهي ان کي ڍڪي ڇڏيندا هئا. مطلب ته اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ جو واهپو گهڻو هو، تنهن ڪري اهو قديم هجري زمانو سڏجي ٿو، جو عيسوي سن کان ڪئين هزار ورهيه اڳي شروع ٿيو هو.

[b]قديم سڀيتا جو مرڪز:
[/b]سنڌ ۾ هن وقت تائين آرڪيالاجيڪل کاتي وارن گهڻيون کوجنائون ڪونه ڪيون آهن، ته به جيڪي ٿوريون گهڻيون ڪيون اٿن، تن مان ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته انهيءَ قديم سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو. ميجر جنرل ڪننگهام ڄاڻايو آهي ته ”سيوهڻ نهايت سڻائي هنڌ، هڪ ڌار اُتاهين ٽڪري تي آهي، ۽ منڇر ڍنڍ بغل ۾ بيٺي اٿس، جنهن جو پاڻي اڳي سيوهڻ جي ڀتين تائين اچي پهچندو هو، جنهن ڪري پاڻيءَ ۽ کاڌي پيتي جي سهنج، سنڌ جي پهرين رهاڪن جو ڌيان ضرور اول انهيءَ طرف ڏي ڇڪيو هوندو.(8) مصنف جو به اهو ئي رايو آهي، ته سڄيءَ سنڌ مان اول سيوهڻ وارو پاسو وسيو هو. ان لاءِ سبب آهن:
موئن جي دڙي جي کوٽائي ٿيڻ کان گهڻو اڳي، انهيءَ قديم زماني جي ماڻهن جو کوپڙيون، سيوهڻ جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان لڌيون هيون. هيءَ حقيقت جيالاجيڪل کاتي وارن جي دفتر ۾ ڄاڻايل آهي.( 9)
”سيوهڻ“ نالو نهايت ئي آڳاٽو آهي ۽ انهيءَ جهڙو جهونو نالو ٻئي ڪنهن به شهر جو ڪونهي. اهو نالو يجرويد واري زماني ۾ ملي ٿو، تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر پوءِ ڪبو. هن وقت اسين انهيءَ کان گهڻو آڳاٽي وقت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري انهيءَ نهايت قديم وقت جا جيڪي احوال ملي سگهيا آهن، سي هتي ڄاڻائجن ٿا:
لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي پريان، ڪي غار لڌا اٿن، جي ٽڪرن مان ٽاڪيل آهن. انهن بابت رايو ظاهر ڪيو اٿن، ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. هن وقت انهن غارن مان ڪي وهٽن لاءِ وٿاڻ ٿي ڪم اچن ٿا. هاڻوڪي سيوهڻ اسٽيشن جي پريان ٽڪريءَ تي، انهيءَ قديم زماني جو هڪ غار آهي، جو ”ايڪ ٿنڀو“ يا ”هڪ ٿنڀو“ سڏجي ٿو. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪيو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو پناهه وٺندا هئا.
لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي نزديڪ، ڪيتريون قبرون لڌيون اٿن، جن بابت انهيءَ طرف جا مسلمان رهاڪو چون ٿا ته اهي آڳاٽن ”ڪافرن جون قبرون“ آهن. اهي قديم ماڻهن جون قبرون پندرهن ويهه فوٽ ڊگهيون، اٺ نو فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قديم زماني جون اڻ گهڙيل پٿر جون قبرون منگهي پير جي پريان شاهه بلاول(10) واريءَ واٽ تان، توڙي ڪراچيءَ کان جيڪو رستو ڪوٽڙيءَ ۽ سيوهڻ ڏي وڃي ٿو، تنهن شاهي سڙڪ تي آهن. انهن هنڌن جا مسلمان رهاڪو انهن کي به ”ڪافرن جون قبرون“ ڪوٺين ٿا. هندن ۾ به اڳي مردن پورڻ جو رواج هو. مردن ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. جو باهه ٻارڻ جو هنر ماڻهو پوءِ سکيا. هنن حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته هاڻوڪي حب ندي انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ به هئي، ۽ چوماسي ۾ برسات جو پاڻي جبلن تان لهي منجهس اچي پوندو هو، جنهن ڪري هن پاسي به پاڻيءَ جي سهنج ڪري ماڻهو رهي سگهيا ٿي، پر اها وري به بلوچستان جي حد ليکبي، تنهنڪري سنڌ جو وسيل پاسو رڳو سيوهڻ وارو طرف چئبو.
سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ جو ”فريئر هال“ سڏجي ٿو، تنهن سن 1851ع ۾ تاريخ کان اڳ واري زماني جي قبرن جو بيان رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ لکيو هو. مسٽر هينري ڪزنس، جو اڳي آرڪيالاجيڪل کاتي جو سپرنٽنڊنٽ هو ۽ سن 1910ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ميرپورخاص طرف ”ڪاهوءَ جو دڙو“ کوٽايو هئائين، تنهن پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ انهن قديم غارن ۽ قبرن جو احوال، سر بارٽل فريئر ۽ ٻين عالمن جي رپورٽن مان ڏنو آهي، جنهن جو مختصر مطلب اهو آهي، جو مٿي ڏنو ويو آهي.
هنن حقيقتن مان چڱيءَ پر سمجهڻ ۾ ايندو، ته قديم ۾ قديم سنڌين جا ماڳ جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻا هجن، ته سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن جي قطار، ۽ سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي طرف جا اهي هنڌ جي سنڌونديءَ ۽ الهندي ناري کي ويجها آهن، سي خاص ڪري سيوهڻ ۽ لڪيءَ وارو پاسو ڳولي، جو سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اتان ئي پوڻو آهي. آڳاٽن ماڻهن کي هن پاسي پاڻي آسانيءَ سان ملي سگهيو ٿي ۽ غارن ۾ رهڻ جو سهنج به هون، تنهنڪري اهو سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو سڀاويڪ طرح سنڌ جي سڀيتا جو پهريون گهر ٿيو.

[b]ڪولن جو وڌيڪ ذڪر:
[/b]ڪولن ۽ سنٿالن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪول“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڄڻو“ يا ”ماڻهو“ جيئن ويجهڙائيءَ ۾ مهاتما گانڌيءَ اڇوتن کي نالو ڏنو ”هريجن“ يعني هريءَ يا ڀڳوان جو جيو (People of God) تيئن ڪول لوڪ به سڏبا هئا. سندن اولاد ڪئين صديون سانده سڄي اتر هندستان ۾ هو، تنهنڪري هو آرين سان لهه وچڙ ۾ آيا هئا، ۽ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ به ”ڪول“ لفظ چالو ٿيو، پر معنيٰ ٿيس ”جهنگلي يا اڻسڌريل. هن مان ظاهر آهي ته آڳاٽن آرين ڪولن کي اڻ سڌريل حالت ۾، يا پاڻ کان گهڻو گهٽ ڏٺو هو، تنهنڪري ”ڪول“ لفظ جي اها معنيٰ ٿي.
ڪولن ۽ سنٿالن ۾ ڪي ”منڍ“ لوڪ به هئا، جن جو ذڪر مهاڀارت (پرو 6_2410) ۽ وايو پراڻ (14_123) ۾ آهي. انهيءَ سبب ڪولن، سنٿالن، منڊ لوڪن وغيره جون ٻوليون سندن نالن پٺيان ”ڪوليرين“ يا ”منڊا“ ٻوليون (Kolarian or Munda Languages) سڏجن ٿيون. سنسڪرت ۾ ”منڍ“ لفظ جي هڪڙي معنيٰ آهي ”گهٽ ذات وارو يا نيچ“ ۽ ٻي معنيٰ اٿس ”مڏو، جڏو يا ڪند فهم“، هن مان به ظاهر آهي، ته آڳاٽن آرين هنن قديم ڪولن کي پاڻ کان گهڻو گهٽ ٿي ڄاتو ۽ پنهنجي اصل نسل تي فخر هُئن، جنهن ڪري ”ڪول“ ۽ ”منڍ“ لفظن کي اهي اگُريون معنائون ڏنائون. اهي لوڪ آرين جي نسل مان نه هئا، تنهنڪري ”اڻ آريه“ سڏجڻ ۾ آيا. رفتي رفتي ”اڻ آريه“ لفظ جو اچار بگڙجي ٿيو ”اناڙي“ ۽ هينئر معنيٰ اٿس ”جهنگلي يا اڻ سڌريل“. انهن قديم لوڪن کي ”مليڇ“ به سڏيندا هئا، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”جنهن کي ٻولي (سنسڪرت) پوري ريت ڳالهائڻ نه اچي.“ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به آرين جهڙي نه هئي، تنهن ڪري ”مليڇ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”پليد“، وغيره هنن حقيقتن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون:
(1) آرين کي پنهنجي ٻولي تي گهڻو فخر هو.(11)
(2) ڪولن، سنٿالن ۽ منڊ لوڪن، آرين جي وقت تائين به ڪا گهڻي ترقي ڪانه ڪئي هئي. انهيءَ سبب سندن سڀيتا جا اهڃاڻ به هن وقت اهڙائي ملن ٿا، جن جا ٿورا مثال هي آهن:
• آڳاٽن ڪولن وغيره ۾ ڪي اهي به هئا، جي ”ڀيل“ سڏجن ٿا. اهي اڄ تائين سنڌ ۾، خاص ڪري ٿر ۾، گهڻا آهن. هاڻوڪا ڀيل کڻي راجپوتانا مان يا ٻين هنڌان ويجهڙائي ۾ آيا هجن، پر اصل انهن آڳاٽن لوڪن مان آهن. ڀيلن مان ڪيترا اڄ تائين شڪار ڪري قوت گذران ڪندا آهن، تنهنڪري ”پاراڌي“ (شڪاري) سڏجن ٿا. ڍاٽڪي ٻوليءَ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻوليءَ ۾ ڀيلن کي ”ٿوري“ به چوندا آهن.
تون لنگهائين لطيف چئي، ٿرن جا ٿوري
آهيان اجوري، تنهنجي جوريءَ، جبل جهاڳيان.
(شاهه)

هتي سسئي پنهنجي مسڪينيءَ ۽ نئڙت ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٿر جي ٿورين سان ڀيٽي، ڄاڻائي ٿي ته مان نيچن ۾ نيچ آهيان. ٿر جا سوڍا راجپوت، ڪرار (واپاري) ۽ ٻيا هندو ڀيلن کي اڇوتن جي دفعي ۾ ليکين ٿا.

• ڪولن جي ٻوليءَ جو هن وقت سنڌ ۾ نالو به ڪونهي، پر نشان آهن. مثلاً اسان جا ڪيترا هاري ناري ۽ ٻيا اڻ پڙهيل اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. اهي ”پنجاهه“ بدران چون ”اڍائي ڪوڙيون“ ۽”سٺ“ بدران چون ٽي ڪوڙيون يا ٽي ويهون“. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته، ”جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.“ آڳاٽن آرين جي انگن ڳڻڻ جو دستور ”ڏهائيءَ“ يعني ڏهاڪن جي ترتيب (Decimal system) تي ٻڌل هو، جنهن ڪري انگن، تي نالا ئي اهڙيءَ طرح رکيائون ۽ اسين اهي ساڳيا انگ، ٿوري ڦريل اُچار سان اڄ تائين ڪم پيا آڻيون. مثلا ٻارهن (اصل_ ٻاڏهن) معنيٰ ٻه ۽ ڏهه (12)، تيرهن (تيڏهن) معنيٰ ٽي ۽ ڏهه، ۽ چوڏهن معنيٰ چار ۽ ڏهه. اهو ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو دستور اول آڳاٽن آرين وڌو، جو يورپ ۽ ايران وارن به اختيار ڪيو.(13) آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج بلڪل سڀاويڪ ۽ نهايت سولو سهنجو آهي، تنهنڪري اڄ به اسين آڱرين تي ڳڻيون ٿا. ڀائنجي ٿو ته آڳاٽن آرين کي ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو خيال هٿن جي ڏهن آڱرين مان آيو. ڪولن ۽ سنٿالن شايد پيرن جون آڱريون به ٿي ڳڻيون، جنهن ڪري ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جي ترتيب (Vigesimal System) چالو ڪيائون ۽ اها هن وقت اسان کي کل جهڙي پيئي لڳي، جنهن ڪري اهو اڻ سڌريل ماڻهن جو رواج ڪري ليکيون ٿا. سر گريئرسن ڄاڻايو آهي ته اهو ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جو دستور ڪولن ۽ سنٿالن جو آهي، جو اتر هندستان جا اڻ پڙهيل ماڻهو اڄ تائين هلائيندا پيا اچن، ۽ خود ”ڪوڙي“ (Score) منڊا ٻولين جو لفظ آهي.(12)
• سنڌي ۾ آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا آهن_ مثلاً ڪتي جو آواز ”ڀنءُ ڀنءُ“ ٻليءَ جو آواز ”ميائو ميائو“ انهن کان سواءِ گهڻگهڻ، جهڻجهڻ، ٺاٺا، ٺڪ ٺڪ، ٺڪاٺوڪي ۽ ٻيا ڪيترا آوازن مان ٺهيل لفظ آهن. وچ هندستان جا هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال به ائين آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا ڪم آڻين ٿا. سندن ابن ڏاڏن جي ٻوليءَ جو اهو اثر آرين جي سنسڪرت تي ٿيو هجي ته عجب ڪونهي.
سندين ٻولين جو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو اثر ٿيو آهي، سا کوجنا ڪي عالم ڪن پيا، پر ايترو اڳي ئي ڄاڻايو اٿن، ته ڪول ۽ سنٿال گهڻو سڌريل ڪونه هئا.
• سنڌ ۾ هاري ناري ۽ ٻيا ڪيترا اڪثر رڳو پوتڙو هيٺان ڪري پنهنجي ڪرت ڪار ڪن ٿا. اهو اصل سنٿالن ۽ ڪولن جو جاري ڪيل رواج چوڻ ۾ اچي ٿو، جو وچ هندستان سندن اولاد اڄ تائين هلائيندو پيو اچي. ڀائنجي ٿو ته جڏهن ڪپڙن اُڻڻ جو رواج پيو، تڏهن انهن قديم لوڪن لانگوٽي ٻڌڻ ۽ پوتڙي ڍڪڻ جو رواج وڌو، جو پوءِ فقيرن ۽ ساڌن به اختيار ڪيو.
• منڇر ڍنڍ جا مهاڻا جنهن نموني جيئرا پکي جهليندا آهن، سو نمونو نهايت جهونو آهي. اُهي مهاڻا جڏهن ڍنڍ جا پکي جهلڻ ويندا آهن، تڏهن ڪي ترهي تي ترندا ويندا آهن. ترهي جي اڳيان پاٻوڙا (پٻڻ جا پن) وغيره اڳيان ٽنبي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري پريان ائين پيو ڀائنبو آهي، ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ پن ترندا پيا اچن. ڪي مهاڻا پٻڻ جي پنن مان ٽوپ ٺاهي، انهن سان مٿو ۽ منهن ڍڪيندا آهن. مهاڻا پاڻ پاڻيءَ اندر هوندا آهن، باقي رڳو پاٻوڙي سان ڍڪيل مٿو ٻاهر ڪڍندا آهن، انهن پنن مان ٺهيل ٽوپن ۾ ٻه ننڍڙا ٽنگ ڪندا آهن، ۽ انهن اکياڙين مان پکين ڏي پيا نهاريندا آهن. پکين جي ليکي ڪو پاٻوڙو لڙهندو پيو اچي، سو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پاڻيءَ تي ترندا آهن. وقتي ته پکي انهن پاٻوڙن جي آسپاس اچي ڪٺا ٿيندا آهن. اهو وجهه وٺي مهاڻا، پاڻيءَ مان هيٺان ئي هيٺان هٿ وجهي، پکين کي ڄنگهن کان جهلي، بلائتو ڪندا آهن. جيئرن پکين ڦاسائڻ جو اهو عجيب نمونو هيوز صاحب جي سنڌ گزيٽيئر موجب به نهايت قديم زماني جو آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو ۽ اهو جيئرن پکين جهلڻ جو نمونو رڳو منڇر طرف آهي، تنهن صورت ۾ ائين پيو سمجهجي، ته اهو آڳاٽو ڪولن وارو دستور آهي، جو منڇر جا مهاڻا اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
• ڪي مهاڻا آڙي ۽ ٻيا پکي (بدڪون وغيره) مڏن تيرن سان چٽيندا آهن، ته اهي پکي ساڻا ٿي ڪرندا آهن، جنهن ڪري انهن کي آسانيءَ سان جهليندا آهن. مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڪيترا مهاڻا هيئن ڪندا آهن، جو پاڻيءَ ۾ ڄار پکيڙي پوءِ ٿالهيون وڄائيندا آهن، ته انهيءَ آواز تي مڇيون ڊڄي ڀڄڻ لڳنديون آهن، ۽ ڪيتريون وڃي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن. هيءُ رواج خود پيا ڄاڻائين، ته ڏاڏي آدم جي ڏينهن جا آهن، جي منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن جا مهاڻا اڄ ڏينهن تائين هلائيندا پيا اچن، پر پاٻوڙن سان منهن ڍڪڻ جو رواج رڳو منڇر جي مهاڻن ۾ آهي. انهن مهاڻن جي ٻولي به اهڙي علحده آهي، جو ٻيو ڪو سنڌي سمجهي به ڪين سگهندو. جيئن انگريزن وٽ خلاصين جي ٻولي_ ئي پنهنجي آهي، تيئن سنڌ ۾ به ڪيترن ڪاسبين جي پنهنجي ٻولي آهي، پر منڇر جي مهاڻن جي ٻوليءَ جو نمونو ئي نرالو آهي. ڪراچي ضلعي جي مهاڻن ۽ ميربحرن جي ٻي هڪ نرالي ڳالهه آهي، جنهن پڻ چوکو ڌيان لهڻو.
• ڪراچي ضلعي ۾ شاهه بندر طرف ”ستاهه“ نالي واهه آهي، اُن جي پريان سنڌونديءَ جو هڪ ڀاڱو ”مگدو“ سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پاسي درياهه جو ڪنٺو اصل ”مگدو“ ذات جي ٻروچن وسايو هو. انهيءَ مگدي جي پريان سنڌونديءَ جو ٻيو ٿورو ڀاڱو ”پوپٽ ڪوٺبو هو. ”پوپٽ“ معنيٰ ”طوطو“ يا ”چتون“. اسان جي درياهه تي اهو نالو پيو ڪيئن؟ سنڌ بابت متفرقه احوال بمبئي سرڪار جي دفتر مان چونڊي، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايا اٿن، جن مان ٻئي ڀاڱي ۾ گهڻو ذڪر سنڌونديءَ ۽ ان جي ڦيرين گيرين جو آهي. سنڌونديءَ جي جدا جدا ڀاڱي تي اڳي جيڪي نالا رکيل هئا، تن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿن، ته سنڌونديءَ جي انهيءَ ڀاڱي تي ”پوپٽ“ نالو هن ڪري پيو، جو قديم زماني ۾ انهيءَ طرف جا ميربحر درياهه ۾ گهڙڻ مهل پنهنجي پير لاءِ هڪ پوپٽ (حتون) قرباني طور ڏيندا هئا.
سنڌ ۾ طوطن يا چتن جي قربانيءَ جو رواج نڪي هندن نڪي مسلمانن ۾ آهي، ڪولن ۽ سنٿالن بابت چون ٿا ته اهي آسٽريليا طرفان چين ولايت واري واٽ وٺي آيا هئا. آسٽريليا ۾ بک ڪڍڻ ۽ ٻلين چاڙهڻ جو رواج نڪو اڳي هو، نڪو هاڻي آهي. انهيءَ ساڳئي ڪتاب (بمبئي سرڪار واري دفتر) ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو رواج چين ولايت ۾ آهي.(13) جنهن صورت ۾ ڪولن ۽ سنٿالن بابت عالم چون ٿا ته اهي چين ولايت واري واٽ وٺي، هندستان آيا هئا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو چتن جي قربانيءَ جو رواج انهن لوڪن چين ولايت کان ايندي ڏٺو هو، جو سنڌ ۾ چالو ڪيائون ۽ سندن اولاد پوءِ به هلائيندو پئي آيو. هن وقت اهو رواج ڪونهي. هنن ڳالهين جي کوجنا اڄ تائين ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي. حال اسان ائين فرض ڪيو آهي، ته اهي رواج ڪولن ۽ سنٿالن واري زماني جا آهن، جو آرين وٽ اهڙا رواج هئا ئي ڪين.


[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) “Sindh is mainly a sea- born land.” (Prof. M.B. Pithawalla, Marvels of the Earth P. 51. Wadia. Geology of India P. 5 et Sep.)
(2) It (India) Has always appeared to the imagination of the Western World adorned with whaterver is most splendid and gorgeous: glittering, so it were, with gold and gems. And redolent of fragrant and delicious odours. Though there be in these magnificent conceptions something romantic and illusory, still India forms unquestionably one of the most remarkable regions that exist on the surface of the globe. The varied grandeur of its scenery and the rich productions of its soil are scarcely equalled in any other country. (Murray’s History of India, P.1)
(3) The Historian Abdullah Wassaf writing in the 14th century A.D. says of India in his history, Taziyat-ul- Amsar’. “India according to the concurrent opinion or all writers, is the most agreeable abode on the earth and the most pleasant quarter of the world. Its dust is purer than air and its air purer than purity itself. Its delightful plains resemble the garden of paradise. If it is asserted that paradise is in India, be not surprised, “because Paradise itself is not comparable to it” (Elliot’s history of India, Vol. III. PP. 28—29.)
(4) “It (the Indus) is an example of an antecedent drainage, having existed even before the great Himalyan up- heavals.” (Prof. Pithawala: Marvels of the Earth PP 56-57.)
(5) W.T. Blanford: Geology of Western Sind. (Memoirs of Geological survey. Vol. XVII. Part 1.)
(6) Major H.G. Raverty: (The Mihran of Sind and its Tricutaries PP. 317 & 468—69.)
(7) Rev E.O. James: Introduction to Anthropology, PP. 65—66
(8) Major General Cunnigham: Geography of Ancient India. PP. 264—266.
(9) W.T. Blanford: Geology of western Sind. (Memoirs of Geological Survey. Vol. XVII. Part 1). Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sind Page 6.
(9) شاهه بلاول ٻه آهن: هڪڙو سيوهڻ_ دادوءَ طرف ۽ ٻيو ڪراچيءَ کان اٽڪل ڇٽيهه ڪوهه پري لاهوت لامڪان کان ڏيڍ ڪوهه کن جي مفاصلي تي آهي. شاهه بلاول جي درگاهه پٻ جبل جي وچ ۾ آهي، تنهنڪري عام طرح”ڀٽ جو پهلوان“ سڏيندا اٿس. (مصنف)
(10) اهو فخر سڀاويڪ آهي. عربن کي به پنهنجيءَ فصيح زبان جو فخر هوندو هو. ايراني لوڪ وغيره سندن تابعي ٿيا، پر عربي پوريءَ طرح ڳالهائڻ نه ايندي هين، ته عربن کين سڏيو ”عجم“ يعني گنگا. (مصنف)
(11) Prof. Max Muller: India: What can it. Teach us?
(12) Sir Grierson: Linguistic Survey of India, Vol. 1, pp. 35 & 132.
(13) Ponat is derived from a tradition that in ancient times a parrot used to be sacrificed….. For a similar custom among the Chinese see ‘Barrow’s Travell’. (Selections from the Records of the Bombay Government. Part II.p. 428.)

(هي مضون ڪتاب ”قديم سند“ صفحو 41 کان 53 ڇپيندر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو تان کينل آهي).