سنڌو تهذيب جو عروج ۽ زوال: ايڇ ٽي لئمبرڪ
انهيءَ حقيقت جي ثبوت جو دارومدار ته اهو سمورو واپار ان دؤر ۾ سمنڊ رستي ۽ ٻن سرزمين جي وچ ۾ سڌيءَ طرح هلندڙ هو، گهڻي ڀاڱي هڪ اهڙي ملڪ جي سڃاڻپ تي آهي، جنهن کي ”سنڌو سلطنت“ جي هڪ سامونڊي ساحلي صوبي جي حيثيت سان قبولي سگهجي ٿو، جنهن جي سميريا جي قديم تحريرن ۾ ”ميلوها“ جي نالي سان بار بار ذڪر ٿيل آهي. هن سلسلي ۾ ان دؤر جو هڪ اهڙو ڪتبو موجود آهي، جنهن ۾ سارگن بادشاهه وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو ته:
”ميلوها، مَڪن ۽ دلِمُن کان آيل يا اوڏانهن وڃڻ وارا سامونڊي جهاز سندس گاديءَ واري شهر اگيد جي ٻاهران واقع بندرگاهه ۾ لنگرانداز آهن.“ پهرين نگاهه ۾ ئي انهيءَ بيان مان جيڪو هڪ ئي صحيح نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، سو اهو آهي ته اهي ڪي ڏورانهان ملڪ هئا. اهي تفصيل، جن مان انهن کي اعتماد جي حد تائين شناخت ڪري سگهي ٿو، سي سارگن جي زماني کان بعد وارن سالن جي وڏي تعداد ۾ هٿ آيل تحريرن ۾ موجود آهن، تنهن ڪري انهيءَ سڄي مسئلي تي هن قياس جي آڌار تي تاريخوار سلسلي سان وڏيءَ آسانيءَ سان غور ڪري سگهجي ٿو ته ميلوها هيٺئين سنڌو ملڪ يعني سنڌ سان تعلق رکي ٿو. (2)
مٿي ذڪر ڪيل سارگن بادشاهه جي دور واريءَ تحرير سان اهو واضح نٿو ٿئي ته مذڪوره جهاز ميسوپوٽيميا جا هئا يا ميلها ۽ ٻين ملڪن جا هئا. امڪان اهو آهي ته سمنڊ رستي واپار جي شروعات سمر کان ٿي. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو ئي قديم دنيا جا سڀني کان آڳاٽا سامونڊي ملاح معلوم ٿين ٿا. ايريڊو (Eridu) نالي شهر، جيڪو سميريا جي سڀني شهرن کان وڌيڪ قديم سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جي هڪ قبر مان، جيڪا ويجهي عبيد دؤر جي يعني اٽڪل 4000 ق. م. جي آهي، هڪ بادباني ٻيڙيءَ جو نمونو هٿ آيو آهي. جيڪو ڪافي ترقي يافته ۽ مضبوط صورت جو ۽ وڏن سمنڊن جي هلڻ لائق آهي. ان کان علاوي اُر دور جي قريبي سالن جون تحريرون ملاحن ۽ جهازن جي بيانن ۽ حوالن سان ڀريون پيون آهن. انهن ۾ سڙهه جي ڪپڙي جو ذڪر آهي. ايتري قدر جو اسان کي ملاحن(3) جي جماعتن جا نالا به معلوم ٿيا آهن، گنٽي وحشين جي حملي جي نتيجي ۾ سارگن گهراڻي جي بادشاهيءَ جي خاتمي کان ڪجهه سال پوءِ، انهن جي ليڱاش صوبي جي هڪ گورنر، جنهن جو نالو ’گُڊيا‘ هو. قيمتي سامان آڻڻ لاءِ پنهنجا جهاز ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪليا، ته جيئن انهيءَ سامان سان اي ني نُو جي تباهه ٿيل مندر کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي.
اسان کي هن ڳالهه لاءِ شڪرگذار هئڻ گهرجي جو گڊيا کي پنهنجي شان ۽ وقار رکڻ جو ڏاڍو خيال هو ۽ هن فيصلو ڪيو هو ته ايندڙ زماني جي ماڻهن کي سندس ڪارنامن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه ملي. هن پنهنجي پٺيان ڪيئي پنهنجا بت ڇڏيا، جن تي تحريرون اڪريل هيون ۽ انهن کان علاوه هن ڪيئي ڊگهيون تحريرون ڇڏيون، جن ۾ هن پنهنجين ڪارگذارين جا تفصيلوار بيان ڏنا آهن. اهڙين تحريرن منجهان هڪ گول ۽ ڊگهي پيلپائي تي اڪريل تحرير ۾ ديوتا ’ايني نُو‘ کي هيئن اعلان ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته، سندس (بحال ٿيل) مندر جي نالي جو پڙاڏو ”آسمان جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ ماگان ۽ ميلها(4) کان به پوڄارين کي اچڻ تي مجبور ڪندو.“ اهڙيءَ طرح، اسان کي وري به اهوئي قياس ڪرڻو پوي ٿو ته اهي ملڪ ليڱاش جي رهاڪوءَ لاءِ، انهيءَ وقت جي معلوم دنيا جي انتهائي ڏورانهن ملڪن منجهان هئا. ٽن ٻين سرزمينن جو ذڪر به ان تحرير ۾ ڪيل آهي. جن جا نالا ڪيماش، گؤبن ۽ دلِمُن آهن. ڪيماش سان، جيڪو ٽامي ۽ بظاهر سون جو پڻ برآمدي هنڌ هو، سو اتر الهندي اسيريا ۾ واقع ڪردستان جو شهر هو ۽ ان سان اسان جو هتي ڪو واسطو ڪونهي، هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته مال جا گهڻي کان گهڻا نمونا ميلوها کان ايندا هئا. Cornelian يا Porphyry سون جو ٻورو، ”اوشو“ نالي مشهور ڪاٺ سميت ڪاٺ جا ٻيا سڀ قسم ۽ سچا موتي اتان ايندا هئا. ماگان نالي ملڪ پڻ عمارتي ڪاٺ مهيا ڪندو هو ۽ اهو قيمتي پٿر پڻ اتان آيو هو، جنهن مان خود گڊيا جو پنهنجو مجسمو اڪيري ٺاهيو ويو هو ۽ گؤبن مان ڪاٺ جي هڪ ٻي جنس ايندي هئي، جيڪا پڻ اُڪر جي ڪم لاءِ موزون هوندي هئي.
گُڊيا اسان کي ٻڌائي ٿو ته، ميلوها ۽ ٻين ملڪن کان حاصل ڪيل ڪاٺ جهازن تي چاڙهيو ويندو هو ۽ ان طرح ليڱاش(5) پهچندو هو. ڪاٺ کي جهازن ذريعي آڻڻ جي ذڪر مان شايد هن کان سواءِ ٻيو مطلب نه هجي ته اهڙيءَ طرح سان ڀريل جهاز، ميلوها، ماگان ۽ گؤبن مان ڀرجي دلمن جي رتي ميسوپوٽيميا پهچندا هئا، جيڪو بندر شايد بحرين هو، جيڪو پاڻ عمارتي ڪاٺ جو ذريعو ڪونه هو. سُميريا جي هڪ اشلوڪ ۾، جيڪو ڪريمر نقل ڪيو آهي، جن شين لاءِ ميلوها مشهور هو، سي هيون ”قيمتي پٿر“ برآمد ڪندو هو ۽ ”سامونڊي، زمين“ وري ”آبنوس.... جيڪو بادشاهن جو زيور آهي.“ برآمد ڪندي هئي، ٻين تحريرن ۾ ڄاڻايل آهي ته ميلوها کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون تن ۾ سون، عاج، ۽ عاج مان ٺهيل يا عاج جي گلڪاريءَ واريون شيون جهڙوڪ عاج مان تراشيل ”ميلوها پکي“، ڦڻيون. آئينا، دٻليون ۽ سرايون شامل هيون اسان کي هڪ قيمتي پٿر مان تراشيل هڪ ڀولڙي، ڪنهن املهه ڪاٺ مان ٺاهيل پيالي ۽ هڪٻئي قيمتي ڪاٺ مان گهڙي ٺاهيل مناري بابت پڻ ٻڌايو ويو آهي.
هيءَ ڳالهه ذري گهٽ يقيني آهي ته ”اوشو“ ڪاٺ شيشم جو ڪاٺ ئي آهي، جنهن بابت اسان کي معلوم آهي ته اهو پهرين(6) صدي عيسويءَ جي دوران هندستان کان جهازن ۾ چاڙهي ايراني نار وارن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. شيشم جو وڻ ڪرمان جي ڪن حصن، مڪران، جهالاوان ۽ ان کان به وڌيڪ اتر ۾ مقامي طور پوکبو آهي ۽ جيتوڻيڪ ان جي اپر سنڌ ۾ اڄڪلهه جي موجودگيءَ کي، گذريل ٻن يا ٽن صدين کان وٺي باقاعده طور پوکڻ جو نتيجو سمجهيو وڃي ٿو، ان جي باوجود ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اهو وڻ شايد سنڌ جي انهيءَ حصي جي قدرتي خودرو وڻن مان هڪ هجي، جيئن اهو الهندي پنجاب جي خودرو وڻن ۾ يقيني طور شامل هو.
ڊاڪٽر ميلووان ماگان يا ماڪان واري ملڪ جي نشاندهي فارس ۽ ڪرمان ۾ ميلوها جي انهن ايراضين جي هڪدم اڀرندي پاسي يعني مڪران ۾ ڪري ٿو. هن جو دليل اهو آهي ته ٽامون، جنهن لاءِ ماکان يا ”کاڻين جو ملڪ“ مشهور هو، سو زاگروس جبلن مان ڪڍيو ويندو هو. پر ليمئنس ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ميسوپوٽيميا ۾ سارگن بادشاهن جي دور کان پوءِ وارن قديم عجائبات ۾ جيڪو ٽامون ڪم آندل آهي، اهڙي ساخت ڏيکاري ٿو، جيڪا اومان جي قديم کاڻين مان نڪتل ٽامي جي ساخت سان مطابقت رکي ٿي ۽ هو پروفيسر ايلرس جي هن راءِ کي پسند ڪري ٿو ته جنهن ملڪ کي سميريا وارا ماڪان نالي سان سڃاڻيندا هئا، سو ايراني نار جي سوڙهي سمنڊ جي ايراني يا عربي ڪناري مان ڪنهن به هڪ طرف هو ۽ ان جو نالو جديد ”مڪران“ جي نالي ۾ اڄ به موجود آهي.
مون کي مئلوون جي راءِ کان هيءَ سڃاڻپ وڌيڪ امڪاني نظر اچي ٿي. ٻئي طرف وري ”پيريپلس“ ان کي ٽيڪو ڏيندڙ ثابتي مهيا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪتاب جو مصنف جنهن ڏيساور کي ”اومان“ طور سڃاڻندو هو، سو نار(7) جي ايران واري ڪناري تي واقع هو. ان کان علاوه، انهيءَ انتظام جو هڪ آخري هلڪو نشان سن 1960ع تائين هن ڳالهه ۾ باقي رهندو آيو ته مڪران جو شهر گوادر انهيءَ سال کان اڳي عربستان رياست مسقط جي ماتحت هو. پوءِ انهيءَ قياس مان ته ماگان يا ماڪلان نالي وارو ملڪ مڪران هو، هيءَ يقيني نتيجو نڪري ٿو ته، ميلوها نالي وارو ملڪ سنڌ ئي هو. جنهن ۾ شايد لسٻيلو به شامل هو. هيءَ ڳالهه يقين جي حد تائين نه ٿي ڪري سگهجي ته سميريا جا ماڻهو جيڪي شيون ميلوها کان گهرائيندا هئا، سي سڀ جون سڀ ڪي سنڌ جي قدرتي پيداوار هيون. ممڪن آهي ته اوشو يا سيسو ۽ ٻين قسمن جو ڪاٺ هماليه جي دامن وارن جبلن کان سنڌو نديءَ رستي هيٺ موڪليو ويندو هوندو. هڪڙي تحرير مطابق، هڪ ٻي شيءِ، جيڪا ميلوها کان گهرائي ويندي هئي، سا هئي ”سامونڊي- ڪاٺ“.
آءٌ نٿو سمجهان ته هن باري ۾ ڪو گهڻو شڪ ٿي سگهندو ته ان جو مطلب Mangrove سان آهي، سنڌ ۾ ان جا جيڪي نمونا ”تمر“ ۽ ”چؤري“ (8) جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا، تن مان سخت ڪاٺ ملندو آهي ۽ اهو ٻيڙين جي ”گوڏن“ ۽ تاکين ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي، مئنگروو جا جهنگ سنڌو نديءَ جي ڪيٽيءَ وارين سامونڊي کارين ۽ ڪراچي بندر ۾ عام ڦهليل آهن ۽ اهڙيءَ ئي گهڻائيءَ سان لسٻيلي جي ڪناري تي مياڻي هوڙ ۽ ڪلمت هوڙ ۾ ڦهليا پيا آهن.
جيڪڏهن ماگان جي معنيٰ مڪران ۽ ميلوها جو مطلب سنڌ ۽ لسٻيلو آهي، ته پوءِ ”سامونڊي ملڪ“ جتان سميريا وارا آبنوس جو ڪاٺ حاصل ڪندا هئا، ڪهڙو ملڪ آهي؟ منهنجو خيال آهي ته اهو ”سنڌو سلطنت“ جو ڏاکڻون صوبو يعني گجرات هو. آبنوس جو ڪاٺ گازا (بڙ وچ، جيڪو ”سنڌو دؤر“ واري لڌل قديم سيهگام شهر جي ويجهو آهي) کان پهرين صدي عيسويءَ ۾ ايراني نار رستي جهازن وسيلي موڪليو ويندو هو. انهيءَ سرزمين ۽ ان جي پاسي وارن ٻين هندستان جي صوبن ۾ جيڪا مقامي جنس پوکي ويندي آهي، سا ”ڊيئوس پائروس ميلان آڪسيلان (Diospyros Melanoxylon) آهي، جنهن مان ڪارو منڊل؛ آبنوس(9) جي نالي وارو آرائشي ڪاٺ ملندو آهي. اهو ڏاڍو چمڪندو آهي ۽ ان کي سميريا وارن جي اشلوڪ ۾ بادشاهن جو زيور“ سڏيو ويو آهي، تنهن جو اهو بلڪل لائق آهي. باقي رهيل ڏورانهون ملڪ، جنهن سان گُڊيا واپار ڪندو هو، يعني گؤبن، سو شايد جديد ڪڇ يا سوارشٽر ٿي سگهي ٿو.
سُمر وارن جي ايراني نار جي ڏکڻ وارن ملڪن سان هليل واپار جي سلسلي ۾ دلمن نالي هڪ ملڪ جو ذڪر اڳيئي اچي چڪو آهي. اسان وٽ انهيءَ ملڪ جي جهازن بابت هڪ ڪتبي، ۾ جنهن لاءِ خيال آهي ته اهو 2450 سال ق. م. جو آهي، بلڪل واضح حوالو موجود آهي. سميريا جي شهري رياست ليگاش جي گورنر، آرنان شي، جنهن جو سارگن گهراڻي جي بادشاهن جي زماني کان اڳي ڏاڍو زور هو، پٿر جي هڪ تختيءَ تي هيءَ ڳالهه اڪرائي ڇڏي ته دلمن جا جهاز دور دراز ملڪن کان ڏانهنس عمارتي ڪاٺ کڻي پهچائيندا آهن. هن جي دعويٰ هئي ته اهو ڪاٺ ڏانهنس موڪليل ڏن هو. اٽڪل ٽي صديون پوءِ، ار جي ٽئين گهراڻي جي بانيءَ اُر- ناموءَ طرفان نصب ڪرايل هڪ شاهي ڪتبي ۾ ماگان جي جهازن جو حوالو ڏنل آهي. بادشاهه جي طرفان ماگان ڏانهن جهازن جي ”بحاليءَ“ جي اصلي معنيٰ واضح ناهي. پر اسان کي سميريا جي انهيءَ دؤر جي گهڻين ئي تحريرن مان اهو ضرور معلوم آهي ته اها صدي، جنهن جي دوران ۾ ”اُر“ ۾ ٽئين گهراڻي جي بادشاهن جي حڪومت قائم هئي.(10) ان ۾ ماگان۽ ميلوها نالي وارن ملڪن سان سندن تمام گهڻو ۽ تکو واپار هلندڙ هو. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته جنهن اشلوڪ ۾ دلمن تي برڪتن نازل ڪرڻ جي التجا ڪيل آهي، جنهن جو حوالو اسان اڳيئي ڏيئي چڪا آهيون، تنهن ۾ ميلوها نالي واري ملڪ کي التجا ڪيل آهي ته، اهو انهيءَ ملڪ لاءِ پنهنجي ”سيسو“ ڪاٺ کان علاوه ”خلاصي“ موڪلي. ساڳيءَ طرح ”ار جي عبادتگاهه“ وٽان به خاصين سان گڏ اناج، ترن جي تيل ۽ شاندار پوشاڪن جي گهر ڪئي ويئي آهي. (11)
سامونڊي سفر جي لائق ٻيڙين متعلق جيڪا پهرين پڪي ثابتي سنڌو تهذيب جي زير اقتدار ڪنهن علائقي مان ظاهر ٿي آهي، سا لوٿل مان هٿ لڳي، جيڪو شهر هاڻي ڪئمبي جي نار کان پري هٽيل آهي ۽ جيڪو انهيءَ ملڪ ۾ آهي، جنهن لاءِ مون اهو رايو پيش ڪيو آهي ته انهيءَ ملڪ کي سميريا وارا ”سمنڊ وارو ملڪ“ جي نالي سان سڃاڻيندا هئا. انهيءَ هنڌ تي هڪ وڏي گودي يا تانگهي پاڻيءَ واري کاري هئي، جنهن جو ڪنارو بٺن ۾ پڪل سرن سان ٺهيل هو ۽ جنهن جي ڊيگهه 710 فوٽ ۽ ويڪر 120 فوٽ هئي. انهيءَ ۾ جهاز فقط وڏيءَ وير مهل هڪ اهڙي رستي کان داخل ٿي سگهندا هئا، جيڪو ان جي اڀرندي طرف ٽيويهه فوٽ ويڪرو هو ۽ جتي ”پاڻيءَ جي روڪڻ واري ڀت وڃي چائنٺ جي اڳيان ڏنل ٻنوڙي جهڙي ٿي آهي ۽ جيڪا وير جي هر حالت دوران گوديءَ ۾ پاڻيءَ جي موزون سطح کي روڪي سهگي ٿي.“ پاڻيءَ جي سطح کي هڪ دروازي ۽ ڇنڊڻ جي ذريعي وڌيڪ هيٺ به ڪري سگهبو هو. ظاهر آهي ته جهازن ۾ مال چاڙهڻ يا انهن مان مال لاهڻ جو ڪم گوديءَ جي الهندي پاسي ٺهيل هڪ وڏي ٿلهي يا گهاٽ تان ڪيو ويندو هو. انهيءَ هنڌ تي ٺهيل لنگر ۽ بنيادن جا نشان ڏيکارين ٿا ته اتي ڪي ’گدام‘ هئا يا اهڙو ڪو اجهو هو، جنهن جي هيٺيان مال رکيو ويندو هو.
سامونڊي سرگرمين جي وڌيڪ ثابتي، لوٿل ۾ لڌل سامونڊي جانورن ۽ ٻيڙين جي تصويرن جي صورت ۾ به ملي آهي، جيڪي لنگرن، برتنن جي ٽڪرن ۽ بادباني ڪشتيءَ جي ڳاڙهي مٽيءَ مان ٺاهيل هڪ نموني تي رنگ ۽ روغن سان نڪتل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته، بندر جي گودي شهر جي زندگيءَ جي ٻئي دور ۾ تعمير ڪئي ويئي هئي ۽ اها چوٿين دور تائين استعمال ۾ ايندي رهي. (12) اهو سڄو دور اٽڪل روءِ 2100 سال قبل مسيح کان وٺي 1800 ق. م تائين، يعني ته سمير جي تاريخ جي لحاظ کان ٽئين گهراڻي جي سڄي دور ۾ ۽ ان کان پوءِ آيل لارس گهراڻي جي زماني تائين، هليل معلوم ٿئي ٿو. جيئن اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ صديءَ جنهن ۾ ”اُر“ جي ٽئين گهراڻي ڏکڻ ميسوپوٽيميا تي حڪمراني ڪئي، انهيءَ ملڪ ۽ سنڌو سلطنت جي درميان واپاري سرگرمين جو عروج ڏٺو. ميلوها جي پيداوار جو انهيءَ دور جي ڪاروباري تحريرن ۾ بار بار ذڪر ڪيل آهي ۽ اهو ذڪر نه فقط ڪچي مال جي شين جو آهي، پر انهن چيزن جو به آهي، جيڪي انهن مان ٺاهيون وينديون هيون. معلوم ٿئي ٿو ته عاج مان تراشيل ”ميلوها پکي“ انهيءَ ملڪ ۾ ڏاڍا مقبول هئا ۽ اندازو اهو آهي ته اهي پکي گهڻو ڪري مور هئا. اسان کي عاج جي هڪ جهنگلي ٻڪريءَ ۽ انساني شبيهه وارين پتلين، مرد خواهه عورت، ٻنهي جنسن بابت پڻ ٻڌايو ويو آهي ۽ هڪ ڀولڙي جي بوتي جو ڏس پڻ مليو آهي، جيڪو ڪنهن ٻيءَ شيءِ مان ٺهيل هو. انهن تحريرن ۾ نه فقط انتهائي قيمتي ”سيسو“ ڪاٺ جا حوالا موجود آهن، پر ساڳئي وقت ميلوها ٽامي، ميلوها آبنوس جو پڻ ذڪر ٿيل آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو ملڪ انهن شين جو پڻ واپار ڪندو هو. (13)
ان جي ابتڙ، آئسين- لارسا دور، جيڪو سال 2000 ق. م کان وٺي سال 1800 ق. م. تائين هليو، تنهن جي متعلق هن وقت تائين مليل اٺن سون کان به وڌيڪ ڪاروباري تحريرن مان ڪنهن هڪ ۾ به ميلوها يا ان جي مال جو ڪو سڌو سنئون حوالو نه ٿو ملي. فقط هڪ تختيءَ ۾، جنهن جو لارسا گهراڻي جي ٽئين بادشاهه، سومو-آئيلو، جي زماني سان تعلق آهي، اهڙين قيمتي شين جي فهرست لکيل آهي، جيڪي شايد اتان جون هجن، اهي شيون دلمن ڏانهن ڪيل هڪ سامونڊي سفر تان واپسيءَ ۾ آنديون ويون هيون.(14) ۽ ننگال جي مندر ۾ ديويءَ جي آستان تي نذراني طور پيش ڪيون ويون هيون. انهيءَ ۽ ساڳئي قسم جي ٻين شهادتن مان، جن جي نوعيت گهڻي قدر منفي آهي، هيءُ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته جتي سارگن بادشاهن جي زماني ۾ واپاري جهاز سُمر ۽ سنڌو سلطنت جي سامونڊي ڪناري وارن ملڪن جي درميان يڪو سفر ڪندا رهندا هئا، اتي ٽئين گهراڻي جي دور جا سميريا وارا واپاري جنهن انتهائي دور دراز ملڪ جو باقاعدي سفر ڪندا هئا. سو ماگان هو. ان کان پوءِ آئيسن-لارسا دؤر ۾ دلمن کان وڌيڪ پري ڪونه ويندا هئا. ائين پيو نظر اچي ته انهيءَ شهر ترقي ڪري، هڪ اهڙي تجارتي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي هئي، جو ”سنڌو“ ديس جا واپاري، ماگان وارا ۽ سميريا جا تاجر، جيڪي آئلڪ دلمن (يا جديد اصطلاح ۾ دلمن ورڪي) جي نالي سان مشهور هئا، انهن ملڪن جي ٺهيل مال جي ڏي وٺ لاءِ اتي وڃي گڏ ٿيندا هئا. ائين پيو ڀانئجي ته انهن ڏورانهين ڪاروباري سرگرمين لاءِ ئي هڪ خاص قسم جي مهر جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو، جيڪا گول شڪل جي هئي، اهي مهرون هاڻي ”ايراني نار واريون مهرون“ سڏجڻ لڳيون آهن.(15)سميريا جي هڪ تختيءَ تي، جنهن تي هڪ لارسا واري واپاريءَ طرفان هڪ معاهدو لکيل آهي، جنهن موجب هن کي ڪنهن ڏورانهينءَ منزل ڏانهن سمنڊ رستي ڪڻڪ، تر ۽ پشم برآمد ڪرڻي هئي، انهن مهرن منجهان هڪ اهڙي مهر جو ٺپو لڳل آهي، جيڪا ذري گهٽ انهيءَ ساڳيءَ قسم جي مهر آهي، جنهن جو هڪ نمونو لوٿل مان مليو آهي. پر انهن گول مهرن جو تمام گهڻو تعداد بحرين ۽ فيلڪا نالي هڪ ٻيٽ مان دستياب ٿيو آهي، جيڪو ٻيٽ (ايراني) نار (16) جي منهن وٽ بيٺل هو. دلمن جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ ۽ ان جي وسيع علائقن ۾ ڦهليل واپار تي فخر ۽ ناز جي احساس جو اظهار انهيءَ اشلوڪ ۾ ڪيل آهيل، جنهن جو ذڪر اڳيئي ڪيل آهي. واپار جي انهيءَ طريقي مان سمر کي پڻ فائدو ٿيندڙ نظر اچي ٿو. دراصل ووليءَ جو اهو قول آهي ته رَم- سِن جي زماني وارو اُر، جيتوڻيڪ تڏهن سمر جي حڪمران گهراڻي جي گاديءَ وارو هنڌ نه رهيو هو. پر ان جي باوجود اهو ”انهيءَ دؤر وارو شهر ٿي رهيو هو. پر سال 1783 ق. م. ڌاري رَم سِن جي ڊگهي حڪومت جو بابل جي بادشاهه حمورابيءَ جي هٿان زبردست خونريزيءَ سان اوچتو خاتمو آندو ويو. جنهن هن کي شڪست ڏيئي قيدي بنايو، سڄو سمر پنهنجي ماتحت آندو ۽ ”اُر“ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي، ڪيترين ئي صدين تائين، ميسوپوٽيميا جي ڪنهن به تحرير يا ڪتبي ۾، ايراني نار رستي واپار جو ڪوبه ذڪر نه ٿو ملي. بابل وارن جو پنهنجو واپار اڳيئي ڪن ٻين ملڪن سان ٿيندڙ هو. جنهن ڪري انهن ڪنهن زماني جي سمر وارين انتهائي طاقتور شهري رياستن جي آسودگيءَ ۽ خوشحاليءَ جي بحاليءَ کي پاڻ لاءِ خطرناڪ سمجهيو هوندو.
۽ ايراني نار جي اورئين پاسي وارن ملڪن سان ار وارن جي سابق تجارتي تعلقات جو ڇا ٿيو؟ لوٿل ۾ مليل شهادت مان جيڪو هي اندازو ٿئي ٿو، ته اتان جي عظيم سامونڊي گوديءَ جو استعمال 1800 سال ق. م. کان جلدي پوءِ ختم ٿي ويو، (ايراني) نار کان اورئين پاسي وارن ملڪن جي واپار جي اهڙي تباهيءَ ۽ تفرقي واري نظريي سان خوب ٺهڪي اچي ٿو. ار کان سواءِ دلمن بيڪار نظر ايندو هوندو.
بهرحال لوٿل محض هڪ سامونڊي بندر کان علاوه ٻيو به ڪجهه هو. ان کي پنهنجون صنعتون هيون، خصوصاً مڻڪن ٺاهڻ جون- اتان جو اهو ڪارخانو سنڌ ۾ چنهو دڙو جي هڪ ٻئي اهڙي ڪارخاني جي ياد تازي ڪري ٿو ۽ اهو شهر ذري گهٽ يقين جي حد تائين ضلعي يا صوبي جو مرڪزي شهر هو. ڇاڪاڻ ته شهر جي نقشي ۾ ”ڪوٽ“ جي رٿا ۽ نشان پڻ شامل آهن. اها جاءِ سنڌو لوڪن طرفان فتح ٿيل ڪانه هئي، بلڪ هنن ان جو پاڻ بنياد وڌو هو ۽ اتي موئن جي دڙي کان، انتهائي سهنجي رستي جي حساب سان، (وچ وارن انتهائي دشوار گذار بيابانن کان پاسو ڪندي) شايد پنج سؤ ميل پري، اسان کي سنڌو تهذيب جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتان جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. ساڳين ئي سڌين گهٽين سان اهائي مستطيلي جوڙجڪ، معياري ڊيگهه ۽ ويڪر واريون سرن جون جايون، پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالين جو ڄار، مقرر نموني جا اوزار ۽ هٿيار، مهرن وارا ”تعويذ“ جن تي ڏٺل وائٺل ”نڌو“ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اڪريل آهن، مخصوص شڪل شبيهه ۽ چٽن وارا ٺڪر جا ٿانءَ ۽ ”مٿئين شهر“ ۾ هڪ اهڙي جاءِ، جيڪا اناج جي ذخيري ڪرڻ لاءِ گدام وانگر لڳي ٿي، وغيره. مطلب ته اتي ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه ڏٺي وئي آهي، جيڪا سنڌ يا پنجاب جي شين جي نمونن سان مطابقت نه رکندڙ هجي. (17)
اهائي تمدني ۽ فني يڪسانيت آهي، جنهن کي گهڻي وقت کان وٺي، سنڌو تهذيب کي ٻين کان نمايان ۽ جدا ڪندڙ انتهائي لاجواب خصوصيت طور تسليم ڪيو ويو آهي. ان جي باوجود جڏهن به ان جو ڪو نئون مثال سنڌو ماٿريءَ جي ”بادشاهي شهر“ کان دور ۽ اڃا به وڌيڪ دور واقع ڪنهن علائقي مان ملندو تڏهن اهو وري نئين سر آثارقديمه جي ڳولائن لاءِ حيران ۽ متعجب ڪرڻ جو سامان مهيا ڪندو. ٺڪر جي ٿانون جي ساڳي شڪل، صورت ۽ مٿن نڪتل ساڳين چٽن ۽ تصويرن جو بار بار ۽ باقاعدگيءَ سان ايڏيءَ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڦهليل شهرن مان لڀڻ، ماڻهوءَ جي دل ۾ الهندي يورپ ۾ ”سامائين“ برتنن جي وسيع ايراضيءَ ۾ دريافت جو خيال پيدا ڪري ٿو. پر ان مان هي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته سنڌوءَ جا ٺڪر وارا ٿانو خود سنڌو سلطنت ۾ شامل ٿيل علائقي ۾ تقسيم ڪرڻ جي غرض سان ڪو وڏي پيماني تي ٺاهيا ويندا هئا.
مئڪي چوي ٿو ته: ٺڪر جي ٿانون جي جنس کي خيال ۾ آڻيندي، معلوم پيو ٿئي ته موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ تخليقي قوت جي انتهائي حد تائين ڪوتاهي ۽ ڪمي هئي.(18) پر حقيقت ۾ انهن وٽ تخليقي قوت جي شايد ايتريقدر ڪمي ڪانه هئي، جيتري اها دٻائي ويندي هئي يا ڄاڻي ٻجهي ان جي حوصله شڪني ڪئي ويندي هئي. يعني ائين کڻي چئجي ته سنڌو لوڪن جي ماتحت ايراضين مان هر ايراضيءَ ۾، انهيءَ ”صنعت“ جي فن ۽ مهارت جي نظم ۽ ضبط جو ڪو مرڪزي ادارو باقائدگيءَ سان ڪم هلائيندو هو ۽ سڄيءَ ”سلطنت“ ۾ هڪ مرڪز تان ٺڪر جي ٿانون جي تقسيم نه، بلڪ تربيت يافته ڪاريگرن جي تقسيم ٿيندي هئي. اهائي حالت ٽامي ۽ پتل جي اوزارن جي آهي. انهن اوزارن جا هر شهر ۾، جتان به اهي لڌا آهن، ساڳئي قسم ۽ ماپ جا نمونا ڪم ۾ آندل ڏنا ويا آهن ۽ هر هنڌ انهن جي هڪ ئي مقرر نمونن جي حد بندي رائج ملي آهي. اوزارن جي ٺاهڻ جي فن ۾ انهيءَ حيرت انگيز ۽ عجيب هڪ جهڙائيءَ جا به ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان کان علاوه عام استعمال ۾ ايندڙ سڀني قديم شين جي ساخت ۾ (هرن وارن ”تعويذن“ کان علاوه) فني ۽ حرفتي مهارت، پروفيسر پگٽ جي قول موجب: ڪڏهن به ”ماهرانه يڪرنگيءَ“ کان مٿي نٿي پهچي. اهڙيءَ يڪسانيت جو سبب هن قياس ڪرڻ سان نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ”سنڌو سلطنت“ جي دؤر ۾ سندن هر هڪ هنر ۽ فن جو نظام انهيءَ فن سان وابسته جماعت هلائيندي هئي.
ترڪيب ۽ فني طريقي ۾، زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان، جمود ۽ قدامت پسنديءَ کي، عام طرح سان ”سنڌو“ وارن ملڪن جي هنرن لاءِ مخصوص سمجهيو ويو آهي. اهو هن طرح جو انهيءَ تهذيب جي زندگيءَ جي سڄي دؤر ۾، جيڪو هن وقت تائين ڪيل کوٽائين مان ظاهر ٿيو آهي، ان جي ڪاريگرين ۽ هنرن ۾ ڪوبه قابل قدر واڌارو يا سڌارو ڪونه ٿيوآهي. گذريل چند سالن کان وٺي انهيءَ نظريي سان ڪجهه قدر اختلاف ڪيو ويو آهي. پر اِهو اُنهن خصوصيتن جي وڏيءَ اڪثريت متعلق صحيح آهي، جيڪي انتهائي حد تائين ذاتي ۽ خصوصي طرح سنڌو لوڪن جون آهن. بهرحال ڌاتن مان ٺهيل اوزارن توڙي ”سنڌو“ تحرير جي سلسلي ۾ نهايت آڳاٽن ۽ ويجهي کان ويجهي دؤر وارن نمونن ۾ ڪوبه فرق نظر نٿو اچي. سرجان مارشل جو بيان آهي ته، سندس طرفان موئن جي دڙي ۾ ڪيل تهن جي ورڇ ان جي اڏاوتي آثارن جي دؤرن سان واسطو رکي ٿي، ۽ نه مختلف تهن مان لڌل ”قديم شين“ جي نوعيت تي. ڇاڪاڻ ته ”عام طور انهيءَ قديم دؤر جي ننڍين کان ننڍين ۽ وڏين کان وڏين شين جي.. صورت نموني ۾ اهڙو ته مختصر ۽ ٿورڙو فرق ظاهر آهي، جو دڙي جي هڪ تهه مان لڌل شين کي ٻئي تهه مان لڌل شين کان جدا ۽ مُميز ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.“
انهيءَ باري ۾ وڌيڪ تبصرو ڪندي هن لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن موئن جي دڙي جي آباديءَ جو عرصو ڊگهو هجي ها ته، پوءِ جيڪا يڪسانيت هتي ڏٺي ويئي آهي، سا هوند ممڪن نه رهي ها.“ هن جيتري کوٽائي پاڻ ڪئي هئي، تنهن جو هن اهو اندازو لڳايو هو ته ان وڌ ۾ وڌ ۾ پنج سؤ سالن جي عرصي جي نمائندگي ٿئي ٿي. پر جنهن منزل تي هيءَ تهذيب اسان جي اڳيان ظاهر ٿئي ٿي، ان منزل تي اها اسان کي اڳي ئي پوريءَ طرح سان پنهنجي بلوغت کي پهتل نظر اچي ٿي ۽ انهيءَ ڪري اسين هي اندازو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته اها پنهنجي اوسر جو هڪ وڏو دؤر ان منزل کان اڳ ئي گذاري چڪي هئي.(19)
بهرحال هيءَ ڳالهه به ڪنهن ثابت ٿيل حد تائين پختي ڪانهي ته ڪن خاص حالتن ۾، هنرن ۽ ڪاريگرين جي طريقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڊگهي عرصي تائين ڪا تبديلي رونما نه ٿي ٿئي ته اها ڪا تبديلي رونما نه ٿي ٿئي ته اُها ڪا غير معمولي يا غير فطري ڳالهه آهي.
سر ليئو نارڊ ووليءَ ”تل اشنالالخ“ مان لڌل ٺڪر جي ٿانون ۾، هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دوران ساڳيءَ هڪ حيرت انگيز يڪسانيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.(20) اسين ان باري ۾ ڪهڙي به راءِ رکون ته آيا هنرن ۽ ڪاريگرين جي معيار ۾ ترقي ۽ واڌارو ڊگهي ۽ لاڳيتي انساني تهذيب جي عرصي جي هڪ قدرتي ۽ لازمي وصف آهي يا نه، بهرحال اسان کي اهو به جڳائي ٿو ته اسين سر مارٽيمر وهيلر جي هن بيان کي به خيال ۾ رکون ته، ”سنڌو لوڪن جي تمدن جي هن نام نهاد يڪسانيت کي وڌائي بيان ڪيو ويو آهي ۽ اها يڪسانيت جيتريقدر قديم دور جي ڪاريگرن جي جبلتي ۽ فطري قدامت پسنديءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. اوتريقدر اهو نتيجو اسان جي پنهنجي تحقيق ۽ تطبيق جي ناقص ۽ فرسوده طريقن جي ڪري پاڻ اخذ ڪيو ٿو ڀانئجي.“ ان جي باوجود، سر مارٽيمر پاڻ به اها شاهدي ڏئي ٿو ته، خصوصاً سنڌو لوڪن جي ٺڪر جي ٿانون جي ساخت ۾ ”سنڌو تهذيب جي پوين دورن ۾ فني معيار جي تنزل کي ظاهرظهور ڏسي سگهجي ٿو.“ مئڪي خود به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو هو ته، ٺڪر جي ٿانون جي چٽساليءَ جو، پوئين دورن جي ڀيٽ ۾، اوائلي دورن ۾ وڌيڪ عام رواج هو.(21) جيسين مهرن جو واسطو آهي، ته واٽس، هڙاپا جي انتهائي هيٺانهين سطحن مان مليل هڪ اهڙيءَ ننڍڙيءَ سهڻيءَ مهر ڏانهن توجه ڇڪايو آهي، جي ان جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ آهن ۽ اهي ڪاريگريءَ جي ڪنهن خاص معيار جون معلوم نه ٿي ٿيون. مطلب ته جيڪي به ٿوريون گهڻيون فن ۽ ڪاريگريءَ جون تبديليون نظر آيون آهن، سي اڪثر حالتن ۾ بهتريءَ بدران خرابيءَ ڏانهن لاڙو رکندڙ ڏٺيون ويون آهن. باقي جيستائين ميسوپوٽيميا وارن جي ساڳين مثالن جو معاملو آهي، ته انهيءَ سلسلي ۾ به ووليءَ سمر جي ڌاتو گرن جي فن ۾ آيل ”افسوسناڪ ابتريءَ“ ڏانهن ئي ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪا انهن ۾ اوئلي گهراڻي جي دور وارن اعليٰ درجي جي پتل جي پلٽيل اوزارن جي ڀيٽ ۾ اڪيڊيا واري زماني جي ٺاٺارن جي هٿان، بي ڍنگي طريقي سان مترڪن سان ڪٽيل سٽيل شين جي صورت ۾ آيل هئي. سميريا جي ٻين قديم دور وارين شين ۾ به هو انهن جي ”عقل ۽ ڪاريگريءَ ۾ آهستي آهستي آيل تنزل“ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن جي انهيءَ سلسلي ۾ اهائي راءِ آهي ته انهن جي ”ڪاريگريءَ جي ڄميل ۽ بيٺل طور طريقن سندن فن جي اصليت کي درجي بدرجي ختم ڪري ڇڏيو.“ (22)
اهي ڳالهيون اسان کي وري ڦيرائي گهيرائي انهيءَ ئي اصلوڪي خيال تي پهچائين ٿيون ته، سنڌو لوڪن جون مکيه صنعتي ۽ ڪاريگريءَ جون شيون هڪ سخت ۽ اڏول جماعتي نظام جي تحت هيون، ڇاڪاڻ ته اسان جو اهو خيال هن عام تصور سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿو ته سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ زندگيءَ جو نظام صدين تائين ڪن اهڙن حڪمرانن جي ضابطي هيٺ هلندڙ هو، جن جو سڄو اختيار ڪُلي تسليم ٿيل مذهبي قاعدن ۽ دستورن تحت هلندڙ هو. پروفيسر پگٽ جي لفظن ۾ ”ان جي پنهنجي روزمره جي ننڍين ننڍين ڳالهين کي به صدين تائين جيئن جو تيئن محفوظ رکڻ ۽ ان جي اهڙيءَ حيرت انگيز دستور پسنديءَ مان.... يقيناً هڪ اهڙي سماجي نظام جي نشاندهي ٿئي ٿي. جنهن ۾ ”مندر“ جي ناقابل تبديل روايتن کي وقت جي حڪمران جي ذاتي آرزوئن ۽ خواهشن کان وڌيڪ وڏي اهميت حاصل هئي.“ (23)
اهڙيءَ طرح جاين جي بار بار نئين سر ٺهڻ جي صورت ۾ به گهٽين جي اصلوڪين حدن جي باريڪيءَ سان ڪيل حفاظت، دستياب ٿيل بيشمار وٽن ۽ ڪوڙن وٽن جي ڪلي عدم موجودگي (جن سچن ۽ تُز وٽن جي آڌار تي انهيءَ زماني جي مروج تور ۽ ماپ جي اڪائيءَ ۽ ٻيڻ واڌو ڏهائيءَ جو نظام اخذ ڪيو ويو آهي)، گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ محنت ۽ سچائيءَ سان بنايل نظام کي صاف ڪرڻ جو معياري انتظام- اهي سڀ ڳالهيون هڪ خبردار ۽ قابل شهري انتظاميه جي نشاندهي ڪن ٿيون. ساڳيءَ طرح سان اناج جا وڏا وڏا گدام ۽ (هڙاپا ۾) انهن سان گڏ اناج کي ڪُٽي سٽي صاف ڪرڻ جا ٿلها ۽ ساڳئي وقت مزورن جي رهڻ لاءِ ٺهيل جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن جون ”ڊگهيون قطارون“، ملڪ جي زراعتي معيشت تي رياست جي ضابطي جو ثبوت پيش ڪري رهيون آهن ۽ انهيءَ حڪومت جي نوعيت جو عڪس موئن جي دڙي واري ڪوٽ تي تعمير ٿيل عمارتن مان پڻ ملي ٿو ۽ انهيءَ نوعيت جي تصديق، هڙاپا جي ساڳئي قسم جي ڪوٽ جي ڀت سان جلوسن ڏسڻ لاءِ ٺهيل ٿلهن مان پڻ ٿئي ٿي. ڇا، اهي ”بلند جايون“ ڪنهن اهڙي ”قومي“ سرپرست ديوتا جون ته نه هيون، جنهن جي نمائندگي وقت جي پروهت، راجا يا پروهتن جي پُشت مان پيدا ٿيل وارثن طرفان ڪئي ويندي هئي، جن جو انتظامي اوزار هڪ اهڙي باضابطه دفتري حڪومت هئي، جنهن جو بنيادي پاليسي اصول هيءُ هو ته، اها ئي ”بهتر ڄاڻي ٿي“ ته سنڌو ديس ۽ ان جي ماتحت علائقن ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ڀلائي ڇا ۾ هئي؟
اهو سخت ۽ اڏول نظام پنهنجي پوري جوڀن ۾ ڪيترو وقت هليو، سو ڪنهن به طرح سان واضح ڪونهي. جيئن ته اسين موئن جي دڙي ۽ چنهو دڙي جي هيٺانهن طبقن ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ سبب انهن گاديءَ وارن مکيه شهرن جي انتهائي اوائلي ۽ ابتدائي آبادين وارن حصن تائين نه ٿا پهچي سگهون ۽ جڏير جي دڙي ۽ نوهتو جي ڀرسان ڳاڙهي ڀڙي جي شهادتن جو به اڃا انتظار ئي ڪرڻوپوي ٿو، ان ڪري اسان کي نسبتاً ”ٻاهر ڀرين“ شهادتن تي ئي غور ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي سردست اسان وٽ موجود آهن، پوءِ انهن جو اصل حقيقتن جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾ في الحال قدر ۽ قيمت ڇا به هجي. سنڌو لوڪن جو لوٿل تي قبضو شايد ٽن صدين تائين هليو، جنهن کان پوءِ انهن جو ضابطو ختم ٿي ويو يا ڪنهن ٻئي تمدن واري اهڙيءَ قوم جي وڌندڙ اثر جي دٻاءَ کان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ هلڪو ٿيندي نظر اچي ٿو. جيڪا شايد انهيءَ علائقي جي اصلوڪن رهاڪن تي ئي مشتمل هئي ۽ جنهن پنهنجن پهرين حڪمرانن جي تمدن جون ڪجهه روايتون پنهنجي لاءِ انتظامي سهوليت طور کڻي اختيار ڪيون هيون. سنڌو لوڪن جي حڪمراني دؤر کان بعد واري دؤر سان واسطو رکندڙ هتان جي ارضي تهه مان لڌل شين جي ريڊيو- ڪاربان چڪاس مان ان دؤر جو اهڙو سال مليو آهي، جيڪو ار جي تباهيءَ واري سال کان ڪو گهڻو پوءِ جو نه آهي. راجستان جي ”ڪالي بنگن“ آثارن مان لڌل شين جي ساڳئي طريقي سان ڪيل چڪاس مان مليل سال پڻ ٻڌائين ٿا ته، سنڌو لوڪ انهيءِ کي به انهيءَ دؤر ۾ ترڪ ڪري ويا هئا، جيتوڻيڪ اها سرزمين ان زماني ۾، سامونڊي واپار جي ماٺائيءَ جي خطرناڪ اثر هيٺ به اڃا آيل ڪانه هئي. هن جاءِ تي پڻ سنڌو لوڪن جي حڪومت جو دؤر ٽن سؤ سالن تائين هليل نظر اچي ٿو.(24) اهڙيءَ طرح هيءُ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ”سنڌو سلطنت“ پنهنجي طاقت جي چوٽيءَ واري نڪتي تي سال 2150 قبل مسيح ڌاري پهتي هئي ۽ سال 1750 ق. م کان اڳي ئي انهيءَ نڪتي تان هٽڻ ۽ هيٺ لهڻ لڳي هئي.
جڏهن اسين گاديءَ واري شهر، موئن جي دڙي، طرف ڌيان ڪريون ٿا، تڏهن ائين پيو معلوم ٿئي ته جنهن زماني ۾ ار اڃا ترقيءَ جي اوج تي هو، تڏهن سنڌو تهذيب جو هيءُ شاهه شهر، اڳي ئي زوال پذير ٿي چڪو هو. نه فقط آباديءَ وارو سڀني کان مٿيون تَهه، بلڪه ان سان لڳو لڳ هيٺيون تَهه به، جيڪي ٻئي تَهه وقت جي لحاظ کان هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي جي نمائندگي ڪن ٿا، ان جي تنزل جا بيشمار ثبوت ظاهر ڪري رهيا آهن. اتفاق سان موئن جي دڙي ۾ ريڊيو ڪاربان طريقي سان اڳ ۾ ئي جسمي شين جي تحقيقات ڪئي ويئي. مثلاً سڙيل ڪڻڪ جي داڻن جي، جيڪي پوئين زماني واري آباديءَ جو سطح مان هٿ آيل هئا ۽ انهن جي چڪاس مان ڪڻڪ جي داڻن جي عمر بابت اهڙا سال مليا، جيڪي رمِ سِن(25) جي زوال وارن سالن سان ٺهڪي بيهن ٿا. جيتوڻيڪ اڪيلي هن تجربي تي اهڙي نتيجي لاءِ ڀروسو ڪرڻ اعتبار جوڳي ڳالهه ڪانهي، ان جي باوجود هن خيال لاءِ معقول سبب ملي ٿو، ته موئن جو دڙو سميريا جي ار واري دور کان پوءِ به قائم هو. پر انهيءَ زماني ۾ سنڌوءَ جو اهو شهر ابتريءَ واري دور ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي وجود کي جيئن تيئن ڪري محض گهلي رهيو هو. ان جي انهيءَ دور جي جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، اسان کي ڪجهه پٺتي نهاري، هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته هن شهر جي زندگيءَ تي طبعي حالات، خصوصاً سنڌونديءَ جي چال چلت جو، ان کان اڳين دؤرن ۾ ڪهڙيءَ طرح اثر انداز ٿيڻ جو امڪان هو.
موئن جي دڙي جي پوئين دؤر کان اڳ جي صدين- ڇهن يا ڪجهه وڌيڪ جي عرصي ۾، جنهن ۾ موئن جي دڙي جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهو شهر آسپاس واري ميدان کان درجي بدرجي اتانهون ٿيندو رهيو هو. کوٽائي ڪندڙن جي مختلف جماعتن منجهان سڀني کان اوائلي کوٽائي ڪندڙن آباديءَ وارن مختلف تهن جي چالهين فوٽن هيٺ تائين بلڪل سڌي سنئين کوٽائي ڪئي ۽ هيءَ ڳالهه حيرت انگيز معلوم ٿيندي ته ڊاڪٽر مئڪي طرفان چاليهن فوٽن جي اونهائيءَ وارن تهن جو وقت جي لحاظ کان پهريون اندازو فقط ٽي صديون هو ۽ هن شهر جي هن اوچائيءَ طرف اهڙيءَ تيز رفتاريءَ سان واڌ لاءِ ٻوڏن ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کي بنيادي سبب طور شمار ڪونه ٿي ڪيو. هن جي طرفان انهيءَ باري ۾ اصرار ڪيو ويو ته پڪين سرن سان اهڙيءَ آب و هوا ۾، جهڙي سنڌ جي اترئين حصي ۾ ملي ٿي. ڪنهن قسم جي ڊگهيءَ عمر کي منسوب ڪرڻ غلطي آهي. ”جن ماڻهن ٿوري ئي برسات پوڻ کان پوءِ، پڪين سرن کي ڪلر جي اثر کان ڀڄندي ڀُرندي ڏٺو آهي، سي انهيءَ ڳالهه کي فوري طور محسوس ڪندا ته هن حالت ۾ پاڻي ۽ گهم ڪيڏو وڏو نقصان ڪري سگهن ٿا.“ ان کان سواءِ ”گهرن مان گند ڪچري جي ڦٽي ڪرڻ، ڀتين ۽ ڇتين تان پاڻيءَ سان گپ چڪ جي ڳري هيٺ لهڻ.... ۽ هوا جي ذريعي دريائي چيڪلي مٽيءَ جي ذرن جي جمع ٿيڻ ڪري، شهر جي آباديءَ واري سڄي دور ۾، ان جي سطح ۾ مستقل طور آهستي آهستي واڌ ايندي رهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري جڏهن به گهرن جي فرش ۽ ٻاهرين گهٽين جي سطحن ۾ آيل فرق تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي ٿيو، تڏهن ڀتين، فرشن ۽ ڇتين جي سطح کي مٿي ڪرڻ ضرور ٿي پيو.“
سرليئو نارڊر وولي ڏاڍيءَ وضاحت سان ڏيکاري ٿو ته، ڪيئن نه ار شهر ۾ به جاين جون سطحون، سيلاب جي سبب کان اثر پذير ٿيڻ کان سواءِ ئي، مستقل طور ساڳئي اهڙي ئي طريقي سان مٿي چڙهنديون ٿي رهيون.(26)
موئن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري سيلابي ميدان جي سطح سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ سان گڏ ايندڙ ريٽ جي مخصوص عمل جي ڪري پڻ درجي بدرجي مٿي چڙهندي رهي هوندي. جيتوڻيڪ ميداني علائقي جي سطح جي چاڙهه جي رفتار، شهر جي سطح ۾ ايندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر گهٽ هوندي. اسان کي اهو معلوم ناهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌو نديءَ جو وهڪرو ڪهڙو هو ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها هڪ ئي شاخ جي صورت ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڇڙندي هئي يا موئن جي دڙي کان ڪجهه مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان کان سواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دؤر ۾ ستلج ندي، هاڪڙا نار ۾ وڃي پوندي هئي ۽ نه سنڌو نديءَ ۾. جيسين سنڌو نديءَ جو واسطو آهي ته، انهيءَ نديءَ گذريل ٻن هزار سالن جي دوران سنڌ مان جيڪي وهڪرا ڦيرايا آهن، تن جي ثابتين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي ٻن شاخن واري صورت انهيءَ مدت جي ٻه ڀاڱي ٽئين حصي جي دوران قائم رهي، جنهن کان پوءِ ست صديون اها ندي هڪ ئي يِڪي وهڪري جي صورت ۾ وهي، سمنڊ ۾ چڙهڻ کان ٿورو اڳي، وڃي هڪ ننڍڙي ڪيٽي ٺاهيندي(27) هئي. اهو ممڪن آهي ته سنڌو ندي پنهنجي هيٺانهين حصي ۾، اڳي پڻ تمام گهڻيءَ مدت جي دوران هڪ ئي وهڪري رستي يا ورهائجي ٻن شاخن ۾ وهڻ جو نمونو واري وٽيءَ سان اختيار ڪندي رهي آهي.
سنڌو لوڪن لاءِ هڪ ئي اهڙيءَ نديءَ جي اٿل واري حد اندر شهر جو بنياد ٻڌڻ جي ڀيٽ ۾ جيڪا پنهنجي پاڻيءَ جي سڄي مقدار ۽ ريٽ کي کڻي سڄيءَ سنڌ مان گذري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، درياءَ جي ٻن وڏين شاخن مان ڪهڙيءَ به هڪ جي ويجهڙائيءَ ۾ بنياد وجهڻ گهٽ خطري وارو هو ۽ جڏهن سنڌو ندي هڪ ئي وهڪري جي صورت ۾ موئن جي دڙي جي پاسي کان وهندڙ هجي ها، يا جڏهن اها پنهنجي پاڻيءَ ۽ ريٽ جو سمورو يا گهڻو مقدار انهيءَ هڪ شاخ وچان ڌڪي سمنڊ تائين پهچائيندڙ هجي ها، جنهن جي قريب اهو شهر ٻڌل هو، ته پوءِ ڪيئي سال لنگهي سگهيا ٿي، جو پاڻيءَ جي ڪا تمام وڏي اٿل ٿي سگهي ها ۽ ان جي نتيجي ۾ گهڻي مقدار ۾ ريٽ جي جمع ٿيڻ جي توقع ڪري سگهجي ها.
سر ڪلاڊ انگليز، جيڪو سنڌو نديءَ جي معاملات جي متعلق اعليٰ ترين اختياري آهي، انهيءَ سيلابي ميدان جي تمام وڏي ۽ دور تائين ڦهليل علائقي ۾ درياءَ جي انهيءَ عمل ذريعي سطح ۾ ايندڙ سراسري چاڙهه جو تخمينو هڪ صديءَ پٺيان ست انچ لڳايو آهي، پر سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ شاخ (يڪي هڪ وهڪري واريءَ) جي آسپاس ۽ ويجهڙائيءَ واري ميدان جي صورت ۾ اها سراسري ”هڪ سؤ سالن ۾ هڪ فوٽ جيتري“ هجي ها. بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، هن انهيءَ تخميني لڳائڻ ۾ ستلج نديءَ جي اهڙي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار کي ڌيان ۾ رکيو آهي. اسان کي هن هنڌ سر جان مارشل جي هن راءِ کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته، ”جنهن رفتار سان درياءَ جو ريٽ ڄمندو ۽ گڏ ٿيندو رهيو، اهو (موجوده رفتار جي بنياد) ڪافي وڌيڪ ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته، سنڌو ندي هڪ سست رفتار سان وهندڙ درياءَ آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي پيٽ ۾ ريٽ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان گڏ ٿيندو(28) رهي ٿو.“ يقيناً، جيڪڏهن ڊاڪٽر ڊيل جي کوٽاين دوران جيڪي 64-1965ع ۾ موئن جي دڙي ۾ ڪيون ويون، شهر جي آباديءَ واري سطح جي گند ڪچري جا ذرا پرزا ايتريقدر گهڻيءَ اوناهيءَ مان ٻاهر ڪڍيا ويا، جيڪا موئن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري ميدان جي مٿاڇري کان اوڻيتاليهه فوٽ هيٺ هئي، ته پوءِ ماڻهوءَ کي هي نتيجو ڪڍڻو پوندو ته يا درياءَ جي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار انتهائي تيز هئي يا انهيءَ سرزمين تي ماڻهن جي آبادي انهيءَ زماني کان گهڻو اڳي ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ عام طرح سان سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جي ظهور ۾ اچڻ متعلق عقيدو رکيو وڃي ٿو. هن هنڌ تي سر جان مارشل طرفان ڏنل هڪ ٻيءَ راءِ کي جاءِ ڏيڻ موزون ٿيندو.... ”مجموعي طور انهيءَ سڄي مسئلي تي غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته، سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب درياءَ جي ڪپن تي انهيءَ زماني کان ڪيئي صديون اڳ وجود ۾ اچي چڪي هوندي، جڏهن اها پوءِ اسان جي ڄاڻ ۾ آئي آهي، ڪيترو اڳي، تنهن بابت ماڻهو فقط اندازو ئي ڪري سگهي ٿو، پر ائين چوڻ معقول ۽ مناسب ٿيندو ته اهڙي نتيجي جي ظهور پذير ٿيڻ لاءِ هڪ هزار سال به تمام گهٽ عرصو شمار ڪري سگهجي ٿو.(29)“
ڊاڪٽر ڊيل جي تحقيقات کان اڳ، ميدان جي مٿاڇري کان هيٺ، اونهي ۾ اونها هنڌ، جن تي کليل کوٽائين ذريعي آباديءَ جا آثار ظاهر ٿيا هئا، سي سن 1932ع ۾ چوويهه فوٽ ۽ سن 1950ع ۾ ڇويهه فوٽ هيٺ هئا. ٻنهي حالتن ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ وڌيڪ هيٺ کوٽائي ڪرڻ جو رستو روڪي ڇڏيو. انهن هنڌن تي آباديءَ جون اهڙيون سطحون انهيءَ ٿلهي ۽ اڻ ٽٽل پٽي کان گهڻو هيٺ موجود هيون، جيڪي مارشل ۽ مئڪي طرفان ”اوائلي دور“ جي نالي سان سڏيون ويون آهن. انهيءَ انتهائي اونهي نقطي کان، جتان سڃاڻپ ۾ اچي سگهندڙ شيون، جهڙوڪ ڪچيون سرون، هٿ آيون آهن، هيٺئين مفاصلي کي حساب ۾ آڻڻ سان، انهن سطحن جي قدامت کي 2400-2500 ق. م. کان وڌيڪ دور نه ٿو رکي سگهجي. اسين البته اهو فرض ڪري نٿا سگهون ته اهي نقطا انهيءَ زماني جي آسپاس واري ٻاهرئين ميدان جي عام سطح سن مطابقت رکن ٿا. جيڪڏهن ائين هجي ها ته چوئيتالهين صدين جي دوران مٿاڇري جي ڇويهن فوٽن تائين مٿي چڙهڻ واري عمل جي سراسري رفتار ست انچ في صديءَ جي حساب سان ٿي هوندي. ممڪن آهي ته اها رفتار ڪجهه وڌيڪ تڪڙي هجي. هيٺئين شهر ۾، ”ڊي-ڪي“ دڙو، جتي اهي تحقيقي ڪارروايون ڪيون ويون هيون، سنڌو لوڪن جي آباديءَ جي اوچي کان اوچي سطح، انهيءَ نقطي کان، جتي سن 1932ع ۾ ڪيل کوٽائين ۾ ماڻهو پهتا هئا، اٽڪل ڇائيتاليهه فوٽ مٿي بيٺل آهي. انهيءَ هنڌ جي آسپاس ڪيل کوٽاين ۾ ٻن هنڌن تي ”مئڪي“ کي ڊٺل جاين ۽ ڀتين جون وڏي مقدار ۾ نشانيون نظر آيون، جن کي هن انهيءَ پڪي پختي شهر جي زندگيءَ جي ٻن مختلف دؤرن ۾ آيل غير معمولي ٻوڏ جي اثرات سان تعبير ڪيو. اڏاوتن جي اها ڊاهه ڊوهه مئڪي انهن ٻنهي سطحن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇڏيل ريٽ جي موجودگيءَ جو بيان نه ڪيو آهي. ڏهن فوٽن جي عُمق واري مفاصلي تي موجود ٻن مختلف مٿاڇرن تي ٿيل آهي. انهن ٻنهي سطحن جي ”درمياني“ وقفي کي، جيڪو ٿلهي ليکي ٽن دورن تي مشتمل آهي. موئن جي دڙي جو ”انتهائي ترقيءَ ۽ نهايت خوشحاليءَ آسودگيءَ وارو دور“ چئجي ٿو.(30) ميسوپوٽيميا واريءَ هن شهادت مان، ته اهو دور ”اُر“ واري ٽئين گهراڻي جي ابتدا ۽ ”لارسا“ سور جي اختتام جي وچ تي آيو هو، جنهن جو اسان اڳيئي ذڪر ڪري آيا آهيون، اهو نتيجو اخذ ڪرڻ صحيح معلوم ٿئي ٿو. اسين جيڪڏهن 2050 کان 2850 ق. م تائين ٻن صدين جو عرصو فرض ڪري وٺنداسون ته اسين اصل حقيقت جي گهڻو قريب نه ته ان کان گهڻو پري به نٿا ٿي سگهون ۽ انهيءَ دؤر ۾ جاين جون سطحون هڪ سؤ سالن جي پٺيان اٽڪل پنجن فوٽن جي حساب سان مٿي چڙهيون هونديون.
مئڪي کي شهر جي اندرين حدن ۾ پنهنجي ڪيل کوٽاين مان جيڪي شهادتون هٿ آيون تن کي هن پسگردائيءَ واري ميدان ۾ جدا جدا هنڌن تي کوٽايل کاهين مان دستياب ٿيل شين سان ملائي نتيجن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جاين مان ٻن ۾، جن مان هڪ جاءِ ”ڊي- ڪي دڙي“ جي اترينءَ ڪنڊ جي ويجهڙائيءَ ۾ هئي ۽ ٻي جاءِ ”اسٽوپا“ دڙي جي ڏاکڻينءَ ڪنڊ وٽ هئي، هن کي ڳريل ۽ ڀريل سرن جي ٻن تهن جي وچ ۾ وارياسي مٽيءَ جو هڪ تهه نظر آيو ۽ سرن واري تهه جي هيٺئين طرف وري کيس سخت مٽيءَ جو هڪ تهه مليو. انهن جي آڌار تي هو هنن نتيجن تي پهچي ٿو ته مٽيءَ جو مٿانهون ۽ تراکڙو تهه انهيءَ ساڳئي سيلاب جي نتيجي ۾ پاڻيءَ مان آٺرجي ڄميو آهي، جيڪو شهر جي اوج واري زماني ۾ آيو هو ۽ هيٺانهون ۽ وڌيڪ اونهو چيڪي مٽيءَ وارو سخت تهه شهر جي انهيءَ دؤر کان اڳ ۾ آيل ڪنهن اوائلي سيلاب جي تباهيءَ جي نشاندهي(31) ڪري ٿو. آٺرجي هيٺ ويٺل انهن ٻن جدا جدا تهن کي، مئڪي جي آرضي سطح جي ماپ جي بنيادي انگ سان ڀيٽيندي، ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ٻن تهن مان پهريون تهه ميدان جي موجوده سطح کان ڪي ڏهه فوٽ مٿي آهي ۽ هيٺيون تهه انهيءَ سطح جي لڳ ڀڳ سنوت تي واقع آهي، وري ٻاهرئين ميدان جي انهن ٻنهي متبادل تهن جون سطحون ان جي موجوده سطح کان هيٺ ترتيبوار هڪ کان ٽن فوٽن ۽ ڇهن ۽ ستن فوٽن جي درميان موجود ڏٺيون ويون. جيڪڏهن انتهائي محتاط حساب لڳايو وڃي، ته ميدان جو مٿاڇرو سراسري طور هڪ صديءَ جي پويان ست انچ مٿي چڙهيو آهي، ته پوءِ ائين نظر ايندو ته مئڪي وارين کاهين ۾ جن سيلابن وارياسي مٽيءَ جا اهي تهه ٺاهيا هوندا، سي ڪن مناسب صدين جي وڇوٽيءَ سان، خود عيسوي سن جي شروع کان پوءِ ئي آيا هوندا. مئڪي، شهر جي مٿي چڙهندڙ سطحن ۽ ٻاهر ميدان جي قدرتي چاڙهه جي وچ ۾ نسبتي تعلق ڏيکارڻ جي ڪوشس ۾، هن ڳالهه جو خيال ئي نه رکيو آهي ته موئن جي دڙي جي اوج واري زماني ۽ ان جي آخري دورن ۾ ڪيتريقدر نه وڏي ناموافقت هوندي.
بهرحال هو پاڻئي اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته، ”جيئن ته شهر کان ٻاهرئين ميدان جي سطح شهر جي گهٽين جي سطح کان ڪافي حد تائين هيٺ هوندي، ان ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ جو، سواءِ ڪنهن وڏيءَ ٻوڏ جي، گهٽين ۾ اندر داخل ٿيڻ مشڪل هوندو. پر سيلابن جو عمارتن تي، سم جي صورت ۾، جيڪو خطرناڪ اثر ٿي رهيو هو، تنهن جو ثبوت اسان کي کوٽاين مان مليل ڀڳل ٽٽل سرن جا هيٺ ڄميل تهه آهن. شهر جي تاريخ جي وچولي ٽئين دور وارين ڀتين کي پاڻيءَ مان آٺرجي هيٺ ويٺل مٽيءَ کان پڻ زبردست نقصان پهتو آهي ۽ انهيءَ دور جو اختتام پاڻيءَ جي سيمي سبب دڙي جي حد کان زياده آلي ٿي وڃڻ ڪري آيو. اها حقيقت هن مان ثابت آهي ته شهر جي رستن جي پاسن کان ٺهيل ٿلهن جهڙيون هلڪيون اڏاوتون به ويهي رهيون آهن.“
هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته کوٽائي ڪندڙن طرفان ”دريائي ريٽ جي انهن ٽن ٿلهن تهن بابت، جيڪي کيس ”ڊي-ڪي“ دڙي جي مرڪزي حصي ۾ جدا جدا تَهن تي مليا.“(32) هڪ لفظ به نه چيو ويو آهي. اهڙو هڪ ئي مثال، جيڪو مون کي نظر اچي ٿو ۽ جيڪو مئڪي کي شهر جي ”آباديءَ واري حصي جي اندر“ کوٽائي ڪندي سامهون آيو، سو هڪ تمام اوائلي تهه ۾ هو، جيڪو سندس سطحي ماپ جي بنيادي انگ کان پنجٽيهه فوٽ هيٺ ۽ ٻاهرئين سيلابي ميدان جي جديد سطح کان چوڏهن فوٽ هيٺ هو. هو چوي ٿو ته، ”انهيءَ بنيادي سطح کان هيٺ سخت مٽيءَ جي تهه ۾ ڪٿي ڪٿي خاڪي رنگ جي واريءَ جي موجودگي ان دور ۾ اتي سيلاب اچڻ جو واضح ثبوت آهي.“(33) انهيءَ سخت مٽيءَ جي تهه مان ڪو ڀروسي جوڳو مطلب ڪڍڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. عمارتن جي سطح سان ان جي نسبتي تعلق مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو تهه شهر جي تاريخ جي اوائلي زماني ۾ ڄميو آهي. پر خود ان جي پنهنجي ڪافي گهڻي ٿولهه ڏهن فوٽن کان مٿڀري ڏيکاري ٿي ته اهو هنڌ، جيڪو شهر جي آباد علائقي جي آخري ڇيڙي کان گهڻو پري ڪونهي، طويل زماني تائين بار بار سيلابن جي زد ۾ ايندو رهيو آهي. بهرحال جيڪڏهن مئڪي ”ڊي _ ڪي دڙي“ وارين سندن کوٽاين مان مليل شهادتن جي مطلب ڪڍڻ ۾ صحيح آهي ته پوءِ اسان کي هيءُ نتيجو ڪڍڻو پوي ٿو ته موئن جي دڙي جي تاريخ جي وچولي دور ۾ ٻن يا ٽن صدين جي وقفي سان اٽڪل ٽي غيرمعمولي ٻوڏون آيون هيون. انهن جهڙيون ٻوڏون غيرمعمولي اسبابن جي نتيجي ۾ اينديون آهن. جهڙوڪ هماليا جبلن جي مٿانهين چوٽين وٽ جبل جي ڪن وڏين ڇپن يا برف جي وڏين ڇپن، جن ۾ سنڌو نديءَ يا ان جي معاون(34) درياهن جي بالائي حصن۾ پاڻيءَ جي وڏي مقدار کي هيٺ وهي اچڻ کان ڪنهن وڏيءَ مدت تائين روڪي رکيو هو، تن جي اوچتو ٽٽڻ سبب پاڻيءَ جي اٿاهه مقدار جو انهن رڪاوٽن مان آزاد ٿي هيٺئين طرف وڏيءَ طاقت ۽ وڏي زور سان وهي اچڻ هوندو. پر هن ڳالهه جو پوءِ به گهڻو امڪان ڪونهي ته خود اهڙيون تباهه ڪن اٿلون به، جيڪي اهڙن غيرمعمولي واقعن جي رونما ٿيڻ سان پيدا ٿين ٿيون، پاڻيءَ جو ايڏو مقدار کڻي اينديون هونديون، جو اهو موئن جي دڙي جي ايڏين اوچين گهٽين تائين اندر بار بار داخل ٿي ويندو هوندو. پر هيءَ حقيقت ناقابل ترديد آهي ته شهر جي ٻاهرين حصن وارين عمارتن جي ڀتين جي چوڌاري رڳو پنجن فوٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي به لڳاتار ڪجهه هفتا جيڪڏهن بيهي ٿي سگهيو، ته پوءِ اهو نه فقط انهن ڀتين کي ڳاري، ڪيرائي سگهيو ٿي، پر سيمو ڪري ڪافي ڪجهه اندر ڀرو به پنهنجي اثر پيدا ڪري سگهيو ٿي. گهڻي قدر خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ طرح ئي درياءَ جو سيلابي پاڻي شهر جي اتانهين سطحن ۾ وڏي پيماني تي جاين کي ڪيرائڻ ۽ انهن جي ملبي جي جمع ٿيڻ جو سبب بڻيو. ان کان ڪجهه گهٽ پيماني جي تباهي مٿي بيان ڪيل واقعن کان گهٽ ڊرامائي واقعن جي نتيجي ۾ به ٿي سگهي هوندي. جهڙوڪ هماليه جبلن جي علائقي ۾ پاڇاٽي موسم ۾ برف جو تيزيءَ سان ڳرڻ ۽ ساڳئي وقت تي جبلن کان هيٺ ميداني علائقي ۾ زوردار برساتن جو شروع ٿيڻ ۽ شهر جي طويل حد تي تاريخ جي مختلف دورن، ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، اهڙي نموني سان آيل پاڻيءَ جي ججهي مقدار واريون غيرمتوقع ٻوڏون ۽ انهن جي ڇر ۽ سيمي جا مضر اثرات.
هن ڳالهه جو اڳي ئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته، موئن جي دڙي وارو ڪوٽ، شهر جي الهندي علائقي ۾ ڪچين سرن ۽ چيڪي مٽيءَ جي تمام وڏي ٿَلهي تي مصنوعي طور ٺاهيل اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچي دڙي تي اڏيو ويو هو. سر جان مارشل انهيءَ حقيقت مان اهو اندازو لڳايو ته انهيءَ ڳالهه جو مقصد سرڪاري عمارتن کي سيلابن سبب ٿيندڙ ان نقصان کان محفوظ ڪرڻ هو. ساڳيوئي مقصد، ننڍي پيماني تي ۽ ساڳئي سامان مان ٺهيل انهن پڪن بنيادن يا انهن هيٺانهن ۽ ننڍن ٿلهن جو نظر اچي ٿو، جن جي مٿان شهر جي مختلف حصن ۽ آباديءَ جي ايراضين ۾ گهرن جون جايون جوڙيون وينديون هيون.
مئڪي اهڙن ٿلهن منجهان هڪ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو شهر جي اوائلي دور جو آهي، جنهن ۾ بعد ۾ اضافو به ڪيل آهي، اهو ”ڪچين سرن جي ڳري ڀُري، گڏجي هڪ ٿي وڃڻ سان هڪ يڪو پڪو مواد نظر اچي رهيو هو.“ (35)
هڪ ٻئي اهڙي اوائلي مثال بابت هو چوي ٿو ته، ”هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شبهو نظر نه ٿو اچي ته اهو ڀَراءُ ان وقت ڪيل آهي، جڏهن انهيءَ عمارت کي ٻوڏ جي اثر کان بچائڻ جي ارادي سان ڄاڻي واڻي مٿي ڪرڻو پيو هوندو.“ مارشل ته هيءَ به دعويٰ ڪري ٿو ته، ”سواءِ ڪن تمام ننڍين جاين جي... سڀني ۾ فرش جي هڪ حصي کي ٿَلهي جي صورت ۾ ايترو مٿي ۽ مضبوط ڪيو ويو هو، جو اهو جاءِ کي انهن ٻوڏن جي اثر کان محفوظ رکي سگهي، جيڪي انهيءَ دور ۾ سال بسال شهر لاءِ خطرو بنجڻ لڳيون هيون.“ مئڪي هن کان وڌيڪ محتاط هو. پوئين دور جو بيان ڪندي، هو لکي ٿو، ”ڪنهن سبب ڪري، جيڪو غير معمولي ٻوڏن سان واسطو رکندڙ معلوم ٿئي ٿو، بعد جي دور واريون گهڻيون جايون، اهڙن ٿلهن جي مٿان ٺاهيون ويون آهن، جيڪي انهن جاين جي هيٺان اوائلي جاين جي ڪوٺين ۽ ڪمرن کي ڪچين سرن، چيڪي مٽيءَ يا ڪن حالتن ۾ سرن پچائڻ جي بٺن مان ڍوئي آندل سروٽن وغيره سان ڀري ٺاهيا ويا هئا.....
آءٌ هن خيال جو آهيان ته، ٻوڏن ۾ موئن جي دڙي جون گهڻيون جايون ڌرتيءَ جي هيٺ ويهي رهڻ ڪري ڪريون آهن. گهڻيون جايون، خاص ٿلهن جي مٿان به ٺاهيل ناهن ۽ اهي انهن اوائلي هيٺ ويهي رهيل جاين جي مٿان تعمير معلوم ٿين ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح اهي سم سبب اڳوڻين هيٺ ويهي رهيل جاين جو واضح ثبوت پيش ڪن ٿيون.(36)“ هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته، ”هن ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته پڪيءَ سر مان ٺهيل جاءِ ۽ سروٽن جا ٽڪرا پاڻيءَ کي چُهڻ جا اثرائتا مُئل ڪڪر آهن، جن ۾ پاڻيءَ جي سطح کان گهڻو مٿي تائين پاڻيءَ جي آلاڻ پهچي ويندي آهي....“ هو ڊي- ڪي ايراضيءَ ۽ پاسي واريءَ سرزمين جي ڪن ٻين حصن ۾ مليل ٿَلهن جو حوالو ڏيندي، چوي ٿو، ”اڪثر حالتن ۾ گهم ۽ آلاڻ ڪچين سرن کي اهڙيءَ طرح ملائي ڇڏيو آهي، جو اهو سڄو مواد مٽيءَ جي هڪ وڏي ڇپ نظر اچي ٿي.... انهن مان اڪثر ٿلها شهر جي وچولي زماني جي ٻئي دور ۾ پهرئين وڏي سيلاب کان پوءِ، جنهن جي اسان کي ثابتي ملي آهي، ٺاهيا ويا هئا ۽ ڪي وري ٻئي دور جي پوئين حصي ۾ آيل ٻئي سيلاب کان پوءِ ٺاهيا ويا هئا. جيتوڻيڪ اهڙي چيڪيءَ مٽيءَ جي ٺهيل پڪي ٿلهي جو هيٺيون حصو ڪجهه وقت تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل به رهي ها، تڏهن به ان مٿان ٺهيل جاين کي پاڻيءَ جي چُهجي مٿي چڙهڻ واري عمل کان، پڪين سرن يا انهن جي ٽڪرن ٽوٽن مان ٺهيل ٿلهن کان گهٽ نقصان پهچڻ جو خطرو هو. (37)
جيتوڻيڪ کوٽائيءَ جو ڪم ڪندڙ پهرينءَ جماعت جا ماڻهو هن باري ۾ ٻه- حصا ٿي پيا ته انهن ٿلهن جو مقصد جاين کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي اوچائيءَ واريءَ سطح کان مٿي ڪرڻ هو يا ٻوڏ جي پاڻيءَ جي سيمي واري عمل جي ذريعي آلاڻ جي مٿي پهچڻ واريءَ آخري سطح کان به مٿي ڪرڻ هو. سيلابي ميدان جي سطح ۽ شهر جي آباديءَ واريءَ سطح جي درميان، جيئن ته وڌندڙ نامطابقت آهي، ان ڪري هاڻي اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته، شهر جي جاين کي پاڻيءَ جي سيمي جي نتيجي ۾ پهچندڙ تباهي ئي اصلي ۽ حقيقي خطرو هو.
ممڪن آهي ته، شهر جي ڪن اهڙن حصن ۾، جيڪي ان جي آخري ڇيڙي کان پري هئا (۽ ان طرح سان پاڻيءَ جي سيمي کان، توڻي آسپاس واري پاڻي کان، جيڪو ٻاهر کليل پٽن تي، هفتن تائين ٽن يا چئن فوٽن تائين موجود ٿي رهيو، محفوظ هئا.) ڪڏهن ڪڏهن ڪن ٻين سببن ڪري به جايون اهڙن ٿلهن تي ٺاهيون وينديون هيون، انهيءَ باري ۾ ڪوٽ واري دڙي جو مثال اڳي ئي ڏنو ويو آهي. سرڪاري عمارتن کي دشمنن يا حملي آور ڌاڙيلن جي زد کان محفوظ رکڻ يا شان و شوڪت لاءِ اهڙي ئي طريقي سان مٿانهينءَ سطح تي ٺاهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو پروهت- راجا هو، ته ان جو محل به اهڙيءَ طرح اوچائيءَ تي اڏجي سگهيو ٿي، جو اهو سڄي شهر جي مٿان ڪر کنيو بيٺو هجي. شهر جي وڌيڪ شاهوڪار ۽ خوشحال رهاڪن لاءِ، سندن جاين کي مٿانهينءَ تي جوڙائڻ لاءِ جيڪي ٻيا مقصد ٿي پئي سگهيا، تن مان هڪ انهيءَ ڳتيل شهر ۾ اونهاري جي موسم وارين ٻوساٽيندڙ راتين ۾ وڌيڪ تازي ۽ بهترين هوا حاصل ڪرڻ جو مقصد به ٿي سگهيو هوندو. ساڳيءَ طرح اهو به ممڪن هو ته شاهوڪار گهراڻا سندن پاسن ۾ رهندڙ گهٽ ذاتين وارن همساين جو، انهن جي گهرن اندر نهارڻ ناپسند ڪري، پنهنجين جاين کي مٿڀرو جوڙائيندا هوندا. اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙيءَ گرم موسم ۾، جاين جون ڇتيون عام طرح سان اوچيون ۽ سڌيون سنيون هونديون، جيئن اهي اڄ به ان پاسي جي عام رهائشي جاين ۾ ڏسجن ٿيون.
ساڳئيءَ طرح، ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ هن ڳالهه جو ٿيندڙ تجربو، ته سنڌو ندي جڏهن شديد سيلابي ڪيفيت ۾ اچي، انسانن جي هٿان پاڻيءَ روڪ لاءِ ٺاهيل بندن کي ڀڃي ڀوري، ٻاهر نڪري اچي ٿي، تڏهن ڪهڙي حالت ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اهڙا موقعا هن زماني ۾ دير دير سان ۽ فقط تڏهن رونما ٿين ٿا، جڏهن اِها ندي پنهنجي گذريل دور واريون ”قدرتي حالتون“ پيدا ڪري ٿي، اسان کي انهن اثرن جي اندازي لڳائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪي موئن جي دڙي جي زندگيءَ تي ٻوڏين جي حالت ۾ پيدا ٿيندا هوندا. اڄ به ان صورتحال ۾ اهو پاڻي ملڪ جي سڄي علائقي ۾ ٽن يا چئن فوٽن جي اونهائيءَ ۾ ڦهلجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ هيٺانهين سطحن مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ رستا ڪڍي وهي ٿو ۽ انهيءَ عمل دوران اهو اهڙن دڙن کي چئن ئي پاسن کان وڪوڙي وڃي ٿو، جن جي چوٽين تي قديم وقت کان وٺي اڪثر ڳوٺ آباد آهن. اهو پاڻي، فقط اهڙين کڏن کوٻن کان سواءِ، جن کان ٻاهر نڪرڻ جو ان لاءِ ڪو رستو ڪونهي، انهيءَ وقت تائين اڳتي وهندو رهي ٿو، جيستائين بخارن جي صورت ۾ اڏامي، سڪي، ختم نه ٿي وڃي، يا زمين ۾ جذب نه ٿي وڃي يا جڏهن سرءُ جي موسم ۾ درياءَ جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ لهي ٿي، جڏهن اهو موٽي وڃي ان سان ملي ٿو. ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رستي ۾ بيٺل شهر يا ڳوٺ گهڻو ڪري اٿل واري پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو ئي ٻڌل هوندا آهن، پر پاڻي انهن دڙن مان سيمو ڪري، انهن ۾ ڪافي اندر تائين پهچي وڃي ٿو ۽ جاين کي ان مان پڌري پٽ نقصان رسندو رهي ٿو. اهي دڙا گهڻين حالتن ۾ انهن ئي جاين جي ڀنجوءَ ۽ مَلبي جي ٻين شين تي ڊهندا ۽ ٺهندا وڌندا رهن ٿا، جيڪي انهيءَ طرح مُند مُند تي آيل ٻوڏن ۾ ڊهي زمين سان هڪ ٿينديون رهن ٿيون.
اسان کي بار بار اهوئي عمل سنڌ ۾ اڄ به پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳي ٿو. يعني اٿل جو پاڻي دڙي جي چوڌاري ڇوليون ماريندو رهي ٿو، ۽ سيمو ڪري مٿي تائين پهچي وڃي ٿو. دڙي جي ٻاهرئين گهير واريون جايون ڦهڪو ڪري ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ شهر جي ڳتيل آباديءَ واري وچين حصي ۾ به ڪريل ڀتين جا حصا زمين دوز ٿيڻ لڳن ٿا ۽ آخر ۾ جڏهن پاڻي لهي وڃي ٿو، تڏهن وري ساڳين هنڌن تي جاين جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته ٻوڏ جو پاڻي جڏهن ڳوٺ واري دڙي کي گهيرو ڪري بيهي ٿو، تڏهن ڳوٺاڻا پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي به وڃن ٿا، پر جيڪڏهن سندن اناج جا ذخيرا دڙي تي صحيح سلامت آهن ۽ جيڪڏهن سندن وهٽن ۽ مال لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ ڪو گاهه جو ٽڪر به بچيل موجود آهي يا سندن سڪي گاهه ۽ داڻي جو ڪجهه ذخيرو ته محفوظ آهي، (توڻي کڻي انهن کي گاهه واريءَ زمين تائين گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي به وڃڻو پوي ٿو يا ٻيڙيءَ ۾ ويهي ات پهچڻو پوي ٿو)، تڏهن به اهي مضبوطيءَ سان ڄميا، اتي پنهنجن گهورن ۾ ويٺا رهندا آهن. پر جيڪڏهن نقصان شديد ٿيو هوندو ۽ ڳوٺاڻن کي خوراڪ جي قلت هوندي ته پوءِ اهي عارضي طور ڳوٺ ڇڏي به وڃي سگهن ٿا ۽ پاڻيءَ جي سڪي وڃڻ تائين هو ڀرپاسي ۾ ڪنهن پوٺي تي ڇانوڻي هڻي، وقت گذاري پورو ڪن ٿا، جيسين وري ٻيهر واپس اچي، پنهنجي ڳوٺ کي آباد ڪن. هنن جي اها ”جلاوطني“ فقط ڪن هفتن جي مس ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن انهن وٽ ايندڙ ربيع موسم لاءِ ٻج لاءِ ڪافي مقدار ۾ اناج موجود آهي ته پوءِ هو انهن ئي زمينن تي تمام ڀلن فصلن پوکڻ ۽ لڻڻ جون اميدون رکيون ويٺا هوندا آهن، جن تان ٿورو ئي وقت اڳي کين لڏڻو پيو هو.
سنڌ جي ميدانن ۾ موجود آباديءَ وارين جاين جي سطحن جي جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهڻ لاءِ ذميدار قدرتي سببن ۾ فقط ٻوڏ جو پاڻي ئي اڪيلو سبب ڪونهي، انهيءَ ملڪ ۾ سال جي وڏي حصي جي دوران خشڪ ساليءَ جون جيڪي حالتون قائم رهن ٿيون، تن ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون پڻ هڪ وڏو اثرائتو ذريعو آهن، جن سان ملڪ جي ظاهري شڪل ۽ صورت بدلجندي رهي ٿي، جو اهي هوائون مٽيءَ، واريءَ ۽ دريائي ريٽ کي هڪڙي هنڌان کڻي ڪيئي ميل پري اچي اڇلائين ٿيون. اهڙيءَ خشڪ موسم ۾ رستن تي جانورن جي کرن يا گاڏين جي ڦيٿن، خاص طور بيل گاڏين جي هل هلان- سنڌ جي نامياريءَ دز ۽ ڌوڙ کي اٿاري، ان جا ڪڪرن جا ڪڪر اڏائي ٿي ۽ ان کان وڌيڪ وزندار ۽ ڳريون شيون، واريءَ جون آنڌيون ۽ مٽيءَ جو طوفان، جيڪي اونهاري جي موسم جي پيشبنديءَ طور لڳندا آهن، هڪ کان ٻئي هنڌ آڻيو سٽين ٿا. اهي شيون اهڙي هنڌ پهچي هيٺ ڪرن ٿيون، جتي ڪا رنڊڪ هوا جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڪت هوا جا جهول پيدا ٿين ٿا، جيڪي انهن وزندار شين کي اتي هيٺ ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي، جمع ٿيندي رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڳوٺاڻن کي، ٿورن ئي مهينن لاءِ ترڪ ڪيل سندن ڳوٺ، انهن جي موٽي اچڻ تائين، مٽيءَ ۽ دز جي انبارن هيٺان سڄو نه ته اڌوگابرو دٻيل ملي سگهي ٿو. مئڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا، موئن جي دڙي جي رهائشي سطحن جي، جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهڻ جي مختلف اسبابن ۾ هوائن جي ذريعي ائين کڄي آيل ۽ اتي اچي گڏ ٿيندڙ مٽيءَ ۽ دز جو هڪ اهم وسيلي طور حوالو ڏئي ٿو. (38)
جن ماڻهن اپر سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ايندڙ اهڙين تبديلين جو مشاهدو ڪيو هوندو، سي هن ڳالهه کي هڪدم تسليم ڪندا ته موئن جي دڙي وارين صدين ۾ پڻ انهيءَ شهر کي نه فقط ڪيئي دفعا ٻوڏين جو مقابلو ڪرڻو پيو هوندو، پر هن ڳالهه جو به بلڪل امڪان آهي ته انهيءَ شهر کي مڪمل يا جزوي طور، نه فقط ٻوڏين جي اچڻ ڪري، بلڪ سنڌو نديءَ جي بلڪل اُبتي جنون جي نتيجي ۾ به خالي ٿيڻو پيو هوندو، يعني ته، جڏهن شهر جي معقول ويجهڙائيءَ اندر سنڌو ندي گهربل ڪارائتي سيلاب جو پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيندي هوندي، جنهن تي رواجي طرح شهر جي آباديءَ لاءِ ٿيندڙ پوک جو دارومدار هوندو هو. هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته اهڙيءَ صورتحال کي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن منهن ڪڍندي هئي، منهن ڏيڻ لاءِ اناج جو وڏو گدام احتياط طور قائم ڪيو ويو هو. تنهن ڪري، هڪ پاسي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي پوسل ۽ سيمي کان ڪرندڙ جاين جو ڊهڻ ۽ انهن جو ملبو ۽ ٻئي طرف عارضي طور خالي ٿيل شهر تي هوائن ذريعي اڏامي ايندڙ ريٽ ۽ واريءَ جو حملو- انهن ٻنهي مان هڪ عمل يا ٻنهي گڏجي، ماڻهن کي ڪافي مقدار ۾ وقت بوقت نئين سر اڏاوتون ڪرڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو هوندو.
هاڻي اسين انهيءَ منزل تي پهتا آهيون جتي اسين انهيءَ نمايان تبديليءَ جي اهميت تي غور ڪري سگهون ٿا. جيڪا موئن جي دڙي جي زندگيءَ جي آخري دؤر کي انهن سڀني ڳالهين کان جدا ڪري ٿي، جيڪي اتي اڳي واقع ٿي چڪيون هيون. شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرينءَ جماعت جا اڳواڻ، سر جان مارشل ۽ ڊاڪٽر مئڪي، ٻيئي هن راءِ جا هئا ته شهر جي زندگيءَ جو اهو پويون ڌنڌلڪو دؤر اهڙي وقت تي نئين سر آباد ڪاريءَ جي صورت ۾ شروع ٿيو، جڏهن اهو ڪافي گهڻي عرصي لاءِ ان کان اڳ مڪمل يا جزوي طور خالي ڪيو ويو هو. مئڪي جي راءِ موجب، موئن جو دڙو انهن ٻن قيامت خيز سيلابن منجهان ٻئي سيلاب جي دوران، جن جو اڳئي ذڪر ٿي چڪو آهي، خالي ڪيو ويو هو، تباهه ٿيل ايراضيءَ جي مٽيءَ ۾ مليل ڪلر جو غيرمعمولي حد تائين گهڻو حصو انهيءَ نظريي کي هٿي ڏئي ٿو، ته اهو علائقو ڪجهه وقت لاءِ غيرآباد ۽ قدرتي عناصر جي رحم ڪرم تي نڌڻڪو پيو رهيو. (39)
پر اها جاءِ وري ٻيهر آباد ڪئي ويئي ۽ سا به ”سنڌو“ لوڪن طرفان. پر نئون شهر پراڻي جي ڀيٽ ۾ نمايان طور سادو ۽ گهٽ درجي وارو هو. عمارتن جو معيار بي ڍنگو بڻجي چڪو آهي، جو گهرن جون جايون گهڻو ڪري انهن سرن مان ٺهيل معلوم ٿين ٿيون. جيڪي اڳين اوچاين تان ڊاهي آنديون ويون آهن، ۽ اهي کڏون جن مان مٽي ڪڍي ويئي آهي، سي ڄڻ ته ڪنهن بم جي اثر کان وجود ۾ آيل کڏن وانگر سڃيءَ ايراضيءَ ۾ وات ڦاڙيو بيٺيون آهن.(40) اهي کڏون پنهنجي ليکي وري انهيءَ ايراضيءَ جي قابل استعمال حدن کي سوڙهو ڪن ٿيون، جنهن تي نئين اڏاوت ٿي ٿي سگهي، ۽ انهيءَ ڪري جايون هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيون بيٺيون آهن. خوشحاليءَ واري دور جون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنان سوچ سمجهه جي ننڍين ننڍين ڪوٺڙين ۾ ورهايون ويون آهن ۽ گهٽين جي مقرر ٿيل انهن حدن ۾ ناجائز حد دخليون ٿيل آهن، جن کي گذريل ڪيترين ئي صدين جي دوران سختيءَ سان برقرار رکيو ويو هو. اٻهرائيءَ ۾ ٺهيل بي ڍنگن دڪانن جون وڏن رستن جي پاسن کان قطارون ٺهيون بيٺيون آهن ۽ تعميري رٿائن جي معيارن ۾ آيل ابتريءَ جو هڪ وڌيڪ نمايان مثال اهو آهي ته ڪنڀارن جون آويون، جيڪي اڳين ڏينهن ۾ شهر جي اندرين حدن اندر ڪڏهن به برداشت نه ڪيون وڃن ها، هاڻي هتي هُتي قائم ٿيل ڏسجن ٿيون ۽ حد ته اها آهي جو انهن مان هڪ آوي ته رستي جي بلڪل وچ تي بيٺي آهي. (41)
صاف ظاهر آهي ته شهري انتظاميه جو سخت ضابطو، جيڪو شهر جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي طويل عرصي جو هڪ نمايان نشان هو، سو ان جي پوئين دور جي ابتريءَ سان گڏوگڏ غائب ٿي چڪو آهي. هيءُ موئن جو دڙو اهو ساڳيو هڪ عظيم قوم جي گاديءَ جو شهر ۽ هڪ تجارتي سلطنت جو دارالحڪومت باقي نه رهيو آهي ۽ نه وري هاڻي اهو پروهت راجا جي رهڻ وارو مرڪزي شهر ئي رهيو آهي. هاڻي اتي ڪاريگرن،قوت گذر ڪڍندڙ ڪڙمين ڪاسبين ۽ مزورن جو مجمعو اچي گڏ ٿيو آهي، جيڪي انهيءَ سرزمين تي هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن، جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون اتي ٺهن ٿيون، سي هاڻي ڏيساور لاءِ نه، پر شايد شين جي ڏي وٺ جي بنياد تي داخلي کپت لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون بنا ڪنهن شڪ جي، اهو تنزل گذريل دور جي پڇاڙيءَ ڌاري ئي شروع ٿي چڪو هو، جڏهن شهر جو سامونڊي واپار ختم ٿي چڪو هو، جنهن کان هڪدم پوءِ ”سلطنت“ جي حدن اندر واقع تجارتي مرڪزن ۽ واپار وارن شاهراهن تي رهندڙ رعيتي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بي آراميءَ ۽ مقامي بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ قاعدي ۽ قانون جي ضابطي ۾ ڪجهه هلڪائي ۽ ڍلائي اچي ويئي، يقيناً، انهيءَ طاقتور واپاري قوم جي ماڻهن کي، جيڪي صدين کان وٺي موئن جي دڙي جي عظمت ۽ دولت سان سڃاتا ويندا هئا، جڏهن اهو مسئلو طئي ڪرڻو پيو هوندو ته انهيءَ شهر ۾ وري ٻيهر آباد ٿجي يا نه! جنهن کي اهڙيءَ برباديءَ ۽ تباهيءَ مان گذرڻو پيو هو، پنهنجي دل ۽ من کان خوب پڇڻو پيو هوندو ۽ گهڻيءَ دير تائين شش و پنج ۾ گذارڻو پيو هوندو. هنن ضرور پاڻ کان اهڙا سوال پڇيا هوندا ته، اتي رهي وري ٻيهر واپار کي وڌائي سگهبو يا وڌيڪ عقلمنديءَ جو طريقو اهو ٿيندو ته پنهنجا نقصان هميشه لاءِ برداشت ڪري ڪنهن ٻئي طرف ڏانهن، شايد هڙاپا ۽ اترئين صوبي ڏانهن لڏي هليو وڃجي، جيڪي ان وقت تائين سرسبز ۽ شاداب هئا. شايد هنن کي درياءَ جي آئينده جي ٻوڏين جي پڌرن خطرن آخرڪار فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيوهجي. هيءَ ڳالهه ڪا ناممڪن ناهي ته اهو فيصلو هنن انهن موقعن مان ڪنهن هڪ تي ڪيو هجي، جڏهن سنڌو درياءَ ڪنهن دؤر ۾ لاڳيتا ڪي سال ڦوڪجي مٿان لهندو هو ۽ پاڻيءَ جو تباهڪن مقدار ساڻ آڻيندو هو. جيئن مئڪي، هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته، ”هر سال“ (هنن ٻن لفظن تي مصنف طرفان زور ڏنل آهي) شهر جي چوڌاري ٻن يا وڌيڪ فوٽن جيتري وڏي پاڻيءَ کان وڌيڪ بيهڻ سان ئي شهر جي شاهوڪار ۽ خوشحال طبقي جي لڏپلاڻ لازمي بنجي ويندي هوندي، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾، ٻيڙين جي مدد کان سواءِ، هنن لاءِ مال اسباب جو آڻڻ نيڻ ناممڪن بنجي ويندو هوندو.“(42) ظاهر آهي ته لاڳيتن اهڙن موقعن تي بريءَ طرح ستايل ”واپاري برادريءَ“ جا ماڻهو وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيا هوندا ۽ نيٺ هڪ ڀيري ٻاهر نڪري پوڻ کان پوءِ هو وري واپس نه آيا هجن، ان کان پوءِ هنن جو ڪهڙو حشر ٿيو، تنهن جي اسان کي ڪا خبر ڪانهي.
امڪان آهي ته، ”عام ماڻهو،“ جن ڪنهن عرصي کان پوءِ ٻيهر اچي شهر آباد ڪيوڳوٺن جا ماڻهو به شامل هجن، شايد اهي ”لوهم جي دڙي“ ۽ ”جهڪڙ“ جا رهاڪو هئا ۽ ڪي شايد ”چانهو دڙي“ کان آيل ٻوڏ جا ستايل پناهگير هئا، هن ڳالهه ۾ شڪ جو امڪان ڪونهي ته، ”چانهو دڙي“ جي شهر جي ماڻهن کي هڪٻئي پٺيان آيل ٻوڏن جي ڪري اتان نڪرڻو پيو هو، جن ان شهر ۾ سندن رهائشي علائقي جي ڪجهه حصي کي زمين دوز ڪري ڇڏيو هو ۽ سڄي شهر کي آباديءَ جي ناقابل بنائي ڇڏيو هو. بهرحال اسين هن باري ۾ خاطريءَ سان ڪجهه نٿا چئي سگهون ته اتي اهي سيلاب به انهيءَ وقت ئي آيا هئا، جڏهن موئن جي دڙي واري اها ”خاص“ ٻوڏ آئي هئي، جنهن ”تاجر برادريءَ“ جي ماڻهن کي دائمي طور ۽ ”عام ماڻهن“ کي عارضي طور اتان لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. (43) ڪنهن عام طبعي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي سوال کان قطع نظر، ٻاهرين ضلعن ۾ وڌندڙ بي آرامي ۽ عدم سلامتي، گاديءَ واري شهر جي ڪمزور ٿي ويل مرڪزي اختياريءَ جو پڻ سڌو سنئون نتيجو سمجهي سگهجي ٿي.
بهرحال هن ڳالهه جي مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي ته انهيءَ شديد سيلاب جو، جنهن جي ڪري موئن جي دڙي يا ڪنهن ٻئي شهر کي عارضي طور ڇڏڻو پيو هو، انهيءَ جي آسپاس جي زرعي پيداوار تي به ڪو خاص نقصانڪار اثر پئجي سگهيو هوندو. هن ڳالهه جو اڳ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته، سنڌ ۾ ايندڙ سخت ٻوڏين جا ذيلي اثر عام طور فائديمند ٿيندا آهن، انهن جي نتيجي ۾ سيلابي پوک جي لائق ايراضيون وڌي وينديون آهن. انهيءَ ڪري خاص طرح ”موئن جي دڙي“ جي شهر جي آخري دؤر ۾ ان جي آدمشماري ان جي اوج واري زماني جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته به اوتري ئي نظر اچي ٿي. ابتري ۽ تنزل فقط صنعت ۽ حرفت جي معيار ۾ آيل هو. ساڳئي وقت آسپاس جي ”ستايلن“ کي ڪشش ڪرڻ لاءِ وري به انهيءَ شهر ۾ گذر سفر جا، توڙي پناهه ۽ نسبتي طور سلامتيءَ جا ڪافي ذريعا موجود نظر آيا هوندا.
پروفيسر پگٽ انهيءَ وقت ڌاري ڪُلي (Kulli) ۽ موئن جي دڙي جي ماڻهن جي درميان لاڳاپن ۾ وڌيڪ ويجهڙائيءَ ۾ اچڻ جي ثبوتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ۽ ساڳئي ئي دؤر ۾ هو بلوچستان ۾ ڪن ٻين هنڌن جا اهڙا مثال پيش ڪري ٿو، جن ۾ ٻين ”ثقافتن“ جي پراڻن ۽ قديم دؤر جي قائم ٿيل ڳوٺن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو آهي ۽ انهن جي باشندن کي ماري ڪُٽي ختم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي مٿان وري نيون آباديون قائم ڪيل آهن. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اسان کي انهيءَ دؤر يا انهن دؤرن کي وڌيڪ باريڪيءَ سان طئي ڪرڻ لاءِ، جڏهن اها بربادي ۽ تباهي آئي هئي،(44) وڌيڪ ثابتين هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال انهيءَ وچ ۾ ”سنڌ جي شاهه شهر“ ۾ ”پرلئي کان اڳ جي سر ڇائي“ اڃا به وڌيڪ ٽن يا زياده نسلن تائين گهلبي رهي.
ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ مون اها راءِ ڏني هئي ته، موئن جي دڙي جي آخري پڄاڻي شايد ڪنهن اهڙيءَ قدرتي آفت جي نتيجي ۾ آئي هوندي. جنهن اتان جي باشندن کي گذر سفر جي ذريعن کان محروم ڪيو هوندو، مثال طور سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ آيل ڪو وڏو ڦيرو. درياءَ جيئن وڌيڪ ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجو دستوري وهڪرو قائم رکيو هوندو، جنهن مان شهر جي پسگردائيءَ ۽ ويجهڙائيءَ وارو علائقو رواجي طرح چڱي خاصيءَ باقائدگيءَ سان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ايندڙ پاڻيءَ جي اٿل مان آباد ٿيندو رهندو هو ۽ اهڙين تقريباً لاڳيتين هڪجهڙين حالتن جي مدت اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ستن کان وٺي اٺ صديون سمجهڻ گهرجي، تيئن ان جي لٽ ۽ ريٽ جي تهه به تهه ڄمڻ ڪري درياءَ جي تري جي مٿي کڄي اچڻ ۽ ان کان پوءِ ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جو هيٺانهين سطح اختيار ڪري ٻئي منهن سان وهڻ لاءِ زبردست ڦيرو کائڻ- ان جا امڪان اوڏائي وڌي ويا هوندا. اهڙيءَ طرح انهيءَ زماني ڌاري هن ڳالهه جو هڪ زبردست طبعي امڪان صاف ظاهر نظر پئي آيو هوندو، ته درياءَ جي پيٽ ۾ جلد ڦيرو اچڻ وارو آهي. سنڌو ماٿريءَ وچان گذريل ٻن هزارن سالن جي عرصي دوران سنڌو درياءَ جي سڄي تاريخ اهڙن رخن بدلائڻ جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، جن جي نتيجي ۾ متاثر علائقن جي ڪيفيت آسودگيءَ ۽ نيم- ريگستاني حالتن جي درميان ڦرندي رهي آهي. (45)
مون کي يقين آهي ته هيءُ واقعو اهڙن ئي واقعن مان هڪ هو. درياءَ جي پيٽ ۾ هيءُ وڏو ڦيرو ان جي شهر کان اصلوڪي اڀرندي پاسي واري رخ ۾ آيو ۽ درياءَ اتان کان هٽي موئن جي دڙي کان ٽيهارو ميل پري اوڀر طرف وهڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ان اهي زمينون، جن کي هو اڳي سائو ۽ آباد ڪندو آيو هو، خشڪ ساليءَ جي حالت ۾ فقط وقتي بارش جي رحم ڪرم تي تيزيءَ سان ويران ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنيون. ممڪن آهي ته انهيءَ تبديليءَ مڪمل ٿيڻ ۾ ڪي سال ورتا هجن ۽ شهر جي رهاڪن کي شروع ۾ سندن مڪمل نااميديءَ جي صورتحال جو احساس نه ٿيو هجي. پر هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته جيڪڏهن اڳي نه، ته عين انهيءَ ابتريءَ جي وقت، موئن جي دڙي جي ڪمزوريءَ هندي طرف وارن ”وحشين“ کي ان تي حملي ڪرڻ لاءِکائڻ جو ڪم ڏنو. هنن جا پهريان حملا ”ڌڪ هنيو ۽ ڀڳو“ جهڙا هوندا. پگٽ پوئين دور جي هڪ اهڙي قبرستان جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو امڪان آهي ته انهن حملي آورن جوئي هڪ قبرستان هجي. آباديءَ جي پوئين زماني وارين سطحن جي کوٽاين مان، انهن علامتن کان علاوه، ننڍيون تراريون ۽ پاهي واريون سهڻيون ڪهاڙيون پڻ مليون آهن، جيڪي سنڌو ديس ۾ ناياب هيون، پر اتر ايران ۽ ان کان به ڪجهه پر ڀرو اولهه طرف عام هيون.(46) شهر جي رهاڪن کي بهرحال جلد ئي احساس ٿيو هوندو ته دشمن وڌيڪ تعداد ۾ وري ڄاڻ ٿو موٽي، هيءَ ڳالهه خاص طور تي توجه جي قابل آهي ته انهيءَ وقت ڌاري ماڻهن پنهنجون قيمتي شيون زمين ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيون هيون، شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرين ماهرن کي ان جي آخر آباديءَ واري مٿانهين سطحن مان قيمتي هيرن، جواهرن ۽ سون جا ڪيئي دفينا هٿ آيا هئا. وڌندڙ بي دليءَ ۽ همت هارڻ جي ڪري ماڻهن جلد ئي محسوس ڪري ورتو هوندو، ته ڀرپور هٿياربند وحشين جو هاڻي هو گهڻي وقت تائين مقابلو نه ڪري سگهندا.
انساني هڏن جي پڃرن جا ڍڳ، جن تي ڌڪن ۽ گهائن جا نشان صاف نظر اچن ٿا، موئن جي دڙي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪٺا ملن ٿا ۽ انهن مان اڪثر شهر جي بلڪل آباديءَ وارين سطحن مان دستياب ٿيا آهن. اهي شهري جي انتهائي پوئين دور ۾ ان تي ٿيل حملن ۾ماريل هوندا ۽ ممڪن آهي ته انهن مان ڪي اهي به هجن، جيڪي شهر ۾ ٿيل ”آخري ڪوس“ ۾ قتل ٿيا هجن. جيئن منهنجو رايو آهي. جيڪڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو بدلايو هو ۽ شهر جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿي به پوکي راهي ڪرڻ ذري گهٽ ناقابل عمل ٿي ويئي هئي، ته آباديءَ جو وڏو حصو گذر اوقات جي تلاش ۾ اڳيئي اتان لڏي هليو ويو هوندو. اهڙا ڪي ٿورا ئي ماڻهو هوندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن بحاليءَ جي اميد ۽ آسري ۾ پنهنجن گهرن گهاٽن کي چنبڙيا پيا هوندا ۽ اهي ئي هئا، جيڪي نيٺ وڃي ترار جو قوت بڻيا.
فاتح قوم جي ماڻهن جو موئن جي دڙي ۾ آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي. حالانڪ اهي جهڪڙ، لوهم دڙي ۽ چانهو دڙي جي ويران سرزمين ۾ آباد ٿي ويٺا هئا، سنڌو تهذيب جي هن شاهه شهر کي هنن طرفان ائين نظر انداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته، هنن کي سابق دارالحڪومت واري شهر جي آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا، جيتوڻيڪ انهن ماڻهن لاءِ هي اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم خانه بدوشيءَ واري هئي ۽ اهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻ مان ٿيندڙ اپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن ڪڏهن زراعت ڪندا هئا. انهن حملي آور ماڻهن جي دؤر جا جن کي اسان ”جهڪڙ وارن لوڪن“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جيڪي قديم اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽ گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهو دڙي مان دستياب ٿيا آهن ۽ اهي بلوچستان جي پري پري تائين منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مطابقت رکن ٿا، انهن هنڌن ۾ شاهي- ٽمپ وارو ڪُجائو قبرستان ۽ اتر ايران جي سرزمين پڻ شامل آهن، انهن جي مليل نشانن ۾ ڪي مهرون به آهن، جي ايشيا مائنر مان هٿ آيل شين جي ياد تازي ڪن ٿيون. (47)
جيستائين مون کي معلوم آهي، هيءَ راءِ ڪڏهن به ڪنهن عالم طرفان ڪانه ڏني ويئي آهي ته، اهي ”وحشي لوڪ“ رگ ويد وارا آريا هئا، پر انهيءَ ”نظريي“ جو ذڪر ضرور ڪرڻ گهرجي، جنهن مطابق ائين مڃيو وڃي ٿو ته اهي آريائي هئا، جن سنڌو تهذيب کي موتمار ڌڪ هنيو هو. گهڻو وقت ٿيو ته اها راءِ پيش ڪئي ويئي هئي ته ويدن جي اشلوڪن ۾ ”دَسيُوز“ جي جن شهر پناهه وارن شهرن جو اندر يا اگني ديوتائن هٿان تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو بار بار ذڪر ٿيل آهي، سي ضرور سنڌو لوڪن جا شهر هوندا. ٻئي طرف رگ ويد ۾ ذڪر ڪيل مال وند ۽ تاجر ”پَڻي“ لوڪن کي سنڌو لوڪن سان شناخت ڪرڻ جي راءِ اول ئي سن 1926ع (48) ۾ ڏني ويئي هئي.
پروفيسر بَرو، سن 1963ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ رگ ويد جي اشلوڪن مان ٻه ٽڪرا نقل ڪيا، تن مان پهريون ٽڪرو جڏهن بعد واري دور ۾ لکيل هڪ ”برهمڻ“ نظم جي اشلوڪ سان گڏي پڙهجي ٿو، تڏهن اهو هن نظريي جي يقيناً تائيد ڪري ٿو ته آريا حملي آورن سچن پچن ننڍن توڙي وڏن شهرن کي ناس ڪيو هو. جيڪي سنڌو لوڪن کان علاوه ٻين ڪن ماڻهن جا نه پئي ٿي سگهيا. ٻيو هڪ ٽڪرو به، جنهن ۾ هڪ ”تباهه ٿيل“ شهر جي نالي ۽ ان جي زير ڪرڻ ۽ شهرين جي عام ڪوس ڪرڻ جو حوالو ڏنو ويو آهي، انهيءَ راءِ جي تائيد ڪري ٿو.(49) ان جي باوجود آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ موئن جي دڙي کي ۽ ان جي آخري آباديءَ وارين سطحن مان گهڻن لاشن جي دريافت کي حوالي طور پيش ڪرڻ کي صحيح نٿو سمجهان. اهو نظريو هڙاپا ۽ ٻين اترين شهرن (50) جي سلسلي ۾ خواهه ڪيتريقدر به ظاهري طور معقول ۽ ممڪن نظر ايندو هجي، پر سنڌوءَ جي هيٺانهين علائقي وارن شهرن انهيءَ نظريي کي وابسته ڪرڻ ۾ ڪيترائي سنگين اعتراض موجود آهن.
رگ ويد اندر ملندڙ داخلي شهادت مان ائين پيو معلوم ٿئي ته ان جي اشلوڪن جو وڏو خاصو حصو ڪُرو کيشتر جي ”پاڪ“ سرزمين تي، ستلج ۽ جمنا ندين جي درميان واقع سر سوتي نديءَ جي آسپاس جوڙيو ويو هو. پنجاب فتح ڪيو ويو هو، ان جا درياءَ مشهور ۽ معروف هئا، نه فقط اتان جي قديم نسل لوڪن جنگيون جهيڙا ٿيا هئا، بلڪ خود آرين جي درميان قبائلي لڙائي پڻ ٿي گذري هئي. اهي ۽ اشلوڪن ۾ ذڪر ٿيل ڪي مخصوص ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته اهي اشلوڪ هندستان جي سرزمين ۾ آرين جي پهرئين ڀيري قدم رکڻ کان گهڻا ئي سال، شايد هڪ ٻه صديون پوءِ مرتب ڪيا ويا هئا. پر انهن ۾ ڪوبه اهڙو ثبوت ڪونهي ته حملي آور ڪي سمنڊ تي به پهتا هئا. انهن ۾ ڪم آيل لفظ ”سموندر“ بظاهر سنڌو نديءَ ۽ (51) پنجند وارن درياهن جي ملڻ واري هنڌ کان هڪدم هيٺ انجي اٿل سان تعلق رکي ٿو.
هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته چيتو، جيڪو سنڌو جي هيٺئين علائقي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل جانور هو، تنهن جو رگ ويد ۾ ڪٿي به ذڪر آيل ڪونهي ۽ مڇيءَ مارڻ کي، جنهن کي سنڌ ۾ وڏي اهميت حاصل هئي، بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي.(52) انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه انتهائي حد تائين غير امڪاني نظر اچي ٿي ته جنهن زماني ۾ رگ ويد مڪمل ڪيو ويو هو، جيڪو آرين جي پنجاب ۾ وارد ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه صديون پوءِ لکيو ويو هوندو، تڏهن سنڌ جو ملڪ ڪو آرين جي قبضي ۾ هو يا اهي اڃا انهيءَ ملڪ اندر داخل ئي ٿيا هئا. اشلوڪن جي مرتب ٿيڻ کان گهڻو اڳي، ”الهندي وارا وحشي“ چانهو دڙي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا ۽ اهي ماڻهو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، واضح طور بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. پروفيسر پگٽ ڏيکاري ٿو ته هن باري ۾ اعتبار ڪرڻ لاءِ دليل آهن ته نئين آيل قوم وارن ”سنڌو“ جي ڪاريگرن جي پاڻ وٽ جبري ڀرتي ڪئي هئي ۽ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن مان ڪي ٻيا عناصر، خاص طور آبادگار پڻ، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهجي پيا هوندا. جتي هو پنهنجن هنن ”وحشي“ آقائن لاءِ سهولت سان فصل پوکي ۽ ٻي ڪار ڪرت ڪري پئي سگهيا.
انهيءَ دوران، ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيل موئن جي دڙي ۾ ريٽ ۽ مٽيءَ چڙهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. اهو ساڳيو عمل، جنهن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ عمارتن ۽ شهرن جي ڦٽل نشانن تي ساڳئي قسم جي خاڪي ۽ ميٽوڙي رنگ جي مٽيءَ جي چادر چاڙهي ڇڏي هئي. ڪنهن خيالي ڍنڍ جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ۽ جڪڙجي وڃڻ جو عمل نه، بلڪ ڌوڙين ۽ مٽيءَ جي آنڌين جي ڪلهن تي سوار ٿي ايندڙ دَزَ ۽ واريءَ ۾ درجي بدرجي وڪوڙجي ٻوساٽجڻ ۽ انهيءَ طرح سان ٺهيل دڙن جي مٿان پوندڙ برسات سبب ڄمي پڪي ٿي وڃڻ جو عمل. (53)
ساڳئي ئي طريقي سان، هڪ هزار کان به وڌيڪ سالن کان پوءِ،. ار شهر جي نئين سر آبادڪاريءَ جو خاتمو واقع ٿيو هو. فرات نديءَ جو پيٽ بدلائي ڇڏيو. جنهن تي ار شهر جي زندگيءَ جو هميشه انحصار رهندو آيو هو. ”جڏهن نديءَ پنهنجو پيٽ بدلايو، تڏهن ان جي پراڻي تري جي مٿي چڙهي خشڪ ٿيڻ جو نتيجو هيءُ ٿيو، ته پاڻيءَ تي ٿيندڙ آمدورفت جو خاتمو ٿي پيو ۽ ساڳئي وقت زراعت به ختم ٿي ويئي. انهيءَ بدنصيب فاقه ڪش شهر کي ان کان پوءِ وجود ۾ رهڻ جو ڪوبه سبب ڪونه هو. گهرن جون جايون ڀڄي ڀُري ڪري پيون. هوائون پوءِ خشڪ ٿيل ۽ ويران ميدانن مان لنگهندي پاڻ سان ريتيءَ جا گهاٽا ڪڪر کڻي اينديون رهيون، جن کي اهي ڊٺل جاين جي باقي بيٺل ڀتين جي پٺيان سٿينديون ۽ گڏ ڪنديون رهيون ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ عظيم شهر هو، سو نيٺ ويران پَٽَ جي ڇاتيءَ مان اڀرندڙ، سروٽن سان سٿيل دڙن جي سنسان ويران بَرپٽ بنجي ويو. (54)
نوٽ/ حوالا
(1) ايس. پگٽ ”پري. هسٽارڪ انڊيا“، ص. 208 سر. ايم. وهيلر ”دي انڊس سوليزيشن“ (ٽيون ڇاپو 1968ع) ص. 117.
(2) ماگان ۽ ميلو نالن وارن ملڪن کي، جن جو ذڪر سال 1500 ق. م وارن بابلي تحريرن ۾ ملي ٿو، اسيريا جي تهذيب جي عالمن طرفان عام، قديم مصر ۽ ايٿوپيا سان ٿوري گهڻي مشابهت رکندڙ سمجهيو ويو آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اها راءِ ڏني ويئي آهي ته اهي ٻيا نالا انهن ملڪن کي هن ڪري ڏنا ويا هئا، جو اهي انهن ساڳين قيمتي شين، خاص طور تي عاج، جا ذريعا هئا، جهڙيءَ طرح سابق زمانن ۾ مٿين نالن وارا مشرقي ملڪ انهن شين جو ذريعو هئا، جن سان واپاري ناتا ڪيئي صديون اڳي ختم ٿي ويا هئا. دلمن يا تلمُن، جيڪو گهڻو ڪري بحرين سمجهيو وڃي ٿو، واپار جي آفريقي رستي تي واقع هڪ بحري بندرگاهه هو، جهڙيءَ طرح اهو اڳئين دور ۾ هندستان واري بحري شاهراهه جو هڪ بندرگاهه هو. پروفيسر ڪريمر نالن جي ردوبدل جي انهيءَ نظريي سان اختلاف ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ موجب ميلوها، سُميريا خواهه بابل جي پوئين دور جي دوران ايٿوپيائي هو. انهيءَ سلسلي ۾ ”اگيد (ديويءَ) جي پاراتي“ ميلوها جي رهاڪن کي جو ”ڪارا ميلوهائي“ جي لفظن سان پڪاريو ويو آهي، تنهن جو هو حوالو ڏئي ٿو ۽ هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته انهيءَ دور کان گهڻو پوءِ واري زماني جي ”ايسرهيڊن“ ڪتبي ۾ ”ڪارا ميلهائيءَ“ جو جيڪو اصطلاح ڪم آندل آهي، تنهن جو اشارو واضح طور ”ايٿوپيا وارن“ ڏانهن آهي. پر ڪريمر جي راءِ تي پڻ اعتراض جو دروازو کليل آهي ۽ اهو اعتراض هي آهي ته هن ڳالهه لاءِ ڪوبه ثبوت موجود ڪونهي ته سال 2500 ق. م ڌاري ايٿوپيا جي ڪا اهڙي تهذيب وجود ۾ هئي، جنهن پنهنجا جهاز (شيپس آف ماگان، بحواله ايضاً) ايراني نار ۾ موڪليا هجن. ميلوها جي رهاڪن جي ڪاري چمڙيءَ جي حوالي مان هي نتيجو بخوبي ڪڍي سگهجي ٿو ته انهن جو ملڪ سنڌو نديءَ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ واقع هو، ڇاڪاڻ ته ”پيري پلس آف دي ايري ٿرين سي“ جو مصنف حضرت عيسيٰ کان پوءِ پهرين صديءَ ۾ لکندي، دعويٰ سان چوي ٿو ته، ”سنڌ جا ماڻهو ڊگهي قد وارا ۽ ”رنگ جا ڪارا“ هئا. (”رنگ جا ڪارا“ لفظن تي زور ايڇ. ٽي لئمربڪ طرفان). ”ائنٽي ڪُئٽي 37“ (1963ع). مريمر. ايس. اين ”دلمن. ڪُئيسٽ فار پئراڊائيز“، ص. 112 نوٽ 2.
(3) ”ائنٽي ڪُئٽي 32“ (1958ع)، آر. ڊي. بارنيٽ، ”ارلي شپنگ ان دي نيئر ايسٽ“ ص. 221 ۽ تصوير 21. بي، سامهون ص. 256، گارڊن چائيلڊ، ”نيولائيٽ آن دي موسٽ اينشنٽ ايسٽ“، ص 115 ۽ خاڪو صفحي 231-233، ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس“ جلد 3، ڇاپو ليئون ليگرين، ٽيڪسٽس 1053، 1054، 1459، 1680.
(4) ايرامارس پرائيس، ”دي گريٽ سلنڊر انسڪريشنس آف انڊيا“، 1927، ص. 13 (سلنڊر اي 90).
(5) ايضاً صفحا. 64-63، 71 (اسٽئچوز بي ۽ ڊي).
(6) ”ائنٽي ڪئٽيز 37“، ايس. اين. ڪريمر.
”جنرل آف دي امريڪن اوريئينٽل سوسائٽي“ جلد-74، اي. ايل اوپينهيم.
”بليٽن آف دي اسڪول آف اوريئينٽل ائنڊ افريقن اسٽينڊيز“ جلد-19. (1957ع)
”سيسوائٽ سوسا“ از اليا جرشيوچ، صفها 320-317، ”پرسي پوليس آف ايري ٿرين سي“، ايڊ، وليم. ونسينٽ، ڀاڱو پهريون ص. 94، ڀاڱو 2، ص-342.
(7) ”ايران“، جلد-III (1965ع) ”دي مڪئنڪس آف اينشنٽ ٽريڊ ان ويسٽرن ايشيا“... وغيره، از ايم. اي. ايل. ميلووان صفحا. 7-1، ليمئنس ”جنرل آف دي ايڪانامڪ اينڊ سوشل هسٽري آف دي اوريئينٽ“ جلد، III، ص. 27، سر ايل. وولي ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ڇاپو 1955ع، ص. 116، ”پيري پلس“ وغيره ايڊ. ونسينٽ (1805ع) ڀاڱو 2، ص. 341.
(8) جي. واٽ ”دي ڪمرشل پراڊڪٽس آف آنڊيا“ لنڊن 1908ع، ص. 293 (”ائويسينيا آفيس ائنلس“ ۽ سيريئوپس ڪئنڊولين).
(9) ”پيري پلس“، ونسينٽ 1908ع، ص. 94، جي واٽ، سامهون ص. 498. (مٿيون حوالو).
(10) ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس، I“ (رايل انسڪروپشنس ايڊ. سي. ايس گئڊ ليئون ليگرين ص. 11، (ٽيڪسٽ 50).
(11) ” ائنٽي ڪُئٽي، 37“ ايس. اين. ڪريمر، ص. 113.
(12) ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“، فيبروري 25، 1961ع، ص. 302- ”نيو لائيٽ“ وغيره، از سري. ايس. آر. راءُ لوٿل جي متعلق.
(13) اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس، III“، ”بزنيس ڊاڪيومينٽس آف دي ٿرڊ ڊاءِ نيسٽي اُر“، ايڊ. ليئون ليگرين، مثلاً ٽيڪسٽس 818، 326، 828.
(14) ”اُر ايڪس ڪئويشنس V“، ”ليٽرس ائنڊ ڊاڪيومينٽس آف دي اولد بائبليو نين پيريڊ“، ايڊ. ايڇ. ايڇ. فگيولا ۽ ڊبليو. ايف. جي. مارٽن ٽيڪسٽ 292.
(15) ” ائنٽي ڪُئٽي 37“ (1958ع) جي. بي ائنڊ آدرس، ص. 64-243. سر ايم. وهيلر ص 61-115 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب).
(16) سر ايل. وولي ص. 49-193 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب).
(17) سر ايم. وهيلر ص. 56-64 (مٿيون حوالو).
(18) اي. مئڪي. ”ارلي انڊس سوليزيشنس“، ٻيو ڇاپو (لنڊ، 1948ع) ص. 120. ايس. پگٽ، سامهون صفحي. 201-200 جي، بي ائنڊ آر ائلچين ”دي برٿ آف انڊين سوليزيشن“ (1968ع) ص. 134.
(19) سر جان مارشل ”موئن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“ ج، 1، صفحا. 10، 103.
(20) سر ايل. وولي. الالخ ”رپورٽس آف دي ريسرچ ڪاميٽي آف دي سوسائٽي آف ائنٽي ڪُئيريز آف لنڊن“نمبر 18، صفحا. 10، 304، 87-377.
(21) سر ايم. وهيلر، ص. 94. (مٿي ڄاڻايل ڪتاب).
اي. مئڪي، ص. 114. (مٿي ڄاڻايل ڪتاب).
(22) ايم. ايس، واٽس، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ هڙاپا“ I، ص. 324. سر ايل. وولي، ص. 116 (مٿي ڄاڻايل ڪتاب)،.
(23) ايس. پگٽ، ص. 151. (مٿي ڄاڻايل ڪتاب).
(24) سر ايم. وهيلر، حوالو ڏنل ص 151.
(25) سر ايم. وهيلر بحواله ايضاً.
(26) اي. مئڪي ”فردر ايڪس ڪئويشنس ائٽ موئن جو دڙو“، دهلي 1938ع، جلد I، صفحا 8-7.
(27) ڊي. اي. هومز ”ڊي ريسينٽ هسٽري آف دي انڊس“، جاگرافيڪل جرنل 134 ڀاڱو 3 ۾ (سيپٽمبر 1968ع) ص. 382-367.
(28) سر ڪلاڊ انگليز ”ڊي بهيوير ائنڊ ڪنٽرول آف رورس ائنڊ ڪئنالس“ وغيره، گورنمينٽ آف انڊيا ريسرچ پبليڪيشن نمبر: 13، پونا 1949ع، ج نامعلوم. ص. 172. سرجان مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 8.
(29) سر جان مارشل، ص. 103.
(30) اي. مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ وغيره. xiv 2، 101، 8-107.
(31) اهڙين گهڻين ئي کاهين جو بيان مئڪي طرفان ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ ص. 1 کان 5 ۾ ڏنو ويو آهي. انهن منجهان ڇهن جي جاءِ وقوع صاف ظاهر نظر اچي ٿي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ٻن کاهين جا تفصيل هن طرح آهن:
(الف) ڊي. ڪي دڙي جي اترئين ڪنڊ کان اٽڪل 40 فوٽ، اي. مئڪي ص 2، کاهيءَ جو هڪ حصو تصوير vii، ايڇ. 2 ۾ نظر اچي ٿو. ان هنڌ تي ميدان جي مٿاڇري جي سطح سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل 159 فوٽ مٿي آهي.
(ب) ”ايل“ دڙي ۽.... اسٽوپا دڙي جي ڏاکڻين لاهيءَ جي درميان: مئڪي، ص. 3. سلاميءَ ۾ دوباره داخل ٿيندڙ رستي طور بيٺل آهي، جنهن جي ڪري دڙي واري ڪوٽ کي ذري گهٽ ٻن اڌن ۾ ورهائي بيٺي آهي. ساميءَ جو مٿاڇرو هن هنڌ تي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل روءِ 65-155 آهي ۽ اها آسپاس واري ميدان جي سراسري اوچائي آهي.
(32) اي. مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ ص. 2.
ايس. پگٽ، نوٽس وغيره ”ائنشنٽ انڊيا“ نمبر: 4، (48-1947ع) ۾ اي. مئڪي جي کوٽائي ۽ سندس طرفان ڏنل ارضي تهن جي خاڪي جي حوالن سان لکي ٿو، ”(تعميراتي سطحن) هڪٻئي جي اڳيان پٺيان اچڻ جي حالت ۾ هڪ اهم ڳالهه، مختلف سطحن تي دريائي ريٽ جي تن جدا جدا ٿُلهن تهن جي موجودگي آهي“ ص. 27 ڏسو خاڪو ص. 28 تي).
(33) اي. مئڪي، ساڳيو ڪتاب ص. 44.
(34) سن 1929ي واري وڏي ٻوڏ، شيئاڪ نديءَ تي واقي اهڙي ئي برفاني بند جي ٽٽڻ جو نتيجو هئي.
(35) سر جان مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 125).
اي. مئڪي ۽ مارشل، ص. 265.
(36) سر جان مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 21.
اي. مئڪي ۽ سر جان مارشل، ص. 265.
(37) اي مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 2، 170، 171.
(38) اي. مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 8، 66.
(39) اي. مئڪي ۽ مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 265.
(40) اي. مئڪي ”فردر ائڪس ڪئويشنس“، ص xiii، ص. 6 (فٽ نوٽ)، تصوير xx.
(41) اي. مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 6.
(42) اي. مئڪي اڳي ڏنل حوالو.
(43) اي. مئڪي، ”چانهو دڙو ائڪس ڪئويشنس“ (نيو هئووين، ڪنيڪٽيڪٽ 1943ع) ص. 18، 59، 63.
(44) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 192، 5-214.
(45) هن تاريخ جي جلد I جو حوالو، ”سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن“ ص. 53-34.
سي. ايف: ڊي. اي. موئن ”دي ريسينٽ هسٽر آف دي انڊس“ جاگرافيڪل جنرل، سيپٽمبر 1968ع، ص. 375 ۾ ”ائنٽي ڪئٽي 19“ (1945ع)، ڊوروٿي. مئڪي، ”اينشنٽ رور بيڊس ائنڊ ڊيڊ سٽيز“.
(46) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 229-228.
(47) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 226-223.
(48) راما پرساد چندا: ”دي انڊس وئلي ان دي ويدڪ پريڊ“، آرڪيئالجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر؛ 31 (1926ع) ص. 4 جي ميمايرس ۾ ۽ ”سروائيول آف دي پري هسٽارڪ سويليزيشن آف دي انڊس وئيلي“، ايم. اي. ايس. آءِ. نمبر: 41 (1929ع)، رنگ آچاريه جي ”ويدڪ انڊيا“، ڀاڱو I ص. 147، 181-169 ۾ ”هسٽري آف دي پريڊ مسلمان انڊيا“.
(49) ٽي. برو، ”جرنل آف انڊين هسٽري، اپريل 1963ع، ص. 56-163 ۾ ”لفظ“ ”آرما، جي اهميت بابت“ ۾.
(50) ايضاً 20-161. ٻن سوترن ۾ سرسوتي ۽ دريشاوتي ندين جي ڪنارين سان برباد ۽ ويران آبادين جو ذڪر آيو آهي.
(51) مئڪڊونيل ائنڊ ڪيٿ، ”ويلڪ انڊيڪس آف نيمس ائنڊ سبجيڪٽس“ ص. 432، ”ڪئمبرج هسٽي آف انڊيا-1، ص. 79.
ان جي ابتڙ، ڏسو راما پرساد چندا ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر: 31 (1926ع)، ص. 5-2 ۾.
(52) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ ص 101.
(53) ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، ”دي انڊس فلڊ، پلين ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“، جاگرافيڪل جنرل، ڊسمبر 1967ع، ص. 491-490 ۾.
(54) سر ايل. وولي، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ص. 248. *
(هي مضمون ڪتاب ” سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو 35 کان 75 تان کنيل آهي).