سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌو سڀيتا، جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات: معروزيو طوسي

اهو هڪ عجيب اتفاق هو جو دنيا جي ٻن قديم شهرن اُر ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ساڳئي وقت 1920ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي هئي. ٻنهي ماڳن جي کوٽائي جا نگران ليونارڊ وولي (Leonord Woolly) ۽ جان مارشل (Jhon Marshall) هئا. هي ٻئي ذهين انگريز قديم آثارن جا ماهر هئا. هنن ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي ڪامياب مهم لاءِ ”سر“ جي خطاب سان نوازيو ويو هو. قديم آثارن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي مشهور هفتيوار مئگزين (Illustrated London News) جي ساکائتين رپورٽن وسيلي هنن ماڳن جي کوٽاين بابت ترت معلومات ملي رهي هئي.
ٽامي جي دور سان لاڳاپيل ڏکڻ- اولهه ايشيا جي تهذيب بابت سچي ۽ کري معلومات هڪ تجسس وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته هي قديم تهذيبون قديم عهدنامي جي (Old Testament) دور وارن پيغمبرن کان هڪ هزار اڳ جون هيون. اُر (Ur) جي کوٽائي 1922ع کان 1934ع تائين ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي 1921ع کان 1929ع تائين هلي. ٻنهي قدڳم ماڳن جي کوٽاين کي فقط تجسس پيدا ڪرڻ ڪري ياد ڪونه ٿو ڪيو وڃي. اهي ان ڪري به اهم آهن جو هنن کوٽاين وسيلي قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ قسم جو نئون ثقافتي مواد ملي ويو هو. جنهن ڪري کين ٻنهي شهري سماجن جو، وسيع پيماني تي بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هو. ٻنهي کوٽاين وسيلي هٿ آيل ثقافتي مواد ان وقت جي هلندڙ تاريخي تحقيق ۽ نظرين تي تمام گهڻو اثرانداز ٿي رهيو هو. قديم ماڳن جي کوٽاين ٿيڻ کان ٿورو ئي عرصو پوءِ انهن جا نتيجا ڇپجي ٻاهر اچڻ لڳا. انهيءَ ڪري مشرق قريب جي قديم آثارن کي هڪ جدا ۽ آجي حيثيت ملي وئي هئي ۽ قديم عهدنامي بابت ماڻهن جو پختو عقيدو ڀڄي ڀور ٿي پيو هو، جنهن کي يورپ جي اوڻوهينءَ صديءَ جي تعليمي ادارن ۾ هڪ اهم حيثيت حاصل هئي.
قديم آثارن جي سوال کان ڪجهه وڌيڪ اهم
موهن جي دڙي واري ماڳ مان اهڙي اهم سڀيتائي لاڌ ملي جنهن وسيلي ٽامي جي دور بابت ايشيا جي انقلابي قسم جي اهم معلومات هٿ اچي وئي. ڇاڪاڻ ته هتان ترقي يافته ٽامي دور واري شهري سماج جي موجودگي بابت اهم معلومات ملي وئي هئي جيڪا ايران جي مٿاهين پَٽَ کان ڏور ۽ ٻيج جي چنڊ (Crescent) جهڙي سائي ۽ آباد پٽيءَ کان اوڀر سنڌ ۾ پڪين سرن جا وڏا دڙا موجود آهن جتي ڪڏهن شهري زندگي موجود هئي، جيڪو هاڻي تاريخ سان لاڳاپيل هڪ اهم مسئلو بڻجي ويو آهي. هن مرحلي تي هڪ اهم نقطو هيءُ به آهي ته ٽينءَ سهس ق. م دوران سنڌو سڀيتا جا مشرق قريب (Near East) سان ڪهڙي قسم جا لاڳاپا موجود هئا.
اهم سوال هيءُ آهي ته سنڌو سڀيتا کي ڪيئن سمجهجي ته اها قديم شهري تمدن جي ڪنهن اثر کان آجي ۽ نجي پجي اؤسر آهي. هيءَ ڳالهه اڃا تائين هڪ کليل بحث جو موضوع بڻيل آهي. هي سوال فقط علمي ڪونه آهي. پر ان ڪري مناسب معلوم ٿي رهيو آهي ته هن وسيلي سنڌو سڀيتا جي وسيلن ۽ انساني تخليق ان لائق آهي جو ان کي قديم ميسو پوٽاميا جي تهذيب سان ڀيٽائي سگهون ۽ تازو دريافت ٿيل ڪولمبيا جي ميسو آمريڪا جي تمدن سان سندن مشابهت ڪري سگهون. هن تاريخي تسلسل جي پيچيده ماحول کي سمجهڻ واسطي قديم آثارن جي دستاويزن کي ڪتب آڻي سگهجي ٿو پر اهو فقط تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن گهربل معلومات گهڻي ۽ مختلف نوعيت جي هجي ۽ مختلف قسم جي سماجي نظام بابت ڪا معلومات ڏئي نه سگهي، جيڪو سنڌو سڀيتا جي شڪل ۾ گهڻي عرصي تائين زمان ۽ مڪان (Space and Time) سان لاڳاپيل رهيو هجي. هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي ڳالهه ڪانه آهي ته اهڙيون حقيقتون فقط تڏهن حاصل ڪري سگهجن ٿيون جڏهن ڪڍيل نتيجا ڊگهي وقت ۽ گهڻ- انتظامي (Multi Diciplinary) جي تائيد ۽ پٺڀرائي ڪن. ايئن نه ٿئي جو اسان هڪ شيطاني چڪر (Vicious Circle) ۾ ڦاسي پئون ۽ پنهنجي چوڌاري ڦرڻ لڳون، جهڙي ريت ڪتو پنهنجي پڇ ۾ چڪ وجهي ڦرندو آهي. ان وقت تائين سائنسي تحقيق لاءِ نيون حقيقتون دستياب ٿي ڪونه سگهنديون جيستائين نئين تاريخي جوڙجڪ ڪن اتفاقي دريافتن جي غيريقيني ڳالهين ۽ غيرفطري نظرين جي ضد ۾ رهندي.
سنڌو سڀيتا جي اڀري اچڻ جي ابتدائي نظريي جو دائرو گهڻو وسيع هو ۽ ايئن سمجهيو پئي ويو ته سنڌو سڀيتا وارو وسيع علائقو چوٿين سهس ق. م جي ابتدا ۾ ميسو پوٽاميا جو سڌو سنئون هڪ بيٺڪي راڄ هو. اين. ايم ڪرئمر (N.M. Kramer) به هن نقطه نظر جو حامي هو جيڪو سميري تهذيب جو هڪ مها ڄاڻوهو. هندستان جي ماهرن جو خيال آهي ته هيءَ سڀيتا ڪنهن ڌارئي اثرکان بلڪل آجي هئي.
مشرق قريب جي تهذيب جي گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو سڀيتا ميسو پوٽاميا جي اهم ۽ وسيع تجربي جي هڪ ننڍڙي علامت آهي. ٻيو هي حقيقت هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿي ته چوٿين سهس ق م دوران فرات (Euphrates) دجله (Tigris) ۽ ڪرون (Karun) درياهن جي ميدانن وارا ماڻهو لڏي پلاڻي سنڌو ماٿريءَ ۾ اچي آباد ٿيا هئا ۽ ڏکڻ- اولهه ايشيا جي مختلف خاصيتن واري سماج جو ڪارڻ به اهو آهي. قديم آثارن جا ڪي ماهر ميسو پوٽاميا واري تصور کي اڄ به صحيح سمجهن ٿا پر اڄڪلهه اهڙي قسم جو بحث ڪرڻ سٺو ڪونه ٿو لڳي. خاص ڪري 1969ع جي کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي ڄاڻ ملي آهي ته اروڪ- جمدة النصر (Uruk- Jamdatul Nasar) واري ثقافت ميسو پوٽاميا وارين حدن مان نڪري گهڻي علائقي ۾ پکڙجي وئي آهي. شام واري فرات درياه جي ڪنڌيءَ سان حبوب خبيره (Habuba Khbira) جهڙيون وسنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ان کان ڪجهه عرصو پوءِ جمدة النصر جو ٺڪر ٿانءُ اوڀر طرف اومان (Oman) جي اپٻيٽ تي پڻ نظر اچي ٿو. بيان ڪيل پوئينءَ شاهديءَ مان لڳي ٿو ته هيٺانهين ميداني علائقي جي ٻن رياستن جي ثقافت ٽينءَ سهس ق م جي پڇاڙيءَ ڌاران ٻنهي طرفن ڏانهن اڳتي وڌي هئي. سوچجي ٿو ته اهڙيون اهم تبديليون، اڳئين سماجي جوڙجڪ جو اثر اوڀر بلوچستان واري علائقي ۾ به محسوس ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي اولهنديءَ وٽ سان واقع آهي. افسوس جو اظهار ڪندي هيءُ نتيجو ڪڍڻو پوي ٿو ته جيستائين سڌيون ۽ پڌريون حقيقتون سامهون اچن تيستائين قديم آثارن جي ماهرن لاءِ ثقافتي لاڳاپن ۽ سماجي ارتقا جي وچ واري تعلق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ نظرياتي اصولن کي ڪتب آڻڻ ممڪن ڪونه هوندو.
قديم آثارن جا ڪي ماهر مٿي بيان ڪيل نقطه نظر جي خلاف آهن ۽ سمجهن ٿا ته سنڌو سڀيتا ڪنهن ڌارئي اثر جي پيداوار ڪانه آهي ۽ هن ڌرتيءَ جي ڄائي آهي. پر هي نقطه نظر ڪن نظرياتي ڳالهين ڪري منجهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن وقت سر جان مارشل موهن جي دڙي واري ماڳ جي کوٽائي ۾ رڌل هو تڏهن انگريز شهنشاهيت ٽوڙ ڦوڙ واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي هئي، پر يورپ جي لارڊن جو وڪٽوريا دور وارو نظريو اڃا به طاقتور هو. انهيءَ جو هڪ آسان نتيجو اهو به نڪتو جو هن ننڍي کنڊ جي ساري انساني ڪائنات کي فقط هڪ تاريخي وجود سمجهيو ويو. هيءُ تصور انگريز ڪامورا شاهي جا حوصلا بلند ڪري رهيو هو، جنهن جو نقطه نظر پنهنجو اصلي شان شوڪت بحال ڪرڻ هو. موهن جي دڙي جي دريافت ان زماني ۾ ٿي هئي. جڏهن انگريز راڄ عروج تي هو. تنهن ڪري هنن مناسب سمجهيو ته هندستان جي تاريخي روايتن کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي تاريخ سان ڳنڍين جوڙين. ان کان سواءِ هنن ڏٺو ته هندستاني سماج ذاتين ۾ ونڊيل ورڇيل آهي، تنهن ڪري هو سمجهائڻ لڳا ته سماج ۾ اها ڳڙٻڙ آرين جي حملن جي ڪري ٿي هئي. ان جو ٻيو ڪارڻ فاتحن ۽ مفتوحن جو سماجي طور هڪ ٿي وڃڻ به آهي. سماج جي هيءَ هڪ نئين تعمير هئي جنهن ڪري لازمي طور ٻه سياسي ڌريون پيدا ٿيڻيون هيون. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هن ننڍي کنڊ هندستان ۾ ايڪو رهي ڪونه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڌريون بنيادي طرح انتها پسند هيون جتي اقليت جي اڳواڻي قائم ٿي چڪي هئي. قديم آثارن جي نالي وارن ماهرن ٽامي واري ثقافت ۽ هندو ڌرم جي روايتن کي ملائي پيش ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون هيون. ان کان سواءِ قديم آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيل ثقافتي شين کي سنڌو سڀيتا جي بنيادن سان ڳنڍيو جوڙيو وڃي ها. ايئن ڪرڻ سان يقين قائم ٿي وڃي ها ته سنڌو سڀيتا سنڌ ۾ پنجاب جي پَٽَنِ ۽ ٻوٽن جي پيداوار ۽ هن ڌرتيءَ جي ڄائي آهي. هندستان جي قديم آثارن جي هڪ مشهور عالم ۽ ڪلڪتي ميوزيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رام پرساد چندا هن نقطه نظر بابت (Survival of the pre historical Civilazation of Indus valley) جي عنوان سان هڪ ڊگهو مقالو لکيو آهي. مذڪوره مقالو 1929ع ۾ لکيو ويو هو، جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ کوجنا اڃا هلي رهي هئي. بدقسمتي سان انهيءَ زماني (1929) ۾ آمريڪا جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي اچي وئي هئي. خاص طور دنيا جي صفا ڇيڙي وارين بيٺڪي نظام سان لاڳاپيل ايراضين ۾ سرمائيداري نظام ڄڻ ته تباهه ٿي رهيو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو 1920ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان جي قديم آثارن جي کوٽاين ۽ کوجنائن لاءِ تمام ٿورو فنڊ رکيو ويو هو پر جيئن ته مزدوريءَ تي ايندڙ خرچ تمام ٿورو هو تنهن ڪري کوٽاين ۽ کوجنائن جي ڪم کي جاري رکيو ويو هو. جڏهن ته خاص ٽيڪنڪي ماهرن جي پگهارن واسطي فنڊ مهيا ڪونه ڪيا ويا هئا. انگريز شهنشاهت جي آخري ڏينهن ۾ قديم آثارن جي انتظاميا ۾ تمام گهڻي ڦيرڦار ڪئي وئي هئي. ورهاڱي کان اڳ هن کاتي جو ڊائريڪٽر سر مارٽيمر ويلر هو، جنهن تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي هئي ۽ ٿوريون گهڻيون اضافي حقيقتون ميڙي چونڊي اوڀر جي تصوير ۾ ڪجهه اضافو ڪيو هو. سندس مقصد هو ته انهن جي باضابطا مشاهدي کان پوءِ سنڌو سڀيتا جي دور جو تعين ڪيو وڃي. سر ويلر جي حڪمت عملي سائنسي اصولن مطابق هئي. سندس بنيادي نقطه نظر هيءُ هو ته سنڌو سڀيتا جي بڻ بڻياد جي اصولي طور تعين ٿيڻ تائين اهو تصور ڪيو وڃي ته هيءَ سڀيتا هن ئي ڌرتيءَ جي ڄائي آهي. مارٽيمر ويلر هڪ سائنسي سوچ فڪر رکندڙ انسان هو ۽ پنهنجي ساري زندگيءَ ۾ کيس سائنسي نقطه نظر وارو تجسس رهيو. هيءُ شخص حقيقتن سان پيار ڪندو هو ۽ انهن سان ڏاڍو سچو هوندو هو ۽ کوٽائي ۽ کوجنا کان پوءِ جيڪا به حقيقت کيس معلوم ٿي ويندي هئي تنهن کي هڪدم قبول ڪري وٺندو هو. سنڌو سڀيتا گهڻو وقت اڳ ختم ٿي چڪي هئي ۽ وچ تي ماٺ جو وڏو وقت گذري چڪو هو، تنهن ڪري کوٽائي مان هٿ آيل شيون ايتريون گهڻيون ڪونه هيون. 1960ع واري ڏهاڪي تائين ميسو پوٽاميا کان اوڀر وارن ملڪن جي تهذيب بابت تمام ٿوري معلومات ملي هئي، جن ۾ ايران، ترڪستان، بلوچستان ۽ عربستان شامل هئا.
هر ماڻهو هن قسم جي معلومات جي ضرور توقع ڪندو ته سنڌو سڀيتا انسان ذات جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪهڙو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙيون ڳالهيون فقط وچ وارن علائقن ۾ نئين کوجنا تي دارومدار رکن ٿيون ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جا ميسو پوٽاميا ۽ ٻين سان مال بدلي مال وارا تجارتي ۽ ٻيا تعلقات ڪهڙي قسم جا هوندا هئا. هي هڪ پيچيده معاملو آهي، جيڪو سندس اصليت کان به گهڻو اڳتي هليو وڃي ٿو ۽ هنن ماڻهن جي سڀيتا جي تاريخي ڪردار جو تعين ڪري ٿو. سنڌو سڀيتا هماليا جبل کان عربي سمنڊ تائين پکڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هي ٽامي واري دؤر سان لاڳاپيل ايشيا جو هڪ تهذيبي نظام آهي، جيڪو دنيا جي هر تهذيبي نظام کان پکيڙ ۾ تمام وڏو آهي، جنهن جي سياسي ۽ سماجي ادارن سان لکين ماڻهو لاڳاپيل هوندا هئا. اهو تصور ڪرڻ ته هن سڀيتا جو اثر فقط ننڍي کنڊ تائين محدود هو سو غلط آهي. هن قسم جو خيال فقط هندو تعصب سان تعلق رکي ٿو. مستقبل ۾ ٿيندڙ تحقيق جو مقصد هيءُ هجڻ گهرجي ته سنڌو سڀيتا جبل پار ۽ سمنڊ پار وارن ملڪن تي ڪهڙو اثر وڌو آهي، جيڪي هندستان کان اوڀر ۽ اولهه طرف واقع آهن. اسان کي اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته سنڌو سڀيتا جون ڪيتريون ثقافتي شيون هن ننڍي کنڊ جي حدن کان گهڻو پري پڻ مليون آهن، جنهن مان چڱيءَ ريت معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هن سڀيتا جو اثر عربستان ۽ وچ ايشيا تائين پکڙيل هو. جيڪڏهن هن قسم جي شاهدين تي سوچ ويچار ڪبو ته هنن ڏور ڏيساور علائقن تي سنڌو سڀيتا جو اثر تمام گهڻو هو جيڪو اسان جي تصور کان به مٿي آهي.

[b]ميسوپوٽاميا مان هٿ آيل سنڌ جون مهرون، لکت ۽ مڻيا
[/b] سنڌو سڀيتا جي هڪ نهايت اهم خاصيت هي آهي ته هن کي پنهنجي هڪ تصويري لکت هئي جيڪا اڃا تائين ڪو ماهر ڀڃي ڪونه سگهيو آهي. هيءَ لکت نهايت خوبصورت نموني سان چوڪنڊين ۽ چمڪدار مهرن تي اڪريل ڏسجي ٿي، جيڪي ابرق يا ڀوڏل پٿر (Steatite) جون اهن. هنن مهرن ۾ هڪ جهڙو معيار قائم ڪيو ويو آهي. مهرن جي پٺئين پاسي سوراخدار بومبي ڏسجي ٿي. هن قسم جو ڀوڏل پٿر کي هلڪيءَ باهه تي تؤ ڏبو ته ان جو مٿاڇرو رجي برف جهڙو اڇو ٿي پوندو آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ سخت ۽ چمڪدار ٿيو پوي. اهڙيون مهرون تمام گهڻي انداز ۾ ٺاهيون وينديون هيون. سنڌو سڀيتا جي مختلف وسندين مان اٽڪل ٽي هزار کن مهرون هٿ لڳيون آهن. اهڙن ماڳن ۾ ڪي وڏا ۽ ڪي ننڍا شهر ۽ ڳوٺ آهن. انهن قديم ماڳن مان ڪي دريائن جي ڪٺار سان ته ڪي انهن کان تمام پري آهن، جتان ڄاڻايل مهرون هٿ لڳيون آهن. ڪي مهرون گهرن مان ۽ ڪي خاص قسم جو چؤديوارين اندران مليون ۽ ڪي سنڌو ماٿري جي حدن کان به گهڻو پري دريافت ٿيون آهن. اهڙين حقيقتن مان سولائيءَ سان پتو پئجي سگهي ٿو ته سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽاميا ۾ ويجهو تعلق موجود هو.
ميسوپوٽاميا مان اهڙيون طاقتور شاهديون ان وقت مليون، جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي ٿورو وقت گذريو هو. اهڙو پهريون مثال تيل احيمر (Tell ahaimer) جي ماڳ تان 1923ع ۾ مليو هو. اهو قديم ماڳ ڪش (Kish) جو هڪ حصو آهي. اهو واقعو سر جان مارشل جي موهن جي دڙي تي لکيل رپورٽ جي شايع ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳ ٿيو هو. ڄاڻايل رپورٽ هن ماهر السٽرٽيڊ لنڊن نيوز لاءِ لکي هئي. تيل احيمر واري ماڳ تان هٿ آيل مهر تي سنڌو سڀيتا واري لکت اڪريل هئي، جنهن ۾ هڪ ڍڳو آهر آڏو بيٺل ڏيکاريو ويو هو ۽ ٽن نشانين تي مشتمل سنڌو لکت موجود هئي. کوٽائي جي ساڳي موسم دوران ڪش جي کوٽائي هلندي هڪ قبر مان عقيق (Carnelian) جا چٽيل مڻيا مليا هئا، جنهن مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جا ميسو پوٽاميا سان تجارتي تعلقات هوندا هئا. قيمتي پٿر تي چٽن ڪڍڻ جو هنر اڄ به انڊيا (سنڌ) ۾ جام آهي. سنگ يماني (Chalcedony) جي مڻين تي اڇي رنگ جا پٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن تي کار (Socium Carbonate) سان چٽ ڪڍي هلڪيءَ باهه تي گرم ڪيو ويندو هو. (ڏسو پليٽ-100) سنڌو سڀيتا جي هن قسم جي مڻين مان به چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته قديم سنڌ جا ميسو پوٽاميا سان تجارتي ناتا موجود هئا. تاريخ واري دور ۾ به اها ثابتي ملي ٿي ته هن تجارتي مال جو تعلق سنڌو سڀيتا سان هو. هيءَ ثابتي مهرن جي موجودگي واري ثابتيءَ کان به وڌيڪ آهي ته هنن ٻنهي تهذيبن جا مال بدلي مال ڏيڻ وٺڻ وارا تعلقات موجود هئا ۽ ٻنهي وچ ۾ تجارت جو ڄار وڇايل هو.
فرينچ ماهرن کي اهڙيون ٻيون شاهديون تيلوه (Telloh) ۽ سوس (Susa) جي کوٽاين مان هٿ لڳيون آهن. هي ٻئي ماڳ ميسوپوٽاميا جي ميداني علائقي جي اهم شهرن مان آهن. هتان لڌل اهي مهرون سڄيون ساريون آهن. هنن ٻنهي علائقن جي وچ ۾ هڪ اهم دريافت جي شاهدي موجود آهي جيڪا لووري (Louvre) ميوزيم ۾ محفوظ آهي. هيءُ ڪنهن مهر سان مٽيءَ جي پنوڙي تي ٺپيل نشان آهن. جيڪي بلڪل چٽيءَ ريت محفوظ آهن. ڄاڻايل نشان سنڌ جي مهرن جا آهن، هي مهر پهرين مهاڀاري جنگ کان ٿورو اڳ هڪ واپاري کڻي آيو هو. هي اهو زمانو آهي جڏهن ڪنهن کي سنڌو سڀيتا جي موجودگي جي خبر ڪانه هئي، نه وري ان کي اهڙي مڃتائي ملي هئي. ان بابت ايئن سمجهيو پئي ويو ته هي نشان ڏکڻ ميسوپوٽاميا جي جهوڪا (Jhoka) نالي هڪ ماڳ سان تعلق رکن ٿا. هن ماڳ جي اڃا تائين کوٽائي ٿي ڪانه سگهي آهي پر هن جي سڃاڻ غيرقانوني کوٽائي ڪرڻ وارن ماڻهن کي هٿ آيل ڪن تحريرن مان ٿي آهي. سندن خيال آهي ته هي سمير تهذيب جو اُمه (Umma) ماڳ آهي. اهڙي نالي واري اُچار جي اڃان ڪٿان تصديق ڪانه ٿي آهي، نه وري ٿي سگهڻ جو ڪو امڪان آهي پر هن حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه آهي ته هي ثقافتي شيءِ ڏکڻ عراق مان آئي هئي جتي هن قسم جا واپاري پنهنجو ڌنڌو ڪندا رهندا آهن. مهر جي ٺپي ۾ اهو ساڳيو ڍڳي ۽ سندس آڏو آهر واري علامت آهي جنهن جي مٿان سنڌو لکت جون ڇهه نشانيون آهن (ڏسو پليٽ 97 ۽ 98) لووري ميوزيم ۾ مهر جو اهو ٺپو 1931ع ۾ آڪسفورڊ آشمولين (Ashmolean) ميوزيم جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب بابت تن ڏينهن ۾ اتي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته مٽيءَ پنوڙي جي سامهون واري پاسي تي مهر کي نهايت ئي خبرداري سان هنيو ويو آهي. جڏهن ته ان جي ٺپيل نشان جي ٻئي پاسي ڪپڙي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي بلڪل چٽا آهن. اهو ڪپڙو ٿانءُ جي منهن تي ٻڌل هو، جنهن جي ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهيل رسيءَ تي مٽيءَ جو ٺپيل نشان چنبڙيل هو. ان رسيءَ جي ڳنڍ جي ڪري ٺپي واري مٽيءَ جي پنوڙي تي هڪ گهرو نشان به نظر اچي رهيو آهي. ان ڳنڍ مٿان مٽيءَ جو پنوڙو رکي مهر جي ٺپي هڻڻ جو مقصد ان ٿانءَ ۾ رکيل شيءِ کي سيل مهر ڪرڻ هو. قديم آثارن جي ماهرن واسطي مهر سان ٺپيل مٽيءَ جو هي پنوڙو نهايت ناياب حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ سچي کريءَ معلومات جو ذريعو آهي جنهن مان انتظامي طريقه ڪار جي چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته انهيءَ زماني (ٽين سهس ق م) ۾ وچ مشرق ۾ تجارتي شين جي روانگي ۽ پهچ ڪهڙيءَ ريت يقيني ۽ محفوظ بڻائي ويندي هئي. هن مهر جي نشان کان پوءِ ڏکڻ اولهه ايشيا جي ماڳن تان مهرن سان ٺپيل تمام گهڻا نشان هٿ لڳا آهن جيڪي نوبيا (Nobia) کان اناطوليه (Anatolia) ۽ شام کان وٺي افغانستان تائين پکڙيا پيا آهن. اُمه مان هٿ آيل مهر جي ٺپي مان ماڻهو هڪدم اهو تاثر وٺندو ته مذڪوره ٿانون وسيلي سيل مهر ڪري موڪلي ويندڙ تجارتي شيءِ نهايت قيمتي هوندي هئي. پر جيڪڏهن سوچيو وڃي ته وچ مشرق ۾ هر شيءِ هروڀرو ايڏي قيمتي به ڪانه هوندي. سيل مهر ڪري تجارتي شين کي ڪيڏانهن موڪلڻ جو رواج سنڌو ماٿريءَ يا ننڍي کنڊ جي اولهندي پاسي وارن ملڪن ۾ گهٽ هوندو هو. بلوچستان، عمان ۽ ڏکڻ وچ ايشيا مان به مهرن وسيلي ٺپيل مٽيءَ جا اهڙا پنوڙا تمام ٿورا هٿ لڳا آهن. جيڪڏهن حساب ڪبو ته ڏهن مهرن جي پٺيان فقط هڪ مٽيءَ جو پنوڙو ٺپيل ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌو سڀيتا وچ مشرق جي انهن سڀني ملڪن کان بلڪل معياري ۽ انوکي ڏسجي ٿي جتي شين کي سيل مهر ڪري ڪيڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. سنڌو ماٿريءَ جي قديم ماڳن تان مهرن ٺپيل نشان هٿ ڪونه آيا آهن ۽ نه وري اهڙن ٺپيل مٽيءَ جي پنوڙن جي غيرموجودگيءَ جو ڪارڻ ٻڌائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ مهرن هجڻ جو سبب وچ مشرق واري سبب کان ٻيو آهي. هن حقيقت کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌو سڀيتا جو، اُمه مان لڌل مهرن جو ٺپيل نشان ميسوپوٽاميا مان لڌو آهي ۽ اهو اتان جي مقامي رواج مطابق آهي. ڇاڪاڻ ته تجارتي شين کي سيل مهر ڪري ڪيڏانهن رواني ڪرڻ جو قاعدو فقط ان علائقي ۾ هو.
هنن حقيقتن مان معلوم ايئن ٿي رهيو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا ڪي واپاري گهراڻا ٽينءَ سهس ق م جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سمير ۾ آباد ٿيا هئا جيڪي ميسوپوٽاميا جي معاشري ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا. اهڙو احوال اسان کي ٽين سهس ق. م جي پڇاڙي ۾ ٻي سهس ق. م جي شروعات وارين تحريرن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو. هي اڪد (Akkad) جي سارگون (Sargon) ۽ اُر جي III خاندان جي وچ وارو دور آهي جيڪو 2350 ق م کان 2000 ق م تائين آهي. ان دور جي تحريرن ۾ ميلوها (Meluhha) نالي هڪ ملڪ جو نالو اچي ٿو جيڪو ايراني نار کان اوڀر پاسي واقع آهي، جتان غيرملڪي تجارتي مال، جهڙوڪ: عاج مان ٺهيل سامان (ڏسو پليٽ 109) جڙائي جي ڪم واريون شيون: سون عقيق پٿر، ٻيا قيمتي پٿر، پڪو ڪاٺ، قيمتي جانور ۽ غلام ايندا هئا جيڪي تختيءَ تي لکيل فهرست ۾ نظر اچن ٿا. هن حقيقت مان چڱيءَ ريت پتو پوي ٿو ته ميسوپوٽاميا ميلوها وسيلي خط استويٰ وارن ملڪن مان ڪي تجارتي شيون گهرائيندو هو جيڪي هندي سمنڊ جي ڪناري سان آباد هئا. پنهنجي يادگار تحريرن ۾ سار گان اعظم (2334- 2279 ق. م) ٻين ڳالهين سان گڏ هيءَ به هام هنئي آهي ته سندس حڪومت دوران ميلوها مان تجارتي سامان جا ٻيڙا ڀرجي سندس نئينءَ راڄڌاني اڪد ۾ اچي لنگر هڻن ٿا. ان کان سواءِ ديلمون سارگان ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري سان آباد ملڪن مان به تجارتي مال اچي سندس نئين گادي واري شهر ۾ لهندو آهي.
ان دور سان لاڳاپيل اُڀي نوعيت جي هڪ مهر لڌي آهي جنهن تي اڪد سميري لکت ۾ سو- اي- لي- سويمي- بال- مي- لوهه- ها (Su- i- li- su/eme leme- bal- me-luh-ha) جا لفظ لکيل آهن. تحرير جو مفهوم هن ريت آهي: سو- ئيليسو مليوها جو ترجمان (Su- ilisu- Meluhha interpreter) جنهن کي علامتي طور هن ريت ظاهر ڪيو ويو آهي ته مهر ۾ سوئيليسو جو قدم تمام بندرو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو هڪ معزز ماڻهوءَ جي هنج ۾ ويٺو آهي. امڪان آهي ته اهو مقان جو حڪمران هجي جيڪو ٻن ملاقاتين سان ڳالهائي رهيو آهي. (ڏسو پليٽ 99.) اسان هتي هن حقيقت جو اضافو ڪرڻ چاهيون ٿا ته هن کان هڪ صدي کن پوءِ حڪمران گوڊيا (Gudea) جي دور ۾ ميلوها جي واپارين لاگاش (Lagash) ۾ ٺهندر شين، عبادت گاهه جي تعمير واسطي ڏوراهين ملڪ مان ڪاٺ ۽ تعمير جو ٻيو سامان آندو هو. هي شاهدي ٽين سهس ق. م جي پڇاڙيءَ سان واسطو رکي ٿي. هن کان پوءِ ڪابه اهڙي تحرير ڪانه ملي آهي جنهن مان ڄاڻ ملي ته ميلوها سان هن ملڪ جو سڌو سنئون تجارتي ناتو هو. ار جي iii خاندان جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ ٻارنهن کن اهڙيون تجارتي تحريرون موجود آهن جن ۾ هڪ ميلوها ڳوٺ اي- دورو ميلوها (e- duru meluhha) ۽ ميلوها جي پٽن دونا ميلوها (Duna Meluhha) جو ذڪر نظر اچي ٿو. يا اناج جي مقرر مقدار جي ادائگي جو ڪو ذڪر آهي. آشوري قديم آثارن جي ماهرن هنن تحريرن جو مفهوم هن ريت ڪڍيو آهي ته سماجي يڪجهتيءَ جو هڪ منظر آهي جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ کان ايندڙ ماڻهن جي ٻڌل ڪن وسندين کي پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ ڌارئي ملڪ جي هنن ماڻهن کي سميري سماج جو فرد تسليم ڪيو ويو هو. ڪڏهن ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ پرامن تعلقات نظر ڪونه ٿا اچن. اهڙو احوال هڪ قديم متن ۾ ڏسجي ٿو. امڪان آهي ته ان تحرير جو سارگان دور سان تعلق هجي. لکت جو مفهوم هن ريت آهي، ”ميلوها جي لو سونزد (Lu- Sunzida) نالي ماڻهو ارور پٽ امرلوڪو (Urur son of Amarluku) وٽ رهندو هو.... جنهن ڏند ڀڃڻ جي ڏوهه ۾ ڏهه شيڪل چاندي ادا ڪئي.
اهڙيون تحريرون تمام ٿوريون آهن جن مان معلوم ٿي سگهي ته هنن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ۾ سرگرم واپاري ناتا موجود هئا. هن وقت مؤرخن لاءِ مناسب مسئلو اهو ثابت ڪرڻ آهي ته اهڙن رابطن ۽ ناتن، سماجي حقيقتن کي ڪهڙي نموني متاثر ڪيو هو. اسان کي معلوم آهي ته اهي ٻئي تهذيبون هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف هيون... پر هڪ ماڻهو اهو بحث ڪهڙي نموني سان ڪري سگهندو ته ٻنهي تهذيبن جي ثقافتي ڏي وٺ هڪ ٻئي جي ارتقائي مرحلن تي اثر ڪونه وڌو هوندو. هن کان سواءِ اهو به غور ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ٻنهي تهذيبن جي وچ وارا علائقا سندن اثر رسوخ کان ٻاهر به نڪري ويندا هوندا، جن هنن جي وچ ۾ موجود تجارتي ناتن کي ضرور متاثر ڪيو هوندو. تجارتي طريقي جي اهڙي تبديلي بلڪل نمايان هوندي. نتيجي طور ڏکڻ، ايران، ايراني نار، عمان ۽ بلوچستان کي هن منصوبي ۾ ضرور شريڪ ڪيو ويو هوندو.
حقيقتون کڻي ڪيئن به هجن پر جيستائين تهن تان ڪنهن خاص دور سان لاڳاپيل ڪي ثقافتي شيون هٿ نٿيون لڳن تيستائين ان دور ۽ تاريخ سان لاڳاپيل ضمني حقيقتون معلوم ڪري ڪونه سگهبيون.... شڪاگو اورينٽل انسٽيٽيوٽ عراق جي ديالا ماٿري ۾ 1930ع واري موسم ۾ کوٽائي ڪئي هئي ۽ هن قسم جي اتحاد کي ممڪن بنائي ڇڏيو هو. ايڇ. فرينڪفرٽ (H. Frankfort) ۽ ساڻس گڏ جاکوڙي جٿي تيل اسمار (Tell Asmar) جي کوٽائي ڪرائي هئي جنهن مان کين سنڌو سڀيتا جون ڪيتريون ئي ثقافتي شيون هٿ لڳيون هيون پر اڪد خاندان ۽ اُر جي خاندان iii جي وچ واري دور 2350 ق. م کان 2000 ق. م واري زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ سان لاڳاپيل شين جو تعداد بلڪل ٿورو آهي. انهن درآمدي شين ۾ اهڙا ڳهه آهن جن ۾ بُڪيءَ جي شڪل جهرو عاج جڙيل ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ عقيق پٿر جا مڻيا ۽ ڪجهه ٺڪريون هٿ لڳيون آهن جيڪي اهڙي ٺڪر جي ٿانءَ ۾ پيل هيون جنهن ۾ مڻيا (Knobs)ٺهيل هئا. هن قسم جي ٺڪر جا ٿانو موهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا ويا آهن. هتان چوڪنڊي طرز واري مهر ته ڪانه لڌي آهي پر اڀي طرز جي هڪ مهر نمبر 22: 31 A.S لڌي آهي جيڪا ڀوڏل پٿر (Steatite) جي آهي جنهن کي بعد ۾ هلڪيءَ باه تي تؤ ڏئي چمڪدار ڪيو ويو آهي. هن مهر تي سنڌو ماٿريءَ جي جهنگلي جيوت سان لاڳاپيل ٽي جانور، جهڙوڪ: هاٿي، گينڊو ۽ واڳون ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻاهريان ماهر هنن ڌارين شين کي ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا هئا.
سنڌو سڀيتا ۾ اُڀيءَ طرز جون مهرون ڪي نيون ڪونه اهن جتان اڄ تائين پنجويهه کن اهڙيون مهرون هٿ اچي چڪيون آهن، پر هنن مهرن جي گهاڙ جي طرز ميسوپوٽاميا جي مهرن کان بلڪل مختلف آهي. فرينڪفرٽ جو بيان آهي ته ”بابل تهذيب جي ڪابه مهر هن مهر جيان بيهڪ ۾ متوازن ڪانه آهي.“ ان کان سواءِ پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته مهر تي نظر ايندڙ جانورن جا جسماني تفصيل اهڙي وضاحت سان پيش ڪيا ويا آهن جنهن سان ڪلاڪار جي اصليت جو چٽيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو. طرز مان سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته اشنون (Eshnunn) مان لڌل هيءَ مهر سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن ڪاريگر جي هٿ جو ڪمال آهي. هتي اسان کي ساڳين روايتن جو ميلاپ يا اتصال ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر منجهن فعلي صفتون مختلف آهن. اهرو اشارو اُمه مان هٿ آيل مهر جي ٺپيل نشان مان پڻ ملي ٿو ته اها شيءِ پنهنجي خاصيت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي آهي ۽ ان جي ڪاريگر ڌارئي ماحول کان چڱيءَ ريت واقف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ميلوها ۽ ميسوپوٽاميا هڪ دور جي ثقافتي دنيا جا ٻه حصا آهن. علامتون ۽ نشانيون اهڙيون آهن جيڪي اُر جي iii خاندان وارين تحريرن ۾ موجود آهن جن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. مهر 22: 31 A.S اڪد دور سان لاڳاپيل هڪ گهر جي چوديواري واري ڀت هيٺان ڦٽي ڪيل گند ڪچري مان لڌل آهي جنهن جو تعلق اڪد iv گهراڻي سان ڀانئجي ٿو، جنهن جو قديم ماڳن جو سلسلو 2350 ق. م کان 2200 ق.م تائين ڳنڍيو اچي ٿو. هن جو اهم نوعيت جي حوالن سان ذڪر نه آهي. شايد هن جو تعلق ڪش ۽ اُر واري قديم لاڌ سان آهي، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته 2200 ق. م هڪ صحيح اندازو آهي. هي اهو ساڳيو زمانو آهي جڏهن سنڌو ماٿريءَ جي مهر اشنون شهر ۾ ڪتب اچي رهي هئي.
فرينڪفرٽ سنڌو سڀيتا جي ثقافتي شين کي اڪد دور وارن تهن ڏانهن منسوب ڪري ٿو ۽ قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ ٻئي جي دورن سان ڀيٽائي سنڌو سڀيتا جي عروج واري زماني جي معلومات ڏئي ٿو. اهڙيون حقيقتون ميلوها بابت هٿ آيل تحريرن سان پڻ سهمت آهن. پوئين دور جي لاڌ (Finds) ۽ وڌيڪ کوجنا به اهڙين ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي، مثال طور عقيق پٿر جي چٽيل مڻين جو اُر جي شاهي خاندان جي قبرستان وارين قبرن مان ملڻ جي واقعي بابت برٽش ميوزيم جي، جي. ريڊي (J. Reade) هاڻي تبصرو ڪيو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته هنن مڻين جو ميسوپوٽاميا ۾ استعمال قديم خاندان iii جي دور ۾ (2350 ق. م) ٿيو آهي جيڪو اڪد جي سارگون (Sargon) کان هڪ نسل اڳي هو. هن ڳالهه مان پتو پوي ٿو ته ان دور ۾ هن بابل وارن هيٺانهن پٽن تي پنهنجو راڄ قائم ڪري ورتو هو. ايئن به چئي ڪو نه ٿو سگهجي ته هن دور کان اڳ ميسوپوٽاميا جو ايراني نار کان اوڀر پاسي وارن علائقن سان ڪو تعلق ڪونه هو پر ايترو بيان ضرور ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو سڀيتا جون ثقافتي شيون 2400 ق.م کان اڳ ميسوپوٽاميا ڪونه پهچنديون هيون، هن قسم جا ٻئي نقطه نظر ڪيتري حدتائين صحيح آهن تنهن بابت اصلي حقيقت فقط تڏهن ظاهر ٿي سگهندي جڏهن عراق ۽ پاڪستان ۾ اڃا به وڌيڪ کوجنائون ڪيون وينديون.
ميسوپوٽاميا مان ملندڙ سنڌو سڀيتا جي آخري مهر 1977ع ۾ نيپور (Nippur) مان ملي آهي جيڪا ڀوڏل پٿر جي ٺهيل ۽ چمڪدار آهي، جنهن تي ڍڳي ۽ آهر جي علامت ڏسجي ٿي. اها مهر ڪاس (Kassite) دور (1250ق. م) جي هڪ گهر مان لڌي آهي. گهڻو وقت اس ۽ هوا ۾ رهڻ ڪري ڀوڏل جي هيءَ مهر گهڻي ڳري ۽ تباه ٿي وئي آهي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن مهر کي گهڻي عرصي کان وٺي استعمال نه ڪيو ويو آهي. هن وقت ايل. اوپنهيم (L. Oppenheim) سان اختلاف رکڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي. سندس نقطه نظر هيءُ آهي ته هيمورابي iii جي زماني (ارڙهين صدي ق.م) دوران ميلوها ۽ سنڌو سڀيتا جو ميسوپوٽاميا مان اثر ختم ٿي چڪو هو.
ميسوپوٽاميا جي قديم آثارن جي دستاويزن کي پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿيندو ته ٽامي دور جي ٻنهي اهم ثقافتي مرڪزن جي وچ ۾ موجود تعلقات هڪ حقيقت آهن پر اهي گهڻا گهاٽا ۽ لڳاتار ڪونه رهيا آهن. معلوم ائين ٿئي ٿو ته 2400 ق. م کان هڪدم پوءِ سنڌو ماٿريءَ جو آرائشي تجارتي مال سمنڊ رستي ڏکڻ ميسوپوٽاميا ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ ميسوپوٽاميا جو ڪوبه تجارتي لاڳاپو نظر ڪونه ايندو، جنهن مان پتو پئجي وڃي ٿو ته هن ثقافتي مرڪز جو تجارتي مال اوڀر طرف موڪلڻ ضروري ڪونه سمجهيو ويندو هو. پهرين صدي عيسوي دوران روم جو هندستان ۽ عربستان سان واپار به ساڳئي طريقي جو هوندو هو. جنهن جو پيريپلس آف ايرٿريئن سي به بيان ڪيو آهي. اهو ملڪ پنهنجو تجارتي مال ايراني نار جي منڍ وارن بندرن تائين آڻيندو هو. ٽين سهس ق. م جي آخر ۾ سنڌو ماٿري جو تجارتي مال ايراني نار وٽ لهندو هو ڇاڪاڻ ته اها ميسوپوٽاميا جي خواهش هئي پر ان جا ڪجهه اقتصادي ڪارڻ به هئا.ميسوپوٽاميا ڏانهن ايندڙ تجارتي مال هندي سمنڊ جي ڪناري وارن بندرن تان چڙهندو هو جيڪي ان کان گهڻو پري هوندا هئا.
سنڌو ماٿري ۽ ميسو پوٽاميا جي وچ واري دنيا
ابتدائي دور ۾ سنڌو ماٿريءَ جو ميسوپوٽاميا ۾ درآمد ٿيندڙ تجارتي مال غير واضح آهي. هتي ڪي اهڙيون شيون سنڌو ماٿريءَ کان گهرايون وينديون هيون جن جي هتي مقامي حالتن مطابق ضرورت هوندي هئي. هتان جي ابتدائي کوٽاين مان ڪجهه اهڙي لاڌ سنڌو سڀيتا جي ٻين ثقافتي شين سان گڏ ملي آهي جيڪا هتان هٿ ايندڙ ٻين شين کان بلڪل مختلف آهي. انهن ڏينهن ۾ ٻين ماڳن سان گڏ اُر جي قديم ماڳ جي کوٽائي ٿي رهي هئي جنهن جي مختلف هنڌن تان سنڌو ماٿريءَ جون پوريون 16 مهرون مليون آهن جيڪي ڀوڏل پٿر جون ۽ شڪل صورت ۾ گول هيون، جن جو واسطو ٽين سهس ق. م جي ابتدائي دور سان آهي. انهن مهرن مان ڇهن تي ڍڳي ۽ آهر جي تصوير ۽ مٿان سنڌو لکت جون تصويري نشانيون هيون. انهن مهرن جو تعلق بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي موهن جي دڙي واري دنيا سان هو ۽ اهڙو تعلق تعجب جهڙو هو. اصل مسئلو اهو ڪونه هو ته اهي سنڌو ماٿريءَ مان ملندڙ هزارن جي تعداد ۾ چوڪنڊين مهرن کان مختلف هيون پر انهن جي صرفياتي جوڙجڪ مان مهرن جي اصلي ماڳ جو به پتو پئجي ٿي سگهيو.
آشوري ثقافت جي ماهر سي. جي گئد 1934ع ۾ هنن تصويرن کي شايع ڪرايو هو. هي ماڻهو هن معاملي ۾ ڏاڍو خبردار ۽ سچيت هو. لڌل مهرون منفرد ۽ آشوري ثقافت سان اڻ لاڳاپيل هيون جيڪي هن قديم آثارن جي ممتاز ماهرن ڏانهن روانيون ڪيون. ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هنن مهرن جي طرز جو تعلق قديم سنڌو سڀيتا سان هوندو. هن قوي امڪان مان اهو لڳي رهيو هو ته هي مهرون اهڙي ماڳ سان تعلق رکن ٿيون جنهن ۾ سنڌو سڀيتا ۽ سمير تهذيب جو گڏيل اثر آهي. هن اهو به محسوس ڪيو هو ته مذڪوره مهرن تي نظر ايندڙ لکت جون ڪي نشانيون اهڙيون به آهن جيڪي موهن جي دڙي مان هٿ آيل نشانين کان بلڪل مختلف آهن. جڏهن آسڪو پرپولا سنڌو لکت جي نشانين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ان جي ڪنڪارڊنس جوڙي هئي ته نار مان لڌل لکت جي مجموعي جي اڃا به وڌيڪ تصديق ٿي وئي. ان هوندي به سمجهي سگهجي ٿو ته گئڊ ڪيڏو ڏاهو ۽ سُچيت ماڻهو هو جنهن کي هڪ گڏيل اثر جي کڙڪ پئجي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڊينمارڪ جي ماهرن جو جٿو بحرين ۽ فئلڪا ٻيٽن تي موجود عربي سمنڊ واري نار جي قديم ماڳن جي کنڊرن جي باضابطا کوجنا جي مقصد سان کوٽائي شروع ڪرائي ته کين اهڙيون سوين مهرون هٿ لڳيون هيون جيڪي شڪل صورت ۾ گول هيون ۽ سامونڊي ڪناري جي انهن قديم وسندين مان مليون هيون جن جو تعلق ٻي سهس ق. م جي ابتدا سان هو. ڄاڻايل شين سان گڏ ٻيون به ڪي ثقافتي شيون مليون جن جو ٽامي جي نئين دور سان تعلق هو (ڏسو پليٽ 101 ۽ 102). هيءَ ديلمون جي ڌرتي هئي جنهن جو ميسوپوٽاميا جي ٽين سهس ق. م جي تحريرن ۾ ذڪر موجود آهي. هي سمنڊ جي ٻئي پاسي ميسوپوٽاميا جي ڀر وارو ملڪ هو. هي باغ باغيچن جو ملڪ هو. هتان جا ماڻهو سامونڊي سفر جا ڪوڏيا هئا ۽ سندن بندرن تي ٻين ملڪن کان ايندڙ جيڪو تجارتي مال لهندو هو تنهن کي (سمنڊ رستي هاڪاري) ٻين ملڪن ڏانهن کڻي ويندا هئا. قديم آثارن جي ماهر وولي (Woolley) کي اُر ماڳ جي کوٽائيءَ مان لکت جون ڪيتريون تختيون هٿ آيون هيون جن جو تعلق اُر جي iii خاندان ۽ اِيسين- لارسا (Isin Larsa) واري دور سان آهي. هن قسم جي تحريرن جو تعلق واپارين ۽ عبادت گاهه جي وڏي ملڪيت ۽ خانگي قسم جي مهمجوئن جي رکيل حساب ڪتاب سان آهي. اهي ڌريون ديلمون ۽ ٻين ڏور ڏيساور جي ملڪن جهڙوڪ ماگان (Magan) ۽ ميلوها سان واپار ڪنديون هيون. انهن تجارتي شين ۾ ٽامو، عاج، قيمتي پٿر ۽ آبنوس ڪاٺ هو جيڪو ميلوها کان ايندو هو. انهن شين لاءِ مال بدلي مال ۽ چاندي ورتي ويندي هئي.
ميلوها جي iii گهراڻي جي مهر وارين تحريرن جو ذڪر اچي ٿو. ان سان گڏ ان ملڪ کان ايندڙ شين جهڙوڪ عاج ۽ عقيق پٿر جو به نالو اچي ٿو. اهي شيون سنڌو ماٿري سان تعلق رکن ٿيون پر ايسين- لارسا واري دور (2000 ق. م) ۾ هتان جي تحريرن ۾ ميلوها ۽ ماگان جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. آشوري قديم آثارن جي ماهر ليو اوپنهيم (Leo Oppenheim) جو هن بابت ويچار آهي ته انهيءَ زماني ۾ ديلمون تجارتي طور تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو هو. هي ملڪ ميسوپوٽاميا جو تجارتي ڀائيوار هوندو هو جنهن کي ميسوپوٽاميا ڪي رعايتون ڏنيون هونديون. تنهن ڪري هن ٻيٽ جي تجارت کي گهڻي اهميت ملي وئي هوندي، جيڪو سنڌ کان ايندڙ تجارتي مال تي ضابطي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوندو. هيءُ ملڪ ميسوپوٽاميا ۽ سنڌو ماٿريءَ جي وچ تي ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته ايسين- لارسا دور ۾ سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽاميا جا تعلقات ختم ٿي ويا هئا. اهڙيءَ ريت ديلمون کي تجارتي هڪ هٽي حاصل ٿي وئي هئي. 1954ع ۽ 1970ع جي وچ واري عرصي ۾ قديم آثارن جون ڪافي کوٽايون ۽ کوجنائون ٿيون جن وسيلي ڪيتريون شاهديون آڏو آيون آهن ته انهيءَ دور ۾ ٽه- ڌريو تجارتي نظام قائم هو جنهن ۾ سنڌو ماٿري، ديلمون ۽ ميسوپوٽاميا شامل هئا. پهرين ثابتي اڻ سڌي آهي جنهن جو واسطو اُر جي کوٽاين سان آهي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته ايسين- لارسا واري تحريري حوالي جو ماخذ بلڪل صحيح آهي جنهن ۾ گئڊ مهر جي نموني کي سنڌو سڀيتا واري طرز سڏي ٿو جيڪا شڪل صورت ۾ گول آهي. هن ساڳئي دور جي ٻي تحرير ييل يونيورسٽي (Yale University) جي تحريرن جو مجموعو آهي وڏي اهميت جي حامل آهي. هن تختي جي تحرير جو تعلق لارسا جي حڪمران گنگو نوم (Gengu num) جي راڄ جي ڏهين سال يعني 1923 ق. م سان آهي. ديلمون جي هن مهر سان گڏ خط ميخي (Cumeform) ۾ لکت ڏسجي ٿي. مٿي بيان ڪيل اُر جي پهرين مهرن جي ”نار“ وارين ڪن مهرن تي سنڌو لکت واريون نشانيون پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي ڊينمارڪ جي ماهرن کي فئلڪا مان هٿ لڳيون آهن جن سان گڏ سنڌو ماٿريءَ سان لاڳاپيل ٻيون به ست ثقافتي شيون ميلون آهن. ان کان سواءِ هتان تور جا وَٽَ (Weights) پڻ مليا آهن جن جو تعلق به سنڌو ماٿريءَ سان آهي. هن قسم جون چقمق پٿر مان ٺهيل شيون قلعات البحرس (Qalat- al- Bahraes) نالي هڪ ماڳ مان مليون آهن. هي واپار ۽ تجارت سان لاڳاپيل نهايت اهم شيون آهن، جن مان قديم سنڌ ۽ هن ٻيٽ وچ ۾ تجارتي ناتن جو ڀليءَ ڀت پتو پئجي وڃي ٿو. اهم دريافت 1955ع ۾ ٿي آهي ۽ اها ديلمون جي مهر کنڀات جي نار جي اترئين پاسي جي هڪ قديم ماڳ لوٿل جي کوٽائي دوران ملي آهي. (ڏسو پليٽ 103). لوٿل وارو مذڪورو ماڳ بحرين کان اٽڪل ٻه هزار ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ماٿريءَ جي صفا ڇيڙي ۾ واقع آهي. بدقسمتيءَ سان هي هڪ اڪيلي لاڌ آهي جيڪا هندي سمنڊ جي اتر پاسي هڪ بندر تان ملي آهي. پر هن اڪيلي شاهديءَ آڌار اهم معلومات هيءَ ملي ٿي ته 2000 ق. م دوران سنڌو ماٿريءَ ۽ بحرين وچ ۾ اقتصادي ۽ تجارتي تعلقات موجود هئا.
قديم آثارن جي ٻوليءَ ۾ شاهديءَ جي معنيٰ آهي تجارتي مال بدلي مال ڏيڻ وٺڻ جي ثابتي. ان سموري ڏيتي ليتيءَ جو دارومدار ٻنهي پاسن ڏانهن تجارتي مال جي آمدورفت آهي. هيءُ مهر عربي سمنڊ جي صفا ڇيڙي ۾ ميسوپوٽاميا واري طرف کان اڪيلي شاهدي آهي جيڪا سنڌو سڀيتا جي هڪ ماڳ جي مٿاڇري تان ملي آهي. لوٿل ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا ايس. آر راءِ ڪئي هئي، جنهن ديلمون جي هن اڪيلي مهر جي اهميت تي مختصر نموني سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌو سڀيتا جي هن تجارتي مرڪز جي اهميت ڏانهن اشارو ڏنو آهي، جيڪو ٽامي واري دور جي سامونڊي تجارت سان واسطو رکي ٿو. هن مهر لاءِ منطقي طور اهم لفظ هي ٿي سگهن ٿا ته هيءَ مهر ”نار“ جي ڪنهن واپاريءَ جي آهي جيڪو گجرات ۾ واپار ڪندو هو.
اهو کڻي ڪيئن به هجي پر هن وقت اهو سٺو ڪونه آهي جو اسان قديم دور واري مسئلي کي اختلاف راءِ جو شڪار بنائي ڇڏيون. عمان ۽ اوڀر ايران ۾ هاڻي تازو ڪيتريون ئي دريافتون ٿيون آهن، جن جو سمجهاڻيون تاريخي تشريحن کان گهڻيون وڌيڪ پيچيده آهن جن کي تاريخ سمجهائي ڪانه ٿي سگهي.
سنڌو سڀيتا جي سامونڊي پهلو تي تحقيق ڪرڻ واري هورا کورا کيس 1960ع ۾ مڪران واري ويران پٽيءَ جي سامونڊي ڪناري ڏانهن اچڻ لاءِ مجبور ڪيو. اهڙي تلاش ڪندي کيس گوادر ويجهو سکياجن دور (Sukhtagen Dor) ۽ ٻيون پشين ويجهو سوڪتا ڪوه (Sukta Koh) ماڳ هٿ آيا. هي ٻئي قديم ماڳ سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور جا قلعبند شهر هئا (ڏسو پليٽ 104). اهي قديم ٿاڪ هڪ ٻئي کان 150 ڪلوميٽر پري هئا. انهن شهرن جي چوڌاري ڪوٽ جون ويڪريون ۽ مضبوط ڀتيون ڦيرايل هيون جيڪي پٿرن سان اوساريل هيون. هن قسم جي اڏاوتن ۾ ماڻهوءَ جو تمام گهڻو پورهيو نظر اچي ٿو. ڄاڻايل اڏاوتن جي ڀرسان موجوده دور ۾ پاڻيءَ جو ذريعو موجود ڪونه آهي. اهي سامونڊي ڪناري کان 20- 25 ڪلوميٽر پري هڪ جابلو نئن جي ڪٺار سان واقع آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته اهي قلعا خيابانن سان آباد ۽ خوشحال علائقي ڏانهن ويندڙ رستي جي نگراني ڪرڻ جي مقصد سان اڏيا ويا هئا، جيڪي هن آباد علائقي کي سامونڊي بندرن کان نه پر سامونڊي ڪناري کان الڳ ڪري رهيا هئا. پٿر جي پوئين دور کان وٺي جابلو علائقن ۾ رهڻ وارا ڏکڻ بلوچستان جا ماڻهو خيابانن (Oases) ڀرسان ننڍڙيون وسنديون اڏي ويٺا هوندا هئا. هنن وسندين جي چوڌاري چراگاهن واري کليل جوءِ موجود هئي. ٽين سهس ق. م جي پڇاڙي واري دور ۾ به هنن ماڻهن شهري معاشري ڏانهن قدم ڪونه وڌايو پر سماجي جزا پاڻ ۾ ملي ڪل جي مڪمل شڪل اختيار ڪري چڪا هئا. هن سماج اندر سنڌو سڀيتا جي ٽيڪنالاجي واريون گهڻيون ڳالهيون موجود هيون. هنن ماڻهن جون ثقافتي شيون سنڌ جي ميداني علائقن جي شهرن وارين ثقافتي شين کان الڳ ۽ مقامي طرز جون آهن، قديم آثارن جا ماهر ڪولي (Kulli) ثقافت جو نالو کڻندا آهن. هيءُ اهو پهرئين قسم جو ثقافتي مرڪز آهي جيڪو پنهنجي نالي سان سڃاتو ويو آهي، جنهن ۾ ساري مڪران واري علائقي جهڙيون خاصيتون نظر اچن ٿيون. ان وقت هتان جون سياسي حالتون اهڙيون هيون جو قديم آثارن جو هي ماهر پاڪستان جي اولهندي سامونڊي پٽي واري علائقي جي وڌيڪ سروي ڪري ڪونه سگهيو هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪولي سنڌو سڀيتا ۽ عربي تهذيب جي تعلقات وارو مسئلو جيئن جو تيئن منجهيو پيو آهي جنهن کي مجمل ۽ جامع نموني ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
1960ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ تائين عربي سمنڊ کان اتر ۽ ڏکڻ وارن علائقن ۾ قديم آثارن سان لاڳاپيل کوٽايون ۽ کوجنائون ٿي نه سگهيون آهن پر ان کان پوءِ ايران، افغانستان، سويت وچ ايشيا ۽ عمان ۾ سروي ۽ ڪن ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا ٿي چڪي آهي جنهن وسيلي ڪجهه خال ڀرجي ويا آهن. قديم آثارن جو هي منظر سمنڊ رستي هلندڙ قديم واپار واري واٽ وٺي ڏسي ڪونه سگهجي ها. هن قسم جي کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي هي حقيقتون معلوم ٿيون اهن ته تهذيب ايراني پٽن پوٺن کان پار ۽ وچ ايشيا جي ڏکڻ ۾ پنهنجو وجود اختيار ڪيو ۽ تاريخي طور چوٿين سهس ق. م جي پڇاڙيءَ ڌاري هن منفرد هستيءَ جي شڪل صورت ۾ نڪري نرواري ٿي هئي. هنن سڀني ثقافتن جي مجموعي شڪل بلوچستان کان به اڳتي نڪري وئي هئي. هنن ثقافتي اثرن سنڌو سڀيتا جي تخليق ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. 2500 ق. م ڌاري هن نظام جي اهم مرڪزن شهري تهذيب واري منفرد حيثيت اختيار ڪري ورتي هئي جنهن ۾ يادگار اڏاوتون، شاندار، گهر، مُردن کي دفن ڪرڻ سان لاڳاپيل شين کي تيار ڪرڻ وارن ڪاريگرن لاءِ جدا وسندي جوڙڻ، راڄنيتڪ معاملن کي اڪلائڻ جي مقصد سان ڪنهن اداري جو قيام به عمل ۾ اچي چڪو هو. اهڙي ڪاميابي ٿور- وقتي هئي ۽ ان جو ڪو ڪارڻ سمجهايو نه ويو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿري جي وسيع علائقي ۾ قائم سڀئي وڏا شهر ٿورين صدين جهڙوڪ 2200 ق. م کان 2000 ق. م واري وچئين دور ۾ ڦٽي ناس ٿي ويا. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌو سڀيتا جا ميسوپوٽاميا سان سڌا سنوان تعلقات هئا. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته 2000 ق. م واري عرصي ۾ سنڌو سڀيتا جون تيار ٿيل ثقافتي شيون ميسوپوٽاميا مان بلڪل گهٽ هٿ لڳيون آهن. تيپي يحيٰ (Tepe Yahya) مان هڪ ٿانءُ لڌو آهي جنهن تي سنڌو لکت جون ٽي نشانيون ٺپيل ڏسجن ٿيون. هي ماڳ ڏکڻ ايران جو هڪ ڳوٺ آهي. تيپي حصار iii-c مان عقيق جا مڻيا لڌا ويا آهن جن تي نقش نگار ٿيل آهي. آليتن تيپي (Altin Tepe) جي ماڳ تان عاج جون ڳوٽون ۽ ڇڪو لڌو آهي جنهن سان گڏ ڀوڏل پٿر جون مهرون به هٿ لڳيون آهن. انهن مان هڪ تي سو استيڪا جو نشان آهي. جڏهن ته ٻيءَ مهر تي سنڌو لکت جون ٻه نشانيون اڪريل آهن. هي ماڳ ترڪمينيا (Turkmenia) جي ناماز گا (Namazga) v سان تعلق رکي ٿو جنهن جو ٽين سهس ق. م جي پڇاڙي واري چوٿائيءَ سان واسطو ڏسجي ٿو. جيڪڏهن هن ماڳ مان اهي شيون نه ملن ها ته سڀني امڪاني ڳالهين هوندي به هن ماڳ کي ميداني، جابلو ثقافت جو عدم تسلسل وارو معاملو سمجهيو وڃي ها. اهڙي لاڌ جي ڪري ماهر منجهي پيا هئا ڇاڪاڻ ته اهڙيون شاهديون غيرمتوقع هيون. ان ڪري جو هنن ٻنهي علائقن ۾ ويجها تعلقات ڪونه هئا.
سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ ٿي هئي جتان جابلو علائقي جون ڪجهه شيون هٿ لڳيون هيون جن جو تعلق ايران جي ٺهيل ڌاتوءَ جي شين سان هو جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي ميداني علائقي جي جهڪر نالي هڪ ماڳ مان سنڌو سڀيتا جي ٻين شين سان گڏ هٿ آيون هيون. مذڪوره ٿاڪ موهن جي دڙي کان ٽيهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اتر- اولهه طرف واقع آهي. هنن سڀني کان وڌيڪ اچرج جهڙي دريافت 1976ع ۾ ٿي هئي. ان زماني ۾ فرانس جي قديم آثارن جي ماهرن شورتوگئي (Shortugai) جي کوٽائي ڪئي هئي جتان سنڌو سڀيتا جي هڪ وسندي ظاهر ٿي پئي. هيءُ ماڳ آمون درياءَ جي ڀرتي ڪندڙ هڪ شاخ جي ڪنڌيءَ سان واقع آهي. سنڌين جي وسندي جو هيءُ ماڳ اتر افغانستان جي بدخشان صوبي جي اترينءَ وٽ سان آهي. هي ماڳ اڄ به پوکيءَ راهيءَ جي لائق آهي. هن ماڳ ڀرسان هڪ سوڙهو جابلو لَڪُ آهي جنهن وسيلي سون، چاندي، ٽامي، لاجورد پٿر ۽ سيهي جون کاڻيون آهن. هتان سنڌو سڀيتا واريون سڀ شيون مليون آهن جن ۾ هڪ مذهبي قسم جي مهر به لڌي وئي آهي جنهن تي گينڊي جي تصوير اڪريل آهي ۽ مٿان سنڌو لکت جون نشانيون ڏسجن ٿيون. هي ماڳ افغانستان جي صفا ڇيڙي ۾ ۽ هندو ڪش جابلو سلسلي کان اتر ۾ واقع آهي. هن ماڳ لاءِ مناسب سمجهاڻي هيءَ ٿي سگهي ٿي ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ان جڳهه تي وڃي آباد ٿيا هئا. ”شورتوگئي“ جي دريافت کان پوءِ اهو هرگز سمجهڻ نه کپي ته اوڀر ايران جي ترڪمينينا تي سنڌو سڀيتا جو اثر فقط حرف اول آهي، ڇاڪاڻ ته اتان معمولي قسم جون ثقافتي شيون مليون آهن.
ايران جي جابلو علائقن جي قديم ماڳن تان سنڌو سڀيتا جون ثقافتي شيون مليون آهن پر تمام ٿوريون، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته هيءَ سڀيتا فقط هندستان واري ننڍي کنڊ تائين محدود هئي. ”شورتوگئي“ وارو ثقافتي ماڳ هن صورتحال سان سهمت آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو انهن وسيلن ۽ تجارتي رستن تي قبضي ڪرڻ جي مقصد سان ڏکڻ کان هلي اتي پهتا هوندا. اهو به امڪان آهي ته تاريخي دور کان پوءِ قديم سنڌ جي حڪمرانن وچ ايشيا تي بار بار حملا ڪيا هجن. اهو به هڪ امڪان آهي ته متان ”شورتوگئي“ مڪران جي سامونڊي ڪناري سان واقع مٿي ذڪر ڪيل ٻن پٿرائن ڪوٽن جو اتريون پاسو هجي. هن کان سواءِ کيرٿر واري جابلو جوءِ ۾ سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل ڪيترائي ماڳ موجود آهن، جهڙوڪ: پٺاڻي دمب (Pothani Dumb) ۽ نوشهرو (Nausharo). اهڙيءَ ريت سليمان جبل واري جُوءِ ۾ داٻڙ ڪوٽ يا بلوچستان ۾ به اهڙن ڪوٽن (قلعن) جي لَڙهه آهي جيڪا عربي سمنڊ جي ڪڇ کان وٺي وچ ايشيا تائين موجود آهي، جنهن جو مقصد سنڌو ماٿريءَ کي ڌارين کان بچائڻ هوندو. تاريخي تجربي وسيلي اهڙي شاهدي اسان جي ذهنن تي نقش ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙو تصور ڪرڻ ضروري به آهي.
عمان کي هندي وڏي سمنڊ جو پس منظر آهي
سمنڊ جي هن پار ڏکڻ طرف قلعن جي اڏاوت جو هڪ تصويري خاڪو موجود هو جيڪو ٽامي واري دور جي ظاهر ٿي پوڻ کان پوءِ بلڪل ئي ختم ٿي ويو آهي. هي علائقو سياسي طور اڪيلو رهجي ويو هو، تنهن ڪري قديم آثارن جون کوٽايون ۽ کوجنائن ناقابل ترديد شاهديون پيش ڪيون آهن ته هن علائقي جا سنڌو ماٿري سان ويجها ثقافتي ۽ اقتصادي تعلقات هوندا هئا جيڪي فقط تجارتي ناتن وسيلي سمجهائڻ ڏکيا آهن. 2300 ق.م جي منڍ واري عرصي ۾ عمان جي سامونڊي ڪناري يا اندروني علائقن ۾ موجود خيابانن مان هٿ لڳل سنڌو سڀيتا جي ثقافتي شين جي هڪ ڊگهي فهرست آهي جيڪي مختلف ماپ جون آهن. هنن خيابانن جي وٽ پاسي واري وسندي هيلي (Hile) مان سنڌو ماٿريءَ جي ٺڪر جي ٿانون جو تعداد تمام گهڻو لڌو آهي. ساڳي ريت ابوظهبي ۽ دبئي جي وچ تي غانادا (Ghannada) جي ماڳ تان به ساڳئي قسم جون سنڌو سڀيتا سان تعلق رکندڙ ثقافتي شيون هٿ لڳيون آهن. هتي ڌاتوءَ ۽ مهرن جوڙڻ جو هنر ڏسجي ٿو جن جي ٺاهڻ جي ڪاريگري سنڌو سڀيتا جي هنر جي طرز سان سنئون سڌو واسطو رکي ٿي. هتي هڪ قبر ۾ گهڻن لاشن پورڻ جو رواج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. قبر اندر رکيل شين ۾ نقش نگاري وارا عقيق پٿر جا مڻيا ته هر قبر مان لڌا ويا آهن. ان کان سواءِ پگهاريل شيشي جا مڻيا به گهڻي انداز ۾ لڌا ويا آهن. هنن سڀني شين جو سنڌو سڀيتا جي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان تعلق آهي پر سڀني کان وڌيڪ اهم ٺڪر جي ٿانون جي صنعت آهي، ڇاڪاڻ ته کوٽائيءَ وقت هتان سنڌو سڀيتا جي ٿانون جون ٺڪريون هٿ لڳيون آهن. ايس. ميري (S. Mery) جنهن جو فرانس جي قديم آثارن جي ماهرن سان تعلق آهي تنهن عمان واري اپٻيٽ تي هن ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته هتان جا سڀ ٿانو سنڌو سڀيتا واري طرز سان تعلق رکندا هئا ۽ مقامي طور عمان جي مٽيءَ مان ۽ مقامي روايتن مطابق گهڙيا ويندا هئا. ٻي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن وقت تائين ٽامي جي دور سان لاڳاپيل عمان جي لکت جون تحريرون هٿ آيون آهن سي سنڌو سڀيتا جي ٺڪر جي ٿانون تي اڪريل مليون آهن (ڏسو پليٽ 107). اهڙي لکت اتفاقي طور 1981ع ۾ ناتال واري ڏينهن ۾ راس الجنيز (Ras-al- Junayz) جي وارياسي بند مان هٿ لڳي هئي. هي ماڳ ڏکڻ عربيا جي صفا ڏاکڻين ڪنڊ کان يارهن ڪلوميٽر پري راس الحد (Ras- al- Hadd) ڀرسان آهي. هي ماڳ ان ڪري اهم آهي جو اڄ به پاڪستان جون ٻيڙيون ايراني نار ۽ آفريڪا ڏانهن ويندي هتان گذرنديون آهن. پسني (سوتڪاڪوه Sotka koh) کان ٻيڙيون هلي راس الجنيز پهچنديون آهن. هنن ٻنهي ماڳن جي وچ وارو پنڌ 450 سامونڊي ميل آهي. سنڌو ماٿري کان يمن ۽ آفريڪا وڃڻ لاءِ هي رستو تمام ڊگهو آهي. راس الجنيز کان ڏکڻ، ٻيڙيون ڪناري ڀرسان هاڪارينديون آهن. ان جو ڪارڻ سامونڊي ويرون ۽ لهريون آهن. ان کان سواءِ چؤماسي واريون هوائون چؤوايون هونديون آهن جيڪي لڳاتار هڪ طرف کان ڪونه گهلنديون آهن ۽ ڏکڻ عربيا جي سامونڊي طرف مطابق لڳنديون آهن. وڌيڪ کوجنا ۾ هتان جي ڌاتوءَ مان ٺهيل شين ۽ ٺڪر جي ٿانون سان گڏ سنڌو سڀيتا جي ٿانون جا ٺڪر نظر آيا، جنهن مان هتان جي وسنديءَ جي پکيڙ جو پتو پئجي ويو، جنهن جو تعلق ٽي سهس ق. م پڇاڙي ۽ ٻي سهس ق.م جي اڳياڙيءَ سان هو. هي کوٽائي فرانس- اٽليءَ جي گڏيل ماهرن 1985ع ۾ شروع ڪئي ۽ هڪ اهڙي تعمير جا باقيات ڳولي لڌا جنهن اندر ٺڪريون موجود هيون. هيءَ جاءِ ڪچين سرن سان اوساريل هئي جنهن جي تعمير 2300 ق.م کان اڳ جي نه آهي. هن جاءِ جو اڏاوتي نقشو به ڏاڍي ڌيان سان جوڙيو ويو هو (ڏسو پليٽ 108) ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته اڏاوتن جي مُچلي سان گڏ اتر پاسي لڳاتار سَتَ ڀانڊا (Store Rooms) آهن. انهن سڀني جا دروازا هڪ ڊگهي غلام گردش (Coridore) ڏانهن کلن ٿا، جن جي لنگهن وٽ پٿر جا دونا (Sills) لڳل آهن. هن جڳهه جي تعمير مان لڳي ٿو ته منجهس تجارتي سرگرميون هلنديون هيون. مختلف دورن سان لاڳاپيل وسندين جا ڪيترائي تهه آهن جن مان آخري تهه اهو آهي جتي ڀانڊن جي اڏاوت ڏسجي ٿي. ڀانڊن کي ورڪشاپ طور ڪتب آندو ويندو هو. هتي مقامي وسيلن مان استعمال جون شيون ٺاهيون وينديون هيون ۽ سنکن جي مختلف قسمن جهڙوڪ ڪونس (Conus)، پنڪٽاڊا (Pinctada) ۽ فيسيولاريا (Facsiolaria) ۾ ڪڇونءَ جي هڏي مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون. ان کان سواءِ چقمق پٿر مان استعمال جون تجارتي شيون ٺاهيون وينديون هيون جيڪو ڀرپاسي واري جوءِ مان ملندو هو. هتي رنگ به ٺاهيو ويندو هو جيڪو مئگنيشم جي هڪ قسم (Pyrolusite) کي ڪُٽي سنهو ڪري جوڙيو ويندو هو. هن ماڳ جي وسيع علائقي مان سنڌو ماٿري جي ٺهيل هر وَڙ ۽ جنس جون شيون هٿ لڳيون آهن جن ۾ ٺڪر جا مٽ، ٽامي ۽ ڀوڏل پٿر جون مهرون، سنگ جراحت (Alabaster) مان جڙيل گلدان، ڌاتوءَ مان ٺهيل مختلف شيون، عاج جو ڦڻيون جن تي خوبصورت آرائشي نقش اڪريل آهن، شامل آهن. هي استعمال جون اهڙيون شيون آهن جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي هر ثقافتي مرڪز ۾ ٺاهيون وينديون هيون پر ڪاليبئنگن ۽ هڙاپا هنن شين جا خاص مرڪز آهن. هي ماڳ ولايت کان ايندڙ شين جو مال گدام ڪونه هو پر هتي سنڌو ماٿريءَ کان ايندڙ سامان رکيو ويندو هو. هنن شين ۾ گهڻو تجارتي مال عمان جو پنهنجو هوندو هو. هتان 80% ٺڪر جو ٿانو لڌو ويو آهي. ڪي ڌاتوءَ ۽ پٿر جون شيون ۽ اوزار آهن. ان کان سواءِ ڪي اهڙيون ٻيون شيون به آهن جن جو مڇي ڦاسائڻ جي ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپو آهي. اهم ۽ دلچسپ حقيقت هيءَ آهي ته هتي ٽامي کي ٻاهر موڪلڻ جهڙا اهڃاڻ ڪونه ٿا ملن. توڙي جو عمان ۾ هي شيءِ تمام گهڻي ملي ٿي. حقيقت اها آهي ته عمان جي انهن تجارتي شين جي فهرست ۾ هن شيءِ جو نالو صفا مٿان هئڻ کپي ها جيڪي سنڌو ماٿريءَ ڏانهن روانيون ڪيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته هن ماٿريءَ ۾ ٽامو ٿورو لڀندو هو. جڏهن ته ٽامي جون کاڻيون راس الجنيز کان 150 کان 200 ڪلوميٽر پري هيون. ڪوبه ماڻهو هن ڳالهه تي اعتبار ڪونه ڪندو ته راس الجنيز جهڙو بندر عمان جي تجارتي مرڪزن جي لاءِ ڪو موزون هوندو.
راس الجنيز بندر اهڙو آهي جنهن جي سامونڊي ڪناري ڀرسان زمين جو ڪو کليل علائقو موجود نه آهي جتي ٿورا ملڪي وسيلا ڪتب آندا ويندا هئا پر هن ماڳ تي تجارتي مٽاسٽا تمام گهڻي ٿيندي هئي. هن بندر تان زراعتي جنسون ۽ پنهنجي وقت جو سٺو تجارتي مال چڙهندو هو. مڪران کان وٺي آفريڪا جي ٻاهر نڪتل نوڪ تائين سمنڊ جي سموري پٽي ويران آهي ۽ هر قسم جي وسيلن جي کوٽ آهي. سامونڊي پٽيءَ جي ماڻهن جي کاڌ خوراڪ فقط مڇي هوندي آهي. ٻئي کاڌ خوراڪ ۽ مٺي پاڻيءَ جي ڏاڍي اڻاٺ آهي. اناج سان لاڳاپيل پوکي راهي گهٽ ٿيندي آهي. هن دور ۾ اهڙي قسم جي آمدورفت اقتصادي طور فائديمند ثابت ٿئي ها جيڪا اڳي ناممڪن هئي. اهڙي ريت ٻاهران ايندڙ اناج بدلي غير اهم مقامي شيون ڏنيون وڃن ها. پوئين دور جي ناتي تجارتي جزن تي تڪميل جا ٻه نتيجا نڪرن ها ته: سڄي آفريڪا ۽ پاڪستان جي وچ واري علائقي جي سامونڊي ڪناري سان وسندڙ ان انساني آبادي جون اقتصادي حالتون سڌري وڃن ها جنهن جو مکيه ڌنڌو مڇي آهي ۽ سمنڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تجارت جو هڪ ڄار وڇائجي وڃي ها. اڪدي دور کان وٺي ميسوپوٽاميا جا تعلقات هن قسم جي حوالي آڌار چڱيءَ ريت سمجهائي سگهجن ٿا، جيڪو مال بدلي مال واري سامونڊي تجارت ۾ ٿورو حصو وٺندو هو. سامونڊي ڪناري واري تجارتي آمدورفت مقامي شين جي ڏيتي ليتي سان تعلق رکي ٿي. جنهن ۾ ڀرپاسي جا ماڻهو حصو وٺندا هئا جن جو سمنڊ تي ضابطو ابتدائي هولوسين (Holocene) دور کان وٺي قائم هو. ڪويت کان بعد تائين سارو سامونڊي ڪنارو اهڙين قديم وسندين جي ٿرڙن سان سٿيو پيو آهي. هندي سمنڊ وسيلي هاڪارڻ جا اهڃاڻ 5000 ق. م پراڻا آهن. اهڙيءَ ريت هن حقيقت تي ڪير به اعتبار ڪونه ڪندو ته وسيع پيماني تي پکڙيل هي تجارتي ڄار سنڌو سڀيتا، ميسوپوٽاميا ۽ مصري تهذيب جي ماڻهن جي غيرملڪي سامان جي مطالبي کان سواءِ ممڪن ٿي ڪونه سگهيو هوندو. هن قسم جي تجارت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جو وڏو اثر قائم هوندو ۽ هتان جون سرگرميون به نهايت تيز هونديون. ان جو هڪ سبب هن جي جاگرافيائي بيهڪ آهي. ٻيو ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جا قديم دور کان وٺي عرب ملڪن سان مال بدلي مال جي ڏيتي ليتيءَ وارا لاڳاپا قائم هئا.

[b]مستقل نوعيت جو انقلاب
[/b] ڪيترن بنيادي اختلافن هوندي به سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جا عرب ملڪن جي رهواسين سان سامونڊي تجارتي تعلقات موجود هئا جن جو واسطو ٽين سهس ق. م جي آخري حصي سان هو. تنهن ڪري ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي سان مستقل اثر پيدا ٿي چڪو هوندو. هن باري ۾ قديم آثارن سان تعلق رکندڙ گهڻيون شاهديون موجود آهن ته مال بدلي مال واري تجارت ۾ تيار مال جون بهترين شيون ٿوريون ڪونه هيون. هن تجارتي مال جو ڪجهه حصو ٻاهران ڪچو مال گهرائي تيار ۽ برآمد ڪيو ويندو هو. راس الجنيز واري کوٽائي مان لڌل ثقافتي شيون اهڙي قسم جي تجارتي مال سان تعلق رکن ٿيون پر جهنگلي جانورن کي پالي گهرو بڻائڻ ۽ جهنگلي ٻوٽن جا ٻج هٿ ڪري پوکي راهي ڪرڻ جو ڌنڌو نهايت قديم دور کان سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن شروع ڪيو هو.
اهڙيون حقيقتون سنڌو ماٿريءَ جي هڪ قديم ماڳ مهرڳڙهه جي هيٺئين تهه مان مليون آهن. هن ماڳ جي کوٽائي جي ايف جئرج (J. F. Jarrige) ڪئي آهي. اوڀر عربيا ۾ به هڪ اهڙو ماڳ آهي جتان قديم دور جي پوکي راهي جا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪي پڻ هن ڌنڌي ۾ وڏي ڄاڻ رکندا هئا. اهڙي پوکي راهي خيابانن وسيلي ٿيندي هئي جيڪا تمام ٿوري هئي ۽ خاص موسم جي آبي ذريعن تي دارومدار رکندي هئي. اهي ماڻهو چوٿين سهس ق. م تائين ڏوٿين واري زندگي گهاريندا هئا ۽ ڏٿ ڏوري پيٽ گذر ڪندا هئا، پر جيوت ۽ ماحول جي مختلف پس منظر جي ڪري سنڌو ماٿري ۽ عرب علائقن ۾ ڪي اقتصادي تبديليون اچي ويون هونديون جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي واريون هونديون ۽ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي سان تجارتي ڏيتي ليتي ڪري گهڻو نفعو به حاصل ڪيو هوندو.
سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن کي عربن اٺ ۽ کارڪون ڏنيون هونديون ڇاڪاڻ جو امڪان آهي ته عربن جهنگلي اٺ کي پالي گهرو جانور بڻايو هوندو. اهڙي ريت هنن کجيون پوکي هن وڻ کي به گهرو وڻ بڻائي ڇڏيو هوندو. کارڪون اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت جو اهم حصو بڻيل آهن. جوئر ۽ ٻاجهريءَ جو جنسون وري آفريڪا کان هتي پهتيون هونديون، ماڻهوءَ جو اناج سان تعارف 4500 ق. م ٿي چڪو هوندو. عمان جي مسقط ڀرسان مهاڻن جي هڪ قديم وسنديءَ جي کوٽائي مان جوئر جي اناج جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ مليا آهن. گڏوگڏ آنن لاهڻ وارن ساهدارن جون پڻ نشانيون ۽ ڪن جانورن جي هڏن جون شاهديون هٿ لڳيون آهن جيڪي عمان واري اپٻيٽ ۾ ٻاهران گهرايا ويندا هئا. معلوم ٿئي ٿو ته هيلي واري پَٽ ۾ آفريڪا کان آندل اناج ڪڻڪ، جَوَ ۽ کارڪن جا فصل ٿيندا هئا. خيابانن ڀرسان هن قسم جي گڏيل زراعت جو رواج هوندو هو. پٿر جي دور سان تعلق رکندڙ هنن زراعتي ٻوٽن ۽ وڻن تي اڃا به وڌيڪ تحقيقات جي ضرورت آهي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي ته هولوسين واري وچين دور ۾ آفريڪا جون زراعتي جنسون ٻيڙين وسيلي هندي سمنڊ جي اترين علائقن ۾ پهتيون آهن.
معلوم ايئن ٿئي ٿو ته قديم ۽ نيون روايتون 16 ۽ 18 صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ پاڻ مليون آهن جن اهڙي دولت آندي جو ماڻهن جي آباديءَ جي وڏي حصي واسطي انسان ذات جي قديم تاريخ ۾ داخل ٿيڻ ممڪن ٿي پيو. قبل از تاريخ واري پوئين دور ۾ به هڪ انقلاب ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو سنڌو ماٿري، آفريڪا، هند، ايراني زراعت جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ هندي ۽ عربي سمنڊ جي ڪنارن سان ۽ سمنڊ وسيلي هلندڙ تجارت ۾ سرگرم ڏسجن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي عمان ۽ ڏکڻ عربستان سان قائم تعلقات مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته هنن ثقافتي مرڪزن جو ملي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻ اهم ڳالهه هئي. اهو ڳانڍاپو وقت سر ڏاڍو ويجهو ٿيندو رهيو آهي.
پيراڪ (Perak) جي کوٽائي 1978ع ۾ ٿي هئي. هيءُ ماڳ ڪڇيءَ واري پٽ جي اتر پاسي ٻي سهس ق. م سان لاڳاپيل زراعتي ٿاڪ آهي. هتان هڪ اهڙي ٻوٽي جي باقيات هٿ آئي آهي، جيڪو آبهوا ۽ ماحول جي لحاط کان کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڪڇيءَ جي علائقي جي وچ تي وڌڻ ويجهڻ کپي. هي نجو پجو سنڌو ماٿريءَ جو ٻوٽو آهي جيڪو جابلو علائقي ۾ به ٿي سگهي ٿو ۽ سنڌو ماٿريءَ- ڄائو آهي. هن قسم جي انقلابي تبديلي واري منظر کان گهڻو پري مؤرخن ويدن جي رزميه دور مان سمجهيو هو ته اهو اقتصادي طور خوشحالي وارو گهڻ رنگو زمانو هو. ان دور سان لاڳاپيل ڪوبه ڌنڌو ختم ڪونه ٿيو هو ۽ سنڌ جي شهري تهذيب جي ختم ٿي وڃڻ کان هڪ هزار سال پوءِ نون پيداواري ذريعن هڪ معياري حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي. خط استويٰ ڀرسان سنڌو ماٿريءَ جون ساريون ۽ اٿوپيا جي ميداني علائقي جي جوئر، ڪڻڪ ۽ جون سان گڏ هن ملڪ ۾ پوکجڻ لڳيون. پوک جون پويون ٻه جنسون ته سنڌو ماٿريءَ ۾ 6000 ق. م کان وٺي ڪاهيون وينديون هيون. پوک جون اهي نيون جنسون خريف جي فصل سان واسطو رکن ٿيون جن جي پوکيءَ جي مند ۾ پچي راس ٿيڻ واري موسم ۾ ڪجهه تبديلي اچي چڪي هئي، جن جي پوکڻ واري مند چيٽ جي ابتدا ۽ لابارو چوٽ گرمين ۾ ٿيندو هو. هنن پوکن وسيلي کاڄرو جنسن ۾ واڌارو اچي ويو هو. ان کان سواءِ محنت جي ڪري تمام گهڻي اپت به ٿيندي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو هو جو هڪ سال اندر پوک جون مختلف جنسون ڪاهيون وينديون هيون ۽ تمام گهڻي پيداوار ملندي هئي.
مٽيءَ جون مورتيون ۽ هڏن جي باقيات مان سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته جهنگلي اٺ ۽ گهوڙي کي پالي گهرو جانور بڻائڻ، جهنگلي ٻوٽن جي ٻج کي هٿ ڪري فصل پوکڻ کان پوءِ عمل ۾ آيو هوندو. انهيءَ سان هڪ ته هاري جي پوک ڪرڻ واري صلاحيت ۾ بهتري اچي وئي هوندي، ٻيو ته تجارتي مال جي آمدورفت ۾ پڻ سولائي ٿي پئي هوندي. سنڌو سڀيتا جي عروج واري زماني ۾ آمدورفت لاءِ گاڏيون ڪم آنديون وينديون هيون جن کي ڏاند ڇڪيندا هئا. گهڻين جنسن جي پوکي راهي ۽ آمدورفت واسطي لاڏو جانورن جي هجڻ ڪري ٻهراڙي جي اقتصادي حالتن ۾ انقلابي تبديلي اچي چڪي هئي. ان ڪري 1500 ق. م ڌاري سنڌو ماٿريءَ ۾ نون زراعتي روايتن جي شروعات ٿي چڪي هئي. پيراڪ ماڳ سنڌو ماٿريءَ جو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن تي يورپ وارن جي سڀ کان پهريائين نظر پئي هئي. قديم آثارن جي مسلسل کوٽاين جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌو سڀيتا جو ٻين ملڪن سان تعلقات جو پتو پيو ۽ مختلف ثقافتي جزن جي گڏجي هڪ صورت اختيار ڪرڻ جي پيرائتي ڄاڻ ملي وئي. ان سان گڏ هيءَ ڄاڻ به ملي وئي ته ٽينءَ سهس ق. م جي پڇاڙيءَ ۾ هن تهذيب انساني معاشري جي بهتري لاءِ ڪيترو پاڻ پتوڙيو هو.