سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

الهندو هندوستان: اليگزينڊر ڪننگهام

شين سئنگ جي چواڻيءَ موجب الهندو هندستان مکيه ٽن ڀاڳن ۾ ورهايل هو. هڪ ڀاڱو سنڌ، ٻيو گرجارا (Gurjjara) ۽ ٽيون بلهي (Balahi) وارو حصو. سنڌ ۾ سنڌو ماٿري وارو سارو علائقو سارو پنجاب، سنڌ ويندي سمنڊ تائين ۽ ڪڇ شامل هو. ٻئي ڀاڱي ۾ راجپوتانا جو اولاهيون حصو هندستاني ٿر گڏيل هو. ٽئين حصي ۾ گجرات وارو حصو ۽ ڪجهه سامونڊي ڪناري وارا علائقا شامل هوندا هئا.

[b]سنڌ[/b]
ستين صديءَ ۾ سنڌ ۾ چار صوبا هوندا هئا، پر جاگرافيائي بيهڪ مطابق مان انهن جو سري، وچولي، لاڙ ۽ ڪڇ (٣٦٨) جي نالي سان بيان ڪندس. اهي سڀئي علائقا هڪ راجا جي راڄ ۾ شامل هوندا هئا ۽ راجا پاڻ سري ۾ رهندو هو. شين سئنگ ٦٤١ع ڌاران هتي آيو هو. سندس بيان آهي ته اهو راجا سيو- تو- لو (Siu. To. Lo) يعني شودر هو. چچ جي زماني ۾ سندس وزير ٻڌيمن کيس ٻڌايو هو ته سنڌ جا چار صوبا آهن. هر هڪ صوبي جو راجا الڳ آهي. جيڪو چچ کان اڳئين دور وارن حڪمرانن جو ڏن ڀرو هوندو هو . (٣٦٩) چيو وڃي ٿو ته هن کان اڳ به ڪفند (٣٧٠) جي پٽ آيند جي زماني ۾ سنڌ انتظامي طور چئن صوبن ۾ ورهايل هوندي هئي. هي راجا سڪندر کان پوءِ سنڌ جو راجا هو. مذڪوره چار صوبا هي هئا: زور Zor، اسڪلندوسا (Askalandusa) ، سامد (Samid) ۽ لوهاڻو هو. جن جو بيان شين سئنگ جي سفرنامي ۾ ڏنل جاگرافيائي بيهڪ کي ڌيان ۾ رکي ڪيو ويندو.

[b]سرو[/b]
اتر سنڌ کي عام طور ”سري“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”سر“ يا مٿيون حصو. شين سئنگ جي بيان مطابق هن علائقي جو گهيرو (Circuit) ست هزار لي يا يارنهن سو ستهٺ ميل آهي. منهنجي خيال موجب اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. امڪان آهي ته هن ۾ اولهه پاسي وارو ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو به شامل ڪيو ويو هجي، حقيقت به اها نظر اچي ٿي ته جڏهن سنڌ جو راجا سگهارو هوندو هو ته پنهنجي ٻل جي آڌار تي ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيندو هو. چچ يا ان کان اڳئين دور جا حڪمران به ايئن ڪندا آيا هئا. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سري واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اولهه پار ڪڇي گنداوا، ڪاهان، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اوڀر پاسي سبزل ڪوٽ ۽ خيرپور وارا علائقا هوندا هئا. اهڙيءَ ريت چوڌاري دنگن جي ڌار ڌار ڊيگهه هيءَ وڃي بيهندي. اتر ٽي سو چاليهه ميل- اولهه ٻه سو پنجاهه ميل- اوڀر هڪ سو اسي ميل ۽ ڏکڻ ٻه سو سٺ ميل. حساب ڪرڻ سان ڪل ماپ ٻه هزار ٽيهه ميل ٿئي ٿي، جيڪا شين سئنگ جي ٻڌايل ماپ جي ويجهو آهي.
ستين صديءَ ۾ هن علائقي جي راڄڌاني کي پي- چين- پو- پُو- لو Pi-chen-po-pu- lo نالي سان سڏيو ويندو هو. ايم- جولين هن کي ويچوا پورا Vichava- pura سمجهي ٿو. ايم ووين ڊي سينٽ مارٽن مذڪوره نالي کي سنسڪرت جو لفظ ويچالپورا Vichalapura لکيو آهي، يعني سنڌ جي وچ واري علائقي جو شهر. هن علائقي کي سنڌ جا ماڻهو وچولو سڏيندا آهن. سنڌي پنجابي هن لفظ لاءِ ”وچ“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. هندي ٻوليءَ ۾ هن کي ”بيچ“ چيو ويندو آهي ۽ اهي سنسڪرت جا لفظ ڪونه آهن. هن ٻوليءَ ۾ وچ کي ”مڌيه“ چيو ويندو آهي. شين سئنگ هميشه مقامي لفظ ڪم آندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شهر جو نالو هندي اچار ”بيچ پور“ ٿي سگهي ٿو يعني وچ وارو شهر Middle city. پر هن گهڻو ڪري سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا آهن. تنهن ڪري اسان لاءِ اها ضروري ڳالهه آهي. ته اسين پي- چين- پو- پو – لو نالي شهر لاءِ اصلي سنسڪرت جي لغت کي جاچي ڏسون.
اسان کي پراڻين روايتن ۾ مؤرخن جي حوالن مان پتو پوي ٿو ته شين سئنگ کان گهڻو وقت اڳي ۽ ٿورو وقت پوءِ سنڌ جي راڄڌاني اروڙ هو. نظر ايئن اچي ٿو ته اروڙ ان قديم مشهور شهر جو ضرور ٻيو نالو آهي، پر ٻي راڄڌاني نه آهي. هندو دور ۾ اهو رواج هوندو هو ته مشهور ۽ وڏن شهرن کي ڪيترن ٻين نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو، جهڙيءَ ريت اسان ملتان جي مامري ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون. اهڙن شهرن جا ڪي نالا شاعرانه انداز ۾ لکيا ويندا هئا. مشهور شهر پٽالپٽرا Patal putra کي ڪُسم پورا يعني ”گل“ سڏيو ويندو هو. ناڙوار Narwar کي پدم وتي يعني ”ڪنول“ ڪوٺيو ويندو هو. ڪن شهرن جا ٻيا نالا بياني هوندا آهن ۽ فطري ڏيک ڪري مٿن ڌريا ويندا آهن، جهڙوڪ مشهور شهر ڪاشي کي ورناسي يا بنارس به سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته مذڪوره شهر ورنا Varana ۽ آسيAsi نالي ٻن نئن جي وچ تي اڏيل آهي. اهڙيءَ ريت قنوج کي ڪينا ڪبجا Kanya kubja به سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ڪُٻڙو Humpbacked جنهن جو اشارو هڪ مشهور ڏند ڪٿا ڏانهن آهي. مٿين ڳالهين مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته ٻن جدا نالن مان اهو مطلب هرگز نه وٺڻ گهرجي ته تڏهن ڪي ٻه راڄڌانيون هيون. ٿي سگهي ٿو ته پراڻي شهر جو اهو ڪو نئون لقب هجي. اهو به امڪان آهي ته شهر جو اصلي نالو ئي اهو هجي ۽ ٿوري وقت لاءِ ٻئي نالي سندس جاءِ ورتي هجي. اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ڪنهن مؤرخ اروڙ جو ڪو ٻيو نالو ڪونه ڏنو آهي. ان ڪري اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته شين سئنگ جي زماني ۾ به هن شهر جو نالو اروڙ هوندو ۽ پي- چين- پو- پو- لو سندس ٻيو نالو هوندو.
هتي اهم ڳالهه اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته هن شهر جي سڃاڻ بابت اڃان به وڌيڪ پڪ پئي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته چيني ياتريءَ هن راڄڌانيءَ کي سنڌوءَ جي اولهه ۾ ڏيکاريو آهي، پر موجوده زماني ۾ اروڙ جو ٿرڙ سنڌوءَ جي اوڀارئين پاسي آهي. هن فرق هوندي به مذڪوره شهر جي سڃاڻپ پڪي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته قديم دور ۾ سنڌو ندي اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي وهندي هئي ۽ اچي دريا جي پراڻي پيٽ ۾ پوندي هئي، جنهن کي نارو سڏيو ويندو هو. ان وهڪري جو رخ راجا ڏاهر جي زماني تائين ڪونه مٽيو هو. (٣٧١). شين سئنگ جي اچڻ کان پنجاهه سال پوءِ به اها صورتحال هئي. اروڙ کان درياه جي هٽي وڃڻ واري واقعي کي هتان جا مؤرخ راجا ڏاهر جي قهرن ۽ ڪلورن سان ڳنڍين ٿا. اصل ۾ درياه جي وهڪرن جو ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪڌن ڪرتوتن سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي، پر حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ پنجاب وارن علائقن مان وهندڙ سڀني درياهن جو رخ گهڻو الهندي ڏانهن لڙي ويو، ان ڪري سنڌوءَ کي به اولهه ڏانهن رخ موڙڻو پيو. ان جو ٻيو ڪارڻ ڌرتيءَ جو ڦيرو آهي، جيڪا پنهنجي فطرت موجب اوڀر کان اولهه ڦرندي رهندي آهي ۽ درياه الهندي ڏانهن رخ موڙيندا رهندا آهن. (٣٧٢). قديم دور ۾ سنڌو درياهه اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي ٽاڪرو علائقي وچان وهندو هو. پر جيئن ته سندس آر الهندي هو، تنهن ڪري روهڙيءَ جي اترئين علائقي مان پنهنجو پيٽ بدلائي روهڙي ۽ بکر جي وچان ٽڪرين جي وٿين منجهان وهڻ لڳو. درياه جي رخ موڙڻ واري هن واقعي کي راجا ڏاهر جي پوئين زماني سان ڳنديو وڃي ٿو. امڪان آهي ته مذڪوره واقعو سندس راڄ گاديءَ تي ويهڻ کان ستت پوءِ ٦٨٠ع ڌاران ٿيو هجي. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جڏهن ٻٽيهارو سال کان پوءِ ٧١١ع ۾ اروڙ تي حملو ڪيو هو ته کيس سنڌوءَ جو وهڪرو پار ڪرڻو پيو هو. هن ڳالهه مان اها پڪ ٿئي ٿي ته ٧١١ع کان اڳ پنجاب مان وهندڙ سڀني دريائن جو رخ گهڻو الهندي ڏانهن لڙي ويو، ان ڪري سنڌوءَ کي به اولهه ڏانهن رخ موڙڻو پيو. ان جو ٻيو ڪارڻ ڌرتيءَ جو ڦيرو آهي، جيڪا پنهنجي فطرت موجب اوڀر کان اولهه ڦرندي رهندي آهي ۽ درياهه الهندي ڏانهن رخ موڙيندا رهندا آهن. (372). قديم دور ۾ سنڌو، اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي ٽاڪرو علائقي وچان وهندو هو. پر جيئن ته سندس آر الهندي هو، تنهن ڪري روهڙيءَ جي اترئين علائقي مان پنهنجو پيٽ بدلائي روهڙيءَ ۽ بکر جي وچان ٽڪرين جي وٿين منجهان وهڻ لڳو. درياه جي رخ موڙڻ واري هن واقعي کي راجا ڏاهر جي پوئين زماني سان ڳنڍيو وڃي ٿو. امڪان آهي ته مذڪوره واقعو سندس راڄ گاديءَ آهي. هن وهڪري جي صفا اوڀارين ڇاڙهه (درياءَ جي شاخ) کپري جو ڏکڻ اوڀر ڏئي عمرڪوٽ رسي ٿي ۽ اتان ڏکڻ- اولهه جو رخ ڪري ونگا بازار ۽ رحمڪي بازار کان ٿيندي رڻ جي ڪڇ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. هن ڇاڙهه کي ”ناري“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اولهائين ڦاٽ جو نالو پراڻ يا پراڻو درياه هو، جيڪو برهمڻ آباد ۽ نصرپور کان ٿيندو حيدرآباد جو رخ ڪندو هو ۽ ان ماڳ کان هيٺ ٻن ڦاٽن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان هڪ حيدرآباد کان پندرنهن ميل هيٺ ۽ جهرڪن کان ١٢ ميل اتر سنڌوءَ جي موجوده وهڪري سان ملندو ڏسڻ ۾ ايندو. ٻئي ڦاٽ کي گوني سڏيو ويندو هو، جيڪو ڏکڻ- اوڀر جو رخ ڪري رحمڪي بازار کان مٿان ناري سان ملي ويندو آهي. پراڻ ۽ ناري جي وچ ۾ ٻيا به ٻه وهڪرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي جکڙائو کان هيٺان هڪ وهڪري مان ڇڄي ٻه دريائيءَ جي صورت اختيار ڪن ٿا. پر سندن پراڻن پيٽن جي گهڻي ڄاڻ ڪانه آهي. ناري واري علائقي جو مٿيون پاسو يعني اروڙ کان وٺي جکڙائوءَ تائين هاڻي سڪي ويو آهي ۽ سندس پراڻي پيٽ ۾ واري پئي اڏامندي آهي. سنڌوءَ ۾ جڏهن چاڙه ايندو آهي ته هيءُ پراڻو وهڪرو به وهي ايندو آهي. سندس منهن کان جاميجي Jamigi تائين اولهه پاسي الور وارين ٽڪرين جو سلسلو نظر ايندو. هن ماڳ تائين مذڪوره وهڪري جو پيٽ ٻه سؤ کان ٽي سؤ فوٽ ۽ ترو ويهه فوٽ اونهون ڏسبو. جاميجيءَ کان جکڙائو تائين سندس پيٽ جي ويڪر ڇهه سؤ فٽ ۽ تري جي اونهائي ٻارنهن فوٽ کن ٿيندي، ٻنهي ڪنڌين سان ڀٽون ڏسڻ ۾ اينديون. جکڙائو کان هيٺ ناري جي اولاهينءَ ڪنڌي سان ڀٽون نظر ڪونه اينديون. هنن ماڳن وٽ رسي، ناري جو پيٽ تمام گهڻو پکڙجي وڃي ٿو ۽ آخر ٻن مکيه ڇاڙهن ۾ ونڊجي وڃي ٿو. اهي ئي وهڪرا وڌيڪ تانگها ۽ ويڪرا ٿيندا اڳتي وڌندا نظر ايندا. انهن مان اولهائون وهڪرو هڪ ميدان ۾ پهچي دنگ ڪري ٿو، اوڀر وارو وهڪرو هلندو وڃي پاڻيءَ جي وڏين ڇرن ۾ پوي ٿو. اهي ٻئي وهڪرا هالا ۽ کپري سامهون پهچي وري ظاهر ٿين ٿا ۽ اهو رخ اختيار ڪن ٿا، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. (٣٧٣).
اتر سنڌ جا قديم شهر هي آهن: اروڙ، روهڙي، بکر ۽ لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا. ٻيا به ڪيترائي شهر آهن، جن جو سڪندر، چچ، محمد بن قاسم، شاه حسين ارغون جي حملن دوران ذڪر ملندو. پر منجهن فاصلن جو ذڪر ڪونه ڪيو ويو آهي، ان ڪري جن شهرن جا نالا بنهه بدلجي ويا آهن، تن کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سڪندر جي حملي دوران مسڻاءِ Masssanae، سوگدي Sogdi، موسي ڪاني Musikani ۽ پرائيستي Praesti جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مون کي پڪ آهي ته اهي شهر ضرور اتر سنڌ ۾ آهن. جن کي آءٌ سڃاڻڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهيان.
مسناءِ ۽ سودراءَ Sodrae يا سوگدي
پنجاب جي درياهن جي سنگم وٽ آهن، جتان سڪندر سنڌوءَ وسيلي ٻيڙا هاڪاري سوگدي ڏانهن اسهيو هو (٣٧٤). ائرين جي بيان مطابق هتي سڪندر پنهنجي نالي هڪ ٻئي شهر جو بنياد رکيو هو. ڊايو ڊورس (٣٧٥). هنن ساڳين ماڻهن کي ٻئي نالي سان سڏي ٿو. سندس بيان هن ريت آهي: ”هو درياهه جي لهواري طرف روانو ٿيو. درياه جي مخالف ڪنارن سان موجوده سودراءِ مسناءِ جي ماڻهن آڻ مڃي هئي. سڪندر پنهنجي نالي پٺيان اليگزينڊريا جو ٻيو شهر آباد ڪري ڏهه هزار ماڻهو منجهس رهايا هئا.“ ڪرٽس (٣٧٦) به هنن ساڳين ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي پر سندن نالو ڪونه لکيو اٿائين. سندس بيان آهي: ”هو هاڪاريندو چوٿين ڏينهن اچي ڪن ٻين قومن ۾ لٿو جتي هن اليگزينڊريا نالي ٻيو شهر تعمير ڪرايو.“ مٿين بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته ائرين جا سوگدي ۽ ڊايوڊورس جا سودراءِ ساڳيا ماڻهو هئا. ٽاڊ Tod مئڪمرڊو Mimcrdo جو خيال آهي ته سوگدي سوڍا راجپوت آهن. سودراءِ لاءِ مسٽر واڪس Mr. Vaux جو خيال آهي ته اهي شودر آهن. سوڍا پرمار راجپوتن جي ڦريءَ مان آهن جيڪي هاڻي ڏکڻ- اوڀر سنڌ، عمرڪوٽ واري علائقي ۾ آباد آهن. مئڪمرڊو (٣٧٧) مطابق هن ڪل جا ماڻهو اروڙ کان مٿي درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان آباد هئا. منهنجي خيال ۾ هي مصنف ويساه جوڳو آهي. جيڪڏهن اسان هيءَ سچي ڳالهه سمجهون ته سوڍا راجپوت اروڙ کان اتر طرف گهڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئا ته پوءِ ابوالفضل جي هن بيان تي به ڪجهه ويساهه ڪرڻو پوندو ته اڪبر دور ۾ بکر کان وٺي عمرڪوٽ تائين جاڙيجن ۽ سوڍن جا قبيلا آباد هئا (٣٧٨) ۽ ان سان گڏ هيءَ حقيقت به مڃڻي پوندي ته ڊايوڊورس وارا مسناءِ ۽ ٽالمي وارا مسارني Musarni ساڳيا ئي ماڻهو هوندا. هنن ماڻهن جي نالي پٺيان مٺڻ ڪوٽ هيٺان سنڌوءَ جي اولهندي ڪناري مزارڪا Muzarka نالي هڪ علائقو به موجود آهي. ٽالمي هڪ شهر جو نالو موسارنا Musarna لکيو آهي. جيڪو هن جي لکت مطابق آسڪانا Askana نئن جي اتر پاسي سنڌوءَ جي هڪ واهڙ تي آباد هوندو هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو وهڪرو جنهن تي موسارنا آباد هو سو ڪاهان Kahan وارو وهڪرو هوندو جيڪو ڦلجي Pulji ۽ شاه پور کان ٿيندو خان ڳڙهه يا جيڪب آباد ڏانهن ويندو هو. امڪان آهي ته موسارنا وارو پراڻو شهر ان ماڳ تي هجي جتي اڄ شاه پور آباد آهي جيڪو شڪارپور کان اڳ هڪ مشهور شهر هوندو هو. ”اوسي پاسي واري جوءِ سڃي لڳي پئي آهي. ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسبا. اهڃاڻن مان پتو پوي ٿو ته ڪڏهن آباد ۽ سکيو ستابو علائقو هوندو.“ (٣٧٩). منهنجي خيال ۾ سوگدي يا سودراءِ جو اشارو سوراءِ Seorai جي جوءِ وارن ماڻهن ڏانهن آهي، جنهن کي شاه حسين ارغون بکر کان ملتان ويندي سنه ١٥٢٥ع ۾ فتح ڪيو هو. (٣٨٠). ان دور سان لاڳاپيل بيانن ۾ چيو ويو آهي ته اهو علائقي جو نهايت سگهارو قلعو هوندو هو. ماڻهو ارغوني فوج جي اچڻ جو ٻڌي ڪک پن ٿي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليا ويا. فاتح جي حڪم سان ان قلعي جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. اهو ڪهڙن ماڳن تي هو، تنهن جو هاڻي پڪو پتو ڪونه آهي، پر امڪاني طور سمجهي سگهجي ٿو ته اهو سبزل ڪوٽ ۽ احمدپور ڇوٽا جي وچ تي فاضل پور جي ڀرسان هوندو. (٣٨١) هتي مئسن Masson کي ٻڌايو ويو هو ته ”قديم زماني ۾ هڪ وڏو شهر آباد هو منجهس ٽي سؤ سٺ کوهه هوندا هئا جيڪي اڄ به جهنگل ۾ ڏسي سگهجن ٿا.“ هڪ پراڻي نقشي ۾ ساڳيءَ جاگرافيائي بيهڪ ۾ هڪ پراڻي ماڳ سيرواهي Sirwahi جو نالو لکيل آهي، جيڪو سبجل ڪوٽ Sabjal Kot کان اٺ ميل اتر- اوڀر آهي ۽ سنڌ جي تاريخ مطابق اهو ماڳ سوراءِ جي جاگرافيائي بيهڪ سان بيهجي ٿو. هن ٿاڪ جو اچ کان درياهي فاصلو ٽيون حصو وڌيڪ آهي ۽ هڪ سؤ ويهن ميلن کان گهٽ ڪونه ٿيندو. ڀيٽائي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اهو ڪرٽس جي بيان ڪيل فاصلي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته سڪندر هاڪاري ان ماڳ وٽ چوٿين ڏينهن پهتو هو. مان هيءَ ڳالهه قبول ڪريان ٿو ته ماڳن جون اهي سڃاڻپون خاطرخواه ڪونه آهن، پر اهڙيون چٽيون ضرور آهن، جو اڄ به انهن کي پرکي سچائي معلوم ڪري سگهجي ٿي. خاطر خواه ان ڪري نه آهن جو سنڌوءَ پنهنجا وهڪرا گهڻا بدلايا آهن. ٻيو ته ان جي ڪٺار سان آباد انهن پراڻن شهرن جا نالا به ساڳيا ڪونه رهيا ۽ ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ بدلبا رهيا آهن، پر ائرين هڪ حقيقت کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جيڪا فاضل پور ڀرسان پراڻي ماڳ جي صحيح سڃاڻپ لاءِ سهائتا ڪري ٿي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهو ٿاڪ سوگدي آهي، جتان سڪندر ڪراٽيرس Kraterus (٣٨٢) کي لشڪر جي وڏي حصي ۽ هاٿين سان گڏ آرچوٽي Archoti ۽ درنجي Drangi ڀرسان گذري اڳتي وڃڻ لاءِ حڪم ڪيو هو. جيڪڏهن ويچاربو ته اولهه پار وڃڻ لاءِ گنداوا کان هلي بولان لڪ کان لنگهبو آهي ۽ ان رستي سان وڃڻ لاءِ ان پتڻ وٽان سنڌوءَ کي پار ڪبو جتي کاٻي ڪنڌي سان فاضل پور ۽ ساڄيءَ ڪنڌيءَ سان ڪشمور آهي. عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته درياهن جا وڏا پتڻ ڪن اهم رستن جي سڌ تي هوندا آهن، ان ڪري مون کي پڪ ٿئي ٿي ته ڪراٽيرس آرچوسيا Archosia ۽ درانجيانا Drangiana ڏانهن اسهڻ لاءِ هن ٿاڪ واري پتڻ تان سڌو اڪريو هوندو، ڇاڪاڻ ته وڏي لشڪر ۽ هاٿين اڪرڻ واسطي ۽ بولان لڪ لنگهڻ جي مناسبت سان سنڌوءَ جوهي پتڻ وڌ ۾ وڌ اتريون آهي. امڪان هن ڳالهه جو نظر اچي ٿو ته ميوسي ڪئنس Musikanus جي بغاوت ڪارڻ ڪراٽيرس کي اسهڻ ۾ ڪجهه دير به ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته ائرن (٣٨٣) هن جي روانگي کي برهمڻ جو شهر فتح ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر بيان ڪيو آهي. جنهن تي سڪندر پاڻ هلان ڪئي هئي.
هتان جي ڏيهي مؤرخن ۽ عرب جاگرافيدانن اروڙ ۽ ملتان جي وچ تي هڪ سگهاري قلعي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو ڀاٽيا ٻڌايو وڃي ٿو. هن قلعي جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هي اهو ٿاڪ آهي، جتي سوگديءَ واري علائقي ۾ سڪندر پنهنجي نالي پٺيان هڪ شهر تعمير ڪرايو هو. هن کان سواءِ ٻي ڳالهه اها به آهي ته هن هيٺين سڌي پٽ ۾ ٻيا پراڻا ماڳ به موجود ڪونه آهن، بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته مختلف مصنفن هن ماڳ جا ڌارڌار نالا لکيا آهن.
پوسٽنس Postans هن جو نالو پيا Paya، بهيا Bahiya، پهيا Pahiya لکيو آهي. سر هينري ايليٽ Sir Henry Elliot ، پبيا Pabiya، ڀٽيا Bhatiya ۽ ڀاٽيا Bhatiya لکي ٿو. مسٽر پرائيس Price وري (٣٨٤) باهيٽيا Bahatia لکيو آهي. امڪان اهو آهي ته هيءُ ماڳ ٽلٽي Talhati آهي، (٣٨٥) جتان ڄام جانار Jam Janar سنڌو پار ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ميتلا Matila يا ماهتيلا Mahatila هجي. (٣٨٦) جيڪو ستين صديءَ ۾ سنڌ جي چئن سگهارن قلعن مان هڪ هو.
فرشته جو بيان آهي ته ڀاٽيا جو قلعو نهايت سگهارو هو. ان جون ڀتيون اوچيون ۽ چواڌري وڏي کاهي کوٽيل هيس. (٣٨٧) محمود غزنوي هن قلعي کي سن ٣٩٣هه يا ١٠٠٢ع ۾ فتح ڪيو هو. اتان راجا بجار Bajjar يا بجي راءِ Biji Rai ساڻس سخت مقابلو ڪيو هو. قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ محمود غزنويءَ کي به سؤ اسي هاٿي ۽ ٻيو به غنيمت جي مال طور گهڻو ڌن دولت هٿ آيو هو، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هتان جو راجا گهڻو شاهوڪار هو.

[b]ميوسي ڪاني يا الور
[/b] ان کان پوءِ سڪندر سوگدي يا سودراءِ کان سنڌوءَ رستي هاڪاري هڪ راجا جي راڄڌاني پهتو، جنهن کي اسٽرئبو، ڊايوڊورس ۽ ائرين (٣٨٨) ميوسيڪئنس لکن ٿا ته ڪرٽس (٣٨٩) هن کي ميوسيڪاني جو قبيلو سڏي ٿو. ائرين جو بيان آهي ته اهو علائقو سڄي هندستان ۾ وڌ ۾ وڌ شاهوڪار هو. اسٽرئبو اونسي ڪرائيٽس Onesi Kritus جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هن علائقي ۾ هر چيز تمام گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندي هئي. هن حقيقت مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته خود يوناني به هن علائقي جي سڪر سڻائي ۽ شاهوڪاريءَ کان گهڻو متاثر هئا. اهي بيان اتر سنڌ جي ان سدا خوشحال علائقي سان هڪ جهڙائي رکن ٿا جنهن جي راڄڌاني ڪن جڳن کان وٺي الور پئي رهي آهي. هتي فاصلو بيان ٿيل نه آهي ۽ ڏنل نالو به الور سان هڪ جهڙائي ڪونه ٿو رکي. ان ڪري هڪ عام بيان مان ڪنهن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ سڃاڻڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن بيان ڪيل ماڳ ۾ ڪي خاص ڳالهيون آهن، خاص قسم جي ڪا تعمير ٿيل اٿس يا ٻيا اهڙا ڪي گڻ اٿس ته پوءِ ان جي سڃاڻپ جي پڪ ٿي سگهي ٿي، پر موجوده ماڳ اهڙو آهي جيڪو سڃاڻپ جي مامري ۾ اسان جو سونهون بڻجي ڪونه ٿو سگهي، مگر عام طور چيو وڃي ٿو ته هيءُ علائقو ساري هندستان ۾ وڌ ۾ وڌ شاهوڪار هو ۽ هن وسيلي اسان ڪنهن دڳ سان لڳي پئون ٿا. سنڌ جون روايتون ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته الور پنهنجي علائقي جو وڏو شهر هو تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته اهو ضرور راجا ميوسڪئنس جي راڄڌاني هوندو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سڪندر جا مؤرخ هن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڌرن ها. عرب جاگرافيدان به هن ڳالهه تي متفق آهن ته الور وارو علائقو نهايت سرسبز ۽ شاهوڪار هو.
الور جا ٿرڙ ٽڪرين واري ان گهٽ کان ڏکڻ پاسي آهن، جتان سنڌو وهندو آهي ۽ مذڪوره ٽڪريون بکر کان ويهه ميل هيٺ هلي ختم ٿي وڃن ٿيون. پوءِ وري ڀٽن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو ناري يا سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري جي ٻنهي ڪنڌئين تي هلندو نظر ايندو آهي. ڪنهن آڳاٽي جڳ ۾ هن گهٽ منجهان سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه لنگهندي هئي. جيڪا بکر شهر کي اتر- اولهه کان ايندڙ دشمن کان بچائيندي هئي. اتر- اوڀر ڏس کان سنڌوءَ جي ٻي ڇاڙهه گذرندي هئي. هن ڇاڙه جو وهڪرو اڳين ڇاڙهه کان اٽڪل ٽي ميل پري ۽ گونيءَ ڪنڊ تي هوندو هو، جڏهن سن ٦٨٠ع ۾ راجا ڏاهر سنڌ جي راڄ گادي سنڀالي ته سنڌوءَ جي پوئين ذڪر ڪيل ڇاڙهه مکيه وهڪرو هوندي هئي ۽ پنهنجي اصلي پراڻي پيٽ ناري (٣٩٠) کان اولهه ڀر سرڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سنڌ جي تاريخن موجب هيءَ درياهي تبديلي بکر وارين ٽڪرين کان اتر طرف هڪ واهڙ کوٽڻ ڪري پنهنجي فطري وقت کان جلدي اچي وئي.
الور جو اصلي نالو ڇا هو تنهن جو پورو پتو ڪونه آهي، پر موجوده دور ۾ هن نالي جو اچار اروڙ آهي. امڪان اهو نظر اچي ٿو ته هن جو اصلي نالو روڙا Rora هوندو. هن نالي جي شروع ۾ نظر ايندڙ سر آواز، عربي ٻوليءَ جي اڳياڙي ال تان ورتل آهي. بلاذري، ادريسي ۽ ٻين مؤرخن هن لفظ کي ”الرور“ ڪري لکيو آهي. اهڙي قسم جو اچار اسان کي هن جي ڀر واري شهر روڙي Rori جي نالي مان به محسوس ٿئي ٿو. هندستان ۾ شهرن جي ٻٽن نالن جو رواج به آهي. تنهن ڪري روڙا ۽ روڙي معنيٰ وڏو روڙو ۽ ننڍو روڙو. سنسڪرت ۾ هن لفظ جي ڪا به معنيٰ نه آهي، پر هنديءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي لُڙگُوڙ، شور ۽ مشهوري وغيره. تنهن ڪري امڪان آهي ته هن شهر جو نالو روڙا پوريا نگر هوندو يعني ”مشهور شهر“ الور جي قديم شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ ٻه ميل پري هڪ ٽڪريءَ جي ڪڇ ۾ آڀيجنو Abhijanu نالي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾آيو. سنسڪرت ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي. ”مشهور“. امڪان آهي ته هي نالو شين سئنگ جي بيان ڪيل پي- چين- پو- پو- لو سان ڳنڍيل هجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پي- چين- پو- پو- لو ۾ فقط او ‘O’ جو اکر اڳيان جوڙ ڪبو ته آڀيجنوا پورا Abhijanwapura جو اچار ٺهي پوندو. مان سمجهان ٿو ته متان الور ٽالمي وارو بينگر Binagra هجي، جيڪو سندس بيان موجب سنڌوءَ جي ڪٺار سان اوسڪانا Oskana کان اوڀر طرف آهي، جنهن کي ائرين ۽ ڪرٽس اوڪسي ڪئنس سڏين ٿا. اهو به امڪان آهي ته ٽالمي واري بينگر جي ٻي شڪل چيني اچار پولو Pulo هجي، ڇاڪاڻ ته پور ۽ نگر ٻئي لفظ هڪ معنيٰ رکن ٿا ۽ ”پي- چين- پو“ لفظ جي اڳياڙي پد جي Bi سان هڪ جهڙائي رکندو هجي.
نظر ائين اچي ٿو ته ميوسڪئنس جو شهر گهڻو اهم هو، ڇاڪاڻ ته سڪندر ڪراٽيرس کي اتي قلعي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو ۽ پاڻ به قلعي جي تعمير ٿيڻ تائين اتي ترسي پيو. جڏهن قلعي جي اڏاوت پوري ٿي ته پنهنجيءَ فوج جو وڏو حصو اتي رهايائين. ان جو سبب اهو هو ته قلعي اندر سڀ سهولتون موجود هيون اڏيل به اهڙي هنڌ تي هو جو هتي ويهي سڀني قومن تي نظر رکي ٿي سگهيائين. هن سبب ڪري پڪ ٿئي ٿي ته الور سڪندر کان اڳ آباد هو ۽ سنڌ درياهه جي رخ مٽڻ تائين آباد رهندو آيو. جڏهن بکر جي قلعي جي اڏاوت ٿي ته هيءُ شهر هميشه لاءِ ويران ٿي ويو.

[b]پرائيسٽي- پورٽيڪئنس يا اوڪسي ڪئنس
[/b]Praesti- Portikanus or Oxykanus
ميوسيڪئنس جي راڄڌانيءَ جي فتح کان پوءِ سڪندر پنهنجي درياهي فوج کي سنڌوءَ سان اڳتي هاڪارڻ جو حڪم ڏنو ۽ ائرين (٣٩١) جي بيان موجب پاڻ ڀر واري راجا اوڪسي ڪئنس تي ڪاهي ويو ۽ سندس ٻه مکيه شهر فتح ڪري ورتائين. ڪرٽس جو بيان آهي ته راجا اوڪسي ڪئنس، پرائيسٽي (٣٩٢) نالي هڪ ڪل جي ماڻهن جو حڪمران هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سڪندر ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ سندس راڄڌاني فتح ڪئي هئي. ڊيوڊورس ۽ اسٽرئبو هن راجا جو نالو پورٽيڪئنس ٻڌائين ٿا. هن نالي جون گهڻيون پڙهيڻون ٻڌائن ٿيون ته اهو شهر جو نالو هو، جنهن جي پورٽاگام Portagam يا اوچاگام Ochagam جي ناتي سان معنيٰ ٿيندي. ”اتاهون شهر“ لفظ جي معنيٰ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر ڪنهن مٿاهينءَ تي اڏيل هو. ڪرٽس جي بيان ۾ ”ڀيانڪ ڪڙڪاٽ“ جا لفظ لکيل نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪڙڪاٽ قلعي جي برجن ڪرڻ ڪري ٿيا هئا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو تمام گهڻو مٿي هو. منهنجو انومان آهي ته اهو قلعو ماهوٽا هوندو جيڪو لاڙڪاڻي کان ڏهه ميل پري گهاڙ واهه جي ڪناري تي هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن بابت مئسن جو بيان آهي ته ”ماهوٽا Mahorta نالي دڙي تي ڪنهن قديم دور جي قلعي جا کنڊر آهن. (٣٩٣) لفظ جي اها هجي سروي ڪرڻ وارن ماڻهن جي آهي، پر گهڻو ڪري اهو لفظ ماهورڌا Mahorddha آهي جنهن جي اصلي اچار مها+ ارڌا+ گرام Maha+ Urddha+ Grama آهي ۽ معنيٰ اٿس ”تمام اتاهون شهر.“ هي سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ آهن، جن جو موجوده دور جي ڪنهن ٻوليءَ سان ڪو واسطو ڪونه آهي. هيءَ سڃاڻپ مون کي صحيح معلوم ٿئي ٿي. ان ڪري نه ته نالي جي هڪ جهڙائي آهي، پر الور ۽ ماهورٽا جي جاگرافيائي بيهڪ مان به پڪ ٿئي ٿي. ان سان گڏ سنڌوءَ جو وهڪرو به اهڙو اشارو ڏئي ٿو. موجوده دور ۾ ماهورٽا سنڌوءَ کان ٻه ٽي ميل پري آهي، پر سڪندر واري دور ۾ جڏهن سنڌو ناري واري پيٽ ۾ وهندي هئي ته ماهورٽا جو شهر الور ۽ درياهه کان پورا پنجيتاليهه ميل پري ڏکڻ اولهه هوندو. اهوئي سبب هو جو سڪندر درياهي لشڪر کي اڳتي هاڪارڻ جو چئي پاڻ خشڪيءَ رستي روانو ٿيو هو.
ماهورٽا جي جاگرافيائي بيهڪ تجارتي ۽ سياسي نقطه نگاه کان نهايت اهم ڏسڻ ۾ ايندي ڇاڪاڻ ته هتان هڪ اهم تجارتي رستو گذرندو آهي جيڪو ڪڇ ۽ گنداوا کان ٿيندو قنڌار پهچندو. جڏهن درياهه ماهوٽا کي ڇڏي لاڙڪاڻي ڀرسان وهڻ لڳو ته اها اهميت وري ان شهر کي ملڻ لڳي، جيڪو ماهوٽن کان ڏهه ميل اولهه طرف ۽ سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال علائقو هو. ”گهاڙ“ نالي هڪ نئن، قلات کان نڪرندي هئي، جيڪا مولا يا گنداوا لڪ کان لنگهي اچي هن علائقي ۾ دنگ ڪندي هئي، پر هاڻي ان نئن جو پاڻي گنداوا تائين پهچي هيٺ ميداني علائقي ۾ لڪي ويندو آهي. ان نئن جو پراڻو پيٽ اڄ به سنڌ جي دنگ سان ڏسي سگهجي ٿو. اها نئن ڪڏهن لاڙڪاڻي ۽ ماهوٽن وٽان لنگهي وڃي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. امڪان آهي ته ڪنهن دور انديش حڪمراني جي زماني ۾ هن نئن جي پاڻيءَ کي ونڊي ورڇي پوکي راهيءَ جي مقصد واسطي ڪتب آندو ويو هجي. تڏهن پاڻيءَ جي هن وهڪري جون ڪنڌيون ڪنارا ڏاڍا ساوا ۽ ڍاوا هوندا.
ڪرٽس (٤٠٤) پاڻيءَ جي هن وهڪري ۽ موجود تلائن جي اوسي پاسي رهندڙ ماڻهن کي پرائسٽي ڪوٺي ٿو. ولسن جو ويچار آهي، ته ڪرٽس پنهنجي سوچ ۾ صحيح آهي. هو اسان جو پراسٿا (Prastha) يا پراسٿالا (Prasthala) جي لفظ ٿل (Thala) تان ورتل آهي. اولهه هندستان ۾ مذڪوره لفظ جي معنيٰ پاڻي جو تلاءُ آهي، پر هتي نظر ايندڙ لفظ پرائسٽي (Proesti) آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو لفظ پرائسٽي بدران ”پراسٿا“ هوندو، جنهن جي معنيٰ آهي سنئون سڌو پٽ. سندس اشارو لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي واري سنئين پٽ ڏانهن هوندو، جنهن جي هڪ پاسي سيوهڻ ۽ ٻئي پاسي گنداوا آهي. امڪان اهو آهي ته شايد هي اهو ئي علائقو آهي، جنهن کي ٽالمي پسڪا (Piska) سڏيو آهي. ان بابت سندس بيان آهي، ته اهو علائقو هڪ واهڙ جي ڪناري آباد آهي، جيڪو اوسڪانا جي ماڳن کان ملي اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. سندس هن بيان مان پڪ ٿئي ٿي ته هيءُ اوسڪانا اهو ماڳ آهي، جنهن کي ائرين ۽ ڪرٽس اوڪسي ڪئندس لکيو آهي، انهيءَ ڪري نه ته ٻنهي نالن ۾ هڪ جهڙائي آهي پر ڇاڪاڻ ته اوسڪانا، سنڌوءَ جي اولهه ۾ موجود هڪ واهڙ تي هڪ ٻيٽ جي حيثيت ۾ موجود هو ۽ ماهورٽا جي جاگرافيائي بيهڪ سان ساڳيائپ رکي ٿو. ٽالمي ٻڌائي ٿو ته هن نئن جي اتر ۾ بدانا (Badana) نالي هڪ ماڳ هو. مان سمجهان ٿو ته اهو موجوده دور وارو گنداوا آهي (٢٢١). ڇاڪاڻ ته عام طور ڏٺو ويو آهي، ته يونان وارن ب ۽ گ جا اچار اهڙا ڏنا آهن، جيڪي پاڻ ۾ مٽ سٽ ٿي سگهن ٿا. پهرئين قديم دور جي عرب مصنفن هن ماڳ جو نالو قندابيل (Kandabil) لکيو آهي.

[b]وچولو[/b]
سنڌ جي وچ واري ڀاڱي کي عام طورتي وچولو سڏيو ويندو آهي. شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو پنجويهه سؤ لِي يا چار سو سترهن ميل ٻڌايو آهي. هن علائقي جي ٿوري پکيڙ مان پتو پوي ٿو ته هي علائقو ننڍو هوندو. جنهن ۾ سيوهڻ، حيدرآباد واري علائقي جو اتريون پاسو ۽ عمرڪوٽ جو ڪجهه علائقو شامل هوندو. انهن علائقن جي ايراضيءَ موجب اتريون ۽ڏکڻيون هر هڪ پاسو سؤ سٺ ميل هوندو ۽ اوڀر ۽ اولهه وارو هر هڪ پاسو پنجيتاليهه ميل ٿيندو. جيڪڏهن انهن چئن ئي پاسن جو جوڙ ڪبو ته ڪل گهيرو چار س‍ؤ ڏهه ميل بيهي ٿو. هن علائقي جو مشهور ۽ مکيه شهر او- فين- چا، O fan cha. آهي. اتر سنڌ جي راڄڌانيءَ کان ست سؤ لي يا هڪ سؤ سترهن ميل ۽ لاڙ واري علائقي جي راڄڌاني پٽا سيلا Pitasila کان پنجاهه ميل پري هئي. اتر سنڌ وارو مکيه شهر الور آهي ۽ پوئين ماڳ لاءِ ڪجهه هتر سان چئي سگهجي ٿو ته اهو پٽالا Pattala يا حيدرآباد هوندو. جنهن جو بيان يونانين به ڪيو آهي. تاريخن ۾ بيان ٿيل فاصلن موجب اهو ماڳ او- فان- چا، ٻانڀڙا- ڪا- ٺل Banbhar- ka- thul يا فقط ٻانڀرا جي ڀرپاسي ۾ ٿي سگهي ٿو، جتي روايتن مطابق ڪنهن زماني ۾ برهمنوا Brahmnwa يا برهمڻ آباد نالي هڪ مشهور شهر هوندو هو. شين سئنگ جي بيان مطابق اوفانچا Ofancha يا آواندا Avanda نالي هڪ شهر سنڌ جي وچين علائقي جي راڄڌاني هو، جنهن کي وچولو سڏيو ويندو آهي.
موجوده دور ۾ هن علائقي جا مشهور شهر سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ آهن. وچين زماني جي هندو دور جا مشهور شهر سدوساڻ Sdausan براهماڻا Brahmana يا بهمنوا Bahmanva ۽ نيرون ڪوٽ هوندا هئا. نيرون ڪوٽ جو پراڻو شهر گهڻو ڪري ته حيدرآباد جي ماڳن وٽ هوندو، باقي پٽالا سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ موجود هوندو. بهمنوا ڀرسان عرب دور جو مشهور ماڳ منصوره هوندو هو. عرب خليفن طرفان مقرر ڪيل گورنر هتي رهندا هئا، اهو شهر هن علائقي جي اصلي راڄڌاني هو. جيڪو پوءِ وڃي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. سڪندر جي زماني ۾ ڊايوڊورس جي حوالي سان اسان کي رڳو ٻن شهرن سنڊومانا Sindomana ۽ برهمڻن جي شهر هرمتليا Harmatelya جا نالا ملن ٿا. هيٺ مذڪوره شهرن جو ذڪر ڪجي ٿو شروعات اتر پاسي کان ڪريان ٿو.

[b]سنڊو مان يا سيوهڻ
[/b] اوڪسي ڪئنس جي فتح کان پوءِ سڪندر پنهنجي فوج وٺي راجا سامبس تي ڪاهي ويو، جنهن کي سڪندر پهريائين جابلو علائقي جو راجا مقرر ڪيو هو. سڪندر جي ڪاهه جو ٻڌي راجا سامبس نڪري هليو ويو. (٣٩٥). ائرين جو بيان آهي ته اهو قلعو سامبس جي دوستن ۽ ملازمن سڪندر جي حوالي ڪيو، جن پنهنجي سوکڙين پاکڙين ۽ هاٿين سميت اڳتي نڪري سندن آجيان ڪئي هئي. ڪرٽس (٣٩٦) هن راجا کي سابس Sabus سڏيو آهي، پر سندس راڄڌانيءَ جو نالو ڪونه ٻڌايو اٿائين. سندس بيان فقط ايترو آهي ته ڪيترن شهرن هن جي آڻ مڃي هئي، پر سڀني مان جيڪو سگهارو قلعو هو. تنهن کي سرنگهون هڻي فتح ڪيو ويو. ڊيوڊورس (٣٩٧) جي بيان ۾ به شهر جو نالو نظر ڪونه ايندو، پر ايترو ضرور ٻڌائي ٿو ته هو ٽيهه هاٿي ۽ فوج ساڻ ڪري گهڻو پري نڪري ويو هو. (٣٩٨) اسٽرئبو هن جو نالو سابس Sabus ۽ راڄڌانيءَ جو نالو سنڊومانا ٻڌائي ٿو پر ڪي خاص ڳالهيون ڪونه ٿو بيان ڪري. ڪرٽس (٣٩٩) جو بيان آهي ته سڪندر هڪ ڏوراهين سگهاري شهر کي فتح ڪري پوءِ پنهنجي درياهي فوج جي ڪئمپ ۾ پهتو. سندس بيان مان ايئن معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره شهر سنڌ کان گهڻو ڏور آهي.
مان هندستان جي هن ڀاڱي جي جاگرافيائيءَ بيهڪ جي نقط نگاهه کان پهرين م‍ؤرخن سان سهمت آهيان ۽ سمجهان ٿو ته اهو سنڊومانا سيوهڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن نالي جي ساڳيائپ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته لڪيءَ جي جابلو سلسلي جي بالڪل ويجهو آهي. سيوهڻ شهر جي پراچينتا (قدامت) کان ڪير به انڪاري ڪونه آهي. هي شهر لڪيءَ واري ٽاڪرو سلسلي جي ڇيڙي وٽ هڪ سئين سڌي ٽڪري تي آڳاٽي دور جي ڪنهن ناس ٿيل شهر جي دڙي تي اڏيل آهي. ڊي- لا- هوزٽي De- la- hoste (٤٠٠) جو بيان آهي ته هي قلعو بيضوي شڪل تي آهي. سندس ڊيگهه ٻارنهن سو فوٽ، ويڪر ساڍا ست فوٽ ۽ اوچائي اسي فوٽ کن ٿيندي. پر مون کي ماپ ۾ همچورس لڳو ۽ برنس جي ٻيڙين ۾ بيهي ٻڌايل ماپ کان وڌيڪ ويڪرو ۽ اتاهون معلوم ٿيو. (٤٠١) ان زماني ۾ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. هيءُ درياهه هميشه پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي. پراڻي دور وارن نقشن ۾ مذڪوره قلعو سنڌوءَ جي اولاهين ڇاڙهه تي نظر ايندو. قديم زماني ۾ جڏهن سنڌو ناري واري پيٽ مان وهندو هو ته ان جي ويجهي ۾ ويجهي ماڳ جکڙائو وٽان سيوهڻ جو قلعو پنجهٽ ميل پري هو ۽ هن ٿاڪ ۾ اچي ڀٽن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي. موجوده دور ۾ پاڻيءَ جو نه رڳو سنڌو وارو وهڪرو آهي، جيڪو سيوهڻ جي اوڀر ڏس کان لنگهي ٿو پر ان سان گڏ هن جي اتر پار کان وهندڙ اڙل به آهي، جيڪا منڇر نالي هڪ وڏيءَ ڍنڍ مان وهندي آهي. سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه جنهن کي الهندو نارو چوندا آهن، هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اندازو اهو ٿئي ٿو ته پاڻيءَ جي وڏي مقدار موجود هئڻ کان سواءَ سيوهڻ جو مشهور ماڳ آباد ٿي ڪونه سگهي ها، تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌوءَ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ کان تمام گهڻو اڳ سيوهڻ ڀرسان منڇر وارو پاڻي ضرور موجود هوندو. هيءَ ڍنڍ وچ تي تمام گهڻي اونهين آهي. (٤٠٢) تنهن ڪري اهو ضروري سمجهڻ کپي ته هيءَ هڪ قدرتي ڍنڍ آهي. ان جو ڀرتي ڪندڙ پاڻي هالا لڪي Hala Lakki واري جابلو علائقي مان وهي ايندڙ ٻن نين وسيلي ايندو آهي، امڪان اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته الهندي ناري جو وهي اچي منڇر وسيلي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ هن ڍنڍ جو پاڻي اچي سيوهڻ جي قلعي جي ڀتين سان وڃي لڳندو هوندو. مذڪوره ڍنڍ ۾ مڇي تمام گهڻي ٿيندي آهي ان ڪري سندس نالو منڇر پئجي ويو آهي.  ٿي سگهي ٿو ته هي نالو سنسڪرت جي لفظ مٽسيا Matsya ۽ هندي لفظ مڇ Machh يا مڇي جي بگڙيل صورت هجي. ان ڪري منهنجي خيال ۾ منڇر مڇي واري تلاءَ جو ننڍو نالو آهي.
سيوهڻ شهر جي جاگرافيائي بيهڪ ڏاڍي سجهائتي آهي. سندس تعمير هڪ سئين سڌي ٽڪريءَ جي چوٽي تي آهي. پاڻيءَ جي وڏي ڍنڍ ڀرسان، آجڪو ڍيرئون ڍير. اهڙين سهنجاين، پراچين سمي جي سنڌين کي ڇڪي آڻي هن ٿاڪ تي آباد ڪيو، جاچڻ پرکڻ کان پوءِ به اها سڌ ملي ٿي ته هيءُ ماڳ ڪنهن جهوني جُڳ کان وسايو ويو آهي. مئڪمرڊو (٤٠٣) جو بيان آهي ته سيوهڻ جي وسندي ڀڪ سان ڪنهن پراچين سمي سان واڳيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. الور ۽ برهمڻ آباد کان به گهڻو آڳاٽي آهي. هن شهر جو موجوده نالو سوستان جي ننڍي شڪل آهي. امڪان آهي ته هن ٿاڪ جا رهواسي سيوي Sewi يا سابي Sabis نيات سان واسطو رکندا هوندا. شروعاتي دور جي عرب جاگرافيدانن هن شهر جو نالو مختلف هجي سان لکيو آهي. ڪن سدستان Sadustan ڪن سدوسان Sadusan ته ڪن وري شاروسان Sharusan لکيو آهي. جن مان پهريان ٻه اچار يوناني مؤرخن جي لکيل اچار سنڊو مان سان سهمت آهن. تنهن ڪري مان هن شهر جو نالو سوستان غلط سمجهان ٿو ۽ ويچار اٿم ته پوئين سمي جي ڪن هندن هن شهر جي نالي کي بدلائي شوِديوتائن پٺيان رکيو آهي. يونان وارن هن علائقي کي سنڊو Sindo ۽ عربن سدو Sadu لکيو آهي جيڪي هن علائقي جي سنسڪرتي نالي سنڌو Sindhu ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ هتان جي رهاڪن کي سئنڌاوا Saindhava يا سئنڌو Saindhu چيو ويو آهي ۽ عام مشهور اچار به اهو آهي تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته هن راڄڌاني جو نالو ضرور سئندواسٿان Saindhavasthan يا سندوسٿان هوندو، جنهن کي عرب جاگرفيدان ننڍو ڪري سدستان Sadustan اچارڻ لڳا. ولسن به سنسڪرت جي مرڪب ”سنڌ مان“ جي نقطه نظر مطابق يونانين واري اچار سنڊومانا کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڌ جا رهواسي. مان پاڻ به يونانين جي نالي سئنڌاوا وانم Saindhava- vanam يا سئنڌوان Saindhuwan سان سهمت آهيان، جنهن جي معنيٰ آهي. ”سنڌ واسين جي رهڻ جي جوءِ“ Abode of Saindhavas.
پر اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته ٽالمي سيوهڻ جهڙي ناليري ماڳ جو عام فهم ذڪر ڇو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان حيدرآباد جي شهر کي درياهي ڇوڙ واري قديم ٽڪنڊي جو مٿيون پاسو سمجهون. ته پوءِ ٽالمي جو بيان ڪيل شهر سائڊراس Sydros جيڪو سنڌوءَ جي اوڀارين ڇاڙهه تي واقع هو سو وڃي مٽالي Mattali بيهندو جيڪو حيدرآباد کان ٻارنهن ميل اتر طرف ٿيندو ۽ سندس بيان ڪيل پاسيپيڊا Pasipeda وڃي سيوهڻ بيهندو. ٽالمي جنهن شهر کي اوسڪانا سڏي ٿو سو سڪندر جي دور وارو اوڪسي ڪئنس ۽ پورٽيڪئنس وارو ماڳ آهي، جنهن کي اسان ماهورٽا وارو وڏو دڙو سمجهون ٿا ۽ مون کي ته ڪنهن حدتائين يقين آهي ته اهو ماهورٽا وارو ٿاڪ آهي، جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ پسڪا Piska يا پاسپيڊا Pasipeda سيوهڻ ئي ٿي سگهي ٿو. شين سئنگ سيوهڻ کي اهميت ڪانه ڏني آهي، پر هند جي مؤرخن جو بيان آهي ته هي شهر انهن ماڳن مان هڪ آهي، جنهن کي محمد بن قاسم ٧١١ع ۾ فتح ڪيو هو.
يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ هن شهر کي محمود غزنوي به فتح ڪيو هو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هن ماڳ مسلمان دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. سندس جاگرافيائي بيهڪ به اهڙي ته مناسب آهي جو ڪنهن به دور ۾ ڦٽي ناس ناهي ٿيو.

[b]برهما يا برهمڻ آباد
[/b] سنڊومان جي فتح کان پوءِ سڪندر خشڪيءَ رستي سفر ڪري درياهه تي پهتو جتي سندس درياهي فوج سندس حڪم موجب هن جي اوسيڙي ۾ ويٺي هئي. ان کان پوءِ سنڌوءَ جي لهواري وهڪري مطابق هاڪارڻ لڳو ۽ چوٿين ڏينهن ان شهر ۾ پهتو جتان سابس يا سامبس Sabus) (٤٠٤) جي بادشاهي ڏانهن ويندڙ سڙڪ نڪرندي هئي. جڏهن سڪندراعظم الور (ميوسي ڪئنس جي راڄڌاني) مان پنهنجي دريائي فوج کي ڇڏي اوڪسي ڪئنس (Oxykanus) تي حملو ڪيو هو ته ان وقت راجا سابس (سامبس) جي راڄڌاني سنڊوماتا تي ڪاهڻ جو سندس ارادو ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته اتان جي راجا سابس سندس آڻ مڃي هئي ۽ کيس سنڌوءَ جي ڪٺار سان موجود ٽاڪرو علائقي جو حڪمران مقرر ڪيو هو. (٤٠٥) مان سمجهان ٿو ته سڪندراعظم پنهنجي دريائي لشڪر کي راڄڌاني اوڪسي ڪئنس ڀرسان ئي درياءَ وٽ سندس انتظار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هوندو. منهنجي خيال ۾ اهو ماڳ جتي دريائي لشڪر سڪندر جي اوسئڙي ۾ ويٺل هوندو سو ڪاٺوڙ ۽ تجل کان هيٺ ناري واري ماڙيجا (Marija) ڍنڍ هوندي.
اوڪسي ڪئنس جو پنڌ الور ۽ ڪاٺوڙ وٽان هڪ جيترو هوندو هو. اتان سڪندر درياهه وسيلي هاڪاري چوٿين ڏينهن ان شهر وٽ پهتو جتان راجا سامبس جي راڄ ڏانهن ويندڙ سڙڪ نڪرندي هئي. ماڙيجا ڍنڍ وارو ماڳ منهنجي ويچار مطابق، جتي سڪندر جي درياهي فوج سندس اوسيئڙي ۾ ترسي هئي، سو پراڻي برهمڻ آباد شهر کان سڌو سٺ ميل ۽ پاڻيءَ رستي نوي ميل آهي. اهو پنڌ ٻيڙين وسيلي چئن ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. مٿيئن بيان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته برهمانا جو شهر برهمڻن جو آباد ڪيل هو ۽ سڪندري مورخ به اهڙي شاهدي ڏين ٿا. برهمڻ آباد جي راجا سڪندر جي آڻ مڃي هئي، پر هتان جي ماڻهن قلعي جا دروازا بند ڪري ڄڻ سڪندر خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. خاص جنگي حڪمت عملي اختيار ڪري برهمڻ آباد جي ماڻهن کي قلعي کان ٻاهر آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جن سڪندري فوج سان مڙس ٿي چوٽ ڏني، جنهن ۾ سڪندر جو مشهور سپهه سالار ٽالمي زهريلي تلوار سان گهائجي پيو هو. (٤٠٦) ٽالمي جي گهائجڻ مان پتو پوي ٿو ته هي شهر هر ماتيلاءِ هو جيڪو ڊايوڊورس جي بيان موجب سنڌوءَ جي ڪٺار سان برهمڻن جو آخري شهر هو. (٤٠٧) هتي اسان کي هرماتيلاءِ جو لفظ نظر اچي ٿو جيڪو برهما ٿالا (Brahmathala)يا برهمانا سٿالا Brahmana- Sthala جي اچار سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. يونانين وٽ هرمس Hermes نالي ديوتا آهي جنهن کي اهي لنگم جو ديوتا سمجهندا آهن. اهو ساڳيو برهما ديوتا آهي جيڪو سنڌ وارن جو اصلي لنگم جو ديوتا مڃيو ويندو آهي. هن شهر جو اصلي ۽ قديم نالو برهمانا آهي، جنهن کي مسلمانن ڦيرائي برهمڻ آباد بنائي ڇڏيو. مٿين بيانن مان اهو نتيجو ڪڍيو اٿم ته برهمڻ جي جنهن شهر کي سڪندر فتح ڪيو هو، سو پنهنجي نالي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ڪري اهو برهمڻ آباد جو مشهور شهر آهي.
سنڊومانا جي فتح کان پوءِ افسوس جو ائرين جو بيان تمام مختصر آهي. هو رڳو ايترو ٻڌائي ٿو ته سڪندر هن شهر تي ڪاهي ويو. فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪو به برهمڻ سڪندر جي فوج جي ور چڙهيو. ان کي قتل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سڪندر خلاف بغاوت جي باهه هنن ئي ڀڙڪائي هئي. ائرين جو هيءُ بيان ڊيوڊورس جي بيان سان سهمت آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته سڪندر بغاوت جي باهه ٻارڻ وارن جو قتل عام ڪرائي ڏاڍو خوش ٿيو، باقي عام ماڻهن کي معاف ڪيو ويو هو. جيڪڏهن هنن بيان جي ڀيٽوار ڇنڊڇاڻ ڪبي ته پتو پوندو ته هرماتيلاءِ يا برهمانا ميوسي ڪئنس جي راڄ ۾ شامل هو. ڪرٽس جو به بيان آهي ته هتان جو راجا، سڪندراعظم جي آڻ مڃي چڪو هو. ائرين ٻڌائي ٿو ته هن راجا بغاوت ڪئي هئي. ڊايوڊورس وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سڪندراعظم انهن کي سخت سزا ڏني هئي. جن ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ لاءِ هشي ڏئي اڀاريو هو. اهي سڀئي حقيقتون ميوسيڪئنس سان ٺهي اچن ٿيون جنهن پهريائين ته آڻ مڃي پر پوءِ بغاوت ڪئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٽياس تي ٽنگيو ويو. ساڻس گڏ انهن برهمڻ کي به ڦاسي چاڙهيو ويو جن کيس بغاوت لاءِ ڀڙڪايو هو. هيءَ سڃاڻ اهميت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته هن بيان مان پتو پوي ٿو ته راجا ميوسيڪئنس جو راڄ مٿان کان وٺي ڇوڙ واري علائقي جي مٿئين پاسي تائين سڄي سنڌوءَ ماٿر تائين پکڙيل هو، جنهن ۾ اوڪسي ڪئنس ۽ سامبس جو راڄ شامل ڪونه هو. هن راجا جي حڪومت هڪ وڏي علائقي تي مشتمل هئي. سڪندراعظم کي مليل اطلاعن مان به اهڙي ثابتي ملي ٿي جن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته مذڪوره علائقو ساري هندستان ۾ وڌيڪ شاهوڪار آهي. اهڙن اطلاعن مان اسان کي اها به سڻس ڪنين پوي ٿي ته راجا سامبس جا راجا ميوسيڪئنس سان سٺا لاڳاپا ڪونه هئا ڇاڪاڻ ته راجا ميوسيڪئنس جي ملڪ جي ڏاکڻين سرحد راجا سامبس جي اولاهينءَ دنگ سان ملي رهي هئي، ان ڪري منجهن سرحدي تڪرار هلندڙ هو. جنهن شهر ۾ ٽالمي کي زهر ٻڌل تيرن جا گهائو رسيا هئا. تنهن شهر جي راجا جو نالي جسٽين Justin (٤٠٨) آمبيگر Ambiger ٻڌائي ٿو جيڪا گهڻو ڪري ميوسيڪئنس راجا جو صحيح نالو هوندو. هيءُ ميوسڪاني جو حڪمران هو ۽ براهمانا جو علائقو به سندس راڄ ۾ شامل هو.
ڏک جي ڳالهه اها آهي ته مؤرخ ٽالمي جيڪي به نالا بيان ڪيا آهن، سي سڀئي براهمانا شهر جي نالي سان ٺهڪي ڪونه ٿا اچن. پارابلي Parabali جو نالو ڪنهن حد تائين جاگرافيائي بيهڪ ۽ ڪجهه نالي جي هڪجهڙائي جي نقطه نگاهه کان براهمانا سان ملي اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن لفظ جا پهريان ٻه پد پرب (Parab)، برم (Baram) کان مختلف ڪونه آهن. لفظ جي پڇاڙي الي Ali برهماٿالا يا هر ماتيلاءِ جي لفظ ۾ موجود ٿالا جي نمائندگي ڪري ٿو. ٽالمي جي بيان کان پوءِ اسان براهمانا جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿا ٻڌون. پر ڇهه صديون کن پوءِ عرب دور ۾ سندس ذڪر نظر اچي ٿو. ڏيهي تاريخن مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته راءِ گهراڻي جي دور ۾ (٥٠٧ کان ٧٤٢ تائين) براهمانا سنڌ جي چئن سرڪارين مان هڪ هئي ۽ ان علائقي جي راڄڌاني هئي. (٤٠٩) راجا ڏاهر جڏهن ٦٨٠ع ۾ سنڌ جي راڄڌاني تي ويٺو تڏهن به براهمانا پنهنجي علائقي جي راڄڌاني وارو شهر هو. سنڌوءَ جڏهن الور کي تباهه ڪري ڇڏيو ته هن براهمانا کي پنهنجي ملڪ جي راڄڌاني بنايو هو. شين سئنگ سن ٦٤١ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو، جنهن جي سفرنامي جو ذڪر اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي. ان جي زماني ۾ به سنڌ چئن سرڪارين ۾ ورهايل هئي. انهن کي سهوليت خاطر سرو، وچولو، لاڙ ۽ ڪڇ سرڪارين جا نالا ڏنا ويا آهن. مان سري وار ي علائقي جو الور واري باب ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان. ٻي سرڪار اوفان چا هئي جنهن کي مان برهمڻ آباد سمجهان ٿو. ايم، اسٽئنسلاس جولين M. Stanislas Julien چيني ٻوليءَ جي پدن مطابق هن جو ترجمو آوندا (Avanda) ڪري ٿو، پر ان جو اصل هڪ جهڙو لفظ ڳولي لهڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. منهنجي خيال ۾ اهو برهمانا آهي جنهن کي ڪيترن ئي نالن سان اچاريو ويندو آهي. جهڙوڪ: باهمانا، ٻهڻ، بابنا، ٻانڀڻا. (٤١٠) وغيره. برهمڻ آباد ڀرسان منصوره شهر جو ذڪر ڪندي ابن حوقل لکي ٿو ته سنڌي ماڻهو منصوره کي بامي واڻ Bamiwan سڏيندا آهن (٤١١). جنهن کي ادريسي ڦيرائي مير مان (٤١٢) Mirman لکيو آهي. پر ان سان گڏ واندڻ Wandan ۽ ڪاندڻ Kandan (٤١٣) جا نالا به قلمبند ڪيا آهن. مان سمجهان ٿو ته اهي بامن وا Bamanwa جي بگڙيل شڪل آهن يا جهڙيءَ ريت سنڌي اچاريندا آهن. جهڙوڪ وامن وا Vamanwa يا وان وا Vanwa وغيره. چيني ٻوليءَ جو پدفان Fan برهما لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي ۽اها هڪ ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ۽ ان نالي جي ننڍي شڪل آهي، جيڪا هن ڳالهه تي به روشني وجهي ٿي ته آوندا به بهمنوا يا برهمڻ آباد جي ڪجهه بدليل شڪل آهي.
مسلمانن جي فتح کان جلدي پوءِ براهمانا جي جاءِ منصوره اچي والاري. بلاذري جي بيان موجب هن شهر جو بنياد سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم جي پٽ عمرو رکيو هو (٤١٤). اهو عباسي خاندان جي ٻئي خليفي المنصور جي زماني (٧٧٤- ٧٥٣) ۾ جڙي راس ٿيو. پر مسعوديءَ (٤١٥) جو بيان آهي ته هيءُ شهر بني اميه خلافت جي دور ۾ تعمير ڪرايو ويو. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو امير جمهور هو جيڪو ٧٤٤ع کان ٧٤٩ع تائين هتان جو گورنر رهيو ۽ پنهنجي پيءُ منصور نالي پٺيان هن شهر کي اڏايائين. هيءُ شهر برهمڻ آباد جي ڀرسان تعمير ڪرايو ويو هو، تنهن ڪري ابن حوقل، ابوريحان ۽ ادريسي پنهنجي بيانن ۾ هن کي ساڳيو شهر ڪوٺيو آهي. ابن حوقل جا لفظ هن ريت آهن: ”منصوره کي سنڌي ٻوليءَ ۾ باميوان Bamiwan سڏيندا آهن (٤١٦). ابوريحان چوي ٿو ته: ”منصوره جو اصلي نالو بامنوا Bamanwa هو، پوءِ ان کي همن آباد Hamanabda سڏيو ويندو هو.“ جيڪڏهن هن لفظ جي ابتدائي ڀاڱي ۾ ب جو اکر ملائبو ته بهمن آباد جڙي پوندو ۽ اهو اکر غلطيءَ وچان رهجي ويل ٿو ڀائنجي. هيءُ شهر سنڌوءَ يا مهراڻ جي اوڀارين ڇاڙهه تي وسايو ويو هو. مذڪوره شهر جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ هڪ ميل هئي. اهڙيءَ ريت سندس گهيرو چار ميل ٿئي ٿو. مختلف جڳهن کان ڏينهن واريءَ مسافريءَ جو ليکو ڪري سندس جاگرافيائي بيهڪ کي هالا جي اوسي پاسي بيهاريو ويو آهي. اهو ماڳ ملتان کان ٻارنهن ڏينهن جي پنڌ تي ۽ منصوره کان سڌو ديبل چئن ڏينهن جي مسافريءَ تي هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ملتان کان سمنڊ تائين جيڪو فاصلو هو، برهمڻ آباد کان سمنڊ تائين پنڌ ان جو ٽيون حصو هو ۽ اهو فاصلو هالا جي اوسي پاسي وڃي بيهي ٿو.
ان ساڳي جاگرافيائي بيهڪ ۾ مسٽر بيلاسس ڪنهن جهوني جڳ سان لاڳاپيل هڪ ٿرڙ لڌو آهي، جيڪو وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته اهو پنهنجي دور جو ڪو وڏو شهر هو. اسان مذڪوره دلچسپ شهر جي ڄاڻ لاءِ مسٽر بيلاسس Mr. Bellasis جا ٿورائتا آهيون. مذڪوره ڦٽل شهر سنڌوءَ جي پراڻي پيٽ جي ڪٺار سان، حيدرآباد کان ستيتاليهه ميل اتر- اوڀر، هالا کان اوڀر يا اوڀر- اتر- اوڀر اٺاويهه ميل ۽ اڀرندي ناري کان ويهه ميل اولهه طرف آهي (٤١٧). هيءُ ماڳ ٻانڀڙ- ڪا- ٺل Bambhra- Ka- Thul جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ناس ٿيل ٺلهه. هن ڦٽي واري ايراضيءَ ۾ سرن جي ٽوٽن مان ٺهيل هن ٺلهه جو ڪو ڀاڱو اڃا سلامت بيٺل نظر ايندو آهي. هن ٿرڙ کي جنهن جاکوڙي جوان ڳولي لڌو تنهن جو چوڻ آهي ته شهر جي کنڊرن جي شڪل صورت ايئن آهي جهڙيءَ ريت اڳيئن شهر جي گهرن جي جوڙ هئي جنهن جي دڙي تي پويون شهر وسايو ويو هو. ماپڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته هن شهر جو چوڏس گهيرو چار ميل کن ٿيندو. هن ٻانڀڙ- ڪا- ٺل کان سواءِ هتان کان ڏيڍ ميل کن جي فاصلي تي هڪ ٻيو ڦٽل دڙو پڻ آهي، جنهن کي ماڻهو دلوراءِ جو دڙو سڏيندا آهن. هي ماڳ هتان جي آخري راجا جو رهائش گاهه هو. ان ماڳ کان وري پنج ميل کن پري ڏيپر نالي هڪ ٻيو ڦٽل دڙو آهي، جنهن لاءِ ماڻهو چوندا آهن ته اتي راجا جو وزير رهندو هو. هنن ٿرڙن جي وچ تي ڪن وسندين جا اهڃاڻ آهن جيڪي کليءَ ايراضيءَ ۾ گهڻو ڏور تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻانڀڙا- ڪا- ٺلهه جي چوڌاري قلعي جي هڪ تعمير ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن تي منارن ۽ برجن جي اڏاوت جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڪبر بادشاهه جي دور تائين هن قلعي جا نشان ڪجهه وڌيڪ چٽا هئا. ابوالفضل جي بيان مطابق هن قلعي ۾ هڪ سؤ چوڏهن برج هئا ۽ هر برج جي وچ تي هڪ طناب جيتري وٿي هئي (٤١٨). ان زماني ۾ ماپ هڪ مقرر نوڙيءَ سان ڪئي ويندي هئي. اڪبر بادشاهه نوڙيءَ بدران لڪڙن کي لوهن ڪڙن سان ڳنڍي هڪ مقرر ماپ کي ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو هو. مذڪوره طناب جي ماپ سٺ لاهي گز هوندي هئي ۽ هرگز جي ڊيگهه ٽيهه انچ مقرر هئي. اهڙيءَ ريت هر طناب جي ماپ وڃي ڏيڍ سؤ فوٽ بيهي ٿي. جيڪڏهن هن کي ١٤٠ سان ضرب ڪبو ته ٢١٠٠٠ فوٽ جواب ٿئي ٿو. جيڪو اٽڪل چار ميل فاصلو ٿئي ٿو، ابن حوقل جو بيان آهي ته منصوره جو شهر هم چورس هڪ ميل جي ايراضيءَ تي پکڙيل هو، جنهن جو چوڏس گهيرو وڃي چار ميل بيهندو. اهڙيءَ ريت مسٽر بيلاسس جي بيان موجب ٻانڀڙا-ڪا- ٺل جي ايراضي به گهٽ وڌ چار ميل ٿيندي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو منصوره وارو ماڳ آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو راڄڌاني هو. باقي براهمانا يا برهمڻ آباد جو اصلي شهر دلوراءِ جي دڙن وارو ماڳ آهي، جيڪو هن وڏي دڙي کان ڏيڍ ميل کن پري ٿيندو.
مسٽر بيلاسس، جنهن هن شهر کي ڳولي لڌو، تنهن جو چوڻ آهي ته اهو ماڳ ئي برهمانا يا برهمڻ آباد پاڻ آهي. پر مسٽر ٿامس اختلاف جو اظهار ڪري ٿو (٤٢٩). ڇاڪاڻ ته هتان کوٽائي ۽ کوجنا ڪندي وچين دور سان لاڳاپيل سڪا لڌا ويا آهن. ان کان اڳ واري سنڌي دور سان لاڳاپيل سڪن جو انگ تمام ٿورو آهي. اهي سڪا ٻين علائقن مان به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لڌا ويا آهن ۽ منجهن هڪ سُرائي به ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. تنهن ڪري ڪنهن مقرر دور جو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي. هتان جيڪي به سڪا لڌا ويا آهن. تن جو سنڌ جي عرب گورنرن سان تعلق آهي ۽ هر سڪي تي پاسي سان منصوره جو لفظ لکيل نظر ايندو. جيتري قدر منهنجي ڄاڻ جو واسطو آهي ته مان هنن سڪن مان ڪو سڪو ڪونه ڏٺو، جنهن جو ڪنهن سنڌي راجا سان لاڳاپو هجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته مسٽر بيلاسس، دلوراءِ نالي ٿرڙ جي خاطر خواهه کوٽائي ۽ کوجنا ڪانه ڪئي، نه ته جيڪر کيس وڌيڪ قديم دور سان لاڳاپيل نادر شيون هٿ لڳي وڃن ها.
هتان جي مؤرخن جا بيان ۽ ماڻهن جون روايتون ٻڌائين ٿيون ته هي شهر راجا دلوراءِ جي ڪلورن ڪري ڌرتيءَ ڌڏڻ کان پوءِ ناس ٿي ويو. هن راجا جي دور بابت يقين سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. مڪمرڊو سندس زمانو ١٤٠هه يا ٧٥٧ع ٻڌائي ٿو (٤٣٠). انهيءَ سمي راجا دلوراءِ جو ڀاءُ ڇٽو حج ڪري واپس وريو هو. پر اسان کي تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ به پنهنجي اوج تي هو ۽ مسعودي ۽ ابن حوقل ان دور ۾ هتي پاڻ آيا هئا. تنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي ڌرتيءَ ڌڏڻ وارو واقعو سنه ٦٥٠ع کان پوءِ جي ڳالهه آهي. اهو به چيو ويندو آهي ته دلوراءِ ۽ ڇٽو ٻئي منصوره يا برهمڻ آباد جي راجا يا امير جا پٽ هئا. ان سان گڏ ويساهه ڪرڻ ڏکيو آهي ته جڏهن منصوره تي عرب گورنرن جي حڪومت هئي ته ساڳي زماني ۾ سنڌي راجا به اتي راڄ ڪري رهيو هو. حقيقت اها آهي ته پنجاب جي ڦٽل شهرن بابت ساڳئي قسم جي ڏندڪٿا ٻڌائي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته شورڪوٽ هڙاپا ۽ آمريءَ جا شهر پنهنجن راجائن جي ڪلورن ڪري ناس ٿي ويا. سنڌ ۾ ڀنڀور، براهمانا ۽ الور لاءِ ابه ايئن ئي چيو ويندو آهي. تلمبا جي تباهيءَ بابت به ساڳي ئي ڪهاڻي گهڙي وئي آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو نسورو ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي سر اتي وڃي کوجنا ڪئي ۽ پتو پيو ته ان شهر جي تباهي ان ڪري ٿي جو راوي پنهنجو وهڪرو بدلائي وئي هئي. مسٽر بيلاسس جي کوجنا مان پتو پيو آهي ته برهمانا ڌرتي ڌڏڻ ڪري ناس ٿي وئي هئي. ماڻهن جا هڏاوان پڃرا گهرن جي ٻُنڀن وٽ دٻالٽ ٿيل ڏسڻ ۾ آيا. جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته ماڻهن ڪنهن آفت کان ڀڄڻ جا جتن ڪيا هجن، ڪن جا هڏا اندر ڪوٺين مان لڌا، ڪن جا بيٺل ۽ ڪن جا ويٺل، ڪن جا اونڌي منهن ڪريل حالت ۾ ڏسڻ ۾ آيا (٤٢١). شهر کي ساڙي تباه ڪونه ڪيو ويو . ڇاڪاڻ ته رچرڊسن جو بيان آهي ته سڙيل ڪاٺ جي ڪوئلن جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. ڀتين تي به باهه جا نشان ڪونه آهن، ان جي برخلاف ماڻهن جا هڏاوا پڃرا، گهرن جي ڪوٺين جي ڪنڊن مان اهڙي ريت مليا آهن ڄڻ اهي ڪنهن هائسي ۾ سراپجي ويا هجن. امڪان آهي ته جنهن وقت ڌرتي ڌڏي رهي هئي ته هو پنهنجي گهرن جي ڪوٺين اندر ڊپ کان ڄڪ هڻي ويٺا رهيا ۽ مٿانئن سندن ئي گهرن جون ڀتيون ڪرنديون رهيون، اهڙيءَ ريت جو جيئري ئي دٻالٽ ٿي ويا (٤٢٢) مسٽر رچرڊسن ڪوٺيءَ جي ڪنڊ مان هڪ اهڙي پڪي سر کنئي جيڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ ۾ اندر گتل هئي. جڏهن هن اها سر مٿي کنئي ته ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ جي هڏيءَ جو ڪجهه حصو ان سان چنبڙيل هو. مسٽر بيلاسس جيان سندس خيال آهي ته هيءَ شهر ڌرتيءَ جي ڌڏڻ ڪري تباهه ٿي ويو آهي.
ٻانڀڙا- ڪا- ٺلهه واريءَ ايراضيءَ مان به عربن جي دور سان لاڳاپيل سڪا لڌا ويا آهن، جيڪي هن شهر جي پايو رکندڙ جمهور بن منصور جي دور کان وٺي عمر هباري واري زماني سان تعلق رکن ٿا. المسعودي به عمر هباري جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو (٤٢٣) تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره شهر ٧٥٠ کان ٩٤٠ع تائين آباد هو.
مٿين حقيقتن مان منهنجي ان بيان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي جنهن ۾ چئي آيو آهيان ته جڏهن مسعودي ۽ ابن حوقل ڏهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ سنڌ آيا هئا ته هيءُ شهر پنهنجي اوج تي هو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن شهر جي تباهي ڏهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ سن ٩٧٠ع کان اڳ ڪانه ٿي هوندي. اها حقيقت به آهي، ڇاڪاڻ ته يارهين صديءَ عيسويءَ جي شروعات ۾ ابوريحان هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان کان ٿورو پوءِ ادريسيءَ، قزويني ۽ رشيدالدين جو به اهڙو بيان آهي جنهن مان سڌ پوي ٿي ته هي شهر سندن دور ۾ پڻ آباد هو. پر پويان مؤرخ نه بلڪ مرتب آهن ۽ انهن ٻين جي ڪتابن تان ميڙا چونڊ ڪري حقيقتون گڏ ڪيون آهن، تنهن ڪري سندن ڏنل احوال ڪنهن اڳئين دور سان واسطو رکن ٿا. باقي ابوريحان سان واسطو رکندڙ تاريخي حوالا اصلي ۽ بنيادي آهن. ڇاڪاڻ ته هو هندستان جون ٻوليون ڄاڻندو هو ۽ سمجهڻ کپي ته سندس قلمبند ڪيل حقيقتون کريون ۽ سچيون آهن ته منصوره جو شهر سندس دور تائين وسندڙ هو. هو سنڌ جي رستن بابت بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته (٤٢٤) ”الور کان برهمنوا يا المنصوره ويهن فرسنگن جي فاصلي تي آهي. اتان کان لوهراڻي Lohrani ٽيهه فرسنگ پري ٿيندو جيڪو درياهه جي ڇوڙ وٽ هڪ ماڳ آهي.“ هن مان پتو پوي ٿو ته ابوريحان جڏهن سن ١٠٣١ع ۾ پنهنجي تاريخ لکي رهيو هو ته منصوره آباد هو. محمود غزنويءَ جي سنڌ تي حملي جو احوال اوريندي فقط هڪ مؤرخ منصوره جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ منصوره آباد ضرور هو پر زبون حاليءَ جو شڪار هو؛ نه ته سنڌ جي راڄڌانيءَ واري هن شهر جي شاهوڪاري هن ڦورو ۽ هٻڇي Rapacious حڪمران کي ضرور مٿس حملي ڪرڻ لاءِ هرکائي وجهي ها. تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته ڌرتي ڌڏڻ وارو واقعو جنهن شهر کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو سو يارهين صدي جي شروع ٿيڻ کان اڳ واري دور سان لاڳاپو رکي ٿو. اهو به امڪان آهي ته شهر جي تباهيءَ کان پوءِ نڪري ويل ماڻهن دٻالٽ ٿيل پنهنجو مال ملڪيت هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجا اباڻا ڪک وسائڻ لاءِ موٽي اچي ساڳي هنڌ آباد ٿيا هوندا. پر ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري قلعو ۽ گهر ڊهي دڙو بنجي ويا هوندا تنهن ڪري کين عدم تحفظ جو احساس ٿيو هوندو، ان سان گڏ پاڻيءَ به هوريان هوريان گهٽجڻ شروع ڪيو هو ۽ ماڻهن اتان وري لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني ۽ شهر وڌيڪ تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو. سن ٤١٦هه/١٠٢٥ع ڌاران سومناٿ جي حملي کان پوءِ محمود سنڌ مان لنگهيو ته منصوره تي حملي ڪرڻ بدران سيوهڻ کان ٿيندو سڌو غزني هليو ويو هو. اسان کي ابن اثير جو رڳو ايترو احوال ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن حڪمران سنڌ لاءِ هڪ مسلمان گورنر مقرر ڪيو هو.

[b]لاڙ[/b]
شين سئنگ جي بيان مطابق پٽاسيلا Pitasla يا لاڙ واري علائقي جو گهيرو ٽي هزار لي يا پنج سؤ ميل هو، جيڪو حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري ڇوڙ واري علائقي جي گهيري واريءَ ماپ سان سهمت آهي. اهو اوڀر طرف عمرڪوٽ ۽ اولهه پاسي راس مونزي Cape Monz واري جابلو علائقي تائين پکڙيل آهي. ان نقطه نگاهه کان لاڙ واري علائقي جي مختلف پاسن جي ماپ هن ريت ٿي سگهي ٿي. اولهه پاسي واري جابلو علائقي کان وٺي عمرڪوٽ تائين هڪ سو سٺ ميل. ان ساڳيءَ جاءِ کان راس مونزي تائين پنجاسي ميل، مونزي راس کان سنڌوءَ جي ڪوري کاري تائين هڪ سو پنجٽيهه ميل، ڪوري کاري کان عمرڪوٽ تائين هڪ سؤ چاليهه ميل. جيڪڏهن هنن سڀني پاسن جي ماپن جو جوڙ ڪبو ته گهيرو پنج سؤ ميل وڃي بيهندو. هن علائقي جي زمين بابت چيو ويندو آهي ته اها وارياسي ۽ ڏنگاشي آهي. ڀاڄيون ۽ اناج جام ٿيندو هو، پر موجوده دور جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڦل ۽ ڦول گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا.
سڪندر جي زماني ۾ لاڙ جو مشهور ۽ اهم شهر پٽالا Patala هوندو هو، پر چيو ويندو آهي ته هن لاڙ ۾ گهڻي وقت ترسڻ دوران ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو بنياد رکيو هو (٤٢٥). ڇاڪاڻ ته هو پورب جي واءُ جي اوسيئڙي ۾ ويٺو رهيو انهيءَ لاءِ ته جيئن وطن ڏانهن ورڻ ويل کيس ٻيڙن هاڪارڻ ۾ سولائي ٿئي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ان دور جي مؤرخن انهن شهر جا نالا قلمبند ڪونه ڪيا آهن. رڳو اڪيلو جسٽين Justin آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته واپسيءَ ۾ هن بارس Barce نالي هڪ شهر تعمير ڪرايو هو (٤٢٦). جنهن جو بيان اڳتي ايندو. ٽالمي به ڪيترن ئي شهرن جهڙوڪ: باربارا Barbara، سؤسيڪانا Sousikana، بونس Bonis ۽ ڪولاڪا Kolaka جو ذڪر ڪيو آهي. هنن مان پهريون شهر باربارا پيري پيلس Periplus وارو باربريڪي Barbarike ۽ جسٽين وارو بارس معلوم ٿئي ٿو. پيري پلس جي مصنف جي زماني ۾ لاڙ جي راڄڌاني مين نگر Minnagra هوندو هو. ڏيساور جا واپاري باربريڪا وارو درياهي وهڪرو ڏئي مٿي اچي مين نگر پهچندا هئا. ستين صديءَ جي وچ ڌاران شين سئنگ پٽسيلا يا پٽالا جو ذڪر ڪري ٿو. اٺين صديءَ واري محمد بن قاسم جي حملي جا مؤرخ ديبل ۽ نيرون ڪوٽ شهرن جي نالن جو واڌارو ڪن ٿا، ڏهين صديءَ جا عرب جاگرافيدان شهرن جي نالن جي هن مختصر فهرست ۾ منحاتاري Manhatare منحاباري Manhabari يا منجاباري Manjabari (٤٢٧) جي نالي جو اضافو ڪن ٿا، جيڪو سنڌوءَ جي اولهه پاسي ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي ان ٿاڪ تي هو، جتان ديبل ڏانهن ويندڙ رستو درياهه پار ڪندو هو. مان انهن شهرن جو سندن جاگرافيائي بيهڪ مطابق اتر کان ڏکڻ وارن ماڳن جو بيان ڪريان ٿو. شروعات پٽالا سان ڪئي ويندي جيڪو ڇوڙ وٽ آهي.

[b]پٽالا- نيرون ڪوٽ
[/b]مئڪمرڊو، مئسن، برٽن ۽ ايسٽ وڪ (٤٢٨) جو خيال آهي ته حيدرآباد ئي نيرون ڪوٽ آهي. سر اليٽ جو خيال آهي ته نيرون ڪوٽ جهرڪ شهر جي ڀرسان هوندو هو، ڇاڪاڻ ته سندن خيال موجب ان ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ هتان جي ڏيهي مؤرخن جي بيانن سان سهمت آهي. حيدرآباد جو نالو پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، پر ماڻهو هن کي نيرون ڪوٽ به سڏيندا آهن. هن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي ڳالهه ڪانه آهي ته هيءُ اهو ماڳ آهي جنهن کي عرب جاگرافيدانن نيرون يا نيرون ڪوٽ جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي. ابوالفدا Abul Feda جي بيان موجب اهو ماڳ ديبل کان پنجويهه ۽ منصوره کان پندرهن فرسنگ پري آهي جيڪو اصطخري ۽ ابن حوقل جي بيانن سان ڪنهن حدتائين سهمت آهي. ابن حوقل جو بيان منجهيل آهي. هو چوي ٿو ته نيرون منصوره ۽ ديبل جي وچ تي آهي پر منصوره جي ويجهو آهي. مذڪوره ماڳ سنڌوءَ جي اولاهين ڪنڌيءَ سان آباد هو. شهر ننڍو هو، پر قلعو نهايت سگهارو هوس. حيدرآباد جو شهر برهمڻ آباد يا منصوره جي ڦٽل دڙي کان چوهتر ميل پري آهي ۽ لاڙي بندر کان سندس فاصلو ساٺيڪو ميل کن ٿيندو. هن ٻڌايل فاصلي مطابق نيرون ڪوٽ جهرڪن واري ماڳن کان وڌيڪ حيدرآباد سان ٺهڪي ٿو بيهي. موجوده دور ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو حيدرآباد کان اولهه پاسي وهندو آهي، پر اسان کي خبر آهي ته هن وهڪري جي اوڀارين ڇاڙهه ڦليلي، تنهن زماني ۾ مکيه وهڪرو هوندو هو. مئڪمرڊو (٤٢٩) جو خيال آهي ته سنڌوءَ جي مکيه وهڪري جو رخ بدلائي حيدرآباد کان اولهه وهڻ وارو واقعو ١٠٠٠هه ۽ ١٥٩٢ع ۾ ٿيو آهي. ان ئي دور ۾ نصرپور زبون ٿي وئي هئي. جنهن جو بنياد ٧٥١هه ۽ ١٣٥٠ع ۾ رکيو ويو هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شهر پنهنجي اوج جو زمانو تمام ٿورو ڏٺو. نصرپور لاءِ ابوالفضل جو بيان آهي ته (٤٣٠) مذڪوره شهر ٺٽي صوبي جي هڪ محال جو مکيه شهر آهي. منهنجو خيال آهي ته تنهن زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو نيرون ڪوٽ يا حيدرآباد جو اوڀاريون پاسو ڏئي وهندو هوندو ۽ اڪبر جي شروعاتي دور تائين وهڪرو ايئن وهندو آيو هوندو.
نيرون ڪوٽ جو شهر هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل هو ۽ ڀرسان هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هيس. محمد بن قاسم جي حملي وقت سندس ٻيڙيون اچي منجهس بيٺيون هيون. سر هينري ايليٽ جو خيال آهي ته جهرڪن واري ٽڪريءَ تي نيرون واري ٽڪري آهي جيڪا سنڌوءَ جي اولهه پاسي آهي ۽ اها ڍنڍ هيلايا ڀرسان ۽ جهرڪ کان ڏکڻ ڪينجهر ڍنڍ آهي. پر ڪينجهر ڍنڍ جو سنڌوءَ سان ڪو لاڳاپو موجود ڪونه آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اها ڪينجهر ڍنڍ ڪانه آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم جا ٻيڙا اچي بيٺا هئا. هتي هاڻي اهو اهم دليل پنهنجي اصلي حيثيت وڃائي ڇڏي ٿو جنهن جي ناتي نيرون واري ٽڪريءَ کي حيدرآباد بدران جهرڪن ڀرسان سمجهڻ جو سبب بنايو وڃي. سر هينري (٤٣١) اها ڳالهه به قبول ٿو ڪري ته ڪنهن ماڳ جي يقين ڪرڻ ۾ وايومنڊل اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ٻين ماڳن جهڙوڪ ديبل ۽ منصوره جو به ساڳيو حال آهي، جن تي اڃا اتفاق راءِ پيدا ٿي ڪونه سگهيو آهي. هو صاحب ڪراچيءَ کي ديبل ۽ منصوره کي حيدرآباد سمجهيو ويٺو آهي. انهن ماڳن جي تعين ڪرڻ سان گڏ اهو به سمجهي ٿو ته نيرون ڪوٽ جهرڪ شهر وٽ موجود هو. جڏهن هو ”سنڌ ۾ عرب“ تي هڪ مضمون لکي رهيو هو ته بيلاسس سنڌ جو هڪ پراڻو ماڳ ٻانڀڙا- ڪا- ٺل ڳولي لڌو هو، جنهن جو جاگرافيائي ماڳ بلڪل ايئن هو جهڙيءَ ريت ڪيترو وقت اڳ مسٽر مئڪمرڊو برهمڻ آباد لاءِ لکي ويو هو. ان ماڳ جي پڪ جهڙي سڃاڻپ به ٿي وئي آهي ته مذڪوره ٿاڪ منصوره يا برهمڻ آباد جو آهي، تنهن ڪري بلاذري ۽ چچ نامه جي نيرون ڪوٽ جو صحيح ٿاڪ نيرون ڪوٽ Niron Kot يا حيدرآباد ئي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻانڀڙا- ڪا- ٺل کان ستيتاليهه ميل ۽ لاڙي بندڙ کان پنجاسي ميل پري آهي، جيڪو ابوالفدا جي بيان سان سهمت آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته: ”نيرون ڪوٽ برهمڻ آباد کان پندرهن فرسنگ ۽ ديبل کان پنجويهه فرسنگ پري آهي. ان جي ٻڌايل تعمير مطابق هيءُ ماڳ به ٽڪريءَ تي اڏيل آهي ۽ ان کي نيرون ڪوٽ پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءَ ٽڪري گنجي ٽڪر جي جابلو علائقي سان واسطو رکي ٿي، جيڪا ڏيڍ ميل ڊگھي، ست سؤ گز ويڪري ۽ اسي فوٽ اتاهين ٿيندي (٤٣٢). هن ٽڪريءَ جي ٽئين ڀاڱي تي، ڏکڻ پاسي مذڪوره قلعو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وچين ڀاڱي تي شهر جي مکيه بازار ۽ وڪڙن تي گهرن جون اڏاوتون آهن ۽ اتر پاسي مزارون ۽ مقبرا ڏسڻ ۾ ايندا.
جڏهن ٦٤١ع ۾ چيني ياتري شين سئنگ سنڌ ۾ آيو ته هيءُ ڪڇ جي راڄڌاني ڪوٽيسر کان ست سو لي يا هڪ سؤ سترهن ميل اتر پنڌ ڪري پي- ٽو- شي- لو Pi- To- Shi- Lo پهتو هو (٤٣٤). اتان کان هو ٽي سؤ لي يا پنجاهه ميل سفر ڪري او- فان- چا پهتو، جنهن کي مان برهمڻ آباد سمجهيو آهي. ايم جولين چيني پدن موجب پي- ٽو- شي- لو جو اچار پٽاسيلا Pitasila سمجهي ٿو. ان بدران مان هن لفظ کي پاٽاسلا Patasla سمجهان ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي ”تراکڙي چوٽيءَ واري ٽڪري.“ هيءُ مفهوم ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ جي مٿاڇري سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جنهن ٽڪريءَ جي تراکڙي مٿاڇري تي حيدرآباد جو شهر اڏيل آهي (٤٤٥). برٽن جي بيان موجب نيرون ڪوٽ يا حيدرآباد کي پاتال پور Patal pur پراڻي نالي سان به سڏيو ويندو هو. هيءُ ٿاڪ ڪوٽيسر کان هڪ سو ويهه ميل اتر ۽ برهمڻ آباد کان ستيتاليهه ميل ڏکڻ اولهه طرف آهي. مان هن ماڳ کي چيني ياتري واري شهر پٽاسيلا سمجهڻ ۾ تڪڙ به ڪونه ٿو ڪريان. هن ٽڪريءَ جي گهيري جي ماپ، ڏيڍ ميل ڊيگهه ۽ ست سو گز ويڪر مطابق ٽي ميل ٿئي ٿي، جيڪا شين سئنگ جي ٻڌايل گهيري (ويهه لي يا ساڍا ٽي ميل) سان هڪ جهڙائي رکي ٿي.
”پٽالا پور“ ۽ ”پٽاسيلا“ جي نالن مان چڱي ريت پتو پوي ٿو ته حيدرآباد ئي اهو ماڳ آهي، جنهن کي سڪندر واري دور ۾ پٽالا Pattala سڏيو ويندو هو. سڪندري مؤرخ هن ڳالهه تي متفق آهن، ته اهو ٿاڪ سنڌو جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو هو. موجوده دور جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون ڀاڱو مٽيارن وارو قديم شهر آهي، جيڪو حيدرآباد کان ٻارنهن ميل مٿي آهي. هن ٿاڪ وٽان ڦليلي ڦاٽ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. قديم زماني ۾ جڏهن پراڻ وارو وهڪرو الور کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ايندو هو ته پهريون ڦاٽ حيدرآباد وٽان ڇڏيندي هئي ۽ اهو وهڪرو مياڻي Miani ۽ ٽريڪل Trikal وارن پيٽن مان وهي اڳتي ويندو هو يا وري هن ماڳ کان پندرنهن ميل ڏکڻ- اولهه ڏئي ان ٿاڪ وٽ پهچندو هو، جتي هاڻي ڦليلي ڦاٽ، گونيءَ کي ڏکڻ طرف ڇڏي ٿورو اولهه ڀرو سورڪي ٽريڪل وٽان سنڌوءَ جي موجود وهڪري سان وڃي سنگم ڪندو آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو يا ته حيدرآباد پاڻ هئي يا وري هن ماڳ کان پندرنهن ميل اولهه- ڏکڻ پاسي اهو ٿاڪ هو، جتان سنڌوءَ جو اڀرندو ڦاٽ گوني سنڌوءَ جي الهندي ڦاٽ ڦليلي کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو.
ٻين حقيقتن سان ڀيٽائي ڏسڻ کان پوءِ به ”پٽالا“ جي جاگرافيائي بيهڪ معلوم ڪري سگهجي ٿي:
ٽالمي جي بيان موجب ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو، ”لوڻي ٻاري“ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري ٿاڪ ڪري کاري ۽ اوڪسي ڪانايا ماهورٽا جي وچ تي هو. هن بيان تي ويچار ڪري ڏسبو ته پٽالا جو ٿاڪ حيدرآباد ٿيندو.
ٻيو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جي هيٺئين پاسي جي ارسٽو بيولس (Arustobulus) ماپ ورتي هئي، جيڪا هڪ هزار اسٽاڊيا يا هڪ سو پندرهن ميل هئي. نيرڪوس ارڙنهن سؤ ۽ اونسي ڪريٽس ٻه هزار اسٽاڊيا ٻڌائي ٿو (٤٤٦). پر گهاري واري سنڌوءَ جي اولاهين ڇوڙ کان وٺي صفا اوڀر واري ڪوري کاري واري سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين مذڪوره هيٺين علائقي جي ماپ هڪ سؤ پنجويهه ميل آهي. اسين هن مامري ۾ ارسٽوبيولس طرفان ڏنل ماپ کي ٻين جي وڌايل ماپ کان وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا. اوئنسي ڪريٽس جو بيان آهي ته پٽالا ٻنهي آخري ڇوڙن وارن ٿاڪن وٽان هڪ جيتري فاصلي تي هو، جيڪو ڇوڙ کان هڪ هزار اسٽاڊيا يا هڪ سؤ پندرهن يا هڪ سؤ پنجويهه ميل پري هو. ان حساب سان پٽالا گهاري کان هڪ سؤ ڏهه ١١٠ ميل ٿيندو ۽ ٻئي پاسي ڪوري ڪريڪ کان حيدرآباد جو فاصلو هڪ سؤ پنجٽيهه ميل آهي. اهي ٻئي ماپون اوئنسي ڪريٽس طرفان ڏنل ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جي تري واري پاسي جي ماپ سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سندس بيان آهي ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي جا ٽئي پاسا هڪ جيترا آهن. هنن ماپن جو نتيجو اهو بيهي ٿو ته ان ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو حيدرآباد يا ان جي اوسي پاسي وڃي بيهي ٿو.
ٽين ڳالهه ته جيڪڏهن ائرين ۽ ڪريٽس جي بيانن جو ڀيٽوار جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سڪندر جڏهن براهمانا يا برهمڻ جي شهر ۾ ترسيل هو ته پٽالا جي راجا وٽس اچي آڻ مڃي هئي. ان کان پوءِ سڪندر ٽي ڏينهن درياهه ۾ آرام سان ويٺو رهيو جو کيس پٽالا جي راجا جي ٿر ڏانهن ڀڄي وڃڻ جو پتو پيو (٤٣٧). سڪندر کي جڏهن اها ڪل ڪنين پئي ته پٽالا ڏانهن پيش قدمي شروع ڪيائين. برهمڻ آباد کان حيدرآباد سڌو پنڌ ستيتاليهه ميل آهي، پر جيڪڏهن نصرپور رستي سفر ڪبو ته حيدرآباد جو پنڌ وڃي پنجونجاهه ميل بيهندو. پر جيڪڏهن درياهه سان نصرپور وارو پاسو ڏئي هاڪاربو ته اهو فاصلو اسي ميل ٿيندو. اندازو آهي ته هن پهريان ٽي ڏينهن خشڪيءَ رستي سفر ڏهه ياٻارنهن ميل في ڏينهن ۽ دريائي سفر ارڙنهن يا ويهه ميل في ڏينهن جي حساب سان ڪيو هوندو. ٽئين ڏينهن خشڪيءَ رستي واري فوج حيدرآباد کان اڻويهه ۽ پاڻيءَ رستي ايندڙ فوج ڇويهه ميل پري هوندو ۽ چوٿين ڏينهن اهو فاصلو تڪڙو هلي پورو ڪيو ويو هوندو.
پٽالا کان هن سنڌوءَ جي الهندي طرف واري ڦاٽ سان هاڪاريو. جڏهن هنن چار سؤ اسٽاڊيا يا ڇائيتاليهه ميل سفر ڪيو ته بحري فوج جي ڪمانڊرن کي سمنڊ جي هير جو احساس ٿيو. مان ان ماڳ کي جهرڪ سمجهان ٿو جيڪو حيدرآباد کان سڌو ٽيهه ميل ۽ درياهه مان ڇائيتاليهه ميل ٿيندو. سڪندراعظم اتان رهبر کنيا ۽ ڏاڍي اتساهه مان سفر ڪرڻ لڳو. نيٺ کيس سامونڊي ويرن جو احساس ٿيو (٤٣٨). سنڌوءَ ۾ سامونڊي ويرن کي سٺ ميل کان مٿي محسوس ڪري سگهبو آهي. ان ڪري منهنجو اندازو آهي ته اهو ماڳ گهاري واري الهندي وهڪري وارو ڀنڀور هوندو. جيڪو سمنڊ کان سڌو پنجٽيهه ميل ۽ پاڻيءَ سان پنجاهه ميل ٿيندو. جهرڪن کان خشڪيءَ رستي اهو فاصلو پنجاهه ميل ۽ پاڻي وسيلي پنجهتر ميل ٿيندو جيڪو ٽن ڏينهن اندر خوشيءَ سان طئي ڪيو ويو هوندو.
مٿئين بيان مان اهو معلوم ٿيندو ته پٽالا سمنڊ کان گهڻو پري هو. وٽس سامونڊي وير جو اثر پهچي نه سگهندو هو. يعني ٽن ڏينهن جي هاڪارڻ وارو فاصلو ۽ واڌ ٤٠٠ اسٽاڊيا. حساب موجب اهو ڪل فاصلو ٣٣+٥٠+ ٣٠ ڪل جوڙ ٿيندو ١١٣ ميل جيڪو ارسٽو بيولس جي ڏنل فاصلي ١٠٠٠ اسٽاڊيا يا هڪ سؤ پندرهن ميلن جي ذري گهٽ برابر آهي.
هنن ٽنهي تفصيلن مان اسان کي ان ٿاڪ جو پتو پئجي وڃي ٿو جتي ڪڏهن پٽالا جو ماڳ هوندو هو، جنهن کي شين سئنگ ستينءَ صديءَ ۾ پاٽسيلا سڏيو آهي ۽ کيس اڄ به پٽالپور ڪوٺيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان کي حيدرآباد کي پٽالا سمجهڻ لاءِ اهي گهڻا سگهارا سبب آهن.
سنڌوءَ جو احوال اوريندي (٤٣٩) ائرين اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”هيءُ درياهه پنهنجن ٻن ڦاٽن وسيلي ڇوڙ جو ٽڪنڊو علائقو ٺاهيندو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پٽالا سڏيو وڃي ٿو. ائرين هيءُ بيان نيرڪوئس جي حوالي سان ڏنو آهي، جيڪو ماڻهن سان لاڳاپن پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيو آهي. اسان کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته ان دور جي سنڌين جو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت اهوئي خيال هوندو. منهنجو ويچار آهي ته پٽالا نالو ترم ڦول Trumpet- flower تان ورتو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي شڪل صورت گهگهيءَ جهڙي ٿيندي آهي. سنڌوءَ جو اوڀاريون ۽ اولاهيون ڦاٽ جنهن وقت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن، تنهن وقت انهن جي شڪل توتاري Trumpet جي منهن جهڙي ٿي ويندي آهي.
مان بحث کي هن ڳالهه تي ختم ڪونه ٿو ڪريان ته ٻئي قديم شهر جي زيربحث نالي ڏانهن ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ ان شهر جو نيرون ڪوٽ سان به ڪجهه لاڳاپو آهي. اصطخري ان شهر جو نالو پيروز Piruz، ابن حوقل قنزبور Kannazbur ۽ ادريسي فيرابوز Firabuz ٻڌائي ٿو. ابن حوقل جي بيان موجب ديبل کان پيروز جو فاصلو چار ۽ منحاباري کان ٻه ڏينهن هو. ابن حوقل ۽ ادريسي ٻئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن. قنزبور يا فيرابوز ڏانهن ويندڙ رستو منحاباري وٽان لنگهندو هو، جيڪو سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان ۽ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو، پر ديبل کان اهو ماڳ چئن ڏينهن بدران چوڏهن ڏينهن ٻڌائن ٿا، توڙي جو پهرين ٻن ڏينهن جو پنڌ مڪران کان مخالف طرف ڏانهن ٻڌايو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن اسان چئن ڏينهن واري ننڍي فاصلي ڏانهن ڌيان ڏينداسون ته اهو نيرون ڪوٽ جي فاصلي سان هڪ جهڙو نظر ايندو. جيڪو سڀني کان آڳاٽي جاگرافيدان اصطخريءَ جي بيان مطابق آهي. منهنجو ويچار آهي ته ديبل، لاڙي بندر جي ويجهو اوڏو ڪا ٿي هو. منحاباري کي مان ٺٽي جي اوسي پاسي سمجهان ٿو، جيڪو منهنجي خيال ۾ لاڙي بندر ۽ حيدرآباد جي وچ تي ڪاٿي هوندو هو. ابن حوقل جو واضح بيان آهي ته منحاباري مهراڻ جي اولاهين ڪناري آباد هو ۽ جيڪو ماڻهو ديبل کان منصوره ويندو ته هن ماڳ وٽان درياهه پار ڪندو. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ماڳ مڪران کان مخالف طرف آهي. (440) سندس بيان جي هن اقتباس مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته منحاباري درياهه جي اولاهين ڪنڌيءَ وسندڙ هو ۽ ان سان گڏ نيرون ڪوٽ ۽ پيروز قنزبور يا فيرابوز ڏانهن ويندڙ رستا هتي اچي ملندا هئا. هتي منهنجو ويچار اهو آهي ته پهريان نالا جيڪي منحاباري سان گڏائي ٻڌايا ويا آهن سي نيرن ۽ پويان نالا نيرون ڪوٽ ڏانهن اشارو ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عربيءَ ۾ لکيل انهن نالن کي ٿورو تبديل ڪبو ته گهربل نالا ملي ويندا. نظر ايئن اچي ٿو ته، مڪران واري علائقي ۾ اهڙو ڪو شهر هو جنهن کي ذري گهٽ هڪ جهڙا ٻيا به نالا هوندا هئا. بلادزيءَ جو بيان آهي ته محمد بن قاسم جڏهن ديبل تي ڪاهيو هو، ته مڪران جي شهر قزبون Kizbun وٽس آڻي جي هئي. جيڪڏهن هن نالي کي ابن حوقل واري قنزبور (451) ۽ ادريسيءَ جي فيرابوز سان ڀيٽائي ڏسبو ته گهڻو ڪري پنجگور جو شهر معلوم ٿيندو ۽ ايم ريناڊ M. Reinoud جو به اهوئي خيال آهي.

[b]جهرڪ[/b]
هيءُ ننڍڙو شهر سنڌوءَ جي ڪناري سان ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ تي هڪ اتاهينءَ جاءِ تي اڏيل آهي، منهنجي خيال موجب جهرڪ شهر وچولي ۽ لاڙ جو دنگئي شهر آهي. مان سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي کي وڌائي هن مقصد سان حيدرآباد تائين آندو آهي ته جيئن يونانين جي پٽالا ۽ چيني ياتري جي پاٽيسيلا کي ڇوڙ جي قديم علائقي جي حدن اندر آڻي سگهان. شايد هيءُ اهو ماڳ آهي، جنهن کي خور Khor يا الخور Al- Khor سڏيو ويندو هو. جنهن لاءِ ادريسيءَ جو بيان آهي ته اهو ننڍڙو پر سکيو ستابو ماڳ منحاباري ۽ فيرابوز جي وچ تي هو، جيڪو هاڻوڪن ماڳن، ٺٽي ۽ نيرون ڪوٽ جي وچ تي آهي. جهرڪ کان ميل هيٺ هڪ ننڍڙي ٽڪري آهي، جنهن مٿان کنڊر ڏسڻ ۾ ايندا، هتان جا ماڻهو هنن ٿرڙن کي ”ڪافر ڪوٽ“ ڪوٺيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو شهر راجا مانجيراءِ Manjira (442)• ۾ ٻڌايو هو. هن ٿرڙ جو مکيه ڀاڱو همچورس آهي، جنهن اندر هڪ جيتري وٿيءَ تي ڀتين مان ٻاهر نڪتل ٺلهه ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چيو ويندو آهي ته اهي مندر جا باقي بچيل حصا آهن. انهن کنڊرن ۾ ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل ڪن مورتين جا ٽڪر ٽوٽا به نظر آيا. اتان ٿوري ئي پنڌ تي سنڌي لکت به نظر آئي، جنهن جو لاڳاپو ڪنهن قديم دور سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو. انهن مان رڳو پتراسا Putrasa ۽ ڀڳواتسا Bhagavatasa جا لفظ مس پڙهي سگهيس. ٻيا به ڪي اهڙا لفظ هئا، جن جا ڪي ڪنڊون پاسا به پڙهيم، انهن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ٿرڙ ۽ لکت جو لاڳاپو ٻڌ ڌرم سان آهي.

[b]مين نگر، منحاباري يا ٺٽو
[/b] ٺٽي جو موجوده شهر سنڌوءَ جي الهندي ڇاڙهه کان ٽي ميل اولهه ۾ هڪ هيٺاهينءَ جوءِ ۾ آباد آهي، هتان چار ميل هيٺ سنڌوءَ جو الهندو ڦاٽ بگهاڙ سندس مکيه وهڪري ساتا Sata کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. ننڍڙي جهنگ جي موجودگيءَ مان پتو پوندو ته اتي مٿاهين زمين آهي، جنهن جي مٿان گهرن جي اڏاوت پئي نظر ايندي آهي ۽ سمجهه ۾ ايندو آهي ته اهو ماڳ ٻيءَ سرزمين کان ٿورو مٿڀرو آهي (443). سن 1699ع ۾ ڪئپٽن هئملٽن به هنن ماڳن تي آيو هو. سندس بيان آهي (444). ته هيءُ شهر سنڌوءَ جي اولهه پاسي ٻه ميل هڪ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. هن بيان جي ناتي سان معلوم ايئن ٿو ٿئي ته هيءُ شهر اصلي طور درياهه جي ڪٺار سان وسايو ويو هوندو، جيڪو پوءِ هوريان هوريان پرتي هٽندو ويو آهي. سندس نالي مان به ساڳي معنيٰ نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي جي معنيٰ آهي درياهه جو ڪنارو. ٺٽي نگر مان مراد آهي اهو شهر جيڪو درياهه جي ڪٺار سان آباد هجي ۽ سنڌ ۾ هيءُ شهر ٺٽي نگر جي نالي سان مشهور آهي. سندس تعمير جي دور جو پتو ڪونه آهي، پر مئڪمرڊو جيڪو هنن مامرن ۾ کرو، سچو ۽ ويساهه جوڳو آهي، تنهن جو بيان آهي ته هن شهر جو بنياد 900هه يا 1495ع ۾ سمي سلطان ڄام نظام الدين جي زماني ۾ پيو، جنهن کي عام ماڻهو ڄام نندو ڪري ڪوٺيندا هئا. هن کان اڳ لاڙ واري علائقي جي راڄڌاني سامينگر Samingar هو، جيڪو سما گهراڻي جي راڄ گادي هوندو هو. هيءُ ماڳ ٺٽي کان ٽي ميل اتر- اولهه طرف هڪ دڙي تي آباد هو. مئڪمرڊو جو بيان آهي ته هن شهر جو بنياد دهليءَ جي حڪمران علاؤالدين خلجيءَ جي دور ۾ پيو هو جنهن سن 695هه کان 715هه ۽ 1295ع کان 1315ع تائين هندستان تي راڄ ڪيو. ڀر واري ڪليان Kalyan kot جي تعمير جو دور ته اڃا به آڳاٽو آهي، جنهن کي تغلق آباد ڪري به سڏيو ويندو آهي. هيءُ قلعو ٺٽي کان چار ميل ڏکڻ اولهه طرف هڪ ٽڪريءَ تي ٺاهيو ويو هو. مذڪوره قلعي جو ٻيو نالو غازي بيگ تغلق جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي، جيڪو چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ علاؤالدين طرفان ملتان ۽ سنڌ جو گورنر هو.
ٺٽي جو شهر ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، پر سامينگر ۽ ڪليان ڪوٽ وارو قلعو ڪنهن جهوني جڳ سان لاڳاپو رکن ٿا. ماڻهن جو اهو ويساهه ڪو غلط به ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ماڳ ڇوڙ واري ننڍي علائقي جو مرڪزي ٿاڪ هو. ملڪ جي واپاري ڏيتي ليتي جي هتي نگراني ٿيندي هئي ۽ مٿي ٽڪريءَ تي ٺاهيل قلعو بچاءَ جو ڪم ڏيندو هو. ليفٽيننٽ وڊ Leiut Wood پنهنجي راءِ جو هن ريت اظهار ڪري ٿو: (445) ”ٺٽي جي جاگرافيائي بيهڪ واپار لاءِ ڏاڍي سمجهائتي آهي.“ معلوم ايئن ٿئي ٿو ته ٺٽي کان اڳي به هتي ڀرپاسي ۾ ڪاٿي اهڙو واپاري مرڪز ضرور هوندو. هيءَ ڳالهه پڻ ٻڌائي ٿو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي وارو مٿيون پاسو هميشه بدلبو رهيو آهي ۽ جڏهن درياهه پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ان سان مکيه شهر به بدلجي ڪو ٻيو وڃي ٿيو آهي. ان ڪري ماڳن مٽجڻ ڪري شهرن جا نالا به بدلجي ويا. تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته ٺٽي جو شهر عرب جاگرافيدانن جي ”منحاباري“ پيريپلس جي مصنف جي ”مين نگر“ واري جاءِ تي آباد ڪيو ويو ٿو ڀائنجي. (446)
سڀئي عرب مؤرخ ۽ جاگرافيدان هن ڳالهه تي متفق آهن ته منحاباري سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان آباد هو ۽ اتان کان ديبل ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ٺٽي جي جاگرافيائي بيهڪ به اها ساڳي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جي اولاهين ڪنڌيءَ سان ۽ لاڙي بندر کان چاليهن ميلن يا ٻن ڏينهن جي فاصلي تي آباد آهي. مان هيٺ هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته لاڙي بندر ديبل کان تمام ٿوريءَ وٿيءَ تي آباد هو. منحاباري جي نالي کي منحاباري ۽ منجاباري جي ٻن جدا صورتخطين ۾ لکيو ويو آهي. منهنجو ويچار آهي ته ان ٿاڪ جو اصلي نالو منڊا باري Mundabari يا منداواري Mundawari آهي، جنهن جي معنيٰ آهي منڊ Mund نيات جي وسندي. جهڙي ريت سامينگر جي معنيٰ ”سمن جو شهر“ آهي. هن نالي جي پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته عيسوي سن جي شروعات واري زماني کان وٺي امڪان آهي ته مند جي بيات جي ماڻهن ڇوڙ واري علائقي کي آباد ڪيو هو (447). ادريسيءَ جو بيان آهي ته مندنيات وارا بهادر آهن. انهن ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي جيڪي سنڌ ۽ هنڌ جي دنگ تائين پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اتر طرف الور ۽ اولهه پاسي مڪران، اوڀر ۾ ممهيل Mamhel (يا عمرڪوٽ) تائين پيا گهمندا ڦرندا ڏسبا (448). ابن حوقل ٻڌائي ٿو ته مند ملتان کان وٺي سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن سان آباد آهن. ان کان سواءِ مڪران ۽ فمهل Famhal (يا عمرڪوٽ) جي وچ واري برپٽ علائقي ۾ به آباد آهن. ڀاڳيا آهن، وٽن چوپائي مال جا ڌڻ آهن. ويئن ولهارن ۾ وتندا آهن چرندا. هو وانڍن ۾ رهندا آهن. اڄ هتي سڀاڻي هتي. جتي به گاهه ڏسن، اتي لڏا لاهي ويهي رهن. سندن انگ ججهو آهي (449). رشيدالدين ته سنڌ ۾ کين تمام قديم سمجهي ٿو. سندس بيان موجب ميد Med ۽ زت Zat ٻئي حام بن نوح جي ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا جيڪي مهاڀارت واري دؤر کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڦريءَ سان لاڳاپو رکندا هئا. هن نالي کي مختلف سورتخطين ۾ جهڙوڪ: مير Mer، ميد Med، ۽ مند Mand لکيو ويندو آهي ۽ اهو ساڳين صورتخطين ۾ اڄ به نظر اچي ٿو. مان مذڪوره هجي ۾ مند Mind جو اضافو ڪندس، ڇاڪاڻ ته مسعوديءَ پنهنجي تصنيف ۾ اهو لفظ ڪتب آندو آهي (450) مان سمجهان ٿو ته هي اهوئي نالو آهي جنهن کي قديم دور جي مؤرخن ميدي Medi ۽ مندروئني Mandrueni ڪري لکيو آهي. ان کان سواءِ اهي قبيلا آمون درياهه جي ڪنڌين ڪنارن سان به رهندا هئا. جن کي لئٽي Lati سڏيو ويندو هو. پليني ٻنهي جو گڏائي نالو کنيو آهي. امڪان آهي ته اهي ساڪا Saka يا هند سٿين هجن جيڪي بعد ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجو راڄ ڪري ويٺا هئا. شايد هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي شروعاتي دور سان لاڳاپيل عرب مؤرخن مند يا زط ڪري لکيو آهي، جن ستين صدي جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ تي راڄ ڪيو هو.
هن نالي جي مختلف قسمن جي هجي مختلف قسمن جي اچارن جي ڪري آهي. مان شاهپور ۽ جهلم وارن علائقن جا ٻه وڏا نقشا ڏٺا آهن، جيڪي ڪجهه سال اڳ هندستان جي سرويئر- جنرل ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. پوئين نقشي ۾ جهلم جي ڪناري سان ۽ جلال پور کان ڇهه ميل مٿان ميريالا Meriala ۽ اڳئين نقشي ۾منڊيالي Mandiali نالي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو. ابوالفضل هن ساڳئي ئي ٿاڪ کي ميرالي Merali ۽ فرشته ميريالا Meriala لکيو آهي. ولفورڊ جي سرويئر مغل بيگ به هن ماڳ جو نالو منڊيالا Mandiala قلمبند ڪيو آهي. پڇڻ تي مون کي اهو ساڳيو نالو ٻين مختلف ماڻهن به ٻڌايو. جنرل ڪورٽ جي جوڙيل نقشي ۾ وري مامريالا Mamriala لکيو ويو آهي.
مين نگر شهر جو نالو به هن نيات جي ماڻهن سان لاڳاپو رکي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي مين جو شهر. مذڪوره شهر ٻي صديءَ عيسويءَ ڌاران سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي راڄڌاني هو. مين Min سٿين ٻوليءَ جو نالو آهي، جيڪو اسان کي سجستان يا ساڪاستيني Sakastene جي علائقي خاراڪس Kharax جي آئيسدور Isidor شهر مان هٿ آيل هڪ فهرست وسيلي معلوم ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهڙي نالي ملڻ ڪري اهو ويساهه ٿئي ٿو ته هتي سٿين جي حڪمراني رهي آهي. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مين نگر جا رهواسي پارٿين هئا. سٿين ۽ پارٿين هڪ ٻئي جا ويري هئا ۽ هڪ ٻئي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لائي رهيا هئا (451). پارٿين ڪل جا ماڻهو سهائي سٿين Sahae Scythians جي ڦريءَ مان هئا ۽ آمون درياهه جي ڪنڌين ڪنارن سان گذاريندا هئا، جن سنڌو ماٿري کي هند-سٿين جو نالو ڏنو هو. هڪ ٻئي سان سندن وير به نالي چڙهيل هو، جنهن کي عرب مؤرخن جي تصنيفن ۾ ميد ۽ جت جي نالي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
مين نگر جي اصلي جاگرافيائي بيهڪ جو پورو پتو ڪونه آهي پر ٿوري گهڻي معلومات آهي جيڪا هن ماڳ جي تعين ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي. ٽالمي ٻي صدي عيسويءَ جو جاگرافيدان آهي پر سندس تصنيف ۾ اهو نالو نظر ڪونه ايندو. منهنجو ويچار آهي ته ان وقت ڌاران هن راڄڌانيءَ تي اهو نالو ڪونه پيو هوندو. پر قوي امڪان اهو آهي ته ٽالمي نئين نالي بدران هن شهر جي پراڻي نالي کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. جيڪڏهن مان مين نگر کي مين جي شهر ۽ مندا باري کي ”مند ماڻهن جي جو،“ جي روپ ۾ صحيح سڃاتو آهي ته پوءِ هند- سٿين جي راڄڌاني ٺٽو ئي ٿي سگهي ٿو. ادريسيءَ (452) جو بيان آهي ته منحاباري ترائي ۾ اڏيل هو، جنهن جي چوڌاري وهندڙ پاڻي ۽ باغ ئي باغ هئا. ڪئپٽن هئملٽن (453) ٺٽي جو ذڪر هوبهو ساڳيو ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته هيءُ شهر وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. ماڻهن درياهه مان واهه کوٽي شهر ڀرسان پاڻي آندو آهي جيڪو باغن لاءِ به ڪتب آندو وڃي ٿو. پيريپلس جي مصنف (454) موجب ”وڏا واپاري ٻيڙا بار بريڪي وٽ بيهندا آهن. اتان کان پوءِ ٻيڙن وسيلي مال لڏي درياهه ذريعي راڄڌاني پهچايو ويندو آهي.“ موجوده دور ۾ به ائين ڪيو ويندو آهي. تجارتي مال اچي لاڙي بندر تي لهندو آهي. اتان کان واپاري پنهنجي سهنجهائيءَ پٽاندر خشڪيءَ يا درياهه سيلي کڻي ٺٽي پهچندا آهن. مين نگر جي جاگرافيائي بيهڪ ڪجهه منجهائي بيان ڪئي وئي آهي ۽ فقط ايترو لکيو ويو آهي ته سمنڊ کان ڪجهه وٿيرڪي آهي (455) اهڙو بيان ماڳ جي تعين ڪرڻ ۾ ڪابه واهر ڪري ڪونه ٿو سگهي. پر جيڪڏهن اهو ٺٽي جي ٿاڪن وٽ آهي جهڙي ريت مان سمجهان ٿو ته پوءِ اهو ٽالمي جو بيان ڪيل شهر سئو سيڪانا Soucsikana ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مان سوسي گاما Susi Gama يا سو Su ڪل جي ماڻهن جو جوڙيل شهر تصور ڪريان ٿو. لفظ جي هن ڦيرگهير جي هيءَ حقيقت به پٺڀرائي ڪري ٿي ته مند يا ميد نيات جا ماڻهو سو Su يا آبڙ Aber نالي هڪ ڪل جي ڦري سان تعلق رکن ٿا. هنن پنهنجي ان ڪُرِ جي ماڻهن کي سوسيانا Susiana جو نالو ڏنو، جيڪا فرات جي ڇوڙ وٽ رهندي هئي. ٻين لفظن ۾ جنهن کي آبيرا Abira سڏيندا هئا سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ رهندي هئي (456). مئڪمرڊو جو بيان آهي ته ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ مين نگر ملتان هيٺ هو ۽ حڪمران آگري Agri ذات جو هڪ ماڻهو هو جيڪو سڪندراعظم جي پيڙهيءَ مان هو. مذڪوره شهر لوهاڻي درياهه جي ڪناري سان ۽ بهمانا کان گهڻو پري به هو ۽ ان پرڳڻي ۾ موجود هو جنهن کي هاڻي شهدادپور سڏيندا آهن. هيءَ ڳالهه شڪ کان خالي ڪانه آهي ته پوسٽنس ۽ اليٽ به لکت جي هن ٽڪريءَ تي ڪوبه تبصرو ڪونه ڪيو آهي. نظر ايئن اچي ٿو ته اليٽ گهڻو ڪري تحفته الڪرام جا حوالا ڪتب آندا ۽ مئڪمرڊو کي مخفي طور ڪم آندو اٿس (457). مان هتي هن ڳالهه جو اضافو ضرور ڪندس ته جنهن آگري ذات کي مئڪمرڊو سڪندر جي پيڙهيءَ مان سمجهي ٿو، تنهن کي هت هيٺين ذات تصور ڪيو ويندو آهي ۽ سندس ڌنڌو لوڻ ٺاهڻ هوندو آهي. ان کان سواءِ مان ننڍڙي عام رواجي شهر کي هند- سٿين جي راڄڌاني ڪونه ٿو سمجهان پر کيس فقط مين ڪل جي ماڻهن جو تعمير ڪرايل شهر سمجهان ٿو.

[b]بار بريڪي- امپوريم Barbarike Emporium يا ڀنڀور Bhambura
[/b] ڀنڀور يا ڀنڀوراءِ جو ڦٽل شهر گهاري واري کاري جي مٿين پاسي اڏيل هو. هتان جا ماڻهو چوندا آهن ته هيءُ سنڌ جو نهايت قديم سامونڊي بندر هوندو هو. (458) هاڻي ته سڃ پئي ٿي واڪا ڪري. ڊٺل گهرن جي پيڙهين جا ٺنڍ ۽ پراڻي قلعي جي برجن ۽ ڪوٽن جا اهڃاڻ اڃا به چٽا آهن. چيو ويندو آهي ته ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هيءُ ڀنڀوراءِ نالي هڪ راجا جي راڄڌاني هو. هتان جي ماڻهن جي روايتن مطابق سنڌو صفا اولاهيون ڦاٽ ڀنڀور جي ڀر ڏي وهندو هو، جيڪو ٺٽي کان هيٺان سنڌوءَ جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. (٤٥٩) مئڪمرڊو طبقات اڪبريءَ جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته اهو ڦاٽ اڪبري دور ۾ ٺٽي جو اولهه ڏئي وهندو هو. ساڳئي حقيقت لاءِ سر اليٽ وري (٤٦٠) مسٽر اين ڪرو N. Crow جو حوالو ڏنو آهي، جيڪو ٺٽي ۾ برٽش ريزيڊنٽ طور گهڻو وقت ترسيو هو. مسٽر ڪرو، سن ١٨٠٠ع ۾ لکيو آهي ته گذريل پنجويهن سالن دوران ٺٽي کان مٿان سنڌوءَ جو وهڪرو گهڻو ڦيرو ڪري ويو آهي، جنهن ڪري شهر ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جي حدن کان ٻاهر نڪري ويو آهي. ڪڏهن درياهه بلوچستان طرف وارين ٽڪرين ڀرسان وهندو هو. هن بيان مان اهو پتو پوي ٿو ته گذريل صديءَ جي پويئن اڌ تائين به گهاري وارو وهڪرو سنڌوءَ جو انتهائي اولاهيون وهڪرو هوندو هو. مئڪمرڊو جو بيان آهي ته پوريءَ ريت سڪي وڃڻ کان گهڻو اڳ گهاري وارو ڦاٽ جهاز راني جوڳو ڪونه رهيو هو. اهوئي سبب آهي جو ڀنڀور ۽ ديبل ١٢٥٠ع ڌاران اجڙي ناس ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ ان ڦاٽ جو منهن لٽي ڇڏيو هو (٤٦١). مون پاڻ به کوجنا ڪئي آهي جنهن مان پتو پيو ته جڏهن خوارزم شاهه ١٢٢١ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو ته ان وقت ديبل موجود هو، پر ١٣٣٣ع ڌاران ڦٽي ويو. ان زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ آيوته لاڙي بندر ڏوري اچي ڏٺو هئائين، جيڪو ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ اڏيو ويو هو.
مئڪمرڊو ماڻهن جي روايتن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته سنڌوءَ جو مذڪوره اولاهين ڦاٽ کي ساڱرو سڏيو ويندو هو. سندس سمجهه مطابق هي اهو ڦاٽ آهي جنهن کي ٽالمي ساگپا اوسٽيم Sagpa Ostium لکي ٿو. اهو ڦاٽ سندس دور ۾ سنڌوءَ جو نهايت اولاهيون وهڪرو هوندو هو. مئڪمرڊو جي سوچ مطابق قوي امڪان اهو آهي ته سنڌوءَ جو هي اهو الهندو ڦاٽ آهي، جنهن وسيلي سڪندراعظم هاڪاري وڃي سمنڊ تائين پهتو هو. تيار ٿيل تازن نقشن مان معلوم ٿيندو ته ٺٽي ۽ گهاريءَ جي وچ تي هن ڦاٽ الهندي پاسي وري هڪ ٻي ڇاڙهه ڇڏي آهي، جيڪا اڳين وهڪري مان ويهه ميل پوروڇوٽ تي وهندي ڏکڻ ڏانهن موڙو کائي لاڙي بندر کان ٿورو هيٺ مکيه وهڪري سان ملندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مذڪوره ڇاڙهه ڀنڀور کان ٻه يا ٽي ميل پري ڏکڻ وارو پاسو ڏئي وهندي هئي، تنهن ڪري هن شهر تائين پٽي Piti، ڦونڊي Phundi، ڪيار Kyar ۽ پنٽياڻي Pinteani ڦاٽن وسيلي هاڪاري پهچي سگهبو هو. مٿين بيانن جي پڙهڻ کان پوءِ منهنجو ويچار آهي ته نه رڳو ڀنڀور جو شهر بارڪي Barke آهي، جيڪو جسٽين جي بيان مطابق سڪندر واپس ورڻ وقت تعمير ڪرايو هو، پر هي اهو شهر به آهي جنهن کي ٽالمي بار باري Barbari ۽ پيريپلس جي مصنف بار بريڪي- امپوريم Barbarike Emporium لکيو آهي. (٤٦٢) پيريپلس جي مصنف اهو به لکيو آهي ته سندس دور ۾ سنڌوءَ جو رڳو وچون وهڪرو جهاز رانيءَ لاءَ هو، جنهن سان هاڪاري باربريڪي- امپوريم پهچي سگهبو. (٤٦٣) ۽ ٻيا ڇهئي ڦاٽ تانگها هئا ڇو ته منجهن واري ڀرجي وئي هئي. گهاري ڦاٽ ۾ ٢٠٠ع ۾ ئي پاڻي گهٽ اچڻ شروع ٿي ويو هو. وچيون وهڪرو، جنهن کي ٽالمي کريفون اوسٽيم Khariphon Ostium سڏي ٿو. سو اڪيلو جهاز راني جي لائق هوندو هو. مان کريفون ڦاٽ کي ”ڪيار“ نالي وارو موجوده ڦاٽ سمجهان ٿو. اهو ان ماڳ وٽان وهندو نظر ايندو، جتي گهاري کان ڏکڻان ايندڙ ڦاٽ اچي مکيه وهڪري سان لاڙي بندر ويجهو اچي ملندو آهي.
مٿيئن بحث وسيلي مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته گهاري کان اتران مٽيندڙ ڦاٽ سنڌوءَ جو اولاهيون وهڪرو هوندو هو ۽ هن ڦاٽ وسيلي سڪندر ۽ نيرڪوس هاڪاري وڃي سمنڊ تائين نڪتا هئا. سنه ٢٠٠ع ڌاري هن وهڪري گهاري کان ڏکڻان پنهنجو پيٽ جوڙي ورتو هو، جيڪو وڌيڪ ڏکڻ ڏس تي موڙو کائي لاڙي بندر کان ٿورو هيٺ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري سان وڃي ملندو هو. پيريپلس جي مصنف جي دور ۾ تجارتي ٻيڙا هن ئي وهڪري سان هاڪاري باربريڪي پهچندا هئا ۽ اتي سامان لاهي ٻيڙين ۾ لڏي مين نگر پهچايو ويندو هو، جيڪو تنهن زماني ۾ لاڙ جي راڄڌاني هو. ٿوري عرصي کان پوءِ هن وهڪري ۾ به پاڻي تمام ٿورو اچڻ لڳو. اٺينءَ صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته باربريڪيءَ جي جاءِ اچي ديبل والاري هئي ۽ سنڌ جي مکيه بندر بڻجي چڪو هو. پر گهاري ڀرسان وهندڙ ڦاٽ ته تيرهين صديءَ عيسويءَ تائين به وهندو رهيو. ليڪن ايترو ٿورو هو جو منجهن ٻيڙا هاڪاري ڪونه سگهندا هئا ۽ ان کان پوءِ اهو هميشه لاءِ سڪي ويو.

[b]ديبل سنڌي يا ديبل
[/b] ديبل جيڪو وچين دور ۾ سنڌ جو اهم تجارتي مرڪز ۽ سنڌوءَ جي ڪناري آباد هو، ان جي جاگرافيائي بيهڪ بابت اڃا ڪا اتفاق راءِ قائم ٿي ڪانه سگهي آهي. ابوالفضل ۽ ٻين مسلمان مؤرخن ديبل کي ٺٽي سان منجهائي وچڙائي ڇڏيو آهي. پر پڪ آهي ته جڏهن اهي مصنف پنهنجون تاريخون لکي رهيا هئا ته ديبل جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. منهنجو ويچار آهي ته ان زماني ۾ ٺٽي شهر کي ديبل ٺٽه ڪري سڏيندا هئا ۽ مذڪوره مؤرخ به ان ڪري غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويا. ساڳيءَ ريت براهمانا يا برهمڻ آباد کي وري ديبل ڪانگڙا Debal Kangra ۽ ديبل کي وري ديبل سنڌي جي نالي سڏيو ويندو هو. ديول يا ديبل جي سڌي سنئين معنيٰ مندر آهي. تنهن ڪري ديبل سنڌي جي معنيٰ ٿندي اهو مندر جيڪو سنڌي نالي شهر جي ڀر ۾ هجي. ميجر برٽن جو بيان آهي ته ٺٽي جي شالن کي اڃان تائين ديبلي شالون سڏيو ويندو آهي. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ديبل اها جاءِ هئي جتان واپارين کي ٺٽي جون شالون ملنديون هيون. اهڙو مثال ملتاني مٽي جو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ملتان جي مٽي يا آرمينيائي مٽي Armenianbole وغيره. مختلف شين تي نالا انهيءَ واسطي سان پوندا آهن جتان اهي واپارين کي ملنديون آهن، نه ته جنهن کي ملتان جي مٽي سڏيو ويندو آهي سان سنڌوءَ جي اولاهين پاسي ديري غازي خان جي ڀرسان ٽڪرين مان ملندي آهي. مثال طور هندستان جي مس Indian Ink آهي، تنهن جو نالو هندستان جي ناتي سان آهي. هاڻي اها شيءِ ڪٿان به ملندي ته ان کي ”هندستاني مس“ جي نالي سان سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اها مس پهريائين هندستان مان لڌي هئي. توڙي جو اها مشهور ڳالهه آهي ته اها مس هاڻي چين ۾ تمام گهڻي ٺهندي آهي، سر هينري اليٽ پويون سڄاڻ ماڻهو آهي جنهن سنڌ جي جاگرافيءَ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سو ديبل کي ڪراچيءَ جي ماڳن تي ٻڌائي ٿو. پر مان مسٽر ڪرو جي ويچار سان سهمت آهيان جيڪو سنڌ ۾ ڪيترن سالن تائين برٽش ريزيڊنٽ طور رهي چڪو آهي. سندس چوڻ آهي ته ديبل ڪراچيءَ ۽ ٺٽي جي وچ تي ڪاٿي موجود هوندو (٤٦٤). سندس ويچار ان ڪري به وزندار آهي جو مئڪمرڊو ۽ سر هينري اليٽ به سندس پٺڀرائي ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ”هن سنڌ جي جاگرافي بابت ڏيهي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري سوچ ويچار کان پوءِ ڪو نتيجو قائم ڪيو هوندو.“ سر هينري اليٽ چچ نامي جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته سرانديپ جا ٻيڙا توائي ٿي اچي ديبل بندر نڪتا هئا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديبل بندر سامونڊي ڪناري سان موجود هو. اتي مٿن تنگامرا Tangamara نيات جي ڪن سامونڊي ڌاڙيلن حملو ڪيو جيڪي ڪراچيءَ کان لاڙي بندر تائين سڄي سامونڊي ڪناري سان آباد هوندا هئا. هن بيان مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ديبل ڪراچيءَ ۽ لاڙي بندر نه آهي، ته پوءِ ان جي جاگرافيائي بيهڪ لاءِ مٿين ٻنهي ماڳن جي وچ تي واجهائي سگهجي ٿو.
سر هينري سمجهي ٿو ته ڪراچي ئي ديبل بندر هو ۽ پنهنجي خيال جي پٺڀرائي لاءِ بلاذري جو حوالو پيش ڪري ٿو جنهن ۾ چيل آهي ته سن ١٥هه ۽ ٦٢٦ع ۾ حڪيم پنهنجي ڀاءُ مغيره کي ديبل واري سامونڊي ڪناري ڏانهن روانو ڪيو پر جيئن ته ليون شهر City of Lyons ليون Lyons واري کاريءَ جي ڪناري ڪونه آهي تنهن ڪري اهو ضروري سمجهڻ نه کپي ته ديبل بندر به هروڀرو ديبل واري سامونڊي ڪناري سان هوندو. ابن جردازبه جو بيان آهي ته اهو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان ٻه فرسنگ مٿي هو، پر مسعودي ان کي رهندو به وڌائي ٻن ڏينهن جو پنڌ ٻڌايو آهي (٤٦٥). ديبل سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد هو تنهن ڪري ان کي ڪراچي واري ٿاڪ تي سمجهڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهو سامونڊي ڪناري سان آهي، ٻيو ته اهو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان گهڻو پري نه آهي. اسان جا جيڪي به ذريعا آهن تن سڀني جو بيان آهي ته ديبل مهراڻ جي اولاهينءَ ڪٺار سان آباد هو، جيڪو سنڌوءَ (٤٦٦) جو مکيه وهڪرو هوندو هو. ٿي سگهي ٿو ته بگهاڙ ڦاٽ هجي جيڪو لاڙي بندر کان لنگهي پنهنجي ڦاٽن جهڙوڪ پٽي، ڦندي، ڪيار ۽ پٽياڻيءَ وسيلي وڃي سمونڊي ۾ ڇوڙ ڪندو هو. مئڪمرڊو به ڏيهي ذريعن کي حوالي طور ڪتب آندو آهي. سندس خيال آهي ته ديبل سنڌوءَ جي ساڱري نالي ڦاٽ تي آباد هو، جيڪو ڀنڀور ڀرسان مٽيندو هو. انهن حوالن موجب ديبل بگهاڙ جي اولهه پاسي ان ٿاڪ وٽ هوندو، جتي گهارو يا ساڱرو ڦاٽ اچي بگهاڙ سان سنگم ڪندو هو، تنهن ڪري ديبل جي جاگرافيائي بيهڪ مذڪوره سنگم جي ويجهو اوڏو، لاڙي بندر کان پنج ميل اتر، ڀنڀور جي ماڳن کان سترهن ميل ڏکڻ اولهه ۽ پٽي پٽياڻي ڦاٽن جي ڇوڙن کان ٽيهه ميل پري هئي. ڀنڀور جي هيءَ جاگرافيائي بيهڪ سر هينري اليٽ جون اهي گهرجون به پوريون ڪري ٿي ته ديبل ڪراچيءَ ۽ لاڙي بندر جي وچ تي ڪٿي آباد هو. جتي تنگامرا نيات جا ماڻهو رهندا هئا. اها بيهڪ وري اهڙي به آهي جيڪا مسٽر ڪرو جي بيان مطابق ڪراچيءَ ۽ ٺٽي جي وچ تي به آهي ۽ هي انهن ايراضين جو سچو بيان آهي جيڪي درياهه جي وهڪري سان نظر اينديون. ڇوڙ واري علائقن ۾ ڦاٽن جو هڪ مهاڄار ڏسڻ ۾ ايندو. جيڪي هڪ ٻئي کي ڪپيندا هيڏانهن جو هوڏانهن پيا ويندا ڏسبا. انهن مان هيءُ اڪيلو ڦاٽ آهي، جنهن تي ديبل جو بندر ممڪن ٿي سگهي ٿو.
بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ڇوڙ جي هن علائقي کي اڃا تائين ڪنهن سونجهڙيو ٿي جاچيو پرکيو ئي ڪونه آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اسان هيل تائين هن آڳاٽي شهر جي ٿرڙ ڏسي ڪونه سگهيا آهيون. ابن بطوطه جڏهن ١٣٣٣ع ۾ سنڌ آيو هو ته اهي پراڻا پڊ وڃي پنهنجين اکين سان ڏوري ڏٺا هئائين. هن به ديبل بندر جي جاگرافيائي بيهڪ اها ساڳي ٻڌائي آهي، جيڪا مان پاڻ به ديبل ڏانهن منسوب ڪري رهيو آهيان (٤٦٧). ان جو ڪارڻ اهو آهي ته سندس بيان گهڻي اهميت رکي ٿو، تنهن ڪري ان بيان جو سڄو ٽڪرو هتي پيش ڪري رهيو آهيان: ”ان کان پوءِ مان سنڌوءَ وسيلي لاهريءَ روانو ٿيس. هي شهر ان ٿاڪ تي آباد آهي، جتي سنڌو هندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هيءُ هڪ وڏو بندر آهي جتي ايران، يمن ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ جهاز اچي بيهندا آهن. هن شهر کان ٿورن ميلن جي وٿيءَ تي ڪنهن آڳاٽي شهر جا ٿرڙا آهن، جتي ماڻهن ۽ جانورن جي شڪلن جهڙا بيشمار پٿر ڏسڻ ۾ ايندا. هتان جا ماڻهو سمجهندا آهن ۽ سندن چوڻ موجب مؤرخن جو خيال آهي ته ڪنهن زماني ۾ هتي هڪ شهر هوندو هو، جنهن جي رهواسين جي ڪجهه ڀاڱي جا ڪرتوت ڪڌا هئا. تنهن ڪري خداتعاليٰ مٿن ڏمرجي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون. ڪن جي صورت جانورن جهڙي، ڪن جي گاهن ٻوٽن جهڙي ۽ اناج جي شڪل پٿرين جهڙي ٿي وئي. حقيقت به اها آهي ته هتي اهڙين پٿرين جا ڍير نظر ايندا جن جي شڪل صورت اناجن جهڙي پئي ڏسبي آهي.“ اهو ناس ٿيل شهر جتي ماڻهن ۽ جانورن جي شڪلين جهڙا پٿرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا سو منهنجو ويچار آهي ته ديبل جو ماڳ آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڏي واپاري منڊي هئي. مئڪمرڊو جو بيان آهي ته جڏهن ديبل اجڙي ويو ته اتان جا رهواسي لڏي پلاڻي اچي لاڙي بند ڀيڙا ٿيا (٤٦٨). هن باري ۾ ڪئپٽن هئملٽن جو بيان آهي ته لاڙي بندر کي پٿرائون قلعو هو جيڪو ٻروچن ۽ مڪرانين جي ڦرلٽ کان واپاري وکر جو بچاءِ ڪندو هو. منهنجي خيال ۾ سندس هيءُ ويچار صحيح آهي ته ديبل جا رهواسي لڏي اچي لاڙي بندر ۾ اجها اڏي ويٺا. ديبل جي تعمير وارو سارو سامان ڍوئي اچي پنهنجون جايون جوڙيائون ۽ قلعي جي به اڏاوت ڪيائون، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته لاڙي بندر جي قلعي ۾ جيڪو به ڪجهه مال ڪتب آندو ويو هو، سو ديبل جي قلعي کي ڊاهي آندو ويو هو. جنهن جي باقيات ابن بطوطه کي ١٣٣٣ع ۾ اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو.
ابن بطوطه جي هن احوال کي الف ليليٰ Arabian Nights جي هڪ قصي سان ڳنڍيان ٿو جيڪو زبيده سان لاڳاپيل آهي. قصو هن ريت آهي ته ان عورت ٻيڙين ۾ سوار ٿي بصري هاڪاريو ۽ ويهن ڏينهن کان پوءِ هندستان جي هڪ وڏي شهر ۾ اچي لنگر هنيو هئائين. شهر ۾ پهچي هن ڏٺو ته راجا راڻي ۽ شهر جا سڀ ماڻهو پنڊ پاهڻ بڻجي ويا آهن. پر هڪ ماڻهو بچي ويو هو، جيڪو راجڪمار هو. هن جي سندس راڻيءَ مسلمان شهزادي جيان پرورش ڪئي هئي. هيءَ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي راجا دلوراءِ ۽ سندس ڇٽي جي ڳالهه سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن کي سنڌ جي مؤرخن پنهنجي تصنيفن ۾ جاءِ ڏني آهي. (٤٦٩) سندن بيان موجب جڏهن ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري براهمانا ناس ٿيو ته فقط ڇٽو اڪيلو بچي نڪتو هو. پنجاب جي مکيه شهرن جي تباهيءَ بابت به اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون جهڙيون اسان کي سنڌ ۾ ٻڌڻ ۾ آيون آهن. پر الف ليليٰ جي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ڏيک چٽيل آهي تنهن جو واسطو هوبهو سنڌ جي ڪنهن شهر سان آهي. پر جيئن ته تنهن زماني ۾ سامونڊي ڪناري سان وڏي ۾ وڏو شهر رڳو ديبل هو ۽ اهو هڪ اهڙي اهم تجارتي منڊي هو، جنهن سان عربن جو واپاري لاڳاپو هو. تنهن ڪري ڀائنجي ٿو ته هندستان جو اهو وڏو شهر ديبل هوندو جتي زبيده سڀني ماڻهن کي پندپهڻ ٿيل ڏٺو هو.
مئڪمرڊو جو بيان آهي ته براهمانا جي تباهي سن ١٤٠هه ۽ ٧٥٧ع ۾ ٿي ۽ زبيده Zobeide جي ڪهاڻي جو دور خليفه هارون رشيد جي دور سان واسطو رکي ٿو، جنهن ٧٨٦ع کان ٨٠٩ع تائين حڪومت ڪئي، تنهن ڪري ٻنهي ڏند ڪٿائي ڪهاڻين کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ هيءُ دور مونجهاري جو سبب ڪونه ٿو بڻجي.
اهو به امڪان آهي ته ديبل بندر بگهاڙ واري وهڪري سان هجي، جيڪو ان زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو هوندو هو، جنهن جو نالو هو ديبل سنڌي، يعني سنڌوءَ جي ڪناري تي تعمير ٿيل ديبل. ڪئپٽن هئملٽن (٤٧٠) جي بيان مان اتفاقي طور هڪ حقيقت واضح ٿي آهي ته سنڌي نالي سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ هوندو هو. هتان جي ماڻهن کي اهو نالو هاڻي ياد ڪونه رهيو آهي، جنهن مان ڪنهن دور ۾ چڱيرو پاڻي وهندو هو ۽ ستن منهن وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کي ديولي Divelle يا ستن ڇوڙن وارو ڦاٽ به سڏيو ويندو هو. هن بيان مان هڪ حقيقت واضح ٿئي ٿي ته سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ لاڙي بندر تائين به ويندو هو جنهن جو نالو ديبلي يا ديبل وارو ڦاٽ هو، جيڪو هئملٽن جي دور ١٦٩٩ع تائين به موجود هو. ٻي ڳالهه اها به ته منهنجو انومان آهي ته سنڌوءَ جي هن ڦاٽ جو ٻيو نالو پٽي به هوندو هو. هيءُ اهو ساڳيو ڦاٽ آهي جنهن کي ٽالمي سنٿن اوسٽيم Sinthon ostium لکيو آهي، جيڪو اولهه پاسي سان ڳڻپ موجب سنڌوءَ جو ٻيو نمبر ڇوڙ هو. پٽيءَ وارو وهڪرو بگهاڙ جو هڪ ڇوڙ آهي ۽ هيءَ حقيقت ديبل جي بيهڪ بابت ٻڌايل منهنجي انومان سان پوري ٺهڪي بيهي ٿي، جنهن کي مٿي بيان ڪيل سڀني ذريعن جي پٺڀرائي حاصل آهي.
پر هئملٽن اهو به لکيو آهي ته لاڙي بندر پاڻ به اجڙي ناس ٿي ويو. هاڻي ڌاراجا Dharaja بندر آهي، جيڪو ڇوڙ واري پٽيءَ جي اولاهين اڌ ۾ لاڙي بندر کان ٿورن ميلن جي فاصلي تي اوڀر طرف آهي.

[b]ڪڇ[/b]
ستينءَ صديءَ ۾ سنڌ جو چوٿون صوبو ڪڇ هو، جيڪو اڪبر جي دور تائين سنڌ سان ڳنڍيل هو. شين سئنگ جو بيان آهي ته اهو علائقو سنڌ جي راڄڌانيءَ کان ١٦٠٠ لي يا ٢٦٧ ميل ڏکڻ اوڀر پاسي آهي (٤٧١). تنهن زماني ۾ سنڌ جي راڄڌاني الور هئي، جيڪا بکر ويجهو ۽ سنڌوءَ جي ڪٺار سان آباد هئي. هڪ چيني ياتري (٤٧٢) پنهنجي سفر جو رستو هن ريت ٻڌائي ٿو ”الور کان ڏکڻ براهمانا ٧٠٠ لي پوءِ پٽاسيلا ٣٠٠لي جيڪو برهمانا کان ڏکڻ اولهه پاسي آهي. بعد ۾ ڪڇ ٧٠٠ لي جيڪو ڏکڻ ڏس تي واقع آهي. ڪل فاصلو ١٦٥٠ لي ٿئي ٿو. جيڪڏهن عام طرف ٻڌبو ته ڏکڻ- اولهه بدران ڏکڻ وڃي بيهندو جيڪو ڪڇ جي جاگرافيائي بيهڪ سان ٺهڪي اچي ٿو. شين سئنگ هن علائقي جو نالو او- تين- پو- لو O- Teen- Po- Lo ٻڌائي ٿو. ايم جولين هن جي معنيٰ آڌيا وڪيلا Adhyavakila يا آتيا وانا ڪيلا Atyanvankela ٻڌائي ٿو. هن لفظ لاءِ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ نه ايم جولين ٻڌائي ٿو ۽ نه وري ايم- وائوين- ڊي سئنٽ مارٽن. منهنجي ويچار پٺيان چيني ياتريءَ جو اشارو آدوم بابتيرا Audumbatira يا آدوم باڙا Audumbara آهي، جنهن لاءِ پروفيسر لئسن Lassen جو خيال آهي ته اهو ڪڇ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪل جو نالو آهي. پليني هنن کي اودمبوراءِ Odomborae سڏيو آهي (٤٧٣). پر موجوده دور ۾ ڪڇ اندر انهيءَ ڪر جي نالي ڪوبه قبيلو موجود ڪونه ڏسبو.
هن صوبي جو ڪل گهيرو ٥٠٠٠ لي يا ٨٣٣ ميل ٿيندو. مان سمجهان ٿو ته اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. سندس گهيري جو انگ تڏهن وڃي پورو بهيندو، جڏهن ان ۾ رڻ جي اتر واري ننگر پارڪر وارو علائقو شامل ڪبو. گهڻو ڪري هيءَ جوءِ هميشه ڪڇ سان گڏ رهي آهي، ڪڇ جو ڀاڱو آهي ان سان اڄ به شامل آهي. هن علائقي جو اتريون پاسو عمرڪوٽ کا ڪوه آبوءِ تائين ڇڪبو ته ست سؤ ميل کن ٿيندو. سندس راڄڌاني جو نالو ڪي- ٽسي- شي- فا- لو Kie- Tsi- Shi- Fa- Lo. هو، جنهن جو گهيرو ٣٠ لي يا پنج ميل هو. ايم جولين هن چيني اچار جو مطلب کيجسواڙ Khajiswara ٻڌائي ٿو. پر پروفيسر لئسن ان جو مطلب ڪئڇس واڙ Kachcheswara سمجهي ٿو. پر جيئن ته ٽسي Tse چيني پد ٽ اکر جي نمائندگي ڪري ٿو. جنهن سان زبان جي چوٽي تارون سان لڳندو آهي، تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته ان جو ملهه به ٽ اکر جهڙو آهي. ان نقطه نگاهه کان هن لفظ جو اچار ڪوٽيسوار Kotiswara ٿيندو. جيڪو ڪڇ جي اولاهين پاسي هندن جو مشهور تيرت گاهه آهي. منهنجو خيال آهي ته چيني ياتريءَ به هن ئي جڳهه جو بيان ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته شهر جي ذڪر کان پوءِ تيرٿ جو به بيان ڪيو اٿائين. هيءُ ٿاڪ ملڪ جي اولهه پاسي سنڌوءَ جي ڪناري، سمنڊ جي ويجهو آهي (٤٧٤). هن ياتريءَ شهر جي جاگرافيائي بيهڪ جو جنهن نموني بيان ڪيو آهي. تنهن مان ايئن ٿو ٿئي ته اهو ڪوٽسير آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪوري ڦاٽ ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري تي آباد آهي. هن ڳالهه جي پٺڀرائي سندس بيان مان ٿئي ٿي ته هن شهر جي وچ ۾ شو جو مندر به هو. هن شهر جو نالو ڪوٽي+ اسوار Koti+ Iswara يعني هڪ ڪروڙ اسوار آهي. هن نالي جو اشارو انهن بيشمار ننڍڙن پٿرن ڏانهن آهي، جن جي شڪل صورت لنگم Lingam جهڙي آهي. اسوار شو جو مشهور نالو ۽ لنگم سندس علامت آهي.
ايم- وائيون ڊي سئنٽ مارٽن جي راڄڌاني کي ڪراچي سمجهي ٿو، پر اروڙ کان سندس فاصلو ١٣٠٠ لي يا ٢١٧ ميلن کان وڌيڪ ڪونه ٿيندو ۽ هن لفظ جو رڳو شروعاتي پد چيني اچار سان ميل کائي ٿو. هن علائقي بابت شين سئنگ جو بيان آهي ته هيٺاهون آهي ۽ منجهس پاڻيءَ جي ڇاڇر نظر ايندي ۽ زمين ڪلراٺي آهي. هيءَ چٽو پٽو ذڪر ڪڇ واري هيٺاهينءَ جوءِ جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گيچڻ يا ڌٻڻ ۾ ڪلڙاٺو رڻ. رڻ کي سنسڪرت ۾ ارينا Irina چيو ويندو آهي ۽ ڪڇ جي معنيٰ آهي ڌٻڻ Morass هن علائقي جو پورو اڌ گپ، گيچڻ ۽ پاڻيءَ جي ڇاڇر والاريون بيٺي آهي. جيڪڏهن هن جوءِ کي ڪراچي جي اوسي پاسي واري خشڪ وارياسي ايراضي سمجهيو ويندو ته غلط ٿيندو. ڪوٽيسر جي ڏکڻ پاسي به پاڻيءَ جي آهي جيڪا ميلن ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندي.

[b]سنڌوءَ جي اولهھ پاسي وارو علائقو
[/b] قديم مؤرخ هن ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌوءَ جي هيٺئين پاسي ۽ اولهه طرف واريءَ جوءِ ۾ ڪنهن جهنگلي ڪر جا ماڻهو رهندا هئا جن کي آرابي Arabi يا آريبٽاءِ Arabitea ۽ اوريٽاءِ يا هوريٽاءِ Horitae سڏيو ويندو هو. اهي ٻئي قبيلا سنڌي بڻ جي ڪنهن ڦريءَ مان هئا. ائرين جي بيان مطابق آرابي قبيلي جا ماڻهو سنڌ جي سفا آندي ڇيڙي ۾ اولهه پاسي رهندا هئا. اسٽرئبو به پڻ ساڳيءَ ريت بيان ڪري ٿو ته اهو سنڌ جو صفا آخري حصو هو (٤٧٥) پر اوريٽاءِ جي قبيلي بابت ٻنهي جو بيان آهي ته اهي سنڌ جي حد کان ٻاهر رهندا هئا. ڪرٽس جو بيان آهي ته هوريٽاءِ سنڌ جي حدن اندر رهندا هئا (٤٧٦) ڊايوڊورس چوي ٿو ته اهي سنڌين جهڙا لڳن ٿا. ائرين به اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته ٻيٽن تي رهندڙ اوريٽاءِ قبيلي جا ماڻهو سنڌين جهڙا ويس وڳا ڍڪيندا هئا ۽ جنگي هٿيار به ساڳيا ڪتب آڻيندا هئا. پر سندن ٻولي ۽ رسم رواج ڪجهه مختلف هئا. شين سئنگ ستينءَ صدي ۾ هتي آيو هو. جنهن جو چوڻ آهي ته انهن جي ٻولي رسم رواج ۽ لٽا ڪپڙا سنڌين جهڙا هئا ۽ سندس مشاهدو وڌيڪ ويساهه جوڳو آهي. هن جو بيان ته لئنگ ڪي لو Lang- Kie- Lo ڪوٽيسر کان ٢٠٠٠ لي يا ٢٣٣ ميل اولهه طرف ۽ ڪڇ جي علائقي اندر آهي. هتان جي ماڻهن جا رسم رواج ڪڇي ماڻهن جهڙا آهن، سندن ٻولي به ٿوري فرق سان ڪڇين جهڙي آهي (٤٧٧). سندن اٿڻ ويهڻ به عام هندستانين جهڙو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اوريٽاءِ ۽ آرابيٽاءِ قبيلن جا ماڻهو سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا توڙي جو اهي تاريخي دور کان وٺي هن سياسي حدن کان ٻاهر رهيا آهن. حضرت عيسيٰ کان ڇهه سؤ سال اڳ ڌارين جا ڏن ڀرو هئا ۽ شين سئنگ جي دور تائين ٻارهن سؤ سال پوءِ به ايران جي سياسي اثر هيٺ رهندا آيا. هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي ته هي قبيلا سنڌي نسل سان لاڳاپيل ڪونه آهن. مان جڏهن اورٽياءِ بابت ڳالهائيندس ته اهڙي ڇنڊڇاڻ ضرور ڪندس.
آرابي يا آربيٽاءِ هن ڪل جي ماڻهن کي ائرين آرابي Arabi، ڪروٽس آرابيٽاءِ، ٽالمي آربيٽي Arbiiti، ڊايوڊورس آمبري ٽاءِ Ambritae ۽ اسٽرائبو آربيز Arbis سڏيو آهي. هن ڪُر تي اهو نالو ان ڪري پيو جو اهي آرابس Arabis آربس Arbis يا آرابس Arabuis درياهه جي ڪنارن سان رهندا آهن، پاڻي جو وهڪرو کين اوريٽاءِ قبيلي جي علائقي کان الڳ ڪري ڇڏيندو آهي (٤٧٨). نير ڪوئس جي روزنامچي (ڊائري) مان جيڪڏهن سڪندر جي اڳتي وڌڻ جي ڀيٽوار ڇنڊڇاڻ ڪبي ته پتو پوندو ته سرحد ڏيکاريندڙ پاڻيءَ جو اهو وهڪرو پورالي نديءَ جو آهي، جيڪو لس ٻيلي جي موجوده علائقي مان وهي سون مياڻيءَ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ڪرٽس جو بيان ته سڪندر پٽالا کان آربيٽاءِ جي اوڀارين دنگ تائين نون ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ رسيو (٤٧٩) ۽ پنج ڏينهن وڌيڪ پنڌ ڪري ان علائقي جي اولاهين سَنڌي تي پهتو. حيدرآباد کان ڪراچي ١١٤ ميل ۽ اتان کان سون مياڻي ٥٠ ميل آهي (٤٨٠). ۽ اڳيون فاصلو فوج جون نو منزلون ۽ پويون پنڌ چار يا پنج منزلون ٿيندو. منهنجو ويچار آهي ته ڪراچي آرابيٽاءِ واري علائقي جي اوڀارئين سنڌي وٽ آهي ۽ اها حقيقت انهن سڀني کوجنا ڪندڙن جي بيانن مان ورتي وئي آهي، جيڪي ٽالمي جي ڪولاڪا Kolaka ماڳ ۽ نيرڪوس جي ڪروڪالا Krokala ٻيٽ کي هڪ هنڌ ڪري سمجهن ٿا، جتي نير ڪوس پنهنجي بحري فوج کي هڪ ڏينهن لاءِ ترسايو هو ۽ اهو ڪراچي واري اپسمنڊ ۾ هو. وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪروڪالا ٻيٽ آرابيءَ واري علائقي کان ٿورو وٿيرڪو، مگر سمنڊ اندر سنڌوءَ جي الهندي ڇوڙ کان سوا ١٧ ميل پري هو. اهو فاصلو سنڌوءَ جي گهاري ڦاٽ ۽ ڪراچي جي وچ ۾ پنڌ سان سهمت آهي. تنهن ڪري اسان کي سمجهڻ کپي ته سڪندر جي دور کان وٺي اڄ تائين ايڪيهين صدي سامونڊي ڪنارو پنج يا ڇهه ميل اڳتي وڌيو آهي. هن ڳالهه جي پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته جنهن علائقي ۾ ڪراچيءَ جو شهر آهي، تنهن کي اڄ سوڌو ”ڪرڪالا“ سڏيو ويندو آهي.
نيرڪوس جڏهن ڪرڪالا وٽان سڙهه سنڀاهي اسهيو ته مائونٽ اروس Maunt Eros (منهوڙو) سندس ساڄي ۽ تراکڙو ٻيٽ سندس کاٻي پاسو هو. اهو چٽو پٽو ڪراچي بندر ڏانهن لنگهه واري علائقي جو بيان آهي. ان کان پوءِ ڪيترن ننڍن وڏن ماڳن تي بيهندو نيٺ اچي مورنٽو بارا Morontobara جي ٿاڪ وٽ رسيو، جنهن کي هتان جا ماڻهو عورتن جو اجهو يا بندر سڏيندا هئا (٤٩٢). هتان سندس فوج ٻه رستا اختيار ڪيا. انهن مان هڪ ٧٠ اسٽاڊيا ۽ ٻيو ١٢٠ اسٽاڊيا هو ۽ انهن جي آرابس ندي جي ڇوڙ وٽ پهچڻ تائين ڊيگهه ٢٢ ميلن کان وڌيڪ ڪانه هئي. پاڻيءَ جو اهو وهڪرو آرابي ۽ اوريٽاءِ جي قبيلي وارن ماڻهن جي وچ تي دنگ جو نشان هو. مان مورنٽو بارا کي مئاري Muari يا راس مئاري Ras Muari يا راسمونزي Cape Monze سمجهان ٿو، جيڪا پٻ جبل جي ڇيڙي وٽ آهي. بارا يا باري معني اجهو يا بندر. ”مورنٽو“ فارسيءَ جو لفظ آهي جنهن جو مفهوم آهي مرد ۽ ان جو مؤنث مهرين Mahrin آهي، جيڪو ڪشميري ٻوليءَ ۾ اڃا به محفوظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: عورت. ان بندر يا اجهي Haven کي ڳولي لهڻ لاءِ مونزي راس ۽ سون مياڻيءَ جي وچ تي کوجنا ڪرڻي پوندي ۽ ان جي ماڳ جو تعين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نير ڪوس جي هاڪارڻ بابت جيڪو احوال ائرين ڏنو آهي، تنهن ۾ ڏنل فاصلي جي ناتي سان مان سمجهان ٿو ته اهو ماڳ بحر Bahar نالي نئن جو ڇوڙ وٽ هجڻ کپي، جيڪا راس مونزي ۽ سون مياڻيءَ جي وچ اچي سمنڊ ۾ پوندي. جيڪڏهن مان هن ڳالهه ۾ درست آهيان ته مئاري Muari مورنٽو بارا جو اختصار آهي ته پوءِ راس مونز ڀر واري بندر تان نالو ورتو ويو هوندو. نيرڪوس آرابس نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ وڏو بندر ڏٺو هو، جهڙيءَ ريت هاڻي پورالي نديءَ جي موڙ وٽ سون مياڻي آهي. هن بابت پاٽنجر جو بيان آهي، ته ”هي سامونڊي پاڻيءَ جو اهڙو بهترين تلاءُ آهي، جتي وڏي ۾ وڏا ٻيڙا بيهاري سگهجن ٿا.“

[b](هي مضمون ڪتاب ”سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي“ ص.249-307 تان ورتل آهي)[/b]

________________________
 خواجه خضر جي آستان مان لڌل ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته درياه اروڙ کي سنه ٣٤١هه ڌاران ڇڏيو آهي. (ڏسو هينري ڪزنس جو ”ائنٽيڪئٽير آف سنڌ“ جڏهن ناصر قباچه (وفات ٦٢١) اُچ جو حڪمران هو ته بکر جو قلعو هڪ ٽڪريءَ تي تعمير ٿيل نظر اچي ٿو. اها ٽڪري اڄ سوڌو درياه جي وچ پيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو قلعو محمود غزنوي جي حملي جي ذڪر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ نه وري ڏاهر جي دور ۾ نظر اچي ٿو. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها درياهي تبديلي ڏاهر جي راڄ کان اٽڪل ٻه صديون پوءِ آيل ٿي ڀانئجي. (مترجم)
 شين سئنگ پنهنجي بيان ۾ صحيح نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌو اروڙ کان اوڀر ڪڏهن به ڪونه رهيو آهي. راجا ڏاهر جي زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور واري مشهور ڍوري وارو پيٽ ڏئي وهندو هو جنهن کي اڃا تائين ”سنڌ“ سڏيو ويندو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ڳوٺ رحمت آباد، ڪنڌڪوٽ ويجهو ان سنڌ ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آهي. ان جو ننڍو وهڪرو اڳتي وڃي اروڙ جي ماڳن مهراڻ يا هاڪڙي جي الهندي شاخ سان ملندو هو. اتان وري ٽي دريائي وهڪرا ڦٽندا هئا. هڪ مهراڻ يا هاڪڙي جي الهندي شاخ هئي جيڪا ڏکڻ هلي، مساعدي وٽ هاڪڙي يا مهراڻ جي وڏي وهڪري سان ملندي هئي. اهو گڏيل وهڪرو ڪلريءَ وٽان ٻه درياهيءَ جي صورت اختيار ڪندو هو.
 خواجه خضر جي آستان مان لڌل ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته درياه اروڙ کي سنه ٣٤١هه ڌاران ڇڏيو آهي. (ڏسو هينري ڪزنس جو ”ائنٽيڪئٽير آف سنڌ“ جڏهن ناصر قباچه (وفات ٦٢١) اُچ جو حڪمران هو ته بکر جو قلعو هڪ ٽڪريءَ تي تعمير ٿيل نظر اچي ٿو. اها ٽڪري اڄ سوڌو درياه جي وچ پيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو قلعو محمود غزنوي جي حملي جي ذڪر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ نه وري ڏاهر جي دور ۾ نظر اچي ٿو. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها درياهي تبديلي ڏاهر جي راڄ کان اٽڪل ٻه صديون پوءِ آيل ٿي ڀانئجي. (مترجم)

 سنڌو ڪڏهن به ناري جي پيٽ مان ڪونه وڙهو آهي ۽ اهو دور به نظر ڪونه ٿو اچي ته سنڌوءَ ڪڏهن موڙ کائي موهن جي دڙي کان تمام پري هٽي ويو هجي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ماهوٽا به درياهه کان ايڏو دور ڪونه رهيو آهي، جو سڪندر مٿس حملي ڪرڻ لاءِ خشڪيءَ وسيلي اروڙ کان پنڌ ڪيو هجي. تاريخن ۾ اها ڳالهه ثابت ڪانه آهي ته سنڌو ڪڏهن الور کان اوڀر ۾ وڙهو آهي. سڪندر جي دور ۾ سنڌوءَ جو وڏو وهڪرو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڀرپاسي مان وهندو هوندو جيڪو ڦري گهري وري به موهن جي دڙي ۽ ماهوٽا وٽان لنگهندو هوندو ۽ ننڍو وهڪرو الور وٽ هاڪڙي سان اچي ملندو هو. هن بيت ”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ- بهه مڇيءَ ۽ لوڙ سمي ويندا سوکڙي.“ مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اروڙ ڏانهن سنڌوءَ جو ننڍو وهڪرو ايندو هو. (مترجم)

 امڪان آهي ته منڇر جو لفظ مين+ سر= مينسر آهي. مين= مڇي آهي. سنڌيءَ ۾ سر جي معنيٰ آهي تلاءُ، پر اهو اچار هاڻي بدلجي ڇر ٿي ويو آهي. مينسر معنيٰ مڇي وارو تلاءُ جيڪو گهڻي استعمال سبب منڇر ٿي ويو هجي. ٿي سگهي ٿو ته هن جو سنڌوءَ جي منڍ واري مشهور ڍنڍ مانسرور جي نالي سان ڪو لاڳاپو هجي. (مترجم)

 حيدرآباد جي ڀرپاسي کان وهڻ کان اڳ ۾ سنڌو نصرپور کان وهندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ سن ١٧٥٨ع ۾ انڙپور کان هڪ وڏي تبديلي ڪري حيدرآباد وٽان وهڻ لڳو ۽ حيدرآباد شهر واري ٽڪري هڪ ٻيٽ بڻجي پئي. ميان غلام شاهه هن صورتحال کي نظر ۾ رکي حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرايو. (ڏسو ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ. هينري ڪزنس انڊس ڊيٽا ڪنٽري) تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ڇوڙ واري قديم ٽڪنڊي جو مٿين پاسو ڪونه هوندو.
 ٿي سگهي ٿو ته هيءُ شهر مٽياري هجي.

 ڪاٺوڙ ۽ تجل وارو وهڪرو مهراڻ يا هڪڙي جو آهي ۽ سنڌوءَ سان هن جو ڪوبه لاڳاپو ڪونه آهي. مختصر طور هن ريت سمجهائي سگهجي ٿو ته اروڙ وٽ هڪ وڏي ڍنڍ هئي، جنهن ۾ اتر اولهه پاسي کان سنڌوءَ جي هڪ اوڀارينءَ ڇاڙهه جو پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو هو ۽ سندس اولاهين ڇاڙهه ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور وارو پيٽ ڏئي وهندي هئي. مذڪوره ڍنڍ ۽ هاڪڙي جي اولاهين ڇاڙهه به هن ڍنڍ ۾ اتر کان اچي ڇوڙ ڪندي هئي. هن درياءَ جي اوڀارين وڌي ڇاڙهه ونجهڙوٽ وٽان اولاهين ڇاڙهه کان ڇڄي ڌار ٿيندي هئي. اروڙ واري هن ڍنڍ مان ٽي وهڪرا نڪرندا هئا. اوڀاريون وهڪرو، جيڪڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ وٽان پنجٽيهه ميل اولهه سفر ڪبو ته وڃي موئن جي دڙي ۽ ماهوٽا پهچبو. هن بيان مان سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته اروڙ وٽان لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ ڇاڙهه پوئين دور جو قصو آهي ۽ اهو به واضح ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻي ۽ ماهوٽن ويندڙ وهڪرو سنڌوءَ جي اولاهين ڇاڙهه هئي، جيڪا ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور کان مٽيندي هئي تنهن ڪري سڪندراعظم ڪاٺوڙ يا تجل کان نه پر ڪوٽ ڏيجيءَ وٽان ماهوٽن ۽ موئن جي دڙي ڏانهن خشڪيءَ جي رستي اسهيو هوندو. جيڪڏهن ماهوٽا وارو ماڳ اوڪسي ڪئنس آهي ته اوڏانهن ٻيڙين کي هاڪاري نه وڃڻ جو ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ پاسي ويندڙ سنڌوءَ جو وهڪرو ڪنڌڪوٽ کان ڇڄي ڌار رهيو هو. دريائي فوج کي ماهوٽن واري ڪاهه ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ٻيڙين کي اروڙ کان اوڀارو ڪنڌڪوٽ هاڪاري پوءِ ماهوٽن تائين لهواري رخ ۾ سفر ڪرڻو هو. سڪندراعظم ايئن ڪرڻ نه پئي چاهيو ڇو ته کيس تڪڙو واپس ٿيڻو هو. هن اورڙ وٽان خشڪيءَ رستي پيش قدمي شروع ڪئي ۽ درياهي فوج کي ڪوٽ ڏيجي يا ناروءَ جي دڙي وٽ درياهه ۾ بيهڻ جو حڪم ڪيو هيائين جيڪو اروڙ کان ٽيهن پنجٽيهن ميلن جو سفر ٿيندو. اروڙ ۽ ماهوٽن جي وچ ۾ فاصلو گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٿيندو. هتي جنرل ڪننگهام ٻڌائي ٿو ته ڪاٺوڙ ۽ تجل ڀرسان ماڙيجا ڍنڍ اروڙ کان ايترو پنڌ ڏور آهي جيترو اروڙ کان ماهوٽا پري آهي، جتي سڪندر پنهنجي درياهي فوج کي بيهڻ لاءِ چيو هو، پر ماهوٽا ۽ ماڙيجا ڍنڍ جي وچ ۾ تقريبن سٺ ميلن جي وٿي آهي. ماهوٽن جي فتح کان پوءِ سڪندر کي ماڙيجا ڍنڍ تائين سٺ ميل جو سفر ڪرڻو پوي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجو درياهي لشڪر ڪوٽ ڏجي وٽ سنڌوءَ جي وهڪري ۾ ڇونه بيهاريو جيڪو فاصلي ۾ ويجهو ۽ سنڌ جي وچين آباد ڀاڱي مان گذري برهمڻ آباد پهتو ٿي. اهو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو هن ويهه پنجويهه ميل وڌيڪ پنڌ ڪري ۽ سنڌ جي غيرآباد علائقي مان درياهي سفر ڪري برهمڻ آباد پهتو ۽ ساڻس فوج جو انگ به تمام گهڻو هو. قوي امڪان اهو آهي ته هن برهمڻ آباد پهچڻ لاءِ نارو نه پر سنڌوءَ جي ڪوٽ ڏجي- هالاڻي واري وهڪري سان هاڪارڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني هوندي. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته هيءُ وهڪرو سنڊومانا يا سيوهڻ کان لنگهي پوءِ برهمڻن آباد ڏانهن لڙي ٿو. سڪندر جي دؤر جي مؤرخن جا تاريخي حوالا به اهو ٻڌائين ٿا ته سڪندر پهريائين سيوهڻ تي ۽ پوءِ برهمڻ آباد تي حملو ڪيو. پر جيڪڏهن سڪندر ناري سان سفر ڪري برهمڻ آباد پهچي ها ته اڳ ۾ برهمڻ آباد فتح ڪري پوءِ سيوهڻ تي ڪاهي ها ۽ سيوهڻ کي فتح ڪري موٽي وري برهمڻ آباد اچي ها ۽ اتان دريائي سفر ڪري پٽيالا پهچي ها، پر جيئن ته برهمڻ آباد ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ سڪندر جي ٻٽي سفر جو ذڪر ڪونه آهي، تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سڪندر ڪوٽ ڏجي- هالاڻي واري سنڌوءَ جي وهڪري سان سفر ڪيو آهي ۽ نه ڪو ناري واري وهڪري سان. (مترجم)

 اهي چار سرڪاريون هن ريت هيون: ١- برهمڻ آباد جنهن کي لوهاڻو علائقو سڏيو ويندو هو جيڪو سمنڊ تائين پکڙيل هو. ٢- سيوهڻ سرڪار، جنهن ۾ سيوستان ٻڌيه، جنگاڻ، روجهاڻ، ڪوهه پايه ۽ مڪران شامل هئا. ٣- اسڪلند جنهن ۾ پاٽيا وارا علائقا شامل هئا ۽ ملتان کي سنڌ جو سرو چيو ويندو هو. ٤- ملتان جنهن ۾ ڪرور، اشهار، برهمپور ۽ تاڪيه وارا علائقا شامل هئا. (ڏسو چچ نامو سنڌي ترجمو ص ٢٢- ٢٣ مرزا قليچ جو انگريزي ترجمو ص ١١- ١٢) (مترجم)

 جنرل ڪننگهام پنهنجي هن ئي ڪتاب جي ص ٢٢٦ ۾ ڪرٽس جي حوالي سان لکيو آهي ته هرماتيلاءِ جي قلعبند فوج ۽ ماڻهن کي قلعي کان ٻاهر آڻڻ جون اٽڪلون ڪيون ۽ هنن ٻاهر اچي سڪندر سان سخت مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سندس جنرل ٽالمي کي هڪ زهريلي تلوار جو گهاءُ رسيو هو. ماڻهن کي قلعي کان ٻاهر آڻڻ جي اٽڪل استعمال ڪرڻ مان هيءَ ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته برهمانا جي چوڌاري هڪ قلعو هو ۽ اهو نهايت سگهارو هو. قلعي تي حملو ڪري فتح ڪرڻ سڪندر لاءِ ڪجهه ڏکيو هو، ان ڪري ماڻهن کي اٽڪل ڪري قلعي کان ٻاهر آندو ويو هو. عربن به جڏهن برهمڻ آباد تي حملو ڪيو هو ته ان کي فتح ڪرڻ کان نا اميد ٿي ويا هئا. (ڏسو چچ نامو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ص ٢٩٣ ۽ انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ ص ١٥٩ تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي ص ١٨٨) هن مان به اها حقيقت ثابت ٿئي ٿي ته منصوره شهر جي اڏجڻ کان صديون اڳ براهمانا کي هڪ سگهارو قلعو هو. دلوراءِ نالي واري شهر جي چوڌاري ڪنهن قلعي جي اڏاوت جا اهڃاڻ نظر ڪونه ايندا. منصوره جي چوڌاري نظر ايندڙ قلعي جي باقي رهيل ڀت ۾ جيڪي سرون آهن سي ماپ جي لحاظ کان عربن کان اڳ واري سنڌي دور سان واسطو رکن ٿيون تنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي ته منصوره کي براهمانا جي دڙي تي اڏيو ويو آهي. جنهن جي چوڌاري اڳي ئي ڪوٽ ٺاهيل هو. جيڪڏهن براهمانا دلوراءِ وارو شهر آهي، جتي قلعو نظر نٿو اچي ته سڪندر سنڌين کي ٻاهر آڻڻ جي حڪمت عملي ڇو اختيار ڪئي ۽ عرب به برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ کان نااميد ڇو ٿيا؟ عربن کان اڳ چچ به برهمڻ آباد تي حملو ڪيو هو. برهمڻ آباد جي حاڪم اگهم لوهاڻي جي فوج هارکائي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي هئي. (ڏسو چچ نامو سنڌي ترجمو ص ٥٣، انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ ص ٣٣) مٿين بيانن مان اهو معلوم ٿيندو ته برهمانا دلوراءِ نالي ٿرڙ وارن ٿاڪن تي نه پر منصوره واري ماڳن تي هو. بيلاسس جڏهن هن شهر جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي ته مسجد جي هيٺان مندر جي تعمير ڏسڻ ۾ آئي. کوٽائي مان اهو به معلوم ٿيو ته ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جي هيٺئين تهه واريون ڪسيون منصوره جي دور واري گهرن جي نقشن مطابق نه، پر پراڻي دور جي تعمير سان سنمک هيون. (ڏسو هينري ڪزنس جو ائنٽيڪئٽز آف سنڌ)

 طبقات ناصريءَ جو حوالو آهي ته محمود غزنويءَ منصوره وارو رستو اختيار ڪيو هو. (ڏسو ص ٤١٢ اردو ترجمو غلام رسول مهر)
محمود غزنويءَ جڏهن ١٠٢٥ع ۾ سومناٿ تي حملي کان پوءِ غزنيءَ ويندي سنڌ مان گذريو ته سنڌ وارن ساڻس ڏاڍيون چوٽون ڏنيون. هن سان گڏ سومناٿ مان لٽيل قيمتي سامان ٻيڙن تي لڏيل هو. هو جڏهن منصوره وٽان لنگهيو ته مٿس حملو ڪيائين. ان زماني ۾ حنيف نالي هڪ سومرو سردار منصوره جو حڪمران هو جيڪو جنگ کان لنوائي ڪيڏانهن هليو ويو. هو منصوره کي لٽي ڦري غزنيءَ ڏانهن اسهيو ته سنڌي ملتان تائين سندس ڪڍ ويا. مٿس حملا ڪندا رهيا پر ١٠٢٧ع واري جوابي ڪارروائي مان معلوم ايئن ٿئي ٿو ته سنڌين کيس سخت شڪست ڏني هئي، نه ته درياهي لشڪر وٺي سنڌ تي حملي لاءِ خاص قسم جون ٻيڙيون ٺهرائي سنڌين کان پلاند ڪونه وٺي ها. هن انتقامي ڪارروائي دوران سلطان محمود سنڌ جي مسلمان، معصوم ٻارن ۽ عورتن جي قتل عام جو حڪم ڏنو هو. سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڪابه ساهه واري شيءِ زنده ڪانه ڇڏي وئي. (وڌيڪ لاءِ ڏسو تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي ص ٣٢٢- ٣٢٣ ۽ ٣٢٤) جنرل ڪننگهام پنهنجي هن ڪتاب جي ص ٢٣٢ تي مسٽر بيلاسس ۽ رچرڊسن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته اتان جا ماڻهو گهر جي ڪوٺين اندر ويٺل ۽ بيٺل صورت ۾ دٻالٽ ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سندس اهڙو بيان ڪجهه غيرفطري لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ ڌڏڻ وقت ماڻهو ڪوٺين اندر لڪي مٿان گهر ڊهڻ ۽ مرڻ جو اوسيئڙو ڪونه ڪندا آهن پر ان آپدا کان ڊڄي ماڻهو گهر جي اڱڻ ۽ گهٽين ۾ اچي سر بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. گهر جي ڪوٺين اندر تڏهن سربچاءَ ڪيو ويندو آهي جڏهن ٻاهرين دشمن جو ڊپ هوندو آهي ۽ شهر خونخوار فوج جي هٿن ۾ هوندو آهي. هينري ڪزنس پنهنجي ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ ۾ ڌارئي حملي جو خدشو ڏيکاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته گهٽين ۾ ٽامي جا سڪا هاريل صورت ۾ نظر اچن ٿا. ان زماني ۾ ٽامي جي سڪي کي وڏو ملهه هو ۽ هتان جو ڏيهي ماڻهو ٽامي جا سڪا ايئن هاري ڪونه ڇڏي ها. اهو ڪم ڪنهن ڌاري فوج جو هوندو. جڏهن کين قيمتي مال هٿ آيو هوندو ته پنهنجي وطن ڏانهن ڏور ويندي بار کان لهرائي ڦريل ٽامي جا سڪا هاري ڇڏيا هوندائون. جيڪڏهن اسان مڃيون ته منصوره جي تباهي فقط ڌرتي ڌڏڻ ڪري ٿي آهي ته پوءِ به ماڻهن جا هڏاوان، پڃرا بيٺل نظر اچڻ شڪ کان خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جي ڌوڏي ۾ ڀت ۽ ڇت ڪرندي ته ماڻهو جهٽڪي سان وڃي هيٺ ڪرندو. ويچار جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڀت ۽ ڇت ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو بيهي ڪيئن سگهيو هوندو؟ جيڪڏهن ماڻهن کي پيٽ ۾ تلوارون هڻي ماريو ويو هجي ته صدين کان پوءِ سندن موت جي ڪارڻ جو پتو ڪونه لڳي سگهندو. وقت جي لحاظ سان سلطان محمود غزنويءَ جي حملي ۽ ڌرتي ڌڏڻ واري واقعي ۾ وٿي نه هجي ۽ ٻئي واقعا گڏ به ٿي سگهن ٿا. (مترجم)

 سڪندر جي دور ۾ سنڌو، حيدرآباد يا مٽيارين وٽان نه مڙندو هو، تنهن ڪري حيدرآباد نه پٽالا آهي نه سڪندر جي دوري جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو هو.

 لوڻيءَ جو دائمي وهڪرو ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هڪ برساتي نئن آهي. ٽالمي وارو دور به اسلام کان گهڻو اڳ واري زماني سان واسطو رکي ٿو. ان دور جي پٽالا کي ان دور جي دريائي وهڪرن جي ڪنڌين ڪنارن سان واجهائڻ کپي نه ڪو سنڌوءَ جي حيدرآباد واري موجوده وهڪري جي ڪٺار سان. سڪندري تاريخن مان پتو پوي ٿو ته هن هرماتيلاءِ يا برهمڻ آباد کان هيٺ پراڻ درياءَ وسيلي هاڪاريو هو. پراڻ جو پراڻو پيٽ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه ڏانهن ويندو ڏسبو. ان ۾ جيڪڏهن ارڙهين صديءَ واري سنڌوءَ جي وهڪري کي به ڇڏي نصرپور وارو پراڻو سنڌوءَ جو وهڪرو ڏسبو، ته اهو به غيرفطري لڳندو ۽ پاڻي پرڻ واري پراڻي وهڪري ۾ مٿي چڙهڻ بدران گونيءَ واري ڦاٽ ۾ وڃي داخل ٿيندو. قديم زماني ۾ هاڪڙي جي اوڀرندي ڇاڙهه، جيڪا براهمانا کان ميل اوڀر لنگهندي هئي سا پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ براهمانا کان گذرندڙ سنڌوءَ جو پاڻي به اوڀر ڏکڻ اصل اڳي وڃي پراڻ ۾ پوندو هو. اهڙيءَ ريت پراڻ جي اڀرندي ڇاڙهه ڪڇ وچان ۽ الهندي ڇاڙهه ساڪري ۽ گهاري وارو پاسو ڏئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. ان زماني ۾ ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو هيٺيون پاسو هڪ سؤ پنجويهه ميل هو جيڪو هاڻي ويهه ميل به ڪونه آهي. ان حساب سان ڇوڙ جو مٿيون پاسو براهمانا ۽ پراڻ جي وچ تي ڪٿي هجڻ کپي. سڪندر جي دور ۾ حيدرآباد وارو ٿاڪ ڇوڙ جو مٿيون نقطو ڪونه هوندو، تنهن ڪري ان کي پٽالا سمجهڻ شڪ کان خالي ڪونه آهي.

 سڀئي مؤرخ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته سن ١٧٥٧ع ڌاران سنڌو پنهنجو نصرپور وارو وهڪرو بدلائي اچي حيدرآباد ڀرسان وهڻ لڳو ۽ حيدرآباد شهر واري ٽڪريءَ کي ٻيٽ بنائي ڇڏيو هئائين. غلام شاهه ڪلهوڙي جو زمانو هو ۽ سندس راڄڌاني خدا آباد ۾ هئي. هن حيدرآباد کي نظر ۾ رکي سن ١٧٦٨ع ۾ اتي قلعو تعمير ڪرايو. قلعي جو اڃا ڪجهه ڪم رهيل هو جو هو وفات ڪري ويو. ڪتاب ”هند ۽ سنڌ جي قديم جاگرافي“ جي صفحي (236) تي انهيءَ بيان جو حوالو ڏنو ويو آهي ته سنڌوءَ نصرپور کان سن ١٠٠٠هه يا ١٥٩٢ع ۾ وهڪرو بدلائي انڙپور ڏانهن ڪيو. جيڪڏهن اهو به سچ سمجهون ته به سڪندر وارو پٽالا حيدرآباد ٿي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته سڪندراعظم واري دور ۾ سنڌوءَ جو حيدرآباد وارو وهڪرو موجود ئي ڪونه هو. 1- لهوارو دريائي سفر عام طور تي ويهه ميل ڪٿيو ويندو آهي. سڪندراعظم کي برهمانا کان پٽالا تائين چار ڏينهن لڳا هوندا. جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سڪندراعظم جي دور واري سنڌوءَ جي وهڪري سان پٽالا، برهمانا کان چئن ڏينهن جي پنڌ تي هو. فاصلي جو حساب ڪبو ته اهو ٧٠ ميل ٿيندو. پهرئين ڏينهن وارو سفر ڏهه ميل ٻڌجي ته به پٽالا برهمڻ آباد کان ست ميل پري ۽ اهو ان دور واري وهڪري سان هوندو. (مترجم)

 هتي ديبل کان حيدرآباد جو سفر هڪ سؤ پندرنهن ميل ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو درياهي رستي کان ڇهن ڏينهن جو پنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته پهرين ڏينهن جو سفر ڏهه ميل ۽ باقي ڏينهن جو سفر ويهه ميل جي حساب سان ڪيو ويو. پر مٿي نيرون چئن ڏينهن جي پنڌ تي ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو حيدرآباد ٿي ڪونه ٿو سگهي. (مترجم)