هاڪڙو دريا (تاريخي ۽ تهذيبي جائزو): محمد حسين “ڪاشف”
سنڌو ماٿر ۾ دريائي وهڪرن جو سلسلو تاريخ جي اندر ايترو ته منجهيل آهي جو اڄ تائين ڪوبه محقق ان مسئلي کي صاف طور تي سمجهي نه سگهيو آهي. ڪن محققن جو رايو آهي ته لکين سال اڳ سنڌو ساگر جو وهڪرو اتر، اتر-اوڀر کان ڏکڻ، ڏکڻ-اولهه ڏانهن هو ۽ اهي وهڪرا ڪيترائي هئا، جيڪي رفته رفته ڦرندا رهيا؛ جن آخري طور اتر کان ڏکڻ جي شڪل وڃي اختيار ڪئي، جنهن ۾ وڏو هٿ هن وادي جي زمين جي طبعي ڦير گهير وارين حالتن جو رهيو آهي. سنڌو ماٿري ۾ انهن وهڪرن جي نشانن جي ايتري ته گهڻائي آهي جو انهن لاءِ محققن ۽ تاريخدانن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن. اڄ به سنڌو جي وهڪرن جا ڪيترائي نالا اسان کي تاريخن ۾ ملن ٿا. ڪٿي هن کي درياءِ سيحون ڪري ڪوٺيو ويو آهي، ته ڪٿي سنڌو ساگر جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڪٿي هن جو نالو مهرا يا مهراڻ آهي ته ڪٿي ان جو نالو هاڪڙو نظر اچي ٿو. ڪٿي ساڱري ۽ لهاڻي جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ته ڪٿي وري ڍورو ۽ پراڻ جي اسم سان مجسم آهي. بهرحال، ڪيئن به هجي سنڌو ءَ جا هن ديس ۾ ڪئين ورن ۽ ور آهن، جن جي ڪري هن وادي جا ڪي ماڳ آباد ٿيا، ڪي اجڙيا، ڪي اجڙي وري وسيا، ڪي وسي وري برباد ٿيا. سنڌو ماٿر ۾ انساني آبادي جي وسڻ ۽ ڦٽڻ جو سلسلو ڪڏهن کان هليو، ان جي يقيني تاريخ لاءِ ڪوبه فيصلو ڪرڻ ناممڪن ته نه پر مشڪل ضرور آهي.
اسان وٽ تاريخ ۾ اهو وڏو مغالطو رهيو آهي جوسنڌو ماٿر کي خالي موجوده سنڌ يا ان کان ٿورو مٿڀرو اتر ۽ اوڀر جي ڪن علائقن کي شامل ڪيووڃي ٿو، ليڪن جڏهن هن وادي جي دريائن ۽ انهن جي ڦهلا ۽ اتي جي آبادين ۽ وسندين جو جائزو وٺجي ٿو ۽ انهن حصن جي اثريات کي نظر ۾ رکجي ٿو ته سنڌ و ماٿر اسان کي نهايت هڪ پکڙيل وڏو ميداني علائقو نظر اچي ٿي، جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪشمير جو ڪجهه حصو ۽ اوڀر ۾ راجستان جو اڌو اڌ علائقو ۽ اولهه ۾ بلوچستان جو ڳپل حصو ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ انهي تهذيبي رنگ ۾ رنڱيل نظر اچن ٿا. اهي تهذيبي ماڳ ۽ مڪان دراصل دريائي آبادين جا مرهون منت آهن. تاريخ ۾ اسان وٽ صرف سنڌو جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ۽ هاڪڙو دريا، جيڪو يونانين کان اڳ ختم ٿي چڪو هو، ان جي وادي کي اهو چئي پوئتي ڪيو وڃي ٿو ته هي به سنڌو جو هڪ وهڪرو هو.ڇا تاريخي حقائق ۽ اثريات انهيءَ نڪتي جي تائيد ڪن ٿا؟ جنهن جي جواب جي لاءِ اڄ تائين ڪابه مثبت موٽ نه ملي سگهي آهي. حالانڪه ”هاڪڙو“، جنهن کي سنڌو جو وهڪرو ڪوٺيو وڃي ٿو، دراصل اهو هڪ جدا دريا هو. جنهن جي تاريخ ۾ جدا حيثيت هئي. ڇاڪاڻ ته يونانين جي کوج انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي. جيڪڏهن هاڪڙو سنڌو جو ذيلي وهڪرو يا ان جو اڳيون وهڪرو هجي ها ته يقين آهي ته يوناني محقق ان ڏس ۾ پنجاب جي فتح بعد هي پٽاله ۽ سيوهڻ ڏانهن ايندي هاڪڙي جو سنڌوءَ سان ڪو لاڳاپو بيان ڪن ها. يونانين ۽ اشڪانين جي ڪاهن وقت، هن خطي جي طبعي حالت کي انهن مؤرخن جي بيان ڪيل راين جي روشني ۾ اسان جي ڏاهن ۽ دانشورن کي فيصلو ڪرڻ کپندو هو، جيڪو نه ڪيو ويو ۽ تاريخ ۾ هميشھ اهي ٻئي نالا هڪ ئي دريا جي صورت ۾ پيش ٿيندا رهيا. اهو ڪيتري قدر صحيح عمل آهي، ان کي واضح ڪرڻ ۽ انهن نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، اسان جي اڄ جي دور جي عالمن جو پهريون فرض آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخي حقائق جي اپٽار ۾ جڏهن به ڪا غلطي رهجي وڃي ٿي ته اها نسل در نسل هلندي ڪومثبت نتيجو پيدا نٿي ڪري، جنهن ڪري تهذيبي تاريخ جا قدر ۽ تمدن جا ترڪيبي عنصر متاثر ٿين ٿا ۽ ايندڙ نسل لاءِ شڪ جي صورت پيدا ٿئي ٿي. دراصل سنڌو ماٿر جي دريائي وهڪرن ۾ هاڪڙو ندي جو وهڪرو هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جنهن لاءِ اڄ تائين مختلف قياس آرايون رهيون آهن. تاريخ جي اڳئين يا هاڻوڪي دؤر ۾ سواءِ يوناني محققن ۽ مغربي اسڪالرن جي ڪنهن به ايترو ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي.
جاگرافي ۽ اثريات جي ماهرن جڏهن به سنڌو ماٿر جو ذڪر ڪيو آهي ته تحقيق جي بنيادن تي هنن آڏو هميشھ اها سنڌ رهي آهي، جنهن جي دامن ۾ هڙپا، موهن جو دڙو، آمري، ڪوٽ ڏيجي، چانهو جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، مهرڳڙهه، مروٽ، اُچ، پارينگر، نُهٽو، وغيره رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن تهذيبي آثارن مان مليل باقيات ۾ تاريخ جي مختلف دورن جي مماثلت ۽ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. سنڌو ماٿر جي تهذيب دريائي وهڪرن سبب ٻن حصن ۾ اسريل نظر اچي ٿي. اوڀر وارو حصو، جنهن کي هاڪڙو سيراب ڪندو نظر اچي ٿو ۽ ماٿر جي اولهه واري حصي کي سنڌو آبياري ڪندو نظر اچي ٿو. هن وادي جي حيثيت به دجله ۽ فرات، گنگا ۽ جمنا جهڙي وڃي ٿئي ٿي. ”دريا سيحون ۽ جيحون، جن کي سنڌو ۽ دجله سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ جيحون بمعنى دجله جي طبعي فاصلن ۽ تاريخي ٽاڻن جي بنياد تي غلط محسوس ٿئي ٿو. دراصل سيحون ۽ جيحون جا لفظ هن وادي جي سنڌو ۽ هاڪڙو لاءِ استعمال ٿيل نظر اچن ٿا.“ سنڌو ماٿر جي تهذيب انهن دريائي شڪلين جي صورت ۾ ٻن ڌارائن ۾ نظر اچي ٿي. 1- موهن جو دڙو ۽ هڙپائي تهذيب، 2- هاڪڙا تهذيب، جن جو اونهو اڀياس اهو ڀليءَ ڀت واضح ڪري ٿو ته اهي مڙيئي تهذيبي عنصر سنڌو ماٿر جي تمدن جو عظيم ورثو ۽ ڪڙيون آهن، جنهن کي اسان سنڌو تهذيب ڪوٺيون ٿا. انهن ٻنهي دريائي وهڪرن جي تهذيبي جزن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري انهن لاءِ ڪو جدا تحقيقي معيار قائم ڪري نٿو سگهجي. البت اهو ضروري آهي ته هاڪڙا تهذيب کي به انهي طرح اجاگر ڪيو وڃي، جيئن هڙپائي ۽ موهن جو دڙو جي تهذيب تاريخ اندر مقام حاصل ڪيو آهي.
قومن جي اٿل پٿل ۽ يلغار ۾ ٻن نسلن جو اهم حصو رهيو آهي، جن هن ماٿر جي ٻن دريائن (سنڌو ۽ هاڪڙو) جي وچ واري حصي ۽ انهن جي اوڀر ۽ اولهه کي متاثر ڪيو. 1- انڊو آريائي، 2- آريا. انهن ٻنهين قومن جو اصل نسل تاريخ ۾ هڪڙو ئي آهي، پر نقل مڪاني ۽ اٿل پٿل ۾ سندن رخ جدا رهيا. انڊو آريائي قومون، وچ مشرق کان صحرائي عربستان، مصر جنوبي يمن، ايراني نار، بلوچستان، سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي متاثر ڪيو ۽ پنهنجي بيٺڪن کي موهن جي دڙي تائين قائم ڪيو. آرين وچ مشرق ۽ روسي ترڪستان مان نڪري خيبر جي دڙي وسيلي پنجاب، سنڌو ماٿر جي مٿئين حصي، گنگا، جمنا جي وادي ۽ هاڪڙو وادي جي مٿئين حصي ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. انهن ٻنهين قومن جي سنجوڳ سبب سنڌو ماٿر جي وچ وارو حصو تمدني لحاظ کان نهايت ئي شاندار ثابت ٿيو، جنهن تي تاريخ کي فخر آهي.
دنيا جون تهذيبون هميشھ دريائي وهڪرن جي بنياد تي وڌيون ۽ ويجهيون آهن، ۽ دريائن ئي کين جنم ڏنو آهي. ڪابه تهذيب نه ڪڏهن خلا ۾ اُڀري آهي ۽ نه وري برپٽ ۾ پيدا ٿي آهي. اهي درياءَ ئي آهن، جيڪي انهن جي ترڪيبي ۽ تقويمي عنصرن جو مُول آهن. پوءِ انهن دريائن جي سلسلي ۾ تاريخ اندر مخلتف وقتن تي جدا جدا نالا ۽ انهن لاءِ الڳ الڳ رايا رهيا آهن. هاڪڙي دريا لاءِ به تاريخ ۾ ڪيئن ويچار ۽ رايا آهن. هاڪڙي دريا لاءِ اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته هي سنڌوءَ جو هڪ وهڪرو هو، ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو، ۽ پوءِ سنڌوءَ جي وهڪرن جي ڦيرگهير سبب ختم ٿي ويو. هن سلسلي ۾ پهرين نشاندهي اسان کي يونانين جي ملي ٿي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته عيسوي سنه کان سوا ٽي سو سال اڳ جڏهن سڪندراعظم سنڌ مان ٿي لنگهيو ته سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ جي پاڻي ڇوليون پئي هنيون. سنڌ تي ڪاهه دوران دارا اعظم الشڪاني (ايراني) ۽ سڪندر اعظم مقدوني پنهنجي پنهنجي ڪاهن وقت سنڌو واري قديم دريائي وهڪري جي تحقيقات لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا هئا، جيئن هتان جي عظيم دريائن جي وهڪ ۽ ان تي وسندڙ شهرن توڙي ماڻهن جي مزاج جو پتو پئجي سگهي. انهيءَ ڇنڊڇاڻ ۾ يونانين کي قدري ڪاميابي حاصل ٿي ۽ انهن ماهرن هاڪڙي دريا جو پيٽ ڳولي لڌو. انهي مهم جي يوناني مشير ”ارسٽو بيوليس“ جي قول مطابق هن هڪ هزار (1000) شهرن ۽ ڳوٺن جا نشان ڏٺا، جي ڪو وقت وسندڙ هئا. يوناني ليکڪ ”ايرين“ سنڌوءَ جي ڦٽي ٻن شاخن ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته ”اصل ۾ جنهن کي جدا مهراڻ چيو ٿو وڃي، جنهن جو سڪل پيٽ هن وقت اوڀر طرف آهي، اها مهراڻ نه پر ‘هاڪڙو’ آهي، جنهن مان نڪتل موجوده اڀرندو نارو اڃا هستي ۾ آهي.“
سر اولڌام پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ”The Sarswati and lost river of the Indian Desert“ ۾ وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچنا کانپو لکي ٿو ته ”هن وقت غائب ٿيل هاڪڙو کي، جا اڀرندي نارا جي ڌارا هئي، جنهن ۾ گهگهر (سوام ديال) ۽ سرهند نديون هيون ۽ اوڀر نارا ۾ ٽي شاخون نٽوال نالي هيون، اڳئين زماني ۾ ستلج هاڪڙو جي پيٽ سان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پر جڏهن ستلج وهڪرو بدلائي بياس سان گڏجي وڃي سنڌو ۾ شامل ٿي ته سرسوتي، جيڪا منجهس (هاڪڙو) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، سا اڪيلي ٿي پئي ۽ وارياسي هنڌن ۾ غائب ٿي ويئي.“ سرسوتي ۽ هاڪڙي جو سُڪڻ گهٽ برسات جي ڪري نه پر ستلج جي وهڪري بدلائڻ ڪري ٿيو آهي. ٻئي هنڌ ساڳيو مصنف پنهنجو خيال ظاهر ڪري ٿو ته ”هاڪڙو دريا، ستلج دريا جي پراڻي گذرگاهه آهي.“
ڪرنل منچن جو نظريو آهي ته چولستان ۾ هاڪڙي دريا جي وهڪ دراصل جمنا ندي جي قديم وهڪ آهي. محترم ”ببل چوٽ“ لکي ٿو ته اصل ندي ”درشدوتي“ هئي، جنهن کي اڄڪلهه گهگهر چيو ٿو وڃي. ان جي هڪ شاخ هاڪڙو هئي، جنهن کي ستلج ندي مان پاڻي ملندو هو،جيڪا پنجاب مان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور علائقن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. اڀرندو نارو ان جي نشاني آهي. پوءِ جڏهن ستلج وهڪرو بدلايو ته هاڪڙي ۾ پاڻي گهٽجي ويو ۽ ندي سُڪي ويئي. بعد ۾ هاڪڙي کي گهگهر به چيو ويو آهي، ڇو ته ان جو مُول گهگهر هئي.
مسٽر ڪيلاش چندر لکي ٿو ته گهگهر ندي ڪنهن زماني ۾ بيڪانير جي راڄ جي اتر مان وهندي، سنڌو ۾ وڃي ملندي هئي.
مسٽر آر-جي-بئنرجي بهاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو ندي جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين (18) جاين تي سنڌوندي جي جهوني وهڪري جا نشان معلوم ڪيا آهن.هو لکي ٿو ته ندي جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو، ۽ لکپت جي ساريال جي پوک جو مدار به انهيءَ پاڻي تي هو.
راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها ”ٽاڊ“ جي ڪتاب جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: گهگهر ندي جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرا يا هاڪڙا هو،جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور راڄن مان وهندي، سنڌ ۾ وڃي سنڌو ندي ۾ پوندي هئي، پر گهڻي وقت کان پوءِ ان جو وهڪرو بند ٿي ويو. جنهن جو ڪارڻ هو اهو ٿو ڄاڻائي ته (طبعي حالتن سبب) راجستان جو ڪنارو مٿانهون ٿي وڃڻ ڪري پاڻي گهٽ اچڻ لڳو ۽ ائين ٿيندي ٿيندي هو بلڪل بند ٿي ويئي.
سر آرل اسٽائن جو خيال هو ته هاڪڙو دريا پاڻي ۽ مقدار جي لحاظ کان هڪ ننڍو ۽ محددو دريا آهي. پنهنجي هيٺئين علائقي ۽ چولستان ۾ هڪ وڏي دريا جي گذرگاهه ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو. ليڪن اڳتي هلي هو خود لکي ٿو ته، ”بجنور ۽ ولهار جي درميان ستلج دريا جي هڪ شاخ هاڪڙي ۾ شامل ٿي ويندي هئي.“ انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته انهيءَ وهڪري هاڪڙي دريا جي وهڪري کي وڌيڪ هٿي ڏني.
ايڇ-ٽي-لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب “سنڌ” ۾ هاڪڙو دريا جي سلسلي ۾ هيٺئين ريت لکي ٿو:
1- انهيءَ زماني ۾ سنڌو ندي جو وهڪرو ڪهڙو هو ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها هڪ شاخ جي صورت ۾ ڇڙندي هئي، يا موهن جي دڙي کان ڪجهه مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي ڇوڙ ڪندي هئي. ان کان سواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دور ۾ ستلج ندي، هاڪڙا نارا ۾ وڃي پوندي هئي.
2- هاڪڙي جي پيٽ جا اهڃاڻ پٺتي بهاولپور ۽ بيڪانير رياستن منجهان لاڳيتا لنگهندا ملن ٿا ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اهو آخرڪار ڪيترين ننڍين ندين خاص ڪري گهاگهڙ سرکنڊا، سرسوتي ۽ جنتانگ جي ميلاپ مان نڪري ٿو. اولهه ۾ ستلج ۽ اوڀر ۾ جمنا جي ڇوڙن جي وچ ۾ سواليڪ ٽڪرين مان اُسري ٿو. بهاولپور ۽ بيڪانير جي علائقي ۾ هاڪڙي جو پيٽ ايترو ويڪرو! ڏيڍ سؤ ميلن جي مفاصلي تائين ٻن ميلن کان به سرس آهي. چيتانگ جي هڪ پراڻي پيٽ جي معرفت هاڪڙي کي پاڻي ڏيندي هئي. سنڌو، هاڪڙي ۽ گنگا جي تراين جي وچ وارو هيٺائون سنڌو، اڄڪلهه چيتانگ ۽ جمنا جي وچ ۾ آهي.
3- ستلج جو هڪ پراڻو انگڙ ونگڙ پيٽ هاڪڙي سان بهاولپور جي بنهه اندر ولهار وٽ اچي ملي ٿو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهو ستلج جي هڪ پراڻي وهڪري مان ڦٽندو هو ۽ ان جو رخ ٿلهي ليکي هاڪڙي جي شاخ وارو هو. انهن ڳنڍيندڙ ڦاٽن سان ٽيون بهاولپور شهر کان ويهارو ميل اوڀر، اتر، اوڀر ۾ شروع ٿي وڃي ڪدو والا جي ويجهو هاڪڙي سان ملي ٿو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اها واهنده جي نالي سان هڪ وڏي قدرتي شڪل جي شاخ هئي، جا شنڪر ندي کي پاڻي پهچائيندي هئي.
سيد نور علي ضامن حسيني جنهنجي دريائن جي تاريخ تي گهري نظر رهي آهي، سو سر آرل اسٽائن جي نظريي تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، سنڌو طاس معاهدو (1960) چند تاريخي حقيقتن جي توثيق ڪري ٿو ته: ”پنج هزار سال اڳ جهلم ۽ چناب دريا پاڪ پتڻ (ايو ڌيا) جي ويجهو گڏجي ڏکڻ طرف ”مروٽ“ جي ويجهو ان وقت جو ستلج ۾ اچي پوندا هئا. ”مروٽ“ ڄڻ ان وقت جو پنجند هو.“ ان وقت جو ستلج روپڙ جي ڏکڻ کان هلي بيڪانير جي مقام (انوپ ڳڙه) وٽان برساتي دريا گهاگهرا ۽ ان جي مددگار سرسوتي کي ساڻ گڏي بهاولپور جي مقام ولهار ۽ فورٽ عباس وٽان وهي ”مروٽ“ وٽ اچي چناب ۾ پوندو هو.“ ان وقت جي راوي ۽ بياس جيڪي ضلع گورداسپور جي پهاڙن مان نڪري پاڻ ۾ گڏجي لاهور ضلع جي هڊيارا نالي (سڪندر اعظم جي هائيڊروٽس) جي صورت ۾ چناب ۾ ”پتوڪي“ جي ويجهو اچي پوندا هئا. گويا اهو مقام پنج هزار سال اڳ جو مٺڻ ڪوٽ هو.“ اڳتي هلي حسيني چوي ٿو ته: ”اڄ جو هاڪڙا برانچ، رسول آباد، قادر آباد، بلوڪي، سليمانڪي لنڪ جي رستي ”مروٽ“ وٽ پهچي ڪري، قديم تاريخ کي دهرائي رهيو آهي.“
امپريئل گزيٽيئر آف انڊيا (پنجاب) جي مرتبين ستلج جي تاريخ بيان ڪندي قديم يوناني مؤرخ ”ايرين“ جي شاهدين جي بنياد تي ”نور علي ضامن حسيني“ جي انهيءَ راءِ جي توثيق ڪئي آهي. ته، ”ايرين جي زماني جو ستلج هڪ آزاد دريا هو ۽ رڻ ڪڇ ۾ وڃي پوندو هو ۽ 1000ع تائين هي هاڪڙي جومعاون هو ۽ اڀرندي ناري (ڪيئنال) ۾ وڃي پوندو هو. انهيءَ دريا جي گذرگاهه کي بهاولپور، بيڪانير ۽ حصار ضلعي جي تعلقه سرسه تائين ڏسي سگهجي ٿو.“ تاهم ڪافي عرصي تائين ستلج ۽ هاڪڙو هڪ ئي گذرگاهه مان وهندا رهيا. هاڪڙو چولستان جي ريگستان جو ڪشادو دريا آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ هي سنڌ جي ٿر واري علائقي کي سرسبز ۽ سائو رکندو رهيو.“ دريائي وهڪرن جي انهي ڦيرگهير ۾ زمين جي طبعي حالتن کي وڏو دخل رهيو آهي، جنهن ۾ اهم ڳالهه دريائي قانون غرب روي (Wertering) جي آهي. جنهن اصول تحت دريا پنهنجي اترئين ڪناري کي ڪٽي اتر ۽ اولهه جي طرف وهندا رهيا آهن. پنجاب ۽ سنڌ جهڙن ميداني دريائن جي اها به هڪ خاصيت رهي آهي ته هو پنهنجي ڊيگهه قائم رکڻ چاهين ٿا. هاڪڙو ستلج به انهي قانون غرب روي مان گذرندا رهيا آهن. گذريل ست اٺ سؤ سالن ۾ ستلج جنهن جي گذرگاهه هاڪڙي واري ساڳئي رهي آهي، ان سنه 1255ع ۾ وڌيڪ اتر طرف پنهنجو رستو اختيار ڪيو.جنهن سبب هاڪڙو خشڪ ٿي ويو، جنهن ڪري هن علائقي جي ماڻهن کي وڏي پيماني تي نقل مڪاني ڪري سنڌ جي علائقي ڏانهن اچڻو پيو.
سنه 1553ع ۾وري به ستلج هاڪڙي کان منهن موڙيو ۽ اتر طرف وڌيڪ ويو هليو،جتي ساڻس بياس اچي مليو. اڳتي هلي هن وري پنهنجو رخ بدلايو ۽ پنهنجي پراڻي وهڪري هاڪڙي دريا جي پيٽ کي وڃي اختيار ڪيو، جيڪو سندن آخري ميلاپ چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ 1796ع ۾ ستلج جيئن هاڪڙي کان منهن موڙيو تيئن وري اڄ تائين نه ملي سگهيو آهي. ماهرن جي راءِ موجب راجستان جي اتر کان وٺي ڏکڻ تائين سندس اولهه وارو حصو طبعي حالتن سبب پڻ مٿي ٿيندو ويو، جنهن ڪري دريائي وهڪرن پنهنجو لاهه اتر اولهه طرف ڪيو، ”۽ ائين هاڪڙو هميشھ لاءِ پنهنجي وهڪ جي هاڪ وڃائي ويٺو.“
هاڪڙي درياءَ جي الڳ وجو د لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ آڌار تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي دريا جو سنڌوءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو، ليڪن تحقيق جي ميدان ۾ ڪن مؤرخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏي بيان ڪيو آهي ۽ سندن آڏو هاڪڙو خود سنڌو جو هڪ وهڪرو هو ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو ۽ آخر ۾ سندس وجود ٿر جي وارياسي علائقي ۾ گم ٿي ويو. يوناني ليکڪ ”ايرين“ سنڌو جي ڦٽي ٻن شاخن ٿيڻ جو بيان ڪري ٿو. ۽ صاف لکيو آهي ته سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين انهن ٻنهين جو نالو ”سنڌ“ ئي آهي، حالانڪه ايرين اڳتي هلي پنهنجي راءِ کي تبديل ڪري ٿو، جنهن جو ذڪر مُنڍ ۾ ڪيو ويو آهي. مسٽر رام سنگهه راٺوڙ ”ڪڇ اتهاس“ ۾ لکي ٿو ته: پراڻي زماني ۾ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. سنڌو جي شاخ هاڪڙو اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ امرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رياست بهاولپور، جسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان بيٺل آهن.“
”ڪپتان ريڪس“ لکي ٿو ته: سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا. ويراواهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بندر هو جيڪو عيسوي پهرئين صدي تائين موجود هو(2) ويرا واهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري هئي، جنهن جو نالو ”ڏوتڙ“ آهي. (جنهن جي معنا ٻه تڙ ٿي سگهي ٿي). چون ٿا ته انهيءَ ٽڪري وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو. اتي هاڪڙي جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا. ان ۾ هاڻي پوک ٿئي ٿي. ان وقت شايد ٿر ۾ ڀٽون ڪين هيون ۽ زمين سنئين هئي. ”ڪپتان ريڪس“ ٿر جي انهي علائقي تي وڌيڪ روشني وجهندي لکي ٿو ته ٿر جي واري يا رائي جو رنگ اهڙو ڳاڙهو آهي جهڙو اسان کي ڪلفٽن تي واري جو نظر اچي ٿو. ٿر ۾ جتي کوهه کنيا ويندا آهن، اتي هيٺان پنجن ڇهن پرهين تي روه نڪرندو آهي. زمين جي اها بناوت ٻڌائي ٿي ته سنڌ جو هي ڀاڱو يقيناً ڪنهن وقت سامونڊي علائقو هو. ٿر جي ڏيپلي علائقي ۾ لوڻ جون کاڻيون يا سن اڃا تائين موجود آهن، جيڪي خود سامونڊي زمين جي پيداوار آهن.
”ريورٽي“ جو چوڻ آهي ته، ”تن ڏينهن ۾ (جيئن اڳي ۽ پوءِ ڪيترين صدين تائين) ”مهراڻ“ ناري ماٿري منجهان وهندو هو ۽ جکراڻو جي لڳ ڀڳ هڪ هنڌ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. منجهائن هڪڙي شاخ ٿلهي ليکي ڏکڻ اوڀر ڏانهن ويندي هئي.“
سنڌ هسٽاريڪل جرنل ۾ لکيل آهي ته: ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو ”پراڻ“ آهي. پراڻ لفظ جي معنى آهي پراڻو دريا. اڳي سنڌو ندي جي هڪ شاخ هتان وهندي هئي ۽ ڪڇ جي رڻ (جيڪو اڳ سمنڊ هو) ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا. جي ڪناري وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ويڳا گڍ (وڳهه ڪوٽ) وينگڊ (ونگو) ٻلهاري، رحمڪي بازار ۽ وير واهه سامونڊي بندر هئا. (3)
ڪرنل ٽاڊ ”وقائع راجستان“ ۾ لکي ٿو ته، بکر کان اتر ست ميل پنڌ تي سنڌو ندي مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺا ندي يا مٺا مهراڻ چون ٿا، انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽُڪر کي مهراڻو چوندا آهن. هي ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي. ابوالفضل پنهنجي ڪتاب آئين اڪبري ۾ پڻ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن.
ٽي-ايڇ ليمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ ٿر جي زمين ۽ طبعي بناوت تي پنهنجي ويچارن جي اپٽار ڪندي لکي ٿو ته:
”جيسين سنڌو ندي جو واسطو آهي ته انهيءَ ندي گذريل ٻن هزار سالن دوران سنڌ مان جيڪي پيٽ ڦيرايا آهن، تن جي ثابتين مان ظاهر ٿو ٿئي ته ان جي ٻن شاخن واري صورت انهيءَ مدت جي 3/2 ٻه ڀاڱي ٽي حصي جي دوران قائم رهي. سنڌ ۾ هاڪڙي جو مٿيون ڀاڱو نسبتاً گهٽ مشهور آهي. ۽ پوين ٿورين صدين ۾ شايد ٻوڏن جي وڪڙ ۾ ايترو گهڻو ناهي آيو... سنڌو ماٿري ۾ راجپوتانا جي ٽڪرين جي وچ ۾ جيڪو سنڌ جي حصي وارو ريگستان آهي، تنهن ۾ هي واريءَ جا وڏا ويڪرا سٿ ڪٿان آيا؟ اها ڳالهه شايد ڌيان جوڳي آهي ته سنڌو ندي ماٿري سان مليل رڻ پٽ جي واريءَ جو رنگ ٻاڙ مير ۽ جيسلمير جي وچ ۾ جيڪي ڀٽون آهن، تن جي واريءَ کان هلڪو آهي.... آڳاٽي زماني ۾ ويندي تاريخي دؤر ۾ هيٺئين سنڌ جي ماٿري جي ڳچ ڀاڱي تي خاص ڪري ان ڀاڱي تي جيڪو هاڻ ڊيلٽا جو علائقو سڏجي ٿو، سمنڊ هو. خود ڪڇ جو رڻ به شايد سمنڊ جي هيٺان هو، پوءِ وقت گذرڻ سان سمنڊ پٺتي هٽندو ويو ۽ پنهنجي پويان واريءَ جا ڍڳ ڇڏيندو ويو.
جنت السنڌ جومصنف مولائي شيدائي لکي ٿو ته “ننگر پارڪر ۾ هاڪڙي جي هڪڙي شاخ تي پارينگر جو وڏو بت خنو هو، جتي ”پارس ناٿ“ جين جي اوتار جو پتلو رکيل هو، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. عيسوي پهرين صدي تائين پارينگر جو اوج رهيو ۽ آسوڪا جي تحريڪ ڪري هر پنجين سال اتي عظيم الشان ميلا لڳندا هئا. هڪڙو ”ٻڌ جو اسٽوپا عمرڪوٽ وٽ به هو.“
ساڳئي ڪتاب ۾ مولائي شيدائي هاڪڙي متعلق هن ريت رقمطراز آهي: ”ان ۾ شڪ نه آهي ته هاڪڙو سنڌو ندي جي هڪڙي شاخ هو، جنهن تي الور، امرڪوٽ ۽ پارينگر بندر هئا. مگر هاڪڙو ايرانين ۽ يونانين جي ڪاهه کان گهڻو اڳ مٽجي چڪو هو. مثال لاءِ جيڪڏهن مهراڻ جي هاڻوڪي بکر، سيوهڻ، پٽالا (نيرون ڪوٽ) واري وهڪ نه هجي ها ته سڪندر مقدوني يا ان کان اڳ داراعظم جا جهاز سيوهڻ يا پٽالا بدران الور کان پارينگر وڃن ها ۽ اهڙيءَ طرح بکر جو قلعو عباسي دؤر ۾ جڙي نه سگهي ها.“
ڪاڪو ڀيرومل، پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ هاڪڙي بابت لکي ٿو ته، ”بند هش ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ‘مهرا’ ڄاڻايل آهي، تنهن مان سمجهي ٿو ته اهو لفظ اصل ۾ آهي ‘مهراڻ’. اها سنڌوندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري ڍوري پراڻ ۾ ڪوري کاري مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي... ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو، جنهن کي ڪن تاريخ نويسن ‘واهنده’ به سڏيو آهي، سو انهيءَ قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوي جي وقت تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي ڪڇ جي رڻ جي نزديڪ هاڻوڪي ڍورو پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.... سن 1758ع کان اڳ سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. انهيءَ سال اتان رخ ڦيرايائين ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو ٿيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو.“ (قديم سنڌ صفحو 165-166)
سنڌي ادب ۽ تاريخ جو محقق اعظم، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌ جي موجوده حدن اندر اڳئين تاريخي دؤرن جي ڳولا ڏانهن اهل علم جو ڌيان ڇڪائيندي لکن ٿا ته:
”رور سسٽم وارين ايراضين جي سنڌو ندي جا پراڻا وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن، ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻ سان ٻڌل هيون. سنڌو ندي جو جيڪو الهندي طرف وارو ڀاڱو آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر آهي، مثلاً آمري هئي ۽ موهن جو دڙو هو. پر اڀرندو نارو جيڪا هڪ پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي توجه ڪانه ٿي آهي. مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي ته اڀرندو نارو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي اسان ڳولي ڏسون.“
سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ۽ ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ جي لائق مصنف محترم ايم-ايڇ پنهور دريا جي وهڪرن، ان جي اسباب ۽ مختلف طبعي واقعن جي بنياد تي جيڪي نقشا ۽ چارٽ ڏنا آهن، انهن جي بنياد تي اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو ماٿر ۾ به وڏا دريائي وهڪرا هئا: 1- سنڌوءَ جو وهڪرو ۽ 2- هاڪڙو دريا جو هڪرو. جنهن ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو پنهنجا مختلف رستا اختيار ڪندو، اڄ تائين قائم رهيو آهي ۽ هاڪڙو دريا جو وهڪرو طبعي تاريخ جي حقيقتن کي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ختم ٿي ويو.
مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آهن، اهي ٻن حصن يا ٽن حصن ۾ تقسيم ٿين ٿا: 1- اهي رايا جن ۾ هاڪڙي دريا جي وجود، ان جي ٺهڻ ۽ ٻين دريائين جي معاونت سان پنهنجي وجود جو ذڪر ملي ٿو. انهن ۾ يوناني ڏاهو ”ارسٽو بيولس“، ايرين، سر اولڌام، ڪرنل منچن، سر آر جي بئنرجي، راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها، بيل، سر آرل اسٽائن، ايڇ ٽي لئمبرڪ، سيد نور علي ضامن حسيني، امپريئل گزيٽيئر آف انڊيا (پنجاب) جا مرتب، ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ ۽ ايم. ايڇ. پنهور صاحب اچي وڃن ٿا.
2- اهي رايا آهن، جن ۾ سنڌو ۽ هاڪڙي کي مختلف وهڪرن جي ڦيرگهير سبب يا ته ساڳيو وهڪرو تصور ڪيو ويو آهي يا وري ان کي سنڌوءَ جي هڪ شاخ سمجهيو ويو آهي. انهن ۾ ”ايرين“ کي به شامل ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ٻنهين نڪتن کان بيان ڪيو آهي. پر سندس هاڪڙي جو جدا وارو خيال تحريري طور وزندار آهي. تاهم هن جي شروع جي راءِ کي به ان ڪري اهميت رهي ٿي، جو اسان جي ڪيترن دانشورن هن جي سياق و سباق کي نظرانداز ڪري پنهنجي راءِ جي وزن لاءِ ان کي استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ انهيءَ خيال جي تائيد ۾ رام سنگهه راٺوڙ، ڪپتان ريڪس، ريورٽي، سنڌ هسٽاريڪل جنرل، ڪرنل ٽاڊ، مولائي شيدائي، ڪاڪو ڀيرومل قابلِ ذڪر آهن. ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ ٿر جي طبعي بناوت جو ذڪر ڪندي، سنڌو دريا جي ٻن شاخن جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ هن ان جي ٻي شاخ جو نالو نه ڏنو آهي، جيڪا سندس تحرير ۾ اشباهه جي صورت پيدا ڪري ٿي. ليڪن سندس پهرين راءِ، جيڪا هن هاڪڙي جي سلسلي ۾ ڏني آهي، اها وڌيڪ جامع ۽ وزندار آهي.
ان کان سواءِ سنڌ تي لکندڙن ۾ مرزا قليچ بيگ، الهه بخش عقيلي، رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها ۽ محمد اسماعيل عرساڻي کي پڻ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن صاحبن ٿر جي تاريخ تي، جيڪا دراصل واديءَ هاڪڙا جي تاريخ جو هڪ حصو آهي، ان جو ذڪر پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. سندن ان سلسلي جون لکيتون بنيادي تحقيق لاءِ ماخذ جي حيثيت رکن ٿيون.
تاريخي حقائق ۾ ان وقت هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو، جڏهن انهيءَ سلسلي جي سڀني قديم توڙي جديد تحقيقي ڪڙين کي سامهون آڻجي ٿو ۽ اتي اهو سوال اڀري ٿو ته ائين ڇو؟ عرب جاگرافيدانن هن طرف ڪو خاص توجهه ڇو نه ڏنو؟ ڇاڪاڻ ته عرب جاگرافيدانن ۾، ”ابن حوقل“، ”الاصطخري“، ”المسعودي“، ”البيروني“ ۽ ”ابن بطوطه“ اهڙا ماڻهو هئا، جن وٽ انهيءَ سلسي ۾ ڪانه ڪا ڳالهه هئڻ گهرجي ۽ سندن لکيت جو ڪونه ڪو حوالو ڪنهن تحرير ۾ ملڻ گهرجي. جڏهن ته الديبل ۽ لهاراڻي جو هنن ذڪر ڪيو آهي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته يا ان وقت هاڪڙو درياءَ بلڪل ختم ٿي چڪو هو، يا وري نالي جي عام غلطي ان طرف عدم توجهي جو سبب بني. بهرحال ڪيئن به هجي، تاريخي تحقيق ۽ آثار قديم جي جاين انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته ”هاڪڙو درياءَ“ هڪ الڳ درياءَ هو ان جي تهذيب کي سنڌو ماٿر جي اتر-اڀرندين تهذيب ڪوٺي سگهجي ٿو، جيڪا تاريخ ۾ پنهنجو وجود ۽ مقام رکي ٿي. يونانين جي تحقيق ان ڳالهه جي نه صرف تائيد پر تصديق ڪري ٿي، جنهن کان ڪنهن به صورت انڪار ڪري نٿو سگهجي.
هاڪڙا وادي مٿي بهاولپور ڊويزن جي علائقي ۽ هيٺ سنڌ جي سرحد اٻاوڙي کان وٺي ننگرپارڪر تائين ۽ ولهار کان وٺي ريتي ۽ هيٺ ڏيپلو تائين پکڙي پيئي آهي. انهيءَ وادي جي ويڪر ڪٿي به پنجاهه ميلن کان گهٽ نه آهي. سنڌو ماٿر جو هي عظيم درياءَ پنهنجي نڪرڻ واريءَ جاءِ کان وٺي پٽياله تائين سرسوتي، بيڪانير تائين گهاگهرا، فورٽ عباس کان صادق آباد ۽ هيٺ پارينگر تائين هاڪڙا جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن هي وهندو هو ته سندس ڪنارن تي سوين وسندڙ شهر ۽ سرسبز انساني وسنديون هيون، جن ۾ ان وقت پٽاندڙ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز، بچاءَ لاءِ قلعا ۽ آبي بندر گاهه پڻ هوندا، جن جو بهتر تمدن ۽ رهڻي ڪهڻي هوندي. جاگرافيائي تبديلين جي نتيجي ۾ درياءَ خشڪ ٿي ويو ۽ اهي شهر ۽ ڳوٺ، وستيون ۽ واه ويران ٿي ويا ۽ ان خطي جو هڪڙو پورو تمدن اکين کان اوجهل ٿي ويو. ان وادي جي انساني بستين کي واريءَ جي ذرن پنهنجي دامن ۾ پناهه ڏيئي ڇڏي، جيڪي اڄ صرف ماضي جي ياد جو هڪ داستان ۽ تاريخدانن لاءِ عبرت ۽ تحقيق جو سبب وڃي رهيا آهن.
هاڪڙي ماٿر جي تاريخ جيترو شاندار آهي، اوتروئي حيرت افزا ۽ حيرت انگيز پڻ آهي. بقبل اتر تاريخ پٿر جي زماني کان وٺي موجوده سائنس ۽ خلائي دؤر تائين هن وادي جي شهرن ۽ وسندين جي ٺهڻ ۽ ڦٽڻ، انهن جي تمدن ۽ ثقافت جو وجود ۾ اچڻ ۽ اجڙڻ هڪ لاڳيتو داستان آهي، جيڪا هن وادي جي دريائين ۽ انسانن جي گڏيل ڪهاڻي آهي. ٻين تهذيبي خطن جيان هت به تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪئين قومون آباد ٿيون ۽ ڪئين برباد ٿيون. ڪن کي منزل ملي، ڪن راهه سفر اختيار ڪيو. دنيا جي ٻين خطن جيان هن وادي تي ڪئين مذهبي ۽ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اثر پيا، جن هتان جي ماڻهوءَ کي متاثر ڪيو هوندو. هن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هن وسيع علائقي جي انساني جدوجهد جي سڄي تاريخ قديم هاڪڙا وادي جي تاريخ آهي، جيڪو سنڌو ماٿر جي تمدن جو اهم حصو آهي.
هت اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هاڪڙا وادي جي تهذيب قديم سنڌو ماٿر جي تهذيب جيڪا ”موهن جو دڙو ۽ هڙپا“ جي نالي سان مشهور آهي، ان کان الڳ آهي؟ تاريخي اڀياس مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ‘هاڪڙا’ تهذيب ۽ انجا ترڪيبي عنصر موهن جي دڙي ۽ هڙپائي تهذيب وانگيان ساڳيا آهن، يا ائين چئجي ته هي تهذيبي خطو انهيءَ تهذيب جو (اتر اڀرنديون) حصو آهي، جنهن کي تاريخ ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن تي نه صرف هن وادي جي ماڻهن کي فخر آهي، پر اهو دنيا جي تاريخ جو هڪ عظيم سرمايو آهي. سرمارٽيمر ويلر، جنهن جون خدمتون برصغير جي تاريخ جي سلسلي ۾ لازوال آهن، اهو هن يقين جو اظهار ڪري ٿو ته ‘واديءَ سنڌ’ جي قديم تهذيب جي ٻن وڏن شهرن ”هڙپا ۽ موهن جو دڙو“ جي بلڪل وچ ۾ واقعي بهاولپور جي علائقي ۾ هن تهذيب جا مرڪز يقيناً موجود هوندا، جنهن لاءِ هن يارهن (11) جاين جو ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي سروي جي دوران هن ”سندهانواله“ ۽ ”ڊيراور“ ۾ آزمائشي کوٽائي ڪرائي، جتان کيس هڙپائي تهذيب جون شاهديون مليون.
اسٽوارٽ پگٽ، جيڪو هندستان جي قديم تاريخ جومؤلف آهي، تبصرو ڪندي لکي ٿو ته: ايتري قدر اعلى تمدن(5) ايڏي وڏي مفاصلي تي هن وادي جي واقع ٻن شهرن تائين محدود ٿي نٿو سگهي، انهن جي درميان واري وادي بهاولپور جي علائقي ۽ جتي تمام قديم آبادين جا نشان موجود آهن. سنڌو ماٿر جي تهذيب جي وڌيڪ مرڪزن جو پتو لڳائڻ گهرجي. ”ڊاڪٽر اين-پي-تساتوري“ مشهور اطالين محقق ۽ تاريخدان پڻ هاڪڙي جي مٿئين حصي جي قديم آبادين جو مطالعو ڪيو، جنهن جي تحقيق جي مطابق ”گهاگهرا وادي ۾ قديم زماني جو هڪ اعلى ثقافتي مرڪز ‘رنگ محل’ هڪ حڪمران ‘وڪو ڦلاڻي’ جو مضبوط قلعو هو. ڊاڪٽر تساتوري کي پنهنجي سروي ۽ کوٽائي درميان ڪي مجسما پڻ مليا هئا، جنهن لاءِ هن جو خيال هو ته دريا گهاگهڙا (جيڪو هاڪڙي جو معاون به هو ۽ بيڪانير ۾ سندس نالو هاڪڙا جي بجاءِ گهاگهڙا هو) جي ڪناري تان قديم کنڊرن مان مليل آرٽ جا نمونا يوناني ٻڌ اسڪول يعني گنڌارا آرٽ کان متاثر آهن. هن جو اهو به خيال هو ته رنگ محل آخري ڪشن عهد سان واسطو رکي ٿو. ”ڊاڪٽر تساتوري“ گهاگهڙا جي آبادين ۾ سوهن ڪوٽ جو به مطالعو ڪيو ۽ اتي ڪافي وقت صرف ڪيو. زبان زد لوڪ ڪهاڻين جي مطابق هي جاءِ ”جويا“ قبيلي جي سردار جي هئي، جنهن کي ”سوهان“ چيو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب جو اهو به خيال آهي ته ”جو يا“ قبيلي جا ماڻهو ”گنڌايا“ آهن، جن جو ذڪر هندن جي قديم ڪتابن ۾ ملي ٿو.
سر آرل سٽائن جي مطابق قبل از تاريخ جي زماني جي آثارن جي سلسلي ۾ ڊيراور قلعي جي علائقي کي غير معمولي اهميت ۽ مرڪزيت حاصل آهي. (ڇاڪاڻ ته قديم زماني کان وٺي موجوده دور تائين انهي سڄي علائقي کي جيڪو بهاولپور، بيڪانير، ۽ جيسلمير(7) تي مشتمل آهي. انهيءَ علائقي جو ڌاڪو رهيو، اهو مقام هاڪڙي دريا جي ڪناري تي قديم واپاري رستي جي هڪ اهم منزل هو. ”سر آرل سٽائن“ ان حيرت جو اظهار ڪري ٿو ته هاڪڙا وادي ۾ قديم آرين جي نشانن موجود هئڻ سان ثابت ٿو ٿئي ته تاريخ جي معلومات وادي دور تائين هاڪڙو موجوده طبعي حالتن هيٺ پاڻي جي پالوٽ ڪندو رهيو. جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ رگ ويد جي شاعري ۾ سرسوتي دريا کي هڪ وڏي دريا جي صورت ۾ ڪيئن پيش ڪيو ويو؟ ساڳيو محقق پنهنجي انهيءَ سوال جي سلسلي ۾ جاگرافيائي سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته:
(1) جنهن حد تائين دريا جي مٿين حصي جو تعلقي آهي، آثار قديمه جون شاهديون ثابت ٿيون ڪن ته ”هي دريا تاريخ جي دور ۾ خشڪ ٿيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته قبل از تاريخ جي زماني ۾ پوري طرح وهندو هجي.“
(2) دريا جو هيٺيون حصو، جيڪو هاڪڙي جي نالي سان مشهور آهي، ان جي تبديلي قبل از تاريخ واري زماني جي آخري دور ۾ ستلج دريا جي سبب آئي هجي ۽ اها شاخ سڪي ويئي هجي، جيڪا ستلج مان نڪري هاڪڙي ۾ وڃي شامل ٿيندي هئي.“
ڀارت جي آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل اي-گهوش صاحب، جنهن 1951ع ۾ هاڪڙي دريا جي مٿئين حصي جي سروي ڪئي هئي، ان جو چوڻ آهي ته ڀارت جي علائقي ۾ هن دريا جي ڪناري تي هڪ سؤ آبادين جو تعلق قديم تهذيب سان آهي. هن جو اهو به خيال آهي ته اهو قديم ترين گروپ هڙپا ۽ موهن جو دڙو جي قديم شهرن جي ڪلچر سان تعلق رکي ٿو: هو هن عظيم تهذيب کي واديءِ سنڌ جي تهذيب جي نالي سان چوڻ ۾ اختلاف رکي ٿو ۽ لکي ٿو ته هي شاندار تهذيب صرف سنڌ جي وادي تائين محدود نه هئي.“(8)
هاڪڙا وادي جي تهذيبي مشاهدن تي ”هينري فيلڊ“ پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: هاڪڙا وادي جي پراڻين آبادين مان مليل ٿانون ۽ ٺڪرين سان پتو پوي ٿو ته، ”هي هڙپا ڪلچر جو نمائنده ڪلچر آهي.“ هن جو خيال آهي ته قديم دڙن مان سادا ۽ چٽيل ٿانون جا جيڪي نمونا مليا آهن، اهي تمام معياري آهن. انهي صنعت جي بنيادي خاصيت انهن جو سرخ هئڻ آهي،جنهن مان فنڪاري ۽ عمدگي ظاهر ٿئي ٿي. ڳاڙهي زمين تي ڪارين ليڪن سان چٽ نڪتل آهن. ان کان سواءِ انهن تي انساني، حيواني، نباتاتي ۽ پکين جون شڪليون پڻ آهن. ”هينري فيلڊ“ ٿانون جي بناوت ڊيزائن جو پڻ معترف آهي.
ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، جيڪو ناردرن سرڪل لاهور جو ڊائريڪٽر آرڪيالاجي آهي، ان هاڪڙي وادي ۾ (407) چار سو ست اهم قديم ماڳن جو پتو لڳايو آهي، جنهن کي هن ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو آهي. ]1[ چار هزار سال قبل مسيح کان ٽي هزار اسال قبل مسيح، ]2[ ٽي هزار سال قبل مسيح کان اڍائي هزار سال قبل مسيح، ]3[ ڏيڍ هزار سال قبل مسيح ۽ ان کان پوءِ. مغل صاحب لکي ٿو ته، ”هاڪڙي وادي جي سروي مرڪزي واديءِ سنڌ جي متعلق اسان کي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي؛ جتان واديءِ سنڌ جي قديم تهذيب جي شروعاتي ۽ تمام سڌريل ۽ آخري هڙپائي دور جون شاهديون ملن ٿيون، ۽ ان کان پوءِ جي ثقافتي لاڳاپن تي پڻ روشني پوي ٿي.“ ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته، ”انهي معلومات اسان کي سنڌ جي وادي جي تحقيق لاءِ نوان نُڪتا مهيا ڪيا آهن.“ تاهم ان جو خيال آهي ته اڃان تائين نارا ڪينال جي رستي، جتان هاڪڙو دريا وهي ڪري ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو، ان جي اثري باقيات جوپتو لڳائڻو پوندو. انهي رستي کي سنڌ ۾ ريڻي، نارا يا هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌ جي انهي وسيع و عريض علائقي تي اڃا تائين ڪا تحقيق ڪانه ٿي آهي. ان سلسلي ۾ سواءِ محترم ڊاڪٽر اين-اي-بلوچ صاحب جي، جنهن سنڌ اندر هاڪڙا وادي جي سلسلي جي هڪ مقام ‘نُهٽو’ جي نشاندهي ڪئي آهي، جتان کين موهن جي دڙي جهڙي هڪ مهر پڻ ملي آهي، جيڪا اهو ثابت ڪري ٿي ته ٿر جو هي علائقو پڻ موهن جي دڙي جي تهذيب سان لاڳاپيل آهي.
هاڪڙا دريا جي مٿئين حصي يعني پنجاب توڙي ڀارت واري حصي تي هن وقت تائين جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، اهو واضح ڪري ٿو ته سنڌو ماٿر جي تهذيب جا اثر قريب قريب وچ ڀارت جي اترئين حصي تائين آهي، ۽ هيٺ ان جو اثر سنڌ جي آخري حدن ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي رهيو. هن وقت تائين هاڪڙا تهذيب تي مٿين ڀاڱن لاءِ اسان کي گهڻو ڪجهه ملي ٿو، ليڪن ان جي برعڪس هاڪڙا دريا جي هيٺئين حصي، جيڪو سنڌ جو ٿر جو علائقو آهي، سواءِ ‘نهٽو’ جي ٻئي ڪنهن به هنڌ جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. ان هنڌ جي به اڃا تائين ڪا باضابطه کوٽائي يا سروي ڪانه ٿي آهي.جيڪڏهن هن سلسي ۾ ڪو وقتائتو قدم نه کنيو ويو ته اهي آثار ۽ هنڌ، واريءَ جي طوفانن هيٺ دفن ٿي ويندا يا ماڻهن جي هٿ چراند سبب هميشھ لاءِ ختم ٿي ويندا.
اهو به تسليم ڪيو وڃي ٿو ته ٿر جو ڳچ حصو ۽ ڪڇ جو رڻ ڪو وقت سمنڊ هو ۽ بعد ۾ سمنڊ جي هٽي وڃڻ سبب ڪڇ جي ڪناري تائين وڃي محدود رهيو، جنهن تي وڳهه ڪوٽ، ونگر (ونگو)، ٻلهياري، پارڪر، ويرا واهه وغيره بندر هئا. اهي سڀئي سنڌو تهذيب ۽ ثقافت جا آثار آهن، جيڪي هاڪڙي دريا جي ڇوڙ جي دامن ۾ هئا. جهڙيءَ ريت هن وادي جي مٿئين حصي ۾ هن دريا جون قديم بستيون آباد هيون، يقين آهي ته سنڌ واري علائقي ۾ به انهن جو وجود هوندو. تاريخدانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن لاءِ اهو بنهه ضروري آهي ته تهذيبي تسلسل جي انهن هنڌن جو پتو لڳايو وڃي ۽ انهن تي تحقيق ڪئي وڃي ۽ اها تهذيب جنهن کي هڪ حصي تائين محدود تصور ڪيو وڃي ٿو ته ان جو ڦهلاءُ يقين جي صورت اختيار ڪري سگهي ۽ انساني ارتقا جي ڪهاڻي جون ڪڙيون جيڪي هن وادي جي هيٺئين حصي ۾ گمشدگي جي صورت ۾ آهن، اهي ظاهر ٿين. هاڪڙي جي وادي قومن جي عروج ۽ زوال، انهن جي اٿل پٿل جا ڪئين دؤر ڏٺا آهن ۽ ڪيئي لوڪ ڪهاڻيون ۽ چوڻيون هن وادي سان منسوب آهن. اهي سڀ تڏهن بهتر صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، جڏهن وادي جو اونهو اڀياس ڪيو وڃي.
آثار قديمه جي باقيات جي تحقيق سان گڏوگڏ هي نڪتو به غور طلب آهي ته آيا اهي تهذيبي هنڌ پنهنجي تباهي کان اڳ ڪهڙي سماجي معيار جا هئا ۽ انهن جي تباهي ۾ ڪهڙن سماجي عنصرن جو حصو رهيو ۽ انهن تهذيبي هنڌن جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ ڪهڙين سماجي حالتن جو حصو رهيو. سنڌو ماٿر جا ٻئي تهذيبي حصا (اتر-اڀرنديون ۽ اتر-اولهائون) نهايت اهم آهن. هاڪڙا وادي جي مٿئين تهذيبي حصي جو مطالعو اهو واضح ڪري ٿو ته انهن ٻنهي تهذيبي خطن ۾ قدرن جو اختلاف به آهي ۽ اتفاق به. آيا اختلاف جو اهو عنصر هن ماٿر ۾ ٻن قومن تي ته دلالت نٿو ڪري؟ يا جيڪڏهن اها هڪ قوم آهي ته پوءِ سماجي شعور ۽ سماجوادي نظام جي ڪري انهن جي تهذيبي قدرن ۾ ته اختلاف نه آهي؟ ۽ جن تهذيبي قدرن ۾ اتفاق آهي ته اهي هڪ ئي قوم تي ته دلالت نٿيون ڪن؟ ۽ جيڪڏهن انهن وادين وسندڙ قومن جو اصل نسل هڪ آهي ۽ نقل مڪاني سبب اتر ۽ ڏکڻ اولهه کان اچڻ جي سفر انهن ۾ ڪي تبديليون ته پيدا نه ڪيون آهن، جيڪي جزوي اختلاف جو سبب آهن؟ اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال نهايت ويچارڻ جوڳا آهن.
تهذيبن جي فنا ٿيڻ ۾ جتي طبعي حالتن کي هٿ آهي، اتي ان ڳالهه کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته ان تهذيبي ورثي واري قوم ۾ سماجي شعور ڪيترو هو. آيا هن ۾ پنهنجي وجود جي بقاءُ ۽ تهذيبي ثمر کي بچائڻ جي قوت هئي يا نه؟ جڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي ٿو ته تهذيبي قدر، ٻين ڳالهين جيان سماجي حالات جي پيداوار آهن، جنهن ۾ ان تهذيبي دؤر جو اقتصادي نظام، پيداواري وسيلا، اخلاقي قدر ۽ سماجي سرشتي جي سڄي اڏاوت اچي وڃي ٿي، جنهن جي بنيادن تي هر تهذيب جي فڪري نظام ۽ احساس ۾ وقت بوقت ڦيرگهير ٿيندي رهي ٿي، تڏهن انهن تبديلن جو سبب به سماجي حالتن جو تغير هوندو آهي. سماجي حالات ان وقت تائين نٿا بدلجن، جيستائين سماجوادي نظام ۾ اندر ڪا اهڙي قوت نٿي اڀري جيڪا انهن حالتن جي نفي ڪندي هجي. بقول ممتاز حسين: ”انسان پنهنجي تخليق پاڻ آهي“ هر معاشرو پنهنجي قدرن جي رکوالي ان لاءِ ڪندو آهي ته ان ۾ هن جي بقاءُ جو راز آهي. جڏهن به انهن قدرن جي سلسلي ۾ معاشرتي طور اک پوري ويئي ته سڄو مانڊاڻ بگڙجڻ لڳندو آهي. اسان کي هن وادي جي تهذيبي تحقيق سان گڏ اهو به ڏسڻ گهرجي ته آيا اهي تهذيبي حصا جيڪي تاريخ جو هڪ داستانِ حقيقت آهن، انهن جي مٽجڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ ڇا انهن جو زوال پنهنجي طور تي آيو، يا ڪنهن ٻاهرين قوت جي ڪري اها فنا پذير ٿيون.
وادي سنڌ جي تهذيب لاءِ ان سلسلي ۾ تاريخ اندر مختلف رايا آهن. ”موهن جو دڙو“ هڙپائي تهذيب جي تباهي جو ڪارڻ آرين کي تصور ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان باري ۾ هن ماٿر جي وسندڙ اڳين قومن جي طرز معاشرت ۽ آرين جي سماجوادي نظام کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. تاريخ جو مطالعو اهو بخوبي واضح ڪري ٿو ته آرين خود هن وادي جي اڳئين سماجي نظام جي ڪيترين ڳالهين کي قبول ڪيو ۽ هتي رهندڙن قوم سان ضم ٿي ويا. صرف ان طبقي ڏکڻ هندستان يا ان جي ٻين حصن ڏانهن نقل مڪاني اختيار ڪئي، جيڪي تهذيبي طور انهيءَ وقت جي سماجوادي نظام جو ساٿ ڏيئي نه سگهيا.
هاڪڙا وادي، جيڪا سنڌو ماٿر جي تهذيب جو حصو آهي ۽ هن جي پنهنجي انفراديت به آهي ۽ مماثلت پڻ آهي. ان لحاظ سان ماٿر جي انهيءَ عظيم تهذيبي حصي جي ڇنڊڇاڻ ضروري آهي. جيڪڏهن انهن نڪتن کي خيال ۾ رکي هن وادي جو اڀياس ڪيو ويو ته يقين آهي ته ان جا نهايت ئي بهتر نتيجا نڪرندا ۽ هاڪڙي جي هاڪ ۽ هُٻ (خوشبوءِ) پنهنجي تهذيبي خوشبوءِ سان ماٿر کي واسي ڇڏيندي.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙه، سمي ويندا سوکڙي.
(مامو ئي فقير)
حوالا ۽ حاشيا
(1) مسٽر ڪيلاش چندر پنهنجي لکيت ۾ جنهن کي سنڌو ڪوٺي ٿو،دراصل اها هاڪڙو ندي آهي. پر جيئن ته اسان وٽ هاڪڙو ۽ سنڌو جي نالن ۾ ڪا تخصيص نه هئي، ان ڪري هن ان کي سنڌو ڪري لکيو ٿو ڀانئجي. (ڪاشف)
(2) انهي مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرئين صدي کان پوءِ بند ٿي هوندي. (ريڪس)
(3) جرنل ايڇ-ٽي-آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، جلد (VIII) نمبر(2) صفحه 88
(4) ٽماهي مهراڻ، نمبر3/1985ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. (انٽرويو)
(5) هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي وچ ۾ ٻيو ڪوبه هنڌ ان وقت تائين نه مليو آهي. انهيءَ صورت حال ڏانهن پگٽ جو اشارو آهي.
(6) اردو ۾ “وکهو پهلاني” لکيل آهي. ٿي سگهي ٿي ته اهو قديم سنڌ جي حاڪم ۽ سخي ڄام وڪيو ڦلاڻي جو قلعو هجي، يا ان قوم جي ڪنهن وڏي جي قديم نالي سان نسبت هجي.
(7) جڏهن بهاولپور جو ۽ جيسلمير جو ذڪر اچي ٿو، جيڪو سنڌ جي ٿر واري علائقي جي اتر ۽ سڄي اوڀر تي اچي وڃن ٿا، ته انهن ۾ ان خطي سان ٿر جو سڄو علائقو اچي وڃي ٿو، جنهن جو جياپو ان وقت مٿين حصن جيان هاڪڙي تي هو. (ڪاشف)
(8) هت اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسان سنڌو وادي جو نالو استعمال ڪريون ٿا ته ان مان مراد قديم سنڌ جيڪا ويدڪ زماني ۾ هئي، اها آهي.
ماخّذ
1- سنڌ: ايڇ-ٽي-لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ
2- سنڌو سؤ وير: گنگارام سمراٽ (انڊيا)
3- واديءَ هاڪڙا: صديق طاهر
4- سنڌو ماٿر جي سڀيتا: محمد ادريس صديقي، سنڌي ادبي بورڊ
5- جنت السنڌ: مولائي شيدائي
6- قديم سنڌ: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
7- ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ: ايم-ايڇ-پنهور، سنڌالاجي
8- ٽماهي مهراڻ: سنڌي ادبي بورڊ (انٽرويو ڊاڪٽر بلوچ) نمبر3، سال 1985ع
9- امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا: (پنجاب)
10- جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي: (مختلف پرچا)
11- تهذيب کا ارتقا: سبط حسين
12- تاريخ کا مطالعہ: باري مرحوم
13- تاريخ ريگستان: رائچند راٺوڙ، سنڌي ادبي بورڊ
14- پراڻو پارڪر، منگهارام اوجها، سنڌي ادبي بورڊ
15- مختلف رسالا ۽ اڀياسي نوٽ.
[b](ٽه ماهي مهراڻ تان ورتل)[/b]