سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو: تاج صحرائي
”They were nomadic hunters of the stone age, and that both in Palaeolithic and in early Neolithic periods, agriculture was part of the life of the people and fish one of their important foods.“ (Historical Geography of Sind p 19)
ان کان پوءِ سنڌ جي بنيادي ۽ اصلوڪن رهاڪن کي نون حملي ڪندڙن زير ڪيو جنهن ڪري انهن پوءِ وڃي ڀر پاسي واريون ٽڪريون ۽ ٻيلا وسايا. ڀيل، ڪولهي ۽ ميد وغيره انهن جو اولاد آهن.
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته،
”عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندوستان وسايو، سي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن، ڀيلن ۽ ميڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه تنهن بابت اسان کي پهريائين پڪ ڪونه هئي پر پوءِ ڪن جون کوپڙيون سيوهڻ جي پريان لڌيون ويون. 1922، 1923ع ۾ ڪن ڪولهين ۽ سنٿالن جون کوپڙيون مهين جي دڙي مان لڌيون، جا ڳالهه آرڪالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سرجان مارشل ڄاڻائي آهي. ائين هاڻ خاطري ٿي آهي ته اهي قديم لوڪ سنڌ ۾ به هئا، تنهن ڪري قديم سنڌ جا اصل رهاڪو هاڻ اهي ليکڻ گهرجن.“ (قديم سنڌ ص 51)
تاريخ تمدن سنڌ جي لائق مصنف رحيمداد مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”هاڻي سوال آهي ته جن سنڌين موهن جي دڙي واري تهذيب جو بنياد وڌو هو، اهي ڪهڙي قوم مان هئا؟ محقق جي دماغي ڪاوشن ثابت ڪيو آهي ته اهي آڳاٽا دراوڙ هئا. جن دکن مان نڪري، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۾ ڪلدانيا تائين بيٺڪون وڌيون هيون. ڪن محققن جو رايو آهي ته اهي ڀونچ سمنڊ جي ڪناري تي رهندا هئا، جتان نڪري سنڌ ۾ پهتا..... سندن بدني ساخت متعلق محقق رزلي (Rizley) جو بيان آهي ته برصغير هند جا رهاڪو ڊرويڊي آهن جن جو رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو، وار ڪارا ۽ قدري گهنڊيدار، ڪارين اکين وارا ۽ قد ۾ بندرا هئا. جن سان پوءِ آريا، سٿين ۽ مغل قومون گڏجي ويون. ليڪن آڳاٽن ڊرويڊين متعلق مسٽر ٿرسٽن (Thurston) جو بيان هيٺ ڏيون ٿا:
”آڳاٽن ڊرويڊن ۽ پوئين ڊرويڊن ۾ ايترو فرق آهي ته آڳاٽن ڊريوڊن جا نڪ ويڪرا ڪونه هئا، نه وري قد ۾ بندرا هئا. اهي سيلان جي ويداس Veddas سليبس جي ٽولاز Tolas سوماترا جي باتين Batin ۽ آسٽريلين سان مشابهت رکندڙ هئا.“ (تمدن سنڌ_ ص16)
ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ سان اتفاق ۽ جناب مولائي شيدائي جي مٿين بيان سان اختلاف ڪندي حڪيم نياز همايوني پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي طبعي تاريخ“ جي صفحي 52-53 تي پروفيسر باشم جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”هندي ڏاکڻين علائقي ۾ جيڪو دراوڙي نسل آباد ٿيو ۽ اڃا تائين آهي، سو ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان اندر آباد ٿيل هو. صرف اتي ئي نه پر پوري هند ۾ دراوڙن جون عام آباديون هيون ۽ جيئن جيئن ٻاهريان حملي آور سنڌ، بلوچستان سان گڏ اتر اولهه جي سرحدي علائقن تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائيندا آيا، تيئن دراوڙي قبيلا پٺتي هٽندا ويا. انهن ڳالهين مان ٻه ثبوت ملن ٿا هڪ ته دراوڙ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا ۽ ٻيو ته انهن جي لڏ پلاڻ ٻاهرين جي ڪاهن ڪري ٿي هئي.“
سيد سبط حسن لکي ٿو ته:
”موئن جو دڙو، هڙپا ۽ ٻين جڳهين جي کوٽائي مان اڃا تائين فقط چاليهن ماڻهن جا ڍانچا مليا آهن. انهن ڍانچن جي معائني مان، محقق ان نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌو ماٿري جي رهاڪن جا قد ننڍا مگر مٿا وڏا هئا. رنگ جا ڪارا، گنگهرو وارن وارا، ويڪري نڪ ۽ ڀريل چپن وارا هئا. ان بنياد تي چيو وڃي ٿو ته انهن ماڻهن جو تعلق دراوڙ نسل سان هو. ڪي ڍانچا ڀونچ سمنڊ جي اوڀر ڪنارن تي رهڻ وارن قديم ماڻهن سان مشابهت وارا آهن.هڪ ڍانچو ڪنهن منگول جو به آهي. اهي بروهيءَ سان ملندڙ دراوڙي زبان ڳالهائيندا هئا. بروهي قوم جا ماڻهو جي قلات، لس ٻيلي، کاران ۽ چغائي ۾ آباد آهن، سي سنڌو ماٿري جي قديم ماڻهن جو اولاد آهن.“ (پاکستان میں تہذیب کا ارتقا- ص 66-67)
ايڇ جي ويلس لکي ٿو ته،
”Here was a civilization which from the first seems to have grown up upon its own roots, and with a character of its own. It was cut off from the civilizations to the west and to the east by vast mountain barriers and desert regions…. They (Aryans) found a civilization already scattered over India, the Dravidian Civilization. This had arisen independently, just as the Sumerian, Cretan and Egyptian Civilizations seem to have arisen….“ (p 386)
(هندوستان ۾ هڪ تهذيب هئي جيڪا منڍ کان وٺي پنهنجن پاڙن تي اڀري هئي ۽ جنهن کي پنهنجون مخصوص خصلتون هيون. ان تهذيب جو مغرب ۽ مشرق جي تهذيبن سان، بلند پهاڙن ۽ ريگستانن جي ڪري ڪوبه تعلق نه هو. آرين کي هن ملڪ ۾ اڳيئي هڪ ٽڙيل پکڙيل تهذيب نظر آئي جنهن کي دراوڙي تهذيب سڏيو وڃي ٿو. اها تهذيب اتي ئي ڄمي نپني هئي جيئن سميري، ڪريٽي ۽ مصري تهذيبون پاڻمرادو اُسريون هيون.)
وري، ونيسيٽ_ اي_ سمٿ دراوڙن بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته
”Dravidian is the English form of the adjective Dravida, with meaning ‘belonging to Dravida or the Tamil country.’ It is applied with propriety to the territory, people, or language of the extreme south, but is wholly inapplicable to the Gonds, Kols, Bhars, and other so-called ‘non- Aryan’ tribes of Central India and the North. The word Dravida is said to be an Aryanized form of Tamil, meaning ‘nice or sweet’, as applied to the language.“
(هندوستان جي قديم تاريخ صفحو 429) مٿين لکت موجب دراوڙن جو اصل وطن درويدا يا تامل (ڏکڻ هندستان) هو. دراوڙ لفظ گونڊن، ڪولن، ڀاڙن ڀيلن ۽ وچ هندستان ۽ اتر هندستان جي ٻين غير آرين گروهن، قبيلن ۽ قومن لاءِ استعمال ڪري نه ٿو سگهجي. درويد جي لفظي معنيٰ آهي مٺو ۽ سهڻو.
ايف. جي. پيئرس جو رايو آهي ته:
”آرين کان اڳي سنٿال ۽ گوند وچ هندستان جا رهاڪو، انهن قديم ۽ تمام قديم قبيلن جو اولاد آهن جن هندستان جي ڏکڻ مان ڪاهيو هيو. اهي ڪاهون اٽڪل ويهن کان پندرهن هزار سال اڳي پٿر واري زماني ۾ ٿيون هيون. اهي ماڻهو تهذيب جي ڪنهن به دور ۾ ڳڻڻ ۽ لکڻ واري منزل تي نه پهتا. اهي فقط شڪاري ۽ مالوند ئي رهجي ويا. پر ٻيا وري آهن دراوڙ جيڪي هن وقت ونڌيا جبلن جي ڏکڻ ۾ رهن ٿا. دراوڙ هندستان ۾ اتر اولهه کان خيبر لڪ ۽ هماليه کان نه پر ايران جي ڏاکڻين پرڳڻن مان سنڌ ۾ داخل ٿيا. اهي گهڻو ڪري اڄ کان ڇهه هزار سال اڳي آيا. ان وقت ايران ۽ اولهه هندستان جي آبهوا وڌيڪ گهميل ۽ برساتي هئي. ان زماني ۾ سنڌ هڪ ريگستاني نه پر سرسبز خطو هئي ۽ انهن حملي آورن جي مستقل آبادي ۽ قيام لاءِ موزون علائقو هئي. اهي دراوڙ قبيلا انهن ئي مان هئا جن فرات ۽ دجله ندين جي ماٿري ۾ سمير تهذيب جو بنياد وڌو هو. ڪيترا ڳهڻا ۽ مٽي جا برتن جي اُر (UR) مان لڌا ويا آهن سي سنڌو ماٿري جي ڳهڻن ۽ مٽيءَ جي ٿانون سان مشابهت رکن ٿا.“ (Outline of History of Civilization pp 48-49)
”We might say that the first great cultural synthesis and fusion took place between the incoming Aryans and Dravidians, who were probably the representatives of the Indus Valley Civization.“
(The Discovery of India by Jawaharlal Nehru pp 61-62)
پنڊت جواهر لعل نهرو جو چوڻ آهي ته سنڌو ماٿري جي تهذيب جا نمائندا دراوڙ هئا.
”هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جو خطو“ نالي ڪتاب جي مصنف آر هنٽر جو رايو آهي ته موهن ۽ هڙاپا ۾ آباد ٿيل دراوڙ، سمنڊ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ سندن پهريان ماڳ بلوچستان جا سامونڊي علائقا هئا. آر هنٽر جي خيالن جي ابتڙ وري اي وي ونڪٽ سوميرا جو رايو آهي ته دراوڙ قبيلا سمنڊ رستي يا خيبر لڪ جي رستي سنڌ ۾ داخل نه ٿيا هئا. پر اهي سنڌ ڌرتي جا اصلي رهاڪو هئا.
مون مٿي ڪيترن ئي محققن جا خيال، رايا ۽ حوالا ان ڪري پيش ڪيا آهن ته جيئن ڪنهن پڪي ۽ پختي نتيجي تي پهچي سگهجي ته سنڌو تهذيب جا خالق ڪير هئا؟ اڪثر محققن جو فيصلو اهو آهي ته دراوڙ سنڌي هئا ۽ سنڌ ۽ هندستان ۾ آرين جي اچڻ کان اڳي آباد هئا ۽ انهن جون وسنديون سموري هندستان ۾ پکڙيل هيون. ساڳي طرح ڪن صاحبن جو رايو آهي ته دراوڙ سنڌ ڌرتي تي ڄميا ۽ نپنا، وڏا ٿي پوءِ مشرق، مغرب، شمال ۽ جنوب ۾ پکڙيا. ڪن مفڪرن جو چوڻ آهي ته درواڙ ڏکڻ هندستان ۾ سلون ۽ سوماترا کان داخل ٿيا ۽ پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيا. ڪن مورخن جو وري رايو آهي ته دراوڙ اصل ۾ ڀونچ سمنڊ ۾ ڪريٽ تهذيب وارن ٻيٽن تي آباد هئا، جتان پوءِ فرات ۽ دجله ماٿرين مان هلي ايران ۾ وارد ٿيا ۽ اتان پوءِ سمنڊ يا خشڪي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ آرين جي اچڻ تائين سموري هندستان ۾ ٽڙي پکڙي ويا، يا تڙجي پوءِ ڏکڻ هندوستان ۾ تامل علائقي کي پنهنجو وطن بنايو. انهن سڀني محققن جي تحقيق ڪاوش ۽ ڪوشش تحسين ۽ داد جي قابل آهي.
سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو؟ :
سيوهڻ، اروڙ، ڀنڀور، بهمن آباد، آمري، ڪوٽڏيجي وغيره ۽ لڪي، بزن ڪوٽ، ڪائي، نئنگ ۽ ڪن ٻين جابلو غارن ۽ آسپاس جي ماحول نئين گاج، نئين موهن، نئين باران ۽ ٻين نئين جي ماٿرين، سنڌو، هاڪڙو، مهراڻو، سنڌ ۽ ڪنڀ درياهن جي وهڪرن، منڇر ۽ ٻين ڍنڍن ڍورن جي ڪنارن ڪنڌين مٿان وسندين، پراڻن ڪوٽن، قلعن، ڪوٽيرن، دڙن ۽ بٺين، سنڌ جي سرزمين جي ورنن، خطن ۽ پهاڙي سلسلن جي مطالعي کان پوءِ مان ذاتي طور ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو سنڌي هئا جي هن ڌرتي مٿان ڄميا، اسريا ۽ ارتقا جون منزلون طئي ڪري مهرڳڙه آمري، ڪوٽڏجي ۽ مهين تهذيبن جا خالق ٿيا. انهن کي اوهان ائبور جنيز Aborigines چئو، رولو شڪاري Nomadic Hunters چئو، مهاڻا (Lake and pile dwellers) چئو، يا ميهڻ چئو يا دراوڙ ۽ ڪولهي چئو. پر اهي اصلي ۽ بنيادي طور سنڌي هئا ۽ جن جي جسماني ادم، محنت ۽ مشقت سان ۽ ذهني آسودگي ۽ پختگي سان، هن سرزمين تي دنيا جي قديم ترين، شاهوڪار ترين ۽ مهذب ترين تهذيب جي آبياري ٿي. ان سلسلي ۾ هيٺيان دليل خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو. انهن مان پهريان تاريخ ۽ قديم آثارن سان تعلق رکن ٿا ۽ پويان ٻولي، ادب ۽ ثقافت سان. پوين دليلن تي اسان مان تمام ٿورن مفڪرن سوچيو آهي ۽ شايد ئي ڪنهن صاحب قلم کڻي لکيو هجي.
[b]تاريخي ثبوت:
[/b] جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻاهران يعني ڏکڻ هندستان يا ڀونچ سمنڊ کان ڪي به گروهه ۽ قبيلا اچي آباد ٿين ها ته پوءِ سنڌ ۾ انساني عمل ۽ استعمال هيٺ آيل غارن ۽ غفائن جو وجود نه ملي ها. غارن ۾ رهڻ وارن ماڻهن جو تعلق پراڻي پٿر ۽ ان کان به اڳ واري زماني سان آهي.
‘Cave men in the early days of archaeology, it was believed, as a result of many discoveris in Europe of the remains of pre-historic man in caves, that Palaeolithic man always lived in caves, and the term Cave Man came into popular use as a conventional description of him,’
(Encyclopedia of Archaeology by Leonard Cottrell. P 97)
غارن ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي زماني جو تعلق گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن هزار سال ق.م کان اڳ واري زماني سان آهي ۽ جو پراڻي پٿر واري زماني جو آخري ۽ پويون دور سمجهيو وڃي ٿو. پراڻي پٿر وارو زمانو اٽڪل ٽيهه لک سال پراڻو شمار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ انسان پاڻي ۾ لڙهندڙ ننڍڙن گول مول پٿرن سان حرڪتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. انسان جي رلڻ ۽ گهمڻ وارو زمانو تڏهن کان شروع ٿيو آهي جڏهن هن پاڻ کي وڌيڪ قوي، ڪجهه نه ڪجهه هنرمند ۽ جهنگلي جانورن سان وڙهڻ ۽ انهن جي شڪار ڪرڻ جهڙو سمجهيو هو. اهو دور به ٻارنهن سو سال ق م تائين اچي ختم ٿي ويو. ساڳي وقت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پراڻي پٿر واري زماني ۾ يا ان جي پوئين دور تائين انسان ورلي ملڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچڻ وارو جانور هو، جهڙوڪ اٽي ۾ لوڻ. It is a point that few people grasp, that until the Later Palaeolithic Age, man was an extremely rare animal.” (H.G. Wells p 150) اهو هڪ نقطو آهي جيڪو تمام ٿورن يا فقط ڪن ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندو ته پراڻي پٿر واري دور جي پڄاڻي تائين ”انسان“ بلڪل اڻ لڀ جانور هو.
[b]ٻولي ۽ ٻولين جي شروعات:
[/b] پراڻي پٿر واري زماني جو ماڻهو جيتوڻيڪ تمام گهٽ باشعور هو تنهن هوندي به هن کي شڪل، صورت، ادا ۽ انداز جي گهري ۽ پختي سمجهه ضرور هئي. ائين به چيو ويو آهي ته انسان پنهنجن خيالن يا اڌمن جو اظهار اشارن رستي ڪندو هو. ان دور وارو انسان آوازن، واڪن ۽ رڙين وسيلي هڪ قسم جي گفتگو ڪرڻ سکيو هو. اهي آواز ۽ رڙيون هو جانورن ۽ پکين، هوائن ۽ طوفانن، گجگوڙين، زلزلن ۽ آبشارن وغيره کان سکيو. ان سلسلي ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته منڍ واريون ٻوليون فقط ڪن اسمن (نالن) ۽ حرف ندائن جو مجموعو هيون ۽ پوءِ آهستي آهستي انسان جو ذهن، جسماني اشارن ۽ حرڪتن جا طور طريقا ۽ انهن جي وچ ۾ رسمي لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو جوڙڻ ۽ پيدا ڪرڻ سکيو. ٻولين جي ماهرن، دنيا جي سڀني ٻولين کي اٽڪل روءِ ستن اٺن خانن ۾ ورهايو آهي.ساڳئي طرح قديم گروهن ۽ قبيلن جون ٻوليون جي ڪهڙي به شڪل صورت، ڍنگ ڊول، بيهڪ، وهڪ بڻ ۽ بنياد واريون هيون يا آهن سي سڀ، هن مهل تائين پڙهيون ۽ سمجهيون ويون آهن.مگر سنڌ جي پراڻي ٻولي ۽ لپي اڄ تائين سموري ۽ پوري طرح پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا اصلوڪا ۽ پراڻا جهونا ڌوٻي، سنڌي ٻولي جا اکر ڪن ”مارڪن“ جي صورت ۾ ڪپڙن تي سڃاڻپ خاطر لکندا اچن ٿا. نه فقط ايترو پر سن 1930-32 تائين سنڌ جا واپاري ۽ سکر ماڻهو هنڊين (Bills of Exchange) ۽ دستاويزن تي پنهنجين صحين بدران پنهنجا مخصوص مقرر ڪيل قديم مارڪا يا نشان هڻندا هئا. جن جي سرڪاري ۽ واپاري حيثيت قبول ۽ تسليم ڪيل هئي.
[b]سنڌي ٻولي:
[/b] موئن جي دڙي ۽ هڙاپا ما سر ويلر جي لکڻ موجب 396 ۽ اي. ڊي. پسالڪر موجب چئن سون کان ڪجهه مٿي ۽ عام راءِ موجب اٽڪل اٺ سو مهرون ۽ تائٿ لڌا ويا آهن ۽ اسڪوپارپولا جي ڳڻڻ مطابق سنڌو لکت جا هزارين نشان مليا آهن جن تي مختلف شڪليون، شبيهون، ۽ نشانيون اڪريل آهن. انهن تصويرن ۽ نشانين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ ٻولين جي ماهرن ڪوششون ڪيون آهن. مگر مڪمل ڪاميابي اڃا ڪنهن جي نصيب ۾ نه آئي آهي. ان سلسلي ۾ اي سمٿ، سي. جي گئڊ، ارنيسٽ مئڪي، ڪي. اين. ڊڪشٽ، فادر هيريس، جي. آر هنٽر ۽ ايس لئگنڊن جا نالا ذڪر جي قابل آهن. ”سنڌ صدين کان“ جيڪو جڳ مشهور سيمينار ڪراچي ۾ مارچ 1975ع ۾ منعقد ٿيو هو. ان ۾ هن مشهور محقق اسڪوپارپولا ”سنڌ لکت جو اڀياس“ جي عنوان سان هڪ تحقيقاتي مقالو پيش ڪيو هو. ان مقالي ۾ ان وقت تائين جيڪي کوجنائون سنڌي ٻولي بابت ڪيون ويون هيون، انهن جو اختصار سان مگر جامع جائزو پيش ڪيو ويو هو. مقالي جي پڇاڙي ۾ فاضل مصنف اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته:
”ليڪن هڪ ڳالهه جا صاف نظر اچي ٿي، اها هي آهي ته سنڌو لکت جي مطالعي ۾ هاڻي نهايت دلچسپي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو، ۽ مون کي يقين آهي ته انهي شوق ۽ جستجو ۾ ڪيترائي نئين قسم جا ڪارگر ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا ته جيئن سنڌو لکت جي ڳجهارتن کي گوشه راز مان ٻاهر ڪڍي، صفحه هستي تي نروار ڪيو وڃي.“ (سنڌ صدين کان ص146)
اڄ انهي اميد کي به چوڏهن سال گذري ويا آهن مگر ڳالهه اتي ئي بيٺي آهي. محترم سراج سنڌي ٻولي تي هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان سن 1964ع ۾ لکي ڇپايو هو. ان ڪتاب ۾ فاضل مصنف سنڌي ٻولي کي ٻين هند يورپي زبانن سان ڀيٽي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”سنڌي هڪ مکيه ٻولي آهي جنهن مان اڪثر هند يورپي ٻوليون ”سنسڪرت“ سميت جڙيون آهن.“ ان مان اهو ثبوت ملي ٿو ته سنڌي زبان ۽ ٻولي پنهنجي جوڙجڪ ۽ بڻ بنياد جي لحاظ کان دنيا جي شايد اها واحد ٻولي آهي جنهن جو ڪنهن به ٻئي ٻولي سان بنيادي تعلق نه هئڻ جي برابر آهي. ان باري ۾ مان محترم ابراهيم جويي کي سند طور پيش ڪريان ٿو. جويو صاحب لکي ٿو ته ”ٻولي ئي آهي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سون هزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخي پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مسقتل ۽ علحده صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن جيتريون سندن علحده علحده ٻوليون.“ ان کان سواءِ سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ ٻيو ڄاڻو ۽ سڄاڻ ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ لکي ٿو ته: ”سنڌي جو خمير سنڌ جي سر زمين ۾ تيار ٿيو. ان جو بڻ بنياد، ان جو پنهنجو موروثي سرمايو ئي آهي.“ ساڳئي طرح فنس ۽ روسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”موئن جي دڙي جي ٻولي، درواڙي ٻولين جو بڻ بنياد آهي.“
[b]تهذيبي ثبوت:
[/b] سنڌ جي تهذيبي تاريخ جا ڪي اهڙا نمايا باب آهن جيڪي هن ملڪ جي تهذيب کي مصر، عراق، يونان، ايران ۽ روم جي پراڻين تهذيبن کان مٿاهون ڪن ٿا. انهن مان سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ حقيقت وارو باب اهو آهي جو اهي سڀ قديم تهذيبون مري کپي ويون ۽ پويان فقط پنهنجا قديم آثار کنڊرن جي صورت ۾ ڇڏي ويون. اڄ جي مصريءَ کي اهرامن واري مصر 3188 ق م سان، اڄ جي يوناني کي ڪيرٽ 2400 ق م ۽ ڊلفيا ۽ اولمپيا واري يونان سان ،ا ڄ جي رومي کي آکاڙن ۽ رٿن واري روم سان 750 ق م، اڄ جي شامي، عراقي ۽ ايراني کي حمورابي جي (2100 ق م) ۽ اسر بنيپال (668ق م) جي تختين ۽ لٺين سان ڪوبه تعلق ۽ ڪنهن به قسم جو سنٻڌ نه رهيو آهي. مگر ان جي ابتڙ اها کيرٿر سنڌو يعني جابلو ۽ ميداني تهذيب ئي دنيا جي واحد تهذيب بچي ۽ رهي آهي جنهن جو اڄ تائين هن سرزمين تي رهڻ وارن انسانن سان سلسلو، لاڳاپو ۽ واسطو رهندو اچي ٿو. جيتوڻيڪ اهو تعلق به اوترو ئي پراڻو ۽ جهونو آهي. ان باري ۾ سند طور ڊاڪا يونيورسٽي جي هڪ سابق وائس چانسلر صاحب آر. سي. مجمدر جو بيان هيٺ پيش ڪريان ٿو:
‘India now takes her place, side by side with Egypt and Mesopotamia as a country where we can trace the dawn of human civilization and the beginning of those thoughts, ideas, activities and movements which have shaped the destinis of mankind all over the civilized world… The chief difference between India and the other ancient countries mentioned above, lies in the continuity of her history and civilization. The culture and civilization of Egypt, Sumer, Akkad, Babylon, Assyria, and Persia have long ceased to exist. They are now mere past memories and their history possesses only an academic interest. Indian history and institutions, however, form an unbroken chain by which the past is indissolubly linked up with the present.
(Vedic Age V.I. p38)
مٿين ٽڪري ۾ آر. سي. مجمدر لکي ٿو ته: ”هاڻي سنڌو جي تهذيب به مصر ۽ فرات دجله ماٿري وارين تهذيبن سان ڪلهو ملائي سگهي ٿي. هن سر زمين تي به انساني سڀيتا جي صبح جا آثار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. هتي به انسان جي بنيادي ۽ منڍ واري فڪر ۽ عمل جون اهڙيون ئي ساکون ۽ شاهديون ملن ٿيون جن جي مدد سان انسان ذات، سموري متمدن دنيا ۾، پنهنجي منزل ۽ مقصد ڏانهن وڌي آهي. مگر مکيه تفاوت جيڪو سنڌ ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ آهي، سو هي آهي ته سنڌو جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ تسلسل آهي. مصر، سمير، اڪاد، بابل، اسير، يا ايران جون قديم تهذيبون گهڻو اڳي، مري کپي ويون ۽ انهن تهذيبن جا، هن وقت فقط داستان ۽ يادگار بچيا آهن ۽ انهن جي تاريخن کي فقط علمي ۽ ادبي اهميت حاصل رهي آهي. مگر سنڌو جي تاريخ، سڀائن ۽ ادارن جي وچ ۾ نه ٽٽڻ وارو سلسلو، ڳانڍاپو ۽ تعلق آهي جنهن رستي ماضي، حال سان ڳنڍيو ۽ جڙيو اچي.
سنڌ ۾ ڍڳي گاڏي اڄ به اهائي استعمال ڪئي وڃي ٿي جيڪا هزارين سال اڳي سنڌو ماٿري ۾ رهڻ وارا استعمال ڪندا هئا. سنڌ جا ڳوٺاڻا ۽ ٻيا سکر ماڻهو ساڳئي نموني جا ٽن گلن وارا اجرڪ ۽ ٽه گليون جتيون اڄ به خوشي سان پهريندا ۽ پائيندا آهن. اڄ به ڳوٺاڻا ساڳي طرح، چوئنرا، جهوپا ۽ جهوپڙيون ٺاهي، انهن ۾ رهن ٿا. مٽي، ڌاتو ۽ سپي جون چوڙيون (ٻانهيون)، عاج، چاندي ۽ سون ۾ ضرور بدليون آهن مگر مٿين چٽ ساڳيا آهن. گيت، ڀڄن، مولود ۽ مناجاتون، لاڏا ۽ لائون سهرا ۽ ڳيچ، دهل ۽ شرنايون، ٽولي ۽ ٽليون، نڙ، ناد، نفيلون، بوڙينڊو ۽ چنگ، چوڏيل ۽ ڦرڻيون، نو ٽڻ ۽ ونجهوٽيون، رلڪا ۽ رليون، پٽڪا ۽ سٿڻون، پوتيون ۽ چنيون، مکڻ ۽ مانڌاڻيون، گنديون ۽ پليون دلا ۽ چاڏيون وغيره سڀ ڪجهه ڪلهه وانگر اڄ به سنڌي سماج ۾ مروج آهن. اهي سڀ حقيقتون آر. سي. مجمدر جي بيان کي سچو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي اڄ واري ثقافت ۽ تهذيب کي ماضي جي تهذيب ۽ ثقافت سان ساڳيو رشتو ۽ تعلق آهي. هڪ نه مٽجندڙ تسلسل!
ساڳي وقت سر ويلر ۽ پروفيسر گنڪو وسڪي وري هڪ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه ڪن ٿا هو چون ٿا ته:
”…the Indus Civilization can claim a larger area than any other of the known pre-historic or pre-classical civilization.” He further writes. “Behind so vast a uni-formity must lie an administration and economic discipline however exercised, of any impressive kind.“
(The Indus civilization p. 3. 1962 publication)
”The Indus Valley Civilization thus seems to have embraced a far larger area than the ancient civilizations of the Nile Valley and Mesopotamia. It is established that the Indus Valley served as a major territorial nucleus whence the civilization was spreading eastward down the Indus’s left tributaries, southward along the sub-continent’s western coast and westward along the coast of Makran.“
”Archaeological evidence indicates that the Indus Civilization had sprung on local soil and was the outcome of the progressive historical development of the autoch thonous farming cultures of the north- western part of the subcontinent.“
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”Archaeological evidence enables us to bring out the successive periods of the Harappan Civilization and gives a convincing indication that although the civilization was a close knit unity there may have been local cultural differences and peculiarities in different areas. Among the areas that can already be isolated are Kalibangan, Rangpur- Lothal, Rupar- Alamgirpur, north eastern Baluchistan, etc. The opinion expressed by some scholars that the Indus Civilization was uniform and stagnant should thus be rejected.“
(Yu. V. Gankovsky. The Peoples of Pakistan. Pp 29,30)
ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر رفيق مغل به ڪري ٿو ته:
”The evidence shows that the area covered by the Indus Civilization was larger than any of the known civilizations of the ancient world.” Dr. Mughal further writes, “The picture of the Indus Civilization, as presented to us through many years of excavation, is that of a highly disciplined society, possessing sufficient economic wealth to mobilize labour and to support full-time craftsmen. It also possessed resources to engage in long- distance trade or exchange of products. The existence of interrelated but highly developed socio political and religious institutions, as reflected through their well planned cities, public buildings, large fortifications, granaries and standardization of material equipment through mass production, is evident.“
(Present State of Research on Indus Valley Civilization pp 40-43)
سر ويلير، پروفيسر گنڪو وسڪي ۽ ڊاڪٽر مغل جي مٿي ڏنل لکڻين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب پنهنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾ دنيا جي سڀني اتم ۽ مشهور تهذيبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ۽ تمام وسيع علائقي ۾ ڦهليل هئي. ان کان سواءِ اها تصوير جيڪا سنڌو تهذيب جي وڌيڪ کوٽائين مان ملي ٿي، سا صاف ظاهر ڪري ٿي ته سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو جنهن ۾ مقامي ماحول، حالتن ۽ آبهوا ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڦير گهير به هڪ فطري عمل جو نتيجو سمجهڻ گهرجي. ساڳئي وقت هڪ جامد ۽ ساڪن سماج به نه هو. اهو سماج اقتصادي طور تي شاهوڪار هو. جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو.
ان کانسواءِ ڏور ڏيساور سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽاسٽا جو بندوبست به ڪري سگهيو ٿي. پنگتي ۽ پنچائتي ۽ نيم ڌرمي شاندار عمارتون، شهرن جي بيهڪ ۽ اڏاوت، شهر پناهون، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جام گهرو استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌي يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو، شاهوڪار، فلاحي، منظم ۽ موثر سماج هو. اهو ته تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو جڏهن ته تاريخ جي وچين دور ۾ روزانو وهنجڻ شاهوڪار ۽ وڏن گهراڻن ۾ عيب سمجهيو ويندو هو.
”Aristocrats in medieval times considered bathing a sign of poverty and the need to labour, and many boasted, they had never taken a bath.“ (Daily Star. 16th May 1985)
سنڌ جي آبهوا متعلق سر ارل اسٽين، ايلس ورٿ، سر جان مارشل جا رايا آهن ته سنڌ ۾ اڄ جي مقابلي ۾ اڳي تمام گهڻو ۽ جهجهو پاڻي موجود هو. ان جو سبب گهڻي برسات ۽ گهڻين ندين ۽ نئين جو وهڻ هو. سنڌ کي ندين جو ملڪ به سڏيو ويو آهي. ”The land of Rivers“ جنهن ڪري ان زماني ۾ سنڌ وڌيڪ آباد ۽ شاداب هئي. موسميات کاتي جي هڪ سربراهه جو حوالو پٿاوالا جي ڪتاب هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ ۾ موجود آهي (صفحو24). ڊاڪٽر سي ڊبليو نارمنڊ چيو آهي ته:
”…more rains in the summer months was possible in Sindh and Baluchistan at the time of the Indus Valley Civilization.“
تمام گهڻي ۽ جهجهي پاڻي هئڻ جي حقيقت ان ڳالهه مان به ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ گهاٽا ٻيلا ۽ وڏا جهنگ هئا جن ۾ مينهيون، گينڊا، چيتا، شينهن، ڦاڙها ۽ هاٿي تمام وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. جن جا پنڊپهڻ (Fossils) ملن ٿا. ساڳي طرح درياهن ۾ ٻلهڻ، ٻلهڻيون (Dolphins) ۽ واڳون به رهندا هئا. ان ڪري ئي ڪن عرب مورخن نيل ۽ سنڌو درياهن جوپاڻ ۾ تعلق به ڏيکاريو آهي. درياهن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي به عام جام هوندي هئي جنهن ڪري سنڌين کي مڇي کائو (Fish eaters) به سڏيندا هئا. ۽ سنڌي اڄ به مڇي کائو آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ڪپهه، ڪڻڪ ۽ نير جا فصل به ڀلا ٿيندا هئا. ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ ٻاجهر ۽ جوئر جا فصل سٺا ٿيندا هئا. ٺڪرين تي جوئر جا پن ۽ سنگ به چٽيل مليا آهن. موئن جي دڙي ۾ هر هڪ گهر ۾ کوهه ملي ٿو. ان کان سواءِ هڪ وڏو تلاءُ يا حوض، ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ جي ڀرسان ننڍي وڏي ڍنڍ، ڍوري يا کڏ جو هئڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌ هڪ گرم ملڪ آهي جنهن ۾ فقط ٻه مندو ٿين ٿيون.هڪ اونهارو ۽ ٻي سياري جي مند. سيارو ويهين نومبر کان وٺي ويهين فيبروري تي ختم ٿئي ٿو ۽ باقي سال جا نو مهينا اونهارو آهي. سياري ۾ ٿڌ گهڻي پوي ۽ اونهاري ۾ گرمي. ان سلسلي ۾ پٿاوالا صاحب جا هيٺيان جملا ثابتي يا سند طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هو صاحب لکي ٿو ته:
”The temperature of the air, however, seems to have been the same, if not higher than at present, because cotton was grown and cotion clothes were worn. The great bath is also a proof that summer days were hot and the growth of wheat a sign of winter cold sufficient for the corn to thrive. Lastly, the rhinoceros existed always in an almost steamy heat, actually more often under the equator than any-where else.“
(Historical Geography of Sind p25)
پٿاوالا صاحب لکي ٿو ته، سنڌ ۾ جيڪو گرمي جو پد آهي سو گهڻو ڪري ساڳيو آهي. هتي ڪپهه (ونئڻ) پوکي وڃي ٿي ۽ سوٽي ڪپڙو پهريو وڃي ٿو. ڪڻڪ جي پوک سردي جي ثابتي آهي ۽ رائنا سيرس يعني گينڊو خط ستوا جي گرمي پد کي ثابت ڪري ٿو. اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪڻڪ پهرين سنڌ ۾ پوکي ويئي ۽ چين ۾ پوءِ يعني 2700 ق م، ۾. مون وٽ ڪڻڪ جو ٻج پنڊ پهڻ جي صورت ۽ حالت ۾ موجود آهي.
[b]شهرن ۽ گهرن جي بيهڪ:
[/b] آبهوا جي انهن حالتن کي سامهون رکي، سنڌ جي سڀني پراڻن شهر ۾، اسان اڄ تائين پنهنجن گهرن جا منهن اوڀر ۽ ڏکڻ طرفن ڏانهن ڪندا آيا آهيون ته جيئن اونهاري ۾ سج جي تيز ۽ سخت گرم ڪرڻن کان ۽ سياري جي سرد هوائن کان پاڻ کي بچائي رکون. ان کان سواءِ اسان وٽ وڻندڙ ٿڌيون هيرون هميشه ڏکڻ ۽ اوڀر کان لڳنديون آهن. عام چوڻ آهي ته ”آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مڇرن جي پيهي“. گهرن جي ان طريقي جي اڏاوتن سبب، اسان جا ڳوٺ ۽ شهر ڏکڻ، اوڀر طرفن ڏانهن آهن. اوهان ڪائي ماٿري ۾ يا لڪي تيرٿ جي چشمن ڀرسان موجود غار گهمي ڏسو. ڊاڪٽر خان ته چوي ٿو ته سنڌو تهذيب جو تهذيبي وهڪرو به ڏکڻ، اوڀر طرفن ڏانهن وهيو ۽ وڌيو آهي. ساڳيو رايو ڊاڪٽر فيئر سروس به پيش ڪيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته سنڌو کيرٿر ماٿرين ۾ تهذيبون به ڏکڻ ۽ اوڀر طرفن ڏانهن ڦهليون آهن. ان کان سواءِ جيڪي دڙا کوٽيا ويا آهن مثال طور موئن جو دڙو انهن جي گهٽين ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون گهٽين جي وچ ۾ ٺهيل آهن. سيوهڻ، بوبڪ، شڪارپور وغيره پراڻن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جو ساڳيو بندوبست آهي. گويا اسان جي گهرن، گهٽين ۽ شهرن جي اڏاوت ساڳئي نموني جي آهي جيڪا صديون اڳي اسان جي ابن، ڏاڏن ۽ انهن جي وڏن جي زماني ۾ هئي. حڪيم نياز همايوني سنڌ جي طبعي تاريخ جي صفحي 62 تي هڪ محقق جو حوالو پيش ڪيو آهي ته خشتي ڪتبن ۾ سنڌ جي شهر جي رهواسين بابت لکيو ويو آهي ته: ”هي اهو شهر آهي جتي ڪنواريون ڇوڪريون گهرن ۽ گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين.“
جناب مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تمدن سنڌ“ جي صفحي 97 تي سنڌين جي فوجي قوت واري باب ۾ هيرو ڊوٽس جي حوالي سان لکي ٿو ته ”سنڌي سوار ۽ پيدل فوج جا سپاهي هئا. سندن پوشاڪ سوٽي ڪپڙي جي هئي ۽ سندن هٿيار تير ۽ ڪمان هئا. تير ڪانن ۽ بيدن جا جڙيل هئا جن جا مٿا لوهه جا هئا. اهي پاڻ سان هلڪا رٿ ۽ هاٿي به کڻندا هئا.“ ان ساڳئي قسم جي تير جو هڪ سهڻو ۽ ڪي ٻيا رواجي مٿا مون کي رني ڪوٽ (نئه روڻي ڪوٽ_ نيرون ڪوٽ) مان مليا آهن جيڪي مون وٽ محفوظ آهن. ڪتاب ۾ ان مکيه تير جو تصوير ڏجي ٿي.
ساڳي ڳالهه پٿاوالا، ورجائي آهي.هو صاحب لکي ٿو ته:
”The Indians wore garments of tree wool (cotton) and carried bows of reed and iron tipped arrows of the same. They were armed in like manner as their foot, they rode swift horses and they drove chariots drawn by horses and wild asses.” (Historical Geography of Sind p 58.)
پروفيسر چيتن ماڙيوالا، صديقي م_ ادريس ۽ حڪيم نياز به پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جي ڪپهه جو ذڪر ڪيو آهي. سڀني صاحبن لکيو آهي ته ڪپهه ۽ ڪپهه مان ٺهيل سوٽي ڪپڙي کي سوميري ”سنڌو“ يوناني ”سنڊان“ ۽ مصري ”سينڊال“ ڪري سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪپهه ان دور ۾ فقط سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي. ايران، سمير، يونان ۽ مصر ملڪن کي ڪپهه جي ڄاڻ 465 ۽ 330 ق م تائين ڪانه هئي. ايراني ۽ سميري ان کي (tree wool) ڪري سمجهندا هئا. هيروڊوٽس (484-429 ق م) به ڪپهه لاءِ ٽري وول لفظ استعمال ڪيو آهي، جو اصل ۾ ڪپهه لاءِ جرمن لفظ آهي.
[b]سنڌي ٻيڙيون ۽ غوراب:
[/b] موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي، دڙي جي مٿين تهن مان مئڪي کي هڪ اهڙي مهر دستياب ٿي جنهن تي هڪ ٻيڙي جي شڪل گهڙيل آهي. وري راءِ صاحب کي گجرات ۾ سنڌو تهذيب جي هڪ مکيه ۽ مرڪزي شهر لوٿل مان، پڪل مٽي جا ٺهيل ٻيڙين جا ڪي نمونا مليا آهن. اهي بوتا ٽن قسمن جا آهن. انهن مان هڪ تمام سهڻي ماڊل واري ٻيڙي آهي جنهن کي تري ۾ تکو ۽ نوڪدار ڪنڊو (Keel) چهنبدار ڪمان ۽ سخت پاڇل آهن. پاڇل ۾ هڪ سوراخ آهي جنهن ۾ سڙهه چاڙهڻ لاءِ لڪڙو کوڙيو ويندو هوندو. نه فقط اهو پر راءِ صاحب کي هڪ اهڙي ٺڪري به ملي آهي جنهن مٿان ڪيترن ئي ونجهن واري ٻيڙي چٽيل آهي. هڪ ٻيڙي تي ٻه پکي ۽ بندکاري جون شڪليون به نڪتل آهن. ان ٻيڙي، پکين ۽ بند کاريءَ جي شڪلين مان منڇر تي رهڻ وارن ميربحرن جي ٻيڙين، کارين ۽ پاليل پکين جو نظارو اکين اڳيان تري ٿو اچي. ڊاڪٽر فيئر سروس موهن جي دڙي مان لڌل مهر واري ٻيڙي کي مصر ۽ سمير جي تهذيبن واري ٻيڙي سان مشابهت ڏني آهي. مگر مان ذاتي طور ان خيال جو آهيان ته اها ٻيڙي سمونڊ تي سفر ڪرڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي. سمنڊ تي سفر ڪرڻ وارين ٻيڙين ۽ غورابن جا پاسا، اڳل ۽ پاڇل مٿي ۽ اڀيون رکيون وينديون آهن ته جيئن سامونڊي لهرن کان سولائيءَ سان بچاءَ ڪري سگهجي. ان قسم جا ٻيڙا ۽ غوراب سنڌي وڻجارا ۽ ناکئا سمنڊ تي سفر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. اها ڳالهه ٻڌي اوهان کي تعجب ٿيندو ته گجرات ۾ به مهاڻن ۽ ميربحرن جي ڳوٺن کي ”مياڻيون“ سڏيو وڃي ٿو، جيئن سنڌ ۾ رواج آهي. نه فقط ايترو پر گجرات ۾ جيڪا نال ڀال ڍنڍ آهي ان ڍنڍ جي مهاڻن جون شڪليون ۽ مهانڊا، ٻيڙيون ۽ کاريون، رهڻي ڪهڻي، ونجهر ۽ رڇ، ٻيڙيون به منڇر ڍنڍ جي مهاڻن سان هڪ جهڙائي ۽ مشابهت رکن ٿا.
سنڌ ۽ سمير جي وچ ۾ تمام گهڻو سامونڊي واپار هلندو هو جنهن جو ذڪر هر هڪ محقق ڪيو آهي سر ويلر لکي ٿو ته:
…reference may be made to certain Sumerian and Akkadian cuneiform documents which refer to a land called Dilmun or Telmen. This was in one sense regarded as an otherworldly paradise, a place “where the sun rises” i.e., somewhere to the east of Sumer, but it was a substantial source of material goods: ships of Dilmun brought wood to Ur Nanshe of Lagash about 2450 B.C., and Sargon about a century later records that ships from Dilmun, Magan and meluha doched in his new capital Agade.
(The Indus Civilization p 81)
سمير ۽ اڪاد جي ڪن تختين تي ڪنهن هڪ اهڙي سرزمين جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن کي دلمون يا تلمون سڏيو ويندو هو. يعني اها سرزمين جنهن مان يا جتان سج اڀري ٿو، جيڪا سمير جي اوڀر ۾ آهي. جتان تمام مال ۽ سامان اچي ٿو. دلمون جا ٻيڙا ڪاٺ کڻي لاگاش جي ار بندر تي آڻيندا هئا. اهو واپار 2450 ق.م ۾ به هلندو هو.
اين. جي. مجمدر لکي ٿو ته سيوهڻ شهر ۾ عقيق ۾ ڪرڙ جي ڪاٺي جي رس مان اهڙي جڙاوت ڪئي ويندي هئي جا ان قيمتي پٿر جي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ کان سواءِ ٻاهر نه نڪرندي هئي.اهي عقيق جا مڻيا بهمن آباد، موئن جي دڙي، چانهون جي دڙي ۽ هندستان جي ٻين قديم شهرن مان لڌا ويا آهن. سمير تهذيب جي هڪ قديم شهر ڪش (Kish) مان به ان قسم جا مڻيا مليا آهن. اهو هنر هن وقت مري ويو آهي. سيوهڻ شهر ۾ ڪنهن سمي صراف ۽ چوڙيگر بزاريون هيون جي اڄ کنڊرن جي حالت ۾ به نظر نه ٿيون اچن.
سنڌ جي طبعي جاگرافي جي مطالعي ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙا بند يا ٻنڌ ۽ ٻنڌڙيون، ماهرن کي ڏسڻ ۾ آيون آهن جن ماهرن کي حيرت جي عميق درياه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. انهن بندن جي قدامت، ساخت ۽ افاديت اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل انجنيئرن لاءِ عبرت جو باعث آهن. انهن بندن کي عام طور گبر بند سڏيو وڃي ٿو. انهن بندن بابت ايڇ. ٽي لئمبرڪ جو رايو غور طلب آهي.
”The circumstantial evidence for the belief that the gabar bands antedated the Persian monarchy is on the whole stronger. In the first place, it is obvious that there must have been some connection between them and the numerous remains of settlements in their vicinity. These works enabled, agriculture on a scale sufficient to support a population far larger and more stable than that of the present time. Many of the mounds indicate by their very height a long period of probably continuous habitation. Excavation of them, up to the time of writing has not proceeded beyond experimental trenching except in a few instances, but the relics recovered all belong to one or other of the Bronze Age peasant cultures which were scattered throughout Western Asia between N.C. 3000 to 1000.“
”…the same prehistoric people who long inhabited the numerous village sites in this region were skilful agricultural engineers, and devoted much labour to adapting the neighbouring terrain so as to secuse the maximum possible cultivation.“
(Sind A General Introduction. Pp 53,54).
ايڇ.ٽي.لئمبرڪ موجب، اهي گبر بند ايراني حڪمرانن جي دور کان اڳ جا آهن. انهن بندن ۽ بندن جي ويجهو جيڪي ڳوٺاڻيون وسنديون لڌيون ويون آهن، تن وچ ۾ گهرو تعلق آهي جا ڳالهه صاف ظاهر آهي. انهن بندن جي وسيلي زراعت کي وڏي هٿي ٿي ملي ۽ جهجهي آبادي ۽ آدم لاءِ خود ڪفيل هئا. بندن جي ويجهو جيڪي دڙا ۽ بٺيون لڌيون ويون آهن سي ايتري قدر ته مٿي اوچيون آهن جو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اتي ڪافي گهڻي وقت تائين ماڻهن جو وسنديون هيون... اهي تاريخ کان اڳ واري دور جا هن ڌرتي تي رهندڙ، هوشيار ۽ ماهر زراعت پيشي وارا انجنيئر هئا ۽ انهن جو گهڻو وقت ۽ محنت آس پاس وارين زمينن کي پوکي لائق بنائڻ ۾ صرف ٿيندو هو. اڳتي هلي لئمبرڪ لکيو آهي ته ايراني حاڪمن پنهنجي اقتدار واري زماني ۾، انهن بندن جي مرامت، پنهنجي آمدني ۽ خراج جي واڌاري جي خيال کان ٿي سگهي ٿو، ته ڪرائي هجي. اهوئي سبب آهي جو ايراني حاڪمن وٽ وڏي ۾ وڏو زرخيز، اپت ۽ خراج ڏيڻ وارو صوبو سنڌ هو. جتان کين تازه دم فوج به ميسر ٿي سگهي ٿي. ان قسم جا بند ڀونچ سمنڊ، يا تامل يا ايراني ۽ عراقي علائقن ۾ نظر نه آيا آهن. انهن بندن جا معمار خالص سنڌي هنر مند، پورهيت ۽ پوک ڪرڻ وارا هئا جي ماهر انجنيئر به هئا.
هاڻي مان صدين جي پراڻي، ڪريل، گندي، خودغرضي، حسد ۽ ڪيني واري هڪ روايت جو ذڪر ڪندس. جيڪا سنڌين جي مزاج جي ترجماني ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجهدار سنڌيءَ جو، ان سبب ڪري، شرم وچان ڪنڌ جهڪيو وڃي. سڪندر اعظم (356-323 ق م) جي اميرالبحر نيرڪس جي سفرنامي تي تبصرو ڪندي ليم ونسينٽ لکي ٿو ته:
”Invasion is too often fortunate in finding the jealousy of the natives favourable to the schemes of the invader, and the petty interests to opposite parties cooperating to their mutual destruction.“ (Voyage of Neaschus p134.)
ان سفرنامي ۾ راجا سمبوس جي ملڪ، قوم ۽ فرار جو احوال به ڏنو ويو آهي. راجا سمبوس ۽ راجا مسيڪانوس جي حسد، ساڙ، رقابتن، سازشن ۽ لڙاين جو احوال به آيو آهي. ان کان سواءِ سنڌين جي هڪ وڏي ڪريل ۽ پراڻي ڪمزوري ”هڪٻئي کي نه سهڻ ۽ هڪٻئي جون پڳون لاهڻ“ جو به بيان ڏنو ويو آهي. سنڌي راجائن ۽ حاڪمن (۽ سرندي وارن) هميشه حملي آورن جو ساٿ ڏيئي، پنهنجن دشمنن هٿان پنهنجا ملڪ ۽ ملڪيتون وڃايون آهن ۽ پنهنجا ماڻهو مارايا آهن. موٽ ۾ خود کين به پوءِ ساڳئي انجام سان همڪنار ٿيڻو پيو آهي.
اين. جي. مجمدر، هنيري ڪزنس، ايڇ. ٽي لئمبرڪ، والٽر فيئر سروس، محمد ادريس صديقي ۽ ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته روهڙي کان وٺي ڪوٽڏيجي تائين جيڪي واري جا دڙا، ڀٽون ۽ ٽڪريون آهن انهن مٿان تمام گهڻي تعداد ۾ چقمق پٿر جا ننڍا ۽ ڪي وڏا ڳڀ ملن ٿا جي گهڻو ڪري اڻ گهڙيل آهن. انهن اڻ گهڙيل پٿرن جي ڍڳن مان ڪي گهڙيل ۽ تراشيل ڦر (chert blades) ۽ ڪهاڙيون به ملن ٿيون. انهن پٿرن جي عمر لکن سالن ۾ ۽ گهڙيل پٿرن جي عمر به هزارن سالن ۾ ڪٿي وئي آهي. ان مان سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قدامت جو انداز بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. روهڙي ٽڪرين مٿان انهن پٿرن گهڙڻ وارو ڪارخانو، سڄي سنڌو ماٿري ۾ مشهور هو. پٿاوالا ان بابت لکي ٿو ته:
”Mr. Carter considers some of these relics as belonging to the Microlithic age and others to the Neolithic age ranging from 6000 B.C. to 8000 B.C. These relics show that they were manufactured at certain central prehistoric factories such as the Rohri flint factory etc.“
(Historical Geography of Sind. P 20)
ان حساب سان سمير جي تهذيب (2900 ق م) ۽ مصر جي تهذيب 3200 ق م) کان سنڌو جي تهذيب اٽڪل روءِ ٻن هزارن سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي. جنهن ڪري اهو چوڻ غلط آهي ته سنڌو جون تهذيبون (cultures) مصر يا سمير جي تهذيبن جو نقل آهن.
اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح ۽ درست آهي ته وڌيڪ شاهوڪار تهذيبون پنهنجا اثر ۽ نشان، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي طور گهٽ شاهوڪار تهذيبن تي ڇڏيا آهن.جيئن اي. ڊي. پسالڪر پنهنجي مضمون ”دي انڊس وئلي سوليزيشن“ ۾ لکيو آهي ته:
”The most important piece of evidence testifying to the influence of the Indus Valley on Sumer is the fashion of hair-dressing adapted by Sumerian women from the Indus Valley.“
هڪ مکيه ثابتي يا شهادت جنهن موجب سنڌو تهذيب جو سميرين مٿان اثر ظاهر ٿئي ٿو اها آهي وارن جي سينگارڻ جو فن، جيڪو سنڌو تهذيب وارن سمير تهذيب وارن کي سيکاريو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سمير تهذيب سنڌو تهذيب کان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ ورتو ۽ موٽ ۾ ڪي معمولي واپاري شيون سنڌو تهذيب وارن کي وڪڻيون. مٿيون حوالو پسالڪر صاحب، ڪارليٽن جي ڪتاب ”مدفون شهنشاهتون“ تان قلمبند ڪيو آهي.
لائق محقق جو حوالو موئن جي دڙي مان لڌل ان پتلي ڏانهن آهي جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن ”ناچڻي“ (Dancing girl) ڪري سڏيو آهي. حقيقت ۾ اهو پتلو هڪ پوڄارڻ نينگري جو آهي، جنهن کي پوڄا لاءِ کٻي هٿ ۾ ڪٽورو آهي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سمورا لطيف فن (Fine Arts) منڍ ۾ پاٺ پوڄا جي رسمن سان گڏ مندرن، ديولين ۽ ٻين عبادت گهرن ۽ گهاٽن ۾ پرورش پائي راڄ سڀائن ۽ درٻارن تائين پهتا آهن. ان کان سواءِ فقط متمدن ۽ شاهوڪار سماج ئي انهن لطيف فنن جو قدر ڪندا آهن ۽ انهن کي همتائيندا آهن. نينگري جي وارن جي سينگار کان سواءِ سنڌي وڏڙا ڳوٺن ۾ وارن کي ڦڻي ڏيئي سڌي سينڌ ڪڍندا آهن. انهن جي وارن جي سنوار به بلڪل پروهت بادشاهه يا سکر ماڻهو جي وارن جي سينڌ ۽ سنوار سان مشابهت رکي ٿي.
ان پوڄارڻ نينگري کي کٻي ٻانهن ۾ عاج جون چوڙيون ۽ سڄي ٻانهن ۾ ڪرائي ۽ ٺونٺ وٽ چوڙا يا ڪنگڻ پيل آهن. ان ساڳئي نموني سان يعني ڪرائي کان وٺي ڪلهي تائين چوڙين پائڻ جو رواج اڄ به سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ واري حصي ۾ رائج آهي. ايتري قدر جو مسلمانن جي سکر گهراڻن جون عورتون به ساڳئي نموني سان ڪنگڻيون ۽ چوڙيون پائين ٿيون. چوڙين يا ٻانهي بابت سنڌي پهاڪا به مشهور آهن جهڙوڪ ”هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي جي ڪهڙي ضرورت“يا، ٻانهي واري جو ڀونڊو به ڀلو، ڇاڪاڻ ته ٻانهي سونهن جي نشاني آهي.
هتي مان اها ڳالهه لکڻ به تمام ضروري ٿو سمجهان ته اهرامن واري مصر جا رهواسي پنهنجن ڪپڙن کي سنڌ مان گهرايل نير (Indigo) ۾ ڌوئيندا هئا. ساڳئي وقت فرعونن جي لاشن (mummies) کي به سنڌي ململ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي تابوتن ۾ رکي، دفن ڪندا هئا.
ساڳي طرح پسالڪر صاحب ان دعويٰ کي به رد ڪيو آهي ته سنڌو تهذيب جا خالق (authors) ڪي سميري يا آرين آهن. هو صاحب البت ان ڳالهه کي قبول ڪري ٿو ته سنڌو تهذيب جي پڄاڻي ۽ پڇاڙي واري دور ۾ آرين جو ڪجهه اثر ڪن ماڳن تي نظر اچي ٿو ۽ بس. ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر ايف. اي. خان ڪري ٿو. خان صاحب لکي ٿو ته:
”If the links between the Indus and the Sumerian Civilization are simply due to trade and do not point to a common origin, then the discovery of the Indus Civilization is even more significant, because it reveals a high degree of cultural development which occurred independently in the Indus Valley.“
ڊاڪٽر خان صاحب جي ‘if’ جو جواب مان اڳيئي مٿي پسالڪر صاحب جي حوالي سان پيش ڪري آيو آهيان.
ٽن چئن سالن کان هڪ جرمن محققن جي ٽيم ڊاڪٽر مائيڪل جانسين جي رهبري ۽ ٻي ٽيم اٽلي جي ماهرن جي ڊاڪٽر موريزو ٽوزي جي رهنمائي هيٺ، گڏيل محنتن سان موئن جي دڙي تي ڪم ڪري رهيون آهن. انهن ٽيمن جي محنت ۽ تحقيق جي گڏيل رپورٽ تازو شايع ٿي آهي جنهن ۾ هنن صاحبن موئن جي دڙي مان حاصل ٿيل پٿرن جي مجسمن تي به تحقيق ڪيل مواد شايع ڪيو آهي. ان رپورٽ ۾ واضح ۽ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته پٿر جي مجسمن يا بتن گهڙڻ جو فن، موئن جي تهذيب وارن جو پنهنجو هو. بادشاهه پروهت وغيره وارا بوتا سنڌين پنهنجي تخيل ۽ محنت سان گهڙيا آهن. اهي نه ميسوپوٽيما مان نڪي هلمند وارين تهذيبن کان حاصل ڪيا ويا آهن. ان تحقيق، اهو به ثابت ڪيو آهي ته سنڌو تهذيب، سنڌو ماٿري ۾ ئي اڀري ۽ اسري هئي ۽ سنڌ ۾ رهڻ وارا سنڌو تهذيب جا خالق ۽ معمار آهن. مان ان رپورٽ مان ٻه ٽڪرا پيش ڪري رهيو آهيان:
”Obviously certain characteristics like the headband and the hairstyle of the divided bun and the two plaits gave reason to assume cultural contacts with the Helmand Civilization and more west with Mesopotamia, but the essential significance of the images must not necessarily be equivalent, The iconographic attributes show despit their similarities to neighbouring countries much individualism in their composition so that this is one more argument for the distinct charcter of the Harappan Civilzation.
It was the trefoil-desing on the garment of the ‘Priest King’ which initiated the interpretation as an image of a divine individual and the so called ‘kidney-shaped’ form of the ears underlines in our regard the important meaning of the bust. A careful examination of the position of its slightly extended right arm could, on the background of the posture of the other full-length sculptures, allow a reconstrusction of the fragment into a ‘squatting figure’ with hands resting on the knees. In this way, the number of stone sculptures from Mohen-Jo-Daro would extend to a total of eight figures, whose typical attribute is the pose of prostration. The subject matter on several seals may elucidate the ritual context in which we have to imagine the stone sculptures.“
پوئين ٽڪري ۾ مجسمن جي وهڻ جي طريقي ۽ گوڏن تي ٻانهن رکڻ جي انداز مان ظاهر ٿو ٿئي ۽ سمجهڻ ۾ ٿو اچي ته ڌرمي رسمون يا ڪريا ڪرم ادا ڪيا ٿا وڃن.
(Interim Report Vol 1. Is MEO- Aachen University mission. P 154)
[b]لوڪ ادب:
[/b] هاڻي مان پويون دليل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪو سڀن کان وڌيڪ اهم ۽ عام، صحيح ۽ صحتمند دليل آهي. اهو آهي ثقافتي رشتو ۽ سلسلو، تعلق ۽ ڳانڍاپو لوڪ ادب جو. لوڪ ادب ئي حقيقت ۾ هر ڪنهن قوم ۽ ملڪ جي تاريخ جو ماخذ آهي. ان سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته انسان پنهنجي زندگي ۾ پهرين باهه جي چوگرد ويهي رهاڻ ڪندا هئا. ان رهاڻ ۾ وڏڙا ڪمال سادگي سان پنهنجن شڪارن، قبيلن جي ويڙهن ۽ زالن وغيره جا قصا ۽ داستان ننڍن کي ٻڌائيندا هئا. انهن داستانن ۾ ڪن خيالي ديون ۽ پرين، ديوتائن ۽ ديوين جي امداد ۽ ويڙهه وارين ڪارواين جو گهڻو ڪري ذڪر ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح ڪهاڻي ٻڌائيندڙن (story tellers and singers) جو هڪ مخصوص طبقو پيدا ٿيو. جنهن نيون ڪهاڻيون، قصا، داستان ۽ روايتون (Tradition) نئين رنگ ۽ ڍنگ سان گهڙيون ۽ ڳائيون. انهن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ انساني ڪردارن سان گڏ غير انساني ڪردار به شامل ڪيا ويا. ساڳئي وقت داستانن ۽ روايتن ۾ ڪجهه حقيقي حالتون ۽ ڪجهه بناوٽي ماحول به بيان ڪيو ٿي ويو، ته جيئن ٻڌندڙن تي چڱي طرح اثر پيدا ٿئي. انهن قصن، ڪهاڻين، داستانن ۽ روايتن جو نالو لوڪ ادب رکيو ويو. حقيقت ۾ لوڪ ادب صدي جي تجربن ۽ آزمودن ۽ مشاهدن جي سچائي جو نچوڙ آهي.
ايڇ. جي. ويلس لکي ٿو ته جڏهن کان وٺي انسان ڳالهائڻ سکيو آهي، تڏهن کان وٺي ”داستان سرائي ۽ داستان گوئي“ کي انسان جي زندگي جو هڪ جاندار شغل سمجهيو ويو آهي. آکاڻين ۽ ڪهاڻين کي ناٽڪن ۽ سانگن رستي پيش ڪيو ويو آهي. ۽ رهيل اوڻاين کي وري اشارن ۽ رمزن سان پورو پئي ڪيو ويو. ان کان سواءِ منڍ کان وٺي، عوامي اهميت جي واقعن ۽ ڪارنامن کي، انساني ڪهاڻين جي شڪل ۽ صورت ڏيئي، مختلف موقعن تي ناچ، راڳ رنگ ۽ سانگ سونگ ۾ پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ مڪالما، نقالي، سر، لئه، ۽ تال تي چال ۽ خال سان گڏ، ساز ۽ سرود جو ميلاپ به ضروري سمجهيو ويو. هو صاحب لکي ٿو ته:
”Tale-telling has been an important living thing in human life since speech begain, and the most important elements of prose literature, a sense of phrase, invention, character study, are to be found wherever two or three women of any race gossip together. Dreams, very often monstrous and embodying the reactions against the necessary suppressions of primitive society, supplied a fantastic element n the early tale. Tales have always eked them selves out by dramatic gestures and interludes… and from an early age the memory of great events, the procedure of great occasions, was sustained by periodic narrative dances, in which speech and chant, imitation, rhythmic movement and instrumental sound were inextricably interwoven.“ (H.G.Wells: Outline of History pp 248, 249)
سنڌ جو هڪ عظيم محقق ۽ اديب ۽ عالم ڊاڪٽر اين.اي. بلوچ لکي ٿو ته:
”ڪهاڻيون (لوڪ ادب) تمام آڳاٽي دور ۾ اسريون ۽ ڪافي آڳاٽي وقت کان رائج ٿيون. اول، جن شخصيتن تي جيڪي ٿي گذريو، سو انهن پنهنجي ساٿين سان بيان ڪيو؛ پوءِ سورمن جا ڪارناما وڏن ننڍن کي ٻڌايا ۽ انهن پنهنجي اولاد کي سڻايا. جيئن وقت وچان پوندو ويو تيئن حقيقتن تي حڪايتن جو رنگ چڙهندو ويو تان جو حقيقي ڪشالا ۽ ڪارناما، قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي ويا. اهي ڪهاڻيون پوءِ محض وندر ۽ نصيحت خاطر وزيرن بادشاهن کي ٻڌايون ۽ وڏڙن ننڍن کي سڻايون. آخر ڪهاڻين جي عام مقبوليت سببان سگهڙ ساماڻا جن ڪهاڻي کڻڻ کي ”قصه خواني“ جي فن تي پهچايو. ٻڌندڙن جي تفريح خاطر، انهن ڪهاڻي کڻندڙن ۽ قصه خوانن پنهنجي بيان ۾ رنگيني پيدا ڪئي. ۽ ڪهاڻي کڻندڙن، ڪهاڻي جي کڻڻي ۽ پڄاڻي توڙي وچ واري ٽيڪا لاءِ خاص الفاظ، محاورا، اصطلاح ۽ جملا ايجاد ڪيا ۽ استعمال ڪيا.“ (سماهي مهراڻ جلد 2 نمبر 1-2 صفحو 144)
ٿي سگهي ٿو ته ڪن صاحبن کي لوڪ ادب جي انهي اهميت ۽ سچائي تي اڃا به شڪ ۽ گمان هجي. انهن دوستن کي پنڊت جواهر لعل نهروءَ، هڪ جڳ مشهور شاعر ۽ دانشور، گوئٽي جي نسبت سان جيڪو حوالو ڏنو آهي سو دل سان هنڊائڻ گهرجي. پنڊت صاحب لکي ٿو ته:
”Geothe is reported to have condemned those who said that the old Roman stories of heroism, of Lucretia and others were spurious and false. Any thing, he said, that was essentially false and spurious could only be absurd and unfruitful and never beautiful and inspiring and that ‘If the Romans were great enough to invent things like that, we at-least should be great enough to believe them.“
گوئٽي جو چوڻ آهي ته بلڪل بي بنياد، فرضي ۽ ڪوڙا داستان ۽ ڪهاڻيون اتساهه ڀريون ۽ ولوله انگيز ۽ بامقصد ٿي نه ٿيون سگهن. جيڪڏهن رومنس ايڏا عظيم هئا جن بهادري ۽ اتساهه ڀريون ڪهاڻيون ٺاهيون ۽ لکيون آهن ته پوءِ اسان کي به گهٽ ۾ گهٽ ايترو عظيم ٿيڻ گهرجي جو انهن ڳالهين تي اعتبار ڪريون.
ساڳئي وقت ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته ادب ۾ انسان جي پهرين ڪاوش ۽ تخليق نظم ۾ ٿي. نثر نويسي بعد جي ايجاد آهي. ان ڪري سڀ مذهبي، ڌرمي، ۽ ڪلاسيڪي تحريرون گهڻو ڪري نظم ۾ چيل ۽ لکيل آهن. افلاطون چوي ٿو ته تاريخ جي بنسبت شاعري حقيقت جي وڌيڪ ويجهو آهي. لانگ فيلو چيو آهي ته:
The bards sublime,
Whose distant footsteps echo
Through the corridors of Time
ٽينيسن چوي ٿو ته،
Jewels five-word-long
That on the stretched finger of all Time
Sparkle for ever.
۽ حضرت لطيف فرمايو آهي ته ”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين.“ سنڌي ادب جي شروعات به شاعري ۽ نظم سان ٿي آهي ۽ اسان جو لوڪ ادب به نظم ۾ ئي آهي. سنڌي لوڪ ادب مان ڪي ٽڪرا پيش ڪريان ٿو جن جو هن مقالي سان تعلق آهي. اهي لوڪ گيت، اسان جي هر ڪنهن راڳ ۽ موسيقي جي محفل ۾ ڳايا ويندا آهن ۽ هر هڪ مرد توڙي عورت، ٻار توڙي ٻڍو ان مان لطف وٺي ڌن ۽ لئي سان تاڙيون وڄائي فنڪارن سان فن ۾ شريڪ ۽ شامل ٿي ويندو آهي.
[b]1_ پپل تنهنجا پن ڙي، پپل تنهنجا پن ڙي،
[/b]
سڀ مڙاهيم سون ۾ ڙي لوٽو منهنجي کير پيڻ جو لوٽو،
لوٽو مون کي آڻي ڏي_ ساهه صدقي ڪيانءِ،
اول گهول وڃانءِ.
[b]2_ مور ٿو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي گجر جو، مور ٿو ٽلي،
[/b]
راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا،
سي ته مامن جي ڪلهي، سي ته چاچن جي ڪلهي، مور ٿو ٽلي.
[b]3_ ڍڳو پير پيران، او ڍڳو پير پيران ڍڳو هر نه هلي،
[/b]
ڍڳو پير پيران، ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو پير پيران.
[b]4_ آهين الله جي امان، کڳا ڙي متان خوش ٿين،
[/b]
کڻي جو هلندي سانءِ، وچ ته بزار ۾، ڳڀا ڪندين سانءِ چار
کڳا ڙي متان خوشي ٿين، ٽڪا وٽيندي سانءِ چار
کڳا متان خوش ٿين.
[b]5_ منهنجي گندڻ گنديءَ مان رات ڪتو کڻي ويو
[/b]
رات ڪتو کڻي ويو، رات ڪتو کڻي ويو،
منهنجو گندڻ گنديءَ مان.
وغيرهه
مون مٿين لوڪ گيتن ۾ لوٽي، کير ۽ پيپل جي پن، مور جي نچڻ ۽ ٽلڻ، مڇي جي قسمن مان کڳي ۽ گندڻ، هر ۽ ڍڳي جي هلڻ جو ذڪر ڪيو آهي. اصل ۾ اهي لوڪ گيت اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌندا آيا آهيون ۽ اميد ته اسان جا پويان به ٻڌندا رهندا. اسان اهي لوڪ ادب جا گيت صدين کان شعوري يا لاشعوري طور ٻڌندا، ڳائيندا وڄائيندا آيا آهيون پر اسان مان تمام ٿورن، اڃا به کڻي چئجي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن، انهن لوڪ ادب جي شهپارن جي سچائي ۽ قدامت تي ويهي سوچيو آهي.
ڍڳو (bull) اسان وٽ طاقت، سڀاڳ ۽ محنت جو نشان آهي ۽ اهو نشان (symbol) آهي محنت ۽ زراعت جو. ساڳئي طرح مور (peacock) اسان وٽ سونهن، سوڀيا ۽ نزاڪت جو، مڇي (fish) گهڻي پاڻي، خوشحالي ۽ لطافت جو ۽ پپل (The papal tree) جو وڻ، وڻڪار، وندر، قدامت ۽ عبادت جون علامتون (totem). قديم آثارن جي ماهرن کي مهرن کان سواءِ ٿانون ٿپن جي ٺڪرين تي به انهن ساهوارن جون شڪليون ۽ صورتون چٽيل مليون آهن. انهن چٽن جي فنگيني، نفاست، باريڪي ۽ ڪاريگري ڪمال درجي تي پهتل معلوم ٿي ٿئي. مٽي جي ٿانون جون ٺڪريون ڪي ٿلهيون ۽ ڪي بلڪل سنهيون آهن جن کي ڪاغذي ٺڪريون ڪري سڏجي ته بي جا نه ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ مکيه چٽن واريون ٺڪريون، اسان کي سنڌ، بلوچستان، چولستان، ساهيوال، راجستان ۽ ڪڇ گجرات جي پراڻن ڦٽي ويل دڙن، بٺين، ڪوٽن ۽ ڪوٽيرن جي تهن (Iayers) ۾ دٻيل (deposits) کوٽائي ڪندي مليون آهن. انهن قديم آثارن وارن جابلو ماڳن جي عمر ستن کان چار هزار سال ق.م ڪٿي وئي آهي ۽ ريگستاني ۽ ميداني علائقن جي ماڳن جي عمر ٽي کان ساڍا ٽي هزار سال ق م شمار ڪئي ويئي آهي. سبي ۽ ڍاڍر ڀرسان مهر ڳڙهه نالي سان هڪ تمام پراڻي وسندي کنڊرن جي صورت ۽ حالت ۾ لڌي ويئي آهي. جنهن جي عمر ابتدائي تحقيق موجب اٽڪل ڇهه ست هزار سال ق م ڪٿي ويئي آهي. اهو ماڳ دنيا جي قديم ترين ماڳن ۾ ٻيون نمبر آهي جڏهن ته پهريون نمبر جيريڪو (Jerico) جو ماڳ آهي جو اردن ندي جي ڪناري تي واقع آهي، ۽ اٺ هزار سال ق م واري دور سان تعلق رکي ٿو.
خوش نصيبي سان، اهڙن چٽن واريون ڪجهه ٺڪريون مون وٽ به موجود آهن ۽ مان جڏهن فرصت جي گهڙين ۾ يا ڪيئن به وقت بچائي ويهي انهن چٽن کي ڏسندو آهيان ۽ انهن جو اڀياس ڪندو آهيان تڏهن شاهه لطيف جو هيٺيون بيت هر هر دل تي تري ايندو آهي ته:
”مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦريم چت
هار کٽنديس هوڏ ۾، نيبهه ٿيندم نت
ڪونئرو جو ڪرت، مونهان مٿانهون ٿيو.“
منهنجي دل، سنڌو جي انهن ڪارگر ڪنڀارن کي سؤ سؤ سلام ڪندي آهي جن جي چٽن منهنجو منهن ۽ مان مٿي ڪيو آهي ۽ من موهيو آهي. اهي چٽ جتي اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي وڏن جي فن، هنر، آسودگي، خوش حالي، خوش مزاجي، منظم ۽ موثر سماج جي شاهدي ڏين ٿا، اتي اسان جي تاريخي قدامت ۽ سماج ۽ سڀيتا جي وارث هئڻ جي به ساک ڀرين ٿا. مور بابت وڌيڪ ائين به چيو ويو آهي ته سڪندر اعظم (356-323 ق م) سنڌ مان مور (ڊيل) جا ٻچا پاڻ سان سوکڙي طور کڻي ويو هو. ايران جي مجوسي پروهتن (Magi) کي مورن سان پيار هو ڇاڪاڻ ته سيمرغ يا سيماغ انهن جي ثقافت تي ڇانيل هو. ساڳئي طرح المسعودي به مور جي تعريف ڪئي آهي. سيد سليمان ندوي پنهنجي مشهور ڪتاب ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ۾ سنڌ جي جن عجيب جانورن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان مور به هڪ آهي. سيد صاحب مور جو احوال هڪ عرب سياح ۽ سوداگر ”ابن الفقية همداني“ جي حوالي سان ڪيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عرب سوداگر ۽ سياح سوٽي ڪپڙي، نير، جواهر، گرم مصالحن، دوائن، ناريل ۽ خوشبوئن سان گڏ مور ۽ تلوارن جو به واپار ڪندا هئا. جنهن مان بخوبي معلوم ٿئي ٿو ته مور ۽ انهن جا ٻچا به سنڌ مان ٻاهر عرب ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيا ويندا هئا. (صفحو 68) جا خط ته سنڌ جي مشهور ساز ”يڪتاري“ جو به ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”ڪدوءَ تي تار کي ٻڌي، ڇڪي وڄائيندا آهن. اهو ساز ستار ۽ جهانجهه وانگر سريلو آواز ڪڍندو آهي.“ (صفحو 127).
آر. سي. مجمدر ۽ ٻين مورخن هڪ شاهاڻي لشڪر جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو عرب حاڪمن ڪوفي ۽ بصري جي ماڻهن کان ڳريون رقمون وصول ڪري، تيار ڪيو هو. ان لشڪر جو نالو (Peacock Army) رکيو ويو هو. ان لشڪر جو سپهه سالار عبدالرحمان ابن محمد هو. جنهن سن 8 هجري (699 A.D) ۾ رتبيل (Ratbil) سان جنگ ڪئي هئي. طائوسي تخت جو احوال به تاريخن جي زينت پئي رهيو آهي. مورڇل شاهي وڃڻي جو نالو آهي جيڪو مور جي ٽڪين جو ٺهيل هوندو آهي. سنڌي ادب ۽ راڳ جي صنفن سان به مور جو تعلق آهي. ان کان سواءِ اڄ تائين ڳوٺاڻا اٺن جي ڏاس ڪترڻ مهل ڪترڻيءَ سان مور جا چٽ اٺن جي ڳچين تي سونهن خاطر ٺاهيندا آهن. مور جا چٽ ڪاٺ جي شهتيرن، ڪٻٽن ۽ دروازن مٿان به گهڙيا ويندا آهن. پراڻن مقبرن ۾ به مور ۽ مڇي جا چٽ ۽ نقش خوبصورت رنگن ۾ چٽل ڏٺا اٿم. هندوستان جي تمام مکيه ۽ پهرين حاڪم گهراڻي ”موريا“ جو تعلق به مور سان ڄاڻايل آهي. ان باري ۾ پنڊت نهروءَ جي ڪتاب گلمسز آف ورلڊ هسٽري ۾ حوالا موجود آهن. ان کان سواءِ اڄ تائين سنڌ ۾، موريا ۽ مورياڻي ذاتين وارا آباد آهن. ساڳئي نموني جون ڪي ٻيون آڪهيون جهڙوڪ ساريا، ڪيريا، ڀاٽيا، تنيا، ٻگهيا، تيوڻا، جويا، جوکيا، وغيره به سنڌ ۾ رهن ٿيون. ڪرنل ٽاڊ موريا بدران لفظ ”موري“ ڪم آندو آهي.
هاڻي مان هتي هڪ ٻئي ثقافتي اهڃاڻ جو ذڪر ضروري سمجهان ٿو، اهو آهي اجرڪ ۽ جتي. موئن جي دڙي مان جيڪو پروهت بادشاهه يا ٻين لفظن ۾ سکر ماڻهو جو (bust) مجسمو حاصل ٿيو آهي ان کي سوٽي اجرڪ پهريل آهي. جنهن تي ٽگلو ڇاپو يا ڇر جو ڪم ٿيل آهي. ان ساڳئي قسم جي گلن وارو اجرڪ صدين کان وٺي اڄ تائين، اسان وٽ استعمال ۾ ايندو رهي ٿو ۽ مقبول آهي، جڏهن ته موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪالهه جي ڳالهه آهي. ساڳي طرح سکر عورتون ٽن گلن واريون جتيون به استعمال ڪنديون هيون ۽ ڪن گهراڻن ۾ اڃا تائين استعمال ۾ آهن. ٽن گلن واري جتي مان سکرپڻي، سونهن ۽ سوڀيا جو اظهار ٿئي ٿو ۽ سنڌي عورت جي وقار ۽ شخصيت ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان جتي ۽ اجرڪ مان اسان جو تشخص ظاهر ٿئي ٿو. اسان وٽ ڳوٺاڻي سماج ۾ ڏڌي ڦٽي ۽ شهري سماج ۾ مڇي ماني خوشحالي جا معيار سمجهيا ويندا آهن. اسان ڪڏهن به قورمي ۽ پلاءُ، زردي ۽ برياني کي خوشحالي جو معيار نه سمجهيو آهي. ان کانسواءِ کير، مکڻ، ڦٽي ۽ ڏڌ چاڏي ۽ مانڌاڻي، ڳوٺاڻي سماج ۽ زندگي ۾ برڪت ۽ آسودگي جون علامتون سمجهيون وينديون آهن. ان ڪري مالوند کي ڀاڳيو يعني ڀاڳ وارو ڪري سڏيو ويو آهي. سو ڀاڳيا کير مان وڌيڪ مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مانڌاڻي يا چاڏي جي ڪني سان تائٿ ۽ تعويذ ٻڌي ڇڏيندا آهن. اها رسم اسان وٽ ڪا نئين نه آهي. فقط عقيدي ۽ اعتقاد جي ڳالهه آهي ۽ عقيدا انسان جي شعور ۽ سماج جي ارتقا سان گڏ بدلجندا آهن. اسان جا وڏا ۽ انهن جا وڏا اڄ کان پنج ڇهه هزار سال اڳي چاڏين تي مکڻ جي وڌيڪ اپت لاءِ ديوين کي ڇاپي يا چٽي ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته کير ڏيڻ وارا جانور جهڙوڪ مينهن، ڳئون ۽ ٻڪري سڱن وارا جانور آهن ان ڪري چاڏي مٿان چٽيل ديوي کي سڱن سوڌو چٽيو ويو آهي. جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن سڱن واري ديوي (Horned Deity) جي نالي سان قلمبند ڪيو آهي. ان ديوي جي چٽن واريون چاڏيون، ماهرن کي ڪوٽڏجي جي کوٽائي مان حاصل ٿيون جي چٽن کان سواءِ باقي صورت، شڪل ۽ بيهڪ ۾ اڄ جي چاڏين جهڙيون آهن يا ٿوري گهڻي ڦير گهير اٿن.
اهو سڀ ڪجهه، اسان جي ابن ڏاڏن، وڏن ۽ وڏڙن جو ورثو ۽ دستور، چٽ ۽ چٽساليون، فن ۽ هنر، ريتون ۽ رسمون، اسان اڄ تائين ڪمال سعادتمندي سان لاشعوري طور کنيو ۽ سنڀاليو اچون ٿا. اسان اهو ورثو تحت شعور جي تهن هيٺ لڪل خزاني مان ڪڍي، ڪجهه شعوري ۽ ڪجهه لاشعوري طور کنيو ۽ سنڀاليو اچون ٿا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته زندگي جي عبارت آهي شعور سان ۽ شعور جو ئي هڪ پهلو آهي علم، يعني حقيقت جو فهم. ان جي تهن ۽ گهراين تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ اسان پنهنجا سمورا حواس، عقل جون قوتون، فڪر جون باريڪيون، تجربن ۽ مشاهدن کان ڪم وٺون ٿا ۽ اڳتي وڌون ٿا. وقت گذرڻ سان اهو سڀ ڪجهه تحت شعور جي تهن ۾ صدين ۽ صدين تائين محفوظ ٿي رهي ٿو. ان کي ئي عالمن اندروني، روحاني ۽ نفسياتي سجاڳي، باخبري، واقفيت ۽ ڪيفيت سڏيو آهي. جيڪو پوءِ وقت سر، شعوري ۽ لاشعوري طور اسان جي فڪر ۽ عمل ۾ ظاهر ٿيو پوي. هاڻي جيڪڏهن اسان پاڻ کي سنڌو تهذيبن جا خالق ۽ معمار ۽ موروثي وارث نه سمجهون يا پنهنجي ان شاندار تاريخي ۽ ثقافتي دور جي ماضي کان انڪار ڪريون ته اها اسان جي بدبختي، جهالت ۽ ڪوتاه انديشي کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو. اها صدين جي پراڻي تهذيب ئي اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ ان سان ئي اسان جو تشخص آهي.
دنيا جا عالم ۽ محقق ان نتيجي تي پهتا آهن جيئن سر پي. آر ڪوڊيل چوي ٿو ته ٽالمي جو لفظ ”مناگر“ سنڌو جي مهاڻن لاءِ ۽ ڪاٺياواڙ جي ”مناس“ لاءِ استعمال ٿيو آهي.رائل ايشاٽڪ سوسائٽي جي سال 1938 واري جنرل ۾ سر ڪوڊيل ڏانهن هڪ حوالو منسوب ڪيو ويو آهي:
”Sir P.R. Cadell ascribes Minnager (mentioned by Ptolemy) to the aboriginal tribe of the Muhanas of Sind and Minas of Kathiawar.“
ان لکت موجب سنڌ جا اصلوڪا رهندڙ سنڌ جا مهاڻا آهن. يا وري جيئن هڪ، ٻئي محقق چيو آهي ته
”Taking the totality of available evidence, the hypothesis of a Dravidian authorship of the Harappan Civilization seems to offer the most promising line of investigation.”
(Ancient cities of the Indus P262).
ساڳي طرح جواهر لعل نهرو به چيو آهي ته اسان کي هر ڪنهن دستوري ۽ عملي مقصدن لاءِ دراوڙن کي ئي سنڌ جا اصلوڪا رهواسي سمجهڻ گهرجي. هو صاحب لکي ٿو ته:
”Who were these people of the Indus Valley Civilization and whence had they come? We do not know yet. It is quite possible, and even probable, that their culture was an indigenous culture and its roots and off shoots may be even in southern India. For all practical purposes we can treat them as the indigenous inhabitants of India.“
(Discovery of India. Pp 60 and 61.)
پنڊت نهروءَ جي ان خيال سان اختلاف ڪرڻ هڪ لازمي ۽ ضروري ڳالهه آهي ته سنڌو تهذيب جون پاڙون ڪو ڏکڻ هندستان ۾ هيون ۽ دراوڙن جو تعلق ڏکڻ هندستان سان هو. البته اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته آرين جي اچڻ کان پوءِ سنڌو جا اصلوڪا رهواسي لڏي ڏکڻ هندستان ۽ ٻين پاسي ويا هئا. ۽ اهي جتي ويا اتي پنهنجي مادري تهذيب جون باقيات به پاڻ سان کڻي ويا.
ڪن محققن ۽ مفڪرن جو چوڻ آهي ته سنڌو تهذيب جو ٻيو نالو ويدن واري تهذيب آهي. انهن محققن رگ ويد جي لکتن کي دليل طور پيش ڪيو آهي. مگر سر جان مارشل ان دعويٰ کي به مؤثر ۽ وزندار دليلن سان رد ڪيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته سنڌو تهذيب ويدن يا آرين واي تهذيب کان گهڻو پراڻي آهي ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ هڪ هزار سالن جي وڇوٽي آهي. ويدن واري تهذيب سنڌو تهذيب جي پڄاڻي ۽ پڇاڙي واري دور ۾ وجود ۾ آئي. ان ڪري ويدن واري تهذيب، سنڌو تهذيب جون ڪي مکيه روايتون، ڌرمي رسمون ۽ پنگتي رواج پنهنجي تهذيبي ورثي ۾ شامل ڪيا. باقي جيتري قدر سنڌو تهذيب جو تعلق آهي ته ان جي هڪ مڃيل جداگانه حيثيت آهي. ان حقيقت جو اظهار پنڊت نهروءَ هيٺين جملن ۾ ڪيو آهي.
”It is interesting to note that at this dawn of India’s story, she does not appear as a puling infant but already grown up in many ways. She is not oblivious of life’s ways, lost in dreams of a vague and unrealizable supernatural world, but has made considerable technical progress in the arts and amenities of life, creating not only things of beauty, but also the utilitarian and more typical emblems of modern civilization_ good baths and drainage systems.“
(Discovery of India. P60)
پنڊت نهرو جو اعتراف ته سنڌو تهذيب، فن ۽ هنر ۾، زندگي جي ضروري آسائشن ۽ سهولتن ۾، حسين شين جي ايجاد ۾، سڌريل سماج جي سودوادي ڪمن ۾ سڌريل هنري ۽ ڪاريگريءَ جا اپاءُ ورتا. جهڙوڪ صاف سٿريون وهنجڻ جون ڪوٺيون ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون. (۽ حسين مجسما)
ڪيترن عالمن جو اهو رايو آهي ته هن ويهين صدي ۾ جيڪڏهن قديم آثارن جي ماهرن کان ڪا عظيم تاريخي کوجنا ٿي آهي ته اها آهي ”سنڌو تهذيب جي دريافت“. ان تهذيب جي قدامت بابت صحيح فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته تهذيب جي مکيه مرڪز موهين “Mohen” جي دڙي ۾ زير زمين پاڻي (sub soil water) جي نڪري اچڻ ڪري وڌيڪ هيٺ کوٽائي وڏن خطرن کان خالي نه آهي ۽ جيستائين مڪمل کوٽائي نه ٿي آهي تيستائين ان تهذيب جي عمر ڪٿڻ يا مقرر ڪري ڇڏڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. بهرحال هن مهل تائين ڊاڪٽر مهتا ان جي عمر ست هزار سال، مسٽر چلڊ ان جي عمر حضرت نوح جي طوفان کان وڌيڪ قديم، مسٽر منشي ڇهه هزار سال ۽ مشهور محقق ايڇ جي ويلس واري خليج فارس ۾ جهاز راني بابت تحقيق موجب ڏهه هزار سال يعني اٺ هزار سال ق م تائين ڪٿي سگهجي ٿي. مهر ڳڙهه جي دريافت ۽ کوٽائي ست هزار سال ق م تائين پهتي آهي.
آڪٽوبر 1987 ۾ اسلام آباد ۾ ڇهين اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن مون کي لوڏي ڇڏيو، يعني ”اصحاب رس“ قرآن شريف ۾ ان قوم جو ذڪر سوره ”فرقان ۽ سوره ق“ ۾ عاد، ثمود ۽ ٻين قومن سان گڏ آيو آهي. سيد قاسم محمود پنهنجي ضخيم ڪتاب اسلامي انسائيڪلوپيڊيا ۾ اصحاب رس جو حوالو صفحي 174 تي قلم بند ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته اصحاب رس ان قبيلي يا ماڻهن لاءِ چيو ويو جن جو کوهه (يا کوهن) سان تعلق هو. جيڪڏهن اهو حوالو کوهن ڏانهن آهي ته پوءِ کوهن وارا شهر، دنيا ۾ سنڌو تهذيب وارا ئي شمار ڪيا ويا آهن؟ ان بابت وڌيڪ ڪجهه لکڻ کان قاصر آهيان. جيتوڻيڪ مسلم عالمن ان کي ڪنعان جو ملڪ سڏيو آهي.
”اصحاب رس“ متعلق مطالعو ڪندي، منهنجي نظرن مان ڪن اهڙن محققن جا مضمون گذريا جن سمير وارن جي تحريرن جو غور سان مطالعو ڪيو هو انهن جي تحريرن ۾ دلمون Dilmun يا تلمون Telmun، ماڪن Makkan ۽ ميلوها Meluha شهرن جو احوال ملي ٿو. دلمون بابت چيو ويو آهي ته ”دلمون جي زمين پاڪ (hole) آهي. دلمون جي زمين صاف سٿري آهي. هتي ڪانءَ رڙيون (ڪان ڪان) نه ٿا ڪن. هتي شينهن ڪنهن کي چيرين ڦاڙين نه ٿا. هتي بگهڙ رڍ کي نه ٿو کڻي. هتي ڪنهن به ننڍڙي ساهواري تي ڪتو نه ٿو ڀونڪي. هتي جهنگلي سوئر پوکون نه ٿا ڀيلين. هتي ڪوٺن تي بيواهن طرفان هاريل جَوَ پکي به نه ٿا کائين، هتي ڳيرا ۽ ڪبوتر ڪنڌ نه ٿا نمائين. هتي ڪوبه بيمار نه ٿو ٿئي نڪي ڪنهن کي اکين ۾ سور پوي ٿو. هتي عمر رسيده مرد يا عورت پاڻ کي ضعيف ۽ پوڙهو نٿا سمجهن. هتي ڇوڪريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين. هتي ڪنهن به ڪنواري ڇوڪري کي (سنت سبب) وهنجڻو نه ٿو پوي. هتي ندي اڪرڻ (شايد وقت يا حياتي جو سفر) واري کي ڪنجهڻو نه ٿو پوي. هتي مرثيو پڙهڻ وارو ڪونهي. نڪي پروهت کي ڦيرا پائي ڳوڙها وهائڻا پون ٿا. نڪي ڪو ڪنهن ديوار جو سهارو وٺي فرياد ڪري ٿو. دلمون ۾ مٺي پاڻي جا کوهه ۽ چشما آهن. دلمون ۾ ٻنيون سر سبز فصل اپائين ٿيون. دلمون جا ٻيڙا ڏيساورن ڏانهن مال نين ۽ آڻين ٿا ۽ جنهن شهر جي رکوالي ماتا ننسيڪلا Ninsikilla ڪري ٿي. اهو شهر سمير جي اوڀر ۾ آهي جتان سج اڀري ٿو.“ اهو ڪتبو ٻه هزار سال ق م پراڻو آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ملڪ يا شهر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ سنڌ يا ڪو ٻيو. ڪن عالمن بحرين کي اهو ملڪ ٺهرايو آهي. انهن جي راءِ کي سيوئل اين ڪريمر، رد ڪندي لکيو آهي ته اهو ملڪ فقط سنڌ جي سرزمين آهي.هو صاحب لکي ٿو ته:
”To be sure Dilmun has been identified by most scholars with the island of Bahrein in the Persian Gulf, and a large and highly competent expedition has been excavation there for close to a decade because of its faith in the identification (Glob and Bibby: 1960). But the discoveries at Bahrein to date have hardly justified this faith, and the description of Dilmun as the place ‘where the sun rises’, in the Sumerian Flood-story speaks definitely against the Bahrein-Dilmun identification.” (Ancient Cities of the Indus. P 173).
جڏهن سمير وارا خود، ڪنهن ٻئي ملڪ ”دلمون“ جو ذڪر ڪن ٿا ته اهو ملڪ سمير ته ٿي نه ٿو سگهي ۽ پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ملڪ سنڌ آهي. ٻي ڳالهه ان تحرير مان اها پڌري ٿئي ٿي ته ان ذڪر ڪيل تهذيب جا بانيڪار خود سمير وارا نه آهن. ته پوءِ سنڌو جي سرزمين تي رهڻ وارن سنڌين کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو.
البت اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بحرين ۽ ايراني نار وارا ڪي ٻيا خطا سنڌو تهذيب جي اثر هيٺ رهيا آهن. انساني لڏ پلاڻ ۽ سمير ۽ سنڌوءَ جي وچ ۾ هڪ منزل طور سنڌي واپارين ۽ ڪن ٻين ملڪن جي واپارين جي لهه وچڙهه ڪري اتي ڪي قديم وسنديون وجود ۾ آيون هجن، جن جون باقيات هاڻي دريافت ٿي رهيون آهن.
ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ صفحي 51 تي لکيو آهي ته سنڌو تهذيب جي شهرن کي جن قديم ماڻهن وسايو سي هاڻوڪن ڪولهين، ڀيلن، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. هن صاحب جو وڌيڪ اهو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن مان ڪن جون کوپريون لڪي، سيوهڻ ۽ شاه بلال نوراني واري واٽ تان لڌيون ويون آهن. ٻئي طرف سنڌو تهذيب جي مکيه مرڪزن موهين جو دڙو، هڙاپا ۽ لوٿل مان جن به ماڻهن جا ڍانچا قبرن مان يا ڪن ڪوٺين ۽ ڳلين مان مليا آهن، سي سڀ ڪنهن هڪ نسل سان تعلق نه ٿا رکن. ان ڪري يقين سان انهن بابت ڪا حتمي راءِ ڏيڻ قبل از وقت ٿيندو. دراصل سنڌو جا مکيه شهر واپاري مرڪز هئا جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو ايندا هئا. اهي گڏيل قومن جا بين الاقوامي شهر (cosmopolitan) هئا. سنڌو تهذيب جي ساک ان ڪري ديسان ديس پکڙي هئي. سنڌ جا ڪي شهر ساڳي حيثيت اڄ به رکن ٿا.
باقي ڪاڪي ڀيرومل جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي يعني ڀيل، ڪولهي، سنٿال ۽ منڊ، اهي نالا حقيقت ۾ آرين جي اچڻ ۽ ذاتين ۽ ذاتين سان گڏ ڌندن، ڪمن ۽ ڪرتن جي جنم وٺڻ کان پوءِ، آرين ڪن سنڌي قبيلن مٿان مڙهي ۽ انهن کي تڙي ٻاهر ڪڍيو. سنڌو تهذيب واري دور ۾ انهن جو وجود ڪونه هو. ان ڏس ۾ نيرڪس جو حوالو تمام وزندار ثابت ٿيندو. نيرڪس جي لکڻ موجب سنڌ ۾ ان وقت (325 ق م) فقط ٻه گروهه يا قبيلا رهندا هئا. هڪ ميداني علائقن ۾ ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪنارن تي ۽ ٻيو جبلن ۽ ماٿرين ۾. ائين انسان جي لڏ پلاڻ وارو عمل هزارها سالن ۽ صدين کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي ٿو. چيني مفڪر لن يو تانگ جي قول مطابق ان لڏ پلاڻ جي ڪري ئي تهذيبون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن وڌيون ۽ دنيا ۾ پکڙيون آهن. مان جيڪر ائين چوان ته اها آواره گردي ۽ صحرانوردي واري خوءِ ئي انسان ذات جي بقا ۽ ارتقا جو بنيادي ڪارڻ آهي.
اها حقيقت به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌو تهذيب جنهن کي موهين ۽ هڙاپا واري تهذيب سڏيو وڃي ٿو، ان جي بالغ (Mature) ٿيڻ کان اڳ منڍ واري دور ۾ به سنڌو جي ڌرتي تي آمري، ڪوٽ ڏجي ۽ ڪي ٻيون تهذيبون (Cultures) اڳيئي اڀري اسريون هيون ۽ جي ڪوهستاني ۽ ريگستاني علائقن ۾ سڌريل ڳوٺاڻن سماجن جي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون. سنڌو تهذيب کي جنم ڏيڻ وارا حقيقت ۾ اهي ڳوٺاڻا سماج هئا. انهن ڳوٺاڻن سماجن گڏجي ڪن وڏن شهري سماجن کي ڄڻيو، جنهن کي سنڌو تهذيب سڏيون ٿا.
مثال طور چئي سگهجي ٿو ته نئنگ، ڪائي، جهانگر، پير لاکو، لوهري وغيره ننڍن ڳوٺاڻن سماجن گڏجي سيوهڻ شهر کي هڪ سڌريل شهري سماج ۾ تبديل ڪيو. ساڳي طرح باڊه، نصيرآباد، خيرپور جوسو ۽ ڌامره جي ڀر پاسن وارن ڳوٺاڻن سماجن گڏجي موهين ۽ جهڪڙ جي دڙن وارن شهري سماجن کي اسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ۾ هٿي ڏني. غازي شاه، ٽنڊو رحيم، راڄو ديرو، واهي پانڌي ۽ علي مراد شاهاڻي، ٻنڌڙي، چورلو، ڏلهه، پوکڻ، ڪوهتراش، ٿاڻو عارب ۽ اوٿمان، ڪرچات، گجو، ٺارو، نهوٽو، ليمون جوڻيجو، جهڏيرڻ، ابن اوڍو، چانهو دڙو، نڪو، بلو بٺي، وغيره ڳوٺاڻا قديم سماج ڪي الڳ الڳ ۽ جدا جدا سماج نه آهن پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ تعلق رکڻ وارا سماج آهن ۽ آمري، ڪوٽ ڏجي، مهن، اروڙ، ۽ سيوهڻ وارن وڏن سڌريل شهري سماجن جا سرچشما، حصا، جزا ۽ عضوا آهن. هتي ڊاڪٽر ايف. اي. خان جو رايو سند طور پيش ڪري رهيو آهيان. هو صاحب چوي ٿو ته:
”It does suggest that the Indus Civilization was an indigenous development that arose out of the evolution of developed village cultures in a favourable environment. It emphasizes the sub-continental roots and the consequent style which gives the civilization its uniqueness.“
(International Symposium on Mohen-Jo-Daro. P 90)
ڊاڪٽر ولاٽر فيئر سروس ان حقيقت جي تائيد وري هن ريت ڪري ٿو ته:
”The ultimate and perhaps most telling evidence bearing on the character and history of the Harappan civilization is Indian civilization itself… the evidence we have indicated that a ‘great tradition’ marked by both urban and rural elements evolved out of hybrid ‘little communities’, characteristic of the pre- Harappan Indus Valley.’ These were not isolated elements but were interrelated, in the Mature Harappan stage of development they had been transformed into an indigenous or ‘primary’ civilization in which village and city alike shared a common culture.”
(An cient Cities of the Indus. P 89).
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن ننڍن مگر سڌريل ڳوٺاڻن سماجن سان شهري وڏن سماجن ملي هن تهذيب کي شاهوڪار ڪيو. انهن ٻنهي سماجن جي وچ ۾ هڪ مسلسل ربط ۽ ضبط هو ۽ تهذيب جي ترقي ۽ شاهوڪاريءَ ۾ به ٻنهي سماجن جو گڏيل حصو هو. ان تهذيب ۾ ٻنهي شهري توڙي ڳوٺاڻي سماجن جو جهلڪيون صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيون. هڪ اهڙي تهذيب جنم ورتو جنهن جا واپاري تعلقات ايرا، سمير، ڪريٽ ۽ مصر سان هئا ۽ اها پنهنجي ڪن خاص خوبين ۽ خصلتن سبب انهن پنهنجين همعصر تهذيبن کان ڪيترين ڳالهين ۾ اتم هئي. جنهن تهذيب ۾ صاف، سٿريون ۽ سڌيون گهٽيون هيون. انهن ۾ اڳيان دوڪان ۽ دوڪانن جي پويان گهر اڏيل هئا. گهر گهر ۾ کوهه هو ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا ۽ ناليون هيون ۽ جي باقائدگي سان صاف ڪيون ويندون هيون. گهٽين ۽ رستن مٿان وڌايل ڪابه شيءِ (encroachment) ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي. جنهن ۾ جوتش جي گيان سان گڏ صحت جي اصولن تي ماڻهن کي هلايو ويندو هو. جنهن ۾ ٻارن جي وندر ۽ تفريح لاءِ طرح طرح جا رانديڪا ٺاهيا ٿي ويا. جنهن تهذيب ۾ وڏن جي وندر لاءِ شطرنج ۽ ٻيون رانديون هيون. جنهن سماج ۾ هنرمندن ۽ پورهيتن لاءِ عزت ۽ احترام هو. جنهن سماج ۾ سون، چاندي، ڪٽ ۽ قميتي ۽ نيم قيمتي پٿرن مان چوڙيون، هار، ٿانو ٿپا ٺاهيا ويندا هئا. جنهن سماج ۾ ڪنڀرن مٽي جي ٿانون جهڙوڪ دلن، مٽن، ماٽين، لوٽين، لوٽن ۽ چاڏين مٿان مزي مزي سان اهي رنگ به رنگي چٽ ۽ شڪليون ٿي چٽيون جن کي ڏسي اڄ به دليون هرکيو پون. جنهن تهذيب ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اڏاوتون ماحول ۽ حالتن مطابق، ترتيب ۽ ضابطي سان ٺاهيون ٿي ويون ۽ جو سماج سچ ته فلاحي، خوشحال، امن پسند ۽ انسان دوست هو.
هن سموري مقالي جو ۽ مقالي ۾ ڪيل بحث مباحثي جو حاصل مطلب هيٺين ٽن نقطن ۾ سموئي سگهجي ٿو.
1_ سنڌو تهذيب ڪا نئين ۽ اوچتي وارد ٿيل نه آهي. پر هڪ اها تهذيب آهي جنهن کي سنڌ جي منڍ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺاڻن سماجن گڏجي وڌايو ۽ پوءِ هڪ ٿي، هڪ ٻئي کي هٿي ڏيئي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متمدن، شاهوڪار، سڌريل، فلاحي، وسيع ۽ ويڪري سماج جي شڪل بخشي. منڍ وارا ڳوٺاڻا سماج ڪوهستاني ۽ ريگستاني هئا. مگر سنڌو تهذيب انهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سڌريل، وڌيڪ سجاڳ، وڌيڪ هنرمند، وڌيڪ پيداواري ۽ واپاري سماج هو، جو درياهن جي ڪپن (banks) ۽ سمنڊ جي ڪنارن (shores) سان وڌندو ويو. ان جا آثار ۽ اهڃاڻ سنڌ، بلوچستان، چولستان، ساهيوال، راجستان ۽ ڪڇ گجرات وارن علائقن ۾ ملن ٿا. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سنڌو تهذيب جي هر ڪنهن مرڪز جي کوٽاين مان، مٿين تهن مان بالغ ۽ منڍ يا ابتدائي سنڌو تهذيب جون باقيات ملن ٿيون مگر هيٺين تهن مان جيڪي باقيات ملن ٿيون تن جو تعلق سنڌو جي وڌيڪ پراڻن ڳوٺاڻن سماجن جهڙوڪ ڪوٽ ڏجي، آمري وغيره سان آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب اڪيلي ۽ يڪ سر نه اڀري آهي ۽ نه اوچتو مٿان ڪنهن ٻئي خطي مان نازل ٿي آهي. ان ڪري سنڌو تهذيب (Indus Civilization) بلڪل سؤ في صد خالص ”ميڊ ان سنڌ“ آهي ۽ نه امپورٽيڊ يا ميڊ ائز سمير يا ايجپٽ آهي.
2_ سنڌو تهذيب ۾ روح آهي، جان آهي ۽ زنده رهڻ جون صلاحيتون ۽ قوتون آهن. ان ڪري ان ۾ هڪ نه مٽجڻ وارو تسلسل آهي.هن تهذيب ۾ تاريخي، لساني، سماجي ۽ ثقافتي صدين وارا پراڻا مگر ساڳيا مضبوط پڪا ڪيل يعني ڪنساليڊيٽيڊ (consolidated) عنصر (elements) ۽ اثر (effects and impressions) ۽ ارڪان (traits) موجود آهن جيڪي شعوري ۽ لاشعوري طور اڄ به سنڌي پنهنجي ٻولي، ثقافت، سماجي، زرعي ۽ ٻين ريتن ۽ رسمن ۾ سانڍيو، کڻندا ٿا اچن ۽ بنيادي سنڌين جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ وهڻ، کاڌي پيتي ۽ روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ سائنسي ايجادن انهن ۾ ڪي قدر تبديلي آندي آهي، جو هڪ سڀاويڪ عمل آهي.
3_ سنڌي تهذيب جي منڍ وارن ننڍن ننڍن گڏيل ڳوٺاڻن سماجن جا ۽ پوءِ سڌريل شهري سماج جا خالق ۽ معمار بنيادي طور اوائلي سنڌي ڳوٺاڻا آهن. جن سنڌ جي زمين، پاڻي، آبهوا ۽ ٻين قدرتي نعمتن، ماحول ۽ حالتن (atmosphere and environment) مطابق، پاڻ کي هر دور ۾ ٺهڪائي، آهستي آهستي ذهني شعور ۽ جسماني طاقت موافق، سماجي ارتقا جون منزلون طئي ڪيون. تاريخ ۾ انهن ائبرو جينز (aborigines) کي ڪولهي، ڀيل، سنٿال، منڍ ۽ دراوڙ ڪري لکيو ويو آهي. سماج انهن کي شڪاري، هاري ناري، مهاڻا، ميربحر، ڪنڀار، ڪمي ۽ ڪاريگر سڏيو آهي. پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ ابدي سچ (Eternal Truth) آهي ته سنڌو ماٿري ۾ صدين ۽ صدين کان رهڻ وارا بنيادي سنڌي هئا ۽ اهي ئي سنڌو جي سڀني تهذيبن (Cultures and Civilizations) جا خالق ۽ معمار آهن. اهي هن ڌرتي مٿان ان وقت کان رهندا اچن ٿا جيڪو ڪٿي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هنٽنگ ۽ فشنگ سوسائٽين (hunting and fishing societies) جي عمرين جو صحيح ڪاٿو هن سرزمين تي لڳائڻ هن وقت، قدري مشڪل ۽ ڪٺن آهي.
آخر ۾ قديم آثارن جي ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن کي عرض ڪندس ته سنڌو تهذيب جي مختلف پهلوئن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي جو، ڳوٺاڻي سماج ۽ ماحول جو به مطالعو ڪن. مثال طور اها هڪ بلڪل نئين ۽ نڪوري دريافت ٿي آهي ته موهين جي دڙي ۾ جيڪو اسٽوپا ۽ آس پاس وارو شهر (Citadel) آهي اهو سرن جي پليٽفارم مٿان تعمير ٿيل آهي. حقيقت ۾ اسان وٽ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. اسان وٽ اهي ننڍا وڏا ڳوٺ جن کي هر وقت ٻوڏ جو خطرو پي رهيو آهي، سي مڏن (piles)_ مٿان اڏيل آهن ۽ اسان انهن مان ڪن کي ”ماڏو“ نالو رکي سڏيو آهي. بوبڪ شهر اڄ به ان تاريخي حقيقت لاءِ ثبوت طور موجود آهي. ان کان سواءِ قديم آثارن وارن ماڳن جا نالا به درست ڪري لکيا وڃن. پوکڻ باران ماٿري ۾ واقع آهي ۽ رڪارڊن ۾ ان کي پوکران لکيو ويو آهي وغيره. دادو ڀرسان لهڻ جي دڙي کي لهم، واهي پانڌي کي پنڊي واهي ڪري لکيو ويو آهي. ساڳي طرح دلو، دامن ۽ دلمو؛ مل، ملهه، ملوها ۽ ميلوها، ماڳن ماڪو ۽ ماڪا سنڌي ٻولي جا لفظ آهن ۽ ڪن ماڳن ۽ ماڻهن جا لقب ۽ نالا آهن. پر اسان جا ماهر انهن کي ڪٿي جو ڪٿي ۽ ڇا جو ڇا سڏي ابتا سبتا رايا اخذ ڪيا آهن. ان کان سواءِ قديم آثارن جي ماڳن جي حفاظت لاءِ به جوڳا اپاءُ ورتا وڃن. ٻي صورت ۾ دادو ضلعي ۾ لهڻ دڙي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ ڏيپر گهانگهرو دڙي وانگر ڪيترائي ٻيا شاهوڪار ماڳ انساني هٿ چراند ڪري مٽجي ختم ٿي ويندا ۽ اسان مکين وانگر مٿو پٽيندا ئي رهجي وينداسين. ساڳئي وقت قديم نالن کي نه بدلايو وڃي. ايئن ته اسان پنهنجي تاريخ کي پاڻ ڪهندا رهنداسين، جو زنده ۽ باوقار قومن جو شيوو نه آهي. ساڳئي وقت اهو به عرض ڪندس ته مهرباني ڪري حقيقتن کي مفروضن ۾ ٺهڪائڻ جي به ڪوشش نه ڪئي وڃي. اسان جي تهذيب جا اهي قداور آثار ۽ اهڃاڻ صدين کان وٺي آسماني ۽ آفاقي واقعن ۽ حادثن جو مقابلو ته ڪندا آيا آهن پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اڄ جي پيداگيرن جي دست درازين ۽ هٿ چراند کان پناهه پني رهيا آهن. ان سلسلي ۾ تمام ضروري آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ اهڙو جامع ۽ مؤثر ائڪٽ (Act) پاس ڪري انهن قديم آثارن ۽ ٻين تاريخي اهميت وارن جڳهين جي سنڀال ۽ فقط سنڀال جو ڪم ضلع ڪائونسلن کي سونپين. جنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه مالي امداد انهن ڪائونسلن جي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ دولت جي حريص هٿن کان انهن آثارن ۽ ماڳن جو بچڻ محال ٿو نظر اچي.*
[b](هي مضمون ڪتاب ”سنڌو تهذيب“ صفحو 12 کان 49 ڇپيندڙ کير ٿر پبلشرز دادو تان کنيل آهي).[/b]