سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌ، عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين دوران: ايڇ ٽي ليمبرڪ

عيسوي سن جي پهرينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾، اُتر الهندي هندستان مٿان پارٿين لوڪن جي بادشاهيءَ جو ڪشن لوڪن جي هٿان انت آيو. اهي ماڻهو وچ ايشيائي غول ”يوچي“ جي پنجن قبيلن منجهان هڪ قبيلو هئا، جن اٽڪل ٻه صديون اڳي ساڪه لوڪن کي بئڪٽريا مان هڪالي ڪڍيو هو. ڪُشن لوڪن جي سردار، ڪجولا ڪدفائيسز پاڻ کي سڄي ”يوچي قوم“ جي مٿان اعليٰ ترين طاقت جو ملڪ بنايو، ۽ هن سن 50ع ڌاري ڪابل ماٿريءَ تي قبضو ڪيو. هن جي پُٽ، وما، ٽئڪسلا ۽ ان جا ملحق علائقا پنهنجي سلطنت ۾ ملايا.
وما جو جانشين ڪنشِڪُ شايد سن 78ع ۾ ڪُشن گهراڻي جي تخت تي ويٺو، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ هن پاڻ کي اُتر سنڌ جو بالا حڪمران بنائي ڇڏيو. بهاولپور جي قريب سُئي وهار ۾ لڳل هڪ ڪتبي ۾ هن پاڻ کي ”ڪنشِڪا، بادشاهن جو وڏو بادشاهه، ۽ ديوتائن جو پٽ“ سڏيو آهي. انهيءَ ڪتبي جي تاريخ، مقدوني مهيني ڊائسيوس جو اٺاويهون ڏينهن آهي، جيڪو هن جي راڄ جي يارهين سال ۾ آهي. (1) ڪَنشڪَ ڪشمير، گنگا ماٿريءَ ۽ اتر ۽ اولهه هندستان جي وڏي علائقي کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو ته هن پارٿين لوڪن سان هڪ طويل ڪامياب جنگ ڪئي، ۽ ابتدائي شڪست کائڻ کان پوءِ، آخرڪار هن چين کان ڪاشغر، يارقند ۽ خُطن جا صوبا کسي ورتا.
ڪنشڪَ، پُرش پور کي پنهنجي دارالحڪومت جو شهر بنايو، جيڪو پشاور جي ويجهو هو، ۽ هن پنهنجي وسيع سلطنت تي وائيسرائن جي ذريعي اُتان ويٺي حڪومت هلائي. معلوم ٿئي ٿو ته جن شخصن کي هن هندستاني صوبن جي حڪمراني ڏني، انهن ۾ ڪيئي پهلوا ۽ ساڪه قومن جا سردار پڻ شامل هئا، جن مان ڪن پارٿيا جي عظيم بادشاهه کي پنهنجو بالادست حڪمران تسليم ڪيو هو ۽ ڪي مڪمل طور خود مختيار هئا. هن ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪَنشِڪ، هندستاني فتوحات ڪرڻ لاءِ انهن سردارن کي وڏيءَ حد تائين استعمال ڪيو. اعليٰ درجي واري گورنر کي ”مهاکشترپا“ ۽ گهٽ درجي واري گورنر کي ”کشترپا“ جو خطاب مليل هوندو هو. اهي نالا ۽ لقب هنن کي پارٿين لوڪن کان ورثي ۾ مليا هئا. (2)
ڪَنشِڪُ اٽڪل ٽيويهن سالن جي بادشاهيءَ کان پوءِ عيسوي سن جي ٻي صديءَ جي شروعات ڌاري گذاري ويو. هن جي جانشينن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور هوويشڪ ۽ واسوديو ٿي گذريا آهن. انهن ٻنهي مان پوئين نالي وارو ڪنشڪ جي تخت تي ويهڻ کان اٺانوين سال به بادشاهي ڪري رهيو هو. ڪَتبن جي شهادت مان هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪجهه بنياد ملي ٿو ته ڪنشڪ کان هڪدم پوءِ سندس جانشين واشسڪ هو، ۽ هُن ڪي چار يا پنج سال حڪومت ڪئي، اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته واشسڪ جي پٽ، جنهن کي ڪنشڪ ٻيو پڻ سڏيو ويو آهي، ڪجهه سالن تائين هوويشڪ سان گڏجي، مشترڪه طور، بادشاهي ڪئي هئي. هڪ ڪتبي ۾، جيڪو انهيءَ گهراڻي جي ايڪيتاليهين سال جو آهي، انهيءَ ٻئي ڪنشڪ کي ”مهاراجا ديوپتر“ جي خطاب سان سڏيو ويو آهي، جيڪو خطاب ڪشن گهراڻي جي بادشاهن طرفان عام طور اختيار ڪيو ويندو هو، ٻئي طرف، هوويشڪ ۽ واسديو جي سڪن جي گهڻي مقدار ۽ واشسڪ ۽ ڪنشڪ ٻئي جي سِڪن جي مڪمل عدم موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته پوين ٻن نالن وارا حڪومت ۾ محض ثانوي حيثيت ۾(3) زيردستن طور شريڪ ڪيا ويا هئا.
ڪتبن ۽ ٻين ثبوتن ۽ شهادتن مان ظاهر آهي ته هوويشڪ ڪابل، ڪشمير ۽ جمنا جي ڪناري واري مٿرا تي بادشاهي ڪندوهو. انهيءَ مڃڻ لاءِ ڪجهه سبب آهن ته آخر ۾ هو مالوا جو قبضو وڃائي ويٺو هو، ٻئي طرف اُتر سنڌ تقريبا وڌيڪ ٻن صدين لاءِ ڪُشن سلطنت جو حصو رهي. موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي بانيءَ، آر. ڊي. بئنرجيءَ، اتان جي ڪيترين ئي ٻڌ ڌرم جي عمارتن مان هوويشڪ جي جانشين واسوديو جي سڪن جو وڏو تعداد لڌو، جيڪي ٽامي جي مشهور معروف نموني جا ٿلها سڪا هئا، ۽ انهن تي شو ۽ سندس ڍڳي جي شبيهه اڪريل هئي. کوٽائيءَ جي ساڳئي تهه ۾ ڀتين تي نڪتل تصويرن جا ڪي ٽڪرا ڏٺا ويا، جن تي برهمي ۽ ڪروشٿي ٻولين جي ڪَتبن جا ڪي اکر لکيل هئا، اُهي تصويرون مخصوص نموني جي ڪُشن طرز جي عڪاسي ڪري رهيون هيون، ۽ اهڙيون ئي ٻيون تصويرون سر آريل اسٽين کي خطن جي علائقي مان مليون هيون. اُنهن جي دور بابت، بهرحال شڪ آهي. موئن جي دڙي جي ٻڌ ڌرم وارين سطحن مان وڌيڪ تعداد ۾ لڌل ٻين سڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي سڪا اهڙي نموني جا هئا، جيڪي بظاهر ان علائقي لاءِ مخصوص هئا. اهي ڌاتوءَ کي پلٽي ٺاهيا ويا هئا، ۽ نه ڌڪ ذريعي مهر جو ڇاپو هڻي. انهن جي شڪل مستطيل هئي ۽ انهن تي هڪ اهڙي شبيهه ٺهيل هئي، جيڪا صليب، ترشول يا ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ علامت سان وابستا ٿي سگهي ٿي. پر انهن تي ڪي به اکر لکيل ڪين هئا. انهن سڪن تي نظر ايندڙ شاهي شبيهه تي پيل لباس جي شهادت جي آڌار تي معلوم ٿئي ٿو ته اهي بعد واري اُنهيءَ زماني سان وابستا آهن، جڏهن ڪُشن گهراڻي جا هندستاني علائقا پنجاب جي سرحدن کان مشڪل ڪي ٻاهر هئا. ان جي باوجود، اُتان لڌل هڪ ٻئي نموني جي سڪي جي هڪ طرف باهه جو قربانگاهه ۽ ٻئي طرف ماڻهوءَ جي شبيهه نڪتل آهي. اهي علامتون، فقط ڪدارا ڪُشن لوڪن ۽ ساسانين جي سڪن تي نڪتل آهن، پر ساڳئي وقت اُهي شبيهون هيفٿالائيٽ لوڪن يا اڇي چمڙيءَ وارن هوڻ لوڪن پڻ اختيار ڪيون هيون ۽ ساڳئي نموني جي ڪن ٻين سڪن کي، جيڪي ٻين هنڌن تان لڌا ويا آهن، وڏي اعتماد ۽ يقين سان عيسوي سن جي چوٿين يا پنجين صديءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. (-A3)
اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف، جهڪڙ وٽ،هڪ قديم آثار جي ”قريبي“ زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ شهادت وارا سڪا لڌا ويا آهن. اتي واسو ديو جا سڪا پڻ لڌا ويا هئا، پر انهن سڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا مليا، جيڪي موئن جي دڙي واري ”اسٽوپا“ جي قريب ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. ان کان سواءِ، هنن سڪن جهڙا ڪي سڪا ”يا ته ٺڪر جي انهن مُهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا انهن سان گڏ مليا، جن تي گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪي شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان گهڻيءَ قدامت جا ناهن. (4)
جهڪڙ وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾ زيرين سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعو ۽ حالتن تي، جيتريقدر به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ گهرجي.
هيءَ ڳالهه ذري گهٽ اڻٽر هئي ته شاهي نسل جا ماڻهو، جيڪي هيڏي وسيع سلطنت جي دور دراز صوبن جي نائبي اختيارن هلائڻ لاءِ مقرر ڪيا ٿي ويا، اُهي مرڪزي اقتدار سان فقط ان وقت تائين وفادار رهي ٿي سگهيا، جيسين اُن مرڪزي اقتدار جو مالڪ غير معمولي صلاحيتن جو ڪو شخص هجي. معلوم ٿئي ٿو ته ساڪه گورنرن جون خود مختياريءَ ڏانهن مائل حڪومتون ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ دوران، ڪشن گهراڻي جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳي، اجين ۽ مٿورا جي علائقن جي عظيم ساڪه گورنرن جون هر عملي صورت ۾ خود مختيار حڪمرانيون هندو نشاة ثانيه(5) جي قوت اڳيان نيٺ مغلوب ٿي ويون، پر ڪنشڪ جي مرڻ کان پوءِ، ٻي عيسوي صديءَ ۾ ساڪه سردارن ڪنهن طرح هڪ دفعو ٻيهر پڻ اولهه هندستان ۾ شاهي مرتبو حاصل ڪري ورتو. اُهي، بهرحال، کشترپا ۽ مهاکشترپا جهڙن اصلوڪن نائبي خطابن تي ئي راضي ۽ قانع رهندا آيا.
منجهانئن ”مغربي والين“ جي نالي واري گهراڻي جو باني چيستنه هو، جنهن جي متعلق جاگرافيدان ٽالمي لکيو آهي ته هو مالوا (6) ۾ اُجين جو حڪمران هو. هن جي باري ۾ جيڪو اوائلي کان اوائلي سال معلوم آهي، سو 130 عيسوي سن آهي، جڏهن سندس پوٽو رودرادمن هن جي بادشاهيءَ جي انتظام هلائڻ ۾ ساڻس شريڪ هو. اهو رودراد من مغربي والين ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ٿيو. جهونا ڳڙهه ۾ سندس لڳل ڪتبي جي مطابق، جنهن تي سال 72 لڳل آهي (جيڪو سن 150ع جي برابر آهي)، هن جي بادشاهي اُتر ڪونڪن، گجرات، مالوا، وچ ۽ ڏکڻ، اولهه راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، سنڌو ۽ سؤويرا تي پکڙيل هئي. هن مشرقي پنجاب جي يؤڌيه حاڪمن ۽ آنڌرا جي بادشاهه سان جنگ جوٽي، انهيءَ پوئين نالي واري بادشاهه کان ئي هن ڪاٺياواڙ ۽ ڪونڪن (7) کٽيو هو. ڪتبي تي هُن جي زيرين سنڌ جي فتح جو ذڪر ڪونهي، پر عين ممڪن آهي ته ان فتح جو سهرو به هن جي سر تي هو، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا شهادت موجود ڪانهي ته اهو صوبو کانئس اڳ ڪو چيستنه جي علائقي ۾ شامل هو. بلڪ هيءَ ڳالهه زياده امڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهو صوبو رودرادمن جي اقتدار کان اڳ مقامي ساڪه يا پهلوا گورنرن جي هٿ هيٺ هو، جيڪي ڪنشڪ جي پوين سان نالي ماتر وفاداريءَ جو دم ڀريندا رهندا هئا.
رودرادمن هڪ باشعور حڪمران هو، ۽ پنهنجي وزارتي ڪائونسل جي صلاح سان حڪومت ڪندو هو. هن ڪاٺياواڙ ۾ مشهور سُدَرسن تلاءَ جي نئين سر تعمير لاءِ رقم پنهنجي خانگي خرچ وارن پئسن مان ڏني، ڇاڪاڻ ته هن جي وزيرن جي ڪائونسل انهيءَ ڪم کي فائديمند نه پئي سمجهيو، ۽ انهيءَ ڪري سرڪاري خزاني مان انهيءَ خرچ جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ڪانه هئي.جهونا ڳڙهه واري ڪتبي ۾ هن جي متعلق لکيل آهي ته ”هن کي سڀني جاتين طرفان سندن حفاظت ڪندڙ جي حيثيت ۾ چونڊيو ويو هو“، ۽ هڪڙي ٻئي بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته هن قسم کنيو هو، جيڪو هو پنهنجي سڄي عمر پاڙيندو رهيو ته هو جنگ کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي قتل نه ڪندو.
اهو معلوم ناهي ته لوئر سنڌ ڪيتري زماني تائين اُجين جي مغربي کشترپائن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي. ايران جي ساساني گهراڻي جي بانيءَ، اردشير باباگن، جي متعلق، جنهن سن 226 کان وٺي 241ع تائين بادشاهي ڪئي فرشتي لکيو آهي ته هو لشڪر وٺي، اتر اولهه هندستان تي ڪاهي ويو ۽ اتان جي حاڪمن کان ڏَنُ ورتائين. (8) اٽڪل چاليهه سال پوءِ، بهرام ثانيءَ سيستان واري ساڪه کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان کان پوءِ هو سنڌو ماٿريءَ طرف ڌوڪي ويو. هڪ ڪتبي ۾ ڄاڻايل آهي ته اُتر هندستان جا ساڪه سردار بهرام جي ڏَنَ ڀريندڙن منجهان هئا. جيتوڻيڪ هن کي پوءِ اهڙن ڏورانهن علائقن جي فتوحات کان، شهنشاهه سائرس جي وڌندڙ خطري کان پنهنجي مغربي سرحدن کي بچائڻ لاءِ، واپس موٽڻو پيو، ان هوندي به اهو امڪان آهي ته سنڌ چوٿين صدي عيسويءَ جي ذري گهٽ اڌ تائين ايران جي بالادستيءَ هيٺ هلندي رهي. (9) انهيءَ صديءَ جي آغاز ۾ شاهه هر مزد ٻئي ڪابل واري ڪُشن حڪمران جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ پرسيپولس ۾ لڳل پهلوي ٻوليءَ جي هڪ ڪتبي ۾، جنهن جو سال سندس پٽ شاپور ٻئي جي ابتدائي سالن وارو آهي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ هڪ معصوم ٻار هو، سيستان جي ساساني نائب کي ”هند، ساڪسٿان ۽ ”تخارستان“ جي وزيرن جو وزير، ساڪنساهه، چيو ويو آهي“ (10) هن باري ۾ پڻ ڪجهه ثابتي موجود آهي ته آڀير لوڪ پڻ، جيڪي ڏاکڻينءَ سنڌو ماٿريءَ جي اُڀرندي طرف جا رهاڪو هئا، ساسانين جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪندا هئا. سن 360ع ۾ جڏهن شاپور ثانيءَ دجله تي واقعي آميدهه بندر جو گهيرو ڪيو، تڏهن کيس هندستاني هاٿين ۽ ڪُشن فوجن جي مدد حاصل هئي، جيڪي پنهنجي گرومبيتس (11) نالي بادشاهه جي قيادت ۽ حڪم هيٺ هئا، گرومبيتس جي اهڙيءَ ڏورانهينءَ مهم ۾ موجودگي تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن اسين اها صورتحال خيال ۾ رکون ته هو ايران جي بادشاهه جو تابعدار بڻجي چڪو هو. (12)
هيءَ حقيقت پڻ اهميت رکي ٿي ته اٽڪل سن 295ع ۽ 340ع جي درميان، ”مهاکشترپا“ جو لقب اُجين ۾ متروڪ رهيو، اتان جا حڪمران فقط ”کشترپا“ (13) جي خطاب تي ئي قانع رهيا. ان اوچي خطاب کي رودراسين ٽئين طرفن وري پنهنجي لاءِ اختيار ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اُنهيءَ وقت ۾ هو ڏاکڻي سنڌو ماٿريءَ ۽ آسپاس واري ملڪ تي ساساني بادشاهه جي بالادستيءَ واريءَ دعويٰ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪونه هو. ٻئي طرف، هن باري ۾ سندس هڪ سڪي کان وڌيڪ، جيڪو ”سڌيرن جي دڙي“ مان لڌو آهي، ٻي ڪابه شهادت موجود ڪانهي ته ڪو روراسين سنڌ کي پنهنجي بادشاهيءَ هيٺ آندو به هو. (14)
لڳ ڀڳ انهيءَ دور ۾، جڏهن ايراني طاقت جو اتر هندستان ۾ زوال اچي رهيو هو، پاتلي پتر وارو گپتا گهراڻو گنگا جي ماٿريءَ ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي رهيو هو، ۽ چوٿين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري اهو هندستان جو شهنشاهي گهراڻو بڻجي چڪو هو. انهيءَ صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ چندرگپت ٻئي ڦيرو کائي، مهاکشترپا رودراسين تي حملو ڪيو، ۽ کيس تخت تان لاهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن جو علائقو پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. دهليءَ واري مشهور معروف لوهي ٿنڀ تي اڪريل چندر گپت جي بيان مطابق، ”هن سنڌوءَ جا ست منهن پار ڪيا“ ۽ وهليڪا نالي هڪ قوم کي شڪست ڏني، جيڪا بظاهر پنجاب جي هڪ حصي تي قابض هئي. (15) گپتا گهراڻي سنڌو ماٿريءَ کي پنهنجن علائقن ۾ شامل ڪيو نه ٿو ڏسجي، پر ممڪن آهي ته هنن ڪجهه سالن تائين اتان جي حڪمرانن کان ڏن وصول ڪيو هجي.
پنجين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾، اتر الهندي هندستان ۾ ايراني اثر وري بحال ٿيل نظر اچي ٿو، ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ڀرسان ساساني بادشاهن جا سڪا پڻ دريافت ڪيا ويا آهن. هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته اهي سونا سڪا اهڙي طرز جا آهن، جن جهڙا ٻئي ڪنهن به هنڌ نه لڌا آهن. انهن سڪن تي جيڪا بادشاهي شبيهه موجود آهي، تنهن جي پٽڪي تي چنڊ ۽ تارو لڳل آهي، جيڪا ڊزائين سڀ کان اول يزد جرد پهرئين جي سڪن تي نظر آئي آهي، جنهن 397ع کان وٺي سنه 417ع تائين بادشاهي ڪئي. هيءَ ڳالهه امڪان جي حد اندر آهي ته شايد اُهي سڪا خاص طرح سان سنڌ ۾ هلڻ لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هجن. (16) ايراني روايت مطابق، سنڌ جي علائقي تان دراصل اتان جو هندستاني راجا بهرام پنجين جي حق ۾ پاڻ دستبردار ٿيو هو، جنهن سن 420 کان 440 تائين ايران جي حڪومت هلائي ۽ جيڪو بهرام گور جي نالي سان وڌيڪ مشهور آهي. بهرام گور ايران جي عظيم ترين قومي هيرن مان هڪ آهي ۽ هن جي حاڪماڻي زندگيءَ کي انهيءَ رومانوي ڪهاڻيءَ جي ڄار مان صاف ٻاهر ڪڍڻ آسان ناهي، جيڪا هن جي نالي جي چوڌاري اُڻي ويئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا بهترين ڪهاڻي معلوم آهي، سا ذري گهٽ ڪشمير جي راجا جئه پد جي باري ۾ ”راج ترنگنيءَ“ ۾ بيان ڪيل آکاڻيءَ جهڙي آهي، هو اڪيلائيءَ ۾ ويس بدلائي هندستان جو سفر اختيار ڪري ٿو، اڪيلي سر هو هڪ اهڙي شينهن کي ماري ٿو، جيڪو آسپاس جي ملڪ کي ويران ڪري رهيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح اتان جو بادشاهه مٿس مهربان ٿئي ٿو. هن جي اصليت محض اتفاقي طور ظاهر ٿي پوي ٿي، جنهن تي بادشاهه خوش ٿي، کيس پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏئي ٿو. (17)
مسلمان تاريخ نويس لکن ٿا ته هو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، هندستان جي سرحدن جي ويجهو وڃي پهتو ۽ اتان جي بادشاهه (شايد سنڌو ماٿريءَ جي حڪمران) کي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ سان، هڪ اهڙي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جنهن جي تحت ديبل ۽ مڪران جا صوبا هن جي حوالي ڪيا ويا، جن کي هن ڪرمان جي ولايت (18) ۾ شامل ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻن صوبن جي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ اُهي خصوصي سڪا رائج ڪيا ويا هجن، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. هندستان واريءَ مهم لاءِ چيو ويو آهي ته اها بهرام طرفان ”ترڪن“ شايد اڇي چمڙيءَ وارن هوڻ لوڪن طرفان ايران تي ڪيل پهرئين حملي جي خلاف ڪامياب جنگ کان پوءِ شروع ٿي هئي.
سفيد ”هوڻ“ لوڪن سڀ کان پهريائين پنجين صديءَ عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي اتان به ساڳيءَ طرح سڪندر گپت ڀڄائي ڪڍيو. سال 465ع ڌاري، انهن جي هڪ وڌيڪ طاقتور لهر ڪابل ۽ گنڌارا جي ڪُشن بادشاهين جي مٿان چڙهي ويئي، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ انهن سڪندر گپت، جي طاقت کي ٽوڙي رکيو. اُتر اڀرندي ايران ۾ پڻ واقعات جي ساڳيءَ نوعيت جي ڌارا ظاهر ٿي، جتي سن 484ع ۾ شاهه فيروز جي شڪست ۽ موت سان سڄو مقابلو ختم ٿي ويو ۽ دشمن جي آڏو اڳتي وڌڻ جو رستو کلي پيو. ان کان پوءِ حملي جو مکيه سيلاب هندستان ۾ ڌوڪي پيو، ۽ انهيءَ صديءَ جي اختتام کان اڳي ئي هوڻ لوڪن جي هڪ سردار، نلي تورومن، مالوا جي بادشاهه جي حيثيت ۾ پنهنجا قدم ڄمايا، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪ هندستاني بادشاهه جا طور طريقا ۽ لقب اختيار ڪيا.
اهو معلوم ناهي ته تورومن، يا سندس پٽ مهراگل، جنهن جي دارالحڪومت پنجاب جي شهر جديد سيالڪوٽ ۾ هئي، جنهن کي ان وقت سڪالا سڏيو ويندو هو، سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان لاڳو ڪيو يا ان کي پنهنجي هڪ باجگذار رياست بڻايو. جن دليلن جي آڌار تي راپسن، هورنل،ڪننگهام ۽ ٻين اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌ تي هوڻ لوڪن قبضو ڪيو هو، تن کي مسٽر بي.ڊي. مير چنداڻيءَ طرفان نهايت ئي قابليت سان رد ڪيو ويو آهي، (-A18) پر ائين نظر اچي رهيو آهي ته هن ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي انهن عجيب وغريب مهرن تي غور نه ڪيو آهي، جيڪي جهڪڙ مان لڌيون آهن، جن تي هڪ مرد جو ڇاتيءَ تائين بدن ڏيکاريل آهي، ۽ انهن مهرن جي سفيد هوڻ لوڪن جي تصديق شده سڪن سان وڏيءَ حد تائين مشابهت آهي. انهن جي مشابهت ”نرڙ تي ڪنڊ ٺاهيندڙ پٽڪي، ڇاتيءَ جي پٺن جي مخصوص وڪڙن، ساڄي هٿ طرف منهن ڪري ڏيکاريل ڇاتيءَ ۽ ڏاڙهيءَ کان صاف صورت“ ۾ نظر اچي ٿي. ان کان علاوه، ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي ٻين مهرن تي،جيڪي اتي پيل ٻين اهڙن سڪن سان گڏ لڌيون ويون آهن، جن کي چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي، ”سري_ ڪرپري_ هرسيا“ جا لفظ اُڪريل آهن، يعني ”هرا، (سوا) کپڙيون پائيندڙ جون“، ۽ انهن لفظن سان اسان کي اها ڳالهه ياد ڏياري وڃي ٿي ته مهرا گل شوا جو پوڄاري هو. (19)
اها ڳالهه بهرحال، هن ڳالهه جي قطعي ۽ يقيني شهادت ڪانهي ته اڇن هوڻ لوڪن کي اپر سنڌ جي مٿان بالادستي حاصل هئي يا اهي ان تي حڪومت ڪندا هئا، پر پنجين صديءَ جي آخري حصي يا ڇهين صديءَ عيسويءَ جي شروع واريءَ انهيءَ طوائف الملوڪيءَ واري دور ۾ سنڌ جي ٻين بادشاهن جي موجودگيءَ متعلق به ڪي شهادتون موجود ڪينهن، ان ڪري ان دور ۾ سنڌ تي هوڻ لوڪن جي بالادستيءَ جي امڪان کي قطعي طور رد نٿو ڪري سگهجي.
هوڻ لوڪن جي ٻين شاخن ۽ انهن سان متعلقه قبيلن، جيڪي هندستان جي حملي ۾ هنن سان گڏجي آيا هئا، تن پڻ ڇهين صديءَ عيسويءَ جي دوران بادشاهين جا بنياد رکيا. اهڙيءَ طرح ميترڪ قبيلي وارن اڀرندي ڪاٺياواڙ جي هڪ هنڌ، نالي ولڀيءَ، ۾ وڃي پنهنجا قدم ڄمايا، ۽ گُرجرن ڏکڻ الهندي راجپوتانا ۾ هڪ ڪافي وسيع بادشاهيءَ جو بنياد وڌو. پاريهر ۽ راجپوتن جا ٻيا مشهور قبيلا هوڻ ۽ ٻين غير ملڪي سردارن ۽ سندن انهن پوئلڳن جو نسل آهن، جيڪي پاڻ کي مڪاني امير گهراڻن جي حيثيت ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ کين آهستي آهستي هندو قوم کشترين طور پنهنجي دامن ۾ سميٽي ورتو. هيءَ ڳالهه غير امڪاني ناهي ته هنن وحشي لوڪن جي ڪنهن قبيلي يا ڪن قبيلن، جيڪي سماجي طور رتبي ۾ هيٺڀرا هئا، ان دور ۾ پاڻ کي خود مختيار حاڪمن طور سنڌ جي مٿان مسلط ڪري ورتو هو.
اهڙي طرح ڇهين صديءَ عيسويءَ اتر الهندي هندستان ۾ زبردست افراتفريءَ جو زمانو هو، ۽ ساڳئي وقت ۾ ايراني شهنشاهت جي طاقت پنهنجي عروج تي پهچي رهي هئي.
مڪاني رڪارڊ نه هئڻ جي ڪري، ايران جي قومي تاريخ نويسن (20) جي انهن ڳالهين کي چڱو خاصو وزن ڏيڻ گهرجي، ته نوشيروان، جنهن سن 531ع کان 578ع تائين بادشاهي ڪئي، ڏاکڻيءَ سنڌو ماٿريءَ کي هڪ دفعو ٻيهر ساسانين جي حڪومت ۾ آندو. ”شاهنامي“ جي مطابق، جنهن جو بنياد انهن تاريخن تي آهي، شاهه بذات خود هندستان آيو هو. ”هن جي حڪم تي سڀ ماڻهو سندس حضور ۾ آيا، اُهي پاڻ کي پيش ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سنڌوءَ جي ڪپ سان ٻن ميلن ۾ رڳو گهوڙا، هاٿي،ڪيمخاب ۽ سڪا نظر پئي آيا. وڏا ماڻهو دل جي ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان شاهه جي اڳيان آيا، جنهن هنن کان حال دريافت ڪيو ۽ انهن سان سندن مرتبي مطابق هلت ڪئي.“ ٻائو ”ڪوسماس انڊيڪو پليوسٽس“ انهيءَ صديءَ جي وچ ڌاري لکي ٿو ته هن جي وقت ۾ سنڌونديءَ جي ڪيٽيءَ جو ساڄو پاسو ايران جو هو. هيءَ ڳالهه غير امڪاني ناهي ته سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي شروعات نوشيروان جي باجگذارن طور ڪئي. ريورٽي هن راءِ جو آهي ته جيتوڻيڪ اُهي سڌيءَ طرح سان ايرانين جي ضابطي هيٺ نه هئا، ان جي باوجود هو شاهه جي بالادستيءَ کي تسليم ڪندا هئا ۽ کيس نالي ماتر ڏن ڏيندا هئا. (21)
ڇهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ کي اتر اڀرندي طرف کان به شايد هيسائڻ ۽ دٻائڻ شروع ڪيو ويو هوندو. عظيم هرشا جي پيءُ، جنهن جو نالو پرڀارڪر ورڌن هو، ۽ جيڪو ٿانيشور جو راجا هو، پنهنجن پاڙيسرين مان گهڻن سان ئي ڪامياب جنگيون جوٽيون هيون، ۽ هرشا جي ڀَٽ، بانا، سندس شان بيان ڪندي چيو آهي ته ”هو سنڌو ملڪ جي بادشاهه لاءِ ساڙيندڙ بخار وانگر هو.“ (22)
هيءَ حقيقت قبول ڪرڻي پوي ٿي ته تاريخ عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين جي دوران، سنڌ جي معاملن تي ڪا مختصر روشني وجهي ٿي. هيءُ صوبو ايران جي حڪمرانن ۽ انهن طاقتن جي درميان، جيڪي وقت بوقت هندستان جي اتر الهندي ملڪ تي مسلط هيون، هميشه اختلاف ۽ دشمنيءَ جو باعث رهيو. انهن غير يقيني ۽ ڦرندڙ گهڙندڙ حالتن ۽ انقلابن جي درميان انهيءَ ملڪ جي استحڪام جو هڪ عنصر ٻڌ ڌرم معلوم ٿئي ٿو.ڪنشڪ پنهنجو مذهب بدلائي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو، ۽ ساڪه گورنر به ان مذهب لاءِ دشمنيءَ جا جذبا نه رکندا هئا، جيتوڻيڪ انهن پاڻ برهمڻي مذهب ڏانهن لاڙو ٿي رکيو. جهڪڙ جي کوٽاين مان مليل شهادتن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هوڻ حملي آور شوا. (23) جا پوڄاري بڻجي پيا هئا. پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نٿو سگهي ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا عام ماڻهو مجموعي طور ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. سنڌ ۾ جيڪي ”اسٽوپا“ (دڙا) موجود آهن، تن مان اڪثر پهرينءَ ۽ پنجينءَ صديءَ جي درميان تعمير ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح گنجي ٽڪر جي ڏکڻ طرف، ”سڌيرن جي دڙي“ مان، ديوتائن جي ڀيٽا لاءِ آندل ٻين شين سان گڏ، ڪنشڪ جو هڪ سڪو پڻ لڌو ويو آهي، اهو ”اسٽوپا“ (دڙو) اٽڪل پهرين صدي عيسويءَ واري دور ۾ ٺهيل سمجهيو وڃي ٿو، (24) باقي موئن جي دڙي واري اسٽوپا کي ٻي صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. تعمير جي طرز متعلق شهادت جي بنياد تي ميرپور خاص ۽ ٺل مير رڪن وارا اسٽوپا هڪٻئي جا همعصر، پر ڪجهه قدر بعد واري دور جا آهن.
سنڌ جي ٻڌ ڌرم واري دور جي عمارتسازيءَ جي هڪ خصوصيت، چٽساليءَ وارين خوبصورت سرن جو باقاعدي استعمال هو، جن تي آويءَ ۾ پچائڻ کان اڳ ۾، ڪچيءَ حالت ۾ چٽ ڪڍيا ويندا هئا. ساڳيوئي طريقو پشاور جي قريب ڳڙهي جمال ۽ پنجاب ۾ شورڪوٽ وٽان لڌل آثار قديمه ۾ اختيار ڪيل ڏٺو ويو آهي.
انهن چٽسالين مان گهڻين جي گنڌارا جي انڊو_ يوناني ڪم سان قريبي هڪ جهڙائي ڏسجي ٿي. ميرپور خاص ۽ مير رڪن وارن ٺلن جا ٿنڀ خاص طور ان جا مثال آهن.ميرپور خاص واري اسٽوپا مان لڌل مجسمن ۾ ٻڌ جي پوشاڪ جو طريقو واضح طور گنڌارا واري طريقي جهڙو آهي، جنهن ۾ ٻڌ جا ٻيئي ڪلها ڌوتيءَ جي مٿان پاتل چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريا ويا آهن.(25)
سنڌ ۾ جيڪي به اسٽوپا گهڻي کان گهڻا محفوظ رهيل آهن، تن تي اڪريل شبيهن جي وڏي تعداد مان اها نشاندهي ٿي رهي آهي ته اهي ٻڌ مذهب جي هماينه مڪتب سان واسطو رکندا هئا، جيڪو ڪنشڪ طرفان پسند ڪيو ويو هو. (26) ٻئي طرف، اساقن کي يوئان چوانگ جي بيان مان معلوم آهي ته ستين صدي عيسويءَ ڌاري، هماينه مڪتب کي سڀني جي مٿان بالادستي حاصل هئي. هو چوي ٿو ته سنڌ ۾ سوين مڙهيون هيون، جن ۾ اٽڪل ڏهه هزار پوڄاري رهندا هئا. اسٽوپائن جي متعلق هو چوي ٿو ته راجا اشوڪ اهي انهن هنڌن تي تعمير ڪرايا هئا، جتي جتي ٻڌ جا پاڪ نشان مليا هئا. (27) هن جو اشارو شايد اشوڪ طرفان ٻڌ جي مقدس يادگارن جي نئين سر ڪيل ورڇ ڏانهن آهي، جيڪا هن انهيءَ ”عظيم معلم جي جسماني موجودگيءَ“ کي پنهنجي سلطنت جي گهڻي کان گهڻو پري ۽ انتهائي دور دراز علائقن ۾ ڦهلائڻ لاءِ ڪئي هئي. ميرپورخاص واري اسٽوپا مان لڌل تمام باريڪ دٻليءَ ۾ شايد ڪا اهڙي ننڍڙي شيءِ رکيل هوندي. ۽ اهو به ممڪن آهي ته اصل ۾ اها اشوڪ جي زماني ۾ تعمير ٿيل اسٽوپا ۾ رکي ويئي هوندي. ۽ ان کان پوءِ وري انهيءَ جاءِ تي ٻيهر ٺاهيل انهيءَ اسٽوپا ۾ محفوظ ڪئي ويئي هوندي، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو به ممڪن آهي ته سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل انهيءَ دٻليءَ جي ڀرسان لڌل شيشيءَ اندر محفوظ ڪيل رک، شايد آرهت اپار گپت جي هجي، جنهن يوئان چوانگ جي لکڻيءَ مطابق، اشوڪ جي هدايتن هيٺ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم کي ڦهلائڻ لاءِ ڏاڍي گهڻي محنت ڪئي هئي. (28)
پوڄا پاٺ ۾ ڪم ايندڙ تختين تي، جيڪي ميرپور خاص واري اسٽوپا ۾ رکيل هيون، اهڙا اکر اُڪريل آهن، جيڪي ڇهين صدي عيسويءَ ۽ ان کان پوءِ وارن سالن دوران ڪم آندا ويندا هئا، ۽ هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته انهن تي موجود ٻڌ جي اڪثر مورتين کي هندستاني طرز جاڪپڙا پارايل آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪلهو چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريل آهي. (29)
ميرپورخاص جي اسٽوپا مان هڪ اهڙي مورتي لڌي ويئي هئي، جنهن لاءِ خيال هو ته ان اسٽوپا جي معمار يا ان جي تعمير لاءِ گهربل رقم چندي ۾ ڏيندڙ ماڻهوءَ جي نمائندگيءَ ڪئي ٿي. انهيءَ مورتيءَ کي چيلهه وٽ ڌوتي ٻڌل آهي، ڳچيءَ ۾ هڪ هار پيل آهي، ۽ مٿي تي هڪ اهڙي پيچيده چيز رکيل آهي، جيڪا شايد وِگ (Wig) يا نقلي وارن جو ٽوپ هجي. انهيءَ مورتيءَ کي روغن لڳل هو، ان جي ڪڻڪ رنگي چهري ۾، اکيون ڀرون ۽ مڇون ڪاريون هيون. ان ۾ ماڻهو هڪ هٿ ۾ هڪ ننڍو ڪنول جو گل جهلي بيٺو آهي ۽ ٻيو هٿ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ڌوتيءَ جي هڪ وڪڙ مٿان رکيو بيٺو آهي، جنهن کان شايد (پيسن رکڻ لاءِ) ٻٽونءَ جو ڪم ورتو ويندو هو. (30) هن جي چهري جو ڊول ۽ پوشاڪ خاص طرح سان ”هندستاني“ آهن. جيڪڏهن اهو اندازو درست آهي ته اها مورتي اسٽوپا جي تعمير لاءِ ذميوار شخص جي آهي، ته پوءِ اها سنڌ جي انتهائي اوائلي دور جي هڪ عام ماڻهو جي شبيهه جي نمائندگي ڪرڻ سبب خاص طور دلچسپيءَ واري شيءِ آهي، اها ٻيءَ يا ٽينءَ صدي عيسوي جي دور جي هڪ ممتاز واپاريءَ جي مورت ٿي سگهي ٿي.

حوالا ۽ حاشيا
(1) ”انڊين ائنٽي ڪئري“، ج، X ,1881، ص، 326 ۾، ترجمو هورنل.
(2) پنڊت ڀڳوان لعل اندراجي، جي. آر. اي. ايس 1890، ص. 639 ۾.
(3) اين. اين. گهوش، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٽيون ڇاپو، الهه آباد، 1951،ص. 243.
(3-A) 23-1922 لاءِ آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا جي سالياني رپورٽ، ص. ص4-102 (آر. ڊي. بئنرجيءَ جي مضمون)، سرجان. مارشل، ”موئن جو دڙو ۽ دي انڊس سوليزيشن“، ج 1، ص. 32-122، 92-127 (مضمون از اين. جي. مجمدار)
(4) اين. جي. مجمدار، ”ميمائرس آف دي آرڪيئالاجيڪ سروي آف انڊيا“، نمبر: 48، ص. 7 ۾.
(5) وان لوهوزيئن لي ووُ، ”دي سٿين پيرئڊ“ ص. 336.
(6) ٽالمي VII، (i). 36.
(7) اي. پي. انڊ، VIII. ص. 42 ايف. ايف.
(8) ايليٽ، ”هسٽري آف انڊيا“، VI، ص. 557.
(9) راءِ چوڌري، ”دي پوليٽيڪل هسٽري آف ناردرن انڊيا“، ڇاپو پنجون، 1950 ص. 510.
(10) هورمسداس جا ڪجهه سڪا هندستاني اثر جون نشانيون ظاهر ڪن ٿا. مٿن شوا ۽ سندس ڍڳي جون شبيهون نڪتل آهن ۽ ممڪن آهي ته اهي سڪا ايراني سلطنت جي هندستاني صوبي ۾ هلڻ لاءِ خاص طور جاري ڪيا ويا هجن. رالنسن، ”دي سيونٿ گريٽ اوريئينٽل مانرڪي“، ص. 141، نوٽ.
(11) ونسينٽ سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو، ص. 255.
(12) هيءَ ڳالهه خاص طور اهميت واري آهي، ته ساساني دور جا سڪا وڏي تعداد ۾ ٽئڪسلا مان لڌا ويا آهن. جي. سرجان. مارشل. ”اي گائيڊ ٽو ٽئڪسلا“ ص. 17، نوٽ.
(13) راءِ چوڌري، ”پوليٽيڪل هسٽري آف ائنشنٽ انڊيا“، ص. 510.
(14) ڪُزنس، ”ائنٽي ڪوئٽيز آف سنڌ“، ص. 48- 183.
(15) ”ستن مهينن“ جي معنيٰ شايد ”پنجاب جا ست معاون درياءَ هجي. اي. اي. گهوش، ”ارلي هسٽي آف انڊيا“، ص. 77- 275.
(16) ڪُزنس، ص. 183.
(17) ”ارج ترنگني“، ترجمو ايم. اي. اسٽين، ج، 1، ص. 263- 195 (بڪ_ V ص 462_ 419).
(18) ”فارس نامه“ ص. 82، طبري، 1/ 868، بلوچ نبي بخش خان طرفان ”دي پوليٽيڪل انفليوئنس آف پرشيا ان پري_ اسلامڪ ٽائيمس“ ۾ حوالو ڏنل، جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، ج، VIII، نمبر: 2، ص. 57- 74.
(-A18) بي. ڊي. مير چنداڻي، ”جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي“، 56- 1964، ص. 85- 21 ۾ ”سنڌ ائنڊ دي وائيٽ هنس“.
(19) مجمدار، حوالو ڏنل ص. 9- 8.
(20) انهيءَ جملي ۾ طبري ۽ المسعودي شامل آهن: بحواله طبري 894/1، مسعودي، مروج 200/ II، بلوچ نبي بخش خان جي_ ايس. ايڇ. ايس. ج، VII نمبر: 2، ص. 5- 74 ۾ حوالي طور ڏنو.
(21) جي. اي. ايس. بي 1902، ص. 56.
(22) بانا، ”هرش چريتا“، ترجمو: اي. بي.ڪائوويل ائنڊ ايف. ڊبليو. ٿامس (اوريئينٽل ٽرانسليشن فنڊ) ص. 101.
(23) مجمدار، حوالو ڏنل ص. 9.
(24) ڪُزنس، حوالو ڏنل ص. 105.
(25) ايضا، ص. 89، 97، 108_ تصويرون XIX ۽ XXIV کان XXXI.
(26) ايضا، ص. 106.
(27) ساءِ. يو. ڪي، ترجمو: بيل ج، II، ص. 272.
(28) ساءِ. يو. ڪي. اڳ ۾ حوالو ڏنل، ڪزنس حوالو ڏنل ڪتاب ص، 88، 94.
(29) ڪُزنس، حوالو ڏنل ڪتاب، ص. 3- 92.
(30) ايضا، ص. 95.

(هي مضمون ڪتاب ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو 158 کان 174تان ورتل آهي.)