سنڌو تهذيب جو اسرڻ ۽ ڦهلجڻ: ايڇ ٽي لئمبرڪ
سنڌو تهذيب جي پهرئين مشاهدي سان، اسان کي هڪدم اعليٰ طريقي سان منظم ۽ ترقيءَ جي اوج تي پهتل هڪ اهڙي رياست اڀريل نظر اچي ٿي، جنهن جو بنياد دريائي ميدانن ۾ تعمير ٿيل هڪ عظيم(1) شهر تي رکيل آهي، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ڄڻ ان رياست جو پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ ان کان اڳي گذري ويل معاشري جي ترقي يافته منزلن سان ڪنهن قسم جو ڪو لاڳيتو تعلق ئي ڪونه هو! تهذيب جي انهيءَ منزل جي پهرين ڄاڻ اسان کي الهندي پاسي ڪاڇي واري لاهه ۽ ڀر واري ڪوهستان جي مختلف نوعيت وارن علائقن مان حاصل ٿئي ٿي. اتي ۽ ڏورانهين بلوچستان ۾، ماڻهو پڪن ڳوٺن ۾ سڪونت پذير هئا، جن جي زندگيءَ جو ڍنگ بنيادي طور ”ڪنجهي واري دور“ جي ٻين بيشمار دهقاني گروهن جهڙو هوندو، جيڪي الهندي ايشيا کنڊ جي مٿانهن پٽن تي ڇڙوڇڙ حالت ۾ پکڙيل هئا. سنڌو درياءَ جي سيلابي ميدان واري پاسي ۾ واقع پٽي تي انهن ماڻهن جي جماعت جو قبضو هو. جيڪي ”آمري لوڪن“ جي نالي سان مشهور آهن، جن جو اهو نالو هڪ ميٽائين دڙي تي بيٺل ساڳئي نالي واري ڳوٺ مان ورتو ويو آهي، جتان سنڌو ندي اڄ به وهندي نظر اچي ٿي، ۽ جتي انهن ثقافت جي نشانين کي سڀ کان اڳ ۾ لڌو ويو هو. انهيءَ ڳوٺ، آمريءَ تي بعد ۾ انهن ماڻهن قبضو ڪيو. جن کي ”سنڌو لوڪ“ جي زمري ۾ رکي سگهجي ٿو يا جن کي آثار قديمه جي نالي دستوري علمي اصطلاح مطابق، ”هڙاپا لوڪ“ به سڏجي ٿو. آمري لوڪن جي بستين جو خود سيلابي ميدان ۾ ڪوبه اهڃاڻ نه مليو آهي ۽ عام طرح سان ائين سمجهيو ويو آهي ته اهو وسيع ۽ عريض علائقو انهيءَ زماني ۾ قديم نسل جي شڪاري قبيلن يا خانه بدوش مال چارندڙ لوڪن سان آباد هو.
”ڪوٽ ڏيجيءَ“ جي سرزمين ٻين هڪڙن اهڙن قديم لوڪن جي موجودگيءَ جو ثبوت پيش ڪري ٿي، جيڪي سيلابي ميدان جي ڇيڙي وٽ ڪافي گهڻي عرصي کان وٺي هڪ هنڌ ٽڪاءَ واري اجتماعي زندگي گذاري رهيا هئا ۽ جن کي پڻ آخرڪار سنڌو لوڪن اتان اچي ڀڄايو ۽ سندن جاءِ والاري. هڪ زياده قديم تمدن واري راڄ جي اها بستي، جيڪا سيلابي ميدان جي پار اڀرندي ڇيڙي تي، يعني روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي گول دائري جي ٻاهران دريائي سيلابن جي لٽاشي ميدان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ وانگر بيٺل آهي، آمريءَ وارن جي بستيءَ کان به وڌيڪ اهميت جي حامل آهي. جيڪڏهن اهي لوڪ به اصل ۾ الهندي واري جابلو ملڪ(2) کان لڏي اتي آيا هئا، ته پوءِ پوري اعتماد سان فرض ڪري سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن به، آمري لوڪن وانگر، بلڪ انهن کان به وڌيڪ، پنهنجي اصلوڪي جابلو وطن کي خيرباد چئي، پاڻ کي آئينده جي گذر اوقات جي معاملي ۾، پوريءَ طرح سنڌو درياءَ جي رحم و ڪرم تي آڻي ڇڏيو هو. هاڻي کين هڪ اٿاهه درياءَ ۽ ان جي شاخن جو سيلابي ويڪرو ميدان، انهن ٽاڪرو پٽن جي حفاظت ۾ بيٺل سندن پراڻي ماحول کان جدا ڪري رهيو هو، جيڪي هنن کي اتان جي چشمن، تيز وهي ويندڙ پاڻيءَ جي نهرن يا بارش جي ڦاٿل پاڻيءَ تي ڇڊو پکڙيل گاهه ۽ مختصر فصل فراهم ڪندا هئا. هنن اهي پنهنجي جابلو ماحول جون سڀ شيون بظاهر لئيءَ جي وڻن سان ڀريل اهڙن گهاٽن ۽ دور تائين پکڙيل جهنگن سان ڍڪيل پٽ سان بدلايون هيون، جنهن ۾ کين ڪٿي ڪهڙو گاهه ۽ سَسر، ته ڪٿي سڌا سنوان، ويران ۽ ساوڪ کان خالي زمين جا ٽڪرا مليا هوندا، جن جا ٿورا گهڻا حصا مندائتن مينهن جي تيز يا ماٺي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا هوندا يا جن کي درياءَ جي اڻ کٽ موجي مزاج مطابق ان جو پاڻي ڪڏهن ته کائي ڳاري ڇڏيندو هوندو، ته ڪڏهن انهن جي مٿان لٽ چڙهي ويندو هوندو يا وري اهي پاڻيءَ جي چڙهڻ ڪري خشڪ ۽ سڪل رهجي ويندا هوندا. درياءَ جي موافق اٿل کان پوءِ پري پري تائين پکڙيل انهن علائقن ۾ اهڙا ته سرسبز ۽ گهاٽا فصل پوکجي سگهيا هوندا، جيڪي انهن ماڻهن جي جابلو ابن ڏاڏن جي تصور کان به ٻاهر هوندا. پر جيڪڏهن ٻئي سال جي اول انهيءَ پٽ تي وٽن نه پهتي هوندي، جتي کين ان جي اچڻ جي اميد هوندي، ته پوءِ هنن لاءِ اهو پٽ ڇڏي، اڳتي وڌي اتي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، جتي اها اٿل پهچي سگهي هوندي ۽ ان سان اتي جي زمين آباديءَ لائق ٿي هوندي، جنهن کان پوءِ هو اتان جي پيداوار ۽ ٻيو سامان گذاري جو ساڻ کڻي، موٽي پنهنجي پڪي شهر طرف هليا ويندا هوندا. عام طرح هنن حالتن ۾ مال چارڻ جون سهولتون هنن لاءِ وڌيڪ پائيدار هونديون. ڪوٽ ڏيجيءَ جي اوائلي آبادڪارن کي، هڪ طرف جتي پنهنجي اصلوڪي جابلو ماحول کي خيرباد چئي، پنهنجي زندگيءَ جي ڍنگ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو هوندو، اتي اسان کي ائين سمجهڻ لاءِ ڪي ثبوت نه مليا آهن، ته ان جي نتيجي ۾ اهي ماڻهو پنهنجن پوئتي جبلن ۾ رهجي ويل ماڻهن جي ڀيٽ ۾، سنڌو لوڪن جي تهذيب جي مٿڀريءَ منزل جي وڌيڪ ويجهو پهتا هوندا. جن پوءِ کين اچي انهن نين دريائي بستين سان هٽائي ڪڍيو هو. ڇو ته سندن هيلتائين مليل آثارن مان ڪنهن به قسم جي لکت، شهري تمدن يا واپار لاءِ ٺاهيل مال جو اڃا تائين ڪوبه ثبوت برآمد نه ٿيو آهي، ۽ اهي ئي ٽي ڳالهيون هيون، جي اڄ سندن ”تهذيب“ کان بهتر ”سنڌو تهذيب“ جون مکيه علامتون سمجهيون وڃن ٿيون.
سنڌو تهذيب جي سلسلي ۾ ترقيءَ جو انتهائي فيصله ڪن اڳيون قدم سيلابي ميدان کان ڪجهه پرڀرو هڪ شهر جي اڏاوت هو. هن باري ۾ اسين اهو انومان ڪڍي سگهون ٿا ته، سنڌو لوڪن آمري ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي آڳاٽن رهاڪن کي، جيڪي بظاهر ڪچي کي آباد ڪرڻ ۾ ئي مطمئن رهندا هئا پر جيڪي پڻ پنهنجون رهڻ جون جايون ڇڙوڇڙ وارين ٽڪرين جي ماٿر تي رکندا هئا. سندن پٽن تان ڌڪي ڪڍڻ جي فيصلي ڪرڻ کان گهڻو اڳي پوريءَ ڪاميابيءَ سان اهو شهر بنديءَ جو قدم کڻي ڇڏيو هو. انهيءَ انومان جي روشنيءَ ۾ جيڪب آباد کان ڪي ارڙهن ميل اتر الهندي ۾ واقع ”جڏير جو دڙو“ نالي سنڌو لوڪن جي بستيءَ کي خاص اهميت حاصل آهي. اها جاءِ بلڪل کليل پٽ جي وچ ۾ بيٺل آهي، پر اهو ميدان ڪڇيءَ جو آهي ۽ اهو انهن ٽڪرين جي ماٿر تان، جيڪي ان کي ٽن طرفن کان وڪوڙي بيٺيون آهن، بارش جي پاڻيءَ جي ذريعي آيل رائي واريءَ مٽيءَ جو ٺهيل آهي ۽ نه سنڌو نديءَ جي سيلابي ميدان جي لٽاشي مٽيءَ مان. معلوم ائين پيو ٿئي ته انهيءَ هنڌ تي اها بستي، سنڌو نديءَ جي انتهائي اترينءَ شاخ جي سيلابي يا ٽڪرن تان لهندڙ ندين جي وهندڙ پاڻيءَ مان فائدي وٺڻ لاءِ قائم ڪئي ويئي هئي، سنکو نديءَ جا اها انتهائي اترين شاخ ٿورو ئي پري، ڏکڻ الهندي رخ ۾ وهندي هئي. ان کي بگٽي، ٽڪرين ۾ وسندڙ برسات کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن لهري ۽ ڇتر نين ذريعي برساتي پاڻي پڻ ملي ويندو هو. اهڙيءَ طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، ”جڏير جي دڙي“ جون حالتون اهڙيون ئي هونديون، جهڙيون سنڌو لوڪن کي سنڌوءَ جي سيلابي ميدان ۾ مستقل طور آباد ٿيڻ کان اڳي، سندن عبوري يا تجرباتي منزل ۾ پيش آيون هونديون.
ٻئي طرف، هن هنڌ جي وقوع واري جاءِ اهڙيءَ نوعيت جي آهي، جو جيڪو ڪم ”موئن جي دڙي“ يا ”چنهو دڙي“ جي حالت ۾ نه پئي ٿي سگهيو، يعني انهن دڙن جي انتهائي هيٺانهين سطح تائين کوٽائي نه ٿي سگهي آهي، جتي(3) خالص زمين تائين وڃي پهچجي، سو هتي ڪري سگهجي ٿو. مڪمل کوٽائي ٿيڻ تائين اسين اهو نٿا چئي سگهون ته هتي پڻ، سنڌو لوڪن پاڻ کي کانئن اڳ آباد لوڪن جي مٿان وڃي مسلط ڪيو هو، جهڙيءَ طرح آمريءَ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ وٽ ڪيو هئائون يا جيڏر جو دڙو خود سندن ئي هڪ اصلوڪي ڪوشش هئي. جيڪڏهن پوئين صورت آهي، ته پوءِ اسان کي هيءَ توقع رکڻ گهرجي ته اڳتي هلي ڪا اهڙي شهادت نڪري پوي، جنهن مان ان جي تاريخ جو اندازو لڳائي سگهون، جنهن جو پوءِ اسين سيلابي ميدان ۾ واقع سنڌو تهذيب جي ٻين آبادين سان به اطلاق ڪري سگهون.
موئن جي دڙي ۾ هن وقت تائين ڪيل کوٽائيءَ مان سڀ کان وڌيڪ آڳاٽين والاريل سطحن جي اونهائيءَ جا آثار ميدان(4) جي موجوده مٿاڇري کان 39 فوٽ هيٺ آهن. هاڻي جيڪڏهن اسين سنڌوءَ جي سڄي سيلابي ميدان جي ڌرتيءَ جي تهن جي قدرتي واڌ جي عام طور تسليم ڪيل پيماني، يعني هر صديءَ کان پوءِ ستن انچن جي واڌ، کي هن سلسلي ۾ ڌيان ۾ آڻيون ٿا، ته اسين 4700 سال ق. م وار زماني تائين وڃي نڪرون ٿا، جنهن جو ناممڪن هئڻ صاف ظاهر آهي. جنهن وقت اهو حساب لڳايو ويو هو، ان وقت هيءَ ڳالهه فرض ڪئي ويئي هئي، ته موئن جي دڙي جي ٽيهن فوٽن جي گهرائيءَ واري آبادي اٽڪل 3000 سال ق. م آڳاٽي آهي، جيڪو سال هاڻي به امڪان جي حد کان گهڻو وڌيڪ آڳاٽو نظر ايندو. پر آبي انجنيئر، جن سطح جي واڌ جي رفتار جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ مختلف تفصيلن کان ڪم ورتو هو، سي هن ڳالهه کان بار بار ورجائين ٿا ته جيڪڏهن سندن انهيءَ ڪٿيل انگ کي، جيڪو ملڪ جي وسيع علائقي جي سراسري سطحي اوچائيءَ جو انگ آهي، درياءَ جي ڪنڌيءَ واريءَ زمين جي تهن ۾ ايندڙ واڌ سان ڀيٽيو ويندو ته اها واڌ هڪ سؤ(5) سالن پٺيان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوٽ تائين وڃي رسندي. اسان کي هن يقين ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب آهن ته سنڌو درياءَ هن شهر جي سڄي زندگيءَ جي مدت تائين ان جي ڪافي ويجهڙئيءَ ۾ وهي رهيو هو ۽ اسان کي اهو به معلوم آهي ته درياءَ هڪ ڀيرو وري سن 1740ع يا ان کان ڪجهه پوءِ شهر جي ويجهڙائيءَ ۾ وهڻ لڳو آهي. انهيءَ ڪري هي اندازو معقول لڳي ٿو ته موئن جي دڙي جي بلڪل ويجهڙائيءَ وارو ميدان سراسري طور هڪ صديءَ ۾ 9 يا 10 انچن تائين مٿي چڙهيو هوندو. اهو ڪاٿو شهر جي وسڻ جي انتهائي اوائلي تاريخ متعلق سال 3200 ۽ 2700 ق. م جي درمياني حصي طرف اشارو ڪري ٿو.
هن سلسلي ۾ هيءَ راءِ پڻ ڏني ويئي آهي ته سنڌو لوڪن طرفان ڪوٽ ڏيجيءَ ۽ آمريءَ جو والارجڻ، سڄي سنڌو ماٿريءَ تي سندن قبضي ڄمائڻ جي ڪوشش جي آخري منزل هئي. اهو به ممڪن آهي ته جڏير جو دڙو سندن طرفان ڪنهن ٻئي وڌيڪ اوائلي تمدن جي مٿان مڙهيل شهر ثابت ٿي پوي. پر جيسين اسان کي ڪو اعتماد لائق مواد ملي، جنهن جي ذريعي اسين هنن جي طرفان سنڌو ماٿريءَ جي هيٺانهين علائقي ۾ قائم ڪيل مختلف آبادين جي تاريخن جو تعين ڪري سگهون، تيسين هيءُ خيال معقول نظر اچي ٿو ته هنن جي دور جو آغاز خود موئن جي دڙي جي قيام سان ئي ٿيو.
هيءُ خيال ته اهي لوڪ سنڌو نديءَ جي وهڪري کي ڪنهن طرح سان ڦيرائي يا روڪي سگهندا هئا، محض هڪ وهم آهي. اسين انهيءَ ڳالهه جو اندازو کانئن اٽڪل چار هزار سال اڳتي جي حالتن کي خيال ۾ رکي، چڱيءَ طرح لڳائي سگهون ٿا. اسان جي پنهنجي جديد زماني، يعني 49-1845ع ۾ اپر سنڌ جي هڪ خاص علائقي ۾ ٻوڏ جي امڪان کي روڪڻ لاءِ ڇنڊڻ ذريعي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ جي رٿا جو نتيجو، جيڪا انگريز انجيئرن طرفان پوريءَ طرح رٿيل ۽ عمل ۾ آندل هئي، فوراً مڪمل ۽ شرمناڪ ناڪاميءَ(6) جي صورت ۾ نڪتو هو ۽ ان کان پوءِ به ڪيترن ئي موقعن تي هن مست درياءَ، سائنسي طريقي سان رٿيل بچاءَ بندن جي ڊگهي سلسلي کي ڀڃي ڀوري ۽ ڊاهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سوين نه، ته درجنن جا درجن ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا اٿس ۽ انهن جي فصلن کي لوڙهي کڻي ويو آهي. مٿس دارومدار رکندڙ واهن ۾ گهارا وجهي، انهن جا منهن ريٽ سان بند ڪري ڇڏيا اٿس، وڏن شهرن کي کانئس وقت بوقت ٻوڏ جو خطرو پئي رهيو آهي ۽ ان پنهنجي انهيءَ دائمي پوشيده طاقت جو دڙڪو قائم پئي رکيو آهي، جنهن کي شايد جديد سائنس به پنهنجي سڀني فني ڪاريگرين ۽ ذريعن سان هميشه زير نه ڪري سگهي. يعني ان ۾ اها طاقت آهي، جنهن سان هو پنهنجو وهڪرو اوچتو ۽ هميشه لاءِ ڦيرائي سهگي ٿو ۽ ويهين صديءَ جي شاندار بئريجن ۽ واهن کي انساني آبادين کان خالي ٿيل ويرانن(7) ۾ پاڻيءَ جي وهڪري کان گهڻو پري خشڪ حالت ۾ ڇڏي، پنهنجيءَ موج ۾ ٻئي ڪنهن طرف منهن موڙي، نڪري وڃي سگهي ٿو.
سنڌو لوڪن کي جنهن ڳالهه جو فن حاصل هو؛ بلڪ اسان کي هتي اهو چوڻ گهرجي ته جنهن معاملي ۾ سندن قسمت چڱي هئي، سو اهو هو ته هنن پنهنجي شهر ٻڌڻ لاءِ جيڪا سرزمين منتخب ڪئي هئي، سا انتهائي حد تائين موزون هئي، يعني اهو هنڌ سنڌو درياءَ يا ان جي ڪنهن وڏيءَ شاخ جي ايتريقدر قريب هو، جو آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ اهو پاڻيءَ جي وڏي مقدار مان پورو پورو فائدو وٺي پئي سگهيو.(8) اهڙن طبعي اسبابن ڪري هن شهر ڪيئي لاها چاڙها به ڏٺا، جن جي نوعيت کي اسين شايد ڪن اتفاقي شهادتن ۽ ثبوتن ذريعي سمجهي سگهون، پر خود سنڌو درياءَ طرفان گذريل پنجن هزار سالن جي مدت جي دوران انهيءَ سرزمين کي هڪ ڀيرو به پائيندڙ جو خطرو درپيش نه آيو.
انهن ماڻهن جي ٻئي شهر واري هنڌ ”هڙاپا“ طرف ٿوري دير لاءِ توجه ڦيرائيندي، اسان کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته ان جو ان هنڌ تي بنياد ۽ تعمير انساني اعتماد ۽ همت جو اهڙو نمايان ڪارنامو ڪونه هو. جهڙو موئن جي دڙي کي وسائڻ جو هو. راوي ندي سندن اهڙي خطرناڪ پاڙيسرڻ ڪانه هئي، جهڙو سنڌو درياءَ جو هيٺيون (سنڌ وارو) حصو هو ۽ هڙاپا وارا سنڌو لوڪ انهيءَ راويءَ جي ڪناري کي آباد ڪرڻ وارا پهريان ماڻهو به نه هئا. اسان وٽ هن وقت هن حقيقت جي تصديق ڪرڻ جا ذريعا ڪونهن، ته موئن جي دڙي جا انتهائي هيٺيان تهه جيڪي شايد هميشه لاءِ غرقاب ٿي چڪا آهن، سنڌو تهذيب وارا آهن يا اهي پنهنجي سيني ۾ اڃا به ڪنهن وڌيڪ قديم ۽ آڳاٽيءَ تهذيب کي دفن ڪيون پيا آهن. پر معقول ۽ مناسب اندازو اهوئي آهي ته اهي سنڌو لوڪ ئي هئي، جن سڀني کان اڳ ۾ اهڙي کليل ۽ خوفائتي هنڌ تي پنهنجي پهرين مستقل آبادي اچي تعمير ڪئي هئي. اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته اوائل ۾ اهو هنڌ هڪ اهڙي معموليءَ مٿانهينءَ وارو پٽ هوندو، جيڪو يا ته درياءَ جي منهن اڳوڻي ڇڏيل ڪنڌيءَ جي ڪنهن سڌي اڀريل دڙي جو حصو هو يا تيز هوائن ذريعي اڏامي آيل دريائي مٽيءَ جي گڏ ٿيڻ واري قدرتي عمل ذريعي ٺهي پيو هوندو ۽ پوءِ ان تي هنن کي زمين جو هڪ اهڙو کليل ميدان ملي ويو هوندو، جيڪو رواجي ٻوڏن ۾ آسپاس جي پٽ کان مٿڀري هئڻ ڪري ٻڏڻ کان بچيل رهندو هوندو. هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ”لوهم جي دڙي“ چنهو دڙي ۽ سيلابي ميدان ۾ والاريل سنڌو لوڪن جي ٻين آبادين جي خاص هنڌن جي چونڊ ساڳين ئي سهولتن جي آڌار تي ڪئي ويئي هوندي. اهي سڀ هنڌ گهڻو ڪري سنڌو درياءَ جي ڪنهن پختيءَ ۽ موسمي چاڙهه واريءَ شاخ جي پسگردائيءَ ۾ هوندا.
مطلب ته ٻئي ڪنهن واضح ثبوت جي عدم موجودگيءَ ۾ اسين جيڪڏهن هن اندازي ڪرڻ تي مجبور آهيون ته اهي ماڻهو پنهنجي تهذيب جا بنيادي عنصر پنهنجي اوائلي وطن کان جيڪو اولهه طرف ڪنهن هنڌ هوندو، هيٺ سنڌو ماٿريءَ ڏانهن پاڻ سان کڻي آيا ته ان حالت ۾ اسان کي هيءَ اميد رکڻ گهرجي ته آئنده ڪنهن وقت ايوان يا ڪن ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ ٿيندڙ کوجنا مان اڃا به شايد اسان کي انهن ماڻهن جي اصلي بيخ ۽ بنياد جو ڪو وڌيڪ ڀروسي جهڙو سراغ ملي وڃي. ان اوائلي دور جي انسانن کي دجله ۽ فرات کان گهڻو اورتي، هيلمند درياءَ جي هيٺانهين حصي تي يا ان جي هامون(9) شاخ تي رهندي، وڏي درياءَ ۽ پوک لاءِ تمام گهڻي مقدار ۾ ايندڙ موسمياتي پاڻيءَ کي ورائڻ ۽ ٻڏڻ، توڙي اڏاوت جي مقصدن لاءِ پڪين سرن جي استعمال جو تجربو حاصل ٿي پئي سگهيو. انهن ڳالهين ۾، سنڌو لوڪ، جيستائين اسان کي انهن بابت سنڌوءَ جي سيلابي ميدان ۾ کوٽيل دڙن مان حاصل ٿيل اهڃاڻن مان معلوم ٿي سگهيو آهي. فني بلوغت ۽ رٿابنديءَ جي ڀروسي جوڳيءَ سطح تي پهتل هئا، جنهن مان اهو انومان ٿئي ٿو ته سندن اهڙن مهذب خيالن ۾ عادتن جي نشونما اڳيئي ڪنهن ٻئي هنڌ تي ٿي چڪي هئي.
زندگيءَ جو اهو رنگ ڍنگ، جنهن ۾ شهري ماڻهو هڪ وڏي درياءَ تي ٿيندڙ وسيع پيماني واري کيتي واڙيءَ ۾ مصروف هئا ۽ لکت جي هڪ مخصوص طريقي سان حساب ڪتاب رکندا هئا، چار هزار سال قبل مسيح جي پوئين اڌ حصي(10) ۾ ميسوپوٽيميا جي ڏاکڻينءَ ماٿريءَ ۾ رائج هو. خوشحاليءَ ۽ نظم و ضبط جون عجيب غريب ڳالهيون ”آر“ مان آيل افواهن ۽ مسافرن جي ذريعي پهتل ڪهاڻين ۽ قصن معرفت چوڌاري مٿانهن پٽن جي رهاڪن ۾ ڦهلجي ويون هونديون ۽ انهن ڳالهين نيٺ رهاڪن مان ڪن گروهن ۾ تقليد ڪرڻ جو جذبو اڀاريو هوندو، جيڪي پنهنجن ٻين همساين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لائق ۽ مهم جو هوندا. انهن ماڻهن وري پنهنجن فنن ۽ لياقتن کي منظم ڪري ڪمال تي پهچايو هوندو ۽ پوءِ انهن هڪ اهڙيءَ سرزمين جي ڳولا ڪئي هوندي، جتي کين سندن هنرن ۽ لياقتن کان ڪم وٺڻ جا پورا موقعا ميسر هجن. بهرحال ائين پيو نظر اچي ته سنڌو لوڪن فقط منظم شهري زندگيءَ جي هڪڙي خيال کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ ٻئي هنڌان اڌاري نه ورتي هئي، ڇاڪاڻ ته هنن جو تمدن پنهنجي انفرادي مادي خصوصيتن جي لحاظ کان ان ”ٻن درياهن واري ملڪ“ (ميسو پوٽيميا، جديد عراق) ۾ مروج ڪنهن به دستور يا رواج جو يا ته بلڪل نه يا تمام ٿورو مقروض هو.
سنڌو لوڪن طرفان سندن اڏاوتي ڪمن ۾ پڪين سرن جي تمام گهڻي مقدار جو استعمال، سندن تمدن جو هڪ اهڙو رخ آهي، جيڪو کين ميسو پوٽيميا جي ”آروڪ“ ۽ اتان جي بعد وارن اوائلي لوڪن کان الڳ ۽ نمايان ڪري بيهاري ٿو. موئن جي دڙي ۾ اها تعميري حرفت پنهنجي انتهائي ترقي يافته صورت ۾ موجود آهي. هتان جي دريائي ميدانن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ”سنڌو“ آباديون آهن، جن ۾ گهرن جي اڏاوت ۾ سج جي روشنيءَ ۾ سڪايل مٽيءَ جي (ڪچي) سر جو گهڻي قدر استعمال ڪيل آهي، ۽ پڪي سر زياده تر فقط انهن مقصدن خاطر مخصوص ڪيل آهي، جن ۾ انهن جو استعمال بلڪل اڻٽر هوندو هو. مثلاً نالين جي نظام ۾، سرن جي بٺن لاءِ گهربل ٻارڻ پڪ ئي پڪ مقامي طور حاصل ٿي سگهندڙ جهنگ جون ڪاٺيون هوندو. تنهن ڪري انهيءَ فرق مان هي نتيجو نڪري ٿو ته ڪن خاص آبادين جي پسگردائيءَ ۾ جنگ جون ڪاٺيون ٻين آبادين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي سگهنديون هونديون ۽ انهيءَ ڳالهه جو، پنهنجي ليکي، دارومدار انهن مخصوص آبادين وارن علائقن ۾ اُٿل جي پاڻيءَ جي زور ۽ باقاعدگيءَ تي رهيو هوندو. جتي ڪو شهر سنڌو درياءَ يا ان جي شاخن منجهان ڪنهن وڏيءَ شاخ يا اٿل جي پاڻيءَ جي ڪنهن واهڙ ي ڇنڊڻ جي ويجهڙائيءَ ۾ اڏيل هوندو، اتي ٻارڻ لاءِ جھنگ جي ڪاٺين جي فراهمي وري وري نئين ۽ تازي ٿيندي رهندي هوندي. معلوم ٿئي ٿو ته موئن جي دڙي جي ويجهڙائيءَ ۾ اها شيءِ اڻ کٽ مقدار ۾ موجود هئي.
شهري زندگيءَ جو هڪ ٻيو رخ، جنهن ۾ سنڌو لوڪ ساڳئي زماني جي ڪنهن به ٻيءَ تهذيب ۽ کانئن پوءِ ايندڙ گهڻين ئي تهذيبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترقي يافته هئا، سو هو سندن شهري رٿابنديءَ جو فن. اهڙيءَ طرح موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان هن وقت تائين ظاهر ٿيل انتهائي اوائلي ۽ هيٺانهين سطح پنهنجن وڏن رستن ۽ ننڍين ڳلين جي مستطيلي شڪل ۽ صورت جو ڪامل مظهر آهي. اهو نمونو هيلتائين اسان کي ائٽلانٽڪ پار جي قديم لوڪن جي آباد ڪيل شهرن جي کنڊرن ۾ ئي ملي سگهيو آهي. ان کان اڃا به وڌيڪ حيرت انگيز ۽ هن وقت تائين حاصل ٿيل ڄاڻ موجب، قديم دنيا ۾ لاثاني ۽ بي نظير ڳالهه انهن لوڪن جي انتهائي ڪاريگريءَ سان تيار ڪيل پاڻيءَ جي نيڪال واري جوڙجڪ هئي، جيڪا نه فقط خود انهيءَ عظيم شهر ۾، پر ٻين اهڙين آبادين ۾ پڻ موجود هئي، جن کي شهر جو نالو به نه ٿو ڏئي سگهجي.
انهن نالين جو بنيادي ۽ اصلي مقصد بارش جي پاڻيءَ يا گهرن جي ڪني پاڻيءَ کي گلين جي نالين تائين پهچائڻ نه، بلڪ وهنجڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ جي وڏي مقدار کي ڪاريگريءَ ۽ خوبيءَ سان نيڪال ڪرڻ هو. عملي طور موئن جي دڙي جي هرهڪ گهر(11) ۾ پنهنجو انفرادي غسل خانو موجود هو، جيڪو گهٽيءَ واري عام ناليءَ سان ڳنڍيل هوندو هو. هن باري ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پوڄا پاٺ جي رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ”اشنان“ يا غسل خاني نموني سان ڪيو ويندو هو. ڪوٽ جي دڙي وارو ”وڏو کليل تلاءُ“ شايد ڪنهن خاص رسم جي ادائگيءَ يا رعايت حاصل ٿيل خاص طبقي جي ماڻهن لاءِ مخصوص ٿيل هو. مذهبي نقطي نگاهه کان وهنجڻ جي اها اهميت سڌيءَ طرح سان، پوءِ جي هندو مذهب طرف اشارو ڪري رهي آهي.
سنڌو لوڪن ۾ مذهب سان واسطو رکندڙ مسئلا ڪنهن حد تائين ڪنهن خاص نسل جي ماڻهن سان وابسته نظر اچن ٿا. انهيءَ پوئينءَ ڳالهه لاءِ ثبوت، موئن جي دڙي جي انهيءَ سطح مان، جنهن کان انهيءَ نسل جي تهذيب طور شناخت ڪيو ويو آهي، لڌل انساني لاشن جي هڏانون پڃرن جي پيمائش ۽ گهڙيل بُتن ۽ ڍاليل مجسمن جي نوعيت مان حاصل ڪيا ويا آهن.
افسوس آهي ته هن وقت تائين موئن جي دڙي يا سنڌ ۾ موجود ٻين آثارن مان ڪو مُردن جو دفينو هٿ نه لڳو آهي. انهيءَ معاملي ۾ ”هڙاپا جي دڙي“ مان هڪ مخلوط نسل جي لاشن جي گهڻ لڌي ويئي آهي. جن مان ٿلهي ليکي هڪڙن جي انهيءَ نسل سان مشابهت ملي ٿي، جنهن کي آثار قديمه جي ماهرن طرفان ”پروٽو- آسٽريلائڊ“ (Proto-Australoid) سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻين جي مشابهت انهيءَ نسل سان ڏٺي وئي آهي، جنهن کان ”ڀونچ سمنڊ وارن علائقن ۾ آباد گروهه“ (Mediterranean group) چيو وڃي ٿو. موئن جي دڙي جي آخري دور وارين مٿانهين سطحن مان هڏن جي پڃرن جي صورت ۾ جيڪا شهادت ملي آهي، سا سڄي ”آخري ڪوس“ جي مقتولن جي لاشن جي آهي. انهن جي وڏي اڪثريت به پروٽو- آسٽريلائڊ ۽ ”ميڊيٽرينين“ نسلن سان واسطو رکي ٿي ۽ ڪجهه ٿورا نمونا ”منگولين“ ۽ ”آلپائين“ نسلن جا به انهن سان شامل مليا آهن. موئن جي دڙي جي کوٽاين مان لڌيل مجسمن جي ٻن انتهائي نمايان ۽ حيرت انگيز نمونن کي هڪ نچڻي ڇوڪريءَ جي پتل واري ننڍڙي بت ۽ ساڳيءَ شهرت واري گهاٽيءَ ڏاڙهيءَ واري مرد جي ڇاتيءَ تائين اڌ مجسمي کي، جنهن کي بدن تي محرابدار چٽن سان سينگاريل چوغو پيل آهي. شايد مخلوط انساني آباديءَ جي ٻن انتهائي نمونن طور فرض ڪري سگهجي ٿو.
نچڻي ڇوڪري ظاهرظهور پروٽو-آسٽريلائڊ نسل جي خصوصيت رکي ٿي ۽ ذري گهٽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ئي ماڻهو سنڌوءَ جي سيلابي چاريندڙ قبيلن شامل هئا ۽ جن لاءِ اسين سمجهون ٿا ته اهي بعد ۾ مسلط ٿيل سماجي جوڙجڪ(12) ۾ دٻجي ۽ مغلوب ٿي ويا هئا. جيڪڏهن چوغي پاتل نيم مجسمو ڪنهن ديوتا جي نمائندگي ڪري ٿو، جيئن ڊاڪٽر مئڪي جو خيال آهي ته ، پوءِ هيءُ اندازو معقول ٿيندو ته انهيءَ مجسمي جي صورت ۽ شڪل سماج جي ڪنهن انتهائي اوچي طبقي جي ماڻهن منجهان ڪنهن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي صورت سان مشابهه ٺاهي ويئي هوندي، جيڪو مجسمي ساز فنڪار جو چڱيءَ طرح ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل هوندو. ڇاڪاڻ ته اهو مجسمو ان زماني جي ذري گهٽ ڪنهن سچي پچي زنده شخص جي حُليي سان ٺهڪي اچي ٿو. ان جي شبيهه مان ”آرمينائڊ“ (Armenoid) نسل جو اندازو ٿئي ٿو. جنهن کي علم الانسان جا گهڻا ماهر آلپائين نسل ۽ ميڊيٽرينين نسل جي انڊو- ايراني شاخ جي وچ تي هڪ مستحڪم ۽ مستقل نوعيت جو مخلوط نسل شمار ڪن ٿا. پوئين نالي جي نسل وارا انهيءَ قوم جي نمائندگي ڪن ٿا، جنهن سڄي مغربي ايشيائي علائقي ۾ انتهائي قديم ۽ اوائلي زراعتي ماڻهن جون آباديون قائم ڪيون هيون ۽ ان قوم يا نسل کي ئي سنڌو تهذيب ۾ بنيادي نوعيت جو تشڪيلي عنصر سمجهڻ گهرجي. ڪن ٻين مستند عالمن جو خيال آهي ته اهو رعبدار نيم مجسمو پنهنجي ”سرد مزاج تحڪمانه“ صورت سان سنڌو لوڪن جي پروهت بادشاهه جي شبيهه جو نمونو آهي. (13)
پٿر جو ٺهيل هڪ ٻيو مٿو، ڪن ٿورن تفاوتن کان سواءِ، انهيءَ نيم مجسمي سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿو. مثلاً ان جي ساڳيءَ نوعيت جي خط ورتل ڏاڙهي، مٿي جي وارن تي ويڙهيل پٽي، جيڪي ويڙهي سيڙهي، ڪياڙيءَ وٽ گول مُچي جي صورت ۾ ڄمائي بيهاريا ويا آهن ۽ مڇن ڪوڙيل مٿيون چپ، اها پٽي ”پروهت- بادشاهه“ جي مٿي واريءَ ويڪريءَ پٽيءَ يا مُڪٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ سنهي سڳي کان وڌيڪ معلوم نه ٿي ٿئي، ۽ ٻيو ته هن جي چهري تي نه فقط رحمدليءَ جا آثار ظاهر آهن، پر اهو وڻندڙ حد تائين خوش مزاج پڻ ڏيکارجي ٿو. انهيءَ مٿي کي پير مان ٽڪڻ ۽ ٺاهڻ ۾، ان جي ڪَنَ جي وضع قطع کي صحيح نموني سان نمايان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيل آهي. جهڙيءَ طرح سان پروهت- بادشاهه جي مشهور نيم مجسمي جي حالت ۾ ڪيل آهي، پر ان جي باوجود ان جي منهن جي ڳلن وارين هڏين جي ٽُڪ جو ڪم گهڻو بهتر ٿيل آهي. درحقيقت پهرئين نيم مجسمي ۾ باقاعدگيءَ جو جيڪو عنصر موجود آهي، سو هن راءِ کي تقويت ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اهو ڪنهن ديوتا جي نه، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن مقدس هستيءَ يا ڪنهن اهڙي بادشاهه جي نمائندگي ضرور ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي بادشاهيءَ لاءِ خدائي حق جو قائل هو.
جيتوڻيڪ موئن جي دڙي(14) جي جاين مان هن وقت (1968ع) تائين ڪنهن به جاءِ کي يقيني حد تائين مندر يا عبادتگاهه طور شناخت نه ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود اتان سنڌو لوڪن جي پوڄا پاٺ جي مختلف شين جي موجودگيءَ جا ڪافي ثبوت ملي چڪا آهن. جيڪي شيون ڪجهه حد تائين انساني آباديءَ جي مختلف عنصرن سان مطابقت رکن ٿيون. موئن جي دڙي جي مُهرن وارن ”تعويذن“ تي ٻن چيتن سان وڙهندي جنهن هيرو يا نيم- ديوتا جي شبيهه ڏيکاريل آهي، سو سُميريا واري ”گلميش“ سان قريبي مشابهت رکي ٿو. سڱ واري چيتي تي حملي ڪندڙ هڪ نيم انسان ۽ نيم ڍڳي جهڙي مخلوق ساڳيءَ طرح سان سميريا واري ”اينڪيدو“ جي يادگيري ڏياري ٿي. ممڪن آهي ته انساني مُنهن جي ٺڪر مان ٺاهيل هڪ نقاب تي پڻ ساڳئي ديوتا جي شبيهه ٺاهيل هجي، جنهن جي کاڏيءَ هيٺان ڏاڙهي ۽ مٿي تي سڱ ٺهيل آهن، جيڪي (سڱ) بدقسمتيءَ سان هن وقت ڀڄي(15) ڀري ويا آهن. انهن نمونن مان هيءَ راءِ قائم ٿئي ٿي ته انهن ٻنهي تهذيبن (سميري ۽ سنڌو) جي ڪن عقيدن ۾ ڪنهن زماني ۾ اشتراڪ هو، جيڪو ڪنهن اهڙي اوائلي دور کان وٺي هلندو آيو هو، جنهن ۾ انهن جي ابن ڏاڏن جو مغربي ايشيا جي ڪنهن علائقي ۾، علي الترتيب سنڌو نديءَ ۽ ”جاڙن درياهن“ جي ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ کان اڳ ۾، هڪ ٻئي سان تعلق رهيو هو.
ديوي ماتا جي پوڄا سڄي الهندي ايشيا ۾ دور دور تائين عام جام هئي ۽ سنڌو تهذيب جي مختلف آبادين ۽ بستين مان ٺڪر مان ٺهيل بلڪل اگهاڙي عورت جا جيڪي ننڍا مجسما لڌا ويا آهن، سي شايد انهيءَ ديويءَ جي نمائندگي ڪن ٿا. پر هن خيال لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي ته اهو مذهب الهندي طرف کان سنڌو ماٿريءَ ۾ درآمد ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ذري گهٽ سڄي هندستان جي اڻ سڌريل قومن ۾ اڄ تائين عام آهي، تنهن ڪري ان کي مقامي ئي فرض ڪرڻ گهرجي، ان جي برعڪس اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ”ٻاهر“ جي مٿانهن پٽن کان هتي وارد ٿيل ”نئين“ قوم ۽ هندستان جي ميدانن ۾ اصل رهندڙ قديم النسل قوم جي درميان، سندن پهرئين تصادم کان گهڻو اڳي، سندن مشترڪه پوڄا جي اها هڪ شيءِ موجود هئي.
مٿينءَ ڳالهه کان علاوه، گهڻن ئي قسمن جا اهڙا علامتي نشان پڻ آهن، جيڪي پهرينءَ ئي نظر سان مذهب سان وابسته معلوم ٿين ٿا. سر مارٽيمر وهيلر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته، ”اهڙا علامتي نشان عام طور مذهب جي صحيح نوعيت ۽ اهميت اسان جي ذهن ۾ آڻي نه ٿا سگهن، انهن مان گهڻن ئي نشانن کي، هندستان جي ٻين هنڌن وانگر موئن جي دڙي ۾ پڻ روحاني خواه غير روحاني معنيٰ ۽ مفهوم هوندو. اهي ڪڙمي طبقي جي زندگيءَ جون خوفائتيون ”مذهبي“ علامتون سچ پچ ان جي بلندتر فڪر جا علامتي نشان سمجهي سگهجن ٿا. ”مهرن وارن تعويذن“ تي، جيڪي سنڌو تهذيب جو ايترو اهم حصو آهن، پپل جي وڻ سميت، بظاهر، وڻن جي پوڄا جا نظارا ڏيکاريل آهن. ڪن ٻين تي مقدس جانورن جون ته ڪن تي وري ٻٽَن جانورن جون شڪليون آهن، جن سان ڪن حالتن ۾ انساني شڪليون ملايون ويون آهن. جيڪي آثار قديمه جي عالمن جي راءِ مطابق، شايد ”ٻن بنيادي طور علحده جانورن جي پوڄا وارن مذهبن جي ميلاپ جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ ٻئي طرف شايد ”آدمزاد ديو پوڄا“ طرف سندن ”ترقيءَ“ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.(16) ٽن مهرن تي، بهرحال هڪ اهڙي ديوتا جي شبيهه ڏيکاريل آهي، جنهن کي واضح طور شو ديوتا سان سندس ”پسئو پتيءَ“ يعني جانورن جي آقا هئڻ جي حيثيت ۾ شناخت ڪري سگهجي ٿو. ٻن حالتن ۾ انهيءَ شبيهه کي ٽي شڪليون آهن،(17) ان ۾ بعد واري هندو مذهب سان سنئون سڌو رابطو نظر اچي رهيو آهي. گول شڪلين وارين مهرن تي اڪريل ٿوهي دار ڍڳي جي شڪل جي اڪثر حالتن ۾ موجودگي، اسان کي شو ديتا جي انهيءَ جانور سان وابستگي ۽ هن جي ”قدرت جي پيدائشي قوت جي مجسم حيثيت“ جي يادگيري ڏياري ٿي. موئن جي دڙي وارن ماڻهن ۾ انسان جي تناسلي عضون جي وڏي پيماني تي ٿيندڙ پوڄا ۾، جيڪا هندستان ۾ عام طور ٿيندڙ ”لنگم“ جي پوڄا سان مشابهت رکي ٿي، ٻنهي تهذيبن جي رابطي جو هڪ ٻيو ثبوت ملي ٿو. وهنجڻ جي رسم جي اهميت جو ذڪر اڳيئي ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي روزانه زندگيءَ ۾ پڪ سان پاڻ کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ جي مذهبي رسم هوندي.
مطلب ته سنڌو لوڪن ۾ مذهب جي نوعيت، جيستائين ان جو قديم آثارن مان اندازو ٿي سگهي ٿو، وڏيءَ حد تائين غير آريائي مفهوم ۾ ”هندستاني“ آهي. انهن ماڻهن وٽ ڳئون مقدس ڪانه هئي، ان جي شبيهه ڪنهن هڪ هنڌ به نه ڏٺي ويئي آهي، حالانڪ ڍڳو هر هنڌ موجود آهي. هن ڳالهه جو امڪان آهي ته وڻن، جانورن ۽ تناسلي عضون جي پرستش وارا وڌيڪ اڻ گهڙيا مذهب سنڌو واديءَ جي اصلوڪن قديم نسل قومن وٽ موجود هئا ۽ انهن مذهبن جون پاڙون هنن ۾ اهڙيون ته پختيون کُتل ڏسجن ٿيون، جو اسين جنهن به ”ٻاهرينءَ“ قوم کي سنڌو يا هڙاپا واريءَ قوم جي نالي سان شناخت ڪري رهيا آهيون، تنهن جي طرفان انهيءَ لوڪن ۾ آندل عقيدا ۽ رسمون انهن اوائلي مذهبن کي پوريءَ طرح سان اکيڙي نه سگهيا. پوئين نالي وارن لوڪن پنهنجي نئين ماحول ۾ مقامي عقيدن جي قوت کي يقيناً محسوس ڪيوهوندو ۽ انهيءَ احساس اچڻ کان پوءِ انهن عقيدن کي اڌاري طور پنهنجي ڪرڻ جي حد تائين ڪجهه اڳتي قدم کڻڻو پيو هوندن. ”سنڌو زماني“ جي گهڻي حصي ۾ پروهت طبقي کي، جنهن کي اسان جي خيال موجب تمام گهڻو اثر ۽ رسوخ حاصل هو، مقامي پوڄا پاٺ جي مذهبن سان ڪا همدردي نه هئڻ جي باوجود، آخرڪار، انهن جي ڪن فلسفيانه عنصرن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪرڻو پيو هوندو، ۽ جيسين ممڪن ٿي سگهيو هوندو، هنن اهڙن عنصرن کي پنهنجي اعليٰ تر تمدن سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو هوندو. سنڌ جي آب و هوا ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور آهي، جيڪا عام طور هڪٻئي سان اختلاف رکندڙ مذهبن جي سرحدن جي نشانن کي آهستي آهستي جهڪو ڪيو ڇڏي. جديد دور ۾ گهڻن ئي سنڌي مسلمانن ۽ هندن ۾ صوفياڻي- روحانيت ميلاپ جو ذريعو بنيل هئي. انهيءَ کان به وڌيڪ اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته جتي به ”دريا پنٿي“ سنڌو درياءَ کي اڏيرو لال جي شڪل ۾ پوڄيندا هئا، اتي مسلمان وري درياءَ جي روح جو خواجه خضر جي نالي سان احترام ڪندا هئا. ڪن ٻين مزارن تي پڻ هندو ۽ مسلمان ٻئي مشترڪ طور ايندا ويندا رهندا هئا ۽ دوستانه رقابت ۽ مقابلي طور انهيءَ ساڳيءَ مزار لاءِ ڪنهن خاص ديوتا يا ڪنهن خاص پير(18) جي جاءِ هئڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي هئي.
سنڌو لوڪن جي انتهائي مخصوص ۽ انفرادي نوعيت جي قديم آثارن مهرن وارن ”تعويذن“ جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. جن تي ديوتائن، بلائن ۽ جانورن جون شبيهون اُڪريل آهن. انهن مان اڪثر مهرن تي تصويري اکرن ۾ مختصر ڪتبا نقش ٿيل آهن، انهيءَ لکت جو راز اڃا تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي. بظاهر اها لکت تصويري لکت هئڻ سان گڏ آوازي حرفن ۽ شايد توصيفي اکرن جي ٺهيل آهي. ان ۾ ڪجهه قدر مصر جي تصويري تحرير وارو رسمي اسلوب ۽ چٽائي موجود آهي، ۽ ائين پيو نظر اچي ته هن وقت تائين ان جا جيڪي انتهائي قديم نمونا لڌا ويا آهن، تن جي دور کان گهڻو اڳ ۾ هن تحرير پختگي ۽ بلوغت حاصل ڪري ورتي هئي، اهو نتيجو هن حقيقت مان ڪڍي سگهجي ٿو، جو انتهائي قديم ۽ آخري دور وارين مهرن ۾ استعمال ٿيل اکرن جي درميان ڪوبه ڦيرڦار نظر نه ٿو اچي ۽ صاف طرح سان جدا نظر ايندڙ علامتن جو تعداد اٽڪل 150آهي، انهن علامتن جي عدد کان گهڻو گهٽ آهي، جيڪي سُميريا جي اوائلي ”گهراڻي“(19) واري زماني جي لکڻيءَ ۾ استعمال ٿيل آهن. اٺن يا وڌيڪ صدين جي مدت دوران تحرير جي نموني ۾ ڪنهن به قسم جي ردوبدل ۽ واڌ جو نه هئڻ نمايان طور محفوظ يا ساڪت سنڌو تمدن جي ٻين عام حالتن سان پڻ ٺهڪي اچي ٿو. اهي نشان جڏهن ٺڪر جي ٿانون تي خوبصورت چٽن طور ليڪيل نظر اچن ٿا، تڏهن انهن جي ڪابه معنيٰ معلوم نه ٿي ٿئي ۽ جيڪي نشان ٽامي جي برتنن تي اڪريل آهن، سي به اهڙا ئي رسمي آهن، جهڙا مهرن تي نڪتل نشان. اسان کي ٻن ٻولين ۾ لکيل ڪنهن اهڙيءَ تحرير جي دستياب ٿيڻ کان نااميد ٿيڻ نه گهرجي، جيڪا ممڪن آهي ته سُمير ۾ مٽيءَ جي ڪنهن اهڙي تختيءَ تي اڪريل هجي. جنهن تي سنڌو لوڪن جي لکت اتان جي قديم مخروطي اکرن سان گڏ اڪريل هجي، پر جيئن ته سنڌو لوڪن جي هن وقت تائين هٿ آيل ڊگهي ۾ ڊگهي تحرير ۾ ويهن کان به گهٽ علامتون آهن، تنهن ڪري امڪان اهو آهي ته اهڙي خوش قسمتيءَ جي نتيجي ۾ به انهن ماڻهن متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ شايد ڪو خاص اضافو نه ٿي سگهي.
بهرحال، انهيءَ وسيلي هن باري ۾ شايد ڪو فيصلو ٿي پوي ته، موجوده وقت ۾ جيڪو هيءُ انومان ڪڍيو پيو وڃي ته اها ٻولي مرڪزي هندستان جي ”مندا“ (Munda) سٿ جي ٻولين سان ملندڙ هئي، سو انومان صحيح آهي يا غلط. ٿي سگهي ٿو ته ان مان اسان کي سنڌو لوڪن جي ڪن ديوتائن يا ماڻهن جا انفرادي نالا معلوم ٿي وڃن، پر اسين اهڙن ذريعن مان انهن ماڻهن ۽ سندن تاريخ بابت ڪا گهڻي معلومات حاصل ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکي سگهون. ممڪن آهي ته هنن پنهنجي عبادتگاهن جو حساب ڪتاب رکيو هجي يا بادشاهن جون فهرستون ۽ روزنامچا لکيا هجن، اهو به امڪان آهي ته هنن سُمير ۾ رهندڙ پنهنجن گماشتن ڏانهن واپاري نوعيت جا پيغام موڪليا هجن. اسان کي هن ڳالهه جي اڳيئي پڪ ٿي چڪي آهي ته، مُهر واري ”تعويذ“ تي جيڪا تصويري تحرير آهي، تنهن جو واسطو ان تي اڪريل جانورن سان ڪونهي. هن ڳالهه جو امڪان وڌيڪ آهي ته انهيءَ لکت جو اشارو ڪنهن اهڙي واپاري برادريءَ جي هڪ فرد ڏانهن هجي، جنهن (برادريءَ) اهو خاص جانور پنهنجي مخصوص نـشان طور اختيار ڪيوهو. وري هيئن به ٿي سگهي ٿو ته، اهو جانور انهيءَ ماڻهوءَ جي فطري خصوصيت جي علامت ظاهر ڪندوهجي، جنهن جو نالو مهر تي اڪريل آهي. سڀني چورس مهرن جي پٺئين پاسي ڌاڳي پوئڻ لاءِ سوراخن جو هڪ سڌو ۽ مٿي اڀريل بُونبو به ٺهيل آهي ۽ جيئن ته اهي تمام وڏي تعداد ۾ لڌيون آهن. ان ڪري هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، سنڌو لوڪن جي وڏي اڪثريت دائمي انهن کي پاڻ وٽ رکندي هوندي. (20)
جديد دور جي سنڌي ڳوٺاڻي جي پنهنجي ڏؤري ۾ تعويذ ٻڌڻ واري رواج کي جيڪو (تعويذ) ڌاتوءَ مان ٺهيل سڌيءَ سنئينءَ شڪل جو هڪ پورو کوکو هوندو آهي ۽ جنهن جي ماپ ذري گهٽ سنڌو لوڪن جي مهر جيتري هوندي آهي ۽ جنهن ۾ عام طرح سان تعويذ ٻڌڻ واري ماڻهوءَ جي مرشد جي لکيل ڪا مقدس تحرير پيل هوندي آهي، وسيع معنيٰ ۾ موئن جي دڙي وارن ۾ موجود انهيءَ عام رواج جو متوازي سمجهي سگهجي ٿو.
سنڌو لوڪن جي پنهنجي علائقي ۾ شهر پناهن کان سواءِ وسايل آبادين جي تعداد مان معلوم ٿئي ٿو ته، اتان جي قديم نسل وارا ماڻهو سندن حڪومت ڏانهن مڪمل طور فرمانبردار ۽ اطاعت پذير هئا. اسين هن ڳالهه جو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ته انهن جي فرمانبرداريءَ جي اها ڪيفيت نئين آيل لوڪن جي تسلطي هٿيارن پنهوهارن جي قوت جي آزمائش ۽ تجربي جي نتيجي ۾ پيدا ٿي يا اها انهن برتر هنرن جي مالڪن لاءِ، جيڪي عام زندگيءَ ۾ نظم، ضبط ۽ خوشحاليءَ جا ضامن هئا، ادب ۽ احترام طور هنن ۾ ازخود پنهنجي ڪمتر حيثيت جي احساس طور پيدا ٿي هئي. اناج جي ڳاهه ڪرڻ لاءِ ٻيلي ۾ رکيل هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي رهائش لاءِ سادي قسم جا وڏا وڏا باريڪ، يا بار ڍوئڻ وارن جي رهائش لاءِ جهوپڙين جون ڊگهيون قطارون، سنڌو لوڪن جي زندگيءَ جو هڪ مخصوص انگ هو ۽ اهڙيون ئي جايون هڙاپا ۾ ۽ موئن جي دڙي ۾ به ملن ٿيون. (21)
ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ سنڌو لوڪن جي آمد کان اڳ واريءَ زمين جي جنهن سڙيل تهه جي مٿان وري سنڌو لوڪن اچي اڏاوت ڪئي، تنهن مان انهيءَ زماني ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ جي هٿان مظلوماڻي انداز ۾ برباد ٿيڻ جو ثبوت ملي رهيو آهي. پر ان جي معنيٰ ٻي صورت ۾ به نڪري سگهي ٿي ۽ يقيناً ان مان ڪي به عام نتيجا ڪڍڻ نه گهرجن. گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه جو امڪان ضرور آهي ته اوائلي مقامي ماڻهو هٿيارن پنهوارن جي معاملي ۾ ڪافي حد تائين نقصان هيٺ هئا، سنڌو لوڪن وٽ پتل جون ننڍيون تراريون، ڪهاڙيون ۽ خنجر هئا. سندن تيرن ۽ نيزن جا منهن پڻ ساڳئي ڌاتوءَ جا ٺهيل هئا. ڏنڊو شايد دلپسند هٿيار هو. انهن جا مٿا مختلف قسمن جي پٿر توڙي ٽامي مان جدا جدا شڪيلن جا ٺهيل هوندا هئا. هيءَ ڳالهه خاص طور قابل ذڪر آهي ته تيز ڌار وارن هٿيارن ۽ اوزارن جي وڏيءَ اڪثريت وارن هٿيارن جا ڦر، جيڪي هن وقت تائين لڌا ويا آهن، نه ڪن ڳنن تي چاڙهيا ويا آهن ۽ نه انهن ۾ ڳن لڳائڻ لاءِ ڪو پاهو ٺهيل آهي، پر اهي بلڪل چٿيل ۽ سڌا سنوان آهن. انهن کي پٿر جي دور وارن اوزارن وانگر ڪاٺ جي چيريل ٻه- ڇانگي جي وچ ۾ ٻڌو ويندو هو. هنن جي چاقوءَ ۽ نيزن جا ڦر ايڏا ته سنها ڏٺا ويا آهن، جو ماڻهو ائين سمجهي ٿو ته ڳن جي ڪاٺيءَ کي ڊگهو ڪري، ڦر جي نوڪ طرف اڌ کان به وڌيڪ اڳتي پهچايو ويندو هو ته جيئن ان کي ڪم اچڻ مهل سهارو ملي.
ساڳئي سبب ڪري ڪهاڙين جي ڳنن واري ڪاٺيءَ کي پڻ ڪافي گهرائيءَ تائين چير ڏنو ويندو هوندو، جتي ان جون ٻيئي ڦاڪون ڦر کي چهٽي بيهنديون هونديون. پتل جي ٻه- منهين تار کي اڌ کان هيٺ ٿلهو ٺاهيو ويندو هو. پر ائين عام طور نه ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ موئن جي دڙي جي ڌاتن جي ڪاريگرن نچڻي ڇوڪريءَ جي مشهور مجسمي ٺاهڻ لاءِ ڌاتوءَ کي ڳاري قالب ۾ وجهڻ جو طريقو استعمال ڪيو هوندو، پر ان جي باوجود هنن ڪپڻ وارن اوزارن ٺاهڻ لاءِ اهو يا بند قالب ۾ ڳريل ڌاتو پلٽڻ جو طريقو پوريءَ طرح اختيار ڪيو نه ٿو ڀانئجي. هن ڳالهه ۾ شڪ نه آهي ته هو انهيءَ قسم جي اوزار کان باخبر هئا، ڇاڪاڻ ته ڳن لاءِ پاهي واريءَ ڪهاڙيءَ جو مٽيءَ جو ٺهيل هڪ نمونو موئن جي دڙي جي هيٺيئن سطح مان دستياب ٿيو آهي، پر اتان جي ڌاتو گر پوءِ به ڪهاڙيءَ ۽ ڇيڻيءَ جا سڌي سادي نموني جا ڦر ٺاهيندا رهيا. جن جو اڳيئي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪي ايران(22) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڌاتوءَ جي اوزارن جي انتهائي اوائلي زماني واريءَ ساخت جي خصوصيت جا حامل هئا. شهر مان لڌل اوزان مان ڳن لاءِ پاهي وارن اوزارن جي فقط هڪ ئي نمونو، جن ۾ هڪ خوبصورت ڪهاڙي ۽ ٻي ڇيڻي آهي. ويجهي زماني سان واسطو رکي ٿو، ۽ هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهو اوزار گهڻو ڪري سميرين سان مال جي بدلي مال جي ڏي وٺ ڪرڻ جي دوران اتان کان آيل آهي. مٽيءَ جي ڪهاڙيءَ جي جنهن نموني جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سو شايد ميسوپوٽيميا کان آيل ڪنهن اوائلي مسافر يا اتان کان ٿي آيل ڪنهن سنڌو منش جي هدايتن مطابق، سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ارادي سان ٺاهيو ويو هوندو. ائين پيو معلوم ٿئي ته موئن جي دڙي جي ڌاتوگرن جي جبلتي قدامت پسندي يا سست رفتاري انهيءَ اوزار جي عام اختيار ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻي هوندي.
هن باري ۾ معقول حد تائين اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو لوڪن کي سندن سوين سالن جي حڪومت جي آخر تائين ڪنهن مضبوط ۽ طاقتور دشمن سان جنگ ڪرڻي نه پيئي، پر موئن جي دڙي جي زندگيءَ جي انهيءَ دور ۾ جڏهن شهر جو نظام پوريءَ طرح قائم ٿي چڪو هو، ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن جو انهيءَ معاملي تي شايد سڌو اثر پيو هجي. ائين پيو معلوم ٿئي ته شهر جي الهندي واري آباد علائقي تي حڪومت طرفان ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ قبضو ڪيو ويو هو. ان لاءِ گهربل اوچائي حاصل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ علائقي جي مٿان مٽيءَ ۽ ڪچين سرن جو ويهه فوٽ اوچو وڏو دڙو ٺاهيو ويو هو. ائين به ظاهر آهي ته انهيءَ هٿرادو دڙي کي چوطرف مضبوط ڪرڻ لاءِ پوءِ پڪين سرن جي ديوار کڙي ڪئي ويئي ۽ ان جي ٻن ڪنڊن تي ساڳئي ئي سامان مان مضبوط برج تعمير ڪيا ويا. انهن مان ڏکڻ- اوڀر وارن برجن جي مٿان، جن جو منهن اصلي شهر طرف هو، مضبوطيءَ سان ٺاهيل مورچا بنايا ويا ۽ انهيءَ هنڌ ٺڪر جي ڳوڙهن جو ڪافي وڏو ذخيرو (23) مليو آهي، جيڪي شايد کانڀاڻين ذريعي دشمن تي اڇلائڻ لاءِ هئا. هي اندازو بجا طور ڪري سگهجي ٿو ته، شروعات ۾ اهڙا وڌيڪ برج ٻاهرئين فصيل جي چوطرف ورڇيل هئا.
سر مارٽيمر وهيلر انهن برجن منجهان سڀني کان قديم برج جي هڪ عجيب و غريب ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، اها آهي سر بنديءَ جي ڪم ۾ متوازي بيهاريل ڪاٺ جي شهتيرن جو استعمال، جيڪي وقت گذرڻ سان کاڄي ويا ۽نتيجي ۾ سرن جي ڀتين جو ڪجهه حصو ڊهي پيو، جنهن کي بعد ۾ وري به سرن سان مرمت ڪري ٺيڪ ڪيو ويو. اها غلطي بعد وارن برجن ۾ نه ڪئي ويئي ۽ کوٽائي ڪندڙ هي اندازو ڪري ٿو ته اها غلطي انهن رازن کان ٿي هوندي، جيڪي ڪچين سرن يا مٽيءَ جي ڀتين کي اهڙيءَ طرح پُشتا ڏيڻ تي هريل هوندا ۽ هنن اها ڳالهه محسوس نه ڪئي ته پڪين سرن جي تعميرات لاءِ انهيءَ ڳالهه جي ضرورت نه هوندي آهي. ڪوٽ جي مٿئين ٿلهي تي ٺهيل اناج کي محفوظ رکڻ واري گدام جي ٻاهرئينءَ اوچي ديوار جي اڏاوت ۾، جيڪا عملي طور ڪوٽ جي فصيل جو هڪ حصو هئي، ساڳيءَ طرح ڪاٺ استعمال ڪيو ويو هو. ”ذري گهٽ ائين پيو نظر اچي ته اهو دڙو ۽ ان تي اڏيل عمارتون بعد ۾ ٻاهران آيل ڪنهن نئين حڪومت جو ڪم آهي، جيڪا پڪن سرن جي اڏاوت ڪرڻ بدران ڪچين سرن جي اڏاوت جي روايتن تي هريل هئي،“ (24)
ڪوٽ جي دائري اندر هن وقت تائين جن به عمارتن جي کوٽائي ڪئي ويئي آهي، سي سڀ سرڪاري قسم جون عمارتون آهن. انهن ۾ هڪ وڏو وهنجڻ جو تلاءُ، جنهن جي چوڌاري خانگي حمامن سان ننڍن ڪمرن جو پيچيده ڄار ڦهليل آهي. محل يا پروهتن جو ادارو، عظيم الشان اناج جو گدام ۽ راجھ جي اجتماع جو وڏو ڪمرو (هال) شامل آهن.
سوال آهي ته، ڇا ڪوٽ جي بنياد پوڻ کان اڳ شهر ۾ اهڙن ادارن جو وجود قائم هو؟ ”هيٺئين شهر“ ۾ کوٽيل ڪي وڏيون عمارتون ممڪن آهي ته، مندر هجن، پر اتي سرڪاري عمارتن جو ڪو اهڙو نشان نظر نه ٿو اچي، جيڪي ڪوٽ وارين عمارتن سان مشابهت رکندڙ هجن. شايد ڪنهن اڳئين وقت ۾ انهيءَ قسم جون جايون هجن، جن جي مٿان بعد ۾ مصنوعي دڙو کڙو ڪيو ويو هجي، مثلاً اوائلي زماني جون ڪي اهڙيون سرڪاري جايون هجن، جيڪي بعد ۾ دائمي طور وڌندڙ شهر يا نئين حڪومت جي ضرورتن لاءِ ناڪافي سمجهيون ويون هجن ۽ ان ڪري انهن کي ڊاهي، انهن بدران وڌيڪ شانائتي نموني جون نيون جايون اڏايون ويون هيون، جن جا نشان اسين ڪوٽ جي دائري ۾ ڏسي سگهيا آهيون هن وقت تائين جيڪا به ان سلسلي ۾ اسان کي شهادت ملي چڪي آهي، سا اهو ڏيکاري ٿي ته ڪوٽ جي تعمير سان گڏ يا ان کان پوءِ عام ماڻهن جي مادي زندگيءَ جي طريقي ۾ ڪا نمايان تبديلي ڪانه آئي هئي، ان جي بجاءِ، ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽ جي اڏاوت هڪ نئين گهراڻي جي حڪومت جي آغاز جي علامت ظاهر ڪندي هجي يا ان طرح موئن جي دڙي ۽ ٻين ”سنڌو لوڪن“ جي شهرن جي باهمي تعلقات ۾ آيل ڪنهن تبديليءَ جو اهو نتيجو هجي.
هن وقت تائين اهڙيون شهادتون ڪافي مقدار ۾ نه ملي سگهيون آهن، جن جي ذريعي انهن ماڻهن جي مکيه شهرن جي بنياد پوڻ جي وقت جو تعين ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن شهرن کي سڃاڻي سگهجي ٿو ته اهي ويجهي زماني جا ٺهيل آهن. هڪ وقت اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته هڙاپا موئن جي دڙي کان اڳي جو آهي، پر جڏهن کان وٺي پوئين شهر جي آباديءَ جي آخري ۽ سڀ کان وڌيڪ هيٺانهين تهه جي پوري اونهائي معلوم ڪئي ويئي آهي، حالانڪ انهن تهن جي پوري دريافت ناقابل عمل رهي آهي، تڏهن کان وٺي هيءَ راءِ قائم ٿيڻ لڳي آهي ته ٻنهي شهرن ۾ موئن جي دڙي وارو شهر وڌيڪ آڳاٽو آهي. بهرحال، هن ڳالهه جو امڪان نظر اچي ٿو ته سرڪاري عمارتن واري حصي جي مخصوص تنظيم ۽ رٿابندي، جيڪو هيٺين شهر کان مٿين سطح تي اڏيل هو. شايد هڙاپا(25) ۾ شروع ٿي ۽ موئن جي دڙي ڏانهن درآمد ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ اها فقط ڪن ننڍن شهرن لاءِ نموني طور اختيار ڪئي ويئي. اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙا شهر شايد ضلعي هيڊ ڪوارٽر هئا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها رٿابندي عام طرح سان نئين حڪمران طبقي جي پاليسيءَ جي عڪاسي ڪري رهي هئي، جن پنهنجي وقار کي مادي شين جي وسيلي سان وڌائڻ پئي چاهيو. اهائي تنظيم ۽ رٿابندي سنڌو لوڪن جي عظيم ڏاکڻي ”صوبي“ جي ٻن شهرن، ”ڪالي بنگن“ ۽ ”لوٿل“(26) ۾ نظر اچي ٿي، جنهن (صوبي) جو خاڪو گذريل ڏهن سالن جي کوجنائن جي نتيجي ۾ تشڪيل ٿيو آهي. انهيءَ صوبي جي شناخت ۽ سنڌو ”رياست“ تي، ان جي قيام ۽ وجود جي وڏي عرصي تائين، گهڻو ڪري ٻن گادين وارن شهرن (هڙاپا ۽ موئن جي دڙي) مان جيڪي هڪ ٻئي کان چار سؤ ميل(27) پري هئا، حڪومت ڪئي ويندي هئي، ٻنهي گاديءَ وارن شهرن جي وچ ۾ پاڻيءَ رستي سڌو رابطو قائم هو ۽ اسان کي اها حقيقت معلوم آهي ته، سنڌو لوڪ ٻيڙيون ڪم آڻيندا هئا، جن جي بناوت ۽ شڪل صورت انهن کان مختلف نه هئي، جيڪي هن زماني ۾ درياءَ تي هلن ٿيون. ظاهري طور ساڳئي قسم جي رياست لاءِ ٻن دارالحڪومتن رکڻ جو اصلي سبب انهيءَ قوم طرفان آباد ڪيل سنڌو واديءَ جي وڏي ڊيگهه نه، بلڪ انهيءَ واديءَ جي پنجاب جي ميدان ۽ سنڌ جي ميدان ۾ قدرتي تقسيم ۽ انهن جي وچ واري علائقي ۾ ڪنهن هنڌ هڪڙي مرڪزي دارالحڪومت جي قيام لاءِ ناموزونيت هو. اهو درمياني پٽو نه فقط تمام دٻيل ۽ سوڙهو آهي، پر ساڳئي وقت اهو درياهن ۾ ايندڙ خطرناڪ تبديلين ۽ تباهه ڪن سيلابن جي سدائين زد ۾ پڻ رهي ٿو.
اسين هيءُ اندازو بخوبي ڪري سگهون ٿا ته بهاولپور ۽ بيڪانير وارن علائقن ۾ قائم ٿيل شمالي آباديون، روپر ۽ اُکلنا سميت، هڙاپا جون زيردست هيون ۽ جادم جو دڙو ۽ بلوچستان وارين ٻين آبادين سميت سنڌ واريون سڀ آباديون موئن جي دڙي جون زيردست هيون. اسان کي هيءَ حقيقت شايد ڪڏهن به معلوم ٿي نه سگهي ته انهن ٻنهي وڏن شهرن جي وچ ۾ سندن مشترڪه وجود جي دوران سچ پچ ڪهڙا ناتا ۽ واسطا قائم هئا، جيتريقدر اسان جو واسطو سنڌ سان آهي، اسين پوري اعتماد سان دعويٰ ڪري سگهون ٿا ته موئن جي دڙي ۽ ان جي ماتحت شهرن کي خودمختيار حيثيت حاصل هئي.
هن رياست جي ”اقتصاديات“، جيڪڏهن اسين انهيءَ دؤر جي معاشي حالت متعلق اهو لفظ استعمال کڻي ڪريون، بنيادي طور زرعي نوعيت جي هوندي ۽ اها گهڻو ڪري اڳيئي ترقي ڪري پنهنجي گذاري واريءَ سطح کان وڌي انهيءَ منزل تائين پهتي هوندي، جڏهن، زرعي پيداوار پاسي وارين ايراضين جي ڪن اهڙين شين مال بدلي مال جي بنياد تي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي هوندي، جيڪي سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود نه هونديون ۽ جيڪي سنڌو لوڪن جي تمدن واريءَ انهيءَ منزل ۾ اڳي ئي سندن ضرورت جي شين جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون هونديون، جتي هو پنهنجي سابق سر زمين ۾ ترقي ڪري پهتا هوندا. کين الهندي واري سڄي جابلو ملڪ جا معدني ذريعا ۽ وسيلا، (مثال طور) لس ٻيلي ۾ ٽامي ۽ شيهي جي ذخيرن جا هنڌ ۽ انهن مخصوص جماعتن جا نالا يقيناً چڱيءَ طرح معلوم هوندا، جيڪي انهن شين ۽ ٻين اهڙين ضرورت وارين شين، مثلاً: چيروليءَ ۽ ميٽ جي واپار ڪرڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار هونديون ۽ انهيءَ حالت ۾ هيءُ تصور ڪرڻ به آسان آهي ته اهڙيءَ روانگيءَ ۽ آمدنيءَ جي واپار جي ڏي وٺ ۾، مقدار ۽ مفاصلي جي لحاظ کان، بتدريج واڌارو ايندو رهيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ميدانن ۾ وٽن گهڻو ڪجهه موجود هو. جيڪو اهي ٻين کي ڏيئي ٿي سگهيا. مثال طور: اتي عمارتي ڪاٺ گهڻو هو. وري مختلف قسمن جا کنؤر ۽ مصالحا، تيل، رنگ ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ ويڳر جون شيون ۽ اناج وٽن جام هئا، وٽن لوڻ به هو ۽ حيواني پيداوار ۾ عاج، ڪوڏ ۽ سنڱ به هئا. تنهن کان سواءِ وٽن مختلف قسمن جا زراعتي ريشا پڻ جام هئا ۽ انهن ۾ خاص طرح ڪپهه سڀ کان وڌيڪ اهم هئي.
”سنڌو“ سلطنت ۾ ڪپهه جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن بابت اڃا تائين ڪو قطعي فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. اسان کي اها پڪ هئڻ گهرجي ته انهيءَ شيءِ جو وڏي پيماني تي گهريلو استعمال ٿيندو هو. موئن جي دڙي مان گهڻي تعداد ۾ لڌل چڪراوان (چڪرا) انهيءَ قسم جا آهن، جيڪي ڊاڪٽر مئڪي جي چوڻ مطابق، صاف ظاهر ڪن ٿا ته اهي فقط ڪپهه جي ڌاڳي وٽڻ لاءِ استعمال ٿي پئي سگهيا ۽ خوشقسمتيءَ سان انهيءَ شيءِ جو هڪ اڻيل ٽڪرو اتي لڌو به آهي، جنهن ۾ هيرن جواهرن جو خاصو تعداد ويڙهيل هو. ان کان علاوه، نيم مجسمن ۽ پتيلن جي جسمن تي جيڪي چٽن وارا چوغا نڪتل نظر اچن ٿا، تن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن سنهي ۽ هلڪي ڪپڙي جا ٺهيل هوندا. هن باري ۾ ڪو ثبوت نه ملي سگهيو آهي ته ”سنڌو“ ايراضيءَ کان ٻاهر، ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين، ڪپهه جو ڪو استعمال ڪيو ويندو هو يا اهو ٻوٽو اتي ٻاهر ئي پوکيو به ويندو هو. انهيءَ ٻوٽي جي سنڌو لوڪن طرفان ٿيندڙ پوک جي حقيقت مان ڪجهه اهم نتيجا نڪرن ٿا. (28)
هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ هيءَ ڳالهه سمجهائي وئي هئي ته هيٺينءَ ”سنڌو“ واديءَ ۾ خريف واري فصل جي پوک، جنهن ۾ ڪپهه پڻ هڪ جنس هئي، ربيع جي فصل جي ڀيٽ ۾ (جنهن مان ماڻهن جي خوراڪ جو وڏو مقدار حاصل ٿيندو هو)، ڇو ته گهڻي ڀاڱي وڌيڪ محنت ۽ مشقت جي ضرورت پوندي هئي. هن باري ۾ اڃا تائين ڪوبه اهڙو ثبوت نه مليو آهي ته، سنڌو لوڪن طرفان استعمال ٿيندڙ گُڏ ڪرڻ جي کرپي ڪاٺيءَ کان علاوه ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ٺهيل هئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جو اوزار فقط اهڙي کيت ۾ اثرائتي نموني ۾ هلائي سگهبو هوندو، جيڪو اڳيئي آلو ٿي، نرم بنجي چڪو هوندو. سنڌ ۾ ڪيل جديد تجربا ٻڌائين ٿا ته پوک ڪرڻ جا ٻيا طريقا ۽ رستا، جهڙوڪ هر ڏيڻ (جيڪڏهن انهن ماڻهن کي هر جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ هئي)(29) ۽ کرپيءَ سان گُڏ ڪڍڻ پڻ، ريجيل زمين ۾ ئي اختيار ٿي سگهيا ٿي. فقط ان هڪ ڳالهه ئي ان زماني جي سنڌو درياءَ جي سيلابي ميدان ۾ خريف واري فصل جي پوک کي ڪن خاص هنڌن لاءِ انتهائي مخصوص نوعيت جي مهم جي صورت ڏيئي ٿي ڇڏي. فقط ڪن اهڙن زمين جي ٽڪرن ۾، جيڪي دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ سيلابي ڇنڊڻين جي لحاظ کان خاص طور موافق هنڌن تي بيٺل هوندا، اهڙن فصلن جي ڪاشت مفيد ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿي سگهندي هوندي. هنن جي انهن تقريباً ”ٻاراڻن“ اوزارن سان ٻنين ٻارن کي حد کان زياده پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ کان محفوظ رکڻ ۽ آبپاشيءَ تي ضابطي رکڻ لاءِ بندن ٻڌڻ جو ڪم فقط ان صورت ۾ اثرائتو ثابت ٿي سگهيو ٿي، جتي اهو سڄو ڪم تمام ننڍي پيماني تي ٿيندڙ هجي ها. وري خريف واري فصل ۾ ڪپهه اهڙي جنس آهي، جيڪا پچڻ ۾ ٻين سڀني جنسن کان وڌيڪ وقت وٺي ٿي.
ان ڳالهه سان هن حقيقت جي وضاحت به ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ سن 1900ع کان اڳي، جڏهن آبپاشي فقط سيلابي واهن ۽ نارن جي پاڻيءَ جي مدد سان ڪئي ويندي هئي. تڏهن ڪپهه تمام ٿوري پيماني تي پوکي ويندي هئي ۽ ان ۾ به ڪا حقيقي ڪاميابي ڪانه ٿيندي هئي. اهو ته فقط سدا وهندڙ جمڙائو واهه جي کلڻ جو نتيجو هو، جو ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ انهيءَ فصل اهميت حاصل ڪئي. سدا وهندڙ واهن ذريعي آبپاشي مارچ جهڙي آڳاٽي مهيني ۾ ٻج ڇٽڻ کي ممڪن بنائي ٿي، ته جيئن ڪپهه جو آخري چونڊو سياري جي پارن کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي سگهي. پر جن هنڌن تي پوک جو دارومدار درياءَ جي موسمي چاڙهه تي رهي ٿو، اتي ٻج ڇٽڻ جو ڪم عام طور تي جون يا سوير کان سوير مئي کان اڳ ۾ شروع ٿي نٿو سگهي ۽ هن ڳالهه جو امڪان رهي ٿو ته فصل جي(30) چونڊي لاءِ پچي راس ٿيڻ کان اڳي ئي ان کي ڪو نقصان پهچي وڃي. هڪ پاسي جتي درياءَ جي ڪپر وارن ڪچي جي علائقن ۾ سالياني اٿل جو پهريون ئي پاڻي پهچي وڃي ٿو، اتي انهن ايراضين کي بعد ۾ وڌيل پاڻيءَ جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ نهايت ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو. پوءِ جيڪڏهن اسين اهو اندازو لڳايون ته سنڌو لوڪ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪپهه پوکڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، ته ان صورت ۾ اسان کي هيءَ ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته انهيءَ زماني ۾ هن علائقي جي آب و هوا اسان جي پنهنجي زماني جا آب هوا جي ڀيٽ ۾ وونئڻ جي ٻوٽي جي اوسر لاءِ وڏيڪ موافق هئي.
پهرئين جلد ۾ هن شهادت ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو هو، ته ڏکڻ اولهه واريون چوماسي جون هوائون موجوده دور جي مقابلي ۾ ان وقت (ٿر جي ريگستان ۾) وڌيڪ زورائتيون لڳنديون هيون ۽ هيءَ ڳالهه سمجهائي ويئي هئي ته جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم ڪجي ته هڙاپائي دور ۾ اهي حالتون موجود هيون، ته پوءِ اسان کي هيءَ ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته انهيءَ علائقي جي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه حصي(31) مٿان جديد دور جي ڀيٽ ۾ برسات وڌيڪ مقدار ۾، باقاعدگيءَ سان پوندي هوندي. جيڪڏهن ائين هو، ته سنڌو واديءَ ۾ ڪپهه جي فصلن جي پوکجڻ ۽ اسرڻ جي راهه ۾ هائل دشوارين جو، جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اثر تمام گهڻي قدر گهٽ هجي ها، حالانڪ پوک لاءِ ڪم ايندڙ اوزارن ۾ ڪا گهڻي خوبي ۽ خصلت ڪانه هئي.
بهرحال هڪ ٻيو امڪان پڻ آهي، جيڪو اسان جي غور لائق آهي، جنهن ۾ آب و هوا جي مختلف حالات بابت ڪي اندازا ۽ انومان شامل ناهن. اهو امڪان هي آهي ته سنڌو لوڪ ڪپهه جي پوک جو وڏو حصو پنهنجي سلطنت جي ڏاکڻين صوبي (هاڻوڪي گجرات) جي ڪاريءَ مٽيءَ واريءَ زمين تي ڪندا هئا. جتي جديد زماني ۾ به يعني گهٽ ۾ گهٽ گذريل صديءَ ۾ پڻ اها جنس فقط چوماسي جي برساتن تي وسيع علائقن ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي ويئي آهي.
جيڪڏهن سوٽي ڌاڳي ۽ سوٽي ڪپڙي جي ڏيساورن ڏانهن روانگي ”سنڌو“ لوڪن جي اقتصاديات جو هڪ اهم جز هو، ته پوءِ ماڻهو هيءُ به اندازو ڪري سگهي ٿو ته اهو ڏورانهون ڏاکڻون علائقو انهيءَ ريشي جي پيداوار تي هڪ هٽيءَ واري ضابطي حاصل ڪرڻ جي مکيه مقصد لاءِ سندن حڪمرانيءَ هيٺ آندو ويو هو. پر اڄ ڏينهن تائين اسان کي هن معاملي ۾ ڪابه پڪي ثابتي نه ملي آهي. ته سنڌو لوڪ ڪنهن به صورت ۾ ڪپهه جو روانگي واپار ڪندا هئا ۽ نه وري اهڙن ملڪن ۾ ڪپهه جي ڪپڙي جي استعمال جي رواج جو ثبوت مليو آهي، جن سان انهن جا تجارتي تعلقات قائم هئا. حقيقت هيءَ آهي ته اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته، سُمر ۾ ”ار“ جي ٽئين، گهراڻي جي تحت، سال 2100 کان 2000 قبل مسيح تائين، جتي اوني ڪپڙن جو عام ۽ وڏي پيماني تي رواج هو، اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻن زرعي ريشن مان پڻ ڪپڙو اڻجي رهيو هو، جيڪي ريشا ڪاشتڪارن طرفان انهيءَ ملڪ ۾ پوکيا ويندا هئا. انهن مان هڪ ريشو سِڻي معلوم ٿئي ٿو، جنهن مان انتهائي نفيس قسم جو ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو. ٻئي وڌيڪ عام قسم جي ريشي (جيڪو بظاهر سڻيءَ جو ڪونه هو) مان گهڻو ڪري مڇيءَ مارڻ لاءِ رسا، يا ڄار ٺاهڻ کان علاوه هڪ اهڙو ڌاڳو به ٺاهيو ويندو هو، جيڪو ڪپڙي جي ڪن مخصوص قسمن ۾ پيٽي طور ڪم آندو ويندو هو ۽ وڌيڪ عاميانه ڪپڙو سڄو انهيءَ ڌاڳي مان ٺاهيو ويندو هو. ”ار“ وارو اهو دور، گجرات مٿان سنڌو لوڪن جي حڪمرانيءَ جي وڌيڪ آڳاٽي دور سان بظاهر ٺهڪي اچي ٿو. انهيءَ باري ۾ راءِ ڏيڻ تي دل هِرکي ٿي ته ”سُمر“ وارن جو اهو عام فائدي وارو سُٽ، جيڪو ”گُو“ (gu) جي نالي سان سڏبو هو، سو انهي ڪپهه جو ڌاڳو هو، جيڪا هڪ وقفي کان پوءِ جنهن جي دوران ۾ ان کي ”سنڌو“ ملڪ کان درآمد ڪيو ويو هو، ميسوپوٽيميا ۾ پوکي ويئي هئي، ۽ پوءِ انهيءَ سرزمين جي وطني ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ويئي هئي. پر در حقيقت، اسيريا ۾ ڪپهه کي هڪ ٻيو نالو ڏنو ويو هو، جڏهن اُها اٽڪل تيرهن سؤ سال پوءِ بظاهر پهرين ڀيرو سيناچريب (Sennacharib) طرفان انهيءَ ملڪ ۾ متعارف ڪرائي ويئي. وري، اسان کي ٽئين گهراڻي وارن جي ‘اُر’ تحريرن مان معلوم ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو سنڌو ۽ آسپاس وارن ملڪن کان دراصل ڪهڙيون ڪهڙيون شيون درآمد ڪندا هئا (بشرطيڪه انهن شين کي اسين سندن سُمرين نالن سان پوريءَ طرح سڃاڻي سگهيا هجون)، ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن شين مان ڪپهه هڪ جنس ناهي، جن جو انهن تحريرن ۾ ذڪر ڪيل آهي. (32)
سُمر ۽ سنڌو سلطنت جي اوج واري دور ۾ هليل سڌي واپار ي تفصيلن تي غور ايندڙ باب ۾ ڪيو ويندو، پر هِتي اسين انهن ڳالهين جي جاچنا ڪنداسون، جيڪي وڌيڪ آڳاٽي دور جي متعلق ٻنهي ملڪن ۾ ظاهر ٿيون آهن. پروفيسر گارڊن چائيلڊ ٻڌائي ٿو ته سميريا جي آڳاٽي گهراڻي واري زماني ۾، جيڪو سن 2850 ق.م ۽ 2380 ق.م جي درمياني پنج سؤ سالن جي وچ وارو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ ملڪ جو واپار ڪيڏي نه وسيع پيماني تي هلندو هو. مثال طور کوٽائين مان انهن جي طرفان سچن موتين جي تمام گهڻي استعمال جون ثابتيون مليون آهن، جيڪي هنن کي جيهون درياهه (Oxus) واري علائقي مان ئي حاصل ٿيندا هوندا. هاڻي اِها شيءِ ساڳئي وقت تي سنڌو وارن شهرن ۽ مصر، ٻنهي هنڌن تي به ڪم آندي ويندي هئي. تنهنڪري، گارڊن چائيلڊ چوي ٿو، ”سال 2500 قبل مسيح ڌاري اسان کي دجله کان وٺي سنڌوءَ ۽ جيهون تائين، ۽ فرات جي الهندي ۾ ويندي نيل(33) درياءَ تائين ڦهليل واپار جي هڪ وڏي سرشتي جو حقيقي بوتو ملي چڪو آهي.“ ساڳيءَ طرح موئن جي دڙي ۾ هڪٻئي جي پٺيان آيل کوٽائي ڪندڙن اتان لڌل ڌاتن، ٻين غير مقامي شين نيم-قيمتي پٿرن جي اصلوڪن ملڪن معلوم ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ پئي ڪئي آهي، ان مان واپاري تعلقات جو جيڪو نقشو اُڀري نڪتو آهي. سو محض پنهنجي وسعت جي لحاظ کان حيرت انگيز آهي. موئن جي دڙي کان قطب نما جي مکيه رخن کان نهارڻ سان نظر ايندو ته ماڻهن کي سچن موتين حاصل ڪرڻ لاءِ اُتر طرف بدخشان تائين ۽ زمردن لاءِ شايد ترڪستان ۾ وڃڻو پوندو هوندو. ڪشمير مان کين ديودار جو ڪاٺ ۽ ڪي ٻيون شيون ملنديون هونديون، اوڀر طرف، کين شيهو اجمير جي ويجهڙائيءَ ۾ ملندو هوندو، ۽ راجستان مان عام طرح کين ٽامو ۽ گهٽ درجي وارن قيمتي پٿرن جا مختلف قسم دستياب ٿيندا هوندا. ڏکڻ طرف، سپين ۽ نادن جا ٽڪرا ۽ موتي ڪاٺياواڙ ۾ ملي پئي سگهيا، پر زمرد لاءِ دکن تائين وڃڻ ضروري هو ۽ اڃا به وڌيڪ ناياب پٿرن لاءِ نيلگري ٽڪرين تائين وڃڻو پوندو هو، جيتوڻيڪ اهو پٿر ڪشمير مان پڻ دستياب ٿي سگهندو هون. آخر ۾ الهندي طرف ٽامي، چيروليءَ ۽ سنگمرمر جهڙي پٿر ۽ سنگ جراحت لاءِ بلوچستان وڃڻ ضروري هو. جو اهي سڀ شيون اتي موجود هيون، سون، چاندي، قلعي ۽ فيروزن لاءِ ايران ۽ هيرن(34) لاءِ ايراني نار جي ٻيٽن ڏانهن وڃڻو پوندو هونَ. انهن انتهائي قيمتي شين جي جواب ۾ سنڌ مان ڪهڙيون شيون ڏيساور موڪليون وينديون هيون؟ ٿي سگهي ٿو ته سنڌو ملڪ جي سُٽ ۾ سوٽي ڪپڙي لاءِ اُڀرندي ۽ ڏکڻ وارن ملڪن ۾ تمام گهڻي ۽ فوري کپت جون واپاري منڊيون موجود هيون توڙي کڻي سُمر ۾ انهيءَ شيءِ جي گهرج نه به هئي، جتان کان وري نفيس ڪپڙن جي اناطوليه ڏانهن برآمد ٿيندي هئي. جيڪي بظاهر سميريا جي پيداوار هئا. اهو سڄو واپار انهن جي ”ٽئين گهراڻي“ جي بادشاهيءَ کان پوءِ آيل دؤر ۾، ڌاتن جي بدلي ۾ هلندڙ هو، جنهن جو آغاز شايد گهڻو(35) آڳاٽو ٿي چڪو هو.
هڪ ڳالهه يقيني نظرا چي ٿي ته سنڌو لوڪن جي سلطنت اُنهيءَ دؤر جي قديم دنيا ۾ ٻين سڀني سلطنتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع هئي. سنڌو ترائي ۽ ان سان لاڳو اُتر اوڀر وارن ميدانن جي پکيڙ، جتي انهن ماڻهن جي آبادين ۽ شهرن کي سڀ کان پهرين سڃاتو ويو، ڊيگهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست سؤ ميل، ۽ ويڪر ۾ هڪ سؤ يا هڪ سؤ پنجاهه ميل آهي. البت اسان کي اهو معلوم ناهي ته هنن سنڌو لوڪن يا ”هڙاپا لوڪن“ کي سندن آباديون ايڏي علائقي ۾ ڦهلائڻ ۾ ڪيترو زمانو لڳو. پر اها ايراضي ذري گهٽ اوتري وڏي آهي، جيتري بعد واري اسيريا سميت، سمر ۽ اڪاد جي گڏيل ايراضي آهي ۽ ”مينس“ جي اترئين ۽ ڏاکڻين مصر جي گڏيل ايراضيءَ کان وڌيڪ وڏي آهي. ان جو سبب سندن گذار جي موجود ذريعن تي وڌندڙ آدمشماريءَ جو دٻاءُ نه هوندو، جنهن انهن کي پنهنجي آباديءَ کي ماپائڻ لاءِ ايڏي وڏي ايراضيءَ تي قبضي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هوندو.
اسين هن سلسلي ۾ هي اندازو بخوبي لڳائي سگهون ٿا ته سندن سرزمين ۾، سندن مقابلي ۾ ان طويل دور ۾ سندن اهڙا ڪي رقيب ڪين آيا، جن ۾ هنن جي حڪمراني ڪرڻ جي حق کي للڪارڻ جي قوت هجي، ۽ اها صورتحال ميسوپوٽيميا جي حالت کان بلڪل مختلف هئي، جتي هڪ ٻئي سان وڙهندڙ ۽ جنگيون جوٽيندڙ شهري رياستون ۽ طاقتور وحشي پاڙيسري هر وقت موجود هئا. ڇا هي سنڌو لوڪ اهڙا اڻ- ڍاپندڙ سامراجي هئا؟ يا ائين هو، جو انهن ۾ هڪٻئي سان مقابلي ڪندڙ ۽ اهڙا نت نوان پيدا ٿيندڙ گهراڻا هئا، جيڪي پنهنجي حڪمرانيءَ جي خواهش کي انفرادي طور پوري ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان جدا ٿيندا ٿي رهيا ۽ دور هئڻ جي باوجود پاڻ وٽ پنهنجي عام تمدن جون اصلوڪيون صفتون ۽ خوبيون ساڳيءَ حالت ۾ برقرار رکندا. انهيءَ سلطنت جي ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي طرف ڏانهن عظيم توسيع، انهيءَ دؤر ۾ ٿيل معلوم ٿئي ٿي، جڏهن موئن جو دڙو، سنڌ ۽ پنجاب جي ميدانن ۾ قائم ٿيل ٻيون آباديون اڃا تائين خوب وسندڙ هيون. جيڪڏهن هڙاپا وارن يا سنڌو لوڪن کي گهر- هاڪڙا علائقي ۾ نه، ته سنڌو واديءَ جي سرزمين ۾ حيرت انگيز طور انتهائي ٿوري تعداد ۾ تصور ڪيو وڃي ته پوءِ اسان انهن جي انهيءَ نموني سان سوين ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع ملڪن ۾ پهچڻ ۽ وڌيڪ آبادين جي وسائڻ کي ڇا سمجهون؟
هن وقت ان جي سبب متعلق صرف اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ هيءَ سمجهاڻي به اهڙي ئي معتبر ٿي سگهي ٿي، جهڙي ڪا ٻي، ته هنن کي سندن هن خواهش کي اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪيو هوندو ته کين سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود قدرتي شين جي وسيلن کان مختلف ۽ وڌيڪ قسمن جي شين جو قبضو ملي ۽ ان سان گڏ انهيءَ قبضي کان اڳي ئي وڌندڙ ۽ ويجهندڙ سامونڊي واپار جا مرڪز هوندا هئا.
سنڌو لوڪن ڏکڻ ميسوپوٽيميا ۾ واقع اُر جي ماڻهن جي درميان واپاري تعلقات جي موجودگيءَ جي حقيقي صورت ۾ انتهائي اوائلي شهادت، ’اُر‘ جي شهري- رياست وارن آڳاٽن بادشاهن جي شاهي قبرستان مان، جيڪي 2700 سال ق. م کان به اڳي اتي حڪومت ڪندا هئا، هڪ اهڙي مڻڪي جي دستيابيءَ جي صورت ۾ ملي آهي، جيڪو مخصوص ”سنڌو“ ساخت جو آهي.(36) انهيءَ مان هروڀرو سنئين سڌي تعلق هئڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، پر هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، ”سنڌو“ لوڪ (جيڪي انهيءَ زماني تائين شايد سنڌو نديءَ جي ميدان ۾ اڃا آباد نه ٿيا هئا؟) ۽ سمير يا جا ماڻهو انهيءَ وقت هڪ ٽينءَ قوم سان واپار ڪري رهيا هئا.
پروفيسر پگٽ جو رايو آهي ته، سنڌو لوڪن جو سُمر وارن سان واپار ڏکڻ بلوچستان ۾ واقع ”ڪُلي“ لوڪن سان ناتن هئڻ جي ڪري وڌيو، جن جا سمر وارن سان قديم گهراڻن واري دور ۾ پنهنجا سڌا تعلقات قائم ٿيل هئا. ڪلي تمدن جي هڪ مخصوص پيداوار مقامي پٿر مان ٽڪي ٺاهيل هڪ اهڙو ٿانءُ هو، جنهن جي ظاهري شڪل ٽوڪريءَ جي اڻت سان مشابهه هوندي هئي. اهڙا برتن يا ساڳئي قسم جون صندوقون، سوسا، ”اُر“ ميسوپوٽيميا جي ڪن ٻين هنڌن مان مليون آهن ۽ موئن جي دڙي جي مٿانهين توڙي هيٺانهين سطحن مان پڻ دستياب ٿيون آهن، جنهن مان انهن ٻنهي ملڪن جي درميان انهيءَ خاص چيز(37) جي واپار جي ساخت جون ميسوپوٽيميا ۾ سڃاتل گهڻيون ئي شيون- چٽن واريون مهرون، مخصوص قسم جي جڙاءَ واريون شيون، ٿوهي واري ڍڳي جون رسمي طور ڪونر جي اڳيان بيٺل شبيهون- ديالا نديءَ جي واديءَ وارن ميدانن ۾ قائم ٿيل آبادين مان لڌيون ويون آهن، جيڪا(38) سمر جي اتر ۾، آڪاد جي بادشاهيءَ ۾ دجله جي هڪ شاخ هئي، هن مان اهو انومان نڪري ٿو ته، ”سنڌو“ واپار جو چڱو خاصو حصو زميني رستي سان ٿيندڙ هو، جنهن ۾ شايد اتر- الهندي ايران جا شهر، حصار ۽ سيالڪ، پڻ اچي ٿي ويا، جن هنڌن تي سنڌو لوڪن جي نمونن جي ٺهيل شين جا ڪيترائي قديم آثار دستياب ٿيا آهن. هڪ مخصوص شڪل واريون پتل جون ميخون، جيڪي ايران جي انهن ”وحشي“ قومن جي هڪ خاص ڪاريگريءَ جون شيون آهن، جيڪي موئن جي دڙي ۽ چانهو دڙي مان لڌيون ويون آهن، سي اتان جي انهن ٿورين ٺاهيل شين ۾ شامل آهن، جن لاءِ اسان کي معلوم آهي ته، ”سنڌو“ لوڪ(39) انهن کي ڏيساور کان درآمد ڪندا هئا. ترڪستان جي شهر انائو مان مٽيءَ جي ٺهيل گاڏيءَ جو هڪ نمونو لڌو ويو آهي، جيڪو هڙاپا ۽ چانهو دڙي وارين گاڏين جو هوبهو نمونو هو، جيڪا ڳالهه انهن جي قريبي تعلقات ڏانهن اشارو ڪري ٿي. هيءَ ڳالهه اهميت جي ٿي سگهي ٿي ته انائو مان مليل ٽامي جي شين ۽ موئن جي دڙي مان لڌل ڪن ٽامي وارين شين جي تجزيي مان ظاهر ٿيو ته ٻنهي حالتن ۾ ڌاتوءَ ۾ مليل سينکئي جو فيصد حصو ساڳيو ئي هو. (40)
ائين پيو معلوم ٿئي ته سنڌو لوڪن پنهنجي گهڻين ئي پسگردائيءَ وارين آبادين کي مال جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ سهولت وارن مرڪزن طور منتخب ڪيو هو، خواهه انهن ۾ ڪهڙي به مال جي ڏي وٺ عمل ۾ ايندي هئي. امڪان آهي ته علي مراد الهندي طرف کيرٿر جبلن جي قطار مٿان ويندڙ مکيه شاهراهه تي هڪ قلع بند ڪاروانسراءَ هو. ڪوٽلا نِهنگ خان (روپار)، لورالائي ۾ دبر ڪوٽ، جهالاوان ۾ ميهي ۽ مڪران ۾ ستڪاگين دوڙ، سڀئي بظاهر انهن شاهراهن جي اهڙن مرڪزي نقطن تي بيٺل آهن، جن تان واپار هلندڙ هو. هن باري ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي ته ”سنڌو“(41) واري زماني ۾ ستڪاگين دوڙ تائين سمنڊ رستي پهچي سگهبو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو شهر سمر ۽ ڪليءَ جي درميان واپار هلائڻ لاءِ بندر طور ئي وجود ۾ آيو هجي، پر ان جون پيچيده قلع بنديون سنڌو لوڪن جهڙيون آهن. ۽ اها تبديلي شايد انهيءَ دور جي نشاندهي ڪري ٿي، جڏهن اها جاءِ موئن جي دڙي ۽ ’اُر‘ جي درميان زمين کان ويندڙ تجارتي شاهراهه جي درجي کان ڦري، سامونڊي واپار جي شاهراهه جي حيثيت اختيار ڪري رهي هئي، جو ان تي انهيءَ تبديليءَ جي دوران قبضو ڪيو ويو.*
[b]نوٽ/ حوالا
[/b]
(1) موئن جي دڙي مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌو ”سلطنت“ جا ٻه گاديءَ وارا شهر هئا، جن مان ٻيو هڙاپا هو، پر هن ڪتاب جو بنيادي طور واسطو سنڌوءَ جي هيٺئين حصي واري صوبي سان آهي، جنهن تي موئن جي دڙي مان حڪومت ڪئي ويندي هئي.
(1-الف) آمريءَ لاءِ. حوالو جي-ايم- مئسل ”فرئليس ڊي آمري“، پئرس، 1964ع.
(2) حوالو، هن سلسلي جو پهريون ڪتاب (سنڌ، هڪ عام واقفيت) صفحا، 97-98، نوٽ، 72- اي.
(3) ڊاڪٽر اي. مئڪي، ”آڳاٽيون سنڌو تهذيبون“ ليوزئڪ ائنڊ ڪمپني، ٻيو ڇاپو (1948ع) صفحا. 122، 149، 155.
(4) سر مارٽيمر وهيلر، ”سنڌو ماٿريءَ ۽ ان جي پريان جون تهذيبون“، ٿامس ائنڊ هنڊسن، (1966ع) ص-70.
(5) سر ڪلاڊ انگليس، ”دريائن ۽ واهن جي هلت ۽ ضابطو“ (پونا 1949ع) ص-172.
(6) ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، ”سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ“، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. (1952ع)، صفحا. 316-318.
(7) گذريل ڪجهه سالن کان هيءُ خيال ڪيو پيو وڃي ته سنڌو نديءَ کي، جي هاڻي چڱيءَ طرح سان قبضي ۾ ڪيو ويو آهي، ته آئينده لاءِ فقط ان جي پاڻيءَ جي ورڇ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ ذيلي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ دائمي طور نظرداري رکڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو خيال سنڌ ۾ ملازمت ڪندڙ فني عملي جو پڻ آهي. ان هوندي به انهيءَ خيال کي سنڌو نديءَ تي مستند عالم، سر ڪلاڊ انگلس، جي رڪارڊ ڪيل قطعي چتاءَ جي روشنيءَ ۾ خطرناڪ حد تائين خوش فهمي ۽ دلجمعي سمجهڻ گهرجي، (بحواله ”دريائن ۽ واهن جي چال ۽ ضابطو“ صفحه (204 کان 207).
(8) سنڌو نديءَ جي چال متعلق سان جي جمع ٿيل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ اسين هن اندزي ڪرڻ ۾ حق بجانب ٿينداسون ته نديءَ ويجهڙائيءَ ۾ ئي پنهنجو اهو وهڪرو قائم ڪيو هو، جڏهن ان جي آسپاس ۾ اهو شهر وسايو ويو هو.
(9) انهيءَ علائقي جو سر ٽي. ايڇ. هولڊچ طرفان سندس ڪتاب ”دي انڊين بارڊر لئنڊ“، ميٿيون (1901ع)، ص، 9-107 ۾ تمام سٺي نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جي. پي. ٽيٽ ”دي فرنٽيئرس آف بلوچستان“، ودربي، لنڊن، 1909ع، ص. 112-118، ايڇ. ڊبليو. بيليو. ”فرام دي انڊس ٽو دي ٽائيگرس“، ٽروبنر، لنڊن، 1874ع، ص. 241-، 7-245.
(10) وي. گارڊن چائلڊ ”نيو لائيٽ آن دي موسٽ اينشنٽ ايسٽ“، روٽليج ائنڊ ڪيگان پل، چوٿون ڇاپو (1958ع)، باب 7 ”دي اربن ريووليوشن ان ميسوپوٽيميا“، خاص طرح ص. 29-128.
(11) اي. مئڪي، ص. 31 جي سامهون.
(12) شايد اها نوجوان عورت، جنهن جي کوپڙي چنهو دڙي مان ملي هئي، ساڳئي قسم جي نسل سان واسطو رکندڙ هئي. اي. مئڪي ص. 45-153 تائين.
(13) پي. بي. شيليءَ جو نظم ”او زيمانڊياس“.
(14) سر ايم. وهيلر، ص. 25.
(15) اي. مئڪي، ص 67، تصوير XVI شڪليون 4. اي، 4. بي، تصوي نمبر:XVII شڪل 5، ايس. پگٽ ”پري- هسٽارڪ انڊيا“ پينگئن جو چاپيل ڪتاب، (1950ع) ص. 183، تصوير 22، نمبر 6.
(16) ايم. وهيلر، ”دي انڊس سوليزيشن“، ڪيمبرج (1953ع) ، ص. 48-83.
(17) اي. مئڪي، تصوير XVII ، شڪل 9.
(18) آر. برٽن، ”سنڌ ائنڊ دي ريسز دئٽ انهئبٽ دي لوئر وئلي آف دي انڊس“ ڊبليو. ايڇ. ائلين. (1851ع)، ص. 37-172 ۽ 198.
(19) اي مئڪي، ص. 11، پگٽ، ص 179.
(20) اي. مئڪي، ص. 125.
(21) ايس. پگٽ، سامهون صفحي. 70- 169 جي ۽ شڪل 19، صفحو. 160.
(22) سمر ۽ آڪاد جا انهيءَ زماني جا حڪمران پنهنجن ويڙهو ماڻهن کي مٿي تي پائڻ وارن لوهن ٽوپن سان مسلح ڪندا هئا ۽ انهن جا حملي ڪرڻ جا هٿيار سنڌو لوڪن کان وڌيڪ سٺا ۽ اثرائتا هئا، سر ايل. وولي ”دي ايڪس ڪئويشنس ائٽ آر“، اونيسٽ بين، ٻيو ڇاپو (1963ع)، ص. 98-88. تصوير 7، ص. 64، تصوير 13، ص. 96 جي سامهون.
(23) سر ايم. وهيلر ” سوليزيشنس آف دي انڊس وئلي ائنڊبيانڊ“ (1966ع)، ص. 61-15 ۽ تصويرون 5-6.
(24) ايم. وهيلر ”سوليزيشنس“ (1953ع) ص. 28.
(25) سر ايم. سر وهيلر ”سوليزيشنس آف انڊس وئلي ائنڊ بيانڊ“ ص.057 سنڌو تمدن واري زماني کان آڳاٽي دور جي تمدن جا آثار ”ڪوٽ جا دفاعي تفصيل هيٺان“ لڌا ويا هئا.
(26) ايضاً، ص. 33-30.
(27) هيءَ ڳالهه غير امڪاني معلوم نه ٿي ٿئي ته ڪاٺياواڙ ۽ گجرات واري انهيءَ ڏاکڻين صوبي لاءِ شايد ڪوٽيون گاديءَ وارو شهر به هو، جيڪڏهن ائين هو ته ان صورت ۾ لوٿل ٻين سڀني کان انهيءَ مرتبي لاءِ وڌيڪ لائق معلوم ٿئي ٿو، حالانڪ ان کي اڃا تائين انهيءَ حيثيت ۾ نه سڃاتو ويو آهي.
(28) مئڪي، ص 82-105. هن حقيقت کي، ته ڪپهه جو هڪ خود رو جهنگلي ٻوٽو، ”گوسيپيم اسٽاڪ سائي“ (Gossypium stocksii) سنڌ ۾ملي ٿو. هاڻي هن مسئلي سان ڪا وابستگي نه ٿي ڏٺي وڃي ته ڪپڙي اڻڻ لاءِ آڳاٽي زماني ۾ ڪپهه استعمال ڪئي ويندي هئي، هن باري ۾ نباتيات جي ماهرن جي راءِ بلڪل واضح آهي ته ڪپهه جي پوکيل ڪنهن به قسم جي جنس انهيءَ جهنگلي ٻوٽي مان حاصل ٿيل ناهي، ”گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“، 1907ع ص. 33، سي. ايف. سر جارج واٽ، ”دي وائيلڊ ائنڊ ڪلٽيويٽيڊ ڪاٽن پلانٽس آف دي ورلڊ“ (لانگمئنس 1907ع)، ص 60-59، 63، 74-73.
(29) اهڙي اوزار جي موجودگيءَ بابت سنڌو وارن شهرن جي آثارن مان ڪابه سٺي شهادت اڃا تائين دستياب ڪانه ٿي آهي. جن شين جي متعلق مئڪي ائين سمجهيو هوته اهي هيرن جون چونيون هونديون، سي اهڙا ته بي ڍنگا ۽ ڳرا آهن جو اهي گُڏ ڪڍڻ يا هر ڏيڻ وارا اوزار ٿي ئي نه ٿا سگهن. (مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 132 جي سامهون، سي. ايف. وهيلر. ”دي انڊس سوليزيشن“ 1953ع، ص. 57). العبيد ۾ ڪم آندل سخت پٿر مان ٺهيل چونين تي غور ڪريو ته اهي ڪهڙي نه سهڻي نموني سان ٺاهيون ويون آهن، (وولي، حوالي ڏنل ڪتاب جي ص 25 جي سامهون ڏنل شڪل، 2).
(30) ”گزيٽيئر آف سنڌ“ ص. 72-226، 33-232.
(31) ”سنڌ، اي جنرل انٽروڊڪشن“ ص. 8، 80-79.
(32) سشمر ۾ اڻيل ڪپڙن لاءِ، حوالو، ”اُر ايڪس ڪئويشن ٽيڪسٽس ”III (اُر جي ٽئين گهراڻي جا ڪاروباري دستاويز)، ڇاپو ليئون لنگرين، ٽيڪسٽس 23، 1503-1404 وغيره کان 1780 تائين. سي ايف. آر. ڪئمپبيل ٿامپس جي ”اي ڊڪشنري آف اسيرين باٽني“ 1949ع، ص. 113. سيناچيرب جي اعلان لاءِ حوالي، ڪنگ، ”ڪيونيفارم ٽيڪسٽس فرام بائبيلونين ٽئبليٽس“ وغيره، 56 vii, XXX ۽ ”پروسيڊنگس آف دي سوسائٽي آف ببليڪل آرڪيئالاجي“ 1909ع، ص. 341، سميريا جي (شايد) سنڌ مان درآمادات لاءِ حوالو يو. اي. ٽي III ٽيڪسٽس 430، 818، 1368، 1498 وغيره.
(33) گورڊن چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 17 جي سامهون.
(34) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي صفحن. 57-174 جي سامهون. سي. ايف. گورڊن. چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 177 جي سامهون سون پڻ شايد ڏکڻ هندستان کان حاصل ڪيو ويندو هوندو.
(35) سي. ايف. گورڊن. چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 169 جي سامهون
(36) سر ايل. وولي، حوالو ڏنل ڪتاب ص. 112 جي سامهون اي.. مئڪي حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 146 جي سامهون.
(37) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 17-116، 8-207 ۽ شڪل، 10- (ص. 111) جي سامهون.
(38) سي. ايف. گورڊن. چائيلڊ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص. 70-169 جي سامهون.
(39) ايس. پگٽ، ص. 210.
(40) ايس. پگٽ، حوالي ڏنل ڪتاب جو ص. 209 سيئ ايفئ گپرڊم چائيلڊ جي حوالي ڏنل ڪتاب جي ص. 177 جي سامهون.
(41) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب جي ص 118 جي سامهون ڊيلس ”هڙاپن آئوٽ پوسٽس آن دي مڪران ڪوسٽ“ جي ”ائنٽي ڪشئٽي“ XXXVI (1962ع)، جو صفحو. 86.
(هي مضمون ڪتاب ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو 1 کان 34 تان کنيل آهي).