سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا: پروفيسر محبوب علي چنا

[b](نوٽ: ”مهراڻ“ رسالي جي 1-2/1973ع پرچي ۾ محترم ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو هڪ علمي مقالو، ”سنڌي زبان ۾ دراوڙي لفظ“، جي عنوان هيٺ شايع ٿيو آهي. سنڌي صاحب جي تحرير مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي قديم ترين تهذيب موهن جي دڙي تي دراوڙن جو فقط ”اڻ لکو“ اثر پيو آهي. ان متعلق ايڊيٽر مهراڻ پاران لسانيات جي ماهرن جو توجهه ڇڪايو ويو هو ته ”لسانيات جا مستشرقين توڙي ديسي عالم ان امر تي متفق آهن، ته موهن جي دڙي جي تهذيب، زبان ۽ ثقافت تي دراوڙ قوم جو ”ڪافي“ اثر رهيو آهي. لهذا محترم سنڌي صاحب جي راءِ ۾ سنڌي زبان تي دراوڙي قوم جي اثرات جو ”اَڻ لکو“ واسطو هجڻ عالمن لاءِ هڪ بحث طلب مسئلو آهي.“
ان سلسلي ۾ لسانيات جي ماهر ۽ محقق جناب پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”سنڌي رسم الخط جي ارتقا“ نالي ڪتاب تيار ڪيو آهي، جو ڇپائيءَ هيٺ آهي. عالمن ۽ ماهرن جي ڪيل تحقيقات ۽ڇنڊڇاڻ مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا، ان ڪري دراوڙن جي تهذيب، زبان ۽ ثقافت جو نه فقط گهڻي ۾ گهڻو اثر سنڌو ماٿر تي رهيو آهي، پر ان سان گڏ، ان اثر کي، سنڌو ماٿر جي تهذيب تي، دراوڙن جي ثقافت جو بنيادي اثر به چئي سگهجي ٿو، جو اڳتي هلي ٻين قومن ۽ انهن جي ثقافتن جي ميلاپ سان وسيع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ محترم پروفيسر چنا صاحب جو هي علمي مقالو پيش ڪجي ٿو. اميد ته ”مهراڻ“ جا پڙهندڙن ان کي دلچسپيءَ سان مطالع ڪندا. ع. م. گ.)[/b]

”مهراڻ“ سه ماهي 1973ع جي نمبر 1-2 ۾ عزيزم عبدالمجيد ميمڻ سنڌيءَ جو مقالو ”سنڌي زبان ۾ دراوڙي لفظ“ نظر مان گذريو. سنڌي صاحب جي لکت مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دراوڙن جو فقط ”اڻ لکو“ اثر سنڌ جي قديم ترين تهذيب موهن جي دڙي تي پيو. ان سلسلي ۾ ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب به لسانيات جي ماهرن جو توجهه ڇڪايو آهي.
ميمڻ صاحب جو مذڪوره عنوان اڳي ئي ڪافي بحث هيٺ اچي چڪو آهي. سنڌي ادب ۾ دراوڙن جو داستان ڪاڪي ڀيرومل آندو، جنهن جو ڪوبه ذڪر، حوالو يا اشارو ميمڻ صاحب نه آندو آهي. مون پنهنجي زيرطبع ڪتاب ۾ هن حقيقت جي اپٽار هن طرح ڪئي آهي:
”سنڌي ادب ۾ دراوڙن بابت احوال ڪافي آيل آهي. سڀني کان پهريائين ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي زنده جاويد تاليف ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ هن قوم جي ٻوليءَ (صرف و نحو) ۽ سنڌ ۾ هن قوم جي نشانات جي باري ۾ تيرهن هنڌن تي ذڪر آندو آهي. ان کان سواءِ انهن جو احوال صفحي 17 کان 22 تائين سندس ساڳئي ڪتاب ۾ پڻ آيل آهي. سڄڻ اهو ضرور ملاحظه ڪن.“ (1)
دراوڙي زبان جي اهڃاڻ ۽ آثارن جي سلسلي ۾ ميمڻ صاحب جيڪي اکر آندا آهن، ان مان ڪيترا ڪاڪي ڀيرومل جي نامياري ڪتاب ۾ اچي ويا آهن. دراوڙي ڳڻپ جي انگن جي سلسلي ۾ ‘اِٽي ڏڪر’ راند جي ڳڻپ جا اعداد ڪاڪي جي ڪتاب جي 193-194 صفحن ۾ درج ٿيل آهن. ڪاڪي ڀيرومل جي ڏنل لفظن ۾ نحوي سٽا ۽ صرفي تطبيق چٽي نموني ۾ معلوم ٿئي ٿي. پر ميمڻ صاحب جي اکرن جي سمجهاڻي قياسي پيئي لڳي. ٻيو ته دراوڙي ٻولين جا نالا پڻ درست نه ڏنا ويا آهن. ڪئنري (Kanaries) کي ”ڪناري“، تيلوگو (Telugo) کي ”تلنگو“ ۽ مئلي (Malay) کي ”ملائي“ سڏيو ويو آهي. ڌار ڌار دراوڙي ٻولين جي قسمن يا اپڀاشائن ۾ ‘اَمُرَ’ آيل نه آهن. هڪ وڏي لساني غلطي اها ڪئي ويئي آهي جو ”منڊا“ ۽ دراوڙي ٻولين جي وچ ۾ ڪا تميز نه ڪئي ويئي آهي ۽ منڊا ٻوليون، جي دراوڙي ٻولين کان گهڻو اڳ جون جهونيون ۽ گويا متقدم آهن، انهن جي هيٺين شاخن کي دراوڙي زبانون ڪري ليکيو ويو آهي: سنٿالي، منڊاري، سئورا (۽ نه ساورا) .
ميمڻ صاحب اڳتي هلي ڄاڻايو آهي ته ”عام طرح چيو ويندو آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو دراوڙ هئا، پر حقيقت اها آهي ته موهن جي دڙي جا سمورا ماڻهو دراوڙ ڪونه هئا. البت ڪي اهڃاڻ ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٿورا دراوڙ نسل جا ماڻهو به رهندا هئا، جيڪي بلوچستان جي لڪن کان لنگهي، سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا“هت ميمڻ صاحب هندالاجيءَ جي مشهور عالم اي. ايل. باشم جي جڳ مشهور تصنيف ”The Wonder that was India“ جو حوالو ڏنو آهي. پر ڪتاب جي ڇاپي جو نمبر ۽ سال نه ڏنو آهي. مون وٽ هي ڪتاب ‘گُروو پريس نيويارڪ’ جي ”ايور گرين جي“ پهرين ايڊيشن جو ٻيو ڇاپو سنه 1959ع وارو موجود آهي. هن ڇاپي ۾ مٿيون حوالو نظر نٿو اچي. مسٽر باشم پنهنجي تصنيف ۾ اڳتي هلي پاڻ دراوڙن لاءِ ائين ڄاڻايو آهي ته: ”جڏهن مسلم ڪاهه وقت جديد هند آريائي ٻولين۾ سواءِ سنهاليءَ جي، ٻين کي ادبي مقام حاصل ڪونه هو تڏهن دراوڙي زبانون صدين لاڪر زنده رهنديون آيون آهن.
وري اڳتي سنڌي صاحب لکي ٿو ته، ”آثار قديمھ جا ماهر به اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته موهن جي دڙي جا رهاڪو ڪهڙي نسل جا هئا؟ هتي هن ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي جي ‘سنڌ جي گزيٽيئر’ 1968ع جي صفحي 114 جو حوالو ڏنو آهي. ان بعد پنهنجو رايو هن طرح ٿو پيش ڪري: ”انهيءَ ڪري اسان جيڪڏهن ائين چئون ته موهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌ ۾ بنيادي طرح اصلوڪا باشندا سنڌي هئا، ته غلط نه ٿيندو، البت ڪجهه قدر دراوڙ به پوءِ اچي رهيا.“
هيءَ حقيقت آهي ته آثار قديمھ ۽ بشريات جا عالم اڃا ڪنهن پڪي ۽ پختي نتيجي تي نه پهتا آهن ته موهن جي دڙي جا اصلي ۽ ديسي باشندا ڪير هئا؟ پر ان مسئلي تي ماهرن جون ڪافي محققانه لکيتون موجود آهن، انهن جي مدنظر ميمڻ صاحب کي ان جي ڇندڇاڻ ڪرڻ گهرجي ها، ۽ ائين لکي ڇڏيائين ته ”بنيادي طرح اصلوڪا سنڌي“ هئا، سو هڪ محقق جو ڪم نه آهي. هن غير واضح راءِ تي علم الانساب ۽ بشريات جا عالم ضرور وضاحت لاءِ سوال پڇندا ته اهي اصلوڪا بنيادي سنڌي ڪهڙي نسل سان تعلق رکندڙ هئا؟ جو مواد موجوده دؤر ۾ مليو، ان مان بندي پنهنجي زير طبع ڪتاب ۾ ڪجهه ڇنڊڇاڻ ڪري آخر ۾ خلاصو پيش ڪيو آهي.هن مفصل تحقيقي احوال ۾ مسٽر باشم ۽ ڊاڪٽر سورلي جا به رايا اچي ويا آهن. حبيبن جي حظ خاطر ان ڪتاب مان اقتباسات پيش ڪجن ٿا.

[b]سنڌو ماٿر جا اصل باشندا:
[/b]بشريات ۽ حفريات جي عالمن سنڌو ماٿر جي اصلي باشندن جو نسلي جائزو ۽ جسماني ساخت جو اندازو ٻن قسم جي حاصل ڪيل شين مان ڪيو آهي: هڪ هنن جون کوپريون ۽ هڏن جا پڃرا ۽ ٻيو ڪنجهي ۽ پٿر جا بنيل انساني مجسما. موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ چانهو دڙي جي کوٽاين مان ڇهه کن کوپريون، چند انساني هڏن جا پڃرا ۽ لاتعداد هڏا مختلف هنڌن ۽ مختلف حالتن ۾ پکڙيل مليا آهن.انهن مان چند ته دفن ٿيل مليا آهن ۽ گهڻا ڪنهن اوچتي حادثي جو شڪار ٿيل معلوم ٿين ٿا. دفن ٿيل باقيات، هن تهذيب جي اهم مدفنن هڙاپا جي ايريا ‘جي’ ۽ ‘آر-37’ مان دريافت ٿيا هئا، پر افسوس هي آهي ته هن هڏاون پڃرن جو اڃا تائين تفصيلي جائزو نه ورتو ويو آهي. ان ڪري جي ڍانچا موهن جي دڙي جي گهٽين يا مڪانن مان لڌا ويا آهن، انهن جي تحقيق جي رپورٽ تي اسان کي ڀروسو ڪرڻو پوندو. اهڙيون رپورٽون مارشل، ميڪي، ڪرنل سميول ۽ مسٽر گوها شايع ڪيون آهن. انهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ‘موهن جي دڙي’ ۾ چئن مختلف نسلن جا باشندا آباد هئا: هڪ پروٽو آسٽرلائڊ (Proto Australoid)يا آسٽريلوي نسل؛ ٻيو بحر رومي يا ميڊيٽرينين (Mediterranean) نسل؛ ٽيون الپائني (Alpinoid) ۽ چوٿون منگولي.
وهيلر صاحب پنهنجي پهرئين ڪتاب ‘دي انڊس سِو لائيزيشن’ ۾ هوبهو مٿيون احوال ڏنو آهي.
پر ان بعد ٻئي ڪتاب ۾ مذڪور لفظن ۾ هن طرح اضافو ڪيو اٿس: ”وڏن مٿن وارو قسم، جو ڪثرت ۾ آهي، ”پروٽو آسٽرلائيد“، ڪاڪيز (Caucasic) يا يور-آفريڪن (Eur-African) سان مشابهت رکي ٿو. ٻيا جي ذرا هلڪي ساخت جا آهن سي روايتي بحر رومي، هند يورپي يا ڪئسپين (Caspian) قسمن جا آهن“.
دريافت ٿيل کوپڙين ۾ اڌ کان وڌيڪ هڪ ئي نسل سان تعلق رکن ٿيون ۽ هي نسل بحر رومي (Mediterranean) آهي. پروفيسر اسٽوئرٽ بحر رومي ماڻهن جي باري ۾ لکيو آهي: ”موجوده زماني ۾هي ماڻهو آئبيريا (اسپين – پورچوگال) کان هندستان تائين گهڻي تعداد ۾ ڦهليل آهن. هن جنس جا خاص قسم فلسطين جي اندر نطوني دؤر ۾ ملن ٿا. هي گروهه اُتر – آفريڪا جي ڏاکڻي پاسي ۽ ايشيا جي اندر هڪ ٻئي کان ممتاز ٿيو هوندو. فرعونن کان اڳ جا باشندا هن جنس سان تعلق رکن ٿا. هن گروهه جا خالص ۾ خالص نمائندا عرب ۾ ملن ٿا. هي ماڻهو هندستان جي شمالي حصي ۽ پڻ ٻين هنڌن جي اعلى ذاتين ۾ به ملن ٿا. هي پوري پُني قد جا به آهن ته بلند بالا قد جا به، رنگ سانورو به اٿن ته زيتوئي قسم جو ۽ بادامي به، کوپري ۽ چهرو لمبو، سنئون نڪ، ڪارا وار، اکيون وڏيون ڪشاديون، پر ڪاريون به ۽ بادامي به، بدن جي بيهڪ اڀريل. اهي ثابتيون ظاهر ڪن ٿيون ته هي وڏين کوپرين وارابحر رومي ماڻهو، سيالڪ (ايران)، اَناؤ (ترڪي)، العبيد (سميرين مرڪز)، علي شهر (ايشيا مائنر) وغيره، مغربي ايشيا جي قديم ترين کيتين وارن هنڌن ۾ هر جڳهه آباد هئا. العبيد جون کوپريون ته موهن جي دڙي جي کوپرين سان قريبي مشابهت رکن ٿيون. ان ڪري ميسرس اورسيل، گرئبوسڪا ۽ اسٽرن سنڌو ماٿر جي تهذيب کي ”سميرو-ڊرئويڊين ڪلچر“ (Sumero-Dravidian Culture) سڏيو آهي.
ڪرنل سِول جي تحقيق موجب سنڌو ماٿر ۾ هن نسل جي مردن جي لمبائي پنج فوٽ سوا چار انچ هئي ۽ عورتون چئن فوٽن نوَ انچن کان چئن فوٽن ۽ سوا چار انچن تائين ڊگهيون هيون.
ٽي کوپڙيون پروٽو آسٽرلائڊيا آسٽريلوي نسل جون مليون آهن. هي ننڍي قد جا هئا ۽ ڪرنل سميول جي اندازي جي مطابق هنن جي ڊگهائي سراسري پنج فوٽ ۽ هڪ انچ هئي. هنن جو رنگ گهاٽو ڪارو، وار ڪارا ۽ گُهنڊيدار، مٿو ڊگهو، نڪ ويڪرو ۽ چپٽيل ۽ سندن چپ ٿلها ۽ گوشت سان ڀريل هوندا هئا. هن نسل جا باشندا اڄ به وچ ۽ ڏکڻ هندستان ۾ آهن ۽ برهمڻ انهن سان اڇوتن جهڙو سلوڪ ڪن ٿا.
منگول نسل جي فقط هڪ کوپري ملي آهي. موهن جي دڙي جي لڌل کوپرين مان هڪ يقيني طرح ۽ ٽي شبهي طور الپائيني (آلپس جبل جي آسپاس) قرار ڏنيون ويون آهن. بشريات جي ماهرن ڏيکاريو آهي ته مشرق بعيد ۾ پاسٽوسين يا برفاني دؤر جي آخرين حصي جا آثار نظر آيا آهن، جي به چند لک سال حضرت مسيح عليه السلام کان اڳ (ق-م) آهن، پر چند ماهر هن خيال جا آهن ته منگولي نسل جي ماڻهن جا آثار قديم حجري دؤر (پٿر وارو دؤر) جي مٿين تهن جا (جي ڪئين ڪروڙ سال ق-م کان به اڳ جا آهن) معلوم ٿين ٿا. هنن جا نمايان نظارا منگولي ترڪستان جي ”چوڪوٽين“ (Chou-koutine) غار مان معلوم ٿين ٿا. هتي هي به معلوم هجي ته مفروضه ترڪي – منگولي نسل جي ماڻهن لاءِ ”توراني“ جو اصطلاح مئڪس مولر (Max Muller) گهڙيو هو. ان جي بدران 1873ع کان ۽ خصوصاً ويهين صديءَ ۾ مسٽر ايم-اي ڪئسٽرن (M.A.Castren) جي تجويز جي مطابق التائي (ALtais) جو اصطلاح استعمال ٿيڻ لڳو آهي. هن کان وڌيڪ وسيع تصور ”يورال التائي“ (Ural-Altais) آهي جوهيٺين قومن تي به حاوي آهي: زمره سامويد (Samoyed) ، زمره فينو-اوغري (Finno Ugrians) ۽ زمره تونغوز (Tunguses).
هڙاپا جي ايريا ”جي“ ۽ مدفن ”آر – 37“ مان جي هڏن جا پڃرا نڪتا آهن، تن جي سرسري جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته هنن ماڻهن جا سِر وڏا، ڊگها يا بيضوي آهن، سندن کوپڙيءَ جو مٿيون هڏو اوچو، چهرو لمبو ۽ نڪ ويڪرو آهي. اهڙيءَ طرح هي موهن جي دڙي واري آسٽريلوي نسل سان مشابهت رکن ٿا.
هت هي به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اهڙا مدفن هندستان جي اترئين مقام ”روپار“ ۽ ڪاٺياواڙ جي ٻين هنڌن ”رنگپور“ ۽ ”لوٿال“ ۾ به مليا آهن. ڊاڪٽر سنڪاليه ڏيکاريو آهي ته هنن جي دفن ڪرڻ جو طريقو به هڙاپه جي قديم ماڻهن وانگر آهي. جيئن ته هي سنڌو سڀيتا جا نوان هنڌ ”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙاپا“ جي وقت کان پوءِ جا آهن ته پوءِ هنن جا رهاڪو به ضرور مذڪور هنڌن جي نسلن وانگر هوندا. سروهيلر ڄاڻايو آهي ته جي هڏاوان پڃرا لوٿال مان مليا آهن اهي گول مٿن وارا آهن ۽ هڙاپن باشندن جهڙا نه آهن پر گجرات جي موجوده باشندن سان مماثلت رکن ٿا. تاريخي ۽ محققانه رد تڏهن پايه تڪميل تي پهچندوجڏهن اسان اڳتي ان نقطي تي تفصيلي بحث ڪنداسين ته سنڌو ماٿر جا باشندا ”دراوڙ“ هئا ۽ جڏهن نَوَن آيل ماڻهن انهن تي حملو ڪري انهن کي ڏاکڻي طرف ڌڪيو تڏهن انهن وري پنهنجون نيون بيٺڪون ٺاهيون. ٻيو هي قطعي ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌو ماٿر ڌار ڌار تهذيبن جي ميلاپ جو مرڪز هو. ان ڪري هن ۾ نموني نموني جا نسل اچي واسو ڪندا هئا.
هن سلسلي ۾ رهنمائيءَ ڪرڻ لاءِ، ٻيون شيون پٿر ۽ ڪنجهي مان بنيل انساني مجسما آهن. پر انهن مان نتيجن جو ڪڍڻ قابلِ اعتماد نه آهي ۽ کوپڙين ۽ هڏاون پڃرن جي جائزي سان انهن جو تقابلي نتيجو زياده صحيح نٿو ملي.ڇو ته هي مجسما اصل جي نقل تي نه بنايا ويا آهن ۽ نه وري انهن جا خدوخال زياده چٽا آهن. بهرحال جو ”حال پريان نال“ جي مصداق سڄڻن کي سُڌ ٿي ڏجي ته موهن جي دڙي مان حاصل ٿيل چار مجسما (بوتا) قابلِ غور آهن. پهرين ته ڪنجهي مان ٺهيل هڪ ناچڻيءَ جو بوتو، جنهن جي زلفن جي آرائش ۽ ٻي سجاوٽ ڏکڻ بلوچستان جي ‘ڪِلي ڪلچر’ جي پختهءِ مٽيءَ جي بنيل مورتن سان مشابهت رکي ٿي. ڀريل ٿلهن چپن واريءَ هيءَ خاتون آسٽريلوي نسل سان متعلق ڪري سگهجي ٿي. آسٽريلوي نسل جي ماڻهن جو ڪارو رنگ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي قديم نالي ‘گيڊروشيا’ (Gedrosia) يعني ‘ڪاري رنگ جي ماڻهن جو ملڪ’ جو تعلق به غور ڪرڻ جي لائق آهي. چوني پٿر جي بنيل آدميءَ جي سِر جومجسمو به اهم آهي. هن جي ننڍي پر پوري لهريدار ڏاڙهي، سِر تي چپڪيل لهريدار وار، جو جوڌي جي شڪل ۾ وارن جي پٽيءَ سان ٻڌل آهي، هن کي بحر روميءَ جي نسل سان لاڳاپيل ڏيکارين ٿا. هڪ ٻئي بوتي جون اکيون منگول جي نسل ڏانهن دلالت ڪن ٿيون. اچو ته وڌيڪ ڪجهه منگولن لاءِ معلوم ڪريون.
هندوستان جا منگول پنهنجي نسب جون نشانيون هن طرح مختلف انداز ۾ پيش ڪن ٿا: ويڪرومنهن، ناسي ڦڪڙو چهرو، ننڍو قد، اکين وارا هڏا مٿانهان ۽ چيني اکيون. اهڙو قسم ججهي انداز ۾ تبت ۽ ڀوتان جي اوچين ماٿرين توڙي ڪشمير ۽ نيپال ۾ ملي ٿو.
بنگال ۾ هي نسل دراوڙي نسل سان ملي ويو آهي ۽ گڊي ذات پيدا ڪئي اٿس، جنهن ۾ هند-يورپي رت جوگهٽ دخل آهي. هي پڻ پسجي ٿو ته اولهه-اتر وارين سرحدن تي، جنهن ۾ هزارا ۽ افغانستان جا ‘ايمڪ’ اچي وڃن ٿا، هرات ۽ ڪابل جي وچ ۾ اچي مقيم ٿيا ۽ پنهنجي اصلوڪي ٻوليءَ فارسيءَ جي فائدي ۾ ڳالهائيندا رهن ٿا. ڪن خاص حالتن ۾ انهن منگولن جي نقل و حرڪت تيز حملي جي صورت ورتي آهي. خاص ڪري جڏهن هيونگ نو (Hiung-nu) سندن رهائش ڦيرائي يا چنگيز خان فتحون شروع ڪيون. تيمورلنگ جي شهنشاهيت يا هندوستاني مغلن جو لاڳاپو سندن اصلي نسب سان ٿورو هو. هي ترڪي ۽ مسلمان عناصر جا هئا.
مسٽر اي-ايل-باشم پنهنجي جڳ-مشهور تصنيف ۾ هڪ هنڌ هي سوال ڪري ٿو ته ”هن وڏي تهذيب جا معمار ڪير هئا؟“ ان بعد باقياتي تفتيش جو مذڪور احوال ڏيئي لکي ٿو ته: ”موجوده ڏکڻ هندستان وارا، بحر رومي ۽ آسٽريلوي نسلن جا سنجوڳ آهن، جي هڙاپا ڪلچر جا ٻه مکيه نسلي عناصر هئا.
وڌيڪ هڙاپا مذهب گهڻي ڀاڱي هندستان سان مشابهت رکي ٿو، جو دراوڙي ملڪ ۾ خصوصي طرح معروف آهي. بلوچستان جي پهاڙين ۾، جتي نال ۽ ذوب سڀيتائن پنهنجا ننڍڙا ڳوٺ ٺاهيا، ۽ بروهي، جي نسبي طرح گهڻو ڪري ايراني آهن، دراوڙي ٻولي ڳالهائين ٿا. ان ڪري تجويز آهي ته هڙاپا تهذيب جا باشندا دراوڙي هئا. قادر ايڇ. هراس جو انهن جي لاءِ هڪ سند جو درجو رکي ٿو، سو سندن تحرير جي تفتيش ڪندي ثابت ڪري چڪو آهي ته هن سڀيتا جي سڄڻن جي زبان تامل جو قديم قسم آهي“.
”هي سمجهيو ويو آهي ته هڙاپا جا باشندا قديم آسٽريلوي نسل سان لاڳاپو رکن ٿا، جوهڪ وقت سڄي هندستان تي حاوي هو ۽ بحر رومي نسلي اثر هيٺ دٻيل هو، جو هندستان جي حدن ۾ تهذيب جا عناصر کڻي گهڻو اڳ آيو. بعد ۾ وڌيڪ حملن جي زور ڪري، هي بحر رومي عنصر سڄي برصغير ۾ ڦهلجي ويو ۽ وري ڏيهي باشندن سان ملي جُلي ‘دراوڙ’ بنجي ويا. هن نظريي لاءِ هڪ مکيه اعتراض هي آهي ته ڏکڻ هندستان ۾ قديم دراوڙن جا جي اُڀا پٿرن جا نشان (Magaliths) آهن، سي ڪي ايترا آڳاٽا نه آهن، وري هڪ ٻيو نظريو ميدان ۾ آيو آهي ته دراوڙ هندستان ۾ مغرب کان سمنڊ ذريعي پهرئين هزار سال ق.م. جي ٻئي اڌ ۾ آيا.“
وڌيڪ تازه ترين کوجنائن مان اتر بلوچستان جي هيٺ ڏنل مقامن سان آڳاٽي هڙاپا سڀيتا (Pre-Harapan Culture) جا چار هزار ساله ق.م. جا نشان مليا آهن.
آثار قديمه جي ماهرن ظاهر ڪيوآهي ته جيتوڻيڪ ثقافتي نمائش ۾ خِطي جي ڦيرگهير جو اثر رهي ٿو، ته به مختلف ماٿرين جي سڀيتا بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پاڻ ۾ مليل جليل رهي ٿي. هنن جو خيال آهي ته ٽي هزار سال ق. م. جي اڌ ۾ ”ڪوٽ ڏيجيءَ“ جو آڳاٽو هڙاپا ڪلچر بلوچستان جي ڳچ حصي تي حاوي ٿي ويو ۽ ثقافتي استحڪام حاصل ڪيائين. ان بعد جلد ئي مشهور سنڌو سڀيتا، پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن ۾ ڪَرُ کنيو ۽ جي ثقافتي خصوصيتون،بلوچستان ۽ سنڌو ماٿر جي ٻئي ڪنهن هنڌ ڏٺائين، تن کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيائين. جن هنڌن محڪمه آثار قديمه، پاڪستان، بلوچستان سرڪار جي مدد سان کوٽايون ڪيون آهن، سي هي آهن:
ڪوئيٽا ماٿريءَ ۾ رضوي ڪرؤنا جي ڀرسان، پشين ۾ جگجال، زوب ۾ هندو باغ جي نزديڪ لهاره، خوئداد نزديڪ مرغھ ڪذيائي، لورالائي ضلعي ۾ ڪشڪل ۽ ڪؤنري، ڊمب چنارو زئي، هسل خانزئي ۽قلات ۾ ولي محمد ۽ شيرين ناب. (ڊان: انگريزي اخبار اڱارو، 4-جولائي 1972ع، ص1 ۽ 7). مذڪور احوال مان ظاهر ٿيو ته دراوڙن سنڌ ۽ پنجاب جي آثارن کان اڳ چار هزار ق.م ۾ بلوچستان ۾ واسو ڪيو، جنهن جا چٽا اُهڃاڻ سندن تعلق واري قوم ”بروهي“ آهي. اهوئي سبب آهي جو هيءَ دراوڙي قوم آرين جي ڪاهه جو پهريون شڪار رهي ۽ جنهن کي ويدن ۾ ”دسيوس“ سڏين ٿا، يعني ڊاڪو يا رهزن. وري هڪ ڪهاوت مطابق هي ‘شيطانن يا ديون’ ۾ تبديل ٿي ويا.
”اسان فقط ايترو يقين سان چئي سگهون ٿا ته سنڌو ماٿر جا چند باشندا اهڙي قسم جا هئا، جي مغرب بعيد ۾ ملن ٿا ۽ انهن جا پونير هاڻي هندستان ۾ موجود آهن.“
مسٽر باشم جهڙو محقق به پير ڪڍائي ويو آهي، هن صاحب کي به محققانه رايو قائم ڪرڻ کپندو هيو. بهرحال مسئلو ئي اهڙو آهي. ڊاڪٽر سنڪاليه کي ٻڌو، جو لکي ٿو:
”پر هي سوال جو عالمن ۽ بشريات ۽ جفريات جي ماهرن کي منجهائي ٿو، سو هي آهي ته ڏکڻ هندستان جاهي پهريان چانور کائيندڙ ڪير هئا (حالانڪه هن قسم جي اَن جي ثابتي اڃا هندستان جي هن ڀاڱي مان ڪانه ملي آهي. جيتوڻيڪ ڪولهاپور وٽ ٻن صدين عيسويءَ جي هڪ گهرجي کوٽائيءَ مان چانور مليا آهن ۽ وچ هندستان مان به ٻارهين صدي ق. م يا هستناپور مان به ڪم از ڪم 8-9 صدي ق.م جا آڳاٽا چانورن جا آثار مليا آهن.) هڏاوان پڃرا ذرا گهٽ مدد ڏين ٿا جو هو گهڻو ڪري مسخ ٿيا پيا آهن ۽ حصن ۾ مليا آهن. زڪر من ”اديچنلر“ جي هڏن مان سمجهيو آهي، ته هي باشندا دراوڙ هئا. (ڇوته هنن جا هڏاوان پڃرا موجوده دراوڙي ٻولين ڳالهائيندڙ باشندن سان مشابھ هئا. ڪرسٽرف وان فيورر هيمنڊ ورف، ثقافتي بشريات جي ماهر دور رس اهميت جو هڪ عجيب و غريب نظريو پيش ڪيو. هن رايو ڏنو ته پٿرن جي نشانن جا ٺاهيندڙ بحر رومي نسل مان هئا، جي شايد الهندي ڪناري تي سمنڊ ذريعي آيا. ڏکڻ هندستان ۾ اٽڪل 500 ق.م ۾ داخل ٿيا ۽ اترئين طرف پکڙجي ويا ۽ اڳين نو حجري ۽ وچين حجري دؤر جي نواسين تي، جي اڌ رولو ۽ کاڌي جي تلاش ۾ هئا، تن کي زير ڪيائون. وڌيڪ جيئن ته ڏکڻ هندستان جي پٿرن جي نشانن جي حد دراوڙي ٻولين سان ڪرَ ساهي بيٺي آهي، ان ڪري هي ئي باشندا آهن جن هِن خطي ۾ دراوڙي زبانون رائج ڪيون ۽ انهن جي ئي بادشاهن جا نالا ڪولاس، ڪيراس ۽ پانڊياس هئا، جن ڏي آسوڪا جون آشائون مخاطب ٿيل هيون. ان ڪري اوائلي تامل 500 ق. م تائين پهچي ٿي. بنيادي ثابتي، جنهن تي همنڊورف پنهنجو نظريو قائم ڪيو آهي، سا هيءَ هئي ته اولهه يوروپي پٿرن جي نشانن (Magaliths) ۾ چند قبرن جهڙا اڀا، وڏا ۽ سنوان پٿرن جا ٽڪر هئا، جن جي وچ ۾ هڪ خلاء هئي. هي پٿرن جا ٽڪر ٻه هزار ق. م کان پوءِ جا نه آهن ۽ منجهن ڪا لوهائين شئي به پيل نه آهي. ان ڪري سنه وار ۽ ثقافتي نقطه نظر سان اندازو لڳائبو ته هي يورپي پٿر جغرافيه طور يا وقت جي مدنظر ڏکڻ هندستان وارن پٿرن کان دور آهن، ان ڪري بناوتي تعلق ٻنهي جي وچ ۾ به سمجهائڻ کان بالا آهي.

[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) ”سنڌي رسم الخط جي ارتقا“ (زير طبع)، پروفيسر محبوب علي چنا ص 134-135
(2) منڊا قوم جو احوال اڳتي ايندو. (م.چ)
(3) سنڌي صاحب جو مقالو،مجلھ مهراڻ سه ماهي، جلد 22- نمبر 1 ۽ 2، 1973ع ص 177
(4) A.L. Basham ‘The wonder that was India, N.Y. 1959, P 393.
(5) ‘سنڌي رسم الخط جي ارتقا’ (زيرطبع) محبوب علي چنا، ص 73-96
(6) Wheeler, SirMortimer, “The Indus Civilization” 2nd Ed: 1960, P 56.
(7) Wheeler, Sir Mortimer, “Civilization of the Indus Valley and Beyond” 1966, P:36.
(8) Piggot Stuart “Prehistoric India”, PP: 145-146.
(9) Oursel, Paul Masson, Grabowska, Hetend-De-William and Stern Philippe, “Ancient India and Indian Civilization”, London, P.19
(10) Bowlejohn “The Concise Encyclopaedia of World History”, 1958, P:19.
(11) اردو دائره، معارف اسلاميه، دانشگاهه پنجاب، لاهور، جلد 1، 1964ع ص 219-220.
(12) Sankalia, H,D, “Indian Archaelogy” P:53,61,62,95,96,103,104.
(13) Wheeler, Sir Mortimer, “Civilizatin of Indus Valley and Beyond”, 1966, PP: 36-37
(14) Piggott Stuart, “Prehistoric India” P 148
(15) بنده جي تحيق ٻارنهن سال اڳ، جا آمريڪي لساني ماهرن جي آڏو پيش ڪئي ويئي، سا به فادر هراس سان ملي جلي ٿي ۽ هاڻي هڪ فنش لساني ماهر ڊاڪٽر پارپولا، جنهن جو تعلق ڊينمارڪ جي ڪوپن هيگن يونيورسٽيءَ سان آهي. ڪميپوٽرن ذريعي موهن جي دڙي واري زبان جي ڳولها ڦولها ڪري رهيو آهي. اهو صاحب به ڪم و بيش هن ئي خيال جو آهي. وڌيڪ احوال اڳتي ايندو. (م.چ)
(16) Haimendorf, C.Von Furer, ‘Illustrated Lodon News’ 1-7 1950, PP.24, ff.
(17) هن مان سنڌي لفظ ‘ديوس’ نڪتو آهي،جو به اهڙي اونداهيءَ معنى ۾ سنڌي ۾ ڪم اچي ٿو. (م.چ)
(18) Basham, A.L “The wonder that was India” Second Printing, 1959, PP.24-25
(19) Zuckerman, S. “The Adichanallur Skulls”, Bulletin Madras Government Museum, N.S. General Section, Part 11, 1930, PP. 19-20
(20) Magalith لفظ ان طرح يوناني لفظن جو آهي (Megas-وڏو، Lithes پٿر.
(21) اهڙن Megaliths کي Dolmene سڏبو آهي.

[b](ٽه ماهي مهراڻ تان ورتل).[/b]