سنڌ جي قديم تاريخ جون حقيقتون: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ
[/b] سنڌ هڪ عظيم خطو آهي، جنهن کي نهايت ئي قديم دور کان وٺي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن رهيو آهي. ”سنڌ جي قديم تهذيب، مصر ۽ بابل جي تهذيبن کان وڌيڪ آڳاٽي ٻڌائي وئي آهي. موئن جي دڙو جا کنڊر جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوڪري ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ آهن، 2500 سال قبل مسيح جا تصور ڪيا وڃن ٿا. هي اهو دور هو، جنهن ۾ عراق ۾ اڪاد قوم جي حڪومت هئي. مصر ۾ ان وقت وچئين دور جي فرعونن جو راڄ هو، جي قديم دور جي فرعونن ۽ پوئين گهراڻي جي مصري بادشاهن جي وچ واري ڪڙي سمجهيا وڃن ٿا. موئن جي دڙي واري تهذيب کي مصر جي انهن فرعون بادشاهن جو همعصر تصور ڪرڻ غلط فهمي تي مبني آهي، جن مصر جا اهرام ٺهرايا هئا. مصر جا ماڻهو دنيا ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽا تهذيب يافته نسل جا ماڻهو آهن ۽ اهي 3000 سال قبل مسيح ڌاري تهذيب ۽ تمدن جي سڀني ضروريات تي حاوي ٿي چڪا هئا. خوفو جنهن مصر جو سڀ کان وڏو پهريون اهرام (Pyramid) ٺهرايو هو، انهيءَ جو راڄ تقريباً 2800 سال ق. م جي ڪٿيو ويو آهي. نه فقط ايترو پر جيڪي پويان فرعون هئا، انهن جي تهذيب پڻ موئن جي دڙي جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو آڳاٽي هئي. ڪوٽڏيجي جا کنڊر جن کي موئن جي دڙي کان 500 سال اڳ جو ٻڌايو ويو آهي، اهي به پوين فرعونن جي دور کان اڳ جا نه آهن. اهو البت ظاهر ٿيو آهي ته موئن جي دڙي وارا ماڻهو عراق جي سميري قوم جا همعصر هئا ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي قومن جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ هو. (1)
سميري قوم جنهن عراق ۾ بابل جي مشهور تهذيب جو بنياد رکيو، انهيءَ عظيم نسل جي هڪ شاخ هئي جنهن جا ماڻهو سنڌو ماٿري، ڏکڻ بلوچستان، فارس، خوزستان ۽ پڻ ڪئسپين سمنڊ جي ڏاکڻي علائقي تائين پکڙيل هئا. عالمن جي راءِ آهي ته دکن جا دراڙ، بلوچستان جا بروهي ۽ فارس جا ڪي قبيلا، انهيءَ قديم قوم جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا. اهو انهيءَ ڪري جو انهن جي ٻولي قديم سميري ٻوليءَ سان ملي جلي ٿي ۽ ان جو گرامر به گهڻو ڪري هڪ جهڙو آهي. ڊاڪٽر راولنسن ۽ ٻين عالمن جي مطالعي اهو ظاهر ڪيو آهي. عراق ۽ سنڌو ماٿر جي ماڻهن جو قديم دور ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپو رهيو آهي ۽ انهن جو پاڻ ۾ صدين تائين واهپ ۽ وابستگي پڻ رهي آهي. ان ڪري اهو انومان ڪڍيو ويو آهي ته موئن جي دڙي، ڪوٽڏيجي، آمري ۽ سنڌ جي ٻين قديم کنڊرات وارين ايراضين ۾ رهندڙ ماڻهو يا ته سميري قوم جا هئا يا سميري سنڌو ماٿري (Indus valley) جي قديم نسل جي هڪ شاخ هئا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ عظيم قوم جي تهذيب جا آثار سري لنڪا، دکن، گجرات ۽ سنڌو ماٿر کان وٺي مازندران ۽ وادي فرات تائين ڏٺا ويا آهن. اهو چئي نه ٿو سگهجي ته انهيءَ قوم جو اصل ماڳ ڪهڙو هو. جيتوڻيڪ ايڇ. آر. هال جو چوڻ آهي ته سميري قوم، سنڌو ماٿري (مغربي پاڪستان) مان هجرت ڪري، عراق جو ملڪ وسايو ۽ اتي ئي انهن پنهنجي مورتين واري صورتخطي ايجاد ڪئي.(2) بابل جي پراڻن ڪتبن ۾ انهيءَ قوم کي انس جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. يعني ته اهو راڪاس جو ايراني نار تري عراق ۾ آيا ۽ جاهل ماڻهن کي تهذيب ۽ تمدن جي سکيا ڏني. انس جنهن مان عربي جو نالو انس (يعني ته ماڻهو) ٺهيو آهي تنهن لاءِ قديم لکتن ۾ هن ريت ڄاڻايل آهي ته اها قوم اڌ مڇي ۽ اڌ انسان هئا. اڌ مڇيءَ مان مراد آهي ته اهي سمنڊ جي پار ڪرڻ جا ماهر هئا ۽ اڌ انسان مان مراد آهي ته اهي زمين جي رستي پنهنجا لڏا کڻي عراق پهتا هئا، ۽ اتي پهچڻ سان هنن پنهنجي اعليٰ تهذيب ۽ ثقافت کي اولهه ايشيا جي اڻڄاڻ ۽ وحشي ماڻهن تائين رسايو.(3) انهن سڀني کان پهرين ايلام جو ملڪ وسايو، جنهن کي هاڻي خوزستان سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کان پوءِ اهي فرات ۽ دجلھ جي واديءَ ۾ پهتا. عراق ۾ سندن داخل ٿيڻ، حضرت مسيح عليھ السلام کان اٽڪل 4000 سال اڳ ٻڌايو ويو آهي. سمير، جنهن جي پٺيان انهيءَ قوم کي يورپ جا عالم سميري ڪوٺين ٿا، اهو نالو هنن پاڻ ڏکڻ عراق تي رکيو جو ايراني نار جي ڪناري سان لاڳو آهي ۽ اهو علائقو اٽڪل هڪ هزار سالن تائين سندن چرپر جو مرڪز رهيو. عالمن جو چوڻ آهي ته هر ۽ ڦيٿو جيڪي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد سمجهيا وڃن ٿا، هنن ماڻهن ڏکڻ عراق ۾ رائج ڪيو. ان ڪري ظاهر ٿيو ته پوک ڪرڻ جو رواج عراق ۾ سميري قوم وڌو. جن کي پاڻيءَ جي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪافي مهارت حاصل ٿيل هئي.
هنن سڀ کان پهرين واهه کوٽارايا،(4) ۽ پڻ کاٽيءَ جو رواج وڌو جنهن سبب واهن کي سڄي سال لاءِ ڪارآمد بنايو ويو. ڦيٿي کي رائج ڪرڻ سان، پاڻي جا نار وهڻ لڳا ۽ پڻ ڪنڀر جو چڪ ٺهيو جنهن جي وسيلي ٿانو ٿپا ۽ ٻيو ٺڪر جو ڪارآمد سامان ايجاد ٿيو. ساڳي ريت ڦيٿي سياسي زندگي ۾ به وڏي تبديلي آندي جو انهيءَ مان رٿ ٺهيا ۽ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن ڳوٺاڻيون ۽ شهري حڪومتون وجود ۾ آيون. قلعا ٺهيا ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ مال ۽ سامان کي ڍوئڻ لاءِ يا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ رسائڻ لاءِ گاڏيون ۽ ريڙها استعمال ٿيڻ لڳا. شهري حڪومتون پوءِ سلطنتن ۾ بدلجي ويون، اهڙي هڪ سطلنت جو باني عُرنينا هو جنهن جي حڪومت سمير ۽ اڪاد کان سواءِ آشور، اناطوليه ۽ شام تائين پکڙيل هئي. انهيءَ سلطنت جي آخرين بادشاهه ليوگل زغيزي کي اڪاد جي سامي حاڪم سارگان شڪست ڏئي سميري حڪومت جو خاتمو آندو. اهو واقعو ڪن عالمن جي راءِ موجب 2850 ق. م، ۾ ظهور پذير ٿيو ۽ ڪن جي راءِ موجب 2550 ق. م ڌاري ٿيو جو وڌيڪ صحيح پيو لڳي. سميري قوم جي طاقت کي سارگان سنڌائتو ڌڪ هنيو پر انهن جون ننڍيون ننڍيون حڪومتون اولهه ايشيا جي سڀني ملڪن ۾ موجود رهيون. سندن طاقت کي آخري ۽ ڪاپاري ڌڪ، عمورو قوم هنيو جن اٽڪل 2550 ق. م، جي عربستان جي برپٽ مان هجرت ڪري عراق جو ملڪ وسايو ۽ سميري قوم کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ نئين ۽ وحشي قوم انتقامي ڪاروائي ذريعي سميري قوم جي نسل کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. اهو انهيءَ ڪري به هو ته ”عمورو“ قوم جا ماڻهو سامي نسل جا هئا ۽ سميري قوم کي اهي ڌاريا ۽ مختلف نسل جا تصور ڪندا هئا. سندن اهو به خيال هو ته سميري غاصب آهن، اهي غيرقانوني ۽ ناجائز طريقن سان سندن ملڪ تي قابض ٿيا آهن. عمورو طرفان انهيءَ تشدد جي ڪاروائي سبب سميرين پنهنجي مرڪز کي ايلام ۾ قائم ڪيو، جو ايران جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾، ايراني نار سان لاڳو علائقو آهي ۽ ان کي هاڻي خوزستان سڏيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ايلام صدين تائين، عراق جي سامي حڪومتن لاءِ هڪ اڻ وڻندڙ ڪنڊي مثل هو جو سندن ڪک ۾ کتل هجي. اهو سلسلو 537 ق. م تائين جاري رهيو، جڏهن فرات جي وادي ۾ سامي حڪومت جي پڄاڻي آئي ۽ آريه قوم جي حڪومت شروع ٿي.
سنڌ جي قديم تاريخ جيڪڏهن اها تاريخ چئجي، مهاڀارت جي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي 1500 کان 1000 سال ق.م جي وچ وارو زمانو تصور ڪيو ويو آهي. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي گادي راجا جئدرٿ جي قبضي ۾ هئي ۽ اهو آريه نسل جو هو. جئدرٿ، سنڌ جي پاران مهاڀاري لڙائيءَ ۾ حصو ورتو هو، ۽ هن ڪورون جو طرف وٺي جنگ ڪئي. ان ڪري لازمي طور جڏهن پانڊون يڌ کٽي جئدرٿ جي پويان وڏو ڪٽڪ وٺي سنڌ پهتا ته جئدرٿ کي شڪست ڏئي قتل ڪيائون. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جنگ هلندي جئدرٿ چالاڪي ڪري پانڊون جي زال دورپدي کي ڌتارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ کيس ڀڄائي سنڌ وٺي آيو.(5) ان ڪري پانڊون جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ آيا ۽ جئدرٿ کي ماري دورپدي کي وري حاصل ڪيائون. اها ڳالهه سچ هجي يا ڪوڙ، پر اهو ثابت ٿيو آهي ته هندوستان (ننڍي کنڊ) جي قديم تاريخ ۽ سياست ۾ سنڌ جي ملڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
مهاڀارت واري زماني کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو خال آهي جو ڇهين صدي قبل مسيح تائين محسوس ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صديءَ جي وچ ڌاري سنڌو وادي تي جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي، ايران کان وڏو حملو ٿيو. اهو حملو اسڪائيليڪس نالي هڪ يوناني اميرالبحر، ايران جي هخامنشي شهنشاهن جي طرفان عمل م آندو. اسڪائيليڪس ڪرانڊا جو رهاڪو هو جو ايشيا مائنر ۾ آهي ۽ ان کي هخامنشي خاندان جي جڳ مشهور بادشاهه دارا پهرين (داريوش) موڪليو هو، ته جيئن سنڌ ملڪ ڏانهن خشڪي ۽ سامونڊي رستو معلوم ٿي سگهي. اسڪائيليڪس کي اهو به ڪم سونپيل هو ته هو سيستان، افغانستان، پنجاب ۽ سنڌ جي سروي جو ڪم ڪري ته، جيئن اتي فوجون موڪلي مستقل طور ايراني حڪومت قائم ڪري سگهجي. اسڪائيليڪس اتر اولهه جي لڪن مان لنگهي ڏکڻ پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن هڪ بحري آڙماڙ تيار ڪئي ۽ سنڌ جو ملڪ فتح ڪندو، سامونڊي رستي سان ايراني نار اڪري عراق پهتو. انهيءَ حملي جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ، ڏاکڻو پنجاب، بلوچستان جا صوبا، هخامنشي سلطنت جو حصو بنجي ويا ۽ انهن کي ويهين سئٽرپي (صوبو) جو نالو ڏنو ويو. اهو نئون ٺاهيل صوبو، ايراني شهنشاهيت جو شاهوڪار ۾ شاهوڪار صوبو هو. ڇاڪاڻ ته ان جي سالياني اپت 360 ايئوبوئڪ ٽيليٽ سون هو جو سون جي ٽڪرن ۾ حاصل ڪيو ويندو هو. سنڌ مان حاصل ڪيل سون، ايشيا جي سڀني صوبن مان حاصل ڪيل سون جي ٽئين حصي جيترو هو.(6)
قديم زماني جي انهيءَ دور ۾ ننڍي کنڊ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل هو، ۽ گهڻو ڪري هر هڪ حصي تي خودمختيار راجائن جي حڪومت هئي. اجاتشترو، جو هڪ طاقتور مهاراجا جي حيثيت ۾ مگدا ۾ راڄ ڪندو هو اهو ڳچ وقت اڳي گذاري ويو، ۽ سندس جاءِ تي (پالپتر جي تخت تي) يا ته درسڪا هو يا وري اڌايا هو، جن کي پنهنجا ئي مسئلا هئا جو هنن سنڌ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. اهو ياد رهي ته جنهن وقت ايرانين سنڌ تي حملو ڪيو ان وقت سنڌ جون حالتون چڱيون ڪونه هيون. پڻ وڏن مذهبن يعني ته ٻڌمت ۽ هندو مذهب جا ماڻهو هڪ ٻئي جو ڳٿڙ جهلي رهيا هئا. مذهبي جهيڙو عام هو. ان ڪري نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ وڳوڙ واريون حالتون هيون. بهرحال اهو ثابت ٿيو آهي ته ايرانين جي حڪومت سنڌ تي ڳچ وقت رهي، ۽ ان کان پوءِ يونانين جو حملو ٿيو.
حضرت مسيح کان چار صديون اڳ، مقدونيه جي ننڍڙي رياست، پنهنجي ڀر وارين رياستن سان لڳاتار جنگ ڪرڻ سبب اوڀر يورپ ۾ هڪ وڏي حڪومت بنجي وئي. فلپ، جنهن هڪ وڏي سلطنت جا خواب پئي ڏٺا، تنهن کي سندس زال اولمپيا جي اشاري تي قتل ڪيو ويو. اولمپيا سڪندر جي ماءُ هئي، ان ڪري هيلاس جي سڀني رياستن کيس پنهنجو حاڪم اعليٰ تسليم ڪيو. سڪندر به پڻس وانگر هڪ وڏي سلطنت ٺاهڻ جو آرزومند هو، ان ڪري هو پنهنجي طاقت کي ايشيا مائنر (هاڻوڪي ترڪي) ۾ وڌائڻ لڳو. ايشيا مائنر جو اڀرندو حصو ان وقت، ايران جي هخامنشي خاندان جي بادشاهن جي هٿ ۾ هو. ان سبب ٻئي طاقتون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون. آئيسوس وٽ (سن 333 ق. م) هڪ فيصلا ڪن جنگ لڳي جنهن ۾ ايران جي هخامنشي بادشاهه دارا ٽئين هارايو ۽ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. سڪندر، دشمن جي پويان پوڻ بدران شام تي حملو ڪيو. اتي جي شهرين بنا جنگ ڪرڻ جي آڻ مڃي ۽ سڪندر جو انهيءَ ملڪ تي آسانيءَ سان قبضو ٿي ويو. سامونڊي ڪناري جي فنيقي شهرن جهڙوڪ ٽاير ۽ گازا، البت جنگ ڪئي پر انهن کي به مات ڪيو ويو. شام ۽ فلسطين جا ملڪ لتاڙي سڪندر مصر تي چڙهائي ڪئي، جتي ماڻهن سندس آدرڀاءُ ڪيو، ۽ کيس خدا جو پٽ سڏي سندس تاجپوشي ڪئي ويئي. ميمفس ۾ تخت ڌڻي ٿيڻ ڪري سندس حڪومت جو دائرو ڏکڻ تائين وڌي ويو جنهن ۾ نيل ندي جي ماٿريءَ جو ڳچ حصو يونانين جي هٿ اچي ويو. شام، فلسطين ۽ مصر ۾ سڪندر جي ڪاميابي جو اصل سبب اهو آهي ته اهي ملڪ ايران جي زير اثر هئا، ۽ ايرانين اتي نهايت ئي ظلم ۽ زبردستي جو راڄ کڙو ڪيو هو. ان ڪري اتي جي عوام کي ان لاءِ بيحد نفرت هئي. مصر ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سڪندر اُڀرندي جو رخ رکيو ۽ هڪ دفعو وري دارا ٽئين کي اربيلا وٽ شڪست ڏنائين (سن 331 ق. م)، جو وري به ميدان ڇڏي ڀڄي ويو.(7) انهيءَ فتح کان پوءِ سڪندر جي فوجن بابل تي چڙهائي ڪئي جو ان وقت هخامنشي سلطنت جو تختگاهه هو ۽ عراق ۾ فرات ندي جي اُڀرندي ڪناري تي ٺهيل هو.
سڪندر جنهن پاڻ کي هاڻي سڪندراعظم جو لقب ڏنو، ايراني پرڳڻن کي فتح ڪندو ۽ لتاڙيندو افغانستان ۾ پهتو ۽ اتان پوءِ اولهه پنجاب ۾ آيو. پورشيا جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ راجا پورس سڏيو ويو آهي تنهن سڪندر جي فوجن جو مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي قيد ٿيو. سڪندر کيس معافي ڏيئي سندس ملڪ کيس واپس ڪيو ۽ هندوستان ڏانهن رخ ڪيائين. انهيءَ ڳالهه تي سندس فوج، جا گهڻي ڀاڱي ٿڪل هئي، گنگا جي ماٿر ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ بلوو ڪري وڌائون. جنهن سبب سڪندر کي سنڌ ڏانهن لڙڻو پيو. سنڌ ۾ ان وقت ٻه خودمختيار حڪومتون هيون، جن جا نالا اوسڪانا ۽ پٽالين ٻڌايا ويا آهن. اوسڪانا جنهن کي لاڙڪاڻي ۽ ان جي آس پاس واري ايراضي سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. ميوسيڪانس راجا جي گادي جو هنڌ هو،(8) جنهن سڪندر جي آڻ مڃي هئي پر پوءِ برهمڻ صلاحڪارن جي چوڻ تي هن يونانين جي خلاف بغاوت ڪئي. پئٿان نالي هڪ سردار سڪندر جي حڪمت تي، ميوسيڪانس راجا کي شڪست ڏيئي قيد ڪيو ۽ پوءِ ان کي برهمڻ سان گڏ ڦاهي چاڙهيو ويو. پٽالين يعني ته ڏکڻ سنڌ جي راجا موريز بنا جهيڙي جي آڻ مڃي ۽ ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. پٽالين جي گادي پٽالا کي هاڻوڪي حيدرآباد واري ماڳ سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو شهر ان وقت سنڌو ڊيلٽا جي مهڙ وٽ ٻڌل هو.
يوناني ليکڪن سنڌ جي هڪ ٻئي راجا جو به ذڪر ڪيو آهي جو اولهه واري جبلن ۽ ان جي آس پاس واري ايراضي تي حڪومت ڪندو هو. سندس نالو سامبس ۽ سندس گاديءَ جو نالو سندامانه ٻڌايو آهي جنهن کي هاڻوڪي سيوهڻ سان تشبيهه ڏنل آهي. سامبس پڻ پٽالين جي راجا موريز وانگر آڻ مڃي ۽ کيس سندس ملڪ ڏن ڏيڻ جي شرط تي واپس ڪيو ويو. يوناني ليکڪن جو چوڻ آهي ته سڪندر، سنڌ ۾ اسي هزار ماڻهو قتل ڪيا ۽ ڳاڻيٽي کان سواءِ ٻيا ماڻهو غلام بنائي وڪرو ڪيا.(9) پٽالا ۾ سڪندر وطن وڃڻ جا سانباها ڪيا ۽ پنهنجي فوج کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو سمنڊ جي رستي اميرالبحر نيارڪس جي هٿ هيٺ روانو ڪيو ۽ ٻئي حصي جي اڳواڻي هن پاڻ ڪئي جو خشڪي جي رستي مڪران، فارس ۽ خوزستان جو ڪنارو ڏيئي بابل پهتو. سڪندر ٽي سال بابل ۾ رهيو ۽ سن 323 ق. م ۾ اُتي وفات ڪيائين. کيس سڄي دنيا کي فتح ڪرڻ جي آرزو هئي جا پوري نه ٿي سگهي.
سڪندر اعظم کي ڪوبه پٽ يا ڌي ڪونه هو ان ڪري سندس سلطنت جرنيلن ۾ ورهائجي ويئي، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ لائق سيليوڪس هو ۽ اهو اُڀرندي جي سڀني ملڪن جو حاڪم اعليٰ ليکجڻ لڳو. سڪندر جي وطن واپس وڃڻ کانپوءِ چندر گپت موريا، جنهن سڪندر کي مگڌا تي حملي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي، تنهن موقعي جو فائدو وٺندي پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ يونانين کي ملڪ مان هڪالي ٻاهر ڪڍيو. ان کان پوءِ چندر گپت موريا وڏي فوج ڪٺي ڪري مگڌا تي حملو ڪيو ۽ نندا سلطنت جو خاتمو آڻي، پاڻ بادشاهه بنجي ويٺو. جيئن ته چندر گپت جي ماءُ موريا، هڪ شودر گهراڻي جي عورت هئي، ان ڪري سندس ڀائرن کي تخت تان دستبردار ڪري ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي. اهوئي سبب آهي جو هن پنهنجي گهراڻي جو نالو موريا رکيو نه ته سندس پيءُ اصل ۾ نندا گهراڻي جو هو. سيليوڪس کي جڏهن خبر پئي ته پنجاب تي چندر گپت موريا جو قبضو ٿي ويو آهي ته، ان تي وري قبضي ڪرڻ خاطر هڪ وڏو ڪٽڪ پاڻ سان وٺي آيو، پر ان کان اڳ چندر گپت جو راڄ پنجاب ۽ گنگا جي دو آٻي ۾ پختو ٿي چڪو هو.(10)
اگينار جو پٽ پٿان، جنهن کي سڪندر سنڌ حوالي ڪري ويو هو، ان کي اراڪوسيا ڏانهن بدلي ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي يوڊيموس کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. يوڊيموس سن 317 ق.م تائين سنڌ جو حاڪم اعليٰ رهيو پر پوءِ يونانين جي پڄاڻي آئي ۽ سنڌ ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ٿيون. اهو سلسلو اشوڪا راجا جي دور تائين قائم رهيو جڏهن سنڌ کي موريا سلطنت ۾ شامل ڪيو ويو. اشوڪا، چندر گپت جو پوٽو ۽ بندوسارا جو پٽ هو. شروعات ۾ هن ملڪ گيريءَ جي شوق ۾ ڪيترن ملڪن تي حملا ڪيا جنهن ۾ نهايت ئي گهڻي خونريزي ٿي. سندس آخرين جنگ ڪالنگا جي ميدان ۾ سن 261 ق.م ۾ لڙي ويئي، جنهن سندس ضمير کي ڪاري ضرب رسائي ۽ ڏک ۽ پڇتاءَ سبب قسم کنيو ته هو وري ڪنهن سان به جنگ نه ڪندو. ائين ڪندي هن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو ۽ ان ڌرم جي پستڪن ۾ کيس ”پاڪائي جو صاحب“ ۽ ”زاهد بادشاهه“ جو لقب ڏنو ويو آهي. ان هوندي به هن مذهب نه بدلائڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي ترار جو کاڄ بنايو ۽ پڻ انهن کي سخت سزائون ڏنيون جن ٻڌمت ۾ نوان فرقا ايجاد ڪيا. ٻڌايو ويو آهي ته اشوڪا ٻڌ ڌرم هڪ سنڌي عطر فروش اُپاگپتا جي چوڻ تي اختيار ڪيو هو جو سندس خاص صلاحڪار بنيو.(11) اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جو ملڪ يا ته چندرگپت جي زماني ۾ فتح ٿيو يا سندس پٽ بندوسارا انهيءَ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. ڇاڪاڻ ته اشوڪا جي طاقت ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ سنڌ ۽ پتاليپترا جي وچ ۾ سياسي، سماجي ۽ واپاري ناتا موجود هئا.
اشوڪا راجا سن 232 ق.م ۾ وفات ڪئي ۽ ساڻس گڏ موريا گهراڻي جو به خاتمو اچي ويو. اهو صحيح آهي ته سنڌ تي موريا گهراڻي جي گورنر جي حڪومت ڳچ وقت جٽاءُ ڪيو، پر جيڪو روب تاب اشوڪا جي راڄ ۾ هو، اهو ختم ٿي ويو. سن 185 ق.م ۾ موريا گهراڻي جي سپھ سالار پشيا مترا، آخرين بادشاهه برهدرٿا کي قتل ڪري پاڻ تخت تي چڙهي ويٺو. ۽ هڪ نئين گهراڻي جو بنياد رکيائين جنهن کي تاريخ ۾ سنگا گهراڻي جو نالو ڏنو ويو آهي. هن خاندان سن225 ع تائين حڪومت ڪئي پر جيئن ته سلسليوار تاريخ موجود نه اهي ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته ڪير ۽ ڪهڙا راجائون ڪيئن ۽ ڪهڙي وقت تخت ڌڻي ٿيا ۽ انهن جي ايام ڪاري ۾ ننڍي کنڊ جون ڪهڙيون حالتون هيون. پر اهو واضح ٿي چڪو آهي ته اشوڪا راجا جي وفات کان پوءِ ڌارين ڪاهن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن سبب سنڌو درياءَ جي سڄي ماٿر باختر جي يوناني بادشاهن جي سياسي اثر هيٺ اچي ويئي. اهي يوناني هئا جن سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ افغانستان جي اترين حصي ۾ هڪ ننڍڙي حڪومت قائم ڪئي هئي. انهيءَ حڪومت جو باني ڊيوڊوٽس هو جنهن کي ڀروارين حڪومتن سان لاڳيتو وڙهڻو پيو ۽ آخر سن 280 ق.م ڌاري يوٿيڊيمس نالي هڪ يوناني سردار باختر کي هڪ خودمختيار حڪومت بنائي ڇڏيو. اهو صحيح آهي ته يوٿيڊيمس پنجاب تي حملا پڻ ڪيا هئا. پر اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته ڊيوڊوٽس يا کانئس پوءِ يوٿيڊيمس پنجاب يا سنڌ تي حڪومت ڪئي. سڀ کان پهرين باختر تي جنهن يوناني بادشاهه سنڌو ماٿر تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو، اهو ڊميٽريس هو جنهن سن 190 ق.م ۾ پنجاب ۽ سنڌ کي پنهنجي وڌندڙ سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ حقيقت جي تصديق پتنجلي مان ٿئي ٿي، جنهن ۾ انهيءَ يوناني بادشاهه کي ”دتامترا“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سندس حڪومت ياوانا ۽ سئوويرا قومن تي قائم هئي.(12) انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ پٺڀرائي ناسڪ جي غارن ۾ لکت نمبر 18 ۽ پڻ ڊميٽريس جي لڌل سڪن مان ٿئي ٿي جنهن ۾ سمنڊ جي ديوتا سيدان يا نيپچون جا ٽي ڀالا نقش ٿيل آهن. اها ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي ته اهي نشان دريائي لشڪر جا آهن يا ڪنهن بحري ٻيڙي جا، پر اهو انومان ڪڍڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي ته سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ ڊميٽريس، دريائي ٻيڙو ضرور استعمال ڪيو هوندو. ساڳئي وقت هن بحري ٻيڙي جي وسيلي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ بلوچستان جا ڪناري وارا حصا به هٿ ڪيا هئا ۽ سندس فوجون اوڌ ۽ وچ هندوستان تائين پهچي ويون هيون.(13) ڊميٽريس جي حملن سبب سنگا گهراڻي جو راڄ فقط مگڌا ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن تائين محدود رهجي ويو، پر جيئن ته انهيءَ دور جي ڪا تاريخ موجود نه آهي. ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته ٻنهي ڌرين جي حڪومت ڪهڙن ڪهڙن علائقن تي قائم هئي.
ڊميٽريس جيئن ته ڏورانهين ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ مشغول هو، ان ڪري ظاهر آهي ته سندس گهر ۾ گهوٽالو پيو. سن 175 ق.م، ۾ باختر ۾ هڪ فوجي انقلاب آيو جنهن ۾ يوڪريٽائيڊس نالي هڪ قسمت آزمائو جانباز ڊميٽريس کي قتل ڪري تخت ڌڻي ٿيو. نئون بادشاهه يوڪريٽائيڊس ته ڊميريس کان به گوءِ کڻي ويو. پر سندس سڄو شان شوڪت ٿوري وقت لاءِ هو. ڇاڪاڻ ته باختر ڏانهن واپس ورندي هُو پنهنجي پٽ اپولوڊوٽس جي هٿان قتل ٿي ويو. اپولوڊوٽس جو به ساڳيو حال ٿيو ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ هيليوڪيلس جي هٿان مارجي ويو.(14) پيءُ جي بدلي وٺڻ سبب هيليوڪيلس کي باختر جا ماڻهو ”عادل“ جي لقب سان ياد ڪندا هئا. وري وري انقلاب اچڻ ڪري باختر جي يوناني بادشاهن جي حڪومت ڪمزور پئجي ويئي ۽ تيسين وري طاقت ۾ نه آئي جيسين مناندر تخت ڌڻي ٿيو. مناندر تاريخ ۾ ڪابل جو بادشاهه تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اهو دارا ۽ سڪندر کان پوءِ ٽيون وڏو شهنشاهه آهي جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي حصي تي حڪومت ڪئي. سندس حملن جي اڳيان دارا ۽ سڪندر جا حملا ڄڻڪ ٻاراڻي راند هئا. هن پنجاب ۽ سنڌ تي قبضو ڪري بلوچستان تي ڪاهه ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ مهاراشٽر کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. وچ هندوستان تي پڻ سندس حملا جاري رهيا ۽ مٿرا تائين سڀ علائقا سندس فوجن جي قبضي ۾ رهيا. هو جيڪر سڄي هندوستان تي پنهنجو راڄ قائم ڪري ها. پر پوءِ جيئن ته هن اشوڪا وانگر ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو، ان ڪري وڌيڪ جنگ نه ڪرڻ لاءِ قسم کنيائين. ٻڌ ڌرم جي ادبي ۽ ڌرمي ڪتابن ۾ سندس نالو ”ملندا“ ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اشوڪا کان پوءِ جنهن ٻئي بادشاهه جو احترام ڪيو ويو هو اهو مناندر (ملندا) هو.
سنڌ ۾ يوناني راڄ جو خاتمو پارٿين آندو، جن ساڪا ۽ يوناني حڪومتن کان لڳاتار شڪستون کائي پنهنجو وقار متراڊيٽس جي حڪومت جي دور ۾ قائم ڪيو. پر سنڌ ۽ پنجاب تي پارٿين حڪومت جو اثر گونڊوفريس جي زماني ۾ ٿيو جنهن انهن ٻنهي صوبن کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي گادي مينا نگر ٻڌائي وئي آهي جا سنڌ جي وچ ۾ هئي ۽ ان جو مکيه بندر بار بروڪان هو جو سنڌو ڊيلٽا ۾ درياء جي هڪ ڇوڙ تي ٻڌل هو. پيريپلس آف يوريٿرين سي جو سن 70عيسوي ۾ لکيو ويو آهي. تنهن ۾ ٻڌايل آهي ته سنڌ جو نالو ان وقت ”سٿيا“ هو ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو ڳچ حصي تي سٿ قبيلن جو راڄ هو.(15)
پارٿيا جي حڪومت جي پڄاڻي هڪ نئين ۽ وحشي قوم يوئي- چي آندي، جن ٽاڪلامڪان جي برپٽ مان هجرت ڪري وچ ايشيا جا ملڪ وسايا هئا. سڀ کان پهرين انهن ؤو سون ۽ ساڪا قومن کي زير ڪيو ۽ ان کان پوءِ باختر ۽ سگدانيا جا علائقا قبضي ۾ ڪيا. انهيءَ شڪست کان پوءِ ساڪا افغانستان جي اوڀر علائقن مان ٿيندا پنجاب پهتا ۽ تيسين اتي رهيا جيستائين يوئي چي قوم جي ماڻهن جي يلغار ٿي. يوئي چي ۽ ساڪا قومن جي جنگين جو ڪوبه رڪارڊ نه ٿو ملي. ان هوندي به اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ساڪا قوم کي پنجاب ۽ سنڌو ماٿر جي ٻين علائقن ۾ زير ڪرڻ خاطر يوئي چي کي چڱيرڙو وقت لڳو هوندو. هن قبيلي جو پهريون بادشاهه جنهن پنجاب ۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي ڪيدفائيسز ٻيو هو. هن حاڪم جا سڪا سڄي سنڌوءَ ماٿر ۾ دستياب ٿيا آهن ۽ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات مان به مليا آهن. پر انهيءَ ڳالهه جي هاڻي تصديق ٿي چڪي آهي ته سندس پٽ ڪنشڪا (راجا ڪنشڪ) اتر ۾ گنگا ندي ۽ ڏکڻ ۾ ونڌيا جبلن تائين پنهنجي سلطنت قائم ڪئي هئي. ڪنشڪا لاءِ اهو به ٻڌايل آهي ته هن ڪشمير، ڪاشگر (ڪاشغر)، يارڪند ۽ کوٽان فتح ڪيا هئا ۽ پارٿين جي خلاف به اهم سوڀون حاصل ڪيون هيون. سندس سطلنت جي گادي پرشاپورا (پيشاور) ۾ هئي، جتي هن تيرهن ماڙ اڏاوت ٺهرائي ۽ ان جي چوٽي سڄي لوهه سان ٺهرائي هئي. انهيءَ مناري جو عمق 400 فوٽ هو ۽ جڏهن چيني زوار سانگ يون (چانگ يون) ننڍي کنڊ جي دوري تي آيو هو تڏهن هن پاڻ وڃي اهو ڏٺو هو.(16) ڪنشڪا لاءِ ٻڌايل آهي ته هن ٻڌ ڌرم جي مها يانا مذهب جو هڪ وڏو ميڙ ڪوٺايو هو جنهن ۾ چين، منگوليا، تبت ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي سڀني نمائندن شرڪت ڪئي هئي. هنايانا فرقي کي شايد دعوت نه ڏني ويئي هئي يا ٿي سگهي ٿو ته هنن پاڻ انهيءَ ميڙ جو بائيڪاٽ ڪيو هجي. ڇاڪاڻ ته ان عظيم ميڙ بابت سري لنڪا جي ماخذن ۾ ڪجهه به لکيل ڪونهي.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ جو ملڪ، ڪنشڪا کان پوءِ ساڪا يا ڪُشن گورنرن جي هٿ هيٺ رهيو. ڪنشڪا سن 123عيسوي ۾ وفات ڪئي. کائنس پوءِ سندس پوٽو هوشڪا تخت ڌڻي بڻيو. ڇاڪاڻ ته سندس پٽ واسشڪا، پيءُ جي حياتي ۾ گذاري ويو. ايراني لکتن ۾ وري اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان تي ايران جي ساساني بادشاهن جي حڪومت هئي. بهرام گور نالي ايراني شهنشاهه فوجون موڪلي سنڌ کي پنهنجي زير اثر ڪيو هو. پر ايرانين جي حڪومت فقط اتر سنڌ تائين محدود هئي جنهن ۾ هنن نوان شهر ٻڌايا پراڻن شهرن کي ايراني نالا ڏنا. الرود (اروڙ)، بهمن آباد، سيوستان ۽ نيرون وغيره ايراني ٻوليءَ جا نالا آهن ۽ سنڌ تي ايراني سياسي اثر جي تصديق ڪن ٿا. سنڌو درياء جو نالو به انهيءَ دور ۾ مهراڻ رکيو ويو. اهڙي هڪ ندي ايران ۾ پڻ آهي جا قشم ٻيٽ وٽ ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
اتر اولهه ۾ ڪُشن گهراڻي ۽ اندرئين حصي ۾ انڌرا خاندان جي پڄاڻي کان پوءِ پتاليپترا ۾ هڪ نئين ۽ طاقتور گهراڻي جو پايو وڌو ويو. اهو گهراڻو تاريخ ۾ گپتا خاندان جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ گهراڻي کي ننڍي کنڊ ۾ هندو ڌرم کي وري زور سان وٺائڻ واري دور سان ياد ڪيو وڃي ٿو. چندر گپت جنهن گپتا گهراڻي جو بنياد رکيو اصل ۾ پتاليپترا جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي حڪومت جو والي هو. سندس پيءُ گهوٽا ٽڪاچا جي حيثيت هڪ ڏن ڀرو راجا جي هئي. پر پوءِ لچوي خاندان جي هڪ شهزادي سان شادي رچائڻ سبب، چندر گپت جو اثر وڌي ويو ۽ ٿوري ئي عرصي اندر هو مگڌا جو حاڪم ٿي ويو. سن 319 عيسوي ڌاري چندر گپت جو راڄ سڄي گنگانديءَ جي ماٿري تي قائم ٿي ويو جنهن ۾ ترهت، اوڌ ۽ ڏکڻ بهار جا علائقا شامل هئا. اهو سال هندوستان جي تاريخ ۾ نهايت ئي اهم سال آهي. ڇاڪاڻ ته هن سال چندرگپت جي پتاليپترا ۾ تاجپوشي ٿي ۽ ساڳئي سال کان گپتا ڪئلينڊر جي شروعات ٿي. گپتا گهراڻي جي راڄ کي ننڍي کنڊ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي اوج جو دور پڻ ليکيو وڃي ٿو، جا ونسينٽ سمٿ جي چوڻ ۾ پراڪرت ٻولي جي هٿرادو سڌاريل ٻولي هئي. پراڪرت ان وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ رائج هئي.
گپتا گهراڻي جو هڪ راجا سمدرا گپتا جو سڀني ۾ وڏو بادشاهه تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن آريا نسل جي قديم ۽ روايتي قرباني جو رواج وڌو جنهن ۾ گهوڙو، ديوتائن کي قربان ڪيو ويندو هو. انهيءَ رسم کي ”آشوميڌ“ جو نالو ڏنو ويو هو. هن دور ۾ هندو ثقافت ڏاڍو زور ورتو ۽ سائنس ۽ ادب جي ميدان ۾ کوجنا ڪري ڪتاب لکيا ويا. پر انهن ڳالهين جو سنڌ جي ماڻهن تي خيرڪي اثر پيو جي پنهنجي مذهب ٻڌمت تي قائم رهيا. جيتوڻيڪ گپتا راجائن جي طرفان ٻڌن کي پنهنجو مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ نه فقط لالچايو ويو پر زور زبردستي به ڪئي ويئي هئي. هي اهو دور آهي جنهن ۾ سنڌ تي ايران جي ساساني بادشاهن جو اثر پڻ هو. اهو سلسلو تيستائين جاري رهيو جيستائين سنڌ جي هڪ مقامي راجا ديواجي (ديوائچ يا ڏياچ) موقعي جو فائدو وٺندي، سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جو پايو وڌو. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ خاندان کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ ۾ هن قوم جي حملن سبب مدد ملي هجي جن 455 عيسوي ڌاري سنڌو ماٿر تي لڳاتار حملا ڪري ڏنا هئا. انهن حملن سبب سنڌو ماٿر ۾ وري وڳوڙ پئجي ويو ۽ راءِ گهراڻي جي حاڪمن کي پنهنجي حڪومت ۽ ان کان پوءِ پنهنجي سلطنت وڌائڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿي. هن قوم سنڌ سان ڪي به مستقل ناتا نه رکيا هئا ان ڪري مقامي راجائن پنهنجو اثر سالٽ رينج (لوڻ واري جبل) کان ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين وڌايو. اهڙي ريت سندن حڪومت ٿر کان مڪران ۽ سيستان تائين پکڙيل هئي.(17)
راءِ گهراڻي جو باني ڏياچ هو جو اصل ۾ ٻڌمت سان تعلق رکندڙ هو، ۽ چتور جي راجائن سان سندس مائٽي هئي. ان ڪري ثابت ٿيو ته اڀرندي جي برپٽ جو سنڌ جي سياست سان گهرو تعلق رهيو آهي. اهو تعلق ٽالپرن جي زماني تائين قائم رهيو، جن جي صاحبي انگريزن اچي ختم ڪئي. راءِ ڏياچ ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پنهنجي گهراڻي جو بنياد رکيو ان لاءِ ڪوبه لکيل مواد موجود نه آهي. پر اها پڪ آهي ته سندس پونين کي هڪ وڏي سلطنت هٿ ۾ هئي. جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، سرحد جا ڪي حصا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ شامل هئا. جيئن ته اهو هڪ نهايت ئي وڏو ملڪ هو، ان ڪري ملڪي انتظام جي خيال کان ان کي ڪيترن انتظامي يونٽن ۾ ورهايو ويو، جن جا مرڪز برهمڻ آباد، سيوستان، اسڪلنده، ملتان، ڪيڪانان وغيره هئا.
راءِ گهراڻي جي گادي جو هنڌ اروڙ هو جو پنهنجي سهڻائي ۽ خوشحالي سبب هنڌين ماڳ مشهور هو. اروڙ جي شهر جي چوڌاري مضبوط قلعا ٺهيل هئا، جن ۾ شاهي محلات، ويڪرا رستا، ڊگها ۽ وڏا باغ ۽ خوبصورت بستان (پارڪ) هئا. هيون چانگ (هيونتسيانگ) چيني سياح جو انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تنهن جو چوڻ آهي ته راءِ ڏياچ ذات جو شودر هو، پر ملڪ آباد ۽ خوشحال هو ۽ ماڻهو سکيا ستابا هئا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ جا ٻڌ پروهت (لاما) نهايت ئي لالچي هئا ۽ منجهن ڪيتريون برايون پڻ هيون. زوار هيون چانگ جو چوڻ آهي ته هو آوندا (او- فان- چان) ۾ رشي تٿاگاٿا جي رک ڏسڻ لاءِ آيو هو، جنهن کي جڏهن ماڻهن ۾ ڏيکاريو ويندو هو ته ان مان نور جي روشني شعاع ڪري نڪرندي هئي.(18)
راءِ ڏياچ کان پوءِ ڪيترائي راجا تخت ڌڻي ٿيا. تان جو عربن سنڌ تي ڪاهيو ۽ ان کي پنهنجي عاليشان سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. راءِ ڏياچ جي پٽ راءِ سهارس جي دور ۾ ايران جي نيمروز علائقي کان سنڌ تي حملا ٿيا. سهارس پاڻ انهيءَ حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجون وٺي نڪتو، پر شڪست کائي مارجي ويو. ڪن ليکڪن جي راءِ آهي ته اهو حملو عربن طرفان ٿيو. پر ونسينٽ سمٿ جو چوڻ آهي ته انهيءَ وقت عرب طاقت ۽ مذهب جو سرچشمو اڃا ڄائو ئي ڪين هو. نبي سڳورو* دراصل راءِ سهاسي پهرين جي دور ۾ ڄائو هو، جو سهارس پهرين جو پٽ هو. راءِ سهارس پهرين نقصان جي تلافي ڪرڻ لاءِ دشمن فوجن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو، امن امان قائم ڪيو ويو ۽ راءِ گهراڻي جي حڪومت کي وري نئين سر جياريو ويو. راءِ سهاسي پهريون نهايت ئي عقلمند ۽ هيرو حاڪم هو. سندس دور ۾ ماڻهو سکيا ۽ خوشحال هئا. سرحدن کي مضبوط ڪيو ويو. بغاوت ۽ سرڪشيءَ جو خاتمو آندو ويو. راءِ سهارسي پهرين کان پوءِ سندس پٽ راءِ سهارس ٻيو تخت ڌڻي ٿيو ۽ کائنس پوءِ سندس پٽ راءِ سهاسي ٻيو سنڌ جو راجا هو ۽ اهو راءِ گهراڻي جو آخرين حاڪم هو. راءِ سهاسي ٻيو بنا اولاد جي مري ويو. ان ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس وزير چچ بن سيلائج سنڌ جو راجا بڻيو. حڪومت هٿ ڪرڻ ۾ چچ کي راءِ سهاسي ٻئي جي زال راڻي سونهه ديوي مدد ڪئي هئي.
راجا چچ جنهن کي سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جو باني سڏيو وڃي ٿو، ذات جو برهمڻ هو ۽ سندس ڪرت لکپڙهه هئي. کيس اصل ۾ حڪومت جو مير منشي مقرر ڪيو ويو هو ۽ پوءِ انهيءَ عهدي تان وڌندو وڌندو وڃي وزير ٿيو. جڏهن هُن وزارت جو عهدو سنڀاليو، تڏهن راءِ سهاسي ٻئي جي زال ۽ راڻي مٿس عاشق ٿي پئي. راڻي ننڍي عمر جي جوان عورت هئي ۽ راجا وڏي عمر جو ماڻهو هو. ان ڪري راڻي جي دل وزير طرف ريلو کاڌو. آخر ۾ هڪ سازش عمل ۾ آئي، جنهن ۾ پوڙهي ۽ ڪمزور راجا کي اهڙي ته پڙي ڏني ويئي جو هو ويو آهستي آهستي ڍرڪندو، تان جو شيءِ وڃي ڌڻي کي پهتي.(19) اهو اڃا پوري طرح ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته بادشاهه کي زهر ڏنو ويو هو يا گهوگهو ڏيئي پورو ڪيو ويو هو. پر اها پڪ آهي ته سندس موت جي خبر مخفي رکي ويئي، جيستائين راجا جي مائٽن ۽ واسطيدارن کي يا ته قتل ڪيو ويو يا انهن کي ٻڌي زندان جي حوالي ڪيو ويو. چتور جي راجا مهورت جو راءِ سهاسي جو سوٽاڻي سوٽ هو، تنهن کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن هو هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. پر چچ ڪجهه نرمي ۽ ڪجهه سختي جي چال هلي کيس شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ سندس فوجن کي سنڌ مان ڀڄائي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. چچ نامي مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جو تخت چچ لاءِ گلن جي سيج ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته کيس سنڌ جي جنگجو قبيلن ۽ راجا جي ڪن پراڻن ۽ وفادار ساٿين سان جنگ ڪرڻي هئي. ٻيو ته سنڌ جا ٻڌ شمني (ٻڌمت جا مهندار) پنهنجي منهن هڪ وڏو ۽ طاقتور ڪلاس هو، جن کي زير ڪرڻ ڪو آسان ڪم ڪونه هو. جت، لهاڻا، سما، سهتا ۽ چنا قبيلا جي گهڻو ڪري ٻڌ مذهب سان تعلق رکندڙ هئا، هندو راجا جي حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. ان ڪري چچ کي نهايت ئي سخت قدم کڻڻا پيا، جن ۾ انهن قبيلن جي ڳچ ماڻهن کي تلوار جو کاڄ بنايو ويو. اهڙي ريت مذهبي رهنمائن (ٻڌ شمني) کي راضي رکڻ لاءِ کين وڏا وڏا عهدا ڏنا ويا. انهن ٻڌ جي مهندارن جي سياسي قوت بابت چچ نامي ۾ هڪ مثال ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت برهمڻ آباد جي ٻڌ شمني وٽ چچ راجا پاڻ لنگهي ويو ۽ سندس ٽن شرطن تي ساڻس صلح ڪيو ويو.(20)
هن مثال مان اهو به واضح ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت ۾ ٻڌ شمنين کي تمام گهڻي آزادي ڏني ويئي هئي ۽ سندن عزت ۽ احترام ڪيو ويندو هو، جن چچ جي ڪيل اعلان سبب آڻ مڃي، تن کي نه فقط معاف ڪيو ويو، پر انهن کي انعام ۽ اڪرام سان پڻ نوازيو ويو ۽ کين وڏا وڏا عهدا پڻ ڏنا ويا. راجا چچ آهستگي ۽ چالاڪي سان ملتان، برهمڻ آباد، قندابيل (گنداوا)،ڪيڪانا، ارمن بيله (لس ٻيلو) ۽ مڪران جا علائقا هٿ ڪيا ۽ پنهنجي حڪومت عظيم سنڌ تي قائم ڪئي، جنهن جون حدون ان وقت مڪران ۽ ڪاٺياواڙ تائين ۽ ملتان ۽ قندابيل تائين پکڙيل هيون.
راجا چچ هڪ سياڻو حاڪم هو، جنهن دشمنن سان منهن ڏيڻ لاءِ طاقت ۽ حرفت ٻنهي کي ڪم ۾ آندو. ٻڌ شمني واري مذهبي جماعت کي نوازيو ويو ۽ انهن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا ويا. انهيءَ حقيقت جي تصديق عرب ليکڪن جي تاريخن مان ٿئي ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عربن جي سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت وڏا شهر ۽ قلعا ٻڌ شمني جي قبضي ۾ هئا.(21) هندو البت سنڌ ۾ گهٽ هئا ۽ اُهي گهڻو ڪري جنگجو ذات کتري سان تعلق رکندڙ هئا.
چچ نامي مان ثابت ٿيو آهي ته راجا چچ چاليهه سال حڪومت ڪئي ۽ کائنس پوءِ سندس ڀاءُ چندر تخت ڌڻي ٿيو. چندر اصل ۾ برهمڻ هو ۽ هُن جو سڄو رجحان مذهبي سڌارن طرف هو ۽ هو گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو رهندو هو. چندر ست سال نهايت شان ۽ مان سان حڪومت ڪئي ۽ سندس شرافت ۽ امن پسندي جي ڪري سنڌ ۾ امن امان قائم رهيو. اهڙو ڪوبه مثال نٿو ملي، جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته چندر ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ڪانه هئي ۽ نه وري اهو ظاهر ٿي سگهيو آهي ته سندس حڪومت جي دور ۾ ڪو وڳوڙ يا انقلاب آيو.
چندر جي وفات کان پوءِ راجا ڏاهر تخت تي ويٺو ۽ چندر جي ڪٽنب کي خوش رکڻ لاءِ هن پنهنجي سوٽ راج کي برهمڻ آباد تي پنهنجو وائسراءِ مقرر ڪيو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اهو بندوبست فقط ٿوري وقت لاءِ هو، ڇاڪاڻ ته ٿورو وقت پوءِ راجا ڏاهر راج کي ڪڍي پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين کي برهمڻ آباد جو گورنر مقرر ڪيو هو. راجا ڏاهر ڪو به نئون ملڪ پنهنجي حڪومت ۾ ڪونه ڳنڍيو ۽ پنهنجو سڄو سارو ڌيان ملڪ جي انتظام ۽ سڌاري ۾ ڏنو. چچ نامي جي متعصب ليکڪ، سنڌ تي عربن جي حملي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ راجا ڏاهر جي اخلاق ۽ ڪردار کي اهڙو ته ٺاهي ٺوڪي پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ في الحال سوچ ۾ پئجي ويندو. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته راجا ڏاهر تخت هٿ ڪرڻ خاطر پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي.(22)
ساڳئي ليکڪ راجا ڏاهر کي هڪ گيدي انسان تصور ڪيو آهي. جنهن انهيءَ گناهه ڪرڻ کان پوءِ وري نه ماڻهن کي منهن ڏيکاريو نه وري پنهنجي ڀاءُ کي جنهن کيس انهيءَ ڳالهه کان منع ڪئي هئي. پر انهيءَ ساڳئي ڪتاب، راجا ڏاهر کي هڪ بهادر ۽ فراخ دل انسان سڏيو آهي. جنهن پنهنجي حڪومت ۽ وقار قائم ڪرڻ لاءِ عربن سان جنگ ڪئي، ته جيئن سنڌ جو ملڪ آزاد ۽ خودمختيار رهي. اهو ياد رکڻ کپي ته چچ نامو يارهين صديءَ جي آخر ۾ لکيو ويو هو، جنهن وقت مسلمانن جون فوجون اتر اولهه سرحد کان ننڍي کنڊ فتح ڪرڻ لاءِ حملا ڪري رهيون هيون. ساڳئي وقت دهلي ۾ مسلمانن جو مرڪز به قائم ٿي چڪو هو ۽ اتر هندوستان جا ملڪ هڪ ٻئي پٺيان فتح ٿي رهيا هئا. اهڙي وقت ۾ مسلمان ليکڪن جي لکڻ جو مول مقصد ئي اهو هو ته هندو يا ٻين غيرمسلم راجائن جي اخلاق ۽ ڪردار تي حملا ڪيا وڃن. انهن کي ظالم ۽ اوباش ٻڌايو وڃي ۽ انهن جي ملڪن کي غضب ڪرڻ لاءِ انهن جي عوام کي مظلوم قرار ڏنو وڃي. اهو طريقو فقط مسلمان تاريخدانن وٽ رائج ڪونه هو، پر اها ساڳي روش انگريزن پڻ اختيار ڪئي، جڏهن هنن سنڌ تي حملو ڪيو هو. سنڌ جي ٽالپر اميرن کي ظالم، اوباش، انجام ٽوڙيندڙ، نشئي ۽ ٻين ڪيترن لقبن سان ياد ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي ظلم ۽ ستم جو ماريل، بيوس ۽ بي يار ۽ مددگار ٻڌايو ويو.
چچ نامي مان ظاهر آهي ته راجا ڏاهر کي فقط هڪ زال هئي، جنهن کي هن مايين (ماهين) جو نالو ڏنو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ جهڙي. پر مقامي ڪتابن ۾ ان جو نالو راڻي ٻائي (يا راڄ ٻائي) هو، جو وڌيڪ صحيح ٿو لڳي. راجا ڏاهر جي شڪست کائڻ ۽ مارجڻ کان پوءِ راڻي ٻائي جوهر جي رسم ادا ڪئي ۽ پاڻ کي باهه جي مچ ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيو. راجا ڏاهر جي ٻي زال جو نالو لاڏي ٻڌايو ويو آهي، جنهن جي من موهيندڙ مورت کان مرعوب ٿي محمد بن قاسم کيس خريد ڪيو ۽ ساڻس نڪاح ڪيو.(23) ٿي سگهي ٿو ته اها لاڏي راجا ڏاهر جي سريت هجي، جنهن نه فقط پنهنجو پاڻ عربن جي حوالي ڪيو هو، پر سندس مدد سان ڪيترائي شهر ۽ ايراضيون عربن آسانيءَ سان فتح ڪيون هيون. انهيءَ واقعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جا راجا ڪيتريون ئي زالون رکندا هئا. جن ۾ نه فقط پرڻيل زالون هونديون هيون، پر خريد ڪيل يا جنگ ۾ هٿ آيل ٻانهيون به هيون. چچ جو به اهو ساڳيو حال هو، هن کي اڳ ئي هڪ زال هئي، جا ٻارن جي ماءُ هئي، پر هن انهيءَ کان پوءِ راءِ سهاسي جي راڻي سونهه ديوي سان پڻ شادي ڪئي. نه فقط ايترو پر هن هڪ طاقتور جت قبيلي جي عورت سان به شادي ڪئي، جنهن مان راڻي مايين جو جنم ٿيو ۽ هي اها نينگري هئي، جنهن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها راجا ڏاهر جي زال پڻ هئي.(24)
راجا ڏاهر وڏو حوصلو رکندڙ بهادر شهزادو هو. جنهن پنهنجي جواني جي شروعات کان ئي سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو هو. راجا چندر جي زماني ۾ قنوج جي مهاراجا راءِ سهارس، راجا راسل ۽ برهاس جي هٿان سنڌ تي حملو ڪرايو. تڏهن اهو شهزادو ڏاهر هو، جنهن انهن سان مقابلو ڪري کين شڪست ڏني ۽ سندس لشڪر کي سنڌ جي حدن مان ڀڄائي ٻاهر ڪڍيو. ساڳي ريت هن رمل (راجسٿان) جي بادشاهه کي به شڪست ڏيئي ان جو ڳچ ملڪ سنڌ جي حدن ۾ ملائي ڇڏيو هو. رمل جو راجا ايتريون ته فوجون وٺي آيو هو، جو وزير ٻڌيمان راجا کي صلاح ڏني ته گوريلا جنگ ڪئي وڃي. پر بهادر شهزادي ٺڳي يا دولاب سان وڙهڻ کي پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو ۽ هن جنگ جي ميدان ۾ کليل جنگ ڪئي ۽ ڪامياب ٿيو.(25)
راوڙ جي جنگ ۾ به سندس مردانگي بي مثال هئي. جنگ جي ميدان ۾ هو اهڙي ته هنڌ تي جنگ ڪري رهيو هو، جتي هو آسانيءَ سان قتل ٿي سگهيو ٿي. هو هڪ هاٿيءَ تي چڙهيل هو ۽ پنهنجي فوج کان گهڻو پري دشمن جي سپاهين جي وچ ۾ جنگ ڪري رهيو هو. هنن مٿس ڪيترائي حملا ڪيا، پر انهن سڀني جو هن پورو پورو جواب ڏنو. جڏهن سندس هاٿي کي نفطه روغن جي تيرن سبب باهه لڳي، تڏهن هو وٺي درياء ڏانهن ڀڳو، جتي عربن جي ساقه فوج موجود هئي. اهوئي سبب آهي جو هو تازده دم فوج جي وچ ۾ وڃي ڦاٿو ۽ اهوئي سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. ڏاهر جو موت دشمن جي بهادري سبب ڪونه ٿيو، پر اها هڪ جنگي بدقسمتي هئي، جنهن ۾ عربن جي تيرانداز جٿي کيس درياء جي اندر گهيرو ڪري قتل ڪيو.26 نه ته هونئن هو وٺ ڏيڻ جو هوئي ڪونه.
ڌارين جون ڪاهون:
سنڌ هڪ ميداني علائقو آهي ۽ سنڌو ماٿر جو ڏاکڻو حصو آهي. ڏکڻ ۾ سمنڊ کان سواءِ ٻي ڪابه رڪاوٽ سندس سرحدن تي نه آهي جا ٻاهرين يا ڌارين قومن جي ڪاهن کي روڪي. اولهه ۾ البت ڪي جبل ۽ ٽڪر آهن، پر جيئن ته اهي بي ترتيب آهن ۽ ايترا اُڀا نه آهن، ان ڪري سنڌ تي هميشه ڌارين قومن جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن.
[b]ڪول ۽ سنٿال:
[/b] سنڌو ماٿر تي سڀ کان پهرين جن قبضو ڪيو، اهو ڪُول ۽ سنٿال هئا، جن کي اتر اولهه کان ايندڙ آريا نسل جي ماڻهن قتل ڪيو ۽ باقي رهيلن کي دکن ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. انهيءَ ڳالهه جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي ته اهي هئا ڪير ۽ آيا ڪٿان؟ پر انساني نسل جي تاريخ ۽ ٻولين جو اڀياس ڏيکاري ٿو ته اهي ماڻهو دکن ۽ سريلنڪا جي ماڻهن سان رشتي ۾ ڳنڍيل هئا. سائنسدانن جو خيال آهي ته دکن، سريلنڪا، آسٽريليا ۽ اوڀر آفريڪا هڪ وڏي کنڊ رستي پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا ۽ پوءِ جڏهن ڌرتيءَ جي چرپر ۾ ردوبدل ٿي تڏهن اهو کنڊ سمنڊ جي تري ۾ هليو ويو.(27) سنڌ جي قديم رهاڪن جي بدني بناوٽ، اٿ ويهه جا طريقا، ذهني ڪاوشون، وارن جو رنگ ۽ نمونو ظاهر ڪري ٿو ته اهي آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن جهڙا هئا. ٿي سگهي ٿو ته هاڻوڪي دور جا ڪولهي ۽ ڀيل جي سنڌ ۾ اڃا به گهڻا ڏٺا وڃن ٿا، انهن ماڻهن مان هجن، جن جو قديم زماني ۾ دنيا تي ڌاڪو هو. ڪولهي دکن ۽ مهاراشٽر ۾ وڏي انداز ۾ موجود آهن ۽ دراوڙي نسل جي ماڻهن سان گڏ رهن ٿا، جي پڻ انهيءَ قديم نسل سان وابسته آهن ۽ آريا نسل کان بلڪل جداگانه ۽ مختلف آهن. ڪولهي ۽ ڀيل پاڻ کي ڪرشڻ ڀڳوان جو اولاد سمجهن ٿا، ۽ پاڻ کي راجپوت تصور ڪن ٿا. پر راجپوتن ڪڏهن کين پاڻ جهڙو نه سمجهيو آهي ۽ نه وري کين اهو درجو ڏنو آهي جيڪو جدا جدا خطن ۾ راجپوتن کي مليل آهي. اها ڳالهه تصديق طلب آهي ته موئن جي دڙي جا رهندڙ ماڻهو به انهيءَ نسلي ميڙ سان وابسته آهن يا نه. پر اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهي به انهيءَ ساڳئي دور جي پيدائش آهن. ڪن ليکڪن جي راءِ آهي ته موئن جي دڙي جا ماڻهو توراني نسل جا ماڻهو هئا، جن تاريخ کان اڳ جي دور ۾ هجرت ڪري سنڌ ملڪ وسايو ۽ اتي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جو ٻج ڇٽيو. بابل جي مشهور عالم ۽ پروهت، پنهنجي لکتن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اها سنڌو ماٿر هئي، جتان تهذيب ۽ ثقافت جو ڦهلاءُ ٿيو، جنهن جو اثر نه فقط ايران ۽ عراق تي رهيو، پر شام، فلسطين، ايشيا مائنر، مصر ۽ يوناني دنيا تي پڻ صدين تائين قائم رهيو.(28)
[b]آريه نسل:
[/b] آريه قوم جن سنڌ ۾ اٽڪل 2000 سال کان 1000 سال قبل مسيح جي هجرت ڪئي، اڇي نسل جي ماڻهن مان هئا، جن جي ٽولن جا ٽولا ايران، افغانستان، عراق، شام، اناطوليه ۽ روس تائين پکڙجي ويا. روس مان ٿيندي اهي يورپ پهتا ۽ انهيءَ جي تصديق انهن ماڻهن جي ٻولين، اٿ ويهه جي طريقن بدني بناوٽ ۽ ذهني ڪاوش مان ظاهر آهي، جا گهڻو ڪري ساڳي آهي ۽ ان مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ننڍي کنڊ، افغانستان، ايران، اناطوليه ۽ يورپ جون آريه قومون هڪڙي ئي نسل جي پيدائش آهن ۽ انهن جو اصل وطن به ساڳيو هو. آرين جو اصل ماڳ اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ يورپ جي عالمن جي راءِ آهي ته اهو وچ ايشيا وارو علائقو هو. عرب وري پامير جي مٿاهين پٽ کي آريه قوم جو اصل وطن سمجهن ٿا، جنهن کي هنن ”ام البلاد“ جو لقب ڏنو آهي. ان جي معنيٰ آهي ملڪن يا قومن جي ماءُ. هندوستان جا عالم انهن ٻنهي فيصلن جي ترديد ڪندي ٻڌائين ٿا ته آريه قوم جو اصل گهر ڀارت هو، جتان پوءِ هو ٽڙي پکڙجي ويا، افغانين ۽ ايرانين جي به اها دعويٰ آهي ته سندن ملڪ آريه قوم جو اصلي وطن هو. حقيقت ڇا به هجي، پر اهو ثابت ٿيو آهي ته آريه نسل جي ماڻهن جو حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان 2000 کان 1000 سال اڳ دنيا تي ڌاڪو هو.
آريه قوم نه فقط هندستان، افغانستان ۽ ايران ۾ حڪومتون قائم ڪيون، پر بابل ۾ به هنن پهرين آريه سلطنت جو بنياد رکيو. آخرين ڪلداني بادشاهه شمسو دتانا جنگ ۾ مارجي ويو ۽ ڪشائي آرين جو عراق، ايران، اناطوليه ۽ شام تي قبضو ٿي ويو. آرين شام جو نالو سوريا رکيو هو، جو سندن ديوتا سج جو نالو هو. ان کان اڳ انهيءَ ملڪ جو نالو عمورو هو. اڄ به شام جو ملڪ سوريا جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. بابل جو آريه بادشاهه تشرتا (دسرت) جو نالي ڀائي هندوستان ۾ به هو(29) ۽ اهو دسترتا (دسترت) ايوڌيا جو حاڪم هو، هندوستاني دسترت، سري رام چندر جو پيءُ هو، جو والميڪي جي لکيل شاهڪار رامائڻ جو هيرو هو. آريه قوم جي هڪ ٻي شاخ مٽاني، اناطوليه، آرمينيا ۽ اتر عراق تي پڻ حڪومت ڪئي. عراق ۽ اناطوليه جي آرين جو ايران ۽ هندوستان جي آرين سان گهاٽو سٻنڌ هو ۽ انهن جي وچ ۾ تجارتي ۽ ثقافتي ڏي وٺ پڻ ٿيندي هئي. ننڍي کنڊ جي آرين بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهي سنڌو ماٿر ۾ پهچڻ کان اڳ وحشي ۽ جاهل هئا ۽ انهن تهذيب ۽ تمدن جا طريقا سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ ماڻهن کان سکيا. اها حقيقت آريه قوم جي اصلي مذهب مان ظاهر ٿئي ٿي، جي فقط ٽن ديوتائن کي مڃيندا هئا. سوريا، ورونا ۽ اندرا. يعني ته اهو قدرتي طاقتن تي مبني هو، جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ هوا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. مترا يعني ته ڍڳو ديوتا جو کيتي ۽ آباديءَ جو ديوتا آهي، اهو بعد ۾ ڳنڍيو ويو، جڏهن آريه سنڌو ماٿر ۾ اچڻ کان پوءِ کيتي جي ڌنڌي کان واقف ٿيا. نه فقط ايترو، پر سندن پهريون مذهبي ڪتاب ”رگ ويد“ به سنڌو ماٿر ۾ لکيو ويو ۽ انهيءَ دور ۾ هو تهذيب ۽ تمدن جا صاحب بڻيا، جنهن کي پوءِ ”ويدڪ سولائيزيشن“ يا ويد تهذيب سڏيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ڪي آريه آيا، اهي پنچالا هئا،(30) جي ايران کان هجرت ڪري اتي پهتا. پر انهن جو ننڍي کنڊ جي ٻين آرين سان تعلق صدين تائين قائم رهيو. سنڌ جي راجا جئدرٿ جو مها ڀارت جنگ ۾ حصو وٺڻ ظاهر ٿو ڪري ته سنڌ جي آرين جو هندوستان جي آرين سان لاڳاپو قائم رهيو. جيئن ته تاريخ يا واقعن جو لکت ۾ سرمايو بلڪل گهٽ رکيو ويو آهي. ان ڪري فقط انومان کان ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو. البت اهو تصديق سان چئي سگهجي ٿو ته آرين جي اچڻ ڪري ۽ انهن جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن سان ميل جول سبب هڪ نئين تهذيب جنم ورتو، جنهن کي انڊو آريه تهذيب جو نالو ڏنو ويو آهي. هڪ نئين ٻولي پڻ وجود ۾ آئي، جا آريه قوم جي ٻولي ۽ سنڌو ماٿر جي قديم ماڻهن جي ٻوليءَ سان ملي محاوري ۾ ڪم اچڻ لڳي. انهيءَ ٻوليءَ کي سنسڪرت سڏيو وڃي ٿو، جا ننڍي کنڊ جي ٻولين جي ماءُ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنسڪرت اصل ۾ سمسڪريتا آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گاڏڙ يا مليل جليل ۽ ان جي ابتڙ آهي. پراڪرت (يا پراڪريتا) جنهن جي معنيٰ آهي پاڪ يا اصل. عالمن جي راءِ آهي ته اها پراڪرت آهي، جنهن مان سنڌي ٻولي جنم ورتو. پر موئن جي دڙي مان لڌل ڪتبن ۽ پڻ وچ اوڀر مان لڌل لکتن مان ظاهر ٿيو آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرت کان به وڌيڪ پراڻي ۽ قديم ٻولي آهي.
[b]ايرانين جي ڪاه:
[/b] آرين جي اچڻ کان پوءِ، پهرين جنهن قوم ننڍي کنڊ جي حدن سان هٿ چراند ڪئي، اهي پارسي هئا، جن ڇهين صدي قبل مسيح جو ايران ۾ هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي. انهيءَ سلطنت جو باني ڪوروش اعظم هو، جو اصل ۾ هڪ ننڍڙي حڪومت جو والي هو. پر پوءِ هن ايران جي ٻن وڏين قومن ميد ۽ پارس کي پاڻ ۾ گڏي، ڪلداني شهنشاه نبونئدو کي شڪست ڏيئي بابل جو تخت هٿ ڪيو. ڪلداني بادشاهه نبونئدو هڪ عالم هو، جنهن کي حڪومت ۽ انتظام سان گهٽ ۽ تاريخ ۽ آثار قديمه سان وڌيڪ دلچسپي هئي، ان ڪري هن حڪومت جون واڳون پنهنجي پٽ بيل شيراز جي حوالي ڪيون، جو هو ته بهادر پر عياش قسم جو نوجوان هو. بيل شيزار پڻ جنگ ۾ مارجي ويو ۽ ايرانين جو بابل تي قبضو ٿيو، جو ان وقت دنيا جو متمدن ۽ تهذيب يافته شهر هو. بين الاقوامي سياست، واپار ۽ سازش جو مرڪز هو. اهو شهر عراق ۾ هو ۽ بخت نصر جي ٺهرايل ”لٽڪيل باغن“ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور هو.
ڪوروش اعظم، جنهن کي سامي قومن جي تاريخ ۾ ذوالقرنين سڏيو ويو آهي، هڪ نهايت ئي فراخ دل بادشاهه هو. اهو لقب کيس انهيءَ ڪري مليو جو هن يهودين کي ڪلدانين جي قيد کان آزاد ڪيو ۽ کين اجازت ڏنائين ته اهي فلسطين واپس وڃن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ماڳ وسائين. ڪوروش اعظم جي طاقت ۾ اچڻ ڪري سامي ديوتا بيل (بيل مردوڪ) جو روحاني تسلط ختم ٿيو ۽ ان جي جاءِ آرين قوم جي ديوتا ”آهور مزدا“ ورتي ۽ اهو سڄي ايراني سلطنت جو خدا تسليم ڪيو ويو. ڪوروش کان پوءِ سندس پٽ زرقزيس تخت تي ويٺو ۽ ان کان پوءِ داريوش (دارا) پهريون تخت نشين ٿيو. دارا پهرين جي زماني ۾ ان وقت جي سڄي تهذيب يافته دنيا شامل هئي ۽ انهن بادشاهن جو راڄ يونان، مصر، شام، عراق، نوبيا (سوڊان)، وچ ايشيا، ايران، افغانستان ۽ سنڌو ماٿر تي رهيو. اهوئي سبب هو جو دارا پهرين بهستون جبل تي هي ڪتبو لکائڻ تي مجبور ٿي ويو، جنهن مان سندس قوت ۽ طاقت، سلطنت ۽ حشمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:
”آءٌ داريوش آهيان، وڏو بادشاهه، بادشاهن جو بادشاهه، سڀني ملڪن۽ قومن جو شهنشاهه ۽ سڄي روءِ زمين جو شاهه آهيان. وشتا سڀ (گشتا سپ) منهنجي پيءُ جو نالو جو هخامنشي جي اولاد مان هو. هخامنشي پارسي هو ۽ پارسي جو پٽ ۽ پڻ هو آريه هو ۽ آريه جي اولاد مان.“
دارا پهريون بادشاهه آهي، جنهن ٺپيل (ضرب ڪيل) سڪا رائج ڪيا ۽ انهن کي دارائي سڪا سڏيو ويندو هو. دارائي سڪو سون جو ٺهيل هو ۽ اهو قديم دور جي هڪ شيڪل جي برابر هو. چانديءَ جا سڪا به رائج ڪيا ويا، جي 20/1 86 ڪڻن (ان جي داڻن) جي وزن جا هئا ۽ انهن جي قيمت دارائي سڪي جي 20/1 هئي. دارا پنهنجي سلطنت کي ننڍن يونٽن ۾ ورهايو هو، جن کي هن ”سئٽرپي“ جو نالو ڏنو ۽ هر هڪ سئٽرپي تي هن گورنر مقرر ڪيا هئا. فوجي انتظام وري هڪ ٻئي عملدار جي حوالي ڪيو ويو هو. اهو عملدار ۽ گورنر ٻئي هڪ ٻئي کان آزاد هئا ۽ عموماً هڪ ٻئي تي چوڪسي رکندا هئا.
دارا پهرين کي هڪ وڏي سلطنت هٿ ۾ هئي، پر هو انهيءَ تي راضي نه رهيو ۽ هن سنڌ ۽ هند ڏانهن هڪ شاهي مهم ڏياري مُڪي. اها مهم 512 ق.م ۾ عمل ۾ آئي، جڏهن سندس يوناني اميرالبحر اسڪائيليڪس هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي پنجاب ۾ داخل ٿيو ۽ اتي جي ماڻهن جي مدد سان هن پاڻي جي جهاز جي هڪ وڏي آڙ ماڙ ٺاهي ۽ انهن جي مدد سان سنڌ ۾ پهتو. سنڌ جا جيڪي به راجائون ۽ حاڪم هئا، اُهي يا ته مارجي ويا يا ته انهن ايرانين جي آڻ مڃي ۽ ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. اسڪائيليڪس پنهنجا گماشتا سنڌ ۾ ڇڏي، مڪران جو سامونڊي ڪنارو ڏيئي عراق پهتو ۽ سنڌ ان کان پوءِ هخامنشي خاندان جي ايراني سلطنت جو هڪ حصو بنجي ويئي. ايرانين سنڌو ماٿر کي ”ويهين سئٽرپي“ جو نالو ڏنو ۽ ان مان جيڪو ساليانو ڏن مرڪزي حڪومت ڏانهن عراق موڪلبو هو، اهو سون جا ٽي سو سٺ ٽيلينٽ هو. اهو سون ٻوري جي شڪل ۾ موڪليو ويندو هو ۽ ان جي هاڻوڪي قيمت ڏهه لک پائونڊ هئي. يعني ته اڍائي ڪروڙ پاڪستاني رپيا. اهو ڏن ايراني ڪٿ موجب سڄي سلطنت جي مليل ڏن جو چوٿون حصو هو.(32)
دارا پهرئين ڇٽيهه سال حڪومت ڪئي ۽ پوءِ ڪيترائي بادشاهه تخت نشين ٿيا. تان جو دارا ٽئين (336 کان 330ق.م) جي دور ۾ هخامنشي سلطنت جي پڄاڻي ٿي. دارا ٽيون سڪندر اعظم جي هٿان ٻن مشهور ۽ فيصلا ڪن جنگين آئيسوس (333 ق.م) ۽ اربيلا (331 ق.م) ۾ يونانين هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ، جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄي ويو ۽ پنهنجن ماڻهن هٿان همدان ۾ مارجي ويو. سندس موت کان پوءِ ايراني سلطنت ورثي ۾ سڪندر اعظم کي ملي، جنهن وري نئين سر انهيءَ کي پنهنجي زير اثر آڻڻ لاءِ انهن تي حملو ڪيو.
[b]يوناني حملا:
[/b] يوناني، پارسين (ايرانين) سان لڳاتار جنگين سبب هڪ نهايت ئي طاقتور قوم ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته پارسي سندن ملڪ هڙپ ڪري ويا هئا. يونانين نه فقط ايرانين سان خونريز جنگيون ڪيون پر يونان ۾ پنهنجو پاڻ ۾ به لڙايون لڙيون. آخر مقدونيه جي حڪومت، سڀني يوناني حڪومتن کان گوءِ کٽي ويئي ۽ ان جي بادشاهه فلپ يونانين کي ٻڌيءَ ۾ آڻي، ايشيا تي حملو ڪرڻ چاهيو ٿي، پر سندس غيرقدرتي موت سبب اها رٿ ڪامياب نه ٿي سگهي. سندس پٽ سڪندر جو اڃا ننڍو جوان هو، تنهن حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ جهليون. هيراس جي ٻين حڪومتن کي زير ڪري سن 334 ق.م جي هيلسپانٽ کي اڪري ايشيا مائنر تي حملو ڪيو. سڪندراعظم جي فوج جو تعداد مختلف ليکڪن 30000 کان 40000 تائين ٻڌايو آهي. ٿوري عرصي اندر سڪندر ايشيا مائنر جي سڀني شهرن ۽ ايراضين تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي جو اصل ۾ ايراني شهنشاهيت جو هڪ صوبو هو. ايران جي بادشاهه دارا ٽئين لشڪر وٺي سڪندر سان مقابلو ڪيو ۽ آئيسوس وٽ هڪ نهايت ئي خونريز جنگ لڳي جنهن ۾ دارا ٽيو شڪست کائي ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. سندس ڪٽنب جا ماڻهو جي پويان رهجي ويا تن جو به ڪو خيال ڪونه ڪيائين پر سڪندر جي حڪم سان انهن کي عزت ۽ احترام سان رهايو ويو.
سڪندر، دارا جي پويان پوڻ جي بدران ڏکڻ اولهه طرف رخ ڪيو ۽ مٺام ملڪ ۾ آيو جو پڻ ان وقت ايراني سلطنت جو هڪ حصو هو، پر اتي سندس ڪنهن به قسم جي مخالفت نه ٿي. 332 ق.م جي اونهاري ۾ سڪندر پنهنجي فوجن سان مصر تي حملو ڪيو ۽ ايرانين جي رهيل کهيل ماڻهن کي اتان تڙي ڪڍيو. مصر جا ماڻهو ايرانين جي ظلم ۽ ستم سبب ايترا ته ستايل هئا، جو انهن سڪندر اعظم جو نهايت ئي سٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيو. خوشيون ڪيون ۽ کيس ”خدا جو پٽ“ سمجهي سندس تاج پوشي ڪئي.(33) مصر جو انتظام ويساهه جهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري سڪندر اعظم وري به ايران جو رخ ڪيو. اربيلا وٽ ايرانين ٻيهر سندس مقابلو ڪيو پر وري به شڪست کاڌائون. دارا ٽيون ميدان ڇڏي ڀڄي ويو پر همدان وٽ پنهنجي ماڻهن هٿان قتل ٿي ويو. اهو واقعو 331 ق.م ۾ ٿيو ۽ ايران جي هخامنشي خاندان جو خاتمو ٿيو. سڪندر اعظم دارا جي تختگاهه پر سيپولس (تخت جمشيد) تي جهل ڪئي ۽ ان کي باهه ڏيئي ان جو وڏو حصو ساڙي ڇڏيو. پر دارا ٽئين جي لاش کي عزت ۽ احترام سان بادشاهي طريقي جي رسم سان دفنائڻ جو حڪم ڏنو. ٿوري ئي عرصي اندر ايراني سلطنت جا سڀ صوبا فتح ڪيا، ۽ آخر ۾ ڪابل تي قبضو ڪيو. پر سيپولس کان ڪابل تائين سڄو ملڪ فتح ڪرڻ ۾ سڪندر کي پنج سال لڳي ويا. 326 ق.م جي بهار جي موسم ۾ سڪندر اعظم افغانستان ڇڏي سنڌو ماٿر پهتو. سڀ کان پهرين ٽئڪسيلا جي راجا امڀي سڪندر جي آڻ مڃي ۽ ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. راجا امڀي، سڪندر اعظم کي رسد ۽ جنگ جي سامان جي وڏي مدد ڏني ۽ پاڻ به وڏي فوج وٺي سڪندر سان شامل رهيو. ڏکڻ پنجاب جي راجا يوروشيا (پورس) سڪندر جو مقابلو ڪيو. پر شڪست کائي ڦٽجي پيو ۽ سڪندر هن کي قتل ڪرائڻ بدران معافي ڏني ۽ سندس ملڪ کيس واپس ڪيو.(34) سڪندر جي اها آرزو هئي جو هُو سڄو هندوستان لتاڙي وڃي بنگال تائين پهچي ها. پر سندس فوج جا نهايت گهڻو ٿڪجي پيئي، تنهن اڳتي وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن سردارن بغاوت پڻ ڪئي. ان ڪري سڪندر سنڌونديءَ جي رستي واپس وطن ورڻ جي خيال کان سنڌ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو.
سنڌ ۾ ان وقت ٽي حڪومتون هيون، جن جا تختگاهه اوسڪانا، سنديمانا ۽ پٽالا هئا. اوسڪانا وارو ماڳ لاڙڪاڻي جي آس پاس ٻڌايو ويو آهي، جتي سڪندر پنهنجي فوجن جي بچاءَ لاءِ هڪ نئون ڪوٽ پڻ اڏايو هو ۽ ان جا کنڊر ماهوٽا واري ايراضي ۾ ڏٺا ويا آهن، اوسڪانا جي راجا جو نالو موسيڪانس ٻڌايو ويو آهي. جنهن سڪندر جي آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو. سڪندر، اتر سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ پنجاب جون فوجون ڪم انديون ۽ پنهنجي فوجن کي آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. اوسڪانا کان پوءِ سڪندر پٽالا تي حملو ڪيو. جنهن جو راجا موريز ٻڌايو ويو. پٽالا جي راجا، مقامي راجائن جي شڪست کائڻ سبب دل هاري ويٺو ۽ سڪندر جي آڻ مڃيائين. پٽالا جي ماڳ کي هاڻوڪي حيدرآباد سان تشبيهه ڏني ويئي آهي جو مٿاهين پٽ تي اڏيل هو ۽ سنڌو ڊيلٽا جي منڍ وٽ هو. سڪندر اعظم پٽالا مان فوجون موڪلي سنديمانا تي قبضو ڪيو، جنهن جو راجا سمبو (سامبس) قلعو ڇڏي ڀڄي ويو. سڪندر اعظم هڪ قلعو سنديمانه ۾ به ٺهرايو هو، جو سيوهڻ شهر جي اتر ۾ هڪ وڏي ڊٻ تي ٺهيل آهي.(35)
پٽالا ۾ ساهي وٺڻ وقت سڪندر، سنڌوندي (يا هاڪڙي) جي هڪ شاخ رستي ڪڇ جي ريڻ نديءَ جو سير به ڪيو هو. جنهن کي هاڻي ريڻ يا واهندا جو نالو ڏنل اهي. سنڌو درياء جا پراڻا ڍورا، جن جي وسيلي درياء جو پاڻي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، اڄ به موجود آهن ۽ اهو لوهاڻو، پراڻ ۽ ونگو ڍورن جي نالي سان سڏجن ٿا.
سن 324ق.م جي سڪندر وطن واپس وڃڻ لاءِ پنهنجي فوجن کي تيار ڪيو. هڪ حصو نرخوس (نيارڪس) جي حوالي ڪيائين، جو سندن اميرالبحر هو. ٻيو حصو پنهنجي ڪمان هيٺ رکيائين. نيارڪس فوجن کي جهازن رستي سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي عراق پهتو. سڪندر وري مڪران وارو ڪنارو ڏيئي فارس مان ٿيندو بابل پهتو جو پڻ عراق ۾ هو. سڪندر کي راجا پورس سان جنگ ڪرڻ وقت ڄنگهه ۾ جيڪو گهاءُ رسيو هو اهو ناسور ٿي پيو. ڇاڪاڻ ته سڪندر شراب تمام گهڻو پيئندو هو. ان ڪري علاج مان ڪو فائدو نه رسيو ۽ اهو ماڻهو جو سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، هڪ ننڍڙي ڦٽ سبب بيمار ٿي مري ويو. سڪندر اعظم 323 ق.م ۾ بابل جي شهر ۾ وفات ڪئي.(36)سندس موت جي خبر ٻڌي سنڌو ماٿر جي بادشاهن بغاوت ۽ سنڌ جي راجائن گڏجي، سڪندر جي وائسراءِ پئٿان کي سندس فوجن سميت ڀڄائي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. چندر گپت جنهن پهرين سڪندراعظم کي گنگا ندي جي ماٿر ۾ حملي ڪرڻ لاءِ همٿايو هيو، تنهن موقعي جو فائدو وٺي پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ اتان فوجون وٺي پتاليپترا تي ڪاهي ويو. نندا شهنشاهيت پوين پساهن ۾ هئي، ان ڪري چندر گپت ٿوري عرصي اندر سڄي اتر هندوستان جو مالڪ بڻجي ويو.
سڪندر کي ڪوبه اولاد ڪونه هو ان ڪري سندس نائب، سندس سلطنت جا وارث بنجي ويا، سيليوڪس کي عراق ۽ اڀرندي جا ملڪ مليا، انٽياگونس يونان ۾ بادشاهه ٿيو ۽ بطليموس مصر جو والي بنجي ويو. سيليوڪس کي جڏهن خبر ملي ته هند ۽ سنڌ جا بادشاهه بغاوت ڪري خود مختيار ٿيا آهن، تڏهن هو هڪ وڏو لشڪر وٺي اچي پنجاب تي ڪڙڪيو. جهلم جي ڪناري تي هڪ وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ سيليوڪس شڪست کاڌي. هن نه فقط پنجاب ۽ سنڌ تان هٿ کنيو پر ان سان گڏ جنگ جي چٽي ڀري ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ چندر گپت کي ڏنو. انهيءَ رشتي سبب قديم زماني جو هڪ مشهور ليکڪ ميگا مسٿنيز، پتاليپترا ۾ ايلچي بنجي آيو. هن هندوستان ۾ رهي هندوستان بابت نهايت ئي ڪارآمد مواد لکيو آهي، جنهن مان ان وقت ننڍي کنڊ جي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جو پتو پوي ٿو. ميگام سٿنيز جون لکتون پوءِ جي تاريخدانن ۽ ليکڪن لاءِ هڪ ماخذ جو درجو رکن ٿيون.(37) ۽ ڪيترن ئي يوناني ليکڪن ان مان حوالا ۽ مضمون هٿ ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ بيان ڪيا آهن.
چندر گپت هڪ نهايت ئي طاقتور بادشاهه هو، ان ڪري جيستائين هو جيئرو هو تيستائين ڪنهن به ڌارئي قوم کي، ننڍي کنڊ تي حملي ڪرڻ جي همٿ نه ٿي. سندس پٽ بندوسارا ۽ پوٽو اشوڪا به چندر گپت وانگر طاقتور حاڪم هئا ۽ پوءِ موريا گهراڻي جا بادشاهه سست ۽ نا اهل ٿي ويا. جنهن سبب سنڌو ماٿر تي ٻاهريان حملا جاري رهيا. سڀ کان پهرين جن انهيءَ ڏس ۾ پاڻ ملهايو اهي باختري جا يوناني هئا، جن سڪندر جي وفات کان پوءِ اتي هڪ آزاد ۽ طاقتور حڪومت ٺاهي هئي. يوٿيڊيوس پهريون باختر بادشاهه هو جنهن سنڌو ماٿر تي حملو ڪري پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪيو.(38) کائنس پوءِ سندس پٽ ڊميٽريس، هندوستان تي حملو ڪري سڄي سنڌو ماٿري کي پنهنجي تصرف ۾ آندو. باختري يونانين جي انهيءَ ساڳئي خاندان مان مناندر نه فقط سنڌ ۽ پنجاب کي پنهنجي سطلنت ۾ شامل ڪيو.(39) پر ان سان گڏ راجپوتانا، مالوا ۽ ڪاٺياواڙ تي به ڪامياب حملا ڪيا. هن هندوستان جي تختگاهه پتاليپترا تي قبضي ڪرڻ خاطر وڏي ڪٽڪ سان حملو ڪيو ۽ مٿرا تي قبضو ڪري اتي ماڻهن جو قتلام ڪيائين. سندس حملي کي سنگا گهراڻي جي شهزادي پشيامترا نهايت ڪاميابي سان روڪيو ۽ کيس مجبور ڪيو ته واپس وڃي.(40) انهن لاهن چاڙهن هوندي به مناندر جو قبضو نه فقط سنڌو ماٿر تائين محدود رهيو پر ان سان گڏ ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ به سندس سياسي زير اثر رهيا. باختر جي يونانين جي حڪومت گهڻو جٽاءُ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته کين سندن ملڪ ۾ پارٿين بادشاهن هٿان شڪستون مليون ۽ پهرين صدي ق.م جي سندس پڄاڻي آئي. ان ڪري سندن حڪومت جو دائرو افغانستان جي ڪن حصن ۽ سنڌو ماٿر تائين محدود رهجي ويو.
[b]سٿيا ۽ ساڪا قومون:
[/b] جڏهن ته مٿي بيان ڪيل واقعا، باختر ۾ ٿي رهيا هئا. ان وقت هڪ نئين قوم اڀرندي کان منهن ڪڍيو ۽ باختر ۽ ٻين علائقن ۾ پکڙجي ويئي. اها يوچي قوم هئي جي گهڻو ڪري خانه بدوش وحشي هئا ۽ سندس رهڻ جو هنڌ ٽاڪلا مڪان ۽ سڪيانگ جا ٻيا علائقا هئا. سندن ڦرلٽ وارين ڪارواين کي ختم ڪرڻ لاءِ، چين جي شهنشاهه چن- شي- هئانگ- ٽي (247 کان 210ق.م) کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو. پر تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته لڏپلاڻ جو اصل سبب اهو هو جو ٽاڪلا مڪان وارو برپٽ سندن گذران لاءِ بلڪل بيڪار ثابت ٿي چڪو هو. ان ڪري هو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پنهنجي مال جي گاهه پٺي هٿ ڪرڻ لاءِ اولهه طرف آباد ملڪن ڏانهن جهلون ڪرڻ لڳا. لڏپلاڻ ڪرڻ وقت هنن هڪ لک تير انداز تيار ڪيا جن کي هو اڳواٽ موڪليندا رهيا ته جيئن اهي ميدان صاف ڪندا رهن. نتيجو اهو نڪتو جو ٿوري ئي وقت اندر اهي وچ ايشيا جا مالڪ ٿي ويا. باختر جي يوناني حڪومت جنهن اڳيئي پارٿيا هٿان گهڻو ڪي سٺو هو، سا يوچي لوڪن جي حملن سبب ختم ٿي ويئي. يوچي جي هڪ شاخ جنهن کي سٿيا سڏيو وڃي ٿو افغانستان کان ٿيندي، سرحد اُڪري، ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو ۽ پنجاب جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو. سنڌ ۽ سنڌو ماٿر جا ٻيا حصا ڪجهه وقت پوءِ ڪُشن سلطنت ۾ ڳنڍيا ويا جي پڻ سٿيا قوم مان هئا. هن قوم جو پهريون بادشاهه جنهن پنجاب تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو، ڪڊفائيز پهريون هو جنهن لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته هن ٽيهه سال (15-45ع) حڪومت ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ تخت تي ويٺو جنهن جو نالو پڻ ساڳيو هو. ان کان پوءِ ڪنشڪا تخت تي ويٺو. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنشڪا هڪ باهمت ۽ طاقتور بادشاهه ٿي گذريو آهي. سندس دور ۾ ڪُشن سلطنت جو حدون باختر کان بنارس تائين ۽ ڪشمير کان ڪاٺياواڙ تائين پکڙيل هيون.(41) هن چين کي فتح ڪرڻ خاطر پڻ فوجون موڪليون پر اهي ڪا خاص سوڀ حاصل نه ڪري سگهيون. ڇاڪاڻ ته چين ۽ ڪُشن سلطنت جي وچ ۾ اڙانگا رستا هئا. جبلن ۽ بيابانن سبب رسد جو سامان فوجن کي رسي نه سگهيو. پر ان هوندي به هن لائق بادشاهه جي حڪومت باختر، سيڪانگ، کوٽان ۽ اولهه ٿٻيٽ تي قائم ٿي چڪي هئي. جا هڪ وڏي سوڀ سمجهڻ گهرجي. ڪنشڪا راجا ٻڌ مذهب جو وڏو سرپرست تصور ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس ڪوششن سان اهو مذهب سنڪيانگ، منگوليا ۽ چين جي ڪن حصن ۾ نهايت تيزي سان پکڙي رهيو هو.
ڪنڪشا 28 سال حڪومت ڪئي ۽ کائنس پوءِ سندس پڻ هو سشڪا تخت تي ويٺو. هو سشڪا پنهنجي لاءِ هڪ نئون تختگاهه ڪشمير ۾ ٺهرايو، جنهن کي هن هوسشڪاپور نالو ڏنو. انهيءَ شهر کي هن سهڻي محلاتن، اعليٰ قسم جي مندرن ۽ مڙهين (خانقاهن) سان سجايو. اهڙي طرح جو اهو پوءِ انهن ٻڌمت جي ياترين لاءِ زيارت گاهه بنجي ويو جيڪي ڏوراهين ملڪن مان ننڍي کنڊ ۾ ايندا هئا. ٻڌ ڌرم جي برتري کي ننڍي کنڊ ۾ هوسشڪا جي پٽ واسديو ڪاري ضرب رسائي. جو هن ٻڌ ڌرم کان بيزاري ڏيکاري هندو ڌرم کي وري زور وٺايو. انهيءَ حقيقت جي تصديق واسديو جي سڪن مان ٿئي ٿي جن تي شومهاراج ۽ سندس ڍڳي جون شڪليون ڏنيون ويون آهن. ساڳئي وقت واسديو آرين جي پراڻي رسم، گهوڙن جي قربانيءَ جو رواج پڻ وڌو. جنهن سبب کيس هندو مذهب جو وڏو همٿائڻ وارو مڃيو ويو آهي. اها قرباني پوءِ گپتا گهراڻي جي شهنشاهن به رائج ڪئي، جي ڪشن گهراڻي کان پوءِ ننڍي کنڊ جي سياسي اقتدار جا مالڪ بنيا. ڪُشن گهراڻي ۾ مذهبي ۽ سياسي ڦوٽ سبب انهيءَ جو اثر واسديو کان پوءِ بلڪل گهٽجي ويو.(42) پر ان هوندي به انهن جا شهزادا سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا. تان جو گپتا گهراڻي جي بادشاهه چندرگپت سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو. پر اهو چئي نٿو سگهجي ته ڪيترو حصو سندن اثر هيٺ رهيو. ڇاڪاڻ ته ايران ۾ ان وقت هڪ نهايت طاقتور سلطنت ساساني گهراڻي طرفان قائم ڪئي ويئي هئي. جنهن جو سنڌ جي وڏي حصي تي اثر هو. ڀائنجي ٿو ته سنڌوندي جي اولهه وارو ملڪ ساسانين جي هٿ ۾ هو ۽ اوڀر وارو حصو گپتا گهراڻي جي زير اثر رهيو.
[b]سفيد هُن:
[/b] سفيد هِن به سٿيا قوم وانگر وچ ايشيا مان هجرت ڪري سنڌو ماٿر ۾ پهتا، ۽ انهن جي يلغار سبب گپتا گهراڻي جي پڄاڻي آئي. هو اتر اولهه وارن علائقن ۾ ٽيهن سالن تائين طاقتور رهيا ۽ انهن هندوستان جي اندرين علائقن ۾ ڪيترائي حملا ڪيا. هن قوم جا به بادشاهه نهايت ئي طاقتور سمجهيا وڃن ٿا. تورمانا (500 کان 510ع) ۽ مهوڪولا (510 کان 540ع)، ۽ انهن مان پويون ته وحشي صفت ظالم هو. پنجاب ۽ سرحد جي مقامي راجائن گڏجي مهوڪولا سان جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏيئي ڪشمير ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. مهوڪولا ڪشمير ۾ هڪ گهراڻي جو بنياد پڻ وڌو، پر پوءِ هن گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو ۽ سن 540ع ۾ گذاري ويو.(44) سندس موت سبب سنڌو ماٿر ۽ پڻ ننڍي کنڊ ۾ هُن قومن جي حملي جو ڊپ ختم ٿي ويو ۽ هر هنڌ خودمختيار حڪومتون قائم ٿي ويون. سنڌ ۾ پڻ راءِ ڏياج نالي هڪ ٻڌمت جي راجا، جنهن جو چتور جي راجائن سان مائٽاڻو سٻنڌ هو تنهن پنهنجي خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. جنهن کي چچ نامي ۾ راءِ گهراڻي جو نالو ڏنو ويو آهي. انهيءَ گهراڻي جي حڪومت جو دائرو اتر ۾ ڪشمير ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين وڌيل هو ۽ اوڀر ۾ ٿر کان وٺي اولهه ۾ مڪران تائين سڀني قبيلن تي سندس راڄ هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مڪران ۽ بلوچستان جي علائقن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي راجائن، ايران جي ساساني فوجن سان ضرور جنگ ڪئي هوندي. راءِ گهراڻي جي حڪومت جي پڄاڻي راءِ سهاسي ٻئي جي زماني ۾ ٿي جو هو پاڻ بي اولاد مري ويو ۽ سندس راڻي سندس وزير چچ سان ساز باز ڪري کيس تخت تي ويهاريو. چچ جيئن ته هندو برهمڻ هو ان ڪري هن برهمڻ خاندان جي حڪومت جو پايو وڌو.(45) برهمڻ گهراڻي جا ئي راجائون تخت تي ويٺا. چچ پهريون راجا هو ۽ کائنس پوءِ سندس ڀاءُ چندر اٺ سال حڪومت ڪئي. چندر کان پوءِ چچ جو پٽ راجا ڏاهر سنڌ جو ڌڻي ٿيو. سندس حڪومت جي دور ۾ سنڌ تي ايران کان عربن طرفان ڪئين حملا ٿيا، پر اهي ناڪامياب ويا. آخر ۾ محمد بن قاسم حملو ڪيو. راجا ڏاهر راوڙ جي ميدان ۾ عربن سان جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو. اهو واقعو سن 93هه/ 711-712ع جي عمل ۾ آيو ۽ سنڌ ۾ عربن جي حڪومت قائم ٿي ويئي. پهرين دمشق جي خليفن جا گورنر ايندا هئا ۽ ان کان پوءِ عباسين جا نمائندا. تان جو منصوره ۾ عربن جي هڪ خودمختيار حڪومت قائم ٿي جنهن جو خاتمو راجسٿان مان حملو ڪندڙ سومرا قوم جي راجپوتن هٿان ٿيو.*
[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) اينشنٽ هسٽري آف نيئر ايسٽ، ص 174، 594.
(2) اينشنٽ ٽائمس، ص 111 اينشنٽ هسٽري آف نيئر ايسٽ، ص 174، 597.
(3) هسٽري آف پرشيا، جلد 1، ص 62.
(4) اينشنٽ ٽائمس، ص 128، 129
(5) گزيٽيئر آف سنڌ (ايڪٽن)، ص 85.
(6) ايراني شهنشاهيت جي ويهين سئٽرپي (صوبي) جي حدن جو پورو پورو ڪاٿو نه ڪيو ويو آهي. پر اهو ظاهر آهي ته ان ۾ سالٽ رينج کان عربي سمنڊ تائين سڄو علائقو شامل هو. هندوستان جي اوائلي تاريخ (دي سمٿ)، ص 368.
(7) دارا ٽئين سڪندر کي، سلطنت ورهائڻ جي آڇ به ڪئي هئي جنهن ۾ فرات ندي جي اولهه وارا سڀ ملڪ هن يونانين کي ڏيڻا ڪيا ۽ پڻ پنهنجي ڌيءَ رخسانه جو سڱ به سڪندر کي ڏيڻو ڪيو هو. ڏسو شام جي تاريخ. ص233.
(8) اوسڪانا کي اروڙ ۽ پڻ مهورتا وارين ايراضن سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. ڏسو ڪننگهام جو ڪتاب، هندوستان جي قديم جاگرافي جلد 1، ص 283، ونسينٽ سمٿ ان کي الور سان تشبيهه ڏني آهي. هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 105.
(9) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 106.
(10) ايضاً، ص 118.
(11) ايضاً، ص 167، 199.
(12) باختر ۽ هندوستان جا يوناني، ص 142.
(13) ايضاً، ص 155.
(14) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 238.
(15) ايضاً، ص 245.
(16) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 277.
(17) چچ نامو (فارسي)، ص 15.
(18) هندوستان جي قديم جاگرافي، جلد1، ص 270.
(19) چچ نامو (فارسي)، ص 23.
(20) ايضاً، ص 40، 41.
(21) فتوح البلدان، ص 442.
(22) چچ نامو (فارسي)، ص 57، 58.
(23) ايضاً، ص 186.
(24) ايضاً، ص 44.
(25) ايضاً، ص 70.
(26) ايضاً، ص 182، 183.
(27) امپيريل گزيٽير (بمبئي پريزيڊنسي)، جلد1، ص 198.
(28) وچ اوڀر جي قديم تاريخ، ص 176.
(29) ايضاً، ص 272.
(30) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 228، 390، 391.
(31) دارا پهرئين جو ڪتبو، ڏسو فارس جي تاريخ، جلد 1، ص 156.
(32) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 37.
(33) شام جي تاريخ، ص 233.
(34) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 71.
(35) سنڌ گزيٽير (ايٽڪن)، ص 86.
(36) شام جي تاريخ، ص 235.
(37) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 121،
(38) حيرت انگيز هندوستان (ڀاشم)، ص 58.
(39) باختر ۽ هندوستان جا يوناني، ص 142.
(40) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص225.
(41) هندوستان جي هڪ تاريخ (مورليئنڊ ۽ چئٽرجي)، ص 76.
(42) هندوستان جي اوائلي تاريخ، ص 272.
(43) ايضاً، ص 273.
(44) ايضاً، ص 319.
(45) چچ نامو (فارسي)، ص 25.
[b](هي مضمون ”ڪتاب سنڌ- ارب دور“ صفحو 71 کان 102 تان کنيل آهي).[/b]