آريا لوڪن جو آڳاٽو احوال: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
[/b]رگ ويد ۾ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو گهڻو ئي ذڪر آهي. انهيءَ مان يوروپي عالمن اهو انومان ڪڍيو ته آريه لوڪ ڪٿان ٻاهران آيا هئا، جنهن ڪري ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِکين اڻ آرين سان جنگيون جوٽڻيون پيون هيون. اهي ڪٿان آيا، سو پتو هندن جي ڪنهن به ڌرمي پستڪ مان ڪونه ٿي پين. پوءِ ٻولين جون کوجنائون ۽ ٻيون کوجنائون ڪري علحدا علحدا رايا ظاهر ڪيائون، جن مان مکيه هيءُ هو ته آريه اصل وچ ايشيا کان آيا هئا، مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اهو وچ ايشيا وارو نظريو پوءِ جرمنيءَ جي پروفيسر پينڪا ۽ ٻين غلط ٺهرايو ۽ آرين جو اصلوڪو ماڳ اُتر قطب ڄاڻايائين.(1) پروفيسر راهز به پنهنجن ”هبرٽ ليڪچرس“ ۾ قديم ڪليٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان ثابتيون ڏيئي، ائين ئي ڄاڻايو. وچ ايشيا واري نظرئي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ هنيو، جنهن هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪ پارسين جي ”زنداوستا“ مان ڪيترائي حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا آريه لوڪ ”ميرو پربت“ تي رهندا هئا، جو سائبيريا جي اُتر قطب طرف هو (صفحو 17)
لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ويدڪ ساهت مان جيڪي حوالا ڏنا آهن، تن سان گڏ ڪي ڏند ڪٿائون به ويدڪ ساهت مان ڪڍي، پنهنجي ٽيڪاٽپڻيءَ (تشريح) سان ڏنيون اٿس. انهن ڏند ڪٿائن مان هڪڙا شايد هڪڙو ۽ ٻيا ٻيو مطلب ڪڍن، جنهن ڪري سندس لکيل سڀني ڳالهين سان شايد ڪي شامل راءِ نه به ٿين. انهيءَ سبب ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين جون ڳالهيون ڇڏي، اسان کي رڳو هيءَ ڳالهه ڳڻڻي آهي ته هن هيڏي ساري ڪتاب لکڻ ۾ سندس مکيه مراد ڪهڙي هئي؟ سندس ڪتاب منجهان ئي ظاهر آهي ته کيس رڳو ايترو ثابت ڪرڻو هو ته ”آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ ميرو پربت تي هو، جو اتر قطب ڏي هو، ۽ اها ڳالهه جا ويدڪ ساهت، اتهاسن ۽ پراڻن مان ظاهر آهي سا سچي آهي.“
ويجهڙائيءَ ۾ مسٽر پارجيٽر، ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج پنهنجي روءِ سوءِ هندن جي پراڻن مان تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن. هن صاحب به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته قديم آريه لوڪ اصل هندستان جا رهاڪو ڪونه هئا، پروچ هماليه وارن ڏينهن جي واٽ وٺي هندستان ۾ آيا هئا.(2)
هن وقت اسان جي ڪيترن ڏيهي عالمن جو به اهو ئي رايو آهي ته سڀ قديم آريه لوڪ جيڪڏهن ميرو پربت تي نه رهندا هئا، ته به منجهائن گهڻا اتي جا رهاڪو هئا. لوڪمانيه تلڪ رگ ويد مان جيڪي حوالا ڏنا آهن، تن تي به ويچار ڪري، اسان جن ڪيترن ويدڪ عالمن ظاهر ڪيو آهي ته رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون برابر انهيءَ وقت جون آهن، جنهن وقت سڀ قديم آريه لوڪ يا منجهائن گهڻا اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ ضرورت آهي ته هتي اول اتر قطب ۽ ميرو پربت جو مختصر ذڪر ڪجي، ته پڙهندڙن کي سڄي ڳالهه سولي ٿئي.
[b]آرڪٽڪ ريجن يا اتر قطب جو ذڪر:
[/b]هن وقت اتر قطب ۾ گهڻي برف هئڻ سبب ڪوبه ساهوارو اتي رهي نه ٿو سگهي، پر جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته برف پوندي به ڪو اهڙو وچولو زمانو (Inter- glacial Period) هو، جنهن ۾ اتي ڪن هنڌن تي ماڻهو بافرحت رهي سگهيا ٿي.(3)
هن قسم جون ثابتيون پروفيسر گيڪي (Prof. Geikie) ۽ ٻين ڀون_ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر طرح هن ريت آهي:
اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا، پر سڄو آڪاش منڊل ائين پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو. هر هڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري ٿو(4) ۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو. وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا ٽمڪندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا ڏينهن ته ڇهه مهينا رات! مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي ٿيندي آهي. ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي. صبح ۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو. اها شفق به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هر هڪ ڦيرو چوويهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي. ڇهن مهينن جي رات کان پوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا غائب ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ لعلاڻ وڌندي ويندي آهي، ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ پرهه باکون ڪڍندي آهي.
ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29 جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لعلاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، تنهن کان پوءِ سج اُڀرندو (ڦرندو) نظر ايندو آهي.سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي. هر ڪنهن سال 25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي. مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو، اٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات ٿيندي آهي. وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط سٺ ڏينهن هلندي آهي. اهو تفاوت اتي جي وايو منڊل ۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي. اهي ڪن يورپين جا اکين ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”ارڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن.
[b]ڌرمي پستڪن مان حوالا:
[/b] آڳاٽا آريا لوڪ اصل آرڪٽڪ ريجن ۾ رهندا هئا، تنهن بابت لوڪمانيه تلڪ جيڪو ”آرڪٽڪ هوم“ لکيو آهي، تنهن ۾ پنج سو صفحا (ڊيمي سائز) آهن. سڄو ئي ڪتاب ثابتين، ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين سان ڀريل آهي، پر هتي رڳو ڪي ٿورا مکيه ٽڪرا ڏجن ٿا:
يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئترييه براهمڻ گرنٿ ڏنل آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”رواجي انسانن جو هڪ ورهيه ديوتائن جي هڪ ڏينهن جي برابر آهي. (تئترييه براهمڻ 1،22،9،3)(5) اهي ساڳيا لفظ منو سمرتي جي اڌ ياءُ پهرئين، شلوڪ 67 ۾ به لکيل آهن.
مهاڀارت جي ون پرو (اڌياءُ 163 ۽ 164) ۾ لکيل آهي ته پانڊون جو وچون ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو. اُتي جا جيڪي اکين ڏٺا احوال ڏنا اٿس، تن ۾ چيو اٿس ته ”ميرو پربت ڏي سج ۽ چنڊ الهندي کان اڀرندي ڏي پردڪشڻا ڪندا آهن يعني ڦرندا وتندا آهن.“ انهيءَ کان پوءِ چيو اٿس ته ”ميرو پربت جو تجلو رات جي اوندهه تي ايترو غالب پوندو آهي، جو رات به ڏينهن جهڙي پيئي لڳندي آهي.“ وڌيڪ هيئن به چيو اٿس ته ”اُتي ڏينهن ۽ رات اتي جي رهاڪن لاءِ هڪ ورهيه جي برابر آهن“. هي ساڳيون ڳالهيون هندن جي پراڻن ۾ به لکيل آهن.
ڀاسڪر آچاريه جي ”سؤريه سڌانت“ (67،12) ۾ به لکيل آهي ته ”ميرو پربت ڏي ديوتائن کي سج رڳو هڪ ڀيرو اڀرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن سج پنهنجو اڌ ڦيرو مکيه راس کان وٺي شروع ڪندو آهي.“
پارسين جي ديني ڪتاب ۾ به اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن. مثلا وينديداد جي فر گرد ٻئي ۾ پارسين جو اصلوڪي بهشت جهڙي ماڳ ”ائرين ويئجو“ يعني اهو هنڌ جتي آرين جو ٻج يا بنياد پيدا ٿيو (The nursery or place of origin of the Aryans) بابت لکيل آهي ته ”اتي تارا، چنڊ ۽ سج ورهيه ۾ هڪ ڀيرو اُڀرن ۽ لهن ٿا، ۽ جيڪو ورهيه آهي، سو اتي هڪ ڏينهن رات ڪري ليکين ٿا.“ هندن ۽ پارسين جي ڌرمي پستڪن ۾ لکيل اهي سڀ ڳالهيون آرڪٽڪ ريجن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ سان لاڳو ٿي نٿيون سگهن، تنهنڪري هتي وڌيڪ حوالن ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
هندستان جي تاريخ پهريائين پهريائين آنربل مائونٽ سٽيوئرٽ ايلفنسٽن تيار ڪئي هئي، جا پهريون گهمرو 1841ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. ان وقت ئي ڪن يورپي عالمن ائين پئي سمجهيو ته پراڻن ۾ جنهن کي ميرو پربت سڏيو اٿن، سو اتر قطب آهي،(6) ته به عام رايو اهو هو، ته پراڻن جي رچيندڙن کي دنيا جي جاگرافيءَ جي سڌ هئي ڪانه، ۽ نه ته رڳو پنهنجي خيال جي گهوڙي کي ڊوڙايو هئائون. ايلفنسٽن صاحب ۽ ٻين اهائي راءِ ظاهر ڪئي ته خود ڪيترن هندن جي دلين تي به اهو اثر ويهي ويو ته ”ميرو“ هڪ خيالي پربت آهي. پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري ڏسو ته ان ۾ به ائين لکيل آهي. پهريون ئي عالم لوڪمانيه تلڪ هو، جنهن اها غلط فهمي دور ڪئي. هاڻ اسان جا ڪيترا ڏيهي عالم ائين وسهن ٿا ته رگ ويد جون ڪي رچنائون برابر انهيءَ وقت جون آهن، جنهن وقت سڀ آريه لوڪ، يا منجهائن گهڻا، ميرو پربت ڏي رهندا هئا.
هڪ مکيه ڳالهه جا لوڪمانيه تلڪ جي ڪتاب ۾ لکيل ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، سا هيءَ آهي ته ميرو پربت جو نالو نه رڳو هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ پر يونانين جي ڏند ڪٿائن ۾ به ڄاڻايل آهي. يوناني لوڪ ائين وسهندا آهن ته سندن ديوتا ”دئونيسوس“، جو ونسپتي يا نباتات جو ديوتا آهي، سو ڄائو ئي ميرو پربت تي هو. هيءَ ڳالهه 1784ع ۾ سر وليم جونس ڄاڻائي هئي.(7) انهيءَ وقت، بلڪ انهيءَ کان سو کن ورهيه پوءِ به ڪيترن عالمن ائين پئي سمجهيو ته ”ميرو“ هڪ خيالي پربت جو نالو آهي، تنهنڪري شايد سر وليم جونس جي ڄاڻايل هن ڳالهه جي ڪنهن به عالم وري اپٽار نه ڪئي آهي، پر مصنف جي خيال موجب هيءَ هڪ تمام مکيه ڳالهه آهي، جا ڄاڻائي ٿي ته آڳاٽن هندن جي ابن ڏاڏن سان قديم يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا به ميرو پربت تي رهندا هئا. يوناني لوڪ پاڻ چوندا آهن ته اسين ”دئونيسوس ۽ ٻين ديوتائن جو اولاد آهيون. جنهن صورت ۾ سندن دئونيسوس ديوتا ڄائو ئي ميرو پربت تي هو، تنهن صورت ۾ اڻ پڇيو ائين چئبو ته قديم يونانين جو به اصلوڪو ماڳ ميرو پربت هو. دئونيسوس ديوتا بابت يوناني لوڪ ائين به چوندا آهن ته هو ”زيئوس“ (Zeus) ”ديوس پتر“ (The Sky_ Father) جو پٽ هو ۽ پرٿوي سندس ماتا (ماءُ) هئي. رگ ويد ۾ به آڳاٽن آرين آڪاس ۽ ڌرتيءَ کي ابو امان سڏيو آهي. (ڏسو صفحو 4)
هينئر جڏهن لکيل ثابتيون کلي ظاهر ٿيون آهن، ۽ پروفيسر پنيڪا، ڊاڪٽر وارن ۽ پروفيسر راهز پنهنجي پنهنجي روءِ سوءِ کوجنائون ڪري، هڪڙو ئي رايو ظاهر ڪيو آهي ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ اتر قطب طرف هو، ۽ لوڪمانيه تلڪ به هندن ۽ پارسين جي ڌرمي پستڪن مان حوالا ڏيئي، اتر قطب وارو نظريو سچو ثابت ڪيو آهي، ۽ ميرو پربت جو نالو هندن جي ڌرمي پستڪن ۽ يونانين جي ڏند ڪٿائن ۾ لکيل به آهي، تڏهن وچ ايشيا وارو نظريو، جو رڳو ٻولين مان ڪڍيل انومان تي ٻڌل هو، سو سورنهن ئي آنا غلط ليکبو. لکيل ثابتين هوندي انومانن تي لڳڻ ئي عبث آهي، تنهنڪري اسان پنهنجي سر اتر قطب وارو نظريو قبول ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مکيه سبب هيءُ به آهي، ته خود اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جا اسان کي اتر قطب واري نظريي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. اها ڳالهه هتي کولي ٻڌائجي ٿي.
[b]ٻوليءَ جي ثابتي:
[/b]چئني ڏسين تي جيڪي نالا رکيل آهن، سي ”نظام شمسي“ (Solar System) جا لفظ آهن، جن جا ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ ڪنهن نهايت قديم زماني جا لفظ آهن، جن خاص طرح ڌيان لهڻو.
”اتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال (North)، پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون، مٿاهون يا ٻين کان مٿي.“ سنسڪرت ۾ ”اد“ معنيٰ ”مٿي“ (High)، ”اُتر“ (اُد + تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“ ‘Higher’ ۽ ”اُتم“ (اُد + تم) معنيٰ سڀني کان مٿي ‘Highest’ اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون. جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن_ هڪ ٻئي کان اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).
”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلا ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معنيٰ ”جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”شمال“ (North) ڪهڙي حساب سان ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)، پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“، سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلا ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار، مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”پورب“ ”اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“، هاڻ ته هيڪاري ظاهر آهي ته اصل ۾ ”اُتر“ جو ضد ”ڏکڻ“ آهي ئي ڪونه. پوءِ تڏهن هاڻوڪو رواج ڪيئن پيو؟ وري ڏسو ته خود ”ڏکڻ“ لفظ پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟
سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“ (Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي ”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، نانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنى ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهري سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن.
چئني ڏسين جي نالن جون اڳيون توڙي هاڻوڪيون معنائون سمجهڻ رڳو تڏهن سوليون ٿينديون، جڏهن فرض ڪبو ته آڳاٽن هندن ۽ يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جيئن سندن ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آهي. ميرو پربت اتر قطب ۾ هو، جتي اڄ تائين نئين ورهيه جي شروعات ۾ سج اڀرڻ مهل ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڏکڻ کان اڀري ٿو، جنهن ڪري ڏکڻ لفظ جي اصل معنيٰ ئي هئي ”اُڀرندو“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دڪشڻ“، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”اُڀرڻ“. سڄيءَ دنيا ۾ رڳو اتر قطب طرف سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهن ڪري چئبو ته ”ڏکڻ“ لفظ جڙيل ئي اُن وقت جو آهي جنهن وقت آڳاٽا آريا لوڪ اتر ڏي رهندا هئا، ۽ جنهن پاسي کان اتي سج اڀرندو ڏٺائون، تنهن کي ڏکڻ چوندا هئا. اتر قطب ۾ سج ڏکڻ طرفان ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندو ڦرندو مٿي چڙهندو وڃي ٿو، تنهنڪري ”اُتر“ معنيٰ ٿي ”مٿيون پاسو“ (North) آڳاٽا لوڪ پوءِ اتر قطب ڇڏي هيٺ ڏکڻ (وچ ايشيا، ايران، هندستان) ڏي آيا، ۽ اتي سج سڌو اڀرندي کان اڀرندو ڏٺائون، ته انهيءَ طرف کي سڏيائون ”پورب“ يعني ”اڳيون پاسو“، يا اهو پاسو جتان سج اڀري ٿو، ۽ ان جو ضد ٿيو ”پڇم“ يعني ”پٺيون پاسو“، يا اهو پاسو جنهن ڏي سج لهي ٿو. اڀرندي ڏي منهن ڪري بيهبو ته سڄي هٿ وارو پاسو ”ڏکڻ“ ٿيندو، ۽ انهيءَ سبب ”ڏکڻ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”ساڄو“ يا ”ساڄي هٿ وارو پاسو.“ ڪي ماڻهو ڏائي هٿ سان ڪم ڪن ٿا، پرعام طرح سڀ ڪو کائڻ پيئڻ جو توڙي ٻيو ڪم ساڄي هٿ سان ڪري ٿو، ۽ ائين ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿو. ڀائنجي ٿو ته انهيءَ سبب ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ڦڙت“ به ٿي. ٻوليءَ مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ميرو پربت ڇڏڻ کان پوءِ به يورپي لوڪن جا ابا ڏاڏا ايشيا وارن آرين سان ڪجهه وقت لهه وچڙ ۾ هئا، ۽ انهيءَ وقت ”ڏکڻ“ لفظ جون اهي معنائون وٽن عام ٿي ويون هيون. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو لئٽن ۽ انگريزيءَ ۾ ”ڊيڪسٽر“ (Dexter) معنيٰ آهي ”ساڄو يا ساڄي هٿ وارو“ ۽ ”ڊيڪسٽرٽي“ (Dexterity) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”ساڄڙائي“ (Right handedness) ۽ ٻي معنيٰ ”ڦڙتائي“. انهن لفظن جي منڍ ۾ جيڪو ”ڊيڪس“ (Dex) آهي، سو ساڳيو سنسڪرت لفظ ”ڊڪش“ آهي، ۽ اهي ٻئي معنائون اٿس.
”ڏکڻ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”اُڀرندو“، تنهن ڳالهه جو عام طرح گهڻن کي پتو ڪونه هو. لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا لوڪ اصل ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو ۽ اتي سج ڏکڻ کان اُڀرندو آهي، تنهن تان آگسٽ ۽ آڪٽوبر 1912ع واري ”ماڊرن رويو“ مخزن ۾ ليک پيا هئا، جن مان ٿورو ٽڪرو پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي جنسي ڏجي ٿو.(8) مطلب ته ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته چئني ڏسين جا نالا، خاص ڪري ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ ”آرڪٽڪ ريجن“ ۾ (اتر قطب طرف) رهندا هئا. آرڪٽڪ ريجن ۾ ميرو پربت ڪهڙي هنڌ هو، ان بابت هندن جي پراڻن ۾ جيڪي لکيل آهي، سو هتي مختصر طرح ڄاڻائجي ٿو.
[b]ميرو پربت جو ذڪر:
[/b]هندن جي پراڻن پٽاندر ”سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي. انهن دويپن جا نالا: ڄمون دويپ، پلڪش دويپ، شالملي، ڪش، ڪرونچ، شاڪ ۽ پشڪر آهن. هر هڪ دويپ جي چوڌاري سمنڊ آهي، ۽ انهن ستن سمنڊن جي ڪري اهي ست دويپ هڪ ٻئي کان ڌار بيٺا آهن“ (وشنو پراڻ) مسٽر هربلاس سردا پنهنجي انگريزيءَ ۾ جوڙيل ڪتاب ”هندو سپيريرٽي“ جي صفحي 160 ۾ انهن دويپن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: (1) ڄمون دويپ_ ايشيا (2) پلڪش_ ڏکڻ آمريڪا (3) پشڪر_ اتر آمريڪا (4) ڪرؤنچ_ آفريڪا (5) شاڪ_ يورپ (6) شالملي_ آسٽريليا (7) ڪش_ اوشينيا.
سچ پچ ته پراڻن ۾ ڄاڻايل اهي دويپ هن وقت سڃاڻڻ ئي مشڪل آهن، جا ڳالهه خود مسٽر هربلاس سردا قبول ڪئي آهي، جنهن ڪري چئبو ته مٿيان سڀ انومان آهن. انهيءَ ريت هيءَ به انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ايشيا، يورپ، آمريڪا ۽ گرينسلئنڊ جا اتر وارا پاسا، جي آرڪٽڪ سرڪل يا پولر ريجن ڏي آهن، تن جا، يا انهيءَ طرف جي ٻيٽن جا، اصل اهي نالا هئا. اهي سڀ سنسڪرت لفظ آهن، تنهن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي، ته اهي نالا رکيائي آريا لوڪن هئا، ۽ کين دنيا جي جاگرافيءَ جي قديم زماني ۾ ئي سڌ هئي.
پراڻن پٽاندر مٿين ستن دويپن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ”ميرو“ نالي هڪ نهايت اوچو پربت يا پهاڙ هو، ۽ اهو ”مها ميرو“ به سڏبو هو. اُن بابت هيئن به چيل آهي ته ”ميرو پربت سڄو سونو آهي ۽ پاسا هيرن ۽ جواهرن جا اٿس. ان جو تجلو اهڙو ٿئي ٿو، جو رات به ڏينهن وانگر روشن پيئي لڳندي آهي“ (وشنو پراڻ).
يورپي عالمن پهريائين ائين پئي سمجهيو ته هيءَ هڪ خيالي پربت جو ذڪر آهي، پر هاڻ اُهي به قبول ڪن ٿا ته پراڻن ۾ تاريخي حقيقتون آهن.(9)
لوڪمانيه تلڪ جي خيال موجب اهو ”ائرورابورئيلس“ جي تجلي جو ذڪر آهي جو اتر قطب ڏي ڏسڻ ۾ ايندو آهي،(10) پر ڊاڪٽر انباش چندرداس جو چوڻ آهي ته اهو تجلو اتر قطب ڏي فقط ٿوري وقت لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ سانده ڪونه هوندو آهي.(11) اهڙيءَ حالت ۾ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت ۾ سچ پچ سون ۽ هيرن جواهرن جون کاڻيون هيون، يا ڪو اتي تجلو ٿيندو هو جو اوندهه کي ڦيري روشنائي ڪندو هو. ممڪن آهي ته اهو ”سورج پٿر“ بابت اشارو آهي.
آگري جي قلعي ۾ مصنف هڪ خانو ڀت ۾ ٺهيل ڏٺو، جنهن جو منهن ٽپال جي دٻي وانگر هو. ٽپال جي دٻي ۾ خط پٽ وجهجن ٿا ته وڃي هيٺ پون ٿا، ۽ ٻاهران ڏسڻ ۾ نٿا اچن، پر آگري جي قلعي ۾ انهيءَ خاني ۾ اندر نهارجي ٿو ته تر ۾ جيڪا مٽي يا دز پيل آهي، سا به چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ خاني جو ترو توڙي اندريان پاسا بکن پيا! انهيءَ خاني ۾ اندر ”سورج پٿر“ لڳل آهي، جنهن جي روشنائي ڪري خاني ۾ اندر اوندهه نٿي ٿئي. سورج پٿر جي رڳو ٿورڙي ٽڪري مان هيتري روشنائي ٿئي ٿي ته سڄو ميرو پربت يا ان جو ڳچ ڀاڱو جيڪڏهن سورج پٿر جو هو ته اهو ڪيتري روشنائي ڪندو هو، تنهن جو تصور هرڪو ڪري سگهي ٿو. پراڻن جي رچيندڙن انهيءَ سبب ”ميرو پربت“ کي ”سمير پربت“ يعني چڱو يا سهڻو پربت سڏيو آهي ۽ ان جي تجليءَ جو اهو ذڪر ڪيو اٿن.
وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته:
”ڄمون دويپ جي وچ ۾ ميرو پربت جي چوٽيءَ تي، هڪ شهر ٻڌل آهي، جو پرٿويءَ تي سرڳ يا بهشت آهي ۽ اهو برهما جو لوڪ آهي. ڄمون دويپ خود نون ورشن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪڙو ڀارت ورش آهي، جو هماليه جبل جي ڏکڻ ڏي آهي ۽ خود هماليه جبل ميرو پربت جي ڏکڻ ڏي آهي. ڄمون دويپ جي ٻين حدن تي به جبل آهن“.(12)
هي جاگرافيءَ جو ڳالهيون، جي وشنو پراڻ ۾ ڄاڻايل آهن، ۽ ٻين پراڻن توڙي مهاڀارت ۾ به انهن جو ذڪر آهي، تن سان گڏ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته سڄي هندستان جا هندو اڄ تائين ائين چوندا آهن ته سندن ديوتائون اتر ڏي آهن. هندستان جي اتر ڏي هماليه جبل آهي، ۽ پراڻن پٽاندر هماليه جبل خود ڄمون دويپ جي ڏکڻ ڏي آهي. ائين پراڻن مان ايترو پتو پوي ٿو ته ميرو پربت، جو ڄمون دويپ جي وچ ۾ هو، سو هماليه جبل جي پرئين طرف وارن ڏيهن (Trans_ Himalayan Regions) ڏي هو، جنهن ۾ هندوڪش وارو پاسو به اچي وڃي ٿو.
پارسين جي ”زنداوستا“ موجب ڌڻيءَ پهريائين پهريائين جيڪو ملڪ خلقيو، سو ”ائرين ويئجو“ (Airyana Vaejo) هو، جنهن جي اکري معنيٰ آهي اهو هنڌ جتي آرين (ايران وارن آرين) جو ٻج (اصل نسل) پيدا ٿيو، ۽ اهو سرڳ يا بهشت سڏيو ويو آهي. پروفيسر سپيگل جنهن ”زنداوستا“ جو ترجمو ڪيو آهي، تنهن جي خيال موجب اهو ملڪ ايران جي مٿاهين پٽ جي بنهه اوڀر طرف هو.جتان آڪسس (آمو درياءُ) ۽ جئڪسارٽس نديون نڪرن ٿيون.(13) پر ٻيا عالم سندس اها راءِ قبول نٿا ڪن. هن لاءِ هي سبب آهي ته پارسين جي وينديداد جي فرگرد (اڌياءَ) پهرئين ۾ ايرانين جي بهشت (”ائرين ويئجو“) بابت چيل آهي ته اُتي ڏهه مهينا سيارو ٿئي ٿو ۽ ٻيا ٻه مهينا اونهارو. اونهاري ۾ به ٿڌ ايتري پوي ٿي، جو پاڻي به پارو ٿيو وڃي، ڌرتي ٺريو وڃي، وڻ ٺريو وڃن ۽ پوءِ چؤطرف برف پوندي آهي ته مها ڀيانڪ مصيبت پيدا ٿيندي آهي.(14)
جئڪسارٽس ۽ آڪسس نديون جتان نڪرن ٿيون تتي ايتري ٿڌ ٿيندي ڪانهي، تنهنڪري ڊاڪٽر مارٽن هاگ ۽ ٻين عالمن جي راءِ آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ انهيءَ کان به پرڀرو اتر ڏي رهندا هئا. لوڪمانيه تلڪ جيتوڻيڪ ميرو پربت بابت ٻڌائي ڪونه سگهيو آهي ته اهو ڪهڙي هنڌ هو، ته به ايترو چيو اٿس، ته آڳاٽا آريه لوڪ رشيا يا اسڪئنڊينيويا اتر ڏي نه، پر سئبير يا جي اتر ڏي هئا.(15) مطلب ته لوڪمانيه تلڪ ۽ ڪيترا يورپي عالم ايتري قدر متفق راءِ آهن، ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ آرڪٽڪ سرڪل يا پولر ريجن ۾ هو، باقي رڳو هيءُ تفاوت آهي ته پروفيسر پينڪا ۽ ڊاڪٽر واڊل پارا چون ٿا ته يورپ جي اتر وارو پاسو جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو، ۽ اتان پڇم جي سڀيتا پورب ڏي ڦهلي. لوڪمانيه جي راءِ موجب ايشيا کنڊ جو اتر وارو (سئبير يا جو مٿيون پاسو) جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. ٻنهي مان ڪنهن جي راءِ وڌيڪ وزن لهڻو تنهن باري ۾ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اهڙي ڪا ثابتي هيستائين ملي ڪانهي، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي، ته يورپ جي سڀيتا جو ڦهلاءُ پورب تائين ٿيو. اٽلندو هيئن ثابت ٿيو آهي ته يورپ جي سڀيتا جو بنياد ايشيا وارن وڌو ۽ پوءِ به يورپ جي ماڻهن ايشيا،خاص ڪري هندستان مان گهڻو ئي پئي پرايو.(16)
هن باري ۾ هيءَ مکيه ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا اول ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي. يورپ کي ٻولي ڪٿان ملي؟ جيڪڏهن سنسڪرت ٻولي يورپي ٻولين جي ماءُ نه ٿئي ته وڏي ڀيڻ ته بيشڪ ٿئي، ۽ سنسڪرت هندستان جي ٻولي آهي، جنهن ڪري چئبو ته يورپ کي ٻولي پوربي بنياد واري ملي آهي. خود انگريزي آئٽويٽا به ديوناگري اکرن تان ٺهيل آهي، جا ڳالهه سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ ڄاڻائي آهي.قديم ديوناگري اکر هاڻوڪي کان گهڻو ڦريل هئا، ۽ انهن ڦري ڪيئن هاڻوڪي انگريزي آئيويٽا جي صورت ورتي، سا ڳالهه به اکرن جون تصويرون ڏيئي سمجهائي اٿس. هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته مغرب (يورپ) ڏي ڪوبه اوتار پيدا ٿيو ئي ڪونهي. حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت محمد*، زردشت (زورئسٽر)، سري رامچندر، سري ڪرشن، ڪانفيوشس ۽ ٻيا اوتار ۽ پيغمبر سڀ پورب ۾ ٿي گذريا آهن. يورپي لوڪن کي بائبل يا انجيل به ايشيا مان مليو، ته مذهب به ايشيا مان ملين. سر مونيئر وليمس اهي ڳالهيون ڄاڻائي ائين به چيو آهي ته انگن جا نالا ۽ ڏهائيءَ جي ترتيب به هنن هندستان مان پرايا.(17)
پاٽ صاحب چيو آهي ته جيئن سج اڀرندو ئي اڀرندي کان آهي تيئن سڀيتا جو سج به اول پورب (ايشيا) ۾ اڀريو، جنهن مان پوءِ پڇم يا مغرب (يورپ) کي روشنائي ملي، بلڪ سڄي انسان ذات پورب منجهان ئي پرايو.(18)
سن 1882ع ۾ پروفيسر مئڪس ملر کليو کلايو قبول ڪيو ته اسين يوروپي لوڪ پورب کان آيا آهيون، ۽ سڀ جيڪي قيمتي سمجهون ٿا، سو پورب مان پرايو اٿئون.(19)
گرم صاحب جنهن علم لغات جا اصول يا ترتيب بيهاريا هئا، جنهن ڪري اهي اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گرم جا قاعدا“ (Grimm’s Laws) سڏجن ٿا، تنهن جو به اهو چوڻ هو، ته يورپ جون سڀ قومون اصل آيون ئي ايشيا کان آهن.“(20)
لوڪمانيه تلڪ کان اڳ جرمنيءَ جي عالم پروفيسر پينڪا ڄاڻايو هو ته آڳاٽا آريه لوڪ اصل اتر ڏي رهندا هئا ۽ سندن اصلوڪو ماڳ يورپ جي اتر قطب ڏي اسڪئنڊينيويا ڏي هو. هاڻ معلوم ٿيو آهي ته اسڪئنڊينيويا جا رهاڪو آڳاٽن هندو کترين جو اولاد آهن. خود ”اسڪئنڊينيويا“ (Scandinavia) لفظ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”سڪنڌ ناڀي“ (سڪنڌ ناوي) آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مکيه يا جنگي سردار“ (Scand Chiefs or Warrior Chiefs)(21) سڪئنڊينيويا جي آڳاٽن ماڻهن جا ڌرمي پستڪ ”ايد“ (Edda) سڏجن ٿا. اهو ”ايد“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ويد“ ۽ ويد هندن جا ڌرمي پستڪ آهن.(22)
سئبريا ۽ فنلنڊ ۾ هن وقت جيڪي ”سموئيڊس“ (Samoyedes) آهن، سي اصل ۾ ”سمايدو“ آهن، يعني اهي سما راجپوت آهن، جي اصل ”يادو ونسي“ (جادو ونسي) ڪل مان هئا، جن مان سري ڪرشن پيدا ٿيو هو. سنڌ ۾ سومرن کان پوءِ جن سمن حاڪمن راڄ ڪيو، سي به سما راجپوت هئا، ۽ انهيءَ ساڳئي جادو ونسي ڪل مان هئا. سئبيريا ۽ فنلنڊ ۾ ”شوڊ“ (Tchoudes) به آهن، ۽ اهي به ”جود“ يعني راجا يدو (جدو) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهي به جادو ونسي ڪل جا آهن.“ انهن ٻنهي قومن جي ٻولين جي به هڪ ٻئي سان گهڻي نسبت آهي. هي حقيقتون ڪرنل ٽاڊ پنهنجي جوڙيل ”راجستان جي احوال“ ۾ ڄاڻايون آهن.(23) انهن حقيقتن مان ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته لوڪمانيه تلڪ جو قياس سچو هو ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ (ميرو پربت وارو پاسو) سئبيريا جي اُتر ڏي آرڪٽڪ ريجن ۾ هو، جتان پوءِ ڪي آريا لوڪ يورپ جي اتر ڏي فنلنڊ ۽ اسڪئنڊينيويا ڏي ٽڙي پکڙي ويا. اهو پاسو هندو کترين وسايو، ۽ برهمڻن وري جرمنيءَ وارو پاسو وسايو، جنهن ڪري اهي ”جرمن“ يعني ”شرمن“ (شرما) سڏجڻ ۾ آيا. وقتي براهمڻ ۽ کتري انهن پاسن ڏي پوءِ ويا هجن، پر پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي هندستان جي ماڻهن ۽ ميرو پربت طرف جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ هئي، جنهن ڪري وشوامتر ميرو پربت کان آيو هو، ۽ اتهاس (تاريخ) واري زماني ۾ پانڊون جو ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو.
[b]اتر قطب طرف هندن جي حڪومت:
[/b]آرين جي سڀيتا جي شروعات بابت ڪيترا اهڃاڻ رگ ويد مان ملن ٿا، پر پراڻن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ته سندن سڀيتا جي شروعات انهيءَ وقت ٿي هئي، جنهن وقت هو ميرو پربت تي رهندا هئا. آڳاٽن آرين جا جيڪي احوال پراڻن ۾ ڏنل آهن، تن مان پڌرو آهي ته جنهن وقت هو ميرو (سمير) پربت تي رهندا هئا، تنهن وقت ئي نهايت کليل دماغ وارا هئا. ۽ اهڙا ته زور هئا، جو اتي پنهنجي بادشاهي ڪري ويٺا هئا. سندن بادشاهت جي حدن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ان وقت به هو سلطنت شاهي (Imperialism) جا ڪوڏيا هئا. ۽ ٻين کي پنهنجي تابعي ڪري پاڻ سڀني جي مٿان حاڪم ٿي ويٺا هئا.
مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته پراڻن پٽاندر سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي ۽ انهن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ميرو پربت هو. انهيءَ ڄمون دويپ بابت پراڻن مان هيءَ حقيقت ملي ٿي ته ڪنهن قديم زماني ۾ اُتي راجا پريه ورت راڄ ڪندو هو. کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر ڄمون دويپ کي نون ورشن يا ڀاڱن ۾ ورهائي، اهي ورشن پنهنجن نون پٽن کي ڏنا. ائين سندس هر هڪ پٽ کي هڪ ورش مليو، جن مان هڪڙو ڀارت ورش (هندستان) هو، جو هماليه جبل جو ڏکڻ ۾ آهي، ۽ سڀني ۾ ڏاکڻو ورش اهو آهي. ”ڀارت ورش، اُتر ڪرو، ڀدراشو ۽ ڪيتو مال_ اهي چارئي ورش جبلن جي قطارن جي ٻاهرئين پاسي آهن“ (وشنو پراڻ).(24)
هي حقيقتون، جي وشنو پراڻ مان ڏنيون ويون آهن، سي صفا ئي صفا تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون ڳالهيون آهن. انهن ۾ نڪا ڪا تمثيل رکيل آهي، نڪا ڪا ڏند ڪٿا گڏيل مسيل آهي. هنن حقيقتن تي ٿوروئي ويچار ڪجي ٿو ته انهن مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
(1) پراڻن پٽاندر سڀني آڳاٽن راجائن جو اصل نسل منو ڀڳوان سان وڃي لڳي ٿو، جنهن بابت چيل آهي ته کيس نو پٽ هئا.تاريخ جي خيال وچان انهن نون پٽن مان هڪڙو مکيه پٽ راجا پريه ورت هو، جو سڄي ڄمون دويپ جو حاڪم هو، ۽ ڀارت ورش (هندستان) به سندس حڪومت هيٺ هو.
رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. اهو جنگين جو احوال شايد انهيءَ قديم زماني جو آهي، جنهن زماني ۾ راجا پريه ورت ڀارت ورش (هندستان) پنهنجي قبضي ڪرڻ ٿي چاهيو، پر اڻ آريه قومن کيس پنهنجو ملڪ سٿرو هٿ ڪرڻ نٿي ڏنو. آرين جو هندستان ۾ پهريائين پهريائين اچڻ انهن جنگين وقت ٿيو هوندو.
(2) راجا پريه ورت کان پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر سڄي ڄمون دويپ کي نون ورشن ۾ ورهائي، هرهڪ ورش پنهنجي پٽ کي ڏنو، ته پٽن سان گڏ ضرور ٻيا به آريه لوڪ ميرو پربت يا ڄمون دويپ جي ٻئي ڪنهن ڀاڱي کان ڀارت ورش ۾ آيا هوندا، ۽ رڳو پاڻ هڪ ڄڻو ڪونه آيو هوندو. انهيءَ سبب چئبو ته آرين جي ٻي وڏي ٽولي راجا اگني ڌر جي پٽ جي وقت ۾ هندستان ۾ آئي هوندي.
(3) منو ڀڳوان جو ٻيو مکيه پٽ راجا اڪشواڪو هو، جنهن بابت اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ايوڌيا (هاڻوڪي ائوڌ) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ سورجونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين، جنهن مان پوءِ سري رامچندر پيدا ٿيو.
جنهن صورت ۾ سڄو ڀارت ورش اڳي ئي راجا پريه ورت ۽ کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر جي تابعي هو، تنهن صورت ۾ چئبو ته انهن آرين راجا اڪشواڪوءَ کي ايوڌيا ۾ سٿرو پير کوڙڻ ڪونه ڏنو هوندو. رگ ويد ۾ نه رڳو آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾، پر هڪڙن آرين ۽ ٻين آرين جي وچ ۾ به، جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. هن منجهان اهوئي انومان ڪڍبو ته آرين جو هي ٽيون ڪٽڪ راجا اڪشواڪوءَ جي وقت ۾ هندستان ۾ آيو هو، ۽ ان وقت به شايد جنگيون لڳيون هيون.
(4) منو ڀڳوان جي ٽئين مکيه پٽ جو نالو ”اِلا“ (Illa) هو، جنهن بابت چيل آهي ته هو پوءِ مرد مان ڦري زال ٿيو هو. اِلا جو ناميارو پٽ راجا پروروس هو، جنهن پرتيسٿان (هاڻوڪي الله آباد) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ چندرونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين. انهيءَ گهراڻي وارا ”اِلا“ جو اولاد هئا، تنهن ڪري ”اَئل“ (الا جو اولاد) سڏبا هئا. اهي ئي ”اَئل“ آريه لوڪ هئا. جن سنڌو ماٿر اچي وسائي. اهي ”ائل“ ڪٿان آيا؟ پراڻن مان پڌرو آهي ته اهي نڪي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، نڪي وچ ايشيا جا ويٺل هئا، پر سندن گهراڻي جو بنياد وجهندڙ راجا پروروس ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيو هو. مسٽر پارجيٽر ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج، هندن جي پراڻي مان جيڪي تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن، تن ۾ ائين ئي ڄاڻايو اٿس.(25)
حاصل مطلب ته انهيءَ ڳالهه ۾ مين ميک آهي ئي ڪونه ته سڀ قديم آريه لوڪ نه، ته به منجهائن گهڻا اتر قطب طرف رهندا هئا، جتي جي سخت ٿڌ جو ذڪر هند، پارسين ۽ ڪيلٽڪ قومن جي ڌرمي پستڪن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا (صفحو 92 کان 96). ”سنسڪرت“ ۽ ”ديوناگري“ لفظن بابت ويچار، جي هن ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ ڄاڻايا ويا آهن، تن مان به پڙهندڙ سمجهي سگهندا ته سنسڪرت ٻولي ڳالهائڻ جو رواج اصل اُتر قطب طرف هو، ۽ ديوناگري ائيويٽا،جا اڳي ”براهمي“ لپي سڏبي هئي، سا اصل جڙي ئي ميرو پربت تي هئي. ايترو چئبو ته ممڪن آهي ته اتر قطب کان وٺي، ڏاکڻي طرف، هماليه جبل جي تراين، بلڪ هاڻوڪي هندستان جي حدن تائين، ڪيترا آريه لوڪ ٽڙيل پکڙيل هئا، ۽ اهو سمورو ملڪ پراڻن پٽاندر ”ڄمون دويپ“ سڏبو هو. انهيءَ هيڏي ساري ايراضيءَ ۾ ٻوليءَ ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ٿيندو. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته آڳاٽن آرين جي ٻولي بلڪ ڌرم ڪرم ۽ ريتن رسمن ۾ به ڦيرو هو. اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي چئبو ته ڊاڪٽر انباش چندرداس پارا، جي چون ٿا ته آريه اصل ”سپت سنڌوءَ“ (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن وارن ڪنارن) جا رهاڪو هئا، يا جيڪي چون ٿا ته قديم آريا لوڪ اصل ٿٻيٽ يا ڪشمير جا رهاڪو هئا، تن جي ڳالهه نسوري غلط نه چئبي. قديم آرين مان ڪي ڄمون دويپ ۾ انهن حدن تائين ٽڙيل پکڙيل هئا ته انهيءَ ۾ عجب ڪونهي، پر سندن ”اصلوڪو ماڳ“ (Original Home) جنهن کي چئجي، سو ڄمون دويپ جو اتر قطب وارو پاسو هو، جتان جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا.
ٻولين جي کوجنائن مان به يورپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سب آريا لوڪ گڏ ڪونه آيا هئا، پر جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي آيا هئا، جنهن ڪري سندن ٻوليءَ ۾ ڪي تفاوت هئا. هيءَ حقيقت جيمس صاحب پنهنجي جوڙيل ڏيهي آريه ٻولين جي گرامر جي جلد پهرئين ۾، ۽ سر گريئرسن پنهنجي جوڙيل ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جي جلد پهرئين ۾ ڄاڻائي آهي.
[b]آرين جي ڌاري ٿيڻ جو سبب:
[/b]قديم هندن، ايرانين، يونانين وغيره جا ابا ڏاڏا ميرو پربت طرف گڏ، يا هڪ ٻئي جي ويجهو رهندا هئا، ته پوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ڇو ٿيا، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ لکيل ڪانهي. ڪرستانن ۽ مسلمانن جي ديني ڪتابن ۾ ايترو لکيل آهي ته ڪنهن قديم زماني ۾ سخت طوفان لڳا هئا ۽ ٻوڏون ٿيون هيون، ۽ پوءِ حضرت نوح عليه السلام وري دنيا کي آباد ڪيو هو. اها اوگاهه يا مها پرلئه جي ڳالهه مها ڀارت ۽ پراڻن ۾، توڙي يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ لکيل آهي، ۽ ائين چيل آهي ته ”منو ڀڳوان وري دنيا کي آباد ڪيو هو. ”ڪيترن عالمن هيءُ رايو ظاهر ڪيو آهي ته اها مها پرلئه جي ڳالهه هڪ ٻئي جي ڌرمي پستڪن تان نقل ڪري نه لکي اٿن، پر سڀني قديم قومن کي انهيءَ مها ڀاري ٻوڏ جي سڌ هئي. اها الاهي آفت دنيا جي مٿان ڪڏهن ڪڙڪي، تنهن جو سنبت يا سن ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ ڄاڻايل ڪونهي.
رگ ويد ۽ هن ٻوڏ جو ذرو به ذڪر ڪونهي، پر يجر ويد جي پٺيان ڏنل شتپٿ براهمڻ گرنٿ ۾ توڙي مها ڀارت ۽ پراڻن ۾ آهي. اهي جيتوڻيڪ رگ ويد کان پوءِ جا لکيل آهن، ته به نهايت قديم پستڪ آهن. جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل اٺ_ ڏهه هزار ورهيه اڳي، برفاني ڇپن ٺهڻ واري زماني ۾ (Glacial Period) نهايت گهڻي برف پيئي هئي، جنهن جي رجڻ ڪري نهايت گهڻي ٻوڙ ٻوڙان ٿي هئي. هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ برف رجڻ جي ڳالهه آهي ئي ڪانه. انهن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سمنڊ جي مهاڀاري اُٿل سبب اهڙي ٻوڙ ٻوڙان ٿي هئي، جو جنسي پرلئه ٿي ويئي هئي. عيسائين جو انجيل، جو گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، تنهن جي پيدائش جي ڪتاب جي باب ستين آيت 11 ۽ 12 (Cenesis, VII, 11_12) ۾ لکيل آهي ته حضرت نوح عليه السلام جڏهن ڇهه سو ورهين جي ڄمار جو هو، تڏهن چاليهه ڏينهن ۽ چاليهه راتيون ساندهه اجهل برسات پيئي هئي، جنهن ڪري پرلئه ٿي هئي. بئبلونيا ۽ مصر ملڪ جي اتهاسن موجب به برسات سبب مها پرلئه ٿي هئي ۽ اها برسات فقط ٽي ڏينهن هلي هئي. انهن اختلافن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته مها پرلئه هڪڙو ڀيرو نه، پر گهڻا گهمرا ٿي هئي، جنهن ڪري ڌرمي پستڪن ۾ هڪڙيءَ طرح ته ٻين ۾ ٻيءَ طرح ڄاڻايل آهي. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اهڙيءَ هڪ نه ٻيءَ ٻوڏ سبب ڪيترين قومن کي پنهنجو اصلوڪو ماڳ ڇڏڻو پيو هو ۽ ماڻهو دربدر ٿيا هئا. ممڪن آهي ته انهيءَ الاهي آفت جي وقت اتر قطب طرف رهندڙ آريه لوڪ به هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. منجهائن ڪي يورپ ته ڪي ايران ۽ هندستان ڏي ويا ۽ جدا جدا هنڌن ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، ته انهن هنڌ سندين ٻوليءَ پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو، جنهن ڪري سنسڪرت، ايراني ۽ يورپي ٻوليون هينئر هڪ ٻئي کان گهڻو علحديون نظر اچن ٿيون، نه ته اصل بڻ بنياد هڪڙو اٿن.
مها ڀارت جي شانتي پرو ۽ ٻين ڌرمي پستڪن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي ته انهيءَ مها پرلئه ٿيڻ وقت هندن جا ويد ۽ اتهاس گم ٿي ويا. پوءِ رشين کي جيتري قدر ويدن ۽ اتهاسن وارو مضمون تپسيا جي ٻل تي ياد پيو، تيتري قدر وري لکيائون.(26) پروفيسر رئپسن پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين ڪيترن يورپي عالمن ڄاڻايو آهي ته قديم آرين جو حافظو حيرت جهڙو هو، ۽ اڄ به هزارين اهڙا پنڊت آهن، جو جيڪڏهن سڀ ويد ۽ اتهاس گم ٿي وڃن، ته جيڪر وري اکر به اکر اهي سڀ لکي وڃن.(27) انهيءَ هوندي به چئبو ته هن وقت سڀ آڳاٽا منتر اسان وٽ ڪينهن.
پهريون عالم ڊاڪٽر مارٽن هاگ هو، جنهن ڄاڻايو ته رگ ويد جي هاڻوڪن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر هئا، جي ”نود“ (Nivid) ”نگد“ (Nigada) سڏبا هئا. اها ڳالهه لوڪمانيه تلڪ، ڊاڪٽر انباش چندرداس ۽ ٻين ڏيهي عالمن قبولي آهي.
خود رگ ويد ۾ ”نود“ لفظ ڪيترن هنڌ ڪم آيل آهي، ۽ نودن بابت چيل آهي ته آڳاٽا منتر اهي هئا (رگ ويد منڊل پهريون، سوڪت 89 منتر 3، ۽ منڊل ٻيو 6،36). رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائترييه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ به نودن جو ذڪر آهي (ائترييه براهمڻ ڪانڊ ٻيو، پر پاٺڪ 33_43). اهي آڳاٽا نود ۽ نگد هاڻ گهڻو ڪري سڀ گم آهن، پر انهن مان ڪي اڃا تائين يجر ويد، براهمڻ گرنٿن ۽ سؤترن ۾ آهن ۽ انهن جي ٻولي رگ ويد جي ٻوليءَ کان گهڻو آڳاٽي آهي.(28) اهي نود ۽ نگد مها پرلئه جي وقت گم ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن مان ظاهر آهي ته جڏهن اتر قطب وارو پاسو وسيل هو تڏهن به هندن وٽ ويد هئا، جنهن ڪري هندو حق تي چون ٿا ته ويد انادي آهن.
[b]آرين جو ٽڙي پکڙي وڃڻ:
[/b]جيالاجيڪل کاتي وارن جي چوڻ موجب عيسوي سن کان اٺ ڏهه هزار ورهيه اڳي اتر قطب طرف ججهي برف پوڻ سبب مها پرلئه ٿي هئي. انهيءَ قديم زماني جا ڪي ڪتاب موجود ڪينهن، تنهنڪري پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت (سئبيريا جي اتر طرف) وارن آرين لاءِ جڏهن اتي رهڻ ناممڪن ٿي پيو، تڏهن ڪهڙن ڪهڙن پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهيءَ هوندي به جيڪي حقيقتون هن وقت تائين معلوم ٿيون آهن، تن جي وسيلي هن ڳالهه تي گهڻي روشني وجهي سگهجي ٿي.
هندن جي پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته ڪي آريا لوڪ ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا هئا.(29) رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته يدو (جادؤ ونسي) ۽ تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا (رگ ويد منڊل ڇهون، سوڪت 20، رچنا 12) يدو ۽ تروسو آرين بابت ڪيترن يورپي عالمن ڄاڻايو آهي ته اهي بئبلونيا (بابل) کان آيا هئا. رئگوزن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”ويدڪ انڊيا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ترسو آرين مان ڪي بئبلونيا طرف هميشه لاءِ رهي پيا، ۽ اهي پوءِ توراني لوڪ سڏجڻ ۾ آيا. پراڻن ۾ اهي ڀرشٽ ٿيل ليکيا ويا آهن. يدو ۽ تروسو آريه لوڪ ميرو پربت کان سڌو بئبلونيا ڏي ويا، يا هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ اوڏاهين ويا، تنهن لاءِ ڪابه ثابتي ڪانهي.
سئبيريا جي اتر کان ميرو پربت وٽان، يورپ ڏي وڃڻ لاءِ سولي واٽ اسڪئنڊينيويا کان آهي، تنهنڪري ائين سمجهجي ٿو ته ڪي آريه لوڪ اها واٽ وٺي، يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ڏي ٽڙي پکڙي ويا، پر منجهائن ڪي هيٺ لهي، وچ ايشيا ۽ الهندي ايشيا ڏي ميسو پوٽيميا ۽ بئبلونيا ڏي به ويا. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو سن 1905_ 1906ع ۾ ايشيا مائنر جي ڪئپڊوشيا طرف بوگهزڪئي سان، ٻين شين مان گڏ، نارس قوم بابت هڪ ڪتاب آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي هٿ آيو هو. اسڪئنڊينيويا جا آڳاٽا رهاڪو ”نارس“ (Norse race) يعني اُتراڌي يا اتر طرف جا رهاڪو سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته اسڪئنڊينيويا يورپ جي بنهه اتر ڏي الهندي طرف آهي. اُتي جي رهاڪن جو ڪتاب هيڏانهن الهندي ايشيا طرف ڪئپڊوشيا مان لڌو، تنهن مان ائين پيو ڀائنجي ته ميرو پربت ڇڏڻ کان جيڪي اسڪئنڊينيويا ڏي ويا تن مان ڪي ٻين آرين سان گڏ ڪئپڊوشيا ڏي به آيا ۽ اهو ڪتاب انهن آندو هوندو. انهيءَ طرف سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ پوءِ به پئي ويا، جنهن ڳالهه جو ذڪر ”وڻج واپاري“ جي احوال ڏيندي ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سنڌو ماٿر جا ڪي پڻي لوڪ (واپاري) الهندي ايشيا ۾ بيٺڪون وجهي وڃي رهيا هئا، ۽ پوءِ سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍڻ ڪري ”فنيشن“ (Phoenicions) سڏجڻ ۾ آيا هئا. اهي فنيشن لوڪ اسڪئنڊينيويا ڏي به وڻج واپار لاءِ ويندا هئا، ۽ انهن اهو ڪتاب اتان الهندي ايشيا ڏي آندو هوندو ته به عجب ڪونهي.
گذريل اڻويهين صديءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن ايران جي الهندي طرف ”ميديا“ مان آرين جي بيٺڪن جا اُهڃاڻ لڌا، ۽ اهو به پتو پين ته آرين جون بيٺڪون ميديا کان وٺي ميسوپوٽيميا ۽ بئبلونيا تائين هيون، ۽ اُتر آفريڪا وارن سان به مٽيون مائٽيون هين، مطلب ته آريا لوڪ رڳو هندستان ۾ ڪين هئا، پر ٽڙيل پکڙيل هئا. جيڪي آريه لوڪ پوءِ هميشه لاءِ ايران ۾ رهيا، تن مان ڪيترا ڳچ وقت آرمينيا ۽ ميديا ۾ رهيا هئا، ۽ ڪن پنهنجون بيٺڪون ترڪستان جي اڀرندي طرف وڌيون هيون، جيئن لئسن صاحب ڄاڻايو آهي.(30)
ٻولين جي کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته وچ ايشيا مان آرمينيا کان جيئن يورپ ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهي واٽ تي جيڪي ٻوليون هن وقت چالو آهن، تن جو ناتو يورپي ٻولين سان وڌيڪ ۽ ايراني ٻولين ۽ سنسسڪرت سان گهٽ آهي. وري جيئن آرمينيا کان ايران ۽ هندستان ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهيءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو ناتو ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان وڌيڪ، ۽ يوروپي ٻولين سان گهٽ آهي، ائين ڄڻ ته انهيءَ طرف جون ٻوليون اهو اُهڃاڻ ڏين ٿيون ته ڪجهه وقت ڪيترن آرين جي سڀيتا جو مرڪز آرمينيا وارو پاسو هو، جتان هڪڙا آريه لوڪ يورپ ڏي ته ٻيا ايران ۽ هندستان ڏي ويا. آرمينيا طرف کاڻيون آهن تنهنڪري انومان ڪڍيائون، ته شايد ڌاتن مان باسڻن ۽ هٿيارن پنهارن جوڙڻ جو هنر آريه لوڪ اتي سکيا. اتي ڳچ وقت گڏ رهڻ کان پوءِ ڪيترا آريه لوڪ بختر ۽ ايران جي جدا جدا پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. هن لاءِ هڪ لکيل ثابتي به آهي، جنهن چوکو ڌيان لهڻو.
سر وليم جونس جنهن سنسڪرت ٻوليءَ جو ناتو يورپي ۽ قديم پارسي ٻوليءَ سان ڄاڻايو هو، تنهن کي ”دابستان“ نالي هڪ ڪتاب ڪشمير مان هٿ آيو هو، جو پوءِ پاڻ سان يورپ ڏي کڻي ويو هو. انهيءَ ۾ بختر جي بادشاهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهي. ”دابستان“ موجب راجا مهابدرنس جي ڪل جي پهرينءَ شاخ وارن سڪندر اعظم جي ڪاهه کان پنج هزار ڇهه سؤ ورهيه اڳي بختر (باختر Bactria) ۾ راڄ پئي ڪيو.(31) سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳي هندستان تي ڪاهيو هو، تنهنڪري چئبو ته عيسوي سن کان ڇهه هزار کن ورهيه اڳي بختر ۾ آرين پنهنجيءَ حڪومت جو بنياد وڌو هو، انهيءَ قديم زماني ۾ اڃا ڪيترين قومن کي پنهنجي بت ڍڪڻ جو به هوش ڪونه هو، ته هنن آرين هتي بادشاهي پئي ڪمائي! دابستان ۾ ڄاڻايل بختر جي راجائن بابت هينئر هر ڪو عالم قبول ڪري ٿو ته اهي هندو هئا، جيئن ”مل“ صاحب جي جوڙيل هندستان جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي.(32) ههڙيون لکيل ثابتيون ڏسي يورپي لوڪ قبول ڪرڻ لڳا آهن ته هندن جي جهڙي آهي سڀيتا آڳاٽي، تهڙو ئي آهي ڌرم آڳاٽو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ دنيا جي ڪابه قوم هندن سان ڪلهو هڻي ڪين سگهندي. هنن حقيقتن مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته دابستان ۾ ڄاڻايل هندو راجائن جنهن وقت بختر ۾ راڄ پئي ڪيو، تنهن وقت تائين ايران وارا پارسي ۽ هندستان وارا آريا اڃا هڪ يڪي هندو قوم جا هئا. ايران وارن آرين بابت ڪي حقيقتون سندن ڌرمي پستڪن مان ملن ٿيون. *
[b]حوالا ۽ حاشيا
[/b]
(1) “The works of German scholars like Posche and Penka Freely challenged the Asiatic theory regarding the original home of the Aryan race and it is now generally recognized that we must now give up that theory, and seek for the original home of the Aryans somewhere in the further north.” Sjt. B.G. Tilak:: The Arctic Home in the Vedas, p. 4.
(2) F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P. 297.
(3) The geological evidence is complete as to the existence of a genial climate in Tertiary times as far north as present land extends, and of a climate, less severe than that of today in the Quarternary period Encycl: Britt: article “Polar Regions.”
(4) To Such a man (stationed at the North Pole) the sun going into the northern hemisphere in his annual course will appear as coming up from the South, and he will express the idea by saying that
(5) ‘the sun has risen in the south,’ however strange the expression may seem to us,” B: G: Tilak: The Arctic Home in the Vedas p. 46:
(6) پهريون انگ ڪانڊ، ٻيو پر پاٺڪ، ٽيون انو واڪ ۽ چوٿون ورگ لاءِ ڪم آندو ويو آهي. (مصنف)
(7) Some consider Mount Meru as the ‘North Pole.’ ‘Elphinstone’, History of India (1841) Vol, p 252.
(8) “Meros is said by the Greeks to have been a mountain of India on which their Diomysos was born, and that Mero generally means the north pole in Indian geography.” Sir William Jones: The Gods of Greece, ltaly and India, P. 28 (Written in 1784 and since revised).
(9) “If we agree with the view of Mr. B. G. Tilak expressed in his “Orion,” and place the ancient home of the Aryan races in the circumpolar region (which were habitable in 8000_ 1000 B. C.), the significance of the names of the cardinal points becomes easy of understanding, There, the sun would rise into view (at the beginning of each new year) after a dawn lastion for several days. The orb would not be seen to rise in east, but a little to the south i.e. South_ West. The autumnal sun would set in the South_ West, after which the long night would follow. Originally (ڏکڻ) ڍڪيئن must have signified the direction in which the sun rose (and set also), but in course of time when the four cardinal points were definitely defined, the south got the name (ڏکڻ) ڍڪيئن in rememberance of the fact that the sun moved from the front to the right in his circular motion along the horizon in the Arctic regions.” Modern Review, August 1912.
(10) These uniquely precious historical documents (the Puranas) extending to many hundreds of pages of manuscripts, have been down through to centuries neglected, and wholly appreciated as to their historical significance,” Dr. L. A. Waddell, The Makers of Civilization in Race and History, preface VIII.
(11) The reference to the luster of the mountain is specially interesting, in as much as in all probability, it is a description of the splendour of the Aurora Borealis visible at the North Pole.” B. G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas, pp. 69_ 70.
(12) Dr. A. C. Das: Rag Vedic India, p. 395.
(13) Vishnu puran, Wilson’s Translation, Vol. II, pp. 101_ 118.
(14) Special places Aisyana Vaejo “in the farthest east of the lranian plateau in the region where the Oxus and Jaxartes take their rise”.
(15) Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred Language. Writings and Religion of the Parsis. P. 292.
(16) “But considering the fact that the traditions of the original Polar home are better preserved in the sacred books of the Brahmans and Parsis, it is not unlikely that the prlmaeval home was located to the north of Siberia rather than to the north of Russia and Scandinavia,” Sjt. B. G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas. P. 418.
(17) “If the evidences of Saxon colonization in this island (Great Britain) are strong both from language, and political institutions, the evidences are still more decisive in the parallel case of an Indian colonization of Greece_not only her language but her philosophy, her religion, her rivers, her mountains and her tribes, her subtle turn of intellect, her political institutes, and above all, the mysteries of that noble land, irresistibly prove her coloization from India,” Pococke: India in Greece.
(18) “Europe has learnt to perceive that in imparting some of the benefits of her modern civilization to Eastern races, she is only making a just return for the lessons imparted to her by Asiatic wisdom in past ages. For did she not receive her Bible and her religion from an Eastern people? Did not her system of counting by twelves and sixties come to her from Babylonia, and her invaluable numerical symbols and decimal notation from India through the Arabs? Did not even her languages have their origin in a common Eastern parent?” Sir Moniar_ william’s Sanskrit_ English Dictionary, Preface PP. XXII_XXIII.
(19) “The path of the sun must be the path of culture. In Asia, Pott declares, or nowhere was the school_house where the families of mankind were trained.” Quoted by Dr A. C. Das: Reg Vedic India, p. 357.
(20) “We all come from the East_ all that we value most has come to us from the East,” Prof. Max Muller: what can India teach us? Pp. 31_32.
(21) “All the nations of Europe migrated anciently from Asia.” Jacob Grimm.
(22) The Scandinavians are the descendants of Hindu Kshatriyas. The term Scandinavian and the Hindu “Kshatria” or the warrior caste, are identical, ‘the former being a Sanskrit equivalent for the latter:’ “Scanda Nabhi” (Scanda Navi) signifies Scanda Chiefs (Warrior Chiefs). Har Bilas Sarda: Hindu Superiority, p. 134.
(23) We can scarcely question derivation of the Edda (the religious books of Ancient Scandinavia) from the Vedas.” Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus, p. 108.
(24) “The Samoyedes and Tchoudes of Siberia and Finland are really Samayadus and Joudes of India. The languages of the two former races are said to have a strong affinity and are classed as Hindu_Germanic by Klaproth, the author of “Asia Polyglotta,” Tod’s Rajasthana: Vol. I. p. 68.
(25) Wilson’s Translation of the Vishnu Puran, Vol. II, pp. 101, 110, 114, 116_123.
(26) “What does tradition say about the origin of the ‘Ailas’ or Aryans? It makes the Aila power begin at Allahabad, and yet distinctly suggests that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor pruravas Aila all connect him with the middle Himalayan region.” F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P. 297.
(27) “The great Rishis, empowered by Swayanbhu (the self_ born), formerly obtained, through tapas (religious austerity) the Vedas and the itihasa, which had disappeared at the end of the (preceding) Yuga,” Mahabharata, Shanti Parvan, Chapter 210. Vol. 19.
(28) “There are thousands of Brahmans even now, who know the whole of the Rig Veda by heart and can repeat it, and what applies to the Rig Vedas applies to many other books” Prof, Max Muller: what Can India Teach Us? P. 81.
(29) “The Reg Vedic hymns are not the oldest, but there were still older Verses called Nivids and Nigadas: the proto_type of the Reg Vedic hymns, whose language was more archaic than that or the hymns themselves. Though most of the Nivids are now lost, having been either amplified or absorbed in the Reg Vedic hymns, even those that remain and are found in the Brahmanas and Sutras bear in them the unmistakable impress of vast antiquity,” Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture. P.42.
(30) F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, P. 297.
(31) “It appears very probable that at the dawn of history, East Turkestan was inhabited by an Aryan population, the ancestors of the present Slavonic and Teutonic rages, and a civilization, not inferior to that of Bactrians, had already developed at that time in the region of the Tarim.” Lassen’s Indische alterthums_ Kunda, quoted by Dr. A.C Das: Reg Vedic India p.31.
(32) “The Bactrian document called Dabistan (found in Kashmir and brought to Europe by Sir W. Jones) gives an entire register of kings, namely, of the Mahbadernes whose first link bactria, 5,600 years before Alexander’s expedition to India” Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus. P. 134.
(33) Mill’s History of India. Voll. II pp. 237_238.
[b](هي مضمون ڪتاب ”قديم سنڌ“ صفحو 91 کان 116 تان ورتل آهي).[/b]