سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار: هينري ڪزنس

سنڌ قبن ۽ قبرن جي ڌرتي آهي. پاڪائيءَ جي پردي ۾ دوکن، دولابن ۽ تقدس جي آڙ ۾مڪر ۽ فريب جي مٽي رهي آهي. جڏهن هندن جي سٺي پراڻي دور، مسلمان حڪمرانن کي جاءِ ڏني ته انهن حڪمرانن جو مکيه مقصد، ذاتي خوشي ماڻڻ ۽ سندن وڏڙن جي هڏڙن جي تعريف ٻڌڻ هو. هيءُ ملڪ پيرن ۽ پرهيزگارن جي پيدائش لاءِ زرخيز رهيو آهي ۽ انهن مان ڪي ته رسول (ﷺ) جا صحيح معنيٰ ۾ پوئلڳ آهن، پر گهڻن ته ان کي کوٽ ۽ خودغرضيءَ جو ڍڪ بنايو آهي. هيءُ ملڪ ڦند وارن فقيرن ۽ ٺڳن جي ڪري نالي چڙهيل آهي. موجوده دور جي چوڻيءَ مطابق هن ۾ لک بزرگن ۽ شهيدن جون مزارون آهن ۽ خانقاهون وري ان کان سواءِ آه، جيڪي ٽالپر دور ۾، ملڪ جي سڄيءَ پيداوار جو ٽيون حصو کسڪائي ويندا آهن.
سامونڊي ڪناري کان سواءِ هيءُ ملڪ اهڙو ناهي جتي ٽڪي پوڻ تي دل چاهيندي هجي. سال جو وڏو حصو ڇتي گرمي، مٿان وري ڌوڙ جا ڌوڙيا ۽ طوفان، علاقو هيبتناڪ ۽ سنسان، کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ. سفر ڪرڻ ۾ ڏکيائون، خاص طور تي اُٺ جي ڊونڊڙي سُونڊڙي سواري هن ڌرتيءَ تي تڏهن آسائش واري هوندي آهي، جڏهن ماڻهو ريل واري رستي کان دور هوندو آهي.
نتيجو اهو نڪتو آهي ته تعميراتي خزانا جيڪي گهڻو ڪري پيچرن کان ڏاڍو ڏور آهن، سي ته گهڻو ڪري ڏسي ئي ڪونه سگهبا آهن. باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪو سرڪاري ڪامورو انهن مٿان اک ڇنڀ واري طائرانه نظر وجهندو، سو به تڏهن جڏهن اهي ماڳ سندن ڀر پاسي ۾ هوندا آهن. انهن پر جوش انسانن لاءِ، جيڪي ماضي جي شان ۽ شوڪت ڳولڻ لاءِ، ساڙيندڙ سج هيٺان ۽ پرانين سرن مٿان جن تي مڻين مٽي چڙهيل هوندي آهي، رلندا وتندا آهن، تن لاءِ به ڪا گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه نه هوندي آهي.
سنڌ کي، خشڪ هجڻ ۽ مينهن گهٽ پوڻ ڪري مصر سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. جنهن جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سنڌؤ جهڙو وڏو درياهه وهي ٿو، جنهن جو پاڻي خاص طور تي موسمي اٿل ڪري زمينن کي سيراب ڪري ٿو، جنهن ڪري اناج ۽ ٻيا فصل جهجهي انداز ۾ ٿين ٿا. هن جي موجوده وڏي آبپاشي نظام، جيڪو اتر سنڌ مان درياهه جي مکيه وهڪري مان وهي نڪري، جسم جي تنتي سرشتي جيان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڄار وانگر پکڙجي، درياهي لٽ سان ڀريل هڪ وسيع ميداني علاقي کي پيداواري خطو بنائي ڇڏيو آهي. پر هي وڏو درياهه، جنهن ۾ پنجاب جي سڀني دريائن جو ڇوڙ آهي، تنهنجو سدائين اهو ساڳيو وهڪرو ناهي رهيو، جنهن تان موجوده درياهه وهي رهيو آهي ڪنهن ٻئي درياه شايد ئي هن وانگر، ايامن کان وٺي پنهنجا وهڪرا نه مٽايا هجن، جيئن هن سيلاني درياهه پنهنجا رستا سنڌ جي ميدان مان ڪٽي بنايا آهن. اوڀر طرف، راجسٿان جي رڻ پٽ جي بنهه ڪڇ کان وٺي اولهه واري جابلو علاقي تائين، جيڪو اٽڪل هڪ سو ميل ميداني خطو اهي، تنهن ۾ هي، هڪ يا ٻئي دور ۾، هڪ وڏي درياهه يا سندس ٻن ٽن مکيه وهڪرن يا ان کان وڌيڪ بي شمار شاخن ۾ پئي وهيو آهي. جن پنهنجي وهڪرن کي وقت بوقت پئي بدلايو آهي.
ماضيءَ ۾، پنجاب جي سڀني درياهن جي وهڪرن جو رخ اولهه ڏکڻ ڏانهن رهيو آهي،جيڪي ملتان ۽ سنڌ جي اتر طرف وچ تي ڪٿي ملندا هئا، ۽ ٿوري فاصلي تائين گڏجي هڪ وهڪري جي شڪل ۾ وهڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻن يا وڌيڪ وهڪرن ۾ ورڇجي ويندا هئا. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هن درياهه جي وهڪري، جيڪي مکيه تبديليون آيون اهن، اسان فقط تن متعلق بحث ڪنداسون. ان وقت هر هڪ وهڪري جو ڌار ڌار نالو هو، جيڪو جدا جدا ڳوٺن کان مختلف دورن ۾ وهندو هو.
اهو سڀ لڳاتار وهڪرن مٽائڻ جي ڪري ٿيو آهي، انهن جي سڃاڻ لاءِ گهڻا نالا اچي ويا آهن. مؤرخن انهن کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ويران ميداني علاقي ۾، جيڪي تباو ٿيل ڳوٺ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن تن جي سڃاڻپ به ڏاڍي ڏکي بڻجي پئي آهي. مقامي مورخن جڏهن هي اجڙيل آستان ڏٺا ته کين لکڻ وقت ان دور جي ٻوڏ، دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهي، جيڪا ان وقت پنهنجي صورت ۾ ظاهر هئي. سنڌو درياهه جيڪو اسان اڄ ڏسون ٿا، سو اسان کي ايئن ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته هاڪڙي جي اولهائين شاخ جيڪا تختگاهه الصر جي اوڀر طرف ۽ ٻي ان جاءِ کان اتر- اوڀر طرف کان وهندڙ سي ٻئي سڪي ويون. سڄي ملڪ جو مٿاڇرو سنڌو درياهه جي پراڻن پيٽن جي ابتن سبتن وهڪرن جي نشانن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي مٽيءَ جي طوفانن ۽ واريءَ جي اڏامڻ جي سبب تيزيءَ سان هموار ٿيندا پيا وڃن. اهڙي وهڪرن جا پراڻا پيٽ ڳوٺن جي نقشن ۾ چڱيءَ ريت ڏسي سگهجن ٿا. انهن ۾ پراڻن درياهن جي پيٽ واريون زمينون ڏاڍيون ڀليون ۽ ڪجهه وڌيڪ قيمتي هونديون آهن. زمين جا اهي ٽڪرا ڪنڊائتا ۽ نانگ وهڪڙن وانگي هوندا آهن. ٻنهي طرفن کان پڪي واري زمين هوندي آهي. سفر دوران انهن زمينن ۾ نير جو ڀلو فصل ڏسبو آهي. پوءِ جڏهن اهي مکيه وهڪرا، سامونڊي ڪناري کي ويجهو پوندا آهن ته، وڌيڪ شاخن ۾ ورهائجي ويندا آهن ۽ پنهنجي ورن وڪڙن کي ڪٽي، سامونڊي پاڻيءَ سان ٽڪرائجي، پنهنجي پنهنجي گذرگاهن مان نڪري، وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن. سامونڊي کاڙيون جيڪي هڪ سال جهاز رانيءَ جي قابل هونديون ته ٻئي سال وري اهي پورجي لٽجي پنهنجي اڳين حيثيت وڃائي وهنديون آهن.
درياهه جي تيز پائيندڙ ۽ ڀريون پائڻ اڃا به جاري آهي. پوسٽن 1843ع ۾ لکيو آهي ته سانتيڪين راتين ۾، سنڌو درياهه ۾ ڀڪن ڪرڻ جو آواز ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته پري کان مسلسل توبن سان ڪا گوله باري ٿي رهي آهي. گپ جو وڏو مقدار جيو درياهه کڻي اچي ٿو ان حالت ۾ سنڌ، جيئن اسان اڄ ڏسون ٿا ڄڻڪ گهاٽي لڙياٽي پاڻيءَ جي تکي وهندڙ ندي نظر ايندي آهي. هيءَ گپ اتي گڏ ٿيندي ويندي آهي، جتي وهڪري کي رنڊڪ ٿئي ٿي، پوءِ خود درياهه جا وڪڙ هجن يا سمنڊ جي وير: ان ڪري درياهي دوآبو هميشه سامونڊي ڪنارن کي اڳتي ڌڪيندو ويندو آهي ۽ اڄ جو سامونڊي ڪنارو، محمد بن قاسم واري دور کان چاليهه ميل کن اڳتي آهي. ريورٽي چوي ٿو ته دوآبي جو وڏو حصو نسبتاً تازو جڙيل آهي. بدين سان لاڳپيل ٿورو علاقو، شهنشاهه اڪبر جي حڪومت ۾ سنڌ جي پوري ڏکڻ ۾ هو. پر اڄ اهو ستر ميل کان مٿي علائقو آهي. جيڪو اڳئين پوري ڏکڻ واري حصي کان اڳتي آهي ۽ وري ”اهو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ايئن سمجهڻ جو سبب به آهي ته، ٺٽي کان وٺي ڪراچي ڏکڻ تائين واري دوآبي جو گهڻو ڀاڱو“، سنڌو درياهه ان وقت بڻايو، جڏهن نصرپور وارو وهڪرو ڇڏي وڌيڪ اولهه طرف سرڪندو ويو. ٿورو گمان ٿئي ٿو ته شاه بندر علاقي جو وڏو حصو ۽ جهرڪ علاقي جو ڏاکڻون ڀاڱو، پڻ تازو جڙيل آهي. چيو وڃي ٿو ته عبدالرحيم خان خانان ٺٽي کي دهليءَ سان ملائڻ کان پوءِ، ٻه منزلون يعني 15 ميل پنڌ ڪري مغل ڀين پهچي وڏو سمنڊ ڏٺو هو.
ان ڪري مغل ڀين جي نالي جو مطلب آهي ”مغل نظارو“ ريورٽي چوي ٿو ته: جيڪڏهن ڪراچيءَ جي ڀرپاسي کان هڪ ڊگهي ليڪ ويهه ميل مٿي لکپت تائين ڪڍبي ته، اڪبر جي زماني واري دوآبي، جي حد ڏيکاريندي. ۽ وري عرب فتح وقت اها ليڪ پير پٺي ۽ بدين کان ڏکڻ ونگي طرف يا اڃا به اڳتي اتر- اوڀر نئون ڪوٽ تائين (ڏسو سنڌ جو نقشو ۽ ان تي ليڪيل ٻيو ننڍڙو نقشو) پهچندي. سنڌو درياهه جي موجوده حالتن ۽ دوآبن کي نظر ۾ رکي، پراڻن شهرن کي سڃاڻن هڪ اجائي ڳالهه آهي. سنڌو درياهه جنهن پيٽ ۾ اڄ وهي رهيو آهي، انهيءَ کان اولهه ڀرو سرڪي وهي ڪونه ٿو سگهي، جيئن اڳ ۾ ڍوڪيندو رستا بنائيندو اچي جبل جي وٽين پاسن ۾ پيو آهي. جڏهن روهڙيءَ ۽ سکر جي وچان ٽڪرين جي حدن مان گذري ٿو، تڏهن به سندس وهڪري کي هيڏي هوڏي وڃڻ کان روڪ آهي ۽ وري جهرڪن وٽ به اها ئي صورتحال آهي. هن وڏي وهڪري جي بي پايان طاقت مٿان جيستائين لڳاتار ڪرڙي نگاهه نه ٿي رکجي ته ڪمزور ماڳن وٽان کاڌ ڪري اوچتو هڪ نئون ۽ مڪمل وهڪرو بنائي سگهي ٿو. ميجر ريورٽي شايد سڀ کان وڌيڪ هن درياهه جو مطاليو ڪيو آهي ۽ هو ڪجهه سخت اصولن وارو ماڻهو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ساڻس راءِ ڀائي نه ٿيندو آهي ته بي صبرو ۽ اتاولو ٿي ويندو آهي. سو به آخر ۾ هن نتيجي تي پهتو آهي ته، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سنڌ جو وڏو درياهه هاڪڙو هو، جيڪو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ مهل ٻه درياهي بنجي ويندو آهي. هڪ وهڪرو اولهه ڀر، الور اهلي ويندو هو، جتي ٽڪرين سان ٽڪر کائي، اتر ۽ ڏکڻ ڏس تي موڙا ۽ وڪڙ ڏئي نيٺ ڏکڻ ڏانهن وهڻ شروع ڪندو هو. جڏهن سنڌ جو اڌ پنڌ لتاڙي ڪنهن جاءِ تي پهچندو هو ته اتي، مکيه يا وڏو اوڀاريون وهڪرو جيڪو ونجهروٽ/ ونجنوٽ کي گهندي ڏئي گذرندو هو ۽ ساڻس اچي ملندو هو. هتي اڃا اهي وهڪرا گڏبا ئي مس هئا، ته وري ٻه درياهي بنجي ويندي هئي. هڪڙي شاخ برهمڻ اباد جو پاسو ڏئي، حيدرآباد کان ٿيندي پوءِ ڏکڻ طرف دوآبي مان لنگهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ٻيو مکيه وهڪرو، جدا ٿيڻ واري ماڳ کان ئي ڏکڻ طرف هلندو، عمرڪوٽ جو اولهه ڏيو ڪڇ واري رڻ ڏانهن هليو ويندو هو. هن درياهه کي الور کان عمرڪوٽ تائين هاڻي اڀرندي ناري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هاڪڙي جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به برسات جي پاڻيءَ سان ڀرجي وڇي ٿو. الور وٽ درياهي وهڪري جي وڏيءَ تبديلي کان پوءِ هاڪڙي جو وڏو وهڪرو جيڪو ونجهروٽ جو پاسو ڏيو گذرندو هو، سو وهڻ کان بيهي ويو. ڇاڪاڻ ته سندس ڀرتي ڪندڙ درياهه کي ڇڏي ويا ۽ نئون سنڌو درياهه مقدار ۾ وڌي وڏو درياهه بنجي ويو. ڇو جو هاڪڙي جا ڀرتي ڪندڙ درياهه سنڌو درياهه کي پاڻي ڏيڻ لڳا. هي ايئن بيان ڪيو ويو آهي جيئن مسٽر ريورٽي سمجهي ٿو. پر ڪنهن درياهه جي وهڪري لاءِ اهڙي ٺهيو ٺڪيو ۽ پڪو پيٽو اصول واضح ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. اهو تڏهن صحيح معنيٰ ۾ سمجهي سگهجي ٿو، جڏهن مختلف لکڻهارن جي بيانن کي خبرداري سان گڏائي انهن جي مطالعو ڪري ملڪ جي مٿاڇري تي سوچ ويچار ڪري، پوءِ ئي درياهه جي وهڪري جو ڪو اندازو لڳائي سگهبو، لکڻهارن جي وڏي غلطي هتي بيان ڪري سگهجي ٿي. الجاحظ جو بيان آهي ته سنڌ ۾ وهندڙ مهراڻ درياهه، نيل درياهه مان نڪري ٿو ڇو ته منجهس واڳو هوندا آهن.
ريورٽي، پنهنجي نقشي مطابق ”ڪنب“ نالي هڪ واهڙ اروڙ جي ٿوري اولهه کان وٺي هالا تائين ڏيکاري ٿو. ٻيو، پراڻي وهڪري جو پيٽ مٿي بيان ڪيل وهڪري ۽ هاڪڙي جي گذرگاهه جي وچ تي ڏيکاريو آهي. پر هو صاحب اهو ڪونه ٿو ڏيکاري ته اهو ڪٿان کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪاٿي ختم ٿي وڃي ٿو. هو چوي ٿو ته: اهو ذڪر ڪرڻ لازمي آهي ته هتي وهڪرن جو گهڻو تعداد آهي. واقعي اهو سچ به آهي ته انهن جا نشان به جتي ڪٿي ڏسي سگهجن ٿا. سنڌوءَ جي وهڪرن جي وچ ۾ به موجود آهن. يعني آب سنڌ، جيڪو موجوده دور ۾ وهي رهيو آهي. مهراڻ جا اڳوڻا وهڪرا سي به گهڻي تعداد ۾ هئا. هاڪڙي جا پراڻا پيٽ ڳڻبا ته ڳڻي نه سگهبا. انهن مان هڪ پراڻو وهڪرو اهو به آهي جيڪو شهدادپور جي اولهه ۾ ڀر سا آهي ۽ هيٺ برهمڻ آباد (هيءُ منصوره کي ڏيپر گهانگهري وٽ سمجهي ٿو) ۽ منصوره ڏانهن وڃي ٿو. اهو ائين چئي سگهجي ٿو ته مختلف دورن ۾ سنڌو درياهه مهراڻ يا هاڪڙو سنڌ جي وڏي ڀاڱي جي مٿان پنهنجا وهڪرا بدلايو پئي اڙها آهن ۽ ان سان گڏ شهدادپور جو اولاهيون پاسو ڏئي به گذريا آهن. ان جا ثابتي اها آهي ته ڪيترن ئي پراڻن شهرن جا اهڃاڻ هنن پراڻن درياهن جي پيٽن سان ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي سروٽن جي ڍيرن جي صورت ۾ پنهنجي بربادي جو داستان ٻڌائي رهيا آهن. انهن پراڻن وهڪرن مان هڪ وهڪرو ڪنب به آهي، عربن جي چوڻ مطابق سنڌو درياهه بار بار هن منجهان پئي اڙهيو آهي. انهن پراڻن آبي گذرگاهن مان گهڻو ڪري هڪ اهو به آهي جنهن جو عربن ورجائي ورجائي ذڪر ڪيو آهي. ڪنب، ان وقت سيوستان، موجوده سيوهڻ ۽ مهراڻد درياهه جي اولاهين شاخ جي وچ تان وهندو هو، جنهن جي پيٽ مان آب سنڌ يا سنڌو درياهه پنهنجي رخ جي مٽاسٽا سبب بار بار پئي گذريو آهي. هئگ چوي ٿو ته ”جيڪڏهن اهي اصطخري ۽ ابن حوقل) صحيح آهن ته سنڌو درياهه عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سيوهڻ کان اوڀر اٺن يا ڏهن ميلن کان وڌيڪ پري ڪونه هوندو. پر ريورٽيءَ نيرون ۽ ديبل واري پنهنجيءَ سڃاڻ تي دارومدار رکي، انهن وهڪرن کي مقرر ڪيو آهي، جيڪي گهڻو ڪري پهرئين نقطه نگاه کان غلط ۽ ٻئي نقطه نگاه کان ٿورو مشڪوڪ آهن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس اندازا صحيح نه هجن. آءٌ اڳيئي تاريخي حصي ۾ ڏيکاري آيو آهيان ته اهي مصرخ جن سنڌ تي لکيو آهي پر انهن سنڌ ڏٺي ئي نه اهي، تن جي بيانن تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. سندس نقابل اعتبار حيثيت اڃا به ويتر وڌي ٿي وڃي جڏهن نقل ڪرڻ وقت پنهنجي ويسليءَ عادت مطابق اکرن جا ٽٻڪا وساري ڇڏيندا هئا جيڪي نالن پڙهڻ وقت غلطين سبب هاڃيڪار ثابت ٿيندا هئا. جيستائين سنڌو درياهه جي هيٺئين وهڪري جي تعلق آهي ته ان متعلق بي شمار ذاتي رايا اچي چڪا آهن ۽ هن متضاد ۽ منجهيل مضمون تي، نظريا، گفتگو بحث مباحثا به ٿي چڪا آهن.
ريورٽيءَ جي ڪنب جو ذڪر چچ نامي ۾ تي ملي ئي ڪونه ٿو جنهن جو ترجمو فريدون بيگ ڪيو آهي. جيڪا ندي ان پيٽ مان وهندي ڏسجي ٿي ۽ جيئن ريورٽيءَ به پنهنجي ڪچيل نقشي ۾ ان جي نشاندهي ڪئي آهي، سا ته چٽي پٽي مهراڻ ئي آهي. هڪ حالت ۾ ”سيحون معنيٰ مهران“ ٻيءَ حالت ۾ ”سيحون جنهن کي مهراڻ سڏجي ٿو“ فريدون بيگ چوي ٿو ته ”سيحون سنڌو درياهه جو عربي نالو آهي. پر حقيقت اها آهي ته هر وڏي درياهه کي سيحون ۽ جيحون جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو. ابوالفضل ٻڌائي ٿو ته موجوده سنڌو درياهه کي ئي مهراڻ سڏيو ويندو هو. هو چوي ٿو، ته ”ٺٽي وٽ سنڌو درياهه کي مهراڻ چوندا آهن. ڇهه نديون هڪ درياهه ۾ گڏجي هڪ درياهه بڻجي بکر جي ديوارن هيٺيان گذرن ٿيون. هڪ وهڪريو بر جي اتر کان ۽ ٻيو بکر جي ڏکڻ طرف کان گذري ٿو. آئين اڪبري چوي ٿو ”سڀ نديون سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ ٺٽي وٽ ان درياهه کي مهراڻ سڏيو ويندو آهي.
ماڻهو، ريورٽيءَ ۽ هئگ جهڙن مستند مصنفن سان اختلاف راءِ ڪري البت ڊڄي ٿو، تنهن هوندي به منهنجو ذاتي رايو، جيڪو مان تاريخي بيانن مان ميڙي چونڊي گڏ ڪيو آهي ۽ سندن اختلاف راءِ منجهان به ڪجهه هٿ ڪيو اٿم، سو اهو آهي ته عربن جي حملي وقت هڪ اهم ۽ اجهاڳ درياهه هو، جيڪو اتر کان وٺي ڏکڻ تائين، سنڌ مان آرپار گذريو ٿي ۽ اروڙ وارين ٽڪرين وچان لنگهي، موجوده سنڌو درياهه جو پيٽ ڏيو وهندو هو، جنهن کي چچ نامي ۾ مهراڻ سڏيو ويو آهي. ان جي هڪ واهڙ کي مقامي نقشي ۾ منصوره جي چوڌاري ڦيرو ڪري وهندي ڏيکاريو ويو آهي. هن درياهه، هاڪڙي جي الڳ ٿيڻ واري ٿاڪ کان مٿي، پنجاب جي ندين کي ڇڏيو آهي جنهن جا نشان ريورٽيءَ پنهنجي نقشي ۾ نيرن ٽٻڪن سان ڏنا آهن. امڪان اهو به آهي ته هن ۾ هاڪڙي درياهه جو پاڻيءَ پڻ پوندو هوندو، الور جي ماڳن کان هيٺ ۽ ان جو هئگ جي نقشي مطابق امڪاني وهڪرو ڪجهه اڳڀرو ڏکڻ تي هلي لوهاڻي درياهه ۾ گڏجي ٿي ويو.
خير اهو ڪيئن به هجي، پر سڀ مصنف هن ڳالهه تي متفق آهن ته هاڪڙي درياهه جي اولاهين شاخ، جيڪا عرب دور ۾ الور کي پاسو ڏئي وهندي هئي، سا ڪجهه وقت پوءِ پنهنجو وهڪرو مٽائي، الور کان ڪجهه فاصلي تي، اتر- اولهه طرف کان وهڻ لڳي ۽ ان کان پوءِ ان پنهنجو رخ ڏکڻ طرف ڪيو. هن تبديليءَ درياهه کي الور کان پري پنڌ تي ڪري ڇڏيو ۽ شهر پاڻيءَ نه هئڻ سبب رهڻ جاءِ لائق نه رهيو هو. ان کان پوءِ هن درياهه اڃا به ٻيو وهڪرو اختيار ڪيو ۽ الور کان چئن ميلن جي قطر اندر ٽڪرين کي ڪاٽي روهڙيءَ ۽ بکر وچان (اڳ ۾ اهو وهڪرو اتي موجود ڪونه هو) وهڻ لڳو، جيڪو بکر جي ڏکڻ طرف هو ۽ بکر موجوده نئين سکر جي ماڳن تي قائم هو، نيٺ درياهه جي هڪ شاخ بکر جو اولاهيون پاسو ڪاٽي بکر کي ٻيٽ بنائي ڇڏيو، جتي بعد ۾ بکر جو قلعو بنايو ويو. اها ڪل ڪانه ٿي پوي ته سکر ۽ بکر جي بالن جو مطلب ڇا آهي. اهي گهڻو ڪري هم وزن هم آواز من موهيندڙ اکر آهن جيڪي هندستان ۾ عام جام ملن ٿا، جيئن انڪاءِ ٽنڪاءِ ۽ روالا ۽ جوالا، دکن جا ٻه جاڙا قلعا آهن. موجوده دور ۾ سنڌو درياهه کي عام ماڻهو مٺو درياهه يا ”مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ“ سڏيندا آهن.
هاڻي موجوده وقت ڏانهن مڙون ٿا هن درياهه جي وهڪري ۾ اهم ڦيرو 1758ع ۾ آيو، جڏهن اهو اوچتو، هالا کان اولهه ۾ ٻارهن يا پندرهن ميل پري، پنهنجي ڀريون پاسا پائي ڦيرو کائي نئون وهڪرو بڻائي، حيدرآباد کان ٽي ميل اولهه طرف وهڻ لڳو. ڦليلي ڦاٽ جيڪو ڪڏهن سڪي چڪو هو، سو هن نئين درياهي ڦيري سبب وري وهڻ لڳو هو. مسٽر ناٿن ڪرو اڃا به ٻيءَ تبديليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن 1800ع ۾ لکندي چيو آهي ته: هن درياهه پنجن کان ويهن سالن اندر، ٺٽي کان ٿورو مٿي هڪ عجيب ڦيرو کاڌو اهي، جو شهر درياهه جي دوآبي مان ئي ماڳهن ٻاهر نڪري ويو آهي، جيڪو ڪڏهن ان جي وچ ۾ بلوچستان طرف وارين ٽڪرين جي اهم ميداني علاقي ۾ هو.
سنڌ صوبو، عام خوبين، آبهوا، آدمشماري ۽ قدرتي پيداور جي لحاظ کان، هندستان کان وڌيڪ پنهنجي اولاهين پاڙيسرين سان لاڳاپو رکي ٿو. درياهه وڇان وهي کيس ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿو. جنهن مان سنڌ جي قديم آثارن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين درجي ۾ تاريخ کان اڳ جا آثار آهن جن ۾ پٿر جا اڻ گهڙيل اوزار ۽ يادگار اچي وڃن ٿا جن جو دور معلوم ڪونهي. مڏا اوزار ڏنگريون (Cores) ۽ تيز اوزار پاساڙا (Flakes) جيڪي چقمقي پٿر جا ٺهيل آهن، سي پٿر جي نئين دور (Neolithic) سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ عام جام ملن ٿا. پهاڙين ۽ ماٿرين اندر ابتدائي دور جي قبرن يا يادگارن جو وڏو سلسلو موجود آهي. ٻئين دور ۾ اسلام کان اڳ جا آثار ملن ٿا، جي هندو ۽ بڌ دور سان واسطو رکن ٿا. هي اهڃاڻ اسٽو پائي کنڊرن، پراڻن شهرن ۾ ڦٽل قلعن جا آهن، جي خاص طور تي مکيه خشڪ وهڪرن جي آس پاس سڄي ملڪ ۾ جا بجاءِ پکڙيا پيا آهن. ٽئين طبقي ۾ اسلامي دور جا يادگار آهن، جن ۾ حاڪمن ۽ بزرگن جا مقبرا اچي وڃن ٿا، جن مان به پهرين جي گهٽ ۽ پوين جي گهڻي اهميت ڏسجي ٿي. اها به هڪ حقيقت آهي ته اسلام جو صحيح تصور رکندڙ ماڻهو، اها ڳالهه ڪڏهن به تسليم نه ڪندو. پر هيءَ هڪ سچي ڳالهه آهي ته ڪنهن به مشهور بزرگ جي مزار کي، گھرڳب طبقي وٽ خدا جي گهر يعني مسجد کان به وڌيڪ مڃتا مليل آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته بزرگن جي مزارن وٽ گهڻو ڪري ٺڳن ۽ ڦورن جا ٿاڪ هوندا آهن. ملڪ جي پيدائش ۽ پيسو سکائن طور اتي ڏنو ويندو آهي ۽ اڪثر ڪري اٻوجهه زيارتي مزارن تي پنهنجون لاکون به لهرائي ويندا آهن.
سنڌ جي هر هڪ ڀاڱي کي پنهنجي جدا جدا خاصيت آهي. اولهه وارو ڀاڱو گهڻو تڻو ٽڪرائتو آهي، جنهن جي جبلن جون اتاهوين چوٽيون سنڌ کي بلوچستان کان الڳ ڪن ٿيون. اوڀر وارو ڀاڱو، کليل، ميداني ۽ درياهي لٽ سان ڀريل آهي، جو ڪن صدين کان وٺي اتي گڏ پئي ٿيندو رهيو آهي، جيڪو اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن سان گڏجي راجپوتانا جي رڻ تائين پکڙجي وڃي ٿو. پر اتي اڃا ٽيون ڀاڱو به اهي جنهن کي دوآبو سڏجي ٿو، جتي سنڌو درياهه واهڙن جي مهاڄار ۾ ونڊجي ورڇجي ورن وڪڙن وارو رستو بنائيندو، هيٺانهن ميداني علائقن، ڪلراٺن خطن ۽ سارين جي گپ چڪ وارين زمينن مان لنگهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. عام طور تي هيءُ ملڪ ٻيلن کان بلڪل خالي آهي. باقي درياهه جا ڪنارا ٻنهي طرفن کان گهڻي فاصلي تائين ٻٻرن جي وڻن جي قطارن سان ڀريا پيا آهن. سنڌو درياهه کان اوڀر وارو علاقو، درياهي لٽ سان ڀريل ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان به تمام وسيع آهي. اهو پاڻيءَ کان سواءِ هڪ رڻ پٽ لڳو پيو آهي، رڳو ڪانڊيرن جي ٻيتن سان ڍڪيو پيو آهي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ، زريعي مقصدن جي نقطه نگاهه کان وسيع ايراضيءَ ۾ واهن ذريعي آبپاشي نظام پکيڙي ان ويران زمين کي وري آباد ڪيو پيو وڃي.
عربن جي فتح کان اڳ جي سنڌ جي تاريخ متعلق اسان بلڪل گهٽ ڄاڻون ٿا. آڳاٽي هندو ۽ ٻڌ جي يادگارن متعلق اسان کي جيڪا ڪجهه روشني ملي ٿي، سان گهني ڀاڱي بعد جي مسلمانن مورخن معرفت مڪلي ٿي ۽ اها به بلڪل جهيڻي ۽ منجهيل آهي. غلطين جو پردو جيڪو ڊگهي عرصي کان انهن مٿان پيل آهي، سو اتفاق سان ڪن گهڙين لاءِ کڄي ٿو ته ويل وقت جو جهٽ گهڙيءَ لاءِ پورو نظام ٿي وڃي ٿو. اسان سڪندر جي ٿڪل فوج کي هن ڌرتيءَ جي ميدانن تي وڙهندو ڏسون ٿا. ان وقت هيءُ ملڪ ننڍين آزاد رياستن ۾ ورهايل هو ۽ نيرڪوس پنهنجي جهازن جي آرماڙ کي گڏ ڪري، هن وڏي درياهه جي ورن وڪڙن وارين شاخن مان، جيڪي نقشي ۾ ڏيکاريل ڪونه هيون، گذاري سمنڊ ۾ پهچي وڃي ٿو. ان جهٽ گهڙيءَ واري نظاري جي مهرباني ته ٿي، پر اها ايتري اڻ پوري آهي جو، جن جن شهرن وٽان اُهي گذري هئا، سي اسان سڃاڻي ئي ڪونه ٿا سگهون. سو اسان انهن گهمندڙ ڦرندڙ نظارن جي خالن ڀرڻ لاءِ ڌڪا ۽ اندازا ڪري رهيا آهيون هن کان تمام گهڻو عرصو اڳ، اسان ڏسون ٿا ته سنڌ جي حڪمران، مهاڀارت واري جنگ ۾ پانڊون خلاف ڪورون جي مدد ڪري ٿو. گهڻي وٿيءَ کان پوءِ جيڪا ڀرجڻ جي لائق ئي ڪانهي، اسان پنهنجي سنو واري ڇهين صدي ۾ هن ملڪ کي ڏسون ٿا، جيڪو سفيد ”هُن“ قوم جي حڪمرانيءَ هيٺ آهي ۽ ان قوم جي ظالم حڪمرانن هتان جي ماڻهن مٿان وڏو ظلم ڪيو ۽ انهن جي ديوتائن کي ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. وري اسان ڏسون ٿا ته هڪ اڻ ٿڪ ۽ سڪايل چيني سياح هن تسيانگ هن ملڪ جي ٻڌ خانقاهن جي زيارتن لاءِ رلي ٿو ۽ تحمل ۽ بردباري سان ڄاڻ ۽ پچ پڇان ۾ رڌل آهي. اسان کي پراميد رهڻ جو سبب به آهي هن مٿاڇري هيٺان، اسان هن ملڪ جي روشنيءَ ۾ تاريخ جا وڌيڪ نشان ڳولي نروار ڪريون، اهي ڊگها مگر خاموش دور جيڪي اسان جي اکين کان اوجهل آهن، تن بابت ڄاڻ حاصل ڪريون.
سنڌ ڌرتيءَ جي فطري خاصيتن جي سبب، سنڌو درياهه جي وهڪرن جي جهٽ جهٽ تبديلين، منجهن لٽ ويهي وڃڻ ۽ جهٽ ۾ خشڪ ٿي وڃڻ ۽ سدائين مٽي جي طوفانن، سندس گهڻو ڪجهه لٽي پوري ڇڏيو هوندو موجوده درياهه جي اوڀر طرف چوڌاري پکڙيل سڪل واهڙن جي پراڻن پيٽن جي ڀرپاسي، برپٽ بيابانن ۽ ويرانن ۾ تباهه ٿيل پراڻن شهرن جي کنڊرن ۾ فوجي ڇانوڻين جا نشان ملن ٿا. مسٽر بيلاسس لکيو آهي ته ”برهمڻ آباد جي ڀرپاسي ۾ ٻين ڪيترن ئي شهرن جا کندڙ آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي پراڻي واهڙ جي ڪناري تي يا ڀرسان آباد هئا. ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته جڏهن هي واهڙ عمرڪوٽ کان وهي ڪڇ جي رڻ واري کاڙيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، تڏهن سنڌ جي هيءَ پراڻي ماٿري سرسبز ۽ آباد هئي.
روهڙيءَ ڀرسان الور جو پراڻو شهر آهي، جيڪو هزهائينس مير علي مراد جي حڪومت ۾ شامل آهي، جيڪا انگريزي حڪومت جي حدن ۾ اچي ٿي، ان متعلق به ٿوري معلومات ملي ٿي، پر هتان اوهان انگريز سرڪار جي حدن ۾ سڌو داخل ٿي ويندا ۽ اتي وري به اوهان قديم آثارن جي بقايات ڏسندا. ليفٽيننٽ جيمس پنهنجي تازي خط ۾ لکيو آهي ته، ”مان نوشهري پرڳڻي جي هڪ پراڻي شهر کي ڏسڻ ويس پر مون اتان ڪجهه به ڪونه لڌو. اتي کندڙ تي آهن ئي ڪونه، فقط هڪ شي پراڻي تهذيب کي ظاهر ڪري ٿي، اها آهي بي شمار سروٽن جا انبار، جيڪي چوڌاري زمين تي پکڙيا پيا آهن. موري جي پرڳڻي ۾ جيڪو نوشهري ڀر سان ڏکڻ طرف آهي، هڪ ٻه اهڙا هنڌ آهن. سندن گڏيل ڏيک ۽ ماڳن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ جي ڪنهن گهراڻي جي حڪومت ۾ جڏهن هيءُ درياهه وهندو هو ته ضرور ان جي ڪناري يا ڀرپاسي ڪيترن ئي وڏن يا ننڍن شهرن جون قطارون آباد هونديون.“
”هنن ماڳن کان ڏکڻ ۾ وري برهمڻ آباد آهن، ٿورو اڳي کپري ۽ عمرڪوٽ جي وچ تي مون ڪيترن ٻين کنڊر ۽ وڏن شهرن جي آثارن بابت ٻڌو آهي ۽ وري رڻ ڪڇ جي سرحد جي ڀرسان پراڻي بدين جا کنڊر آهن. هنن کنڊرن جي ڀرپاسي ۾ اهڙا ٻيا به کنڊر هوندا ڇو ته ملڪ جي ان ڀاڱي جي معلومات مون کي تمام گهٽ آهي.“
ليفٽيننٽ پاٽينجر 1834ع ۾ پنهنجي تحرير ذريعي ٻڌائي ٿو ته: خيرپور کان اٽڪل ويهه ميل ڏکڻ يا ٿورو اوڀر تي ڏکڻ طرف، انهن هڪ سڪي ويل واهڙ جو پراڻو پيٽ ڏٺو، جيڪو ڄڻ ته ڪو وڏي درياهه جو حصو هو. اولاهين ڪپر سان ڪجهه سفر ڪرڻ کانپوءِ سنڌي وڏيرا جيڪي مون کي ملڻ ۽ سڄي سفارت جي استقبال ڪرڻ آيا هئا، تن اشارو ڪري هڪ وڏي شهر جا کنڊر ڏيکاريا، جنهن کي هنن محراب پور سڏيو ٿي. هيٺ حاشيي ۾ لکي ٿو ته: ليفٽيننٽ ڊي- ايل هوسٽي حيدرآباد کان خيرپور ويندي، جڏهن ٻنهي شهرن جي وچ تي پهتو ته هڪ ويران علائقي مان گذريو، جيڪو وڻن سان ڍڪيل هو. انهن وچ ۾ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جا پراڻا کنڊر هئا.
پر اهي کنڊر تيزيءَ سان مٽبا ڊهندا پيا وڃن. جيئن ته اهي سروٽن تي مشتمل آهن، تنهنڪري ريلوي ۽ آبپاشيءَ جا انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ملڪ جي هن حصي ۾ مذڪوره تعميراتي ڪم ۾ اهي استعمال ڪيا آهن. هنن اکرن جي لکڻ تائين ريلوي پٽڙيءَ تي ڪنڪريٽ طور هن خام مواد کي ڪتب آنديو ويو هو. اهڙي تباهيءَ جي باوجود ڪي اهڙا هنڌ به آهن جيئن ونجنوٽ ۽ برهمڻ آباد؛ جتي کنڊر گهڻو ڪري پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود آهن. برهمڻ آباد ۾ سروٽا ايتري ته وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن جو اهي ڊگهي عرصي ۽ وڏيءَ جدوجهد کان پوءِ به صاف ڪري نه سگهيا.
اهڙن پراڻن ماڳن جي سڃاڻ اهڙو معاملو آهي، جنهن قديم آثارن جي شاگردن کي موهي رکيو آهي توڙيجو ڪا معتبر ثابتي نه ٿي ملي، ته به اهي وڌيڪ دلچسپ بنجي ٿا وڃن. جيئن ته تضاد ۽ اختلاف راءِ جو امڪان گهٽ هوندو آهي، تنهن ڪري هر ڪنهن کي سهڻن نظرين گهڙن جي هورا کورا لڳل هوندي آهي ۽ سوچيندي ويچاريندي ڪنهن خوشفهميءَ واري تصور ۾ اچي ويندا آهن. پر جڏهن ڪو وڌيڪ کوجنا ڪندو ته کيس هلڪي پوري پوري ڪوڙي حقيقت معلوم ٿي ويندي. جهڙوڪ اڪيريل سر يا ڪنهن پٿر تي لکت، جيڪا هڪدم پاڻ ظاهر ڪري ٿي وجهي ته هو ويچارو وائڙو ٿي ويندو. گهڻا پراڻا دڙاجيڪي مٿاڇري جي ڏسڻ سان سادا لڳندا آهن پر جيڪي منجهن اندر هوندو آهي، تن جو ڪوبه اندازو لڳائي نه سگهندو آهي. کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو ته، اتي ٻڌ ڌرم، جي اسٽوپا جو هيٺيون حصو پوريل هو، جنهن کي ڪيتريون صديون اڳ وڏي شان ۽ محنت سان جوڙيو ويو هو ۽ سمجهيو ويو هو ته اهي اڻ مٽ ۽ ابناس هئا. جيڪي جوڙيندڙن پنهنجي دل جي گهراين سان ٺاهيا ۽ سندن آرزو هوندي ته هي سٺا عمل سندن مرڻ کان پوءِ به باقي رهندا ۽ مقدر جي بئنڪ ۾ سندن کاتي ۾ هميشو وڌندا ئي رهندا. هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته بي شمار دڙا اهڙا آهن، جيڪي ماهرن جي اکين کي ڇڪڻ ۽ چنجور ۽ ڪوڏر آڏو سر جهڪائڻ جي انتظار ۾ آهن. انهن متعلق برٽن ڪيترا سال اڳ لکي چڪو آهي: هي مٽيءَ جا گول منارا آهن، پر ڪي گهنٽا گهر ناهن. اهي ڪن روايتن کي پڪي ڪرڻ لاءِ ڄڻ ڪِلَ آهن. امڪان آهي ته ڪجهه وقت اڳتي هلي قديم آثارن تي بحث ڪرڻ لاءِ اهي ڪو مواد فراهم ڪن.
وچئين دور وارن کنڊرن مان سنڌ ۾ عملي طور ڪجهه به رهيل ڪونهي. يا ته تمام ٿورو ٻاهر ڪڍيو ويو آهي سو به، سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر واريءَ ڪنڊ جي ٻن جاڙن شهرن وير واهه ۽ ننگر پارڪر مان، اهي شهر اڳتي هلي مرحلي وار جاچيا ويندا. اتان، گهڻا سال اڳ، تراشيل پٿر ڪراچيءَ واري عجائب گهر ۾ آندا ويا هئا. ٽين نمبر تصوير ننگرپارڪر مان ڪنهن در جو آندل تاڪ ڏسجي ٿي. پر اهڙيون شاندار جايون ڪنهن زماني سنڌ ۾ موجود هيون. اسان کي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ديبل واري مندر مان آندل سامان مان، ٺٽي ۾ ڄام نندي وارو مقبرو جوڙيو ويو. لاهري بندر واري هندن جي مندر کي مسجد ۾ بدلايو ويو ۽ ٻيا به ڪيترا مندر هئا، جيڪي عربن حملي دوران تباه ڪيا. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته سنڌ اهڙين شين کان خالي هوندي. اتر طرف ملتان ڪو گهڻو پري ته نه اهي، جتي تمام سهڻو ۽ تارريخي سورج ديوتا جو مندر آهي. اهڙيءَ طرح ڪاٺياواڙ گجرات ۽ راجپوتانا به اوڀر ڏس تي آهن، جيڪي تاريخي جاين سان ڀريا پيا آهن. جن جا قديم آثار اڄ به اسان کي انهن جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. پر سنڌ بت شڪن عربن جي حملن جا ڏنڀ سٺا آهن، جيڪي اسلام جي تازن جذبن سان سرشار هئا ۽ اهڙيءَ طرح گهڻو ڪجهه وڃايو ويو. ان وقت کان وٺي هي صوبو مسلمان حڪمرانيءَ هيٺ يهرو ۽ هندو جيڪي بت پرست هئا، سي هيڻا رهيا.
ڪجهه سال اڳ، هڪ وڏيءَ دلچسپيءَ واري شيءِ لڌي وئي آهي. ميرپورخاص جي ڀرسان هر ڪاهيندي، پتل يا ڪنجهي جو ٺهيل بت لڌيو ويو آهي، جيڪو برهما ديوتا جو آهي، (پليٽ1) اهو بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪنهن مندر جو هوندو. ان بت جي ٺاهڻ واريءَ هنر مندي، قد ۽ ماپ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، مندر جنهن ۾ اهو رکيو ويو هوندو سو وڏيءَ تعميراتي اهميت وارو هوندو. اها ڄاڻ به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندي ته عربن کان اڳ انهن جڳهن جوڙڻ ۾ ڪهڙو سامان ڪتب ايندو هو. جيڪڏهن اهو پٿر هو ته پري کان آندو ويو هوندو يا سرون هونديون ته انهن کي ٺپي سان يا اُڪيري سهڻو بنايو ويو هوندو. اهڙيون ڪي تعميراتون، مڌيو پرديش (Central Province) جي اوڀارئين ضلعي ۾ پراڻن سرن جي ٺهيل مندرن ٧ اسٽوپا جي صورت ۾ ڏٺيون ويون آهن.
هن برهما ديوتا جي بت جي اوچائي ٽي فوٽ ٻه انچ آهي. اصل ۾ ان کي هڪ جاءِ تي پڪو ڪري بيهارڻ لاءِ ٻنهي پيرن ۾ پکڙيون لڳل آهن. سندس ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، چار منهن اٿس. پاسن ۽ پٺيءَ وارا منهن، سامهون واري منهن کان ننڍڙا آهن، وار چڱيءَ پر سنواريل اٿس. کيس رڳو ٻه ٻانهون اهن، ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سندس کاٻي هٿ ۾ مالا يا تسبيح آهي. ڏسڻي آڱر ۽ اڱوٺو ڄڻ مڻين ڳڻڻ واريءَ صورت ۾ آهن. ساڄو هٿ مٿي موڙيل ۽ هٿ جي تريءَ جو رخ تن ڏانهن رکيل آهي. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته ڪو ڪتاب يا ويد هٿ ۾ جهليل اٿس. هن اڪيليءَ مورتيءَ جي ملڻ ڪري سندس دور جو اندازو لڳائڻ بلڪل ڏکيو ٿيندو. منهنجو گمان اهي ته هي عرب دور کان اڳ جو جوڙيل آهي. جيڪا شيءِ سندس کاٻي ڪلهي تي لڙڪيل آهي، سا ڪنهن هرڻ جي کل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ٻي صورت ۾ اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چيلهه کان وٺي پيرن جي مرن تائين کيس هڪ ئي اوڇڻ ڍڪيل آهي، جڻيون سندس کاٻي ڪلهي ۾ لڙڪي رهيو آهي. سندس اڌ کليل اکوين، ميرپورخاص مان لڌل اسٽوپا جي گوتم ٻڌ واريءَ مورتي وانگر آهن. وچولي دور ۾ برهما ديوتا جي پوڄا وڏي اختلاف سان شروع ٿي.
هاڻي اسان اسلامي دور ڏانهن اچون ٿا، جنهن ۾ اسان کي ڪجهه روشني ملي ٿي. هندو واقعن جي وچور رکڻ (تاريخ) ۾ ڏاڍو جڏو هو، پر مسلمان ڄڻ ڄمندي ئي مورخ بڻجي ٿو. اسان مسلمانن جي قلم کان گهڻو ڪجهه ورتو آهي. پر اهو مذهبي تعصب سان اهڙو ته گڏجي سڏجي ويو آهي، جو اڪثر سچ ۽ ڪوڙ کي الڳ ڪري بيهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
عربن تباهي ڪئي پر تعمير ڪانه ڪئي. اهي اولهه طرف کان پهريان حمله آور هئا، جن پنهنجي نئين قائم ڪيل مذهب جي پرجوش تبليغ واسطي، هندن ۽ ٻڌن جي مذهبي جاين کي ظلم جو شڪار بنايو.
انهن تباه ٿيل جڳهن ۾ کين گهڻو ئي سامان نظر آيو، جيڪو هنن مسجدون تعمير ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ۽ ٻين تڪڙين ضرورتن ۾ ڪتب آندو. تعميرات جي مد ۾ عربن بس اهو ڪجهه ڪيو ۽ ٻيو هنن ڪٿي ڪٿي قلعن جي ٿوري گهڻي مرمت ڪئي. اهي ڪچي قسم جون ناپائدار عمارتون هيون، جن جا ڪي ٿورا نشان وڃي رهيا آهن. اهي عاليشان عمارتون ۽ قبا جيڪي پوئين دور جي سنڌي حڪمرانن بنايا، سي سندن دلين کي ڪونه وڻيا. هو ڌاريا ۽ عارضي حڪمران هئا ۽ پنهنجي ڪٽنبن کان سواءِ رهندا هئا. حڪمران اولهه کان دور دراز خلافت طرفان مقرر ٿي ايندا هئا، جن ڪڏهن به هن ملڪ کي پنهنجو دائمي گهر ڪري ڪونه سمجهيو. پر جڏهن اسان پوئين وقت جي سردارن واري دور ۾ پهچون ٿا ته، اسان کين پنهنجن بزرگن لاءِ عاليشان خانقاهون ٺهرائيندي پنهنجي لاءِ ديده زڳب مقبرا تعمير ڪرائيندي ڏسون ٿا. سنڌ سرن جو ملڪ آهي، اهي تعميراتي سامان ۾ جتي ڪٿي نظر اينديون. انهن جي هيٺان پٿرن جا بنياد ڏنا ويا آهن، جيئن انهن کي ڪلر جي لوڻياٺ واري اندروني تباهيءَ کان روڪي سگهجي. جيڪي زمين کان اسري سرن جي اوساريءَ کي هڻي کنا کيڙا ڪري رکن ٿا. ٻڌ دور واريون ٺپي يا اُڪر جي ڪم سان سينگاريل سهڻيون سرون، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بلڪل ختم ٿي ويون آهن. اهي تعميراتون پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا جي واسطي، ڪاشيءَ جي رنگين ۽ چمڪندر سرن تي مدار رکنديون هيون، جيڪي ايران مان سنڌ ۾ آيون، جن جي صنعت نئين گهر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. احمد شاه جيڪو احمد آباد جو حڪمران هو، تنهن پنهنجي دارالسطنت کي بي شمار مسجدن سان سينگاريو. انهن مان ڪيتريون ته هندستان اندر هندو- مسلم تعمير جو نادر نمونو اهن ۽ سندس مقبرو انهن جي مقابلي ۾ ٻئي درجي جي تعمير آهي. پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي حڪمرانن مرڻ کان پوءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي شخصي شان ۽ شوڪت کي خدا جي گهر (مسجد) کان اعليٰ ۽ اتم سمجهيو. سواءِ جامع مسجد ٺٽي جي جيڪا سندن تعمير نه آهي اهڙي طرح ڪي ٿورڙيون مسجدون آهن جن جي تعمير جي تعريف سندن ليکي ۾ آڻي سگهجي ٿي.
جيتوڻيڪ پراڻين اڏاوتن کي ڪاشيءَ جي چمڪندڙ سرن سان خوبصورت ۽ خاص انداز ۾ ڏاڍو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي، خاص طور پوئينءَ دور جي تعمير ۾ نيري ۽ اڇي رنگ واري طرز کي ڏاڍو ڀڀڪيدار بنايو ويو آهي ۽ منجهس ڪچي رنگ جي جهرمر به شامل اهي. ان جي باوجود به اهڙن مقبرن جي تعمير ڪاريگريءَ جو ڪمال نه چئبي. اهڙي قسم جون اڏاوتون ڏسڻ ۾ ڳوريون ۽ بي ڊوليون اهن، پر ڪنهن حد تائين سهڻن ڪلن يا قبي تي ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ واري هٿ لڳائڻ ڪري يا ان جي مٿان خوبصورت منارن تعمير ڪرڻ جي سبب چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هندستان اندر تمام ٿوريون آهن. (ڏسو شروعاتي صفحن واري تصوير) اهي قبيون، اصولي طور تي، وڏا مخروطي قسم جا سرن جا ونگ آهن، جن جي مٿان قبي جو ”ڳورو اڌ گول“ تعمير ڪيو ويندو آهي ۽ جنهن ۾ سامهون واري پاسي کان ٻيا ٽي پاسا ٻُسا هوندا آهن، منجهن هلڪا ٻارا رکي جان ڇڏائي ويندي آهي گهڻو ڪري سڀني کي هڪ ئي دروازو هوندو آهي، جيڪو قبي جي موڪراڻ ۽ ڳورين ڀتين جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙو محسوس ٿيندو آهي. لنگهه وٽ ڏيڍي يا پيش دالان ڪونه هوندو آهي، جنهن مان شان شوڪت ظاهر ٿئي. بس ڄڻ ڪو ڀت ۾ تاڪن سان ويڪرو ٽنگڙو هوندو آهي. انهن اوڻاين جي باوجود سندن پکير ۽ وزن اثر پذير آهي. وڏي وقت گذرڻ بي توجهي جو شڪار هوندي، اهي بهتر ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ان کان به بهتر هوندا جڏهن تازا هئا ۽ ڪاريگرن جي هٿان ٺهي تيار ٿيا هئا. انهن مان بهترين طرز واريون اهي اڏاوتون آهن، جيڪي پٿرن جي ٺلهن تي جوڙيون ويون آهن، جن تي فتح پور سيڪري واري طرز تي نقش و نگار ڪئي وئي آهي، جنهن جو سٺو مظال مرزا عيسيٰ جو ٺٽي وارو مقبرو آهي. سنڌ ۾ سنگ مرمر تمام ٿورو استعمال ڪيو ويو آهي، فقط قبرن تي مٿان سرن طور يا جاين جي ڪٽهڙن ۾ نظر ايندو. تعجب جي ڳالهه اها اهي ته پنهنجي شرعت هوندي به هند جي شهزادن جو، پنهنجي ٿڪل هڏن کي رکڻ لاءِ، شاندار جڳهن ٺهرائڻ، طرف دلي لاڙو رهيو آهي. اسلام جي سخت قانون مطابق قبرن مٿان شاندار قبا يا يادگار جوڙائڻ جي منع ٿيل آهي. قبر مٿان گرانٺ جي ماپ جيتري بُٺي تعمير ڪري سگهجي ٿي، سا به ڪچين سرن جي، جنهن تي چوني جو گارو يا ٻي تعمير جي منع آهي. جابر رضه جيڪو محمد ﷺ جو صحابي چيو وڃي ٿو، ان کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ قبر مٿان چوني سان اوساري ڪرڻ ۽ انهن تي لکڻ جي به منع ڪئي هئي. بهانو اهو ڏنو وڃي ٿو ته قبو قبر جو بچاءَ آهي، پر انهن ۾ وڏي شان شوڪت سان پٿرن مان جوڙيل مزار هيٺان ڪا سچي پچي اصلي قبر ڪانه هوندي آهي، اها عام طور تي ڪنهن قبي هيٺان هجڻ کپي: جيڪا ڏسي ئي ڪانه سگهبي آهي. اها حقيقت ان منع نامي جي سچائيءَ کي هٿي ڏئي ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته نواب امير خليل خان، جيڪو مڪليءَ ٽڪريءَ تي ٺٽي ۾ دفن ٿيل آهي، سو اڏيو ته باضمير انسان هو، جو هن وصيعت ڪئي هئي ته سندس لاش، سندس ٺهرايل قبي ۾ دفن نه ڪجو، جيڪو هن ڪڏهن بي خبري واريءَ عمر ۾ جوڙايو هو. پر سندس لاش ان قبي جي پاسي ۾ پورجو.
هنن پراڻن جاين مان ڪيترين ئي ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري ناس ٿي ويون. ڪئپٽن وُڊ ٻڌائي ٿو ته 1819ع واري ڌرتيءَ جي ڌوڏي تمام گهڻو نقصان ڪيو. جنهن جو اثر پونا جي ديرا دون شهر تائين محسوس ڪيو ويو. اسان کي خبر آهي ته ان جي ڪري گجرات جي پراڻين مسجدن ۽ ٻين جڳهن کي ڏاڍو ڇيهو رسيو. ليفٽيننٽ اليگزيندڙ برنس ٻڌائي ٿو ته: رڻ جي ”سندري“ وٽ ان جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن ڪر يوڏيون تبديليون آيون ۽ ٻوڏ به آئي، ان لڏي ۾ سنڌ جو رهاڪو پڻ متاثر معلوم ٿئي ٿو. انهن پنهنجي ملڪ جي گهڻو ڪري سڀني پراڻين جاين ڪرڻ ۽ تباه ٿيڻ جي چٽي پٽي سبب کي سمجهي ورتو. پر ٺٽي ۽ خدا آباد ضلع دادوءَ جي ڪاشيءَ جي سرن کي ڪنهن بي رحم ماڻهن جي آڱرين تباه ڪري ڇڏيو. ٻي حالت ۾ جيئن غلام شاهه جو قبو جيڪو حيدرآباد ۾ آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جي سرن جو جڙاءُ سادي نموني ڪيو ويو هو، سي ڀتين تان اکڙي اچي پٽ پيون آهن.
سنڌ ۾ سڪن جي قدامت کي گهٽ حيثيت آهي، جهه هند- ساساني- هڪ يا ٻه هند- پارٿين، ڪشن يا ڪشاتراپا جا، ڪجهه ڪٽيل سٽيل عربي دور جا، ڪجهه مقامي، ڪجهه ٻاهران آيل ٿورا ڪجهه ٻيا سڪا جن تي سنسڪرت جا اکر آهن، اها ئي سموري مڏي آهي، جيڪا اسان هن وقت تائين مطالعي واسطي گڏ ڪري سگهيا آهيون. پوئين دور جا مسلمان حڪمران ڪابل ۽ دهلي جا سڪا استعمال ڪندا هئا، جيڪي مختلف دورن ۾ ڪنهن حد تائين انهن جا ڏن ڀرو هئا.

[b](سنڌ جا قديم آثار ص 1 کان 23)[/b]

________________________
 سنڌو درياه جي وهڪري جو پيٽ اوري پري اهو ساڳيو رهيو آهي، جيڪو هزارن سالن کان وٺي اڄ تائين قائم دائم آهي. اهو غلط خيال آهي ته هي اوڀر کان اولهه طرف سفر ڪندو آيو آهي. جيڪڏهن ايئن اهي ته موهن جي دڙي واريون هيٺيئن تهن واريون تمام پراڻيون تهذيبون ۽ ڪوٽ ڏجي ۽ ناري جي دڙي واريون مهراڻ درياهه واريون تهذيبون هڪ وقت ڪيئن وجود ۾ آيون؟ ڪي چون ٿا ته مهراڻ ۽ هاڪڙو درياهه نه آهن. ته پوءِ نربدا، ڪاويري، هوگلي، جهلم، راوي، ستلج، بياس ۽ چناب به مڪمل درياهه نه چئبا. پر انهن کي مڪمل درياهه سڏيو وڃي ٿو. (مترجم)
 ايليٽ هسٽري آف انڊيا جلد- 1 ص 256
 معزز مصنف جو خيال آهي ته مهراڻ ۽ هاڪڙي جي سڪي وڃڻ ڪري سمورو پاڻي باقي وهندڙ درياهه جي هڪ شاخ ۾ وهڻ لڳو ۽ گهڻي پاڻي هجڻ ڪري سنڌو درياهه پنهنجون جايون بدلائڻ لڳو. پر حقيقت هيءَ اهي ته مهراڻ ۽ هاڪڙي جي سڪي وڃڻ جا سبب پاڻيءَ گهٽ هجڻ ڪري ٿيا. ڇاڪاڻ جو سرسوتي، گهاگهرو، ڇتاگ درياءَ سڪي ويا. ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري ستلج راوي چناب بياس ۽ جهلم ۾ پاڻيءَ جو مقدار ٿورو اچڻ لڳو. جاگرافيائي تبديلين ۽ لٽ پوڻ ڪري ندين جو ميلاپ جيڪو بهاولپور ڊويزن ۾ ٿيندو هو سو اتر اولهه طرف سرڪي وڃي پنجند وٽ بيٺو. اهو پاڻي هاڪڙي بجاءِ سڌوسنئون سنڌو درياهه ۾ وهڻ لڳو ۽ سنڌو رخ بدلائي الور بدران روهڙي کان وهڻ لڳو. (مترجم)
 ڏسو ريورٽي جو مهران آف سنڌ (جرنل رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال، LXI، صدوا، 1892 ص 1309 ۾ هئگ جي چوڻ مطابق انهن وهڪرن واري زمين ٺڪرين ۽ سروٽن سان ڀري پئي آهي. مسافر انهن ٺڪرين ۽ سروٽن کي ڏسي ماضيءَ جي ڪنهن شاندار دور جو اندازو لڳائيندا آهن. (انڊس ڊيلٽا ڪنٽري- ص 70) جيئن مون ڪٿي لکيو آهي، ته ڪنارن تي پکڙيل ٺڪرين ۽ سروٽن مان ڪنهن فوجي چرپر ۽ ڪئمپ جي نشاندهي ٿئي ٿي.
 ڪئپٽن وُڊ- جنهن 8-1837ع ۾ سنڌ ۾ سفر ڪيو ۽ دوآبي ۾ حجامڙي جي منهن مان گهڙيو، تنهن دچ جنگي جهاز جو ڪڻٺو (کوکو) ڏٺو، جيڪو ڀرپاسي ۾ گتو پيو هو- جنهن مان پڻ سنڌو درياهه جي رخ بدلائڻ جي ثابتي ملي ٿي. (A Journey to the source of oxus. P-2)
 پرسنل آبزرويشن آف سنڌ، ص 18.
 مهراڻ آف سنڌ، س 317 حاشيه ص 468 ۽ 469
ان کي وڏو مهراڻ، سنڌ ساگر، واهندا، باهندا واهند ساگر ۽ منڍ کان وٺي سمنڊ تائين سانڪراه به سڏجي ٿو.
 ماٿري جنهن مان هيءُ وهڪرو گذريو ٿي، سو اڪيچار ڍنڍن سان ڀريو پيو آهي. جن جو تعداد اٽڪل چار سو کن ٿيندو. انهن مان ڪن جي ڊيگهه ٽي ميل کن به آهي اولهه نارو سنڌو درياهه جي ٻئي طرف آهي جيڪو لاڙڪاڻي کان هلي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. (سنڌ گريٽر 589-686، برٽن سنڌ ري وزي ٽيڊ چيپٽر (269-XXIX)
 ايليٽ هسٽري آف انڊيا جلد1، 12
 مهراڻ آف سنڌ 466، 467
 انڊس ڊيلٽا ڪنٽري: هنن ٻنهي مصنفن 10 صديءَ ۾ پاڻ سنڌ ڏٺي هئي.
 سنڌ ري وزي ٽيڊ- آر- ايف برٽن، جلد1 ص 202
 جيستائين سندس ”ڪنب“ اهو ٿئي جنهن جي ڪناري تي سيسم اڏيل هو، جيڪو نيرون کان سيوهڻ جي طرف هو.
 ابن حوقل چوي ٿو ته مهراڻ ندي جيحون مان وهي ٿي جيڪا ملتان کان اچي ٿي، اها بامسمد ۽ منصوره کان ٿيندي ديبل کان اوڀر، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. (ترجمو اوسلي ص 147)
 مهراڻ آف سنڌ- 297
 گلئڊون جو ترجمو ص 111.
 ابن حوقل جنهن 976ع ۾ لکيو آهي. چوي ٿو ته ”جيڪو منصوره ٻڌا جي طرف سفر ڪندو تنهن کي مهراڻ درياهه جي ڪناري سان وڃنو پوندو، جيستائين هو سيوستان (سيوهڻ) پهچي، (ايليٽ: هسٽري آف انڊيا ص 39)
 جيڪڏهن روهڙي ۽ سکر جي وچ وارو وهڪرو هاڪڙي جي اولاهينءَ شاخ جو سمجهڻ گهرجي ته سنڌو درياهه جي موجوده وهڪرو، جيڪو روهڙي، ۽ سکر جي وچان وهي رهيو آهي، تنهنجو گس ڪٿان هئڻ گهرجي؟
 ڪننگهام چوي ٿو ته اها تبديلي راجا ڏاهر جي زماني ۾ واقع ٿي. حقيقت ۾ اهو غلط آهي. پر اها راجا دلوراءِ جي زماني ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ ٿي، جڏهن هندن عربن کان پنهنجي هر چيز واپس ورتي. دلوراءِ جي ڳالهه بکر جي بيان ۾ ايندي. (هه- ڪ)