اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تو ڳائين ها
ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو!
اي ڪاش اُهو تو پائين ها
جو هار هوائن ۾ لڏندي
ڪلهه تانتيا ٽوپِي پاتو هو!
تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇِڪّ ڇڪيندي آ؛
ڄڻ او ڊائر جي ڪا گولي
اڄ تائين توکي تاڙي ٿِي
۽ تنهنجا تُنهنجي مقتل ڏي
ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿِي،
تاريخ بکايل چيتي جئن
چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿِي.
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنهن آزاديءَ جا گيت چيَئه
سا آزادي ڪِٿ نيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
سا آزادي ڪئن اينديِ آ!