پيار پکيءَ جئن ايندو آهي
آکيرو به اَڏيندو آهي،
روهه مٿان روها کيءَ وانگر
پو به اُڏامي ويندو آهي،
ڌيمِي آهي وهڪ نديءَ جي
ونجهه ٿڌيرا ساهه کڻن ٿا،
پتڻ مٿان پاڇاوان مون کي
سِجَ لٿي جا ڪو نه وڻن ٿا.
ڪونجن جي ڪُڻڪار ڪَچي ۾ -
هَيءَ هَيءَ جيءُ جهڄي پيو آهي
اڄ جو ڪو ڪَرلاهُو* ڪونهي
منهنجو هيانؤ هڄي پيو آهي.
پُٺ تي پير ورن ٿا منهنجا
ريت رات جي گهيري ۾ آ
تارن جي ٽم ٽم جئن منهنجي
آشا گهور انڌيري ۾ آ
پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي
نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي،
آکيرا اُن لاءِ اَجايا
ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي.
______
* ڪَرلاهو – خبر رکندڙ، همدرد