شاعري

رڻ تي رم جهم

ماھتاب محبوب لکي ٿي: ”اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مھل، پڙهندڙ عجيب قسم جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون کيس پنهنجي ايڏو تہ ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو محسوس ڪندو تہ هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾ هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نہ هو.“

  • 4.5/5.0
  • 103
  • 27
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڻ تي رم جهم

تون پري سُتل آهين

تون پري سُتل آهين
رات ڄڻ ته هرڻيءَ جان
دور آهه چشمي کان-
ويندي چنڊ سانوڻ جو
تو ڏي مون ڏي گهوري ٿو
ڪيتريءَ نه حيرت مان!
***

سَروَ جي درختن کي
چاندني چُمي ٿي پَئي
چنڊ سون – وَرنو آ-
ڇانوَ ۾ ٻَٻُر جي مان
چَپَّ ٿو چُمان تنهنجا
نِنڊَ ڄام شورو آ.

***

توکي مون چُميو آهي
تنهنجي جسم ۾ آهي
اڄ گلاب جي خوشبو،
روپ رنگ ۾ تنهنجي
انگ انگ ۾ تنهنجي
منهنجي خواب جي خوشبو.

***

توکي مون چميو آهي
تنهنجي جسم ۾ آهي
اڄ شراب جي خوشبو،
جو صديُن چِڪايو آ
آ رچي وَئي تو ۾
اهڙي خواب جي خوشبو.

***

ڀيٽ توسان ڪهڙي آ
تون سوين سُڳنڌون آن
گُل – سُڳنڌ ساڳي آ!
اي بسنت جئن جوڀن
تون هزار هُٻڪارون
توڙي مُند ساڳي آ.

***

انب ٻوڪيا آهن
۽ ڪٿان جون ڪويَليون
باغ ۾ مِڙيون آهن!
ڏِسُ بسنت جو جادو
تن جي ڪوڪ تي ڪيڏيون
اڄ ڪَليون ٽِڙيون آهن!

***

انبڙيون ٿيون آهن
ڏينهن ۾ تپت آهي
چيٽ جو مهينو آ؛
تون ڪٿان اچين ٿي پَئي
موتين جيان تو تي
پنڌ ۾ پسينو آ!

***

ڪوٽڙيءَ جي پُل تان تون
وِچّ سِير ۾ گهوري
شام جو پَئي سوچين،
’عمر سِير وانگر آ،‘
ڇا اهو پَئي سوچين!

***

اي اُڏامندڙ پوپٽ!
ڇا تون منهنجي سرتيءَ جي
سنگ ۾ رهيو آهين؟
روپ جو پُڄاري آن
روز ڪنهن نئين گُل جي
رنگ ۾ رهيو آهين؟

***

جاڳَ ڇا ڏنو آهي؟
ننڊ هڪ پَرندو آ
ننڊ ئي ته لوچيو آ؛
ننڊ ۾ پُڄن ٿا ٿَرِ
مورَ پڃّرا ڊاهي،
ڪنهن اهو به سوچيو آ!

***

تنهنجا هَٿ چُمين کان پو
ڄڻ ٽڙي پيا آهن
مينهن ۾ گلابن جئن؛
ڪائنات گونجي ٿي
ڇا وڄي رهيو آهي
روح ۾ ربابن جئن!

***

چاندني پکيڙين ٿي
تِلڪُ تنهنجي ماٿي تي
چنڊ جئن کڙيل آهي؛
ڄڻ بسنت آيو آ
تنهنجو چمپئِي جوڀن
ايترو ٽِڙيل آهي!

***

مون چيو ”تون خواب آهين“
تو چيو، ”ڇُهي ڏس تون
”ڪيمخواب جئن آهيان؛
”تنهنجي ٻانهن جي ٽاريءَ
”تي ٽڙي پَئي آهيان،
”ڪنهن گُلاب جئن آهيان“

***

مون چيو، ”گُلِ بخمل
”ڇو ڏسي رهي آهين
”هي ته تو جيان ناهي!
”تون هزار خوشبوئون
”هِن جو رنگ تو جهڙو
”بُو مگر ڪٿي آهي؟“

***

ماڪ جو ڪرشمو آ
رات رات ۾ مُکڙي
ڄڻ ٽِڙي پَئي آهي؛
بات بات ڄڻ تنهنجي
ڪنهن ستار جئن پياري
اڄ ڇِڙي پَئي آهي.

***

مون کي جئن چمين ٿي تون
تنهنجا چَپ شعلن جئن
منهنجا چَپ ٻارِن ٿا،
تنهنجا پيار اي سَرتي
وارَ وارَ تي منهنجي
ڪائنات وارِن ٿا.

***

نيٺ هي ڇڻي ويندا
ڇَڏ ته گُل جوانيءَ جا
مُند ۾ ڇِنون پياري!
مُند ئي ته سڀڪجهه آ
ڳالهڙيون وڃي رهنديون
انت مُند جون پياري!

***