مِرت لوڪ ۾ سڀ ڪجهه آهي
ديـٖـوَ لوڪ* ۾ ڇاهي!
مِرت لوڪ ۾ نَئنَ ڪٽوريون
مدرا رس ڇُلڪائڻ واريون
ڀورِ سَمئه ڇُلڪائڻ واريون
نِيرُ ڀري من ڀائڻ واريون
سُپنن جي بازار لڳي آ
ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ
موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون
من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ
ننڊ ڀريون نؤورنيون ڪيئي
جن جي مَهڪ هوائن ۾ آ،
تن جـٖـي ٻکّ نه لکّ، ته ڪوئي
جهاتِر چنڊ گهٽائن ۾ آ
سانوڻ جي وسڪار ٿئي ٿَي
جهُڙ ۾ وڄُّ – جهپاٽا آهن
متوارن تي مينهن وسن ٿا
مڌ جا ماٽا گهاٽا آهن
مِرت لوڪ ۾ ماڻهو ماڻهو
پنڌ ڪندي پاٻوهيل آهي
ڪيئي کيل کِلونا، هن جو
ٻارن جئن من موهيل آهي
ديوَ لوڪ ۾ دونهون آهي
مِرت لوڪ آ دَرپَن* وانگر
جنهن جي سانت سُريلي آهي
چانڊوڪيءَ ۾ مڌوبن وانگر
جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ
ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن
مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي
دهڪي آهي دانهن دِلين جئن
مِرت لوڪ جا لُڙڪ اکين ۾
ماڪ ڦڙن جئن پيارا آهن
راتين جي راتاهن تي ڄڻ
ڀيڄ ڀنيءَ جا تارا آهن
______
* مِرت لوڪ – موت جي دنيا
* ديو لوڪ – ديوتائن جي دنيا