2
ارسل ڇھن سالن جو ھو ۽ اينا چئن سالن جي، ھو ٻنهي جي معصوم ڳالهين تي کلندو ۽ لطف وٺندو رھيو.
”توھان اڄ ڇا ڪيو؟“ ارسل پڇيو.
”اڄ مون پنھنجي Consultants کي مکي ڍنڍ گهمائي.“
”اھي Consultants ڪير آھن؟ ارسل سوال گهڻا ڪندو ھو.
”جيڪي چوٽياري ڊيم ٿا ٺاھين.“ وقار سندس معصوم سوال تي مرڪي پيو.
”ڊيم ڇو ٿا ٺاھين؟“ ارسل حيرت مان پڇيو.
”جيئن پاڻي کي محفوظ ڪري سگهجي.“
”پپا، ان پاڻيءَ ۾ مڇيون بہ آھن؟“ ارسل جي لھجي ۾ تجسس ھو.
”ھا.... ھا تمام گهڻيون مڇيون آھن.“ وقار کلندي چيو.
”توھان پاڻ ڏٺيون آھن؟“ ارسل حيرت مان رڙ ڪندي پڇيو.
”نہ مڇيون پاڻيءَ ۾ اندر ترنديون آھن، ڪڏھن ڪڏھن نظر اينديون آھن. ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسنديون آھن. ھتي گهڻو ڪري مھاڻا، ڄار ۾ ڦاسائي، مڇيون ڪناري تي کڻي ايندا آھن.“
”ڄار ۽ ڪوڙڪي ڇا ھوندي آھي؟“ ھڪ ٻيو سوال.
”يار ھن وقت ٿڪل آھيان. سڀاڻي ٻڌائيندس.“
زال سال بہ چند جملا ڳالهائي فون رکي ڇڏيائين.
***
وقار ھونئن تہ سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ڪافي ڪم ڪيو ھو. ھتان جي ٻيلن ۾ موجود اڻلڀ جانورن جو ذڪر ڪيو ھو، پر اڄ اوچتو ھن جو ڌيان فش ايگل ڏانهن کڄي ويو. دنيا مان پکين جا اھي قيمتي نسل ختم ٿي رھيا آھن. ھتي پاڪستان ۾ بہ ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن، جنھن جي ڪري قيمتي ۽ اڻلڀ جانورن جا نسل ختم ٿيندا ٿا وڃن. ماحولياتي گدلاڻ وڌڻ سان، موسمن جي نج پڻي کي نقصان پھتو آھي. ٻئي پاسي سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب، گرمي پد وڌيو آھي، جنھن کي گلوبل وارمنگ جو نالو ڏنو ويو آھي. جيئن سمنڊ جي مٿين سطح تي گرمي وڌندي تہ سمنڊ جي ھيٺين سطح تي آڪسيجن ليول گهٽجي ويندي، جيڪا سامونڊي جيوت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان کانسوءِ پاڻيءَ جي کوٽ بہ وڌي رھي آھي. دنيا ۾ غير فطري ذريعا مروج ٿي رھيا آھن، جيڪي انسان کي فطرت جي سونھن کان پري ڪري رھيا آھن ۽ فطرت بہ انسان طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتي جي ڪري کيس سزا ڏيئي رھي آھي.
وقار ٻئي ڏينھن تي سائيٽ تي لڳل تنبوءَ مان دوربين ذريعي، جوڻيجن جي ماڙي ۾ موجود پکيءَ جو آکيرو ڏسي رھيو ھو. آکيرو وڏي مھارت سان جوڙيو ويو ھو. ھن ڪائنات جي ھر مخلوق گهر ٺاھڻ جو ڏانءُ رکي ٿي. چاھي اھو ھڪ ننڍڙو جيتامڙو ئي ڇو نہ ھجي. ھن پکيءَ جو آکيرو منفرد ھو. ھن وڏي محنت سان پنھنجو گهرڙو جوڙيو ھوندو. ھن ڏٺو پئي تہ پرديسي پکي، گڏوگڏ آسمان جي نيرين وسعتن ۾ اڏامي رھيا ھئا. اڏامندي سندن پَرَ چند گهڙين لاءِ ساڪت ٿي وڃن پيا. اھا گهڙي ھنن لاءِ سڪون واري ھوندي. ھو پنھنجي اڏامڻ جي سگهہ مان مزو ماڻي رھيا ھئا. سياري جي شروعات ۾ اھي پرڏيھي پکي يورپ ۽ وچ ايشيائي رياستن مان لڏ پلاڻ شروع ڪندا آھن ۽ گرم ملڪن ۾اچي سنڌ جي ڪيترن ڍنڍن تي ۽ پاڻيءَ جي ڀرسان وڻن، ٻوٽن يا خالي جاين جي اوچائيءَ تي پنھنجا آکيرا اڏيندا آھن. انهن آکيرن ۾ ٻچا ڏين، پوءِ سياري جي پڄاڻي تي وري ٻيھر انهن ٻچن جو ولر ساڻ ڪري پنھنجي ملڪن ڏانھن واپس وريو وڃن. سنڌ ڏي جنھن رستي سان ھي پکي اچن ٿا ان کي Indus flyway migratory route No.4 سڏيو وڃي ٿو. ان رستي کي Green route سان بہ سڃاتو وڃي ٿو.
پکين جي بہ ڪيتري نہ عجيب زندگي ٿئي ٿي، ھو دوربين مان فش ايگل کي ڏسندي سوچي ٿو. فش ايگل تيزي سان ھيٺ ايندي، پاڻيءَ مان مڇي کي چنبن ۾ ڀري اڏاميو، مڇي، فش ايگل جي چنبن ۾ ڦٿڪي رھي آھي.
ڪائنات جي ھر ننڍي شيءِ وڏي مخلوق جو کاڄ بڻجي ٿي، وقار سوچي ٿو.
ھن جو نالو بہ تڏھن فش ايگل پيو ھوندو، جو سندس گذارو مڇين تي ٿئي ٿو ۽ کيس عقاب بہ ان ڪري سڏين ٿا، جو ھي پکي ھوائي جھاز جيان تيز رفتار آھي. وقار، فش ايگل کي ڏسي رھيو ھو ۽ گڏوگڏ ھن پکيءَ جي باري ۾ اندازا قائم ڪري رھيو ھو.
ان رات ماحوليات جي ٽيم ۽ چوٽياري ڊيم جي انچارج ۽ ٻين ميمبرن کي ڊنر تي گڏ ٿيڻو ھو. ھو ان پکيءَ جي باري ۾ ڊيوڊ کان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪندو. البرٽ ۽ جوليا کي بہ جهنگلي جيوت جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ھئي، پر ڊيوڊ کي وائلڊ لائيف سان ڄڻ تہ عشق ھو. ھو انڊيا، سري لنڪا ۽ ايشيا، آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪري چڪو ھو. وقار جي نظرن فش ايگل کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر پکي شايد مڇيءَ جي شڪار مان لطف اندزو ٿيندا ھوندا، ھن سوچيو.
روشن ۽ خوشگوار فطري خوشبوءِ سان مھڪندڙ ماحول ۾ مھاڻن جون ٻيڙيون پاڻي ۾ تري رھيون ھيون. آسمان جو من موھيندڙ رنگ، ڇولين تي جرڪي رھيو ھو، جتي سج جا ڪرڻا اڳ ۾ ئي روشني ورھائي رھيا ھئا، ان منظر ۾ پرڪشش سادگي ھئي. ٻيلي جا ساوا وڻ ان وقت نيري چادر ۾ ويڙھيل ٿي نظر آيا. ھتي ھر ڏينھن جي پنھنجي الڳ سونھن ۽ رنگ آھن. فطرت جا رنگ بہ موسمن جا تابع آھن. اھو ان تي منحصر آھي تہ ھوا جي وھڪرن جي ڪھڙي رفتار آھي ۽ فضا ۾ مٽيءَ جو تھ ھلڪو آھي يا گھرو. ڪڏھن ڪڏھن تہ مکي ڍنڍ جا رنگ عجيب ٿي ويندا آھن. ھتي رنگن جو ھڪ ڄار وکريل آھي. رنگ ڳالهائيندي محسوس ٿين ٿا. ھن وقت بہ جوڻيجن جي ماڙي، فطرت جي عجيب رنگن ۾ ويڙھيل ھئي. گھري سائي وڻن جي ڌنڌ مٿان، نيري رنگ جو ڪوھيڙو ڇانيل ھو، جنھن مٿان سج جي روشني جرڪي رھي ھئي ۽ مٿي آسمان جي ھلڪي نيري رنگ ۾ سفيد بادل تري رھيا ھئا. عجيب ھارموني آھي فطرت ۾، ھڪ رابطي جي قوت چوپاسي ساھ کڻي رھي ھجي ڄڻ تہ...
***