9
مکي ڍنڍ جي لھرن ۾ رواني آھي. وقار کي مکي ڍنڍ پسند ھئي. سانگهڙ جي ڀرپاسي ۾ ٻيون بہ ڍنڍون آھن، جيڪي چوٽياري کان ٿرپارڪر، نوابشاھ، خيرپور ضلعي کان ٿيندي جمڙائو منڍ جو پاسو ڏيئي ٿر تائين ڦھليل آھن، جنھن ۾ ھٿونگو ۾ ڪاڪاھو ڍنڍ بہ شامل آھي. مکي جي ڪري سانگهڙ جو علائقو سائو ستابو ۽ مڇي جي ڪري پاڻ ڀرو آھي.
سياري جي سج جا ڪرڻا مکي جي لھرن تي رقص ڪري رھيا آھن، ھوا فطري خوشبوءِ سان ڀريل ھئي. تھائين پاڻيءَ جي خوشبوءِ ملي ماحول ۾ ھڪ عجيب نشو ڀري ٿي ڇڏيائين.
ھڪ عجيب سحر آھي، مکيءَ جي ماحول ۾، احساس مکڙي بڻجي ٽڙي پوي ٿو.
آسمان تي سپي اڏامندي پرڙا ھڻي رھي آھي. ڪوڏ ڪٿي نظر نہ آيو. ٿورو پرڀرو اڏامي ويو ھوندو. ھنن پکين جي جوڙيءَ ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھوندو تہ زمين تي رھندڙ ڪجهہ انسان ھنن لاءِ ڪيترا پريشان آھن. پر ھتي انسان کي پاڻ جھڙن ٻين انسانن جو فڪر ناھي.
انسان انسان کان غافل آھي، ھتي.
پر پکين جي مختلف دنيا آھي، ھنن وٽ سمجهہ آھي، پر احساس ناھي. انسانن کي احساس ستائيندو آھي. احساس جا ٻئي پھلو کين تنگ ٿا ڪن، ھڪ منفي آھي ۽ ٻيو مثبت.
منفي پھلو نفرت، بدلي جي خواھش سان ڀرپور آھي. انسان وٽ مثبت رخ گهٽ آھي.
ياد انسان جي احساس کي گهايل ڪري ٿي. پکي ڏک وساري ڇڏيندا آھن.
ھو شعور ۾ متحرڪ ٿين ٿا، لاشعور ھنن وٽ ناھي.
ڪيڏي عجيب ڳالهہ آھي. وقار مٿي ڏٺو. ھاڻي ڪوڏ بہ سپي جي ڀرسان ڏامي رھيو آھي. ٻنهي جي پرن ۾ ھڪ عجيب مستي ڀريل آھي. آزادي جي ھڪ وڻندڙ احساس سمويل ھو ان اڏار ۾. وقار کي ھنن جي اڏامڻ جي سگهہ تي ريس ٿي. پکي مٿي آسمانن تي اڏامن ٿا. زمين جو پورو منظر ڏسي رھيا آھن.
ھن جي دل ۾ بي اختيار پکين لاءِ محبت جو سمنڊ ڇلڻ لڳو.
ھي پکي خوبصورت آھن. ھڪ اوپري زمين کي پنھنجو گهر سمجهي رھيا پيا آھن.
پر انسان مختلف آھن.ھو حدبندين جا قائل آھن. ذھني تفريق ۾ ورھايل آھن. ھنن جي ذھنن ۾ پرديسي ھجڻ جو احساس سمايل آھي، ھو ديس کان پري وڃي خوش نہ ٿا رھي سگهن.
پر پکي مختلف آھن، سڄي دنيا کي پنھنجو ديس سمجهن ٿا، تڏھن ھي سائبريا مان ھتي ڪھي آيا آھن. ڪيڏا خوش آھن ھن ڌرتيءَ تي، انسان ھجن ھا تہ زمين جي ٽڪري تي قبضي لاءِ سوچين ھا!
وقار ڪڏھن بہ پکين کي غور سان نہ ڏٺو ھو. سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ھو مستقل ڪم ڪندو رھيو، جڏھن سانگهڙ جي ڍنڍن ۽ دريائن ۾ موجود واڳن تي يا چراھ گاھن ۾ ڦاڙھي ۽ ٻين جانورن تي کيس معلومات ملندي رھي ھئي. کيس پکين جي باري ۾ بہ ڄاڻ ھئي، پر ھن ڪڏھن بہ ائين پکين کي غورسان ڏٺو يا محسوس نہ ڪيو ھو. پکين کي ڏسندي رھڻ سان ھن جي آشنائي آسمان جي دنيا سان ٿي. آسمان وٽ ھڪ عجيب دنيا آھي. خوابن ۽ طلسماتي سحر ۾ وڪوڙيل!
ننڍپڻ ۾ ھو گهر جي اڱڻ تي سمهي، اُن دنيا کي دير تائين ڏسندو ھو، سندس سوچ ستارن جي وچ ۾ ڀٽڪندي ھئي، تہ ڪڏھن ھو دير تائين بادلن ۾ شڪليون ڳولي خوش ٿيندو ھو. انهن بادلن ۾ کيس آسماني بلائون پڻ نظر اينديون ھيون، جڏھن آسماني بجلي ڪڙڪندي ھئي تہ کيس لڳندو ھو، آسماني بلا جون اکيون قھر وسائي رھيون آھن...
ھو تصور جي ھڪ انوکي دنيا ۾ ورھائجي ويندو ھو. آسمان تي بھار جا رنگ وکڙيل ھوندا ھئا. ھر موسم ۾ آسمان جا مختلف رنگ ھوندا ھئا، جڏھن وڏو ٿيندو ويو آسمان جي دنيا کان پري ٿيندو ويو. زمين جي ڪشش ۾ گم ٿيندو ويو ۽ آسمان جون وسعتون ھن جي ذھن ۾ باقي نہ رھيون. زمين جي مسئلن ۾ سندس سوچ ورھائجي وئي.
ھاڻ سالن پڄاڻان ٻيھر آسمان جا رنگ ھن جي اکين ۾ جيئرا ٿي پيا آھن. انهن رنگن جي پس منظر ۾ ٻہ پرديسي پکي کيس پنھنجي ذھن ۽ دل جي ويجهو ايندي محسوس ٿين ٿا. انهن جي پرن کي حيرت سان ڏسي ٿو. جيڪي نرم ۽ ڪشادا آھن. پکين جا اھي کنڀ ھوائن جا دوست آھن. وڻن جي پنن جيان.
فش ايگل جو ھر لمحو ڪئميرا ۾ قيد ڪندو رهيو.
مکي جي لھرن ۾ عجيب سرھائي ترندي محسوس ڪيائين. ڪڏھن ھوا جي تيز جهوٽي تي سج ڪرڻا ڪرڻا ٿي وکري وڃي ٿو لھرن تي.
ان پل جهنگلي ٻوٽن جو ھڪ گھرو وھڪرو ساھن ۾ سمائجي وڃي ٿو. سپي جا مٺڙا ميڪاٽ فضائن ۾ گونجڻ لڳا.
”عجيب پکي آھي.“ جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ سارنگ آسمان ڏانهن نھاريندي چيو.
”آسمان جو بادشاھ آھي، فضائون سندس تابع آھن.“ وقار جواب ڏنو.
”ھا بلڪل ائين ئي آھي، ڪيڏي سڪون ۾ پرواز ڪري ٿو، بنا پرن چورڻ جي.“
وقار اڀ ڏانھن نھاريو، جتي ٻئي پکي نيري آسمان جي پس منظر ۾ ڏسي رھيا آھن.
”ھتي ٻيا باز، بحري، چرخ، تمڪڻ، وارڙيو، پيلو، ڪوئلو، جوارو بہ اچن ٿا، پر ڪڙل ھتي اچي ٿو تہ مکي جا ماڻهو خوش ٿين ٿا تہ ھاڻي مٿان جبلن تي برف رجي آھي، جنھن ڪري درياھ ۽ ڍنڍون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون.“ سارنگ چيو.
”ان جو مطلب تہ اھو فش ايگل خوشحالي جي علامت بڻجي سنڌ ڏانهن رخ ڪري ٿو.“ علي حسن چيو.
”پکي امن ۽ خوشحالي جا پيامبرآھن، سنڌ جي موسم کين ڇڪي وٺي اچي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”ڪڙل جا ٻچا وڏي ٿيڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لائيندا.“ سارنگ وقار کان پڇيو.
”ٻئي پکي آنن تي اٽڪل اڻونجاھ ڏينھن تائين آرو ڪن ٿا. اھي ٻچا ٽيھ چاليھ ڏينھن بعد اڏامڻ جي لائق ٿي ويندا آھن. منھنجي خيال ۾ ھاڻ ٻچا اڏامڻ جھڙا ٿي ويا آھن، ڏينھن ٻن ۾ ڪڙل سان گڏ اڏامندا.“
وقار ائين چئي ڪئيمرا کي اسٽينڊ تان لاھي ٿيلهي ۾ بند ڪري ھڪ پاسي رکيو ۽ سامهون ڪرسين تي اچي ويٺو.
علي حسن ۽ ڪريم بہ اچي سندس ڀر ۾ ويٺا. نياز چانھہ جا مگ ڀري کين ڏنا.
ٿڌي فرحت بخش ھوا لڳي رھي آھي، ھو سمورا دوست چانھہ پيئندا ۽ ڪچھري ڪندا رھيا. تاريخ، جهنگلي جيوت ۽ موجودہ سانگهڙ جي صورتحال تي ڳالهائيندا رھيا. آفيسر، وقار سان ڪاوڙيل ھئا، پر ھو بہ ڪنھن طرح سان جهڪڻ لاءِ تيار نہ ھو. ھن بہ گهڻي ڪوشش ڪئي تہ حقدارن کي پئسا واپس ملن. ائين اھو معاملو نبري وڃي پر اعليٰ اختياري وارا ٻڌڻ کان نابري واري بيٺا ھئا. ھونئن بہ اھڙن معاملن ۾ ڪامورن جو پلڙو ڀاري رھندو آھي ۽ عوام ھميشہ جيان ھار کي مقدر سمجهي ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آھي. وقار کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ ڪا غلط ڳالهہ ٿيڻ واري آھي. ھن اھلڪارن سان گڏ آيل سياسي ماڻهن تي لاٺي چارج ۽ ڳوڙھا گئس جي استعمال تي چارلس سان مھاڏو اٽڪايو ھو.
چارلس ڪڇي نہ سگهيو، البتہ ھن جي قھر ڀريل اکين مان کيس پروڙ پئجي وئي تہ ھاڻ ھو کيس گهڻا ڏينھن برداشت نہ ڪندو.
چارلس ڪجهہ عرصي لاءِ موڪل تي ھليو ويو. ھن جي جاءِ تي ٻئي پراجيڪٽ انچارج اظھر احمد چارج ورتي، جنھن جو تعلق ڪراچي سان ھو. ٻئي ڏينھن جڏھن وقار کي حيدرآباد بدلي جو آرڊر ھٿ ۾ مليو تہ وقار کي ڪا بہ حيرت نہ ٿي پر کيس اڳواٽ خبر پئجي وئي ھئي تہ آفيسر ساڻس ڪھڙو ورتاءُ ڪرڻ وارا آھن. ھو بہ بنا بحث ڪرڻ جي آفيس مان موٽي ھاسٽل اچي حيدرآباد وڃڻ لاءِ سامان سھيڙڻ لڳو. ٿوري دير ۾ دوستن جا کيس فون اچڻ لڳا. ھو سڀ ڪاوڙ ۾ ھئا، وقار مرڪي کين سمجهائيندو رھيو. جيئن ئي سامان گڏ ڪري ٻاھر وڃڻ جو سوچي رھيو ھو تہ علي حسن، ڪريم ۽ سارنگ اچي نڪتا. ڪريم جو منھن لٿل ھو. علي حسن ۽ سارنگ اداس ھئا، پر وقار کلي رھيو ھو. کين سمجهائي ۽ دلاسا ڏيئي رھيو ھو.
”اسان ڀرپور احتجاج ڪنداسين، بلڪہ سڀاڻي کان اخبارن ۾ لکنداسين، جيستائين ھو توھان کي ٻيھر واپس نہ ٿا آڻين. ان وقت تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندين.“ ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ ھئا.
”ھا سائين اھا وڏي زيادتي آھي، ان خلاف آواز بلند ڪرڻ کپي.“ سارنگ جوش سان چيو.
”مون کي خبر ٻڌي سخت صدمو رسيو آھي، توھان جا آفيسر ايتري بي حسي جو مظاھرو ڪندا، اھو منھنجي گمان ۾ بہ نہ ھو.“ علي حسن نراسائي سان چيو.
”في الحال مان حيدرآباد لاءِ نڪران پيو، پر ھتان جي مسڪين ماڻهن کي حق ڏيارڻ لاءِ مان پنھنجون ڪوششون جاري رکندس.“ ائين چئي دوستن سان موڪلائي ھاسٽل مان ٻاھر نڪتو. گاڏي ۾ ويھي ھو سندس اداس چھرن تي الوداعي نظر نہ وجهي سگهيو. گاڏي، ھاسٽل جي در مان ٻاھر نڪتي تہ ھن ٿڌو ساھ ڀري ڪيسٽ آن ڪئي. محمد جمن جو خوبصورت آواز ھن جي ٿڪل احساس کي لولي ڏيڻ لڳو. ھن جي تصور ۾ فشل ايگل جو جوڙو اچي ويو، تصور ۾ کين آسمان ۾ اڏامندي محسوس ڪرڻ لڳو.
ھو انهن پکين جو عادي ٿي ويو ھو. ھڪ عجيب انسيت محسوس ڪرڻ لڳو ھو انهن پرديسي پکين لاءِ، جيڪي ھن جي زندگيءَ جو اھم حصو بڻجي ويا ھئا، جن کي بچائڻ جي مھم ڄڻ تہ سندس زندگيءَ جو اولين مقصد ھئي. توڙي جو کيس دوستن سان جدائي جو ڏک ھو پر ھڪ وڻندڙ احساس بہ سندس من ۾ ھري رھيو ھو تہ ھو ٻارن ۽ ارم سان ھڪ سٺو وقت گذاري سگهندو.
ارسل ۽ عيني حيدرآباد ۾ ھن جو انتظار ڪري رھيا ھئا.
گهر پھتو تہ شام ٿي چڪي ھئي، ٻار کيس وڪوڙي ويا. وھنجي سھنجي ڊرائنگ روم ۾ ٻارڙن سان اچي ويٺو. ارسل کيس پنھنجي ڊرائنگ ڏيکاريندي چيو.
”ھي ڏسو پپا مون اسڪول لاءِ تصوير ٺاھي آھي.“
”اھو ھڪ خوبصورت نظارو ھو. درياھ ۾ ٻيڙي تري رھي ھئي، سج لھي رھيو ھو، آسمان تي پکي نظر پئي آھيا، ٻيڙي ۾ ٻار ويٺو ھو، جنھن جي ھٿ ۾ مڇي ھئي.“ وقار کي تصوير ڏسي کل اچي وئي.
”ھن ٻار مڇي ڪيئن پڪڙي آھي؟“ سوال ٻڌي ارسل مرڪي چيو.
”ھي مڇي ٻيڙي جي ڀرسان تري رھي ھئي، ٻار پاڻيءَ ۾ ھٿ وجهي مڇي پڪڙي آھي.“
ارسل جي معصوميت تي خوش ٿيندي وقار چيو.
”پر مڇي تہ چالاڪ ٿئي ٿي، ائين ڪيئن پڪڙ ۾ ايندي.“
”ٻار بہ تہ چالاڪ آھن، پپا.“
ارسل جي ھوشياري تي وقار ٽھڪ ڏيئي کلي پيو.
ھڪ تصوير عيني جي ھٿ ۾ ھئي، ”پپا ھي مون ٻڪري ٺاھي آھي. “
”واھ! ڪيڏي نہ خوبصورت تصوير ٺاھي آھي، منھنجي ڌيءَ.“
وقار غور سان تصوير کي ڏسڻ لڳو، جيڪي ٻاراڻي تصور جو خوبصورت اظھار ھيون. ٻار ٻاھر نڪري ويا تہ ھو سوچ جي گهرائي ۾ وڃائجي ويو. ھن جي تصور ۾ فشل ايگل، سانگهڙ جا مسڪين ماڻهو، چوٽياري تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ دوست اچي ويا. ھڪ عجيب ڏک کيس محسوس ٿي رھيو ھو. ان ڏس ۾ پنھنجي نقصان کان وڌيڪ ٻين جي نقصان ٿيڻ جو انديشو ھو. هن سدائين سنڌ جي عام ماڻهن جي فائدي جي ڳالهہ ڪئي، سندس ڏک ۽ سور ٻڌا ۽ کين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن کي گهر ۾ الائي ڪيترا ڏينھن گذارڻا پوندا، پر ھن ارم کي ٻڌايو ھو تہ ھو ڪجهہ ڏينھن جي موڪل وٺي آيو آھي. ھو واپڊا ڪالوني جي فليٽ ۾ رھائش پذير ھو. سامهون دريءَ مان يوڪلپٽس جا وڻ ھوائن جي آڌار تي جهومي رھيا آھن. ھڪ اداسي کيس پنھنجي ذھن ۾ لھندي محسوس ٿي، بي يقيني جو تاريڪ پاڇو ھو، جنھن ۾ ھو سڄي سنڌ کي ڌنڌلو ڏسي رھيو ھو.
زندگي تيزي سان رنگ بدلائي ٿي. وقت جو ھر لمحو بدلجي وڃي ٿو، موجود لمحا بہ ماضيءَ جو کاڄ بڻجي ويندا. ھر شيءِ بدلجي ويندي. ماضي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ائين حال ماضيءَ کان بي خبر آھي. حال رڳو مستقبل جو پيڇو ڪندو رھي ٿو.
وقت ساڳيو نہ ٿو رھي، پر ذھن ساڳيا ئي رھن ٿا. ذھني ارتقا جو سفر سست آھي. ان ڪري ھزارين سالن جي تھذيب جون وارث قومون بہ دنيا جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي وڃن ٿيون. ماڻهو مادي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. ذھن ۽ روحاني خال تھائين وڌي رھيو آھي، پر ذھن ۽ روح جي ويڇي کي ڪير بہ سمجهڻ لاءِ تيار ناھي. فقط جسم جي ضرورت جي حاصلات لاءِ ماڻهو واجهائي رھيا آھن.
ائين ڪيتريون ئي تھذيبون آيون ۽ اڻڄاڻائيءَ جي ڪُنَ ۾ لڙھي ويون.
انسان کي اندر جي سگهہ ڪردار جي مھانتا عطا ڪري ٿي ۽ ھو تاريخ جي صفحن ۾ امر ٿي وڃي ٿو.
انسان کي مقصد جي سچائي جياري ٿي. پر مقصد سان سچو ماڻهو پنھنجي دؤر ۾ ڏکي زندگي گذاري ٿو. ھڪ اھڙي زندگي، جيڪا ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀريل رھي ٿي، حيدرآباد ۾ جنھن آفيس ۾ ھو ڪم ڪرڻ لڳو ھو. اتي رڳو لکپڙھ جو ڪم ھو. چوٽياري تي ٿيندڙ ڪم اڌ ۾ ڇڏي آيو ھو، انڪري اڃا اھي معاملا ذھن ۾ ڦري رھيا ھيس.
سارنگ جو فون تي آواز ٻڌي ھو دلگير ٿي لڳو.
”سائين! ڊيم تي ڪم ڪندڙ ھر ماڻهو توھان کي ٿو ياد ڪري. ھر زبان تي توھان جو نالو آھي ۽ اکين ۾ توھان جي ڳولا.“
”تون پريشان نہ ٿي سارنگ! آفيسرز کي جلد ئي اندازو ٿي ويندو تہ ھنن ضد ۾ اچي ھڪ غلط فيصلو ڪيو آھي.“ هن وراڻيو. سارنگ دير تائين ساڻس ڳالهائيندو رھيو.
سارنگ، سانگهڙ جي وڻن ۽ جهنگلي جيوت تي ڪم ڪري رھيو ھو. اڪثر وقار کان بہ رھنمائي وٺندو ھو. وقار جي دل چيو تہ ھو کائنس سپي ۽ ڪوڏ جي باري پڇي.
پر دل جي ڳالهہ دل ۾ رھجي ويس. اھا بہ ڪا پڇڻ جي ڳالهہ آھي؟ ھو پکي آھن، آزاد فضا ۾ خوش ھوندا، پکي بہ ٻارن جيان حال ۾ جيئندا آھن.
ڪم ڪارين کان فارغ ٿي سمهڻ لاءِ ليٽيو تہ بي اختيار سوچڻ لڳو. ڇا جوليا بہ کيس ياد ڪندي ھوندي!.
وقار حيدرآباد آفيس ۾ ويٺو تہ پٽيوالي اچي چيو تہ ”سائين! ڪير اوھان سان ملڻ آيو آھي سانگهڙ مان.“
”ھا بابا موڪلينس.“
ڪريم اندر آيو تہ وقار اٿي ساڻس مليو. ڪريم ساڻس ڀاڪر پائي ڄڻ تہ روئي پيو ھجي. لڙڪ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪيائين. پر دل جو حال لڙڪن چئي ڇڏيو. وقار سندس ھٿ جهلي زور ڏيندي چيو.
”تون فڪر نہ ڪر ڪريم اھي ڏينھن گذري ويندا.“
ڪريم کي ويھاري چانھ وغيرہ پياريائين، پوءِ کيس محسوس ٿيو تہ ڪريم ھاڻ ڪجهہ بھتر لڳي رھيو آھي.
”ماڻهن ۽ ڊيم انتظاميا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي. توھان جي ڪري ماڻهو ڳالهہ سمجهي وٺندا ھئا. ھاڻي ڪو ھنگامو ٿيندو آھي تہ ڪا بہ ڌر ڳالهين لاءِ تيار نہ ٿيندي آھي.“
”ھا ڪريم! تون ٺيڪ ٿو چوي، ماڻهن کي سمجهي ھلجي تہ ھو مسئلا پيدا نہ ڪندا آھن.“
”سائين فوج حڪومت ۽ اعليٰ اختياري وارا عوام سان سختي سان پيش اچن ٿا. ڪير ڪنھن جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ان ڪري ماڻهن ۾ بغاوت پيدا ٿي آھي.“
”اھي معاملا جهيڙي سان ڪڏھن بہ نبري نہ ٿا سگهن. فقط ڳالهين ذريعي ڪو حل نڪري سگهي ٿو.“
”چارلس جي وڃڻ کان پوءِ سائين جيڪو نئون پراجيڪٽ انچارج آيو آھي، اھو تہ ڪا ڳالهہ نہ ٿو سمجهي. ھو ڪوشش ڪري ماڻهو جيل ۾ بند ڪرائي ٿو ڇڏي. سندس ورتاءُ مقامي ماڻهن سان گهڻو سخت آھي.“
”ھون.“ وقار گھري سوچ ۾ ھو. انگريز ماڻهو وري بہ اڻ ڌريو رھي ڪم ڪن ٿا، پر ھاڻ ھن ڏٺو ھو تہ لساني بنيادن تي بہ فرق وڌڻ لڳو ھو. سماج طبقاتي فرق جو شڪار تہ اڳي ھو، پر ھاڻي ڪجهہ عرصي کان لساني ۽ مذھبي بنيادن تي نفرت وڌي وئي ھئي. ھي ملڪ سڀني لاءِ آھي، ھتي مندر، مسجد ۽ گرجائون محفوظ آھن. توھان آزاد ملڪ جا آزاد شھري آھيو. پنھنجي عبادت گاھن ۾ بنا فرق جي عبادت ڪريو.
سمورا انسان برابر آھن، پر ائين ٿي نہ سگهيو، ڇو تہ رجعت پرست، لالچي ٽولن جلد ئي ھن ملڪ جي نظريي کي پنھنجي منافق سوچ سان کاٽ ھڻڻ شروع ڪيو.
”سائين ماڻهن جا پئسا تہ ٻڏي ويا ھاڻ شھري انتظاميا بہ اچي سندن سرن ۽ ساک جي ڪڍ پئي آھي.“
”واقعي ڏکي صورتحال آھي پر مان پراميد آھيان، جلد ڪو نہ ڪو حق ملي پوندو.“
ھن محسوس ڪيو تہ ڪريم جڏھن ڪمري ۾ داخل ٿيو ھو تہ سندس چھري تي بي چيني ۽ اکين ۾ خوف ڀريل ھو، پر ٿوري دير ۾ ھن جو چھرو گلاب جي گل جيان ٻھڪڻ لڳو. ٿوري پنھنجائپ ۽ ڌيان کيس سڪون جي ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو.
سنڌ جو ماڻهو پنھنجائپ ۽ توجھ جو طلبگار آھي، ماڻهو چاھين ٿا تہ کين ٻڌو وڃي. ھو دل جو حال اورڻ ٿا چاھين.
ھي ماڻهو صدين کان نظرانداز ٿي رھيا آھن. سندن سکيو ستابو خطو، جيڪو ھر طرح جي وسيلن سان مالا مال آھي، سو ائين ڌارين جي يلغار جو سبب بڻيو آھي. مختلف قومن جي غلبي مقامي ماڻهوءَ کي احساس ڪمتريءَ ۽ خود رحمي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ھت جي ماڻهن ۾ پاڻ ڀرائي جو احساس پيدا ٿي نہ سگهيو آھي.
ھن ڪريم کي ماني کارائي، چانھ پيئڻ کان پوءِ ڪريم کانئس اجازت گهري ۽ موڪلائي ٻاھر نڪتو تہ شام ٿيڻ واري ھئي. آفيس جو رھيل ڪم پورو ڪري گهر پھتو تہ ٻئي ٻار ڪاوڙيا ويٺا ھئا.
”توھان اڄ دير سان ڇو آيا آھيو؟“ ارسل جا ڳل ڪاوڙ سبب ڦوڪجي ويا ھئا.
”دوست اچي ويو ھو انڪري دير ٿي وئي.“ وقار سندس ڳلن کي پيار مان ڇھندي چيو.
”ڪھڙو دوست پپا، ان جو نالو ڇا آھي؟“ عيني پڇيو.
”ڪريم نالو اٿس.“
”ھاڻي ڪاٿي آھي؟“ عيني پڇيو.
”گهر ھليو ويو.“
”گهر ڪٿي اٿس پپا؟“
”ھن جو گهر سانگهڙ ۾ آھي.“
ارم اندر داخل ٿي.
”خير تہ آھي نہ.“ ارم کي ھو پريشان لڳو.
”ھا، ھا بلڪل خير آھي،بس اڄ آفيس ۾ ڪم گهڻو ھو.“
وقار رات جو دير تائين جاڳندو رھيو، چوٽياري جا پورھيت ۽ پرديسي پکي ياد ايندا رھيا. اکيون بند ڪندي محسوس ڪيائين تہ آسمان جي وسعتن ۾ سپي ۽ ڪوڏ اڏامي رھيا آھن. آسمان ھن جي ويجهو اچي رھيو ھو. ايترو ويجهو جو ھو ھٿ لڳائي بادلن کي ڇھي سگهي پيو. پکين جا پَر بہ کائنس پري نہ ھئا. گهري نيري آسمان جي پس منظر ۾ فش ايگل جا سھڻا کنڀ اڏامندي خوبصورت ٿي لڳا. ھو پَرن کي بہ ڇھي سگهي پيو.
تصور جي دنيا ان ڪري ئي تہ خوبصورت آھي، جو اڻ ٿيڻي ڳالهہ بہ ممڪن ٿي پوي ٿي. جتي خواب ساڀيا جي ويجهو لڳن ٿا. ھو اڄ فڪرمند هو ڇو تہ کيس ٿوري دير اڳ سارنگ فون تي ٻڌايو تہ پاڻيءَ ماڙيءَ جي چوڌاري وڌي رھيو آھي. سانگهڙ واري پاسي تيز برسات پئي ھئي. اھو ٻڌڻ سان پريشان ٿي ويو. ماڙي ڊھي پئي تہ پرديسي پکي ڪيڏانھن ويندا!.
اھي پکي ايترو پري کان ڪھي اچي سنڌ ڌرتيءَ تي پنھنجو آکيرو جوڙين ٿا. پيار جا پيامبر اھي پکي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ نيڪ علامت آھن، پر جي ماڙيءَ ٻڏي وئي تہ انهن پکين جو ڇا ٿيندو؟. اھو سوچي پريشان ٿيندو رھيو. دير سان ستو ۽ پوءِ بہ ننڊ ۾ بار بار اک کلندي رھيس. ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ھو تہ صحافي کيس فون ڪيو. ھن پنھنجو نالو نثار ٻڌايو. وقار کان ڳالهہ ٻولهہ لاءِ ٽائيم ورتائين. وقار شام جو ڇھين بجي جو ٽائم ڏنو ۽ کيس گهر جي ايڊريس سمجهائڻ لڳو. صحافي وقت جو پابند ھو، ٺيڪ ڇھين وڳي پھچي ويو. ملاقات کان پوءِ کيس خبر پئي تہ ھو سندس پراڻي دوست جو ڀائيٽيو ھو. انهن ڏينھن ۾ اخبارن ۾ چوٽياري ڊيم وارو معاملو زير بحث ھو. وقار جي بدلي کان پوءِ مقامي ماڻهو وڌيڪ مزاحمت جي موڊ ۾ اچي ويا ھئا. روز روز مظاھرا پئي ٿيا. ماڻهو پوليس سان مھاڏو اٽڪائي وجهندا ھئا. پوليس بہ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو پڪڙي ورتا.
”ٻڌو آھي تہ ڄاڻي واڻي توھان جي بدلي حيدرآباد ڪئي وئي آھي.“ نثار پڇيو.
”مون سان ڊيم جي موجودہ آفيسر کي ھونئن ئي مسئلو ھو، ان ڪري ظاھر آھي تہ مون کي منظر تان ھٽايو ويو.“
”سائين! مون سانگهڙ وڃي مقامي ماڻهن جا انٽرويو ڪيا آھن. توھان جي وڃڻ کان پوءِ ھنن جو شھري توڙي ڊيم انتظاميا سان واسطا وڌيڪ خراب ٿي ويا آھن. مون اھو بہ ٻڌو آھي تہ ماڻهن توھان کي واپس آڻڻ جا مطالبا ڪيا آھن؟“
”منھنجي ڄاڻ ۾ اھڙي ڳالهہ ناھي، تنھن ھوندي بہ ماڻهن کي اھڙو ماڻهو گهر جي جيڪو سندن مسئلا سمجهي سگهي. اھو ئي سبب آھي تہ ھو ٻئي ڪنھن آفيسر جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن.“
”ان سموري مسئلي جو نبيرو ڪيئن ٿيندو؟“ صحافي سوال ڪيو.
”ظاھر آھي تہ جن ماڻهن جون ٻنيون چوٽياري جي علائقي ۾ آھن، جيستائين کين زمينن جو معاوضو نہ ملندو، اھو مسئلو حل نہ ٿيندو.“
صحافي ڪيترائي سوال وقار کان پڇا ۽ ھو بہ تحمل سان جواب ڏيندو رھيو. انهن سوالن مان وقار اندازو لڳايو تہ انتظاميا جي رويي ۾ اڃا ڪا خاطر خواھہ لچڪ نہ آئي آھي ۽ ھن جي وڃڻ کان پوءِ معاملا وڌيڪ الجهي ويا آھن.
”ماڻهن کي اھو بہ اعتراض آھي تہ جوڻيجن واري ماڙي جا پئسا منظور ٿي آيا آھن. ماڻهو بک مرن ۽ صاحبن کي پکي بچائڻ جي لڳي پئي آھي.“
”اھو ھڪ پرڏيھي ڪمپني جو پراجيڪٽ آھي، جنھن جو ان معاملي سان ڪو بہ واسطو ناھي، اھي ماحوليات جا ماھر آھن، جيڪي سڄي دنيا ۾ جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. مقامي ماڻهن جا پئسا کائڻ وارا اڳيان راشي آفيسر ھتان وڃي چڪا آھن.“
صحافي جو انٽرويو پورو ٿيو تہ ھن وقار کان وڃڻ جي اجازت گهري ھن کيس ٻڌايو تہ اوھان جي سانگهڙ ۾ ھئڻ ڪري اتان جا صحافي ۽ ليکڪ بہ مطمئن ھوندا ھئا، پر تازوئي پراجيڪٽ جي انچارج ۽ ھن جي نائب اتان جي صحافين سان ڪو سٺو رويو نہ رکيو آھي. ان ڪري صحافي سخت ناراض آھن. صحافيءَ جي وڃڻ کان پوءِ علي حسن کيس فون ڪئي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ علي حسن کيس چيو تہ اسان جا ساٿي ميڙ ڪري ڊيم انتظاميا ڏانھن ويا ھئا. سندس خيال ھو تہ وقار صاحب کي واپس آندو وڃي. ان ڳالهہ کي بہ چڱا ڏينھن ٿي ويا آھن، پر اڃا تائين اھو مطالبو پورو نہ ٿيو آھي. انتظاميا جي الائي تہ ڇا مرضي آھي! ھو فڪر مند ھو تہ سندس ڪيترا ساٿي جيلن ۾ پيا ھئا. پوليس علائقي ۾ ڏھڪاءُ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.
”سائين توھان جو اچڻ تمام ضروري آھي، برساتن کان پوءِ پاڻي بہ وڌي ويو آھي. ماڙي کي بچائڻ لاءِ پاڻيءَ جي ليول گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻو پوندو. توھان کان سواءِ اھو ڪم ٻيو ڪو بہ نہ ڪري سگهندو.“
فون رکڻ بعد وقار گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ھن سارنگ ۽ ٻين دوستن کان پکين جي باري ۾ پڇيو ھو.
پکي بلڪل ٺيڪ ھئا ۽ مکيءَ جي ڇانوري مٿان اڏامندا ھئا. مکيءَ جي لھرن ۾ پنھنجو عڪس پسي خوش ٿيندا ھئا. پکي خوش ئي ھوندا....
پکي کي ھن دنيا جي معاملن جي ڪھڙي پروڙ....!
جيئن ئي چارلس انگلينڊ ۾ موڪلون گذاري واپس موٽيو تہ ھن اچڻ سان وقار سان رابطو ڪيو. کيس سڄي صورتحال کان آگاھ ڪيائين، سندس چوڻ ھو تہ ڊيم آفيسرن ۽ ٺيڪيدار جي بيوقوفي ڪري چوٽياري جا متاثرين ۽ پريس سخت ناراض آھي. ان ڪري ھن جو واپس چوٽياري ڊيم تي اچڻ تمام ضروري آھي، پر وقار کيس جواب ڏيئي ڇڏيو.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم کيس چيو تہ:
”جيڪڏھن تنھنجي ضرورت چوٽياري جي ماڻهن کي آھي تہ پوءِ توکي اتي ضرور وڃڻ گهرجي.“
”پر ڪوالٽي ڪنٽرول ۽ مقامي ماڻهن سان ويجھڙائي جي ڪري جڏھن ھنن مون کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو تہ مان مناسب نہ ٿو سمجهان تہ ٻيھر اتي وڃان.“
ارم محسوس ڪيو تہ وقار سڄي سسٽم کان ناراض ھو.
”ھا مان سمجهي سگهان ٿي، پر ھن وقت تنھنجي اداري کي تنھنجي ضرورت آھي.“ اھي جملا ٻڌي وقار سوچ ۾ پئجي ويو.
ٻئي ڏينھن صبح جو جنرل مينيجر، وقار کي آفيس ۾ گهرايو.
”اتي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آھن. لوڪل ماڻهو ۽ صحافي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي رھيا آھن. ميڊيا جي ڪاوڙ ۽ مداخلت وڌي وئي آھي، منھنجي خيال ۾ تنھنجو اتي وڃڻ تمام ضروري ٿي پيو آھي.“
”پر جڏھن معاملو حل ڏانھن وڌي رھيو ھو تہ ھنن مون کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو.“
”منھنجي خيال ۾ ڪنسلٽنٽ ڪنھن دٻاءُ ۾ اچي ويا ھوندا. بھرحال اھو ھڪ غلط فيصلو ھو.“
”سنڌ انهن غلط فيصلن جي رد عمل ۾ ھن حال تائين پھتي آھي. ھڪ عام ماڻهو پنھنجي وسيلن جي ھوندي بہ انهن کان محروم آھي.“
”بھرحال توھان جھڙا ماڻهو ھوندا تہ اتي چڱي صورتحال نڪري پوندي.“ جنرل مينيجر مرڪي چيو.
گهر واپس آيو تہ ارم منجهند جي ماني تي سندس انتظار ڪري رھي ھئي.
”ڇا ٿيو؟“ ارم تجسس مان پڇيو.
”واپس وڃان ٿو.“ وقار مرڪي جواب ڏنو تہ ارم جو چھرو لھي ويو. گهڙي پل لاءِ روئڻھارڪي ٿي وئي. وقار جي گهر ۾ رھڻ ڪري ھن جا ڪيترا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويا ھئا. ٻار بہ خوش رھڻ لڳا ھئا، پر پنھنجي ڪيفيت تي قابو پائي ھو بہ مرڪي پئي.
”جھڙي صورتحال چوٽياري ديم تي پيدا ٿي وئي آھي. اھڙي صورتحال ۾ اتي توھان جو وڃڻ ضروري ٿي پيو آھي.“
شام جو جڏھن ھو لائونچ ۾ ٽي وي ڏسي رھيو ھو تہ ارسل ۽ عيني ھن جي ڀرسان ويھي کانئس سوال پڇيرھيا ھئا.
”بابا توھان نہ وڃو.“ عيني چيو.
”ھا بابا پوءِ اسان سان ڪير کيڏندو؟“ ارسل معصوميت سان چيو.
”امي آھي نہ.“
”نہ امي گهر جو ڪم ڪندي آھي.“ ارسل معصوميت سان چيو.
”پوءِ توھان ٻئي پاڻ ۾ کيڏو.“
”نہ عيني مون سان وڙھي ٿي.“
”نہ ارسل منھنجي گڏي ڀڃي ڇڏي ٿو.“
ٻارن جو جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ وقار سندس معصوم ڳالهين مان محظوظ ٿيندو رھيو.
وقار ٻئي ڏينھن صبح جو سانگهڙ لاءِ روانو ٿي ويو. بنان مند جي برسات کان پوءِ سانگهڙ جي ساوڪ ڏسڻ وٽان ھئي. خاموش، پراثر ۽ چھچ سائو ھي علائقو ماضيءَ جي شاندار تاريخ کي ساھ ۾ سانڍي ساھ کڻي رھيو آھي. آفيس پھتو تہ سموري عملي سندس آجيان ڪئي. چوٽياري جي مختلف حلقن کيس واپس آڻڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ھئي. ماحوليات جا ماھر ڊيوڊ، البرٽ، جوليا ۽ ڊزائينر اسٽيو، چارلس سميت سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ موجود ھئا. سارنگ ۽ علي حسن بہ ان سٿ ۾ شامل ھئا.
ان ڏينھن کيس اندازو ٿيو تہ چوٽياري ڊيم تي موجود ماڻهن ساڻس ڪتري محبت ڪن ٿا.
ھي سادا سٻاجها ماڻهو، انتظاميا جن جي خوابن تي ڌاڙو ھنيو ھو. وقار کي اميد جو مرڪز بڻائي خوشگوار ڏينھن جي آس ۾ جيءَ رھيا ھئا.
وقار جي واپس اچڻ جي خوشي ۾ ڪن دوستن دعوت ڪئي. ھر طرف خوشي جي زندگي وکريل ھئي، سج جا سونھري ڪرڻا مکي ڍنڍ تي تري رھيا ھئا. ساوڪ جي سونھن ۾ ھڪ عجيب ڪشش پيدا ٿي وئي ھئي ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين ۾ بہ وڏي چرپر محسوس ٿي.
چوٽياري ڊيم تي واپس اچي وقار جي مصروفيت وڌي وئي. توڙي جو ھو بيچين ھو تہ جلد ئي جوڻيجن جي ماڙي تي پھچي، سپي ۽ ڪوڏ سان ملي، پر پھريان کيس جوڻيجن جي ماڙيءَ جي چوڌاري پاڻي جي وڌندڙ ليول کي نارمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي ھئي. انگلينڊ مان ھڪ ٽيم اچڻ لاءِ تيار ويٺي ھئي، جنھن کي ان ماڙيءَ جو جائزو وٺڻو ھو. ان کان سواءِ شھر جي دوستن سان مختلف گڏجاڻيون رٿيل ھيون، جن ۾ وقار کي شامل ٿي کين سموري صورتحال کان آگاھہ ڪرڻو ھو. ڇو تہ ھو ڪا بہ ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ ھئا. سندن اعتماد ڀڃي ڀري چڪو ھو، پر جيئن تہ وقار تي يقين رکندا ھئا، ان ڪري سندس ڳالهہ سمجهي ويندا ھئا. سارنگ، علي حسن، ڪريم ۽ ڪجهہ اھڙا ٻيا ماڻهو، جيڪي تمام گهڻي سچائي سان ان مھم ۾ شامل ھئا تہ جلد ماڻهن کي سندن زمينن جا پئسا ملن ۽ ان مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي. حل تہ آسان ھو پر ھتان جا وڏيرا ۽ ڪامورا عام ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ کان نابري واري ويٺا ھئا. ڪنھن بہ مسئلي جي حل لاءِ حقيقت پسند ٿيڻو پوي ٿو، جنھن لاءِ قوت برداشت کپي، ذاتي تجربي جي کوٽ انهن مسئلن کي ويتر الجهائي رھي ھئي.
مقامي ماڻهن ۾ ڪن کي اھا بہ بي چيني ھئي تہ انتظاميا جوڻيجن جي ماڙي کي بچائڻ لاءِ لکين رپيا خرچ ڪري پئي، جنھن لاءِ ٻاھرين ملڪ کان ماھر اچي رھيا آھن. باقي ھنن جي مسئلن جي ڪا بہ اھميت ناھي، جيئن تہ وقار پاڻ ان ڪم ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھو. ان ڪري هو ان ڪوشش ۾ ھو تہ ماڻهن تي واضح ڪري سگهي تہ ان اڻلڀ پکيءَ جي زندگي ۽ نسل کي بچائڻ ڪيترو اھم آھي، جنھن جو خرچ ٻاھريان ملڪ ڀريندا، پر اٻوجهہ ماڻهو اھا حقيقت سمجهڻ کان قاصر آھن.
ھڪ طرف ماني ڳڀي جو سوال آھي تہ ٻئي پاسي انساني بقا جو...
انسان اھم آھي يا پکي اھم آھن؟
سنڌ جي ماڻهن وٽ اٽو، اجهو ۽ لٽو ڪونهي، کين پکيءَ جي اھميت جو ڇا احساس ھوندو!
ڌاڙيلن جي گهيري ۾ آيل اٻوجهہ ماڻهو تحفظ گهرن ٿا. ھڪ اھي ڌاڙيل جن جا آستان جهر جهنگن ۽ ٻيلن ۾ آھن ۽ ھڪ اھي آھن جن کي مھذب ويس پھريل آھي، جيڪي سندن وات جو گرھ کسڻ لاءِ آتا آھن.
وقار کي سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ڪھڙي حقيقت ۽ منطق کي ساڻ ڪري، ھو ماڻهن سان ويچار ونڊي ڇو تہ پکين ۽ اڻلڀ جانورن جي اھميت کي يورپ وارا سمجهي سگهن ٿا، پر ساڳي وقت ھو ٽين دنيا جي ڏتڙيل ملڪن جون ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪن ٿا. اخلاقي قدرن ۽ سچ جي وچ ۾ ھڪ اونهو خلا پيدا ٿي چڪو آھي ماڻهو سادا آھن پر ڦورو جي ھوشياري سمجهن ٿا. خبر ناھي سنڌ ڪڏھن ارغونن، ترخانن کان آجي ٿيندي، جيڪي تاريخ جي تسلسل ۾ اڄ تائين ويس مٽائي سنڌ تي راتاھو ھڻڻ اچن ٿا.
سنڌ الائي ڪڏھن انهن خوني چنبن مان آزاد ٿيندي، الائي ٿيندي بہ يا نه؟....
ڪيترا سوال وقار جي ذھن ۾ پيدا ٿي چڪا ھئا. جڏھن ڪنھن جي مٿان، سنڌ جو اٻوجهہ عوام ڪا ذميواري وجهي ٿو تہ اھو سنڌ جو ھڏڏوکي ڪو ليکڪ، صحافي يا شاعر ھجي يا ڪو آفيسر ڇو نہ ھجي. ھن تي ھڪ وڏي ذميواري جو بار وجهي ڇڏين ٿا. اھا ذميواري سچائي ۽ حقيقت پسندي گهري ٿي. لفظ جي حرمت جي جي تقاضا پڻ ڪري ٿي، جيڪو ڏکيو مرحلو آھي. آزمائش جي ڪڙي گذرگاھ آھي، ھڪ ڊگهو ۽ اڻانگو سفر آھي.
وقار کي اھو رستو ڏکيو لڳي ٿو، جيڪو سڌو يا ھموار ناھي. پر ڏاڍو ڏکيو ۽ ور وڪڙ وارو آھي. ان جا پيچرا خاردارآھن. جتي لاھيون چاڙھيون ۽ مشڪلاتون آھن.
پکي يا ماڻهن مان ڪا ھڪ چونڊ ڪرڻي پوي تہ ھو ڪنھن کي چونڊيندا؟ اھو سوچي سندس وجود تي گهٻراھٽ طاري ٿيڻ لڳي ٿي.
ھڪ ڏينھن ان ٻڏتر ۾ ھو تہ جوليا آفيس ۾ اندر آئي.
وقار کي لڳو ڄڻ بھار ھن وٽ ھلي آئي ھجي.
ھو مرڪي کيس ڀليڪار چوي ٿو.
”پليز ويھو.“
”مھرباني.“ جوليا اھو لفظ سنڌي ۾ مرڪي چئي، ڪرسي تي وھي رھي.
ھن جو سنڌي ۾ مھرباني چوڻ جو انداز خوبصورت ھو، ڄڻ ٻوسٽ ۾ هلڪي برسات وسندي ھجي.
”لڳي ٿو تہ توھان اڄڪلهہ گهڻا مصروف آھيو؟“جوليا کيس ڏٺو تہ ھن فائلون ھڪ پاسي ڪري ڇڏيو.
”ھا مصروف آھيان ۽ اھا مصروفيت زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي آھي.“ وقار ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”مصروف ۽ پريشان بہ.“ جوليا نظرن سان سندس اندر جي راز کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھا پريشان بہ آھيان.“ نہ چاھيندي بہ اظھار ڪري ويٺو.
”مان ان پريشانيءَ جو سبب پڇي سگهان ٿي، جيڪڏھن توھان کي منھنجو سوال برو نہ لڳي تہ.“
”اصل ۾ مقامي ماڻهو ان ڳالهہ تي ناراض ٿي ويا آھن تہ جهنگلي جيوت خاص ڪري ماڙيءَ کي بچائڻ لاءِ انتظاميا لکين روپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آھي، جيئن فش ايگل جو آکيرو بچائي سگهجي. ٻئي پاسي زمين جي کسجڻ جي صورت ۾ ھنن جي سرن کان سائبان کسجي ويو آھي.“
”آءِ سي، تہ اھا ڳالهہ آھي.“ جوليا جي چھري تي گھري سوچ ڇائنجي وئي.
”ماڻهو پنھنجي مسئلن کي پکيءَ جي مسئلن سان ڇو ملائي رھيا آھن؟“ جوليا چيو.
”ھو سمجهن ٿا تہ اسان لاءِ پکي ۽ جانور اھم آھن پر ماڻهو نہ.“
”منھنجو خيال اھو آھي تہ توھان ماڻهن کي پکين ۽ جانورن جي موضوع تي ڪا بہ جسٽيفڪيشن نہ ڏيو ۽ پنھنجي ڪم ڪندا رھو.“
”مان بہ اھو سوچيان ٿو پر ارم چوي ٿي تہ جيڪو بہ فيصلو ٿئي، انهن ۾ مقامي ماڻهن جي راءِ ۽ رضامندي شامل ھجي“.
”فرض ڪريو، جيڪڏھن ماڻهو ان ڳالهہ جي اجازت نہ ڏين ٿا ڇا ماڙيءَ جو ڪم رڪجي ويندو!“
”ظاھر آھي ائين ئي ٿيندو.“
”منھنجو خيال اھو آھي تہ ڪا وچولي ڳالهہ ڪري اھو بحث ختم ڪري ڇڏجي تہ بھتر ٿيندو، ڇو تہ اھو فيصلو ۽ خرچ ھڪ پرڏيھي ڪمپني جو آھي، جنھن جو مقامي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناھي.“
”ماڻهو اھا ڳالهہ نہ پيا سمجهن.“
”مان اھو ڏسان پئي تہ ھتي ھر مسئلو ٻئي مسئلي سان الجهايو پيو وڃي، جڏھن تہ مسئلن جي نوعيت مختلف ٿئي ٿي، ائين مسئلن جي حل جا طريقا بہ الڳ آھن.“
”ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي وئي آھي، ان ڪري ھو ھروڀرو مسئلن کي وڌائي رھيا آھن.“
”شرارتي ماڻهو ۽ ميڊيا تہ کين حقيقت کان آگاھ ڪرڻ بدران وڌيڪ ڀڙڪائي ٿي.“ جوليا چيو.
”ائين تہ آھي.“
وقار کي لڳو تہ جوليا جو تجزيو بلڪل صحيح آھي، ھن سوچي ورتو تہ ميڊيا جي نمائندن سان ڪا ميٽنگ ڪري، کين غير جانبداري سان ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏجي.
***