ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

19

صبح جو وقار آفيس لاءِ سانگهڙ نڪري ويو.
ارسل کي ان رات بخار نہ ٿيو. ھاڻ ھن جي طبيعت بھتر ھئي، ھو ڪجهہ ڏينهن اسڪول نہ ويو ھو.
ارم ڪم مان فارغ ٿي ڪتاب پڙھي رھي ھئي تہ جوليا جي فون آئي.
”تون فون ڇو نہ پئي کڻين ارم؟ خير تہ ھو نہ.“ ارم کي جوليا جي لھجي ۾ پنھنجائپ محسوس ٿي.
”ارسل جي طبيعت خراب ھئي، ڪجهہ ڏينھن کان.“
”ھاڻ ڪيئن آھي؟ تشويش سان پڇي ٿي.
”ھاڻ ڪجهہ بھتر آھي؟“ ارم جي لھجي ۾ لاتعلقي آھي.
”مان اچڻ ٿي چاھيان، اڄ مان حيدرآباد آئي آھيان.“
”ھا ڇو نہ مان انتظار ڪندس.“ ارم جواب ڏنو.
ٿوري دير ۾ در جي گهنٽي وڳي. ارم در کوليو. جوليا اندر داخل ٿي. سندس ھٿن ۾ شاپرز ھئا. ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وغيرہ. ٻار بہ ھن ڏانھن ڊوڙندا آيا.
ھوءَ ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀري ساڻن ڳالهائڻ لڳي.
ٻارن کي تحفا ڏيڻ وقت ٻئي ٻار ڏاڍا خوش ٿيا.
”توھان اھا تڪلف ڇو ڪئي.“ ارم چيو.
”ھي منھجا پيارا دوست آھن، ائين اھو منھنجو ۽ ٻارن جو معاملو آھي، ان ڪري تون خاموش رھ تہ بھتر ٿيندو.“
جوليا جي لھجي ۾ پيار ۽ پنھنجائپ ھئي. جوليا ٻارن سان ڪچھري ڪرڻ لڳي. ارم، جوليا لاءِ ڪافي کڻي آئي.
”اسان ڪجهہ ڏينھن ۾ واپس انگلينڊ وڃي رھيا آھيون.“ جوليا اداسي مان چيو.
اھو ٻڌي ارم جي اکين جي چمڪ وڌي وئي.
”مون کي سنڌ ڏاڍي وڻي، ھتان جا ماڻهو تمام سٺا آھن. ھتي فيملي لائف بہ محفوظ آھي. اڃا ماڻهو گڏيل ڪٽنب جي نظام تحت زندگي گذارين ٿا.“ جوليا چيو.
”ھا گهريلو زندگي سٺي ۽ پرسڪون آھي پر سڀني لاءِ نہ.“
”مثال ڪنھن جي.“ جوليا پڇي ٿي.
”فيوڊل سسٽم جي ڪري ھتي جو مرد عورت کي غلام سمجهي ٿو.“ ارم ناراضگي مان چيو.
”عورت مرد جي غلام ئي تہ آھي. مثال مرد جيڪڏھن اھو سمجهي ٿو پر عورت پاڻ کي ڇو ٿي ذھني طور مرد جي غلام سمجهي.“
”ڇا مطلب”“ ارم حيرت مان پڇي ٿي.
”ھتي جي عورت ھر وقت مڙس لاءِ ڇو ٿي سوچي؟“
”ھن کي اھو احساس ڏياري وڃي ٿو تہ مڙس ئي ھن لاءِ سڀ ڪجهہ آھي؟“ ارم جواب ڏنو.
”مثال طور جيڪڏھن مڙس غلط آھي تہ پوءِ ان جي سزا ھوءَ پاڻ کي ڇو ٿي ڏئي؟“ جوليا چيو تہ ارم جي سامهون فاخرہ جو چھرو اچي ويو، جيڪا مڙس جي ٻي شادي کانپوءِ بيمار ٿي ھاڻي اسپتال ۾ داخل ھئي.
”اھا ڳالهہ مون کي بہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ عورتون گهڻي ڀاڱي مڙس جي موضوع تي ڇو ڳالهائين ٿيون.“ ارم چيو.
”ڇا ھو تندرستي، غذا، زندگيءَ کي ڪيئن بھتر بڻائجي، جھڙن موضوعن تي نہ ڳالهائينديون آھن؟“ جوليا پڇيو.
”تمام گهٽ.“ ارم وراڻيو.
”پوءِ ڪھڙن موضوع تي گفتگو ٿئي ٿي.“ جوليا پڇيو.
”گهڻي ڀاڱي پرائي پچار يا ٻين جا افيئرز وغيرہ...“ ارم وراڻيو.
”ھتي عورت وٽ وقت گهڻو آھي.“ جوليا چيو.
”ھا ائين تہ آھي، گهرن ۾ اڪثر عورتون ڪم نہ ڪنديون آھن. انهن وٽ ڪم وارا ماڻهو آھن.“
”افسوس جي ڳالهہ آھي.“ جوليا چيو.
”ان کان علاوہ گهريلو جهيڙا، ساھرن جا مسئلا وغيرہ گهڻي ڀاڱي زيرِ بحث آندا وڃن ٿا.“
“I see”، جولا ڪافي جو مگ خالي ڪري ٽيبل تي رکيو.
”پوءِ بہ سچي ڳالهہ آھي تہ ھتي جي عورت سڪون ۾ آھي. يورپ ۾ عورت گهڻيون ذميواريون کڻي ٿي.“
”يورپ ۾ عورت وڌيڪ خوش آھي.“ ارم چيو.
”نہ ائين بلڪل بہ نہ آھي.“ جوليا اختلاف ڪندي چوي ٿي. ”يورپ جا ڪيترائي منجهائيندڙ مسئلا آھن. اتي عورت لاءِ پرسڪون زندگي نہ آھي. ھتي توھان وٽ خانداني نظام ۾ عورت جي وڌيڪ عزت آھي.“
”ممڪن آھي ائين ھجي.“ ارم، جوليا لاءِ ڪجهہ سنڌي ڀرت جا سوٽ ٺھرايا ھئا، اھي کڻي آئي، جيڪي کيس تمام گهڻا وڻيا.
”سنڌ جو ڀرت ۽ رليون تہ پوري دنيا ۾ مشھور آھن. اھڙو ڀرت ڀريندڙ عورت ذھني طور تي ڪيڏي حسين ۽ ذھين ھوندي.“ جوليا چيو.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم کي پنھنجي خطي جي انفراديت تي فخر ٿيڻ لڳو.
”منھنجو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ وڃڻ ٿيندو آھي، جيئن مان انڊيا، سريلنڪا، انڊونيشيا وئي آھيان. آفريڪا جا ملڪ بہ ڏٺا اٿم ۽ چين بہ وئي آھيان، پر مون کي سنڌ جي خطو، ھتان جا ماڻهو، ثقافت ۽ سندن مھمان نوازي گهڻو متاثر ڪيو.“ ان ڏينھن جوليا، ارم ۽ ٻارن سان ھڪ تمام سٺو وقت گذاريو.
***
وقار جهنگلي جيوت تي ھڪ ننڍي ڊاڪيومينٽري ٺاھي رھيو ھو. ھن وقت ھو ان ڪم ۾ مصروف ھو، سارنگ ھن سان گڏ ھو. جوڻيجن جي ماڙيءَ جو ڪم ھلي رھيو ھو.
مکي جي ڇولين ۾ ڪڪرن جو عڪس خوبصورت لڳي ٿو.
جهنگلي ٻوٽن جي پاڙن مان نڪرندڙ خوشبو فضا ۾ تري ٿي.
رکي رکي فضائن ۾ پکين جو خوبصورت آلاپ گونجي رھيو آھي. ڀنورا جهنگلي گلن تي لامارا ڏيئي رھيا آھن.ڪيترن ئي مھاڻن مڇي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. سندس ٻيڙيون پاڻيءَ تي تري رھيون آھن.
وقار کي مکيءَ ڍنڍ جي فطري خوشبوءَ وڻي ٿي. ھتي زندگي مصنوعيت کان پري فطري خوشيءَ سان مالا مال آھي. غربت ۾ بہ مھاڻن جي چھرن تي مرڪ جا ڪنول ٽڙندي نظر اچن ٿا. خوشيون پئسي يا آسائش جون محتاج نہ آھن. سبب خوشين کي عارضي بڻائي ٿو ڇڏي. گل جو ٽڙڻ بہ فطري عمل آھي. گل تي پوپٽ جا ڦيرا بہ ان تعلق جي سونھن آھن. اھو لمحو مرڪ جيان ڀاسي ٿو.
فطرت جو ھر منظر ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ سچي خوشيءَ سان سرشار آھي.
ھو مکيءَ ڍنڍ جي ھر لمحي کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪري رھيو آھي.
ڳوٺان ۾ اڃان بي چيني ھئي. ھو سمجهن پيا تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ ڪري پوک واري زمين ضايع ٿي ويندي، جيڪڏھن ڊزائن ۾ تبديلي آڻي ڊيم جي پاڻي جي سطح گهٽائجي ھا تہ پوءِ پوک لائق ھزارين ايڪڙ زمين پاڻي کان محروم ٿي وڃن ھا. ان ڪري ئي وقار سوچيو ھو تہ ماڙيءَ جي چؤڌاري بند ٻڌجي. اھا ڳالهہ ڳوٺاڻن کي سمجهائيندي چڱو وقت لڳو پر پوءِ بہ مقامي ماڻهن جي اعتماد کي سخت ڇيھو رسڻ ڪري ھاڻ ھو اعليٰ اختياري جي ھر عمل کي شڪ جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
باز مينھن واچ ڪندو آيو ۽ مکي جو پاڻي واچوڙي جيان ٻيڙيءَ تي وسڻ لڳو، جنھن ۾ سارنگ ۽ وقار ويٺا ھئا. پاڻي ڪئميرا تي اچي پيو. احمد جيڪو موٽر بوٽ ھلائي رھيو، گهٻرائٽ سبب ٻيڙيءَ جي اسٽيرنگ کان ھٿ ڇڏائجي ويس. وري جو باز مٿي اڏاڻو تہ ڄڻ مينھن جو پاڻي ھنن مٿان وسڻ لڳو. ڪڙل شڪار تي اريبي ڪنڊ ٺاھي گهت ھنئي ھئي. وقار ڪپڙو کڻي ڪيمرا تان پاڻي صاف ڪرڻ لڳو. ان ھڪ لمحي ۾ کين ائين محسوس ٿيو ڄڻ آسمان تان وڄ ڪري ھجي.
”واقعي باز ھڪ شاھي پکي آھي.“ سارنگ باز جي شڪارجي ڏانء کان متاثر ٿيندي چيو.
وقار مٿي ڏٺو ھڪ مڇي باز جي ڊگهين وريل چنبن ۾ ڦٿڪي رھي ھي.
”ھن پکي جون عقابي نظرون ڪيتريون نہ تيز آھن.“ سارنگ اُڀ ڏانهن مٿي نھاريندي چيو.
”ھي پري کان شڪار ڏسي وٺي ٿو. ھن جي شڪار جو علائقو اٽڪل پنجويھ ڪلوميٽر ھم چورس آھي. ھن جي ڪاميابي حملي جو سبب تيز جهڙپ آھي.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
باز جي ڪامياب حملي جي خاص ڳالهہ تيزي، چالاڪي ۽ اوچتو اچي شڪار تي ڪڙڪڻ آھي، جنھن جو مشاھدو ھنن سامهون کان ڪيو. ويڪرا پَرَ ۽ وزني باز جي ڦڙتي ڏسي ٻئي حيران ٿي ويا. ٻيڙي تيزي سان ماڙيءَ ڏانھن وڌڻ لڳي. ٻيٽاري تي پھچي ھن سب انجنيئر صادق کان حال احوال ورتو. ڪم جي رفتار سست ھئي، جنھن جو سبب اھو ھو تہ ڪي مشينون خراب ٿي پيون ھيون. ان کان علاوہ ڪجهہ مزدور بيمار ٿي پيا ھئا. وقار کي ڪم مان فارغ ٿي پنجين ڌاري حيدرآباد لاءِ نڪرڻو ھو.
ھڪ مصروف ڏينھن آھستي آھستي سڪون جي منزل ڏانهن وڌي رھيو ھو. مکي جي پاڻيءَ تي سج جا ڪرڻا رقص ڪري رھيا ھئا.
وقار ڪم مان فارغ ٿي حيدآباد لاءِ نڪتو تہ شام ٿي چڪي ھئي. چوٽياري ڊيم جو ڪم بہ تيزي سان جاري ھو. ھن جي واپس سانگهڙ اچڻ جي ڪري ڪافي معاملا سلجهي ويا ھئا. ماڻهن کي قائل ڪرڻ مشڪل ڪانهي پر ھو فقط پنھنجي ھمدرد ۽ ھڏ ڏوکي جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ راضي ٿين ٿا. ائين سندس چيو بہ مڃين ٿا. ھو گاڏي ھلائيندي جوليا متعلق سوچيندو رھيو . ھو جوليا جي اکين ۾ پنھنجي پسندگي جا تاثرات واضح محسوس ڪرڻ لڳو آھي، پر جوليا محتاط آھي. ھوءَ لفظن ۾ احساس جا موتي پروئڻ کان پاسو ڪري ٿي، پر ساڳي وقت ھوءَ وقار جا تاثرات پڙھڻ چاھيندي آھي. شايد کيس انتظار آھي، انهن لمحن جو جڏھن وقار دل کولي ھن جي سامهون رکندو. شايد ھو خوش فھمي ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. ھو جيڪو ڪجهہ سوچي رھيو آھي. انهن مان ڪا ھڪ ڳالهہ بہ سچ نہ ھجي.
ارم، وقار جو انتظار ڪري رھي ھئي. ارسل کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي وڃڻو ھو. ھڪ ٻہ ٻيا ڪم ھئا، جيڪي کيس اڄ ئي ڪرڻا ھئا.
ٻار ننڊ پيا ھئا. ھوءَ بہ صوفي تي ليٽي پئي. سامهون ٽي وي کليل آھي پر ارم جو ڌيان ٻئي پاسي ٿو لڳي. ھو مستقل جوليا جي باري ۾ سوچي ٿي. جوليا جو رويو ٻارن ۽ ھن سان تمام سٺو ھو. ٻار بہ ھن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. جوليا جي خاص ڳالهہ ٻارن جي نفسيات سان واقفيت ھئي، پر ان جي باوجود بہ ھوءَ جوليا جي سونھن ۽ ذھانت کان خائف ھئي. ھن وقار جي نظرن ۾ پسند جا جذبا ڏٺا ھئا. جوليا بہ وقار کي پسند ڪري ٿي. ھن جي ڳالهين مان ارم اھو اندازو لڳايو ھو. ضروري تہ ناھي تہ پسنديدگيءَ جو انجام شادي ھجي، پر پوءِ بہ ھوءَ پاڻ کي ڪيترا دليل ڏيڻ جي باوجود بہ مطمئن نہ ھئي. ھو چاھي پئي تہ جوليا ھتان ھلي وڃي. اھو روايتي سوچ جو ڏوھہ ھو يا ھوءَ چؤڌاري ٿيندڙ حالتن کان پريشان آھي،جنھن مطابق ڪيترين تعليم يافتہ ڇوڪرين شادي شدہ مردن سان شاديون ڪيون آھن. مرد جي ٻي شادي جرم ناھي، پر ھو رشتن ۾ توازن رکن ۾ ناڪام ٿيو آھي. پھرين زال ۽ ٻار ڪٿي نہ ڪٿي نظر انداز ٿي وڃن ٿا. ارم کي احساس ھو تہ ھوءَ زندگي جي ڏکئي موڙ مان گذري رھي آھي.
ڪو سبب ملي وڃي تہ پوءِ سمورا واقعا ۽ حالات سوچ جي ان رخ تي سفر ڪندي نظر اچن ٿا.
ھوءَ اندر جي اڻ تڻ مان بيزار ٿي چڪي آھي. ان موضوع وڌيڪ سوچڻ سان کيس تڪليف جو احساس وڌندو محسوس ٿئي ٿو. اھا حقيقت ھئي تہ وقار پنھنجي نوڪريءَ ۾ تمام گهڻو مصروف ھو، کيس ذھني سڪون جي ضرورت ھئي. ٻئي پاسي ارم پاڻ کي اڪثر اڪيلو محسوس ڪندي ھئي. ھاڻ ھوءَ امينہ سان بہ گهڻو ملڻ کان پاسو ڪري ٿو.
ھن ٻارن کي پنھنجي سوچ جو محور بڻائي ڇڏيو ھو. ھر ڳالهہ، مسئلي يا ذھني مونجهاري جو اثر ٻارن جي صحت تي پوي ٿو. ٻار خوش ۽ مطمئن آھن تہ سڄو گهر روشن ۽ متحرڪ لڳي ٿو.
ارسل جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ ھوءَ ھراسجي وئي. ٻار گهر جي سونھن ۽ والدين جي ڪل ڪائنات ٿين ٿا.
پيءُ ماءُ مصروف آھن تہ سونھن جو اھو گل مرجهائجي وڃي ٿو. ان ڪري ھوءَ محسوس ڪري ٿي تہ ٻارن جي معصوم دنيا جو فطري حسن برقرار رھڻ گهرجي.
وقار جي زندگي وڌيڪ مصروف ٿي وئي آھي. ھو روز حيدرآباد مان سانگهڙ لاءِ روانو ٿئي ٿو ۽ شام جو واپسي ۾ ھڪ مشڪل ڏينھن جي پڄاڻيءَ تي گهر وارا کيس منتظر ملن ٿا. جتي ھو ٻارن کي معياري وقت ڏئي ٿو ۽ کين آکاڻيون ٻڌائي ٿو. ھن وٽ سنڌ جي گهاٽن ٻيلن ۾ رھندڙ جانورن ۽ پکين جون خوبصورت ڪھاڻيون آھن، جيڪي ٻار حيرت ۽ تجسس مان ٻڌن ٿا. رستي تي ئي ھو ڪھاڻي سوچي ٿو وٺي. ننڍپڻ ۾ سندس والد سڀني ٻارن کي ڪھاڻي ٻڌائيندو ھو. اُھي لمحا کيس ياد رھجي ويا آھن. ساڳي ريت ھو ٻارن سان پنھنجي ڪم جا تجربا ۽ اُتساھ بہ ونڊي ٿو. آفيس ۾ ڪم جي وڌڻ ڪري ٻہ ٽي ڏينھن کيس سانگهڙ ۾ رھڻو آھي.
انگريز ڪنسلٽنٽ ڪجهہ ڏينھن ۾ واپس انگيلنڊ روانا ٿيڻا آھن، ھو انھن تيارين ۾ لڳا پيا آھن. ان کان پوءِ مقامي ماھر چارج سنڀاليندا، اڃان ريزروائر جي مڪمل ٿيڻ ۾ سال باقي آھي. انگريزن سان ڪم ڪري وقار گهڻو ڪجهہ سکيو. ھو ڪم کي بوجهہ سمجهي نہ ٿا ڪن. ان کانسواءِ غلط قسم جي معاملن ۾ حصو نٿا وٺن. پئسي جي ڏيتي ليتي سان کين ڪا بہ دلچسپي نہ آھي. ھو ڪتابن پڙھڻ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ مھم جوئي کي پسند ڪن ٿا. سندس ڳالهيون پڻ معلومات سان ڀرپور آھن.
بھار جو خوبصورت ڏينھن آھي. ٻنين ۾ مرد ۽ عورتون پوک ۾ مصروف آھن. ڪلائيو وقار سان گڏ آھي. ھو آفيس مان نڪتا آھن ۽ چوٽياري ڏانھن وڃي رھيا آھن. رستي ۾ ٻھراڙي جا خوبصورت منظر اچن ٿا، جڏھن مکي جي ويجهو پھچن ٿا تہ فش ايگل جي تيز ميڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
اھا آواز ڪڍندي باز مٿو پوئتي ڪري ٿو. ڪلائيو وٽ جهنگلي جيوت جي تمام سٺي ڄاڻ آھي، جيئن ڪلائيو کيس ٻڌايو تہ اڄ بہ دنيا ۾ ڏھہ لکن کان ويھ لکن تائين فش ايگل موجود آھن.
”ھي پکي سترھن سالن کان چويھ سالن تائين جيئرو رھي ٿو. کيس King of the Fisher پڻ سڏيو وڃي ٿو.“ ڪلائيو چيو.
”ھا ماحولياتي گدلاڻ سبب پکين جي زنگيءَ غير يقيني واري ٿي پئي آھي.“ وقار آسمان ڏانھن ڏسندي چيو.
ڪلائيو کي اھا خاموشي مزو ڏيئي رھي ھئي. ھو انڊيا ۽ بنگال جي جهنگن ۾ بہ گهمي چڪو ھو. مکي ڍنڍ جو ماحول کيس وڻي پيو.
”ھيءَ ميڊيٽيشن لاءِ سٺو ماحول آھي.“ ڪلائيو چيو.
”ھي ماحول تخليقي ڪاوشن لاءِ بہ وڻندڙ آھي.“ وقار مرڪي ڏانھنس ڏٺو.
”ھتي نيچر ميڊيٽيشن بہ ٿي سگهي ٿي.“ ڪلائيو چيو.
وقار محسوس ڪيو تہ اڪثر ڪلائيو چند گهڙيون ماحول کان ڪٽجي اکيون بند ڪري ڇڏيندو ھو.
ھن وقار کي ٻڌايو تہ انهن چند لمحن بہ ھو پنھنجي ذھن کي انتشار مان ڪڍي واپس ھڪ مرڪز تي آڻي بيھاري ٿو.
اھي لمحا سندس سوچ جي ڪارڪردگي وڌائين ٿا. وقار اھا ڳالهہ محسوس ڪئي ھئي تہ ھي انگريز پنھنجي ذھن ۽ جسماني فٽنس تي ڪيڏي ڌيان ڏين ٿا. جوليا بہ يوگا ۽ ميڊيٽيشن ڪندي ھئي. وقار کي جيڪو وقت ملندو ھو تہ ھو گهر فون ڪري ارم ۽ ٻارن سان ڳالهائيندو ھو. اھا ھن جي لاءِ ميڊيٽيشن ھئي. پر مکي ڍنڍ واري پاسي يا چوٽياري تي فون جي سھولت نہ ھوندي ھئي تہ پوءِ پرس ۾ رکيل ارم، ارسل ۽ عيني جي تصوير ڏسي مرڪي پوندو ھو.
انگريزن جي وڃڻ ۾ ھفتو باقي آھي. جوليا، وقار جي آفيس ۾ ويٺي آھي. وقار کيس ماڙيءَ جي ڪم جي تفصيل ٻڌائي رھيو آھي. ھوءَ مھاڻن جي مسئلن کان وٺي ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڏکيائن کان واقف آھي. جوليا مڪمل طور تي ڪم ۾ ملوث ٿي چؤطرف ڌيان رکي ٿي، جيڪا ڳالهہ کيس ٻين آفيسرن کان مختلف ڪري ٿي.
ھوءَ ادب سان گڏ تاريخ ۽ فلسفي جي پڙھندڙ آھي. ان ڪري وقار کي ھن جي ڳالهين کي دلچسپي سان ٻڌي ٿو. ڪم ختم ٿيو تہ جوليا چيو:
”ھن دفعي ٻارن سان ملي مون کي تمام گهڻو مزو آيو.“
”ھا ٻارن جي ھڪ معصوم ۽ انوکي دنيا ٿئي ٿي.“ وقار چيو.
”ٻار جهنگلي جيوت جي باري ۾ گهڻو ڳالهائين ٿا. ائين محسوس ٿئي ٿو، اھي پکي ۽ جانور بہ ڄڻ توھان جي گهر جا ڀاتي ھجن.“ جوليا مرڪندي چيو.
”ھا بلڪل ائين آھي.“ وقار کلي ڏنو.
”ارم سان سٺي ڪچھري ٿي. ھوءَ ٿوري رزروڊ آھي.“
”ھا بلڪل، ھوءَ گهٽ ڳالهائيندي آھي.“
”ھوءَ ڳالهائي گهٽ ٿي پر سندس مشاھدو سٺو آھي. سٺو ٻڌندڙ زندگيءَ جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکي ٿو.“
وقار کي لڳو جوليا، ارم کي ھر لحاظ کان خوشقسمت سمجهي ٿي.
جوليا جي وڃڻ کان پوءِ ھو ڊيم جي ڪم جو جائزو وٺڻ نڪتو تہ سامهون ڪريم پئي آيو. ڪجهہ ڪمزور ٿي لڳو.
”ڏي خبر ڪريم، ھاڻ طبيعت ڪيئن اٿئي؟“
”ھاڻ بھتر آھي سائين.“ ڪريم ڪجهہ وقت کان بيمار ھو.
ھن ڪريم کي ساڻ کنيو ۽ مکي ڍنڍ ڏانهن روانو ٿيو. اھو سانگهڙ جو خوبصورت ترين ڏينھن ھو. ساوڪ جهومي رھي آھي، جنھن علائقي ۾ ڍنڍون، ڍورا، ترايون ۽ تلاءُ ٿين ٿا، اُتي موسم بہ معتدل ٿئي ٿي. ٻنين ٻارن جي ڪري پاڻيءَ سان ڀنل زمين جو واس دماغ کي فرحت بخشي ٿو. انهن ٻھراڙين ۾ زندگي خالص ۽ صحت بخش آھي.
مختلف خوبصورت منظر پوئتي ڇڏيندي گاڏي اڳتي وڌندي رھي.
مکي ڍنڍ وٽ احمد ٻيڙي ۾ کين منتظر مليو. سارنگ بہ ان وقت پنھنجي موٽرسائيڪل مان لھي ھن ڏانھن وڌيو. اڄ وقار کي سڄو ڏينھن بند تي رھي ڪم کي نبيرڻو ھو. ھن جي موجودگي جي ڪري ڪم تڪڙو ٿيندو ھو. ڪي ٻيا ضروري مسئلا بہ حل ڪرڻا ھين. ھڪ مصروف ترين ڏينھن سندس منتظر ھو. ٻئي پاسي ڪنسلٽنٽ وڃي رھيا ھئا. خاص ڪري ماحوليات جا ماھر جلد وڃي رھيا ھئا. سندن وڃڻ ۾ ٻہ ٽي ڏينھن وڃي بچيا ھئا.
رات جو سڀ اسٽيو جي گهر گڏ ٿيا.
تاريخ، ماحوليات ۽ موجودہ حالات تي ڳالهائي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن ھالا وڃڻ جو پروگرام ھو. خواتين کي شاپنگ ڪرڻي ھئي. اسٽيو، ٽينا ۽ جوليا وڃي رھيا ھئا.
جوليا جو خيال ھو تہ ارم بہ ھلي پر وقار محسوس ڪيو تہ ٻار پريشان ٿيندا. يا شايد ارم نہ ھلي. ھونئن بہ ھو ٿورو محتاط ٿي ويو ھو.
سڀني کي احساس ھو تہ جلد ھو پنھنجي دنيا ۾ واپس ھليا ويندا. ھنن سانگهڙ ۾ سٺا ڏينھن گذاريا ھئا. گڏجي ڪيترا ئي سفر ڪيا ھئا. گڏ وقت گذارڻ سان ھڪٻئي سان پنھنجائپ ٿي وڃي ٿي.
”ارم جي طبيعت مختلف آھي.“ جوليا چيو.
”ھا ھن جي پنھنجي الڳ دنيا آھي.“
”لفظن جي دنيا جنھن ۾ شعر جڙندا آھن، ھا نہ...“
”ھا ائين تہ آھي...“
”ھن تو تي بہ شعر چيا ھوندا.“ جوليا جي لھجي ۾ شرارت ھئي.
”تون پاڻ ارم کان ڇو نہ ٿي پڇين؟“ وقار بہ ساڳي انداز ۾ جواب ڏنو.
”مان بہ اسڪول جي زماني ۾ شاعري ڪندي ھيس.“
”اڇا!“ وقار حيرت مان چيو.
”پوءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ مان گهڻي حساس ٿيندي ٿي وڃان.“
”پوءِ؟“
”گهڻي سوچڻ سان ماڻهو ھڪ ٻي دنيا ۾ پھچي وڃي ٿو، جتي آوازون گهڻو پوئتي رھجي وڃن ٿيون.“
”ھا شاعرن جي منفرد دنيا ٿئي ٿي، ھونئن توکي ڪھڙو شاعر پسند آھي.“ وقار جوليا جي سونھن کي اکين ۾ جذب ڪندي پڇيو.
”مون کي ورڊز ورٿ متاثر ڪري ٿو، ڇا تو ورڊز ورٿ کي پڙھيو آھي؟“
”بس سرسري طور تي.“ وقار جواب ڏنو.
”ھو فطرت جو خوبصورت شاعر آھي، ان انداز سان فطري سونھن کي انگريزي جي ڪنھن ٻئي شاعر بيان نہ ڪيو آھي.“
”مان انگلينڊ ويو ھيس تہ ورڊز ورٿ جي گهر “Dove Cottage” بہ ڏسڻ ويو ھيس.“
”خوبصورت جڳھ آھي نہ ... فطري سونھن سان ڀرپور.“ جوليا جي اکين ۾ چمڪ وڌي وئي.
”ھا انتھائي خوبصورت علائقو آھي. شايد ان سونھن ورڊز ورٿ کي شعر لکڻ لاءِ اُتساھيو ھوندو.“
”شاعر فطري خوبصورتي کي پسند ڪن ٿا.“
”توکي شعر چوڻ لاءِ ڪنھن اُتساھيو ھو؟“ وقار جي سوال تي جوليا خاموش ٿي وئي.
”منھنجي ڪزن ھينري....“
وقار جو منھن ھڪدم لھي ويو. ھڪ غير محسوس تعلق ۾ بہ ملڪيت سجهڻ جو عنصر شامل ٿئي ٿو شايد!
”تون ھن سان محبت ڪندي ھئينءَ؟“ وقار کي يقين ھو تہ ھو نہ چوندي.
”آف ڪورس.“ جوليا بي اختيار کلي پئي.
”پوءِ ان ڪھاڻي جو ڇا انجام ٿيو.“
”اھا ڪھاڻي انجام تائين پڄڻ کان اڳ ختم ٿي وئي.“ جوليا اداسيءَ مان چيو.
”آءِ ايم ساري.“
اداسي ۾ ھوءَ حسين لڳي رھي ھئي.
ھڪ پراڻي ياد ۾ گم ماضي جو حصو لڳڻ لڳي.
”شاعريءَ ڇو ڇڏي؟“
”اھا مون کي حقيقت جي دنيا کان پري وٺي وڃي رھي ھئي.“ جوليا ٿڌو ساھ ڀريو.
”ڇا خواب ۽ حقيقت گڏ نہ ٿا ھلي سگهن؟“ وقار پڇيو.
”شايد مون کي سوچ جو منطقي انداز وڻي ٿو.“
ڪلائيو بہ ڀرسان اچي ويٺو ۽ گفتگو ۾ شريڪ ٿي ويو. دليون، بحث مباحثا ۽ تڪرار زندگي جي نمائندگي ڪن ٿا. زندگيءَ جيڪا فلسفي ۽ منطق کان گهڻي مختلف آھي. زندگيءَ تشريحن ۾ پنھنجو اصلي پڻو وڃائي ٿي ويھي.
ٻئي ڏينھن ھالا لاءِ روانا ٿيا.
جوليا، وقار سان فرنٽ سيٽ تي ويٺي. اسٽيو ۽ ڪرسٽينا جي گاڏي گڏ گڏ ھلڻ لڳي.
اڄ ڊرائيور نہ پھچي سگهيو. اھو بہ حسنِ اتفاق! وقار خوش ٿي سوچيو.
ھڪ ڊگهو خوبصورت رستو ھو، جنھن تي ھلندي خوشي سان گڏ اداسي بہ وکريل ھئي.
خوشي ھڪ خوبصورت ساٿ جي ۽ اداسي جو سبب وقت جو مختصر ھئڻ ھو.
وقت تيزي سان گذري ٿو.
وقت ڄڻ ڪو پکي ھجي، جنھن جا پَرَ آسمان جي وسعتن ۾ بنان ٿڪاوٽ جي اڏامندا رھن ٿا. لمحا جيڪي اڏري وڃن ٿا. ڪڏھن بہ واپس نہ ٿا ورن. وقار ٿڌو ساھ ڀريو.
اڄ جوليا کي نيري ۽ سائي رنگ جي شلوار قميص پھريل ھئي. ھوءَ جڏھن بازار يا ماڻهن جي ميڙ ۾ ويندي ھئي تہ سنڌي لباس پھريندي ھئي، جنھن جو سبب ٻڌائيندي ھو چوندي ھئي، ”جھڙو ديس تھڙو ويس....“
جوليا بہ اداس ھئي، ٻنهي جي وچ ۾ غير محسوس اداسي ڇانيل ھئي.
ھوءَ گهڻي سمجهدار ھئي. ان سمجهداري ئي وقار کي موھيو ھو.
گاڏي جي ٻنهي پاسي گهاٽن وڻن جي قطار ھئي. اھو ھڪ خوبصورت رستو ھو. گهاٽن وڻن سان ڀريل۽ ماڪ ڀنل خوشبو ورھائيندڙ.
”تون اڄ پنھنجي ڪا نظم ٻڌاءِ.“ وقار چيو.
”گهڻو وقت اڳي لکيا ھيم، ڪجهہ نظم... ھاڻ تہ ياد بہ نہ رھيا اھن.“ جوليا مرڪي چيو پوءِ ڪجهہ دير سوچيندي رھي ڄڻ نظم ياد ڪندي ھجي. پوءِ نظم ٻڌائڻ لڳي.
”ٿيمز جي ڪناري گذاريل ھڪ شام“
بادل جهاتي پائي
ھيٺ ڏسن ٿا
پاڻيءَ جي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي
لھرون لھرون بڻجي وکري وڃن ٿا
بادلن مان ماڪ ڦڙا ڪرن ٿا
ٿيمز جون لھرون گول دائرن ۾
رقص ڪن ٿيون
پاڻي پاڻي سان ملي ٿو
آسمان ۽ زمين جو سنگم
پاڻي، پاڻي کي ڇڪي ٿو
ڪڏھن ڪو خوبصورت
منظر ڏسڻو ھجئي
ٿيمز تي برسات پوندي
ضرور ڏسجانءِ.“
”واھ! خوبصورت نظم آھي.“ وقار لفظن جي گهرائي ۾ وڃائجي ويو. جوليا جا احساس ڪيڏا نہ خوبصورت آھن.
مون کي جيڪو ياد آيو، چوندي ويس ان ڪري نظم ۾ تسلسل نہ ھو.
”ان جي باوجود بہ خيال وڻندڙ آھي.“ وقار چيو.
”خوبصورت خيال ئي تہ شاعريءَ جو تت آھي.“ جوليا وراڻيو.
”تون مون کي ڀٽائيءَ جو ڪو شعر ٻڌاءِ.“ جوليا چيو.
”ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀونري ڀري آڪاس
ٻنھي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
تنھن عشق کي شاباس جنھن محبتي ميڙيا.“
”مان لفظ نہ ٿي سمجهان پر لفظن جي سرن کي محسوس ڪري سگهان ٿي.“ جوليا مرڪي چيو.
وقار شعر ترجمو ڪري کيس ٻڌايو تہ ھوءَ حيران ٿي وئي.
ڪيڏي نہ گھرائي آھي، ھن شعر ۾ لفط ڄڻ تہ روح ۾ لھندا ٿا وڃن. تعلق جي سونھن کي محسوس ڪري....
”شاھہ جو انگريزي ۾ ترجمو ملي ويندو.“
”ھا ڪيترائي ترجما آھن.“
”مان شاھ کي پڙھڻ چاھيان ٿي.“ جوليا جي لھجي ۾ تجسس ھو.
خاموشي ڇائنجي وئي. خاموشي ۾ معنيٰ جا انوکا رمز لڪل آھن. جنھن ۾ اڻ چيل جذبن جو سنگيت جهومي ٿو.
ڀٽ شاھ تي پھچي ڀٽائي جي درگاھ تي حاضري ڏيندي، ماڻهن جي ميڙ ۾ ھلندي ھو مختلف لڳي رھيا آھن.
انڪري ٻارن جو جلوس بہ ھنن سان گڏ ٿو ھلي. سندن چھرن تي حيرت جا آثار آھن. ھو ڄڻ تہ ڪنھن ٻي دنيا جا رھواسي ھجن!.
”ورڊز ورٿ جي شاعري جو اُتساھ ليڪ ڊسٽرڪٽ ھئي ۽ ڀٽائي ڪراڙ ڍنڍ جي فطري ماحول جي سونھن کان متاثر ھو.“ ڪراڙ ڍنڍ وٽ پھچي وقار چيو.
”ھتي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪا خاص سنڀار نہ لڌي وئي آھي.“ جوليا جي چھري تي افسوس ھو.
ڀٽ شاھ گهمي ڦري، اجرڪ سازي ڏسڻ لاءِ ويا. جوليا، ڪرسٽينا ۽ اسٽيو، اجرڪ جي رنگن کان متاثر ھئا. اھو اجرڪ انگلينڊ ۾ رھندڙ سنڌي ثقافت جي سوکڙي طور استعمال ڪن ٿا.
”مان اڪثر سوچيندي آھيان تہ اجرڪ ڪيئن ٺھندو آھي؟“ ڪرسٽينا چيو.
”ھا ھن جارنگ خوبصورت آھن.“ اسٽيو، ڪاريگرن کي ڪم ڪندي ڏسي چيو.
ڪاريگر کين اجرڪ جي تياري جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. وقار ترجمو ڪرڻ لڳو.
”سائين پھريون پنج ميٽر بافتو يا ھرک وٺون ٿا. ھي گهڻي ڀاڱي ھٿ سان اُڻيو وڃي ٿو. ان ڪپڙي کي ڌوئي سڪائي ساڪڙ جو رنگ ڏيون ٿا. پوءِ اھو ميرانجھڙو ٿي وڃي ٿو، جنھن کانپوءِ چويھ ڪلاڪ ان ڪپڙي کي اُس ۾ سڪايون ٿا. ان ڪپڙي کي سرنھن يا ارنڊيءَ جي تيل ۾ ٻوڙي ٻارنھن ڏينھن کانپوءِ اُن کي تيل مان ٻاھر ڪڍون ٿا. ڪپڙو ڌوئي ٻيھر اُس ۾ سڪايو وڃي ٿو. ان کانپوءِ ڇرڻ جو مرحلو اچي ٿو.“ پوءِ ڪاريگر کين ڇر جا ٺپا ڏيکارڻ لڳو. ڪرسٽينا ۽ جوليا بلاڪس کي ڏسڻ لڳيون.
”ھن ڊزائن جا ڪيترا ٺپا آھن؟“ ڪرسٽينا پڇي ٿي.
ڪاريگر وائڙو ٿي ويو تہ ميم صاحبہ ڇا ٿي چوي. وقار ترجمو ڪري ٻڌائي ٿو.
”سائين سنڌ ۾ اٽڪل ٽي سو ڊزائن جا ٺپا رائج آھن، جيڪي نج سنڌي ڊزائن جا آھن.“
ڪاريگر وڌي تختي تي ڪپڙو ڦھلائي رنگين ٺپن سان اجرڪ تي نقش و نگار ڪڍي رھيا ھئا.
”اھڙو ڪم دنيا ۾ ڪٿي بہ، ٻئي ھنڌ نہ ٿو ٿئي.“ اسٽيو چيو.
”ھا مان بہ بلاڪ پرنٽنگ جا مختلف نمونا انڊيا، سري لنڪا ۽ انڊونيشيا ۾ ڏٺا آھن، پر سنڌ ۾ تمام بھترين ڪم ٿئي ٿو.“ جوليا چيو.
اھو ٻڌي ٻڌي وقار کي پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت جي سونھن تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو.
ڪرسٽينا کي ڪپڙي ۽ فيشن ڊزائنگ جي سٺي ڄاڻ ھئي.
”واقعي بي مثال رنگ ۽ ڊزائن آھن.“ جوليا اجرڪ تي ھٿ ڦيرائيندي چيو.
ھالا ھينڊي ڪرافٽس سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھي فن سنڌ جي قديم تھذيب جي نمائندگي ڪري ٿو. اڄڪلهہ بلاڪ پرنٽنگ جو ڪم تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
اجرڪ سازي جو ڪم ڏسي وڃي دڪانن تي خريداري لاءِ پھتا.
ڪاشي جا ٿانوَ ۽ شو پيس ڏسڻ لڳا. ڪاٺ سان ٺھيل سامان جي خريداري ۾ مصروف ٿي ويا. وقار گلابي رنگ جو سوٽ پيڪ ڪرائڻ لڳو.
”ارم لاءِ؟“ جوليا پڇيو.
”ھا“ وقار مرڪي وراڻيو.
”ارم خوشقسمت آھي جو ھن کي ايترو خيال رکڻ وارو جيون ساٿي مليو آھي.“ جوليا حسرت سان چيو.
”ھر خوشقسمت ماڻهو ٻئي جي زندگيءَ کي حسرت سان ڏسي ٿو.“ وقار جواب ڏنو.
”ڇا مطلب ارم توسان خوش نہ آھي؟“
”ھوءَ تمام گهڻي خوش آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن سندس موڊ بدلجي وڃن ٿا.“
”اھا اسان سمورين ماين کي بيماري آھي تہ اسان جا رويا ساڳيا نہ ٿا رھن.“ جوليا کلي پئي.
”جوليا ھڪ خوبصورت ڳاڙھي رنگ جو جوڙو ڪڍي چيو :”ھي رنگ ارم تي ٺھندو، مان ھن لاءِ وٺان ٿي.“
”ارم ڳاڙھو رنگ نہ پائيندي آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”ڳاڙھو رنگ تہ تمام سھڻو ٿيندو آھي.“ جوليا حيرت سان چيو.
”ارم کي تمام گهڻا شوخ رنگ نہ وڻندا آھن.“ وقار چيو.
”پوءِ ھي سي گرين ڏسو ھي تہ پسند ايندس.“
”ھا ھي رنگ پسند ڪندي.“ وقار وراڻيو.
جوليا ۾ پنھنجائپ ھئي. ھوءَ بہ سندس خاندان جي فرد وانگر ھئي. اھا خوبي بہ گهٽ ماڻهن ۾ ٿئي ٿي.
وقار ارم لاءِ ٻہ ٽي سوٽ ورتا ۽ ٻارن لاءِ ڪاشي جا جانور، خريداري ڪري فارغ ٿيا تہ شام جا چار ٿي رھيا ھئا.
جوليا جو ضد ھو تہ چانھہ گهر ھلي پيون. ان ڪري ھن ارم کي فون ڪري چانھ ۽ چھراڻ لاءِ چيو.
واپسي لاءِ نڪتا تہ موسم انتھائي خوشگوار ھئي. آسمان تي ھلڪا بادل تري رھيا ھئا. ھوائون ڇڙواڳ ھيون.
”وقت ڪيتري جلدي گذري وڃي ٿو.“ جوليا ٿڌو ساھ ڀري چيو.
وقار کي جوليا جي اداسي محسوس ٿيڻ لڳي.
”تون ارم ۽ ٻارن کي انگلينڊ وٺي ضرور اچجانءِ.“ جوليا چيو.
”ھا ضرور....“ وقار بہ گھري سوچ ۾ ھو.
”تو مون کي ان ڇوڪري جي باري ۾ نہ ٻڌايو، جنھن جي ڪري ارم توسان وڙھي ھئي.“ جوليا پڇيو.
”ڪا ھڪ ھجي تہ ٻڌايان...“ وقار مذاق ۾ چيو.
”تون ڳالهہ نٽائي رھيو آھين.“
”سمجهہ تہ اُھا ھڪ خيالي تصوير آھي. ڇو تہ مرد ڪامليت پسند ٿئي ٿو. ائين ڪا بہ عورت خامين کان آجي نہ آھي.“
”مرد بہ تہ خامين جو مجموعو آھي.“ جوليا حيرت سان چيو.
”عورت ان کي زندگيءَ جي حقيقت سمجهي قبول ڪري ٿي.“ وقار کيس روايتي مرد لڳو.
”پر مان اھا حقيقت قبول نہ ڪندس. مان چاھيندس تہ جيڪڏھن مان خاميون نظرانداز ڪيان ٿي تہ سامهون وارو منھنجون خاميون بہ وساري ڇڏي.“ جوليا جذباتي ٿيندي چيو.
”ھڪ ناممڪن ڳالهہ.“ وقار چيو.
”تون ٺيڪ ٿو چوين. منھنجي مڱڻي ٽٽڻ جو بہ اھو ئي سبب ھو. ھاڻ ڪرس ٽي شاديون ڪري چڪو آھي. ھو ھڪ ڏکيو ماڻهو ھو.“ جوليا اداسي سان چيو.
وقار کي لڳو جوليا کي بہ خوابن جي دنيا ۾ رهڻ پسند آھي. ھوءَ ھر معاملي ۾ حقيقت پسند نہ آھي.
”عورت حقيقت پسند نہ ٿي ڏاڍو لوڙي ٿي.“ وقار چيو.
”ڇا عورت کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي.“
”ھا.“
”ھوءَ مرد جون خاميون قبول ڪري ۽ پنھنجو پاڻ وساري ڇڏي.“
”قرباني تہ وري بہ عورت کي ڏيڻي پوي ٿي.“ وقار چيو.
وقار کي محسوس ٿيو، ڄڻ جوليا کي ھن جي سوچ ٻڌي ڏک ٿيو.
”انڪري مون سوچي ڇڏيو آھي تہ شادي نہ ڪندس.“
وقار يورپ ۾ ڏٺو ھو تہ ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون شادي کان بنان خوش زندگي گذاري رھيا ھئا.
”انسان ڪھڙو بہ فيصلو ڪري پر خوش رھي.“ وقار چيو. ٻئي خاموش ھئا. ٻنھي جي لبن تي اڌوري ڳالهہ ھئي. شايد پنھنجي سوچ کان ڊنل ھئا.
حيدرآباد گهر پھتا تہ ارم سندن انتظار پئي ڪيو. ٻار بہ ڊوڙي اچي ھن سان مليا.
”اميد تہ سفر سٺو گذريو ھوندو.“ ڊرائنگ روم ۾ سڀ ويٺا ھئا تہ ارم، ڪرسٽينا کان پڇيو.
”ھا تمام بھترين، ڏاڍو مزو آيو، ھي ٻئي خواتين تہ شاپنگ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪن ٿيون.“ اسٽيو جي ڳالهہ ٻڌي سڀ کلي پيا.
جوليا، پيڪٽ، ارم کي ڏيندي چيو.
”ھي منھنجي طرفان ادنيٰ تحفو آھي.“ ارم جي چھري تي رنگ پکڙجي ويا.
”ھر تحفو قيمتي ھوندو آھي.“ ارم مرڪي جوليا کي ڏٺو.
ڪرسٽينا بہ ارم لاءِ وڳو ورتو ھو.
”تون ھلين ھا تہ وڌيڪ مزو اچي ھا.“ جوليا چيو تہ ارم کلندي ھڪدم خاموش ٿي وئي.
ارسل ۽ عيني جا ٽيسٽ شروع ٿي ويا آھن.“
”ھا ٻارن جا امتحان ائين لڳندو آھي، ڄڻ مائرن جو پنھنجو امتحان ھجي.“ اسٽيو خوشدلي سان چيو تہ سڀ کلڻ لڳا.
”ھن آچر تي واپس انگلينڊ وڃي رھيا آھيون.“ ڪرسٽينا چيو.
”ايتري جلدي؟“ ارم پڇيو.
خبر ئي نہ پئي تہ وقت گذري ويو.“ جوليا چيو.
”توھان جي ڪمپني ۾ ڏاڍو مزو آيو.“ ڪرسٽينا چيو.
”ھا بلڪل پنھنجي گهر وارو احساس ملندو ھو اسان کي.“ جوليا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”سڀ کان وڌيڪ ٿورائتا وقار جا آھيون، اسان کي ڏاڍو گهمايو ۽ ڦرايو اٿائين.“ اسٽيو چيو.
”جڏھن مودڊ ٿئي ھليا اچجو. اڃان بہ گهڻا ماڳ مڪان رھجي ويا آھن.“ وقار چيو.
”ھاڻ توھان ٻارن سان ايندا اسان سان ملڻ.“ جوليا چيو.
”ھا ھا ضرور اينداسين. ٻار بہ توھان کي ساري رھيا ھئا. سندس زبان تي آنٽي جولياا ۽ آنٽي ڪرسٽينا ھوندو اٿن.“ ارم کلي ٻڌايو.
”تمام پيارا ٻار آھن، اسان کي ياد ايندا.“ جوليا چيو.
”شام ٿيڻ واري آھي، بھتر آھي تہ ھلجي.“ وقار چيو ۽ سڀ اٿي بيٺا. ھڪٻئي سان ملي موڪليائون.
واپسي تي جوليا خاموش ھئي. وقار بہ ڪجهہ سوچي رھيو ھو. ٿڪ محسوس ڪري رھيا ھئا. ذھن تي بوجهہ ھجي تہ وقت بہ ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو ٿو. ڪٿي ماڻهو جڏھن ڪجهہ وقت گذاري ٿو تہ ھو ان ماحول جو عادي ٿي وڃي ٿو. وڃڻ جو لمحو ھر ڪنھن کي ڏکيو لڳي ٿو. پوءِ ذھن ۾ خوشگوار وقت جون يادون محفوظ ٿي وڃن ٿيون. پوءِ ھر ڪو پنھنجي دنيا ۾ موٽي وڃي ٿو. گذريل وقت فقط تصويرن ۾ محفوظ رھجي ويندو آھي. ھڪ ٿڌو ساھ بڻجي. وقار جون نظرون ڳالهائين ٿيون ۽ جوليا اڻڄان بڻجڻ جي ڪوشش ۾ اندر ۾ جهري پئي ھجي ڄڻ تہ....
”مون کي سنڌ ۾ ڏاڍو مزو آيو. ھتي جا پاڻي جا وھڪرا، موسم، رنگين ثقافت ۽ سٻاجها ماڻهو تمام گهڻا ياد ايندا.“ جوليا روئڻھارڪي ٿي وئي...
وقار سندس احساس سمجهي رھيو ھو. ھو بہ اداس ھو.
ائين ڳالهيون ڪندي اھو ڊگهو رستو بہ ڄڻ تہ پل ۾ گذري ويو.آسمان جي شفق ميرانجهڙي شام ۾ وڃائجي وئي. گهرن جون بتيون ھڪ ھڪ ڪري ٻرڻ لڳيون تہ ھنن جي گاڏي بہ ريسٽ ھائوس ڏانھن ويندڙ رستي تي ھلڻ لڳي.
***