12
”افسوسناڪ واقعا آھن.“ چارلس چيو
تاريخ ۾ ترڪن خلاف عربن جي صحرائي گوريلا ويڙھ مشھور آھي، جنھن ۾ ٽي . اي لارنس اھم ڪردار ادا ڪيو ھو. ان لڙائي ۾ بہ ائين ٽرين ڪيرائي وئي ھئي.
”ھا سندن ڪتاب Seven Pillars of wisdom مون پڙھيو ھو.“ چارلس دلچسپيءَ سان وراڻيو.
”جنھن ۾ ھو ان حملي جو ڪاميابي جو سبب، حملي جي ھوشياري سان رٿيل منصوبابندي کي سڏيو ٿو.“ چارلس وڌيڪ معلومات فراھم ڪئي.
”ان گاڏي ڪيرائڻ واري واقعي ۾ دٻيءَ جون ٺھيل بندوقون بہ شامل ھيون. حرن وٽ دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ گهٽ ھٿيار ھئا. پھرين حر تحريڪ شروع ٿي تہ ان ۾ لوھارن جون گهڙيل ڪھاڙيون ۽ دٻي جون بندوقون استعمال ڪيون ويون.“وقار چيو.
”واقعي حرن جو جذبو ۽ ويڙھ جي سگهہ ساراھڻ جوڳي آھي.“ چارلس چيو.
”سائين ايڇ ٽي ليمبرڪ پنھنجي ڪتاب The Terrorist ۾ ڪجهہ ھنڌن تي ذڪر ڪيو آھي تہ حرن ھندوستاني راجائن کان ھٿيار حاصل ڪري، سنڌ جي اوڀر واري سرحد وٽ ڪٿي پوري رکيا ھئا، جيڪي ليمبرڪ جي خيال مطابق، تحريڪ جي ڪم نہ اچي سگهيا. بھرحال ان وقت دٻي جي ڪاريگرن اھا ڪمي پوري ڪري ڇڏي.“
وقار جي فراھم ڪيل معلومات کي سڀ غور سان ٻڌي رھيا ھئا.
دٻي، سانگهڙ جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي. ھي ڳوٺ مکي ۽ اڇڙي ٿر جي سنگم تي آباد آھي. بادار ڍنڍ جي ڪناري تي واقعي ھي ڳوٺ خوبصورت آھي. کجي جي وڻن، جنھن جي سونھن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.
گاڏي تيزيءَ سان منظر پٺيان ڇڏيندي ٿي وئي. ساوڪ تي سونھري ڪرڻا جرڪي رھيا ھئا. ٻھراڙي جي خالص منظرن ۾ بناوت کان عاري سونھن ٿئي ٿي. ھڪ وڻندڙ اجرو احساس ھر طرف وکريل ھو. ھوا ۾ فطري ماحول جي خوشبو مليل ھئي. بادار جي قلعي وٽ پھچي وقار کين قلعو گهمائڻ لڳو. پوءِ ٿوري دير کان پوءِ ھو بادار ڍنڍ جي ڪناري اچي ويٺا. دٻي ۾ رھندڙ دوست نظام بہ ٿوري دير اڳ اچي سندن سٿ ۾ شامل ٿيو، جنھن وٽ اڃا بہ دٻي جي ٺھيل بندوقن جا نمونا ھئا. ھندوستان جو مھاراجا بہ خاص آرڊر تي پاڻ ۽ پنھنجي فوج لاءِ ھتان ھٿيار گهرائيندا ھئا. ان وقت سنڌ ۾ ٺٽي، ڳڙي ڪيسر، ڏھرڪي، اوٻاوڙي ۽ حيدرآباد وغيرہ ۾ بہ اسلحہ سازي جا وڏا ڪارخانا موجود ھئا. دٻيءَ جي بندوقن کان سواءِ ھتان جي تلوارن، خنجرن، ڀالن ۽ ڪھاڙين جو بہ نالو ھو. وقار جي لفظن جي سحر ۾ انگريز آفيسر جون دليون وڪوڙجي ويون ھيون. نظام جي گهر پھتا تہ اوطاق ۾ سڀني ماني کاڌي پوءِ چانھ جو دور ھليو، اوطاق ۾ نظام ڪجهہ بندوقون کڻي آيو، جيڪي پراڻي دور جون يادگار ھيون. ڪلائيو کي پاڻي زماني جي اسلحي سان خاص دلچسپي ھئي. ان ڪري نظام ٻہ بندوقون ٻيون بہ کيس ڏيکاريون.
”ھي جهامڪ دار بندوق آھي ۽ ھن کي جُردار چون ٿا، ھي اڻلڀ اسلحو آھي.“ نظام چيو.
”دٻي پھرين ۽ ٻي حر تحريڪ دوران اسلحہ سازي ۾ عروج تي ھئي. پر ٻي حر جدوجھد بعد دٻيءَ تي دشمنن حملا ڪيا ۽ بمباري ڪئي وئي. جھازن ذريعي ڇاتا بردار فوج الڳ لاٿي وئي، جن ھتي جي لوھار خانن کي باھيون ڏنيون ۽ ڪافي ڪاريگر قيد ڪيا.“ نظام چيو.
وقار جو ذھن ماضيءَ ۾ ڀٽڪڻ لڳو.
ھن خطي جي تاريخ رت جي راند ۽ بارود جي دونھين سان ڀري پئي آھي. سنڌين، انگريزن خلاف جنگ جوٽي، حرن پنھنجي علائقن جي حفاظت ڪندي، پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. قيد و بند سٺا ۽ زمين، مال متاع کان محروم ڪيا ويا.
دُٻيءَ تي شام جا پاڇا لھي آيا ھئا، جيڪي ٻاھر کجي جي وڻن سان اکٻوٽ ڪري رھيا ھئا. بادار ڍنڍ جون لھرون ھوا کي ڇھي ڪتڪتايون ڪڍندي کين کلائي رھيون ھيون.
وقار ھاسٽل موٽيو تہ رات ٿي وئي. ارم جو فون آيو تہ ارسل کي بخار آھي ۽ ھو کيس ساري روئي پيو. اھو ٻڌي پريشان ٿي ويو. وقار ٻارن سان تمام گهڻو ويجهو ھو. ھن ۾ ٻارن لاءِ اھا روحاني ڇڪ ھئي، جيڪا ماءُ محسوس ڪندي آھي. فون تي ارسل سان ڳالهائي ٿو.
”بابا توھان اچو نہ“ ارسل جي جهيڻي آواز تي سندس ھيانءُ جهري پيو.
”ھا پٽ سڀاڻي ايندس.“ ھو بہ اداس ٿي ويو.
”نہ ھاڻي اچو، ھاڻي جو ھاڻي.“ ارسل جو لھجو لڙڪ ڀنل ھو.
ٻارن جي دنيا عجيب آھي، انهن جا ضد تھائين عجيب آھن.
وقار مرڪي پيو، سندس ڳالھ ٻڌي.
”پٽ ھينئر تہ رات ٿي وئي آھي.“ وقار کيس بھلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”سڀاڻي اچو تہ ھرڻ جا ٻچا کڻي اچجو.“ ارسل جي ڳالهہ تي ڇرڪي پيو.
”پر ھو ممي پپا بنان روئيندا.“ وقار محفوظ ٿيندي چيو.
”پوءِ ممي پپا کي بہ وٺي اچو.“
”ھو فليٽ ۾ ڪيئن رھندا پٽ. ھو تہ آزاد فضائن جا ھيراڪ آھن.“
”بابا ھرڻ جي ٻچن جو فوٽو ڪڍي اچو، مان اسڪول ۾ دوستن کي ڏيکاريندس.“
”ھا منھنجا پٽ کوڙ فوٽو.“ وقار کي بي اختيار سندس ڦوڪيل ڳل ياد اچي ويا.
”چڱو بابا امي سان ڳالهايو.“
”ٻئي ٻار بيمار پيا آھن، ڪجهہ ڏينھن موڪل وٺي اچو.“ ارم چيو.
”چڱو مان ڪوشش ڪندس.“ وقار کي ننڊ پئي آئي. ارم کان موڪلائي گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ان وقت سندس خيال ٻارن جي چوڌاري ڦرڻ لڳي لڳو. ٻار ننڍا ھئا ۽ کين پيءُ جي ويجهڙائي جي ضرورت ھئي. پيءُ جو ويجهو ھئڻ ٻارن لاءِ انتھائي ضروري آھي.
وري سندس سوچ ننڍپڻ ڏانھن ھلي وئي تہ ڪيئن سندس پيءُ کيس آکاڻيون ٻڌائيندو ھو. ٿورا وڏا ٿيا تہ کين گهمائڻ لاءِ ڪڏھن درياه جي ڪناري تي تہ ڪڏھن گهاٽن ٻيلن ۾ وٺي ويندو ھو.
ٻار کي پيءُ سان تحفظ جو احساس ملي ٿو. ٻار پيءُ جي توجھ بنا اڌورا رھجي وڃن ٿا. وقار پنھنجي پيءُ جو سوچي ٿڌو ساھ ڀري ٿو. سندس ماءُ تہ ڪيترا سال اڳ گذاري وئي ھئي، پر والد حيات ھيس. پھريون سڀ ھڪ وڏي ۽ ڀريي گهر ۾ رھندا ھئا. ھاڻ سڀ ھڪ ھڪ ڪري الڳ ٿيندا ويا. ڀريو ڀاڪلو گهر خالي ٿي ويو ھو. جتي ھاڻي فقط ننڍو ڀاءُ رھيس ٿو، والد ڪمري ۾ پڙھندو لکندو ۽ پيو ڊائري لکندو آھي يا ماضي ياد ڪري وڏا ٿڌا ساھہ کڻندو آھي.
عورت بہ وڏو فتنو آھي، جيڪر وڳوڙ نہ وجهن تہ ڪڏھن بہ آباد گهر اڪيلا نہ ٿين، گهرن ۾ ويڇا نہ وڌن.ھاڻ تہ سنڌ ۾ گڏيل ڪٽنب جو نظام وکري رھيو آھي. ارم کي بہ گڏيل ڪٽنب جو نظام وڻندو ھو. ھڪ ڏينھن چيو ھئائين.
”مان ماڻهن ۾ رھڻ چاھيندي آھيان، ڪاش امان جيئري ھجي ھا تہ جيڪر پاڻ سان رھايانس ھا.“
”امڙ طبيعت جي ارڏي ھئي، ڪو نہ رھي سگهين ھا.“وقار مرڪي چيو.
”منھنجي امان بہ طبيعت جي ارڏي ھئي، مون کي عادت آھي.“ ارم سادگي سان چيو.
”ننھن ۽ سس جا جهيڙا تہ جڳ مشھور آھن.“ وقار شرارت منجهان کيس ڏسي چيو.
”ڀلا ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ بابا ٻي شادي ڪري، پوءِ ٻئي مون وٽ رھن.“
”تنھنجون ڳالهيون تہ عجيب آھن.“ وقار بي اختيار کلي پيو.
واقعي سندس پيءُ گهڻو اڪيلو ٿي پيو ھو. ماڻهو ڪيڏو بہ سندس خيال رکي پر پوءِ بہ سندس تنھائي جو خال ڀرجي نہ ٿو سگهي. نئين دؤر ۾ ھر پراڻو ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو. مٿان وري جيڪڏھن زندگيءَ جو ساٿي وڇڙي وڃي تہ اڪيلائپ وڌيڪ زخمي ڪري ٿي وجهي.
ان ڪري ھو پاڻ بہ چاھيندو ھو تہ ٻارن جي ويجهو رھي.
ٻار زندگيءَ جو حسن آھن.
ٻئي ٻار فطرت جيان سچا ۽ کرا آھن. سندس ڳالهيون من موھيندڙ ھونديون آھن.
حيدرآباد وڃي ٿو تہ اڪثر ارم چوندي آھي تہ الڳ ڪمري ۾ ھلي آرام ڪريو، پر ھو چوندو آھي تہ مان ھر ھڪ پل ٻارن سان گذارڻ چاھيان ٿو. ھي بہ تہ منھنجو انتظار ڪن ٿا. وقار کي ڏسي ٻارن جا چھرا گلن جيان ٻھڪي پوندا آھن. سوچيندي ننڊ جو جهوٽو اچي ويس.
***