ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

17

آفيس پھچي ھو ميٽنگ ۾ مصروف ٿي ويو. ميٽنگ ڪافي طويل ٿي وئي. ڪم مان فارغ ٿي کيس سارنگ ۽ علي حسن جي اچڻ جو اطلاع مليو. ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي کيس اندازو ٿيو تہ ڳوٺاڻن جي رويي ۾ اڃا ڪا لچڪ پيدا نہ ٿي سگهي آھي. اھو ٻڌي کيس افسوس ٿيو، ڇو تہ ڪلائيو بہ کائنس ماڙي جي ڪم جي حوالي سان رپورٽ گهري ھئي.
وقار ان مسئلي جو ٻيو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن پنھنجي ڊاڪٽر دوست سان رابطو ڪريم کيءَ جي ڀرپاسي ۾ ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن فري ڪيمپ لڳائڻ جو پروگرام رٿيو.
ان کانسواءِ ھٿ جي ھنرن کي ھمٿائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪجهہ دوستن سان رابطو ڪيو، جيڪي ھٿ جي ھنرن جو ڪم ڪندا ھئا. ائين هو بين الاقوامي مارڪيٽ تائين، سنڌ جي ھنرن کي پھچائيندا ھئا. ٻاھر سنڌ جي ڀرٿ ۽ رلين جي وڏي گهرج ھئي. ماڻهن کي ڳالهين جي بجاءِ عملي طور تي مدد ۽ سھاري جي ضرورت آھي. تڏھن سندن رويي ۾ لچڪ ايندي. ھن نجي تنظيمون ھلائيندڙ ويجهي دوستن سان پڻ رابطو ڪيو. ائين غير محسوس طريقي سان بنان ڪنھن اعلان جي ڳوٺاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ٿيڻ لڳو. وقار ۽ سندس دوست ھونئن بہ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا ھئا تہ سندن مسئلا حل ڪرائين. ڪڏھن کين ان حوالي سان اعليٰ اختياري وارن سان ڳالهائڻو پوندو ھو.
سالن کان سنڌ جي ٻھراڙي نظرانداز ٿي رھي آھي. اھا وڏيرن ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت لڳي ٿي. عام ماڻهن جي حقن جي استحصال ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنھنجن جو عمل دخل ٿئي ٿو. ھارين نارين ۽ پورھيتن جا مسئلا جيئن جو تيئن پيا رھيا آھن، اھو ئي آخري حل کيس نظر آيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ڪجهہ عرصي بعد ھنن گاڏين کي روڪڻ بجاءِ کين وڃڻ ڏنو. مھاڻا ٻيڙين ۾ پٿر ڍوئي ٻيٽاري تي پھچندا ھئا. ان کان پوءِ چؤڌاري بندٻڌڻو ھين. ان ڪم ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار مھينالڳندا. ڪم صبح کان شام تائين ھلڻو ھو. وقار چوٽياري تان ٿي وري مکي ٻيلي ۾ واقعي جوڻيجن جي ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڪم جو معائنو ڪري ٿو. سڀ انجنيئر صادق بہ ان ڪم جي نظرداري ڪري رھيو ھو. ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ مکيءَ ڍنڍ تي ھڪ ھلچل نظر اچڻ لڳي. ان ڏينھن سارنگ بہ وقار سان گڏ ھو. اونھارو شروع ٿيڻ وارو ھو. ھي پکي آھستي آھستي سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن ڏانهن واپس ورڻ لڳا آھن. پوءِ ولرن جي صورت اڏامندا ويندا آھن. ھجرت جو عجيب منظر ھوندو آھي.
ھجرت يا وڇوڙو ڏکوئيندڙ ٿئي ٿو. رھڻ واري جاءِ سان انسان ھجي يا پکي، کين اُنسيت ٿئي ٿي. ھي پکي بہ پري کان ڪھي اچن ٿا.ھڪ ڌاري جنھن ڌرتي تي پنھنجو آکيرو جوڙين ٿا. ان آکيري ۽ ڌرتي سان پيار ڪن ٿا. آزاد فضا کين زندگي ڏيئي ٿي. زندگي جي حدن تي انسان غلبو رکي ٿو. فضا لامحدود آھي. آسمان جي پنھنجي الڳ دنياآھي. کنڀن جي خوشبوءَ سان واسيل فضا ۾ اختيار جي ڪا حدبندي نہ آھي.
ان وقت وقار جي حيرت جي انتھا نہ رھي، جڏھن ھن ڏٺو تہ سپي ۽ ڪوڏ سان ٻہ ننڍڙا ٻچا بہ اڏام رھيا ھئا. اھو منظرانتھائي خوبصورت ھو. ھڪ خوبصورت احساس ۾ سندس دل ويڙھجي وئي.
انسان پکي يا جيت ھجن، ھو گهر ٺاھين ٿا. ساڳي نموني پنھنجي ٻچن کي عادتون ۽ زندگي گذارڻ جا طريقا سيکارين ٿا. زندگيءَ جيڪا ھڪ جيو گهرڙي کان شروع ٿئي ٿي. محنت، صبر ۽ انتظار بعد سڦل ٿئي ٿي. ھر لمحي زندگي تبديل ٿئي ٿي پر ان لمحي جي ڪا بہ اھميت ناھي بظاھر. جيئن ڦڙو ڦڙو ٿي تلاءُ ٿئي ٿو. ائين لمحو لمحو جڙي وقت جو دريا بڻجي ٿو. اھو ھڪ لمحو يا واريءَ جو ذرو، بارش جو پھريون ڦڙو يا بھار جي ھواجو پھريون وھڪرو، ارتقائي عمل جي پھرين وک آھي. پھرين وک اھم ٿئي ٿي.
ٻار جي پھرين وک يا پکيءَ جي پھرين اڏام زندگيءَ جي وھڪري ڏانهن پھريون قدم آھي.
ھن سارنگ کي اشارو ڪري چيو تہ مٿي ڏسي جتي اڀ جي نيري رنگ جي پس منظر ۾ اڏامندڙ پکي اکين کي وڻي رھيا ھئا.
”باز جا ٻچا اڏامي رھيا آھن.“ سارنگ خوشيءَ وچان رڙ ڪندي چيو.
وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ اُھي باز جا ٻچا نہ بلڪہ ھنن جا پنھنجا ٻار ھجن.
ھڪ خاموش زندگي ڏيندڙ عمل ھن ڪائنات ۾ سفر ڪري رھيو آھي، زمين جي ڪک ۾ پيل پھريون ٻج ھوريا سرجي ٿو. شيون خاموشيءَ سان اُسرن ٿيون. فطرت جو سڄو ڏينھن واڌ ۽ ويجهہ ۾ مصروف رھي ٿو. مٽي پنھنجي اندر پاڻي جذب ڪري ٿي. ايئن زمين جي ڪک مان خوشحالي ڦٽي ٿي نڪري، زمين وصول ڪري موٽائي ٿي ڏئي.
ھي ڪائنات رابطي جي سونھن سان سرشار آھي. ھر طرف فطرت جي زندگيءَ ۾ ھم آھنگي نظر اچي ٿي. ٻج لاءِ زرخيز زمين سان گڏ ھوا، پاڻي ۽ روشني بہ گهرجي.
مکيءَ جي ڍنڍ مٿان پرديسي پکيئڙا پنھنجي ٻچن سان اڏامي رھيا آھن. ان لمحي لاءِ ھنن ڪيڏا نہ ڪشالا ڪڍيا ھوندا. پھرين اڏام خوبصورت ٿئي ٿي، خوابن سان ڀرپور....
اھڙا ئي انساني خواب آھن. پھرين اڏام جا منتظر....
پکين، جانورن جي گهرن ٻيلن ۽ جهنگن جي بقالاءِ.....
مکي ڍنڍ تي ڪم زور و شور سان جاري آھي. مٿي آسمان تي فش ايگل جو پريمي جوڙو ٻن ٻچڙن سان اڏامندي نظر اچي ٿو.
ھو ٻئي پنڌ آفيس ڏانھن نڪتا. آسمان ۾ بي شمار رنگ برنگي ڀنڀوريون اُڏامي رھيون ھيون. ٻنهي رومال چھري کي ويڙھي ڇڏيو. اھو منظر وقار کي تمام گهڻو وڻندو ھو.ھو ان موسم جو خاص انتظار ڪندو ھو، جڏھن آسمان مان ڀنڀورين جي برسات ٿيندي ھئي.
***
رات جو جڏھن ماني کائي پنھنجي ڪمري ۾ وقار واپس آيو تہ ارسل کي فون تي ان باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. ھو اھا خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. وري پڇڻ لڳو.
بابا ٻارن جا نالا ڇا آھن؟“
اھو سوال ٻڌي ھو بہ منجهي پيو، پرپوءِ ھڪدم نالا سندس ذھن ۾ اچي ويا.
”سپي ۽ ڪوڏ“
ھن ٻارن سان ڳالهائي فون رکي ڇڏي.
ارم سان ڳالهائڻ لاءِ سوچيو ھئائين پر ان وقت ٿڪل ھو انڪري مناسب نہ سمجهيائين. خبر نہ آھي ڪھڙي موڊ ۾ ھجي.
سڀاڻي کيس ماحوليات جي ماھرن کي بقار ڍنڍ ڏانهن وٺي وڃڻو ھو. ڪجهہ ڍنڍون جيڪي واڳن جون ڳڙھہ ھيون.
انگريز آفيسر بہ ڪجهہ عرصي ۾ ھتان ھليا ويندا. ھو چاھين پيا تہ وقار کان سانگهڙ جي جهنگلي جيوت جي باري ۾ وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪن. ھو جيترا دفعا ساڳين جاين تي ويندو ھو، اوترو ئي نوان خيال ۽ منفرد رخ ھن جي سامهون ايندا ھئا. ماڳ مڪان ۽ ھنڌ بہ انسان وانگر آھن، جڏھن انسان سان ويجهڙائي وڌي ٿي تہ ھو ويجهو اچن ٿا ۽ سڃاڻپ ۽ ھڪٻئي لاءِ سمجهہ وڌي ٿي. بلڪل ائين جيئن جيئن ھو مختلف جڳھن تي وڃي ٿو، انهن جاين سان سڃاڻپ ۽ ويجهڙائي وڌي ٿي.
پر ھو جڏھن بہ ڪنھن نئين جڳھ تي وڃي ٿو تہ ان ماحول جو پھريون پراسرار تاثر کيس موھي ٿو. ھڪ دفعو ڪنھن بہ علائقي ۾ وڃجي تہ ٻيھر ان طرف جو رخ نہ ڪجي، جيئن اھو پھريون اسرار ڀريو لمحو يادن ۾ سدائين گلاب جيان مھڪندو رھي. ساڳين جاين تي جلدي وڃڻ سان تجسس جو گلاب ڪومائجي وڃي ٿو، پر وقار کي کوجنا لاءِ بار بار انهن ماڳن ڏانھن سفر ڪرڻو پوي ٿو.
لمحو لمحو ڪنھن پنکڙيءَ جيان ٽاريءَ کان ڇڄي ٿو، دريافت جو سفر ھڪ دفعي ۾ منزل تائين نہ ٿو پڄي. ٻيھر سفر ڪندي رھڻ مان کوجنا جي اڃ اجهامي ٿي...
سڀاڻي جي پروگرام کي ذهن ۾ رٿيندي ننڊ جي ماٿرين ۾ لھي ويو.
ھڪ پرسڪون ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان خواب ورھائيندي وقت جي چھري تي پيل سانت جو پلئہ سرڪائيندي رھي.
***
ٻئي ڏينھن سوير ئي وقار ۽ ماحوليات جي ٽيم جا ميمبر واڳن جو ڳڙھہ اڪورہ ڍنڍ ڏانهن روانا ٿيا. ھن جي گاڏي ۾ ٽينا، اسٽيو، جوليا ۽ ڪلائيو ويٺا ھئا. ڪلائيو ھن جي ڀرسان ويٺو ھو ۽ تمام گهڻو پرجوش ھو.
”ھتي سنڌ ۾ ڪھڙي قسم جا واڳو ملن ٿا؟“ ڪلائيو پڇيو.
”ھتي سنڌ ۾ ٻن قسمن جا واڳو ملن ٿا. Crocolylus Palustris جنھن کي Muggar بہ چيو وڃي ٿو. ٻيو قسم Gharial آھي.“ وقار وراڻيو.
”ڇا اڃان بہ انهن ڍنڍن ۾ واڳو رھن ٿا.“جوليا جيڪا پوئين سيٽ تي ٽينا ۽ اسٽيو سان ويٺي ھئي، اکين ۾ حيرت ڀري چيو.
” ڊبليو. ايف. جي سروي مطابق اڃا بہ ھن علائقي ۾ ٻہ کان ڇھ ھزار واڳو رھن ٿا.“ وقار آئيني ۾ ڏسندي چيو.
واڱڻائي ڪلر جي شلوار قميص ۾ جوليا خوبصورت لڳي رھي ھئي. گج لڳل اھو وڳو ارم کيس ڏنو ھو. ان لباس جي ڪري ھوءَ اڄ تمام گهڻي مختلف لڳي رھي ھئي. علي حسن، سارنگ، چارلس، البرٽ ۽ ڊيوڊ پٺيان ٻي گاڏي ۾ اچي رھيا ھئا. ڊيوڊ پر تجسس ۽ ھو پنھنجي ماڳ تي پڄڻ لاءِ بي چين ھو.
”مون کي تہ واڳن جو سوچي دھشت وڪوڙي وڃي ٿي.“ ٽينا جي چھري تي خوف جو تاثر ھو.
”واڳو انهن ڍنڍن ۾ ڪيئن رھندا آھن؟“ جوليا تجسس سان پڇيو.
”سندس رھڻ جي جاءِ کي ڏر سڏجي ٿو، جيڪي چاليھ فٽن کان بہ اندر ملن ٿيون، جيڪا وڻن جي پاڙن، سڪل وڻن جي گندگاھ ۽ لھواري جاءِ تي جوڙي وڃي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”تمام دلچسپ معلومات آھي.“ جوليا چيو.
”اتي اھي واڳو آنا رکن ٿا، جيڪي سج جي روشني ۽ پنن جي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ پچي راس ٿين ٿا.“ وقار کين ڄاڻ ڏيئي رھيو ھو.
”منھنجي سامهون جيڪڏھن اوچتو واڳو اچي وڃي تہ منھنجو خوف ۾ ساھ نڪري ويندو.“ ٽينا چيو.
”اسان پاڻي ۾ اندر نہ وينداسين.“ جوليا خوف ۾ وڪوڙجي وئي.
”پوءِ ھلڻ جو ڪھڙو فائدو.“ وقار شرارت منجهان مرڪي چيو.
”اسان گاڏي ۾ ويٺا ھونداسين.“ ٽينا چيو.
”ان پاسي بگهڙ بہ ھوندا.“ اسٽيو عورتن جي خوف کان محظوظ ٿي رھيو ھو.
”اھڙي ڳالهہ ھئي تہ اسان کي نہ وٺي اچو ھا.“ ٽينا روئڻھارڪي ٿي وئي.
معاملو بگڙجندي ڏسي وقار کيس آٿت ڏيندي چيو.“ اسان مذاق پيا ڪيون، گهٻرائڻ جي ڳالهہ نہ آھي.“
پر وقار کي خبر ھئي تہ ان ڍنڍ جي ڪنارن کان اندر کين وڃڻو ھو. ننڍن ٻوٽن جي گهاٽي ڇانوري ۾ ڪٿي ڪنھن واڳو سان ملاقات جو امڪان پڻ ھو. ڳالهين ۾ سفر خوشگوار گزريو. اڪورہ ڍنڍ آھستي آھستي نروار ٿيڻ لڳي. ڍنڍ جي ھڪ الڳ سونھن ٿئي ٿي. ھي ڍنڍ خوبصورت ھئي. پاڻيءَ تي سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا جرڪي رھيا ھئا. سانت ڍنڍ مٿان تري رھي ھئي. ان بامعنيٰ خاموشيءَ ۾ ڍنڍ جي فطري ماحول جي سرھاڻ ڦھليل ھئي.
گاڏيون ھڪ ھنڌ اچي بيٺيون، سڀ لٿا. ھاڻ ڳچ پنڌ ھلڻو ھو. چارلس ۽ ڪلائيو جو خيال ھو تہ ڍنڍ جو اندريون پاسو وٺي ھلجي، جيئن واڳن جي ڏرن جو بہ معائنو ڪجي. علي حسن ۽ سارنگ سونها ھٿ ڪبا ھئا، جيڪي اڳ ۾ ڏنل وقت اتي اُتي موجود ھئا. سڀ اندرين پاسي ڏانهن ھلڻ لڳا. اڳيان سونهان ھئا. ٽينا، اسٽيو جي ڀرسان ھلي رھي ھئي، ڄڻ تہ اندر ۾ ڊنل ھجي. ڪٿي وڻن جو گهاٽو ڇانورو ھو. اندر اوندھ ٿي وڃي پئي. قدمن جا آواز گونجي رھيا ھئا. پاڻي جي لھرن جو آواز مڌر ۽ وڻندڙ ھو. پاڻيءَ ۾ سڪل پن تري رھيا ھئا. ھوا جهنگ جي فطري خوشبوءَ سان ڀرپور ھئي. اُتساھ بخشيندڙ ھوا ساھن ۾ سرور ڀري ڇڏيو ھو. پنڌ اڻانگو ھو. ڪٿي گپ چڪ ھئي تہ ڪٿي راھ جون رڪاوٽون. ھلندي ھلندي پاڻي جي سطح کان پندرھن فٽن جي مٿانهين تي وڻن جي پاڙن ۾ ڪيتري واڳن جا ڏر نظر آيا. ھونئن بہ واڳو سالن تائين اھي ڏرڪتب آڻين ٿا.
”ٿي سگهي ٿو تہ انهن ڏرن ۾ ڪو ھڪڙو واڳو بہ نہ ھجي.“ وقار سڀني کي معلومات ڏني.
اوچتو ٻوٽن اندر ڪنھن ٽپو ڏنو. ٽينا ۽ جوليا کان رڙ نڪري وئي. ھلندي ھلندي سڀ بيھي رھيا. ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ اجهو واڳو ھنن تي حملا ور ٿيندا. پوءِ خبرپئي تہ گدڙ ٽپو ڏنو ھو. اھڙين خاموش جڳھين تي ھميشہ ماڻهو انديشا بہ ساڻ کڻي ھلندا آھن. جوليا ۽ ٽينا کلڻ لڳيون. سڀني جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي. وڏي ڪوشش ۽ ھڻ ھڻان بعد ڪو ھڪ بہ واڳو کين نظر نہ آيو. ھلندي ھلندي سمورا ماڻهو ٿڪجي پيا. آخر اھو فيصلو ٿيو تہ ھاڻ واپس ورجي. سندن ارادو ھو تہ ڪولاچ ڍنڍ تان ٿيندا واپس سانگهڙ پھچندا. اھو سفر بہ وڻندڙ ۽ يادگار ھو. ماحوليات جي ٽيم جا ميمبر تمام گهڻا خوش ھئا. ائين اھو سفر بہ پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.
رات جو ڪلائيو سڀني کي ماني جي دعوت ڏني. شام جو علي حسن، سارنگ ۽ وقار ڪلائيو وٽ پھتا تہ البرٽ، اسٽيو، ڊيوڊ ۽ چارلس موجود ھئا. جوليا ۽ ٽينا ٿڪل ھيون، انڪري معذرت ڪري ڇڏيائون.
شروع ۾ ڪلائيو، وائلڊ لائف جي موضوع تي ڳالهايو تہ ڪيئن پوري دنيا ۾ جهنگلي جيوت زوال پذير آھي، گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي آلودگي فطري زندگي لاءِ ھڪ مستقل خطرو بڻجي وئي آھي. ترقي يافتہ ملڪ پنھنجي بجيٽ جو وڏو حصو ماحولياتي ابتريء سان وڙھڻ ۾ صرف ڪن ٿا. جنگين جو وڌندڙ آزار، ڪيميائي ھٿيارن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، جهنگلي جيوت سان گڏ انساني وستين لاءِ بہ نقصانڪار ثابت ٿي رھي آھي. ھن ان ڏس ۾ وقار، سارنگ ۽ سندن ٻين ساٿين کي ساراھيو تہ جنھن انداز سان ھو وائلڊ لائف سان لاڳاپيل مسئلن کي وائکو ڪري رھيا آھن، اُھا ڪوشش تعريف جوڳي آھي. ھن خاص طور تي سانگهڙ جي جهنگلي جيوت جي اھميت ۽ افاديت تي روشني وڌي.
سانگهڙ ۾ حر تحريڪ دوران جڏھن انگريزن مکيءَ جو ٻيلو ڪٽي تباھہ ڪري ڇڏيو، ٻيلي جي ايراضي تي پوک ڪئي وئي. ڪافي زمين ۽ ٻيلو، چوٽياري جي ريزروائر جي نظر ٿي وئي.
اڄڪلهہ درياھن جي ڪناري موجود ٻيلن کي ڪٽي ڪمرشل بنيادن تي ڪتب آندو وڃي ٿو. سارنگ اھم مسئلي جي نشاندھي ڪئي.
علي حسن تہ اڳي ئي ھتان جي اٻوجهہ عوام سان زيادتي جي ڪري ڏکويل ھو. ويتر اھي ڳالهيون ٻڌي جذباتي ٿي ويو. ھن مکي ٻيلي جو جوڀن ڏٺو ھو، ان ڪري تازي صورتحال تي فڪر مند ھو.
ماحوليات جي ميمبرن کي خبر ھئي تہ جيڪو نقصان ٿيو سو ٿيو، پر ھاڻ تہ مقامي ماڻهن کي اکيون کولڻ گهرجن.
ڪلائيو جو خيال ھو تہ جلد ڪا ڪميٽي جوڙجي، ائين اڳتي لاءِ لائحہ عمل تيار ڪجي، جيئن ان حوالي سان سنجيدگيءَ سان ڪم شروع ٿي سگهي. وقار کي محسوس ٿيو تہ سارنگ ۽ علي جي ھيانؤ تي ڪجهہ ٿڌا ڇنڊا پيا ھجن. واقعي علائقي جي حقيقي لوڪ وارثن جي پرگهور لھڻ تمام ضروري آھي.
***