14
گهر پھتو تہ سج جا سونھري پاڇا وڻن جي چوٽين تي جرڪي رھيا ھئا.
ارسل ۽ عيني کيس ڏسندي ئي چنبڙي ويا.
”بابا اچي ويو، بابا اچي ويو....“
ارسل ڪمزور ٿي لڳو.
”اڙي يار تون تہ ڪمزور ٿي ويو آھين.“ وقار ارسل کي جهولي ۾ کڻي چيو.
”بابا مون کي تيز بخار ٿيو ھو.“ ارسل معصوميت سان چيو.
”ھي ھر وقت ستو پيو ھوندو ھو، مون سان نہ کيڏندو ھو.“ عيني شڪايت ڪئي.
”بخار ۾ آرام ڪبو آھي، ھاڻي ارسل ٺيڪ ٿي ويو آھي، توسان کيڏندو.“
”نہ مان ھن سان نہ کيڏنديس، ھي منھنجون گڏيون ڀڃي ٿو ڇڏي.“
وقار کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪنھن جو پاسو کڻي.
”ھلو ٻارو پپا کي آرام ڪرڻ ڏيو.“ ارم چيو تہ ٻار پنھنجي ڪمري ۾ وڃي کيڏڻ لڳا.
ارم ساڻس ڪچھري ڪرڻ لڳي. وقار کي ڏسي سندس چھري تي گلابي رنگ وکري ويندو ھو. لھجو وڌيڪ پراعتماد ٿي ويندو ھو. ڳالهين ٻولهين کانپوءِ وقار تازہ دم ٿي اچي ٻارن سان ويٺو، کائن اسڪول جا حال احوال وٺڻ لڳو.
صبح جو وقار گهر کان ٻاھر ويل ھو. پاڙي واري امينہ ڪنھن ڪم سان آئي تہ ارم ان وقت ڪم ڪار مان فارغ ٿي ٽي وي ڏسي رھي ھئي. ھوءَ ڪچھرين جي مور ھئي. دنيا جھان جا قصا ۽ پرائي پچار تہ ڪڏھن پنھنجا مسئلا ٻڌائڻ لڳندي ھئي، سڀاڻي رات ڪالوني ۾ واقع ڪلب ۾ سامهون رھندڙ انجنيئر جي شادي ھئي.
”احسان جي شاديءَ ۾ ھلندينءَ.“ امينہ پڇي ٿي.
”ھا ھلڻ جو ارادو تہ آھي پر الاءِ ڇو دل نہ ٿي مڃي.“
احسان جي ھي ٻي شادي ھئي. سندس پھرين زال فاخرہ ارم جي ساھيڙي ھئي، ڪجهہ ڏينھن اڳ دريءَ مان ڏٺو ھئائين تہ ھوءَ ٻارن سان والدين وٽ رھڻ لاءِ وڃي رھي ھئي. ٻنهي زال مڙسن جو جهيڙو ھلندو رھيو. ٻارڙن جا چھرا ڏاڍا مايوس ھئا، ھو بہ روئيندي گاڏي ۾ وڃي ويٺا.
خوف جو لمحو ارم جي ذھن کي بي چين ڪرڻ لڳو.
بي گهر ھئڻ جو عذاب ڪيڏو نہ تڪيلف ڏيندڙ آھي. ٻارن جي چھري تي بہ احساس محرومي ھئي.
”اڄڪلهہ لڳي ٿو، مردن جي ٻي شادي جي سيزن ھلي رھي آھي.“
امينہ چيو تہ ارم کي کل اچي وئي. عورت ئي عورت جي حق تي ڌاڙو ھڻي ٿي پر مرد ويچارا اجايو بدنام آھن، ھن ڏک مان سوچيو.
”تون بہ خيال ڪر، ڪٿي مڙسھين کي بہ ڪا حسينہ پنھنجي ڄار ۾ نہ ڦاسائي ويھي.“
امينہ کيس چيو تہ ھوءَ الائي ڇو پريشان ٿي وئي، پر پاڻ کي سنڀالي چيائين.
”نہ وقار انهن مردن مان ناھي.“
”مرد کرڻ جي ڪا مند ناھي ھوندي امڙ.“ امينہ چيو.
ھن جي اکين آڏو فاخرہ ۽ سندس ٻارن جا مايوس چھرا ڦرڻ لڳا.
”ھا تون ٺيڪ ٿي چوين.“ ارم سدائين امينہ جي حقيقت پسنداڻي سوچ آڏو ھٿيار ڦٽو ڪندي ھئي. امينہ ھوشيار عورت ھئي. ھوءَ نہ فقط فائدو ۽ نقصان سوچيندي ھئي، بلڪہ سندس ذھن ھر معاملي ۾ تيزيءَ سان ڪم ڪندو ھو. پنھنجي مڙس کي بہ ھروڀرو جي خفن ۾ منجهائي رکندي ھئي. سندس سوچ ھئي تہ مردن کي موقعو ئي نہ ڏجي جو ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي سگهن.
”ادا جي پراجيڪٽ تي بہ سھڻيون انگريزياڻيون ڪم ٿيون ڪن، جو ائين نہ ٿئي تہ انهن مان ڪا ھڻي ھنڌ ڪري ويھي.“
امينہ ڳوٺاڻي انداز ۾ چيو. ھوءَ ايترا سال شھر ۾ رھڻ جي باوجود بہ پنھنجي ڳوٺ جي اثر مان ٻاھر نہ نڪري سگهي ھئي.
امينہ جي ڳالهہ ٻڌي ھن جي اکين آڏو جوليا جو چھرو ڦري آيو.
”اھي انگريز مايون ھتي ڪو نہ رھي سگهنديون، اھو خوف اجايو آھي.“
امينہ ڏٺو تہ ھوءَ ارم کي ڊيڄارڻ ۾ ناڪام پئي وڃي، ھن کيس ٻيھر قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھتي ھڪ انجنيئر انگريز مائيءَ سان شادي جو ڪئي آھي. ھو جيڪو سامهون واري فليٽ جي گرائونڊ فلور تي رھي ٿو. ويچاري پھرين زال ڳوٺ ۾ پئي ڇاڻي ٻھاري.“
امينہ جا محاورا منڊيءَ تي ٽڪ ھوندا ھئا، وڃي دل کي ڇھندا ھئا.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم پريشان ٿي وئي ۽ امينہ جي چھري تي فخريہ مرڪ وکري وئي. ھڪ عورت اھو ئي تہ چاھيندي آھي تہ ٻي عورت جو ڪيئن بہ ڪري سک ڦٽي وڃي. امينہ جي وڃڻ کانپوءِ ھوءَ گھري سوچ ۾ ٻڏي وئي. بھرحال ھن سوچي ڇڏيو تہ ھوءَ فاخرہ جي مڙس جي ٻي شادي جي تقريب ۾ نہ ويندي. وقار ڀلي وڃي پر ھوءَ پنھنجي سھيلي سان اھو دوکو نہ ڪندي.ھوءَ سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آھي. شام جو جوليا ۽ ڪرسٽينا ھن سان ملڻ آيون پر ھوءَ منجهيل ھئي. جوليا ۽ ڪرسٽينا تازي گلاب جيان لڳي رھيون ھيون. يورپ جي عورت زندگيءَ مان مطمئن نہ بہ ھجي پر خوش رھي ٿي. پنھنجي شخصيت کي وساري نہ ٿي ويھي. پنھنجي خوراڪ ۽ جسماني فٽنيس لاءِ فڪرمند رھي ٿي پر مشرق جي عورت مختلف آھي. ھوءَ حالتن کي پنھنجي مٿان مڙھي ٿي ڇڏي.
”اسان ڪافي عرصي کانپوءِ مليا آھيون. مون ڪالهہ ئي وقار کي چيو ھو تہ ڪو پروگرام ٺاھيو پڪنڪ جو. گڏجي ڪنھن پر فضا مقام تي ھلون.“
ان جو مطلب تہ ڪالهہ وقار جوليا سان مليو ھو، پر ھن مون سان تہ اھا ڳالهہ نہ ڪئي. اھو ٻڌي امينہ جي ڳالهہ ياد اچي ويس. شڪ جي ڪنڊن ۾ سندس احساس زخمي ٿي پيو.
”ھا واقعي ڪٿي ھلون، ڪينجهر يا ھاليجي جو پروگرام ٺاھيون.“ ڪرسٽينا جوش سان چيو.
”ھفتي جي موڪلن ۾ وقار چيو ھو تہ ڪينجهر ھلنداسين.“ ارم وساڻل لھجي ۾ چيو.
ان جو مطلب تہ وقار اڳ ۾ پروگرام ٺاھي پوءِ ھن سان اھا ڳالهہ ڪئي ھئي. سندس دل انديشن جي گھرائيءَ ۾ ٻڏي ويو.
اڄ امينہ کيس شڪ جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو. ضرور ھن جي مڙس کيس ڪجهہ ٻڌايو ھوندو. ان ڳالهہ جي پٺيان ڪو مفھوم ھوندو. امينہ جو دماغ بہ سڄو ڏينھن پيو ٻين جي گهرن ۾ جهاتيون پائي. ھن وٽ مڪمل ۽ صحيح معلومات ھوندي آھي. ماين وٽ ڪو ٻيو موضوع ناھي ھوندو سواءِ ان جي تہ مرد ٻاھر ڇا ٿا ڪن. ڪھاڻين جون ڪڙيون ملائڻ ۽ نوان افسانا گهڙڻ تہ ڪير کانئن سکي.
”خاموش ڇو آھين؟“ جوليا کيس غور سان ڏسندي چيو.
”نہ مان ٺيڪ آھيان.“ منھن تي زوري مرڪ آڻيندي چيائين.
جوليا ۽ ڪرسٽينا، ارسل ۽ عيني لاءِ رانديڪا وٺي آيون آھن. ارم چانھہ ٺاھڻ وئي.
اڄ ارم کي جوليا ۽ ڪرسٽينا سان ھينڊي ڪرافٽس دڪانن تي وڃڻو ھو. ڪافي عرصي کان چوَن پيون تہ سنڌي ثقافت جا ڪپڙا وٺڻا آھن.
حيدرآباد جي شام خوبصورت ٿئي ٿي. ھن سڄي ملڪ ۾ شايد ئي ڪو اھڙو شھر ھجي، جتي شام جا حسين رنگ گلاب جي پتين جيان کڙندا ھجن. گرميءَ جي ڏينهن جي اھا شام نم جي گهاٽي ڇانوَ جيان ٿڌي لڳي ٿي. ڏينهن ڪيڏو ئي گرم ڇو نہ ھجي پر شام ٿيندي، ٿڌي ھوا وڻن جي پنن سان اکٻوٽ کيڏڻ لڳي ٿي ۽ ماحول ۾ ھوائن جا مڌر سُر وکري وڃن ٿا. شام جي اھڙي پل ارسل، پيءُ کي پنھنجون ٺاھيل تصويرون ڏيکاري رھيو ھو.
ھڪ تصوير کي وقار غور سان ڏسڻ لڳو. فش ايگل جي خوبصورت تصوير ھئي. ڄڻ ماڙيءَ تي ويٺل ساڳيو اصل باز ھجي. ھن ڪجهہ وقت اڳ ماڙي ۽ فش ايگل جون تصويرون ڪڍيون ھيون. ارسل اھا تصوير سامهون رکي ٺاھي ھئي.
”يار تو تہ ڪمال ڪري ڇڏيو.“ وقار خوش ٿي ويو. ارسل جي تصوير جي اڏام ڏسي ھو حيران ٿي ويو. ٻار، فطرت جي سونھن جو حصو آھن، ان ڪري فطرت جي رنگن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. عيني بہ اچي ڀرسان ويٺي ۽ چوڻ لڳي.
”پاپا ھي مون بہ ڊرائنگ ڪئي آھي.“ وقار رنگين تصوير ڏسي ٿو.
دريا جي ڀرسان ٻنين ۾ ھڪ گهر نظر اچي رھيو ھو. آسمان تي پکي اڏامي رھيا ھئا.
”عيني پٽ ھي تصوير توھان ٺاھي آھي؟“
ھن:مصنوعي حيرت مان چيو تہ عيني ڄڻ فخر مان کيس ٻڌائڻ لڳي.“ جي پپا ھي مون ٺاھي آھي، سٺي آھي نہ.“
”اھا ھا تمام سٺي آھي، شاباش.“
وقار ۽ ٻار دير تائين پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رھيا. سندس ٻاراڻن ٻولن ۾ زندگيءَ جو احساس ھو. ھو بلڪل پکين جيان بي ضرر ۽ معصوم ھئا. ٻار نہ ماضي سوچيندا آھن، نہ مستقبل جو کين اونو ھوندو آھي. انڪري ٻارن جي دنيا وڏن جي مقابلي ۾ خوبصورت آھي.
حيدرآباد جي خوبصورت شام رات جي سرھائي مليل اونداھيءَ ۾ سمائجي وئي. رات جي ماني کانپوءِ ھو ٽي وي ڏسڻ ويھي رھيو. ھڪ جنرل جو دؤر حڪومت ھو. جنرل جي بيان تي سياستدانن جا تبصرہ ھلي رھيا ھئا. افغانستان جي صورتحال ۽ بين الاقوامي سياست جي باري ۾ خبرون ٻڌندو رھيو. ارم خلاف توقع خاموش ھئي.
ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان گذرندي رھي. ارم بہ ڪمري ۾ ھلي وئي. ھو ارم جي خاموشي جي باري ۾ سوچڻ لڳو.
ٻارن جي ڀرسان ليٽيل ارم وري مختلف انداز سان سوچي رھي ھئي. وقار ماحول کان ڪٽيل ۽ اُوپرو محسوس ٿي رھيو ھو، جيئن ھو ھن کي نظرانداز ڪري رھيو ھجي. ان رات ارم کي محسوس ٿيو تہ ڄڻ وقار ھن کان پري ھليو ويو ھجي. ان کان اڳ ان جو سبب مصروفيت سمجهندي ھئي، پر ھاڻ ڪو ٻيو سبب بہ ھن جي سامهون اچي چڪو ھو.
ٻئي ڏينھن جڏھن وقار، ارم کي ڇنڇر تي ھاليجي ھلڻ لاءِ چيو تہ ارم جو موڊ آف ٿي ويو ۽ چوڻ لڳي.
”ٻار بہ بيماريءَ مان ھاڻ اٿيا آھن، مان بہ ٿڪل آھيان.“
”ڇا مطلب؟“
”مان ھلڻ نہ ٿي چاھيان.“
”مون اھو پروگرام ٻارن لاءِ تہ ٺاھيو آھي.“
وقار ھڪدم ڪاوڙ ۾ چيو.
”اسان ڪڏھن اھو طئي ڪيو ھو تہ ھفتي جون موڪلون فقط ٻارن سان وقت گذارينداسين.“ ارم جي ڳالهہ ٻڌي وقار کي محسوس ٿي ويو تہ سندس رويي جي پٺيان ڪا ڳالهہ ضرور آھي.
”ھا اسان ھميشہ آچر تي گڏ ئي رھيا آھيون پر ڪڏھن ماڻهو ڪو مختلف پروگرام بہ ٺاهي سگهي ٿو.“ وقار ڪاوڙ ضبط ڪندي وراڻيو.
”ڪافي عرصي کان مختلف پروگرام ٿي رھيا آھن پر ھن دفعي منھنجو موڊ نہ آھي.“ وقار خاموش ٿي ويو. ان کانپوءِ ارم بہ پنھنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وئي. وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ ھوءَ کيس نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھجي.
ارم سوچيو ھو تہ ھوءَ آچر تي ھاليجي نہ ويندي تہ وقار بہ نہ ويندو، پر وقار کيس ٻڌايو تہ ماحوليات جا ميمبر کيس زور ڀري رھيا آھن ھلڻ لاءِ.
اھو ٻڌي ارم ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ڇنڇر تي وقار ھاليجي لاءِ روانو ٿيو تہ ھوءَ پھريون دفعو کيس دروازي تي ڇڏڻ نہ وئي. ھڪ عجيب قسم جي ڇڪتاڻ وارو ماحول گهر ۾ پيدا ٿي ويو ھو.
وقار جي وڃڻ کانپوءِ ھو سوچن ۾ گم ٿي وئي. امينہ جي ڳالهين ۾ کيس صداقت نظر اچڻ لڳي. ھوءَ ڪم ۾ مصروف ھئي تہ فون جي گهنٽي وڳي. فاخرہ ڳالهائي رھي ھئي. اڄ سندس مڙس جي شادي ھئي. ھوءَ روئي رھي ھئي. ارم کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ کيس ڪيئن آٿت ڏئي. ڪو ماڻهو تمام گهڻو ڏکويل ھجي تہ آٿت جا ٻول بہ خالي ۽ بي معنيٰ ٿي پوندا آھن.
”ٻار، پيءُ سان ملڻ جي ضد ٿا ڪن، ڇا ڪيان؟“ فاخرہ سخت پريشان ھئي.
”تون گهر ڇڏي ڇو وئينءَ فاخرہ؟“
”مان پنھنجي مڙس کي ڪيئن ٻئي جي حوالي ٿيندي ڏسان ھا!“
”ھا مڃان ٿي اھو ڪنھن بہ عورت لاءِ ھڪ ڏکيو مرحلو آھي، پر ٻارن جو ڇا ٿيندو؟“
”اھا ڳالهہ احسان ڇو نہ سوچي.“
”ٻارن لاءِ توھان ٻنهي کي سوچڻو آھي.“
”ٻارن جي لاء سوچي ھا تہ ڇا اھڙو قدم کڻي ھا؟“
”اھي معاملا زندگيءَ جو حصو آھن، فاخرہ پر تون ائين گهر نہ ڇڏي وڃين ھا.“
”وقار جي ٻي شادي ڪري تہ ڇا تون ان گهر ۾ ئي رھندينءَ؟“
لفظ نہ ھئا ڄڻ ڪو تير ھو، جيڪو سندس دل جي آرپار ٿي ويو. ھوءَ بي يقيني ۽ خوف جي کاھي ۾ ڪرڻ لڳي.
ھڪدم سان ارسل ۽ عيني جا معصوم چھرا اکين آڏو ڦري آيس. روڻھارڪي ٿي وئي. سوال جي ڏک ۾ ئي سندس دل جهري پئي ھئي، جنھن تي اھا قيامت گذرندي ھوندي ان جو ڇا حال هوندو؟ فون رکي ارم دير تائين فاخرہ جي زندگيءَ جي ان الميي تي سوچيندي رھي.
منجهند جو ٻارن لاءِ ماني تيار ڪرڻ لڳي. صبح کان ھن ڪجهہ بہ نہ کاڌو ھو، دل ئي نہ پئي چويس کائڻ لاءِ. پريشان ڪندڙ سوچون رکي رکي کيس بي چين ڪري رھيون ھيون.
مرد جي ٻي شاديءَ جو مطلب آھي تہ سندس پھرين زال ۽ ٻارن سان ناانصافي ٿيندي. ھن ڏٺو ھو تہ مرد ٻن زالن جي وچ ۾ روين جو توازن برقرار رکي نہ سگهندا آھن. نئين ڪنوار جوان ۽ خوبصورت ھوندي آھي. مرد کي خوبصورتي موھي ٿي. ان ڪري ھو پھرين زال جي تڪليفن ۽ قربانين کي وساري ٿو ويھي. فاخرہ بہ زندگيءَ جي ڏکين لمحن ۾ مڙس کي ساٿ ڏنو ھو، پر اڄ ھوءَ ڪيتري ڏکويل ۽ اڪيلي ھئي.
ذھني سڪون کسجي وڃڻ کانپوءِ اُھا ئي خوشگوار زندگي کيس خزان جيان بي رنگ لڳي رھي ھئي.
شڪ بہ گرم ھوا جي جهوٽي جيان آھن، جنھن کي محسوس ڪري احساس جي مکڙي ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪومائجي وڃي ٿي.
ٻہ گاڏيون اونگر ڏانھن ويندڙ رستي تي سفر ڪري رھيو آھن. اونگر حيدرآباد کان پنجٽيھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قديم ٽڪري آھي. ھن ماڳ کي ڊاڪٽر بريجت آلچن ڳولهي لڌو ھو. آلچن مطابق تہ ھن ماڳ تان دريافت ٿيندڙ پٿر جي اوزارن جو تعلق قديم ترين دؤر سان آھي. ھتي پٿر جا اوزار ٺاھڻ جو ڪارخانو ھو. اُتي پھچي وقار ان سائٽ متعلق سڀني مھمانن کي ڄاڻ ڏيڻ لڳو.
”ھي سڄي ملڪ ۾ منفرد مقام آھي، جتي سومرن جي دؤر سان تعلق رکندڙ پٿر جا اُوزار ملن ٿا.“
”ان ٽڪريءَ جي پکيڙ ڪيتري ھوندي“. ڊيوڊ پڇيو.
”ھن ٽڪري جي پکيڙ لڳ ڀڳ ٻہ سؤ چورس ميل آھي. ھن جو سلسلو جهمپير تائين ھليو وڃي ٿو.“
البرٽ، جوليا، اسٽيو ۽ ڊيوڊ دلچسپيءَ سان اونگر جو پراڻو ماڳ ڏسي رھيا ھئا. ڪجهہ اسٽون ڪرشر کي ڏسي ٽيم تعجب جو اظھار ڪيو.
”اھي اسٽون ڪرشر انهن قديم ماڳن کي نقصان پھچائي سگهن ٿا.“ جوليا چيو.
”سڄي سنڌ ۾ اروڙ وارين ٽڪرين ۽ اونگر مان سٺي معيار جو پٿر ملي ٿو، جنھن جي ڪري تعميراتي ڪم لاءِ اتان پٿر کنيو وڃي ٿو.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
ان کانپوءِ ھو جهمپير روانا ٿيا. سنڌ جو ڏاکڻو علائقو ’لاڙ‘ سونھن ۽ ثقافت جو مرڪز رھيو آھي. ھي خطو سامونڊي علائقي ۽ دريا جي ڇوڙ سبب مشھور آھي. جهمپير تائين سڄو علائقو کليل ۽ دلڪش نظارن سان مالامال آھي. جهم ڪوٽ ڏسي اچي شيو جي مندر وٽ پھتا. ڪينجهر ۽ سونھري ڍنڍ جي ڇولين کي ڇھي ايندڙ ٿڌي ھوا فرحت بخش ھئي. گهاٽن وڻن جي ڇانورن مان ٿيندا،اڳتي وڌنڌا رھيا. جهم ڪوٽ جي شو مندر ۾ جهاتي پائي سمورا سياح ان فطري ماحول مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا. ھڪ طرف وقار مندر جي ڏاڪڻين وٽ ويھي رھيو. جوليا، البرٽ ، ڊيوڊ، اسٽيو ۽ ڪرسٽينا فطري ماحول جو مزو وٺي رھيا ھئا. وقار ارم ۽ ٻارن کي سارڻ لڳو. ھو ارم جي مزاج جي لاھن چاڙھن جي باري ۾ سوچڻ لڳو. ڪافي عرصي کانپوءِ، ھن ارم کي خاموش ۽ ماحول کان ڪٽيل ڏٺو ھو. ھن کي ڪٿي بہ ڪو اهڙو واقعو نظر نہ آيو، جنھن جو ارم ايترو اثر ورتو ھجي.
”ڇا پيو سوچين؟“ جوليا بہ ھن جي ڀرسان اچي ويھي رھي.
”ڪجهہ خاص نہ.“ وقار کيس ڏسي مرڪيو.
”ارم اچي ھا تہ وڌيڪ مزو اچي ھا.“ جوليا چيو.
”ھا ٻار بہ انجواءِ ڪن ھا.“ وقار وراڻيو.
”مان ڪجهہ ڏينھن کان مسلسل ھڪ ڳالهہ سوچي رھي آھيان.“
”ڪھڙي ڳالهہ؟ “ وقار پڇيو.
”ھتي عورت جي گهريلو زندگي وڌيڪ محفوظ آھي.“
”ھا ائين تہ آھي پر پوءِ بہ ھتي جي عورت کي وڌيڪ آزادي گهرجي.“
”ھتي جي عورت آزاد تہ آھي. اڃا وڌيڪ ڇا ٿي گهري؟“ جوليا حيرت مان پڇي ٿي.
”ھتي زال مڙس جي زندگي مڪمل طور تي آزاد ناھي. اسان اڃان بہ رسمن نڀائڻ ڪري تعلق جي ڏور ۾ ٻڌل آھيون. دنيا داري ۽ رک رکاءُ کان الڳ نہ آھيون.“
”پوءِ بہ ھتي عورت جي عزت ڪئي وڃي ٿي. فيملي لائف ۾ بہ ھو آرام واري زندگي گذاري ٿي. ڪجهہ مسئلا ۽ مونجهارا ضرور ھوندا پر يورپ ۾ عورت لاءِ وڌيڪ مسئلا آھن. اتي زندگي عورت لاءِ وڌيڪ ٿڪائيندڙ آھي.“
”مشرقي عورت، سدائين يورپ ۾ رھندڙ عورت جي آزادي کي ريس جي نگاھ سان ڏسي ٿي.“ وقار مرڪي چيو.
”ھا يورپ ۾ عورت وڌيڪ آزاد آھي، پر اتي گهر جي آزادي جي اھا اھميت نہ رھي آھي، جيڪا مون کي ھتي نظر اچي ٿي، جيئن مان ارم کي رشڪ جي نظر سان ڏسان ٿي. ھن وٽ سٺو گهر، چاھيندڙ جيون ساٿي ۽ ٻہ پيارا ٻار آھن. ھڪ سڪون واري زندگي آھي.“
وقار غور سان جوليا جي اکين جي گھرائي ۾ ڏٺو، جتي خوابن جون وقت کان اڳي ڪومائجي ويل مکڙيون صاف نظر اچي رھيون ھيون.
ھڪ تيز ھوا جو جهوٽو پاڻي جي گھرائي، گلن ۽ ٻوٽن جي سرھاڻ کي بہ ساڻ کڻي آيو. ڪنول جا خوبصورت گل لھرن تي جهومي رھيا ھئا.
”ھا ائين تہ آھي. ھتي عورت جي گهريلو زندگي وڌيڪ محفوظ آھي.“ وقار چيو.
جوليا، خاموشيءَ سان پاڻيءَ ۾ پنن کي ترندي ڏسي رھي ھئي. ساوا ۽ پيلا پن لھرن تي خوبصورت ڏيک ڏيئي رھيا ھئا.
وقار جي دل ۾ جوليا جي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ جي جستجو جاڳي پئي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪو اڻ چيل ڏک ھن جي جيءُ کي جهوريندو ھجي، پر فقط سوچي رھجي ويو.
”ھي علائقو ڏاڍو خوبصورت آھي.“ جوليا چيو.
پوءِ ھو لھرن ڏانهن ھلڻ لڳا، جتي ٻيڙين تي چڙھي لھرن جو منظر ڏسڻ لڳا. وقار کي محسوس ٿيو تہ خوبصورت ساٿ وقت جي ھر لمحي جي سونھن کي وڌائي ٿو.
حيدرآباد واپس ايندي شام ٿي وئي. وقار گهر ۾ داخل ٿيو تہ ھر طرف خاموشي ڇانيل ھئي.
ھڪ عجيب قسم جي ڳالهائيندڙ خاموشي. ڪڏھن ڪڏھن محسوس ٿيندو آھي ڄڻ خاموشي کي زبان ملي وئي ھجي. زبان تي مصلحت جا پھرا ھئا، پر روح ھڪٻئي سان ھم ڪلام ھوندا.
ٻار بہ گهر ۾ نہ ھئا، البتہ ارم دورازو کولي بورچي خاني ۾ ھلي وئي. وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ تہ ھوءَ روئيندي رھي ھجي. اکيون ڳاڙھيون ھيس.
ٻار ان وقت گهر ۾ داخل ٿيا، کيس ڏسي خوش ٿيا ۽ ڊوڙندا اچي ھن سان مليا.
”پپا توھان ڪاڏي هليا ويا ھئا؟“ ارسل پڇيو.
”پٽ گهمڻ ويا ھئاسين.“
”اسان کي ڇو نہ وٺي ويا.“ ارسل شڪايتي انداز ۾ چيو.
ان وقت ارم چانھہ کڻي آئي.
”امي کان پڇو تہ ڇونہ ھلي. شايد کيس ڪو ڪم ھو.“
وقار مرڪي ارم ڏانھن ڏسي چيو، پر ارم خاموش رھي.
”پپا اسان کي بہ وٺي ھلو ھا نہ.“ عيني بہ پيءُ جي ڀرسان اچي ويٺي.
”غلطي ٿي وئي، آئندہ جتي بہ ويندس توھان کي ضرور وٺي ھلندس.“ وقار مرڪي چيو.
وقار محسوس ڪيو ارم خلافِ توقع گهڻي خاموش آھي. اھا خاموشي ڪنھن طوفان جي اچڻ جو پيش خيمو نہ بڻجي وڃي.
ٻار سمهي رھيا ھئا. ارم ڪمري ۾ ويٺي ھئي. خاموش ۽ پريشان لڳي رھي ھئي. وقار محسوس ڪيو تہ ھوءَ روئي رھي ھئي.
”ڇا ٿيو ارم؟“ وقار ھن جي ڀرسان ويھندي چيو.
”ڪجهہ نہ.“ ارم جا لڙڪ تيزي سان ڳلن تي ڪرڻ لڳا.
”تون جيڪڏھن ٻڌائيندينءِ نہ تہ مون کي ڪيئن خبر پوندي تہ تنھنجي ذھن ۾ ڪھڙي ڳالهہ آھي.“
ارم خاموشيءَ سان لڙڪ لاڙيندي رھي. وقار گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ارم ڪجهہ ٻڌائي پر ھوءَ دل جي ڳالهہ زبان تي نہ آڻي سگهي.
وقار سمجهي تہ ويو ھو تہ ھوءَ سندس جهمپير وڃڻ تي ناراض آھي. اڄ آچر جو ڏينھن آھي. سڀاڻي ھو سانگهڙ ويندو. ان کانپوءِ سانگهڙ ۾ ايندڙ ڏينھن تمام گهڻا مصروفيت وارا ھئا. ھفتي جي موڪلڻ تي بہ گهر اچڻ ممڪن نہ ٿيندو، ٻہ ٽي ھفتا کيس سانگهڙ ۾ گذارڻا آھن.
وقار کي محسوس ٿي ويو ھو تہ ارم کانئس گهڻي خفا آھي. شڪ، رشتن جو دشمن آھي. جتي شڪ آھي اتي رشتا غير محفوظ ٿي وڃن ٿا. ذھني سڪون رسي وڃي ٿو ۽ زندگي عجيب قسم جي بي ترتيبي جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
وقار ٻئي ڏينھن سانگهڙ لاءِ روانو ٿيو. ارم کيس دروازي تائين اچي خدا حافظ نہ چيو. دل تي بوجهہ کڻي وقار گهر کان ٻاھر نڪتو. گاڏي ھلائيندي سوچيندو رھيو. ھن محسوس ڪيو تہ ارم جي ناراضگي جائز ھئي. ڇو تہ ھو مسلسل پراجيڪٽ ۾ مصروف ھو. ڪجهہ عرصي کان ھن جا موڪل جا ڏينھن بہ مصروف گذريا. فارينرز سان گڏ ھوندو ھو. ڪڏھن ميٽنگ ھوندي ھئي تہ ڪڏھن لنچ يا ڊنر تي گڏ ھوندا ھئا. اڪثر ارم بہ ھن سان گڏ ھوندي ھئي پر ھو ماحوليات جي ماھرن سان تہ ڪڏھن چارلس سان بحث مباحثي ۾ مصروف ٿي ويندو ھو، پر ان مصروفيت جي نوعيت کي ارم کي سمجهڻ کپي. نہ پر شايد ھو اھو سمجهي ٿي تہ مان ڄاڻي واڻي کيس نظر انداز ڪري رھيو آھيان.
سڄو رستو ھو مسلسل ارم جي رويي جي باري ۾ سوچيندو رھيو. ارم دورازي تي اچي کيس مرڪي موڪلائيندي ھئي. ان عمل جي ھن وٽ اھميت ھئي. ھو اھو تمام عرصو ان مرڪ جي سھاري سٺو وقت گذاريندو ھو.
ڀليڪار چوندي وقت يا موڪلائيندي ھڪ ڊگهي سفر تي روانگي وقت زال جي مرڪ اڪيلائيءَ جي ھمسفر بڻبي آھي.
اڄ الائي ڇو ھو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رھيو ھو.
ھاسٽل پھچي تيار ٿي آفيس لاءِ روانو ٿيو. ھو دوستن سان ملڻ لاءِ بي چين ھو. سارنگ بہ ھن سان گڏ ھلي رھيو ھو. ھن تازو سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي مضموطن لکيو ھو. ان باري ۾ وقار کي ٻڌائيندو پيو ھلي.
”ماحوليات جا ماھر سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ڪم ڪرڻ لاءِ چون ٿا. سندن خيال آھي تہ سانگهڙ جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي وڌيڪ تباھي کان بچائڻ گهرجي.“ وقار جي اھا ڳالهہ ٻڌي سارنگ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظھار ڪيو.
ھلڪا ھلڪا بادل نيري آسمان تي پکين جيان اڏامي رھيا آھن. بھار جو موسم پنھنجي جوڀن تي آھي. مارچ جا شروعاتي ڏينھن آھن. سانگهڙ چھچ ساوڪ جو ويس پھري ورتو آھي. ھر طرف زندگيءَ جو احساس وکريل آھي.
ھلڪي بوندا باندي ٿيڻ لڳي. ونڊ اسڪرين تي ڄڻ تہ ماڪ ڦڙا جرڪي رھيا ھجن.
وڻندڙ احساس وقار کي پنھنجي روح ۾ لھندي محسوس ٿيو.
آسمان تي ھر طرف ڪڪر ڇائنجي ويا ھئا. سندس اکيون وسڻ لاءِ آتيون ھيون، پر چند لڙڪ لاڙي ھوائن جي آڌار تي بادل ويندا رھيا.
***
امينہ جي ڳالهين ارم جي پرسڪون زندگيءَ ۾ ھلچل مچائي ڇڏي. امينہ جي انهن ڳالهين ڪيترن گهرن جي مضبوط ڀتين ۾ ڏارون وجهي ڇڏيون ھيون. ھوءَ ارم جي پرسڪون زندگيءَ سان حسد ڪندي ھئي. عورتن جي زندگيءَ ۾ بي يقيني گهڻي ٿئي ٿي. امينہ جي زندگيءَ ۾ بہ گهڻائي مسئلا ھئا. خانداني جهيڙا جهٽا ۽ سازشون بي انتھا ھيون. ھوءَ ڪافي عرصي کان ڄڻ غير شعوري طور تي ان ڪوشش ۾ رڌل ھئي تہ ارم جي پرسڪون دنيا کي منتشر ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي فاخرہ ھئي، جيڪا اڪثر ارم کي فون ڪري پريشان ڪري ڇڏيندي ھئي. ارم جي زندگيءَ انهن ٻنهي عورتن جي ڳالهين کي ٻڌي ۽ محسوس ڪري شڪ ۽ خوف جي اثر ھيٺ پنھنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي ھئي. عورت جي زندگيءَ تي ھن جي پنھنجي سوچن کان بہ وڌيڪ ٻين جي ٻڌايل ڳالهين جو اثر پوي ٿو. ھوءَ بہ منفي سوچن جي اثر ھيٺ اچي وئي ھئي.
انسان جي سوچ جو زاويو ڪنھن وقت بہ بدلجي سگهي ٿو. ٻہ طرح جا واقعا انساني دنيا ۾ رونما ٿين ٿا. ھڪ تہ ظاھري دنيا ۾ جيڪو ڪجهہ ٿئي ٿو، انساني سوچ ان جو اثر وٺي ٿي. ٻي طرف من اندر جي وارتا ماڻهوءَ کي اوچتو ڇرڪائي ٿي ڇڏي.
جيئن ارم ھڪ پرسڪون زندگيءَ گذاريندي ھڪدم مختلف انداز ۾ سوچڻ لڳي.
ھوءَ حقيقت کان وڌيڪ وھم جي پرفريب دنيا ۾ رھڻ لڳي. محبت لاءِ فاصلن جي اھميت نہ ھوندي آھي. محبت يقين ۽ اُتساھ جو نالو آھي. اھا وقت گذرڻ جي محتاج ناھي، نہ ئي اظھار ان لاءِ ڪا معنيٰ رکي ٿو.
محبت ٻن دلين جي وچ ۾ ھڪ خاموش معاھدو آھي. نظرون جنھن جي تجديد ڪنديون رھن ٿيون.
پر ھڪ موڙ تي جڏھن عورت، مرد جو ذميداريون بہ ونڊي ٿي تہ ھوءَ ڪٿي نہ ڪٿي ٿڪجي پوي ٿي. پوءِ ھوءَ احساس جو ڇانورو ڳولهي ٿي. آٿت جي ٻن ٻولن لاءِ واجهائي ٿي. جڏھن ان موڙ تي بہ مرد پاران ماٺار ڇانيل رھي ٿي تہ ڪٿي نہ ڪٿي ڪو ٽيون ماڻهو وچ ۾ اچي وڃي ٿو. اھو ٻاھر جو ماڻهو ھجي يا خاندان جا ماڻهو ھجن، جيئن امينہ سندس خوشين جي پٺيان ڪاھي پئي آھي.
ڪنھن بہ تعلق ۾ جڏھن ڪا وٿي پيدا ٿئي ٿي تہ ان وقت ان رشتي ۾ غلط فھمي يا شڪ جي ڏار پوڻ لڳي ٿي.
شڪ، دوستي ۽ محبت جو دشمن آھي.
سوچ جي رخ بدليو تہ اُھا ارم جنھن پاڻ ڀرائي جي احساس تحت زندگيءَ گذاري ھئي. ھاڻ پاڻ کي اڪيلو ۽ خالي محسوس ڪرڻ لڳي ھئي.
اڪيلائي بہ ذھني ڪيفيتن جي پيداوار آھي.
ارم سوچي ٿڌو ساھ ڀريو. ڏٺو وڃي تہ ھر انسان اڪيلو آھي. سھارا بہ خود فريبي جي تسلسل جي ھڪ ڪڙي آھن. سھارا، انسان کي وڌيڪ ڪمزور بڻائين ٿا، پر ڀرپور محبت، رشتن کي زندگي ۽ سگهہ عطا ڪري ٿو. پوءِ ماڻهو اڪيلو ھوندي بہ پاڻ کي تنھا نہ ٿو سمجهي.
ڀرپور محبت، خود انحصاري جو ذريعو ٿئي ٿي. ھو موجود ۽ غير موجود جي فرق کي وساري ٿو ويھي.
وقار کيس ڀرپور محبت ڏني. تمام گهڻو وقت ۽ ڌيان ڏنو، پر اڄ ھو ساڳيو نہ رھيو آھي، جنھن کي ھو مصروفيت جو نالو ڏيئي ٿو، پر ارم جي دل شڪ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آھي.
”امي ڏسو مون ڪبوتر جي ھڪ نئين تصوير ٺاھي آھي.“
ارسل ھن کي تصوير ڏيکاري . زبردستي مرڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي . تصوير خوبصورت آھي. وسيع آسمان تي ڪبوتر اڏامي رھيو آھي. ارسل کي پکي وڻندا آھن. ھو بہ پيءُ وانگر پکين جيان اڏامڻ جا خواب ڏسي ٿو. تصوير وٺي ڏسي ٿي. ھڪ ٻار جو تخيل ڪيڏو نہ خوبصورت آھي.
ٻار خوبصورت آھن، انهن کي زندگيءَ جي بدصورتي جي ڪھڙي خبر....!
بدصورتي کي سوچڻ سان ماڻهو بدصورت ٿيندو ٿو وڃي. روين جي بدصورتي ماحولياتي گدلاڻ کان وڌيڪ خطرنڪ آھي. دنيا جنگين ۽ ملڪ اندروني اتنشار جي ور چڙھيل آھن. ھٿيار جي خريد و فروخت جو ڪاروبار عروج تي آھي. انفرادي سوچ جو ٻوٽو تيزي سان اُسري رھيو آھي. انسان جي پناھ گاھ فقط گهر ئي آھي. گهرن ۾ بہ سک نہ ھجي تہ پوءِ انسان ڪيڏانھن وڃي! کيس لڳي ٿو تہ سامهون رکيل فش ايگل جي تصوير ھن جو ڄڻ تہ مذاق اڏائي رھي ھجي.
فش ايگل جي بہ وقار جي زندگي ۾ اھميت آھي. ڏينھن رات ھو فقط پکيءَ جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھو. ھر پل ھر گهڙي کيس پکيءَ جي آکيري جو اونو ھو.
يا وري کيس پنھنجا دوست، سنگت ساٿ ۽ ياري باشي نڀائڻ جو اونو ھو. خوبصورت چھرا پڻ ھن جي زندگيءَ جو حصو ھئا، جن مان ھڪ خوبصورت چھرو جوليا جو آھي. خوبصورتي ھر ڪنھن کي موھي ٿي.
ھڪ عاشق مزاج دل فقط سونھن جي سلامي آھي. اھو زندگيءَ جو سچ آھي. اھا ڳالهہ ڪيترا ڀرا امينہ کيس ٻڌائي چڪي ھئي. ھن وٽ سڄي شھر جون خبرون ڪٿان ٿيون گڏ ٿين. ڄڻ تہ ھوءَ جيئري جاڳندي بي بي سي ھجي.
خاص ڪري ٻي شاديءَ جون خبرون. چاھي اُھي لڪل ھجن يا ظاھر ۾ ڪئي وڃي. انهن گهرن جا سمورا جهيڙا کيس بر زباني ياد ھئا. ھر عورت جي زندگيءَ ۾ بي يقيني گڏ ھلندي رھي ٿي.
مان اھو ڪجهہ ڇو سوچي رھي آھيان. تڪليف ۽ چڙ ڏياريندڙ سوچن جي تسلسلي پاڻ ٽوڙي ٿي ڇڏي.
مون کي ڪھڙي پڪ آھي تہ جنھن شڪ منھنجي راتي جي ننڊ ڦٽائي آھي اُھو سچ بہ ھجي!
ائين نہ ھو تہ منھنجي ڳالهہ رد ڪري وقار ڇنڇر تي جهمپير ڇو ويو؟ شايد ھو دل جي ھٿان مجبور ھوندو.
مان بہ ڪيڏي نہ سطحي آھيان.
پر نہ .... ضرور ڪجهہ آھي. ڪا اھڙي ڳالهہ جيڪا سامهون نظر نہ ٿي اچي. گهڻيون شيون سامهون نظر نہ اٿيون اچن، پر وجود رکن ٿيون.
حقيقت گمان آھي يا گمان زندگيءَ جو سچ آھي، پر مان اھو سڀ ڪجهہ ڇو سوچي رھي آھيان. ھڪ ٿڌو ساھ ڀري ھوءَ سوچن جي دنيا مان واپس اچي ٿي ھوءَ بورچي خاني ۾ اچي ماني ٺاھڻ لڳي. وقار ھن جي باري ۾ ڇا سوچيندو ھوندو.
شايد ھو ايتري گھرائي ۾ وڃي نہ سوچيندوھجي، جيئن مان ھن جي باري ۾ سوچي رھي آھيان. ھو ڪم ۾ مصروف ھوندو. ڪم ۾ رڌل ماڻهو فقط پنھنجي ڪم بابت ئي سوچيندوھوندو.
اھو سڄو ڏينھن وقار فون تي نہ ڳالهايو. شام جو ٻار وٺي ھيٺ سامهون پارڪ ۾ ھلي وئي. ٻار ڇٻر تي بال سان کيڏڻ لڳا. باغ ٻارن سان ڀريو پيو ھو.مائرون بينچن تي ويھي ڪچھرين ۾ مشغول ھيون. اھا ھڪ خوشگوار شام ھئي. رنگن ۽ خوشبوئن سان ڀريل. ٿڌي ھوا وڻن کي ڇھي پنن جي سرھاڻ کي ماحول ۾ پکيڙي ڇڏيو. خوشبو، احساس ۾ ھري ذھن کي تازگي بخشڻ لڳي. چؤڌاري ڪيترائي وڻ ھئا. نم، پپر، سرينھن ۽ يو ڪلپٽس جا وڻ. اھي وڻ ارم جي سوچن تي تحرڪ عطا ڪندا ھئا ۽ ھوءَ لفظن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندي ھئي. لفظ سرن جي ترتيب ۾ شعرن جو روپ ڌاري وٺندا ھئا.
بظاھر تہ ھو اُتي موجود عورتن سان ڳالهائي رھي ھئي، پر ڌيان ٻئي پاسي ھئس. ھوءَ ان سوچ تي پريشان ھئي تہ اڄ پھريون دفعو وقار نہ ڳالهايو آھي. ان جو مطلب تہ ھو ناراض آھي يا ٿي سگهي ٿو تہ آفيس جو ڪم ھجيس، روز صبح کان رات تائين وقار ھن سان ٽي چار دفعا ڳالهائيندو ھو. ٻارن جو حال احوال ۽ اسڪول جا مسئلا روز زير بحث ايندا ھئا. پر اڄ صبح کان فون جي گهنٽي ناھي وڳي. ھوءَ سوچن جي ھڪ عجيب دنيا ۾ وڃائجي وئي ھئي. پاڇن جي پرفريب دنيا، جنھن ۾ سچ ۽ حقيقت تائين پھچندي سدائين تڪليف جي پل صراط پار ڪرڻي پوندي آھي.
سچ ھڪ واضح صورتحال آھي. گمان جي پٺيان گھري اونداھي لڪل رھي ٿي. ان نامعلوم صورتحال ۾ ڦاسي انسان اڻڄاڻ رستن تي ڀٽڪندو رھي ٿو.
وقار نہ ڳالهائڻ چاھي تہ مان ئي کڻي پاڻ ٿي ڳالهايان. وقار ھن وقت شايد ننڊ پيو ھجي. آفيس مان موٽڻ کانپوءِ ھو اڌ ڪلاڪ سمهندو آھي.
سامهون واري فليٽ ڀرسان ڪار بيٺي. ڪار مان احسان صاحب ۽ سندس نئين نويلي ڪنوار لٿا. فاخرہ جي بدران، ٻي عورت ڏسي الائي تہ ڇو ارم کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اھا خوبصورت شام ھڪدم سان اداسي ۾ بدلجي وئي. اتي وڌيڪ نہ ويھي سگهي ۽ گهر واپس ھلي آئي. گهر اچي ٻيھر سوچن ۾ گم ٿي وئي. فون جي گهنٽي وڳي تہ اسڪرين تي فاخرہ جو نمبر ھو، پر ھن وقت ھوءَ اڳ ۾ ئي اداس ھئي، انڪري فاخرہ جون ڳالهيون ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿئي ھا.
زندگيءَ جو سڪون ذھني مونجهارن ۾ ڄڻ ڪٿي وڃائجي ويو ھو. سوچ جو انداز بدلجي وڃي تہ زندگي بہ بدلجي وڃي ٿي. زندگيءَ جو معيار بہ سوچ جي معيار تي دارو مدار رکي ٿو.
***