ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

6

وقار جي دل بي چين ھئي تہ جوڻيجن جي ماڙي تي وڃي ٻيھر ڪڙل کي ويجهو کان ڏسي. پرديسي پکين لاءِ ھن پنھنجي دل ۾ محبت جو درياھ اٿلندي محسوس ڪيو. ھو اسان جا مھمان آھن، اسان کي سندن خيال رکڻو آھي، جيئن سنڌ جون سھڻيون يادون کڻي وطن واپس ورن. ھو مسلسل ٻنهي پکين جي باري ۾ سوچي رھيو ھو. ھن جي اکين آڏو وسيع آسمان ھو ۽ ذھن ۾ پکين جا کنڀ مستقل اڏامي رھيا ھئا. وقار جو ھاڻي اھم مقصد ڪڙل جي ان جوڙي کي بچائڻ ھو، جيئن اھا اڻ لڀ نسل بقادار رھي. ھو ھاسٽل جي در جي ويجهو پھتو تہ سامهون ماڻهن جو جلسو اچي رھيو ھو، جيڪي چوٽياري ڊيم ٺھڻ ۽ اعليٰ اختياري وارن خلاف نعرا ھڻي رھيا ھئا. ھو بہ اھا ڳالهہ محسوس ڪري رھيو ھو تہ پوري سانگهڙ ۾ ڪاوڙ جي لھر ڦھليل آھي. ماڻهو پنھنجي وسيلن لاءِ پريشان آھن. ڪي ماڻهو روڊ تي ڊوڙڻ لڳا ۽ وقار جي ڀرسان پھچي ويا. ھو پٿراءُ ڪرڻ لڳا. ھن ھڪدم گاڏي واپس موڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس بہ سائرن وڄائيندي اچي پھتي. پوليس لاٺي چارج ڪرڻ لڳي.
ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جو دونهون چوڌاري پکڙجي ويو. ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. ماڻهن کي پڪڙي پوليس وارا گاڏي ۾ اڇلائڻ لڳا. ماڻهن ۽ پوليس ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. ھن جو رستو کليو تہ ھو بہ ھوريان گاڏي ھلائيندو اچي ھاسٽل ۾ پھتو. گاڏي پارڪ ڪري اندر ڪمري ۾ ھليو آيو. ٿوري دير ۾ آفيس جي انجنيئر ۽ دوستن جا کيس فون اچڻ لڳا. ھو کائنس خيريت معلوم ڪري رھيا ھئا. چارلس بہ چڱي دير تائين ساڻس ڳالهائيندو رھيو. باقي تفصيل سڀاڻي ٻڌائڻ جو چئي کائنس موڪلائي ھن فون رکي ڇڏي. اڄ ھو ٿڪل ھو. چاھيائين پئي تہ گھري ننڊ ڪري پر سڄي ڏينھن جا واقعا سندس اکين آڏو ڦرندا رھيا. وھنجي سھنجي اچي بستري ۾ ستو، سڄي ڏينھن جي ٿڪ کان پوءِ بسترو مزو ڏيئي رھيو ھو. ھو ٿوري دير ۾ سمهي رھيو. جاڳ ٿيس تہ رات جا نوَ ٿي رھيا ھئا. ملازم چانھہ کڻي آيو، ھن ٽي وي بہ آن ڪري ڇڏي. سوچڻ لڳو تہ اڄ ڪھڙو پروگرام رٿجي.
سندس دوست سارنگ جو فون اچي ويو. وقار کيس چيو تہ ھو ٿوري دير ۾ سندس گهر پھچندو. باقي پروگرام اتي ٺاھبو. تيار ٿي وقار سارنگ جي گهر ڏانھن روانو ٿيو. سارنگ ھڪ سمجهدار ۽ سٻاجهو انسان ھو. سنڌ سان اڪير ھيس، خاص طور تي پنھنجي پرڳڻي تي ساھ ڏيندو ھو. تاريخ سان چاھ ھيس. وقار ۽ سندس دوستن سانگهڙ جي نوجوانن تي مشتمل ھڪ گروپ ٺاھيو ھو، جيڪي گڏجي اڇڙي ٿر تي ڪم ڪري رھيا ھئا، جنھن ۾ سانگهڙ جي ثقافت، تھذيب، آثار قديمہ ۽ جهنگلي جيوت پڻ شامل آھن. سمورا دوست اڪثر گڏجي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ نڪرندا ھئا. ڪڏھن مچ ٻاري ڊگهي ڪچھري ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. اڪثر راڳ جي محفل بہ ٿيندي ھئي. ڪڏھن ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار بہ سندن ساٿاري ھوندو ھو. بسنت فقير جو صوفي ڪلام شوق سان ٻڌو ويندو ھو. خاص ڪري ڪچھرين ۾ پيرسن سگهڙ لفظن جو ميڙو مچائيندا ھئا. اھي لفظن جا پارکو خطي جي تاريخ جي تمام گهڻو ويجهو ھئا. سندن ڳالهين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ پئي ايندي ھئي. انهن جون پنھنجون محروميون ۽ ڏک ھئا. سندن ڳالهيون ماضيءَ جا وڃايل پيرا پيون کڻنديون ھيون. سارنگ در تي مليس ڏاڍي سڪ ۽ اڪير مان. حال احوال وٺڻ بعد وقار کيس چيو تہ: ”تون جيڪڏھن اڇڙي ٿر جي جهنگلي جيوت تي ڪم ڪندين تہ اھو موضوع تو لاءِ تمام بھترين ٿيندو.“
”جي سائين مان بہ اھو ئي ٿو سوچيان تہ ھن علائقي جي وڻن ٽڻن، جانورن ۽ پکين جي باري ۾ لکان.“
”توکي ڪو مواد گهرجي تہ منھنجي دوستن وٽ بہ ڪافي تفصيل ۽ ڪتاب پيا آھن.“
”جي ضرور“ اھو ٻڌي سارنگ جو چھرو ٻھڪي اٿيو. ھو ھڪ انتھائي محنتي انسان ھو. ھر ڪنھن سان مخلص ۽ پنھنجي ڪم سان سچو. وقار بہ انسان ۾ اھي گڻ ڳولهيندو ھو، ڇو تہ ماڻهو شارٽ ڪٽ تي يقين رکن ٿا ۽ محنت کان لنوائيندا آھن. پوءِ وقار کيس جوڻيجن جي ماڙي تي آکيري اڏيندڙ فش ايگل جي باري ۾ ٻڌايو. اھا ڳالهہ ٻڌي، ھو ماڙي تي ھلڻ لاءِ بي چين ٿي ويو. وقار چيس تہ ٻئي ڏينھن يارھين ڌارا ھو ان ننڍڙي خوبصورت ٻيٽاريءَ تي ھلندا. اھو ٻڌي سارنگ جي خوشي جي انتھا نہ رھي. پوءِ ھو ڪچھري ۾ مصروف ٿي ويا ۽ سانگهڙ جي تاريخ، حال جي لمحن ۾ ھوريان ھوريان ساھہ کڻڻ لڳي. ڄڻ تاريخ وٽ بہ ھڪ روح ھجي، جيڪو مختلف ماڳ مڪانن تي ڀٽڪندو ھجي. ماضي سڀني کي پيارو ٿئي ٿو ۽ گذريل ڏينھن جيڪڏھن چڱا آھن تہ پوءِ ماضيءَ کي ياد ڪرڻ ۾ بہ ھڪ عجيب لطف اچي ٿو.
***
قدرتي طرح گهاٽو جهنگ ھئڻ ڪري ھي ٻيلو، حر مجاھدن لاءِ پناھ گاھ ھوندو ھو. مکي جي مجاھدن جهنگ ۾ واقع ٻيٽارين تي پنھنجا گهرڙا اڏيا. جهنگ ايڏو تہ گهاٽو ھوندو ھو، جو سونهي کانسواءِ اندر گهڙڻ جي ڪو ھمت نہ پيو ساري سگهي. کيس ياد آيو تہ اھي گهاٽا جهنگ سدائين گوريلا وار جو ڳڙھ سمجهيا ويندا آھن. جيئن افغانستان، ڪشمير، داغستان ۽ ويٽنام، ايلسواڊور ۽ فلپائن جا گهاٽا ٻيلا وغيرہ. ٻي مھاڀاري لڙائي دوران حرن جي روح روان جو خيال ھو تہ انگريز سرڪار کي گهرو ويڙھ ذريعي ملڪ مان نڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. انهن ئي ڏينھن ۾ حرن جي بغاوت جا ڪيترائي واقعا ٿيا، جنھن ۾ حرن ٽنڊوآدم ڀرسان وھاب شاھ اسٽيشن جي پٽڙي اکيڙي لاھور ويندڙ لاھور ميل کي ڪيرائي وڌو ھو. کين اھي اطلاع ھئا تہ ان ريل ۾ آرمي اسلحو کڻي وڃي پئي. ان زماني ۾ منسٽر ھدايت الله هو، جنھن حرن خلاف ايڪٽ پاس ڪيو ھو. جنھن جو پٽ ان ريل ۾ سفر ڪري رھيو ھو، جيڪو حملي وقت باٿ روم ۾ لڪي ويو. پوءِ حرن کيس ڳولي ڪڍي ماريو. ان حادثي ۾ ڪجهہ ماڻهو مئا ھئا.“ علي حسن ڳالهہ ختم ڪري اڀ ڏانھن نھاريو، جتي سياري جو سج آب و تاب سان چمڪي رھيو ھو. ڀنئور ڪنول مٿان جهومي رھيا ھئا.
”سانگهڙ جي تاريخ جا اڃان ڪيترا ئي رخ اھڙا آھن، جن تي پردو پيل آھي.“ وقار چيو.
ٻيڙي آھستي آھستي پنھنجي ماڳ ڏانھن وڌي رھي ھئي. جهنگلي ٻوٽن جي تن کي ڇھي ايندڙ ھوا خوشبوءَ جا ٻڪ ڀري چوپاسي ڇڻڪار ڪري رھي ھئي. ٻيڙي جي جهوٽن ۽ ھوائن جي ھٻڪار تي وقار کي ننڊ اچڻ لڳي ھئي. ھڪ سڪون ھو ھر طرف.
”حر پنھنجي رھنما کان محروم ٿيا تہ ھنن جي بغاوت وڌيڪ ڀڙڪي اٿي. حر تحريڪ دوران سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ خيرپور ضلعي جا حصا متاثر ٿيا. مکي ڍنڍ ان تحريڪ جو مرڪز ھئي. ملڪ جي مختلف جاين تي لوڙھا قائم ڪيا ويا ھئا، جتي حرن جا خاندان قيد ڪيا ويا. حرن خلاف مکي جي علائقي ۾ بلوچ قبيلن جا ماڻهو، پنجابي ۽ پٺاڻ پڻ آباد ڪيا ويا. ايتريقدر جو نواب شھباز خان بگٽي جي ماڻهن پوليس طور ڪم ڪيو. جنھن جي ڪري سرڪار کين انعام طور حرن جي ھزارين ايڪڙ زمين ورھائي ڏني. مکي ڍنڍ جي ايراضي جنھن ۾ پنج لک ايڪڙ زمين آباد ھئي، اھا سرڪار پنھنجي قبضي ۾ ڪئي. اھا زمين ٻي مھاڀاري جنگ دوران عربن، ترڪن ۽ عراقين خلاف وڙھندڙ فوجين کي انعام طور ڏني وئي. اپريل 1952ع ڌاري وڃي حرن خلاف ظلم ختم ٿيا.“
فضا ۾ سرينھن، نم ۽ توت جي وڻن جو ھڳاءُ تري رھيو ھو.
وقار مکي ٻيلي ڏانھن ڏٺو، جيڪو تاريخ جو اھم باب ساھہ ۾ سانڍي ھوا جي لھرن تي جهومي رھيو ھو.
”ٻڌو آھي تہ ھتي ماکي ڏاڍي ٿيندي ھئي.“ وقار چيو.
”ھا ڪنھن زماني ۾ جڏھن ھتي گهاٽو جهنگ ھوندو ھو تہ ھڪ وڻ ۾ ٻہ ماکيءَ جا مانارا بہ ھوندا ھئا، ھڪ ماکيءَ جي ماناري ۾ ٻہ کان ٽي ڪلو تائين ماکي نڪرندي ھئي. ھتي جا رھاڪو ماکيءَ جا مٽ ڀري گهرن ۾ رکندا ھئا، پر جيئن آبادي وڌي تہ ماڻهن جهنگ کي ڪٽي ڇڏيو.“ علي حسن وراڻيو.
ٿوري دير لاءِ خاموشي ڇائنجي وئي. آسمان تي فش ايگل اڏامي رھيا ھئا. انهن سان گڏ سائبريائي پکي بہ ڍنڍ تي مڇي جي شڪار لاءِ لامارا ڏيڻ لڳا. انهن پکين ۾ چرخ، نتڪڻ، وائرڙيو، پيلو، ڪوئلو، جوارو بہ نظر اچي رھيا ھئا. نوريئڙن وڻ تان ٽپو ڏنو ۽ ھڪٻئي پٺيان ڊوڙڻ لڳا.
وقار ڪي ڏينھن اڳ بقار ۽ ٻين ڍنڍن جي سروي ۽ ليولنگ ڪئي ھئي ۽ پٿر ھڻي ويو ھو، جنھن مطابق ڊيم جي پاڻي جي سطح ماڙي جي پلنٿ ليول (بنيادن) تائين بيھي پئي. ماڙي کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ھن وٽ مختلف تجويزون ھيون. ھڪ اھا تجويز ھئي تہ جيئن ڊيم جي ڊزائن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڊيم جي پاڻي جي سطح گهٽائڻ نامناسب قدم ھو، ڇو تہ پوک لائق ھزارين ايڪڙ زمين پاڻي کان محروم ٿي ويندي. اھو بہ ممڪن ھو تہ ماڙي کي چوڌاري پٿرن جو بند ٻڌجي، جيئن پاڻي جاءِ جي بنيادن تائين نہ پھچي. جنھن تي لکين رپيا خرچ ايندو. ماحوليات جي ماھرن جو بہ اھو خيال ھو تہ مکي جي آسپاس ڪجهہ بلند ٽاور ٺاھيا وڃن. انهن کي پکين جي ويھڻ لاءِ ٺاھجي پر پوءِ ڪنھن اھو بہ چيو تہ ممڪن آھي تہ پکي ان نئين ماحول کي قبول نہ ڪن. ھتي ويجهو ئي ھڪ وڻ تي فش ايگل جي جوڙي جو آستانو ھو پر وڻ ڪرڻ سبب اھي پکي اتان ھليا ويا.
فش ايگل آسمان تي شڪار لاءِ لامارا ڏيڻ لڳو تہ ڍنڍ جي سڀني پکين خوف کان وڃي ھڪ ھنڌ مچو ڪيو. پريان ھڪ شڪاري اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ لڪيو ويٺو ھو. فائر ڪيائين تہ ھڪ ڌڪ سان ڪيترائي پکي ڦٿڪڻ لڳا. شڪاري فشل ايگل جا ٿورا مڃيا. ان وقت ’سپي‘ (مادي فش ايگل) اريبي ڪنڊ ٺاھي گهُت ھنئي.
پاڻيءَ ۾ زوردار آواز ٿيو، پنھنجي تيز چنبن ۾ ٽي ڪلو وڏي مڇي کڻي مٿي اڏامي تہ سندس کنڀن مان پاڻي جي برسات ٿيڻ لڳي.
”مار ڇا تہ شڪار ڪيو اٿس!“ سارنگ چيو.
علي حسن بہ حيرت مان اڀ ڏانهن ڏسي رھيو ھو. ائين حملو ٿيو ڄڻ سپي جون اکيون دوربين جيان ھجن. ھوءَ مٿانهين کان آئي ۽ پاڻيءَ ۾ مانڌاڻ مچي ويو. سندس وڏا ڦھليل پر، مضبوط ٽنگون ۽ سيني جون مشڪون کيس وسيع علائقي ۾ شڪار ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ھن جي شڪار جو علائقو وسيع آھي. ’ڪوڏ‘ بہ ’سپي‘ جي پٺيان اڏامڻ لڳو.
”مان کين سپي ۽ ڪوڏ جي نالن سان سڏيان ٿو.“ وقار، سارنگ ڏانھن مرڪي نھاريو.
”خوبصورت نالا آھن.“ سارنگ بہ مرڪي پيو.
”ھن وقت جنھن شڪار ڪيو اھا سپي ھئي يا ڪوڏ.“ سارنگ پڇيو.
”سپي ھئي، ڇو تہ مادي، نر فش ايگل کان ماسيرڙي ٿئي ٿي. سندس پر بہ ويڪرا ٿين ٿا. جڏھن ٻولي ٿي تہ سندس آواز نر جي مقابلي ۾ تيز ٿئيس ٿو.“ وقار وراڻيو.
”سائين غضب جو پکي آھي.“ علي حسن چيو.
”باز: طاقت، حشمت ۽ آزادي و امرتا جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سوميرين، مصرين، رومين کان ويندي موجودہ دؤر تائين ڪيترن ئي قومن جو فوجي توڙي مذھبي اھڃاڻ رھيو آھي.“ وقار، علي حسن جي ڳالهہ جي تائيد ڪئي.
”سائين واقعي انهن پکين جي بہ عجيب دنيا آھي.“ ان ڪري ئي شاھہ سائين فرمائي ٿو:
”ولر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گهڻو.“
”شاھہ سائين جو فطرت جو ڳوڙھو مطالعو ھو.“ وقار شعر جي سونھن کي محسوس ڪندي جواب ڏنو.
”صوفي، الله سائين تائين پھچڻ لاءِ ھن جي ٺاھيل ڪائنات جو سھارو وٺي ٿو.“ سارنگ چيو.
ماڪ ڀنل ھوا ھوريان ھوريان جهڪا ساھ ٿي کنيا. ھر ساھ سان فطري ھٻڪار جي ورکا ٿي ڪيائين. جهنگلي گلن تي پوپٽن ڦيرا ٿي پاتا.
مکي ڍنڍ جي لھرن تي ھڪ خوبصورت ٻيٽاري ڪر کنيو بيٺي ھئي، جنھن جي ڀرسان اچي ٻيڙي بيٺي تہ سڀ لٿا. اڄ وقار پاڻ ٻيڙي ھلائي آيو ھو. ھڪ ھنڌ چادر وڇائي سڀ ويٺا. ان وقت فرحت بخش ھوا لڳي رھي ھئي. ڊسمبر جو سيءُ، سوئيٽر پاتل ھجڻ باوجود ھڏن ۾ لھندي محسوس ٿي رھيو ھو. توڙي جو سج پوري جوڀن سان آسمان ۾ نروار ھو، پر سندس جرڪندڙ ڪرڻا بہ سيءَ ۾ ڏڪي رھيا ھئا. وقار، جوڻيجن جي ماڙي ڏانھن نھاريو. اھا ڪنھن زماني ۾ وڏيري مير جوڻيجي جي رھائشگاه ھئي. ماڙي جي چوڌاري سندن گهر ھئا، پر جاءِ جي چوڌاري پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب مالڪ ھتان لڏي وڃي ٻئي ھنڌ آباد ٿيا. ھي ماڙي صدي کن اڳ جي آھي. چوٽياري تي ڪم ڪندڙ انگريز ماھرن ان عمارت کي Hunting lodge سڏيندا ھئا. ھن ماڙيء جون ڇتيون ۽ دروازا غائب آھن، پر عمارت ۾ لڳل ڪاشيءَ جون ٽائلس اڃان تائين پنھنجي اصلوڪي حالت ۾ قائم آھن. فرحت بخش ھوا قديم وڻن جي ڪُک ۾ ڪتڪتايون ڪڍڻ لڳي.
وقار ڪافي دير ان ھنڌ رھي مشاھدو ڪندو رھيو تہ ڪھڙي طريقي سان ماڙي کي بچائجي. دوستن سان صلاح مشوري ۽ ماڙي جي ٻيھر جاچ بعد ھو ان نتيجي تي پھتو تہ فش ايگل جي جوڙي کي بچائڻ لاءِ ماڙي جي چوڦير پٿرن جو بند ٻڌجي. اڄ ھو واپس وڃي حساب ڪتاب ڪندو تہ ان لوڙھي تي لڳ ڀڳ ڪيترو خرچ ايندو. انگلينڊ جا ماحوليات جا ماھر اھو خرچ ڀرڻ لاءِ تيار ھئا. ھو ڪم ۾ دلچسپي وٺي رھيا ھئا، جنھن مان وقار اندازو لڳايو تہ اھي انگريز ماحول کي گهڻي اھميت ڏين ٿا. ماحولياتي گدلاڻ جي وڌڻ سبب موسمن ۾ وڏي ڦيرگهير اچي رھي آھي. اھڙي صورتحال ۾ اھي جهر جهنگ ۽ ٻيلا ماحول ۾ بھتري جو ڪم ڪن ٿا، جن جي بقا سان انساني جياپي جو ٻيلا ماحول ۾ بھتري جو ڪم ڪن ٿا، جن جي بقا سان انساني جياپي جو سوال لاڳاپيل آھي.
***